چچ نامو
مخدوم امير احمد
ڇپائيندڙ پاران

قديم زماني جون اُهي چند سڀيتائون جيڪي پنهنجي عظمت ۽ وُسعت جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهن، سنڌ تن منجهان بيشڪ هڪ آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته انهيءَ مهان تهذيب جي مهانتا جا تفصيل تمام ٿورڙن ڪتابن تائين محدود آهن. فتح نامه سنڌ بالمعروف ”چچ نامو“ انهيءَ حوالي سان خصوصي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هينئر ته دُنيا جو شايد ئي ڪو محقق، تاريخدان يا جاکوڙي شخص هـُـجي جيڪو ”چچ نامي“ کي نظر انداز ڪندي ننڍي کنڊ کي سمجهڻ يا اُن بابت ڪا راءِ جوڙڻ جي دعويٰ ڪري سگهي.

ڪتاب جي اهڙي اهميت مڃيندي به اها ڳالهه بهرحال اڃا تائين سڀني علم دوستن جي لاءِ مونجهاري جو سبب آهي ته آخرڪار ”چچ نامي“ جو اصل ليکڪ ڪير هـُـئو؟ مختلف عالمن طرفان ڪيل تمام گهڻي جاکوڙ کان پوءِ فقط ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته ستين صدي هجريءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ انهيءَ ڪتاب جو عربيءَ ۾ لکيل اصلي مسودو بکر جي قاضين جي ڪـُـتبخاني منجهان مشهور تاريخدان علي بن حامد الڪوفي بالمعروف ”علي ڪوفيءَ“ کي حاصل ٿيو، جنهن فارسي زُبان ۾ ترجمو ڪري ان کي فارسي ٻوليءَ جي علمي ذخيري جو حـصو بڻايو. انهيءَ فارسي ترجمي کي گهڻيون صديون پوءِ، شمس العـُـلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب دُرست ڪيو، جيڪو 1939ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ”مجلسِ مخطوطاتِ فاريسه“ پاران شايع ڪيو ويو جڏهن ته ان کان لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ يعني 1838ع ۾ انگريز عملدار ۽ مستشرق ليفٽيننٽ ٽي. پوسٽنس (T. Postans) پنهنجي نظر مان ڪڍي، اُن جو مختصر تـَـتُ انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو، بعد ۾ شمس العـُـلماء مرزا قليچ بيگ 1900ع ۾ چچنامي جو مڪمل انگريزي ترجمو ڪري اُن کي پڌرو ڪيو.

جيتريقدر سنڌي ترجمي جو سوال آهي، ته ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ مطابق هن ڪتاب جو پهريون ترجمو ميرن جي دور ۾ ڪنهن گمنام شخص هٿان ٿيو. پر اهو سنڌي مسودو ناقص ۽ پيش ڪرڻ جوڳو هرگز به نه هـُـئو. اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مُحسن مرزا قليچ بيگ صاحب 1923ع ۾ چچ نامي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ته ڪيو، پر انهيءَ ترجمي جي صحت ۽ تحقيقي پهلوءَ بابت ڪيترائي متضاد رايا ٻـُـڌڻ ۾ آيا. سنڌي ادبي بورڊ ۽ اُن سان لاڳاپيل ماهرن ۽ عالمن هن ڪتاب جي تاريخي اهميت ۽ ٿيل ترجمن جي معيار بابت تحفظات رکندي چچ نامي جو نئين سـِـر ۽ معياري ترجمو ڪرائڻ جو عهد ڪيو ۽ ان کي اداري جي ”تاريخي ڪتابن جي اشاعت واري رٿا“ جو حصو بڻائيندي ترجمي جي ذميواري مخدوم امير احمد صاحب کي بخشي، جڏهن ته تصحيح، تحقيق ۽ تشريح جو ڪارنامو سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سرانجام ڏنو.  ڊاڪٽر صاحب جن تمام وڏي محنت سان ڪتاب جو حتمي مسودو تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو …. ۽ اهڙي طرح 1954ع ۾ “چچ نامي” جو پهريون ڇاپو بورڊ طرفان پڌرو ڪيو ويو.

منهنجي غريباڻي راءِ آهي، ته ادبي بورڊ کي هڪ باوقار اداري طور جن ڪتابن تڪڙي پر ديرپا مڃتا ڏياري، اُنهن منجهان ”چچ نامو“ به هڪ آهي. هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ لکين سنڌ واسي نه رڳو پنهنجي ماضيءَ کان واقف ٿيا، پرمنجهن قومي ســُـڃاڻپ کي سگهاري بڻائڻ جو شعور پڻ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب مـُـختلف گهٽ وڌائين جي باوجود بهرحال پنهنجي نوعيت جو اهڙو اڪيلو ۽ منفرد تفصيل هـُـئو، جنهن ڪئين تاريخي حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ بيشمار اشارا ڏنا ۽ چارا واضح ڪيا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪيترن وطن دوست عالمن چچ نامي کي بـُـنيادي ماخذ طور قبول ڪندي، پنهنجي ذهني جاکوڙ، ثبوتن، دليلن ۽ علمي ڪاوشن سان سنڌ جي تاريخ بابت انتهائي حيرت ڀريا تجزيا ڪيا ۽ تحريرون لکيون. اهوئي سبب آهي، جو ٿوري ٿوري وقفي سان بورڊ طرفان هن ڪتاب جا چار ڇاپا پڌرا ڪيا ويا.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽريءَ جي ذميواري سنڀاليندي ڪتاب – گهر جي مئنيجر طرفان ٿيل گهـُـرَ تي جيتوڻيڪ هينئر تائين پنجاهه کن ڪتاب ٻيهر ڇپجي چـُـڪا آهن، پر ”چچ نامي“ جو نئون ڇاپو آڻڻ ۾ منهنجي ذاتي دلچسپي ان ڪري به شامل آهي جو سيڪريٽري بورڊ طرفان انهيءَ کي نئين سـِـرِ وري ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو واعدو هلندڙ سال دوران منعقد ٿيندڙ ”ٺٽه سيمينار“ ۾ پڻ ڪيل آهي. سچ پچ ته پهرئين ڏينهن کان ئي مـُـنهنجي ڪوشش هـُـئي ته ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو نه رڳو جلد آندو وڃي، پر ان کي دلڪش سرورق ۽ ڪمپيوٽر جي موهيندڙ ڪمپوزنگ ذريعي نئون روپ ڏيئي، غلطين کان پاڪ ڪيو وڃي. رب جا ٿورا جو اها خواهش گهڻي حد تائين پوري ٿي چـُـڪي آهي ۽ هيءُ ڇاپو بهتر روپ سان اوهان آڏو پڌرو ٿيو آهي. اُميد ته بورڊ جي ڪارڪـُـنن ۽ ان جي سيڪريٽريءَ طرفان پيار ۽ خلوص جي خمير سان پيش ٿيندڙ هيءَ ڪاوش مڃتا جو مرتبو ماڻيندي.

ڄامشورو                                               انعام   الله   شيخ

29 شعبان المعظم 1425هه                                   سيڪريٽري

بمطابق 15 آڪٽوبر 2004ع                               سنڌي ادبي بورڊ

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :2
باسمہ تعاليٰ

ديباچو

سنڌ سرڪار جي ”سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي پهرئين نشست مورخ 20 آڪٽوبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه ڪتاب: (1) فتحنامـہ سنڌ (2) تاريخ معصومي ۽ (3) تحفة الڪرام فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن، انهيءَ لاءِ ته اهل وطن پنهنجي تاريخ کي پنهنجي زبان ۾ آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن، بورڊ طرفان انهن ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب، پرنسپال اورنٽيل ڪاليج حيدرآباد سنڌ کي سونپيو ويو ۽ ان جي نگراني ۽ ذميواري بنده راقم الحروف جي حوالي ڪئي وئي.

جناب مخدوم صاحب ۽ بنده هن ڪم کي هڪ اهم قومي خدمت سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو 1953ع ۾ شايع ٿي چڪو، ۽ هينئر ”فتحنامـہ سنڌ“ جو هي ترجمو پيش ڪجي ٿو. تحفة الڪرام جو ترجمو پڻ تيار آهي، جو اميد ته 1957ع ۾ ڇپجي شايع ٿيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي پهرئين رٿيل تجويز عنقريب پوري ٿيندي.

”تاريخ معصوميءَ“ جي ترجمي ۽ اشاعت وقت بنده وٽ جو نئون مواد موجود هو، سو فاضل مترجم جي حوالي ڪيو ويو، ترجمي، حواشي، ۽ آخر ۾ فهرست بابت ضروري مشورا ڏنا ويا، ڪتاب جي تمهيد لکي وئي ۽ اهڙيءَ طرح ترجمي جي نگراني ۽ ذميواري جو حق ادا ڪيو ويو. ان کان وڌيڪ مصنف جي حالات يا تاريخي مواد جي زياده گـهـَـري تحقيق کي في الحال درگذر ڪيو ويو، ڇو ته ان سلسلي ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو جي ڪيل تحقيق سنڌي ترجمي لاءِ قدري ڪافي هئي، ازان سواءِ مير محمد معصوم جي حالات خواهه ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ بيان ٿيل پوئين سنڌي تاريخي دؤر (سلاطين دهلي تا عهد اسلامي) بابت فارسي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ڪافي مواد موجود آهي، جنهن جي بناءِ تي باقي رهيل تحقيق جي آساني سان تڪميل ٿي سگهي آهي.

هي ڪتاب ”فتحنامه سنڌ“ (عرف چچنامو) قبل از اسلام ۽ اوائلي اسلامي فتوحات واري سنڌ جي تاريخي دؤر سان تعلق رکي ٿو، ٻيو ته هيءُ ڪتاب فارسي ترجمي جي صورت ۾ اسان تائين پهتو آهي ۽ اصل ڪتاب عربي، فنا ٿي چڪو آهي، ۽ ٽيون ته ڪتابت جي تاريخي قدامت، ان جي اصل عربي ماخذن سان وابستگي، ۽ فارسي ترجمي جي پيچيدگين سبب ان ۾ ڪافي تصحيح ۽ تحقيق جي گنجائش باقي آهي. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ فاضل مترجم مخدوم اميراحمد صاحب فارسي متن جي ترجمي جو ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان نباهيو ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، مگر محض ان لفظي ترجمي کي شايع ڪرڻ سان تاريخ جو حق ڪماحقہ ادا نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته خود فارسي متن ۾، باوجود شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽه جي فاضلانه نظر جي، ڪافي تصحيح جي گنجائش باقي هئي.

انهيءَ ڪري بندي مناسب سمجهيو ته هن ڪتاب جي سلسلي ۾ محض ترجمي جي نگرانيءَ کان ذرا اڳتي قدم وڌائجي ۽ متن جي نئين سر تصحيح ڪري سنڌي ترجمي کي به انهيءَ لحاظ سان درست ڪجي. هن رٿيل تصحيح جي دوران ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سيڪريٽري طرفان خط پهتو، جنهن سان گڏ، بورڊ جي فاضل ميمبر دوست محترم پير حسام الدين صاحب راشديءَ جي زوردار راءِ شامل هئي ته آءٌ هن اهم تاريخي ڪتاب جي نئين سر تصحيح ۽ تحقيق جو ڪم پنهنجي ذمي ڪريان، جيئن هيءُ ڪتاب محض ”سنڌي ترجمي“ جي بدران هڪ مستقل نئين ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ٿئي.

هيءُ ڪم ڪافي اڻانگو هو مگر وطن جي محبت ۽ خدمت خاطر لبيڪ چئي هيءُ ڪم شروع ڪيو ويو، جو تقريباً ٻن سالن جي محنت بعد پورو ٿيو آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جي اصليت توڙي هن سنڌي ايڊيشن جي اهميت تي وڌيڪ تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي، جملي ڪيل محنت بابت هت هيءُ اشارو ڪافي ٿيندو ته ’فتحنامه‘ جو اصل فارسي متن صرف 248 صفحا آهي ۽ هن سنڌي ايڊيشن جي ضخامت تقريباً 700 صفحا کن آهي. تصحيح ۽ تحقيق جي لحاظ سان ’فتحنامه‘ جي هيءُ سنڌي ايڊيشن، هن ڪتاب جي جملي اڳين ڇپيل ترجمن توڙي فارسي متن کان عام پڙهندڙ کي هر لحاظ سان بي نياز ڪري سگهي ٿي، بلڪ آئيندي هن ڪتاب بابت لکندڙ يا ان مان تاريخي معلومات اَخذ ڪندڙ محقق ۽ مؤرخ کي سواءِ هن ايڊيشن جي ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. انهيءَ لحاظ سان فن تاريخ بابت سنڌي ۾ هيءُ ڪتاب سردست هڪ نهايت ئي قيمتي اضافو آهي.

اهل وطن کي سندن زبان ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ مٿيان اشارا ضروري هئا، ورنه بندو پنهنجي هن ڪافي محنت کي اڃا ناڪافي سمجهي ٿو. اميد ته اسان مان، ٻئي ڪنهن صاحب علم کي ڌڻي توفيق ڏيندو جو هن تحقيق کي اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري، سنڌ جي تاريخ جي ڪماحقـہ خدمت ڪندو.

آءٌ پنهنجي فاضل استاد مولانا عبدالعزيز ميمڻ، سابق پروفيسر و صدر شعبهِّ عربي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، جو رهين منت آهيان جنهن سندم شاگرديءَ واري عرصي (1943-1945ع) ۾ منهنجي تاريخي ۽ ادبي معلومات ۾ قيمتي اضافا ڪيا، جي هن ترجمي جي تصحيح ۽ تحقيق ۾ مشعله راه بنيا آهن. پڻ آءٌ پنهنجي محترم رفيق ۽ مهربان دوست قاضي احمد ميان اختر صاحب پروفيسر ” اسلامي تاريخ“ سنڌ يونيورسٽي جو شڪر گذار آهيان، جنهن وقت بوقت بندي جي تحقيقي بحثن کي غور سان ٻڌو، پنهنجا مفيد مشوارا ڏنا، ۽ منهنجي مسلسل همت افزائي ڪئي. ازان سواءِ ٽن نوجوانن: مراد علي خان، محمد شريف ۽ مسعود عليءَ ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل ماڻهن، ملڪن ۽ ماڳن وغيره جي ٻن اڻانگين فهرستن (نمبر 2، ص371 ۽ نمبر3 ص382) تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، بورڊ جي لائق سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، ڪتاب جي تڪميل ۽ طباعت ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ بورڊ جي پريس جي عملي، ڪتاب کي صحيح ڇاپڻ ۾ حتي المقدور ڪوشش ڪئي. آءٌ انهيءَ سڀني صاحبن جو شڪر گذار آهيان.

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ                خادم العلم

22 آڪٽوبر 1966ع                           نبي بخش بلوچ

ضروري اشارا

ڪتاب جي متن ۾ چورس ڏنگين اندر ڏنل انگ، اصل فارسي متن جا صفحا ڏيکارين ٿا، مثلا ص 58 جي ويهين سٽ ۾ ]11[ جو انگ ڏيکاري ٿو ته انهيءَ جاءِ تي اصل فارسي متن جو يارهون صفحو پورو ٿيو. حاشين ۽ نوٽن ۾ پڻ چورس [ ] ڏنگين ۾ ڏنل صفحن جي انگن مان مراد فارسي متن جا صفحا آهن، ۽ باقي ٻيا صفحن

مقدمو

هيءُ ڪتاب جو عام طرح ”چچ نامه“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، سو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت پهريون بنيادي ڪتاب آهي، پر سڄي بر عظيم پاڪستان- هندستان جي تاريخي سلسلي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ وارين حڪومتن جو مختصر احوال ۽ سنه 15 کان 96 هجري (714-637ع  تائين هندستان جي اتر-الهندين سرحدن تي اسلامي فوجن جي اوائلي بري ۽ بحري حملن ۽ آخر ۾ مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن جو مفصل ۽ مستند ذڪر موجود آهي. انهيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.

هيءُ ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيل هو، ۽ سنه 613 هجري ڌاري ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اسان تائين هن ڪتاب جو فقط اهو فارسيءَ ۾ ترجمو پهتو آهي، جنهن جا وري انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا آهن. گهڻن ئي مصنفن ”چچ نامه“ بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي، مگر هن ڪتاب جا هيٺيان پهلو اڃا تائين تحقيق طلب آهن: (1) اصل عربي ڪتاب ڪهڙو هو، ڪنهن جو لکيل هو، ۽ ڪڏهن لکيو ويو؟ (2) فارسي ترجمو، جو اسان تائين پهتو آهي، ان جي اصل عربي ڪتاب سان مطابقت يا ان ۾ ڪيل ڦير گهير ۽ اختلاف بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي؟ (3) خود فارسي ترجمي جي ترجمن يا ڇاپي ۾ ڪيتري قدر غلطين جي اصلاح ڪئي وئي آهي، ۽ ڪيتري قدر اڃا تائين گنجائش باقي آهي؟

اسان هن مقدمي ۾ انهن مکيه مسئلن کي قدري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ۽ آخر ۾ هن سنڌي ترجمي ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق تي روشني وجهنداسون:

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :3
اصل عربي ڪتاب

علي ڪوفي جو بيان: اول ته علي ڪوفي، جنهن هيءُ ڪتاب عربيءَ مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو، تنهن جي اصل عربي ماخذ بابت سندس هيٺيون بيان قابل غور آهي:

”اٺونجاهه سالن جي عمر ۾، سنه 613 (ڇهه سؤ تيرهن) ۾ سڀني ڪمن مان هٿ ڪڍي، قيمتي ڪتابن کي پنهنجو وندرائيندڙ ۽ همنشين (بنايم)…. جيئن ته اڳيان مصنف خراسان، عراق، ايران، روم ۽ شام جي فتحن مان هر هڪ جو بيان تفصيل سان نظم خواهه نثر ۾ لکي ويا آهن (اهڙيءَ طرح) هندستان جي فتح (بابت لکيل ڪتاب) (ص 56) جي ڳولا لاءِ نفس اماره کي تڪليف ڏنم ۽ اُچ مبارڪ کان اروڙ- بکر جي شهر ڏانهن رخ رکيم،  ڇاڪاڻ ته اتان جا امام عربن جي خاندان ۽ بنياد مان هئا. ۽ جڏهن انهيءَ شهر ۾ پهتس ته…. مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان بن عثمان ثـقفي (ص 57) سان ملاقات ٿي، کانئس پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته: هن فتح جي تاريخ سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين حجازي ٻوليءَ (عربي) ۾ هڪ ڪتاب (جي صورت) ۾ لکيل آهي، جا هڪٻئي کان ميراث ٿيندي ورثي ۾ ايندي ٿي رهي، مگر جيئن ته اها عربيءَ جي پردي ۽ حجازيءَ جي حجاب ۾ ڍڪيل هئي، تنهنڪري عجمين (غير عربن) ۾ مشهور نه ٿي. جڏهن بندو انهيءَ ڪتاب کان واقف ٿيو ته (ڏٺائين ته) اهو حڪمت جي جوهرن سان سينگاريل ۽ نصيحت جي موتين سان سنواريل هڪ ڪتاب هو (ص 57) بندي، هن ڪتاب کي عربيءَ جي پردي مان ڪڍي فارسي بيان ۾….. آندو آهي (ص57). هيءُ ڪتاب…. هند ۽ سنڌ جي فتح بابت عرب جي عالمن ۽ ادب وارن حڪيمن جي تصنيف آهي…. اگرچ عربي زبان ۽ حجازي لـَـئي ۾ وڏو درجو هوس، ۽ عرب جي بادشاهن کي هن جي پڙهڻ ڏانهن نهايت توجهه ۽ ان تي حد کان وڌيڪ فخر هو، ليڪن جنهن صورت ۾ حجازي پردي ۾ (ڍڪيل) ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهنڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو.“ (ص 259)

مٿئين بيان مان هن ڪتاب متعلق هيٺيان اهم نڪتا واضح ٿين ٿا: (1) جهڙيءَ طرح خراسان جي فتح، عراق جي فتح، يا ايران ۽ شام جي فتحن بابت ڪتاب لکيل هئا، اهڙيءَ طرح هيءُ ڪتاب ”هند ۽ سنڌ جي فتح بابت“ هو، (2) اهو ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو ۽ دراصل ”عرب عالمن“ جوئي تصنيف ڪيل هو، (3) اهو اصل عربي ڪتاب سنه 613 هه ڌاري اروڙ ۽ بکر جي وڏي قاضي مولانا اسماعيل وٽ هو، جو عربن جي ثقفي خاندان مان هو ۽ عثمان ثقفي جي ڏهين پيڙهي ۾ هو.(1) هيءُ ڪتاب هن خاندان ۾ آڳاٽي وقت کان موجود هو ۽ هڪٻئي کان ميراث طور ورثي ۾ هلندو پئي آيو، ۽ (4) اهو ڪتاب مولانا قاضي اسماعيل جي ”ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين“ عربيءَ ۾ لکيل هو.

جيڪڏهين خود هن قاضين جي خاندان مان هيءُ ڪتاب ڪنهن جو تاليف يا تصنيف ڪيل هجي ها ته قاضي اسماعيل اهڙي خبرعلي ڪوفي کي ٻڌائي ها، مگر علي ڪوفي جي بيان مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب دراصل ڪن ٻين ”عربن عالمن“ جو تصنيف ڪيل هو ۽ مولانا قاضي اسماعيل جي ”ابن ڏاڏن“ جي محض ”هٿ اکرين“ لکيل هو. جنهن جي معنيٰ ته هيءُ ڪتاب ٻئي ڪنهن مؤلف يا مصنف جي اصل قلمي نسخي جو پهريون نقل يا ان نقل جو به نقل هو، جنهن کي علي ڪوفي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

سنڌ جي تاريخ ۽ عرب مؤرخ:  هن وقت تائين ڪنهن به اهڙي عربي تاريخ جو انڪشاف نه ٿيو آهي، جا محض سنڌ ۽ هند  جي اوائلي اسلامي فتحن بابت هجي. البت جن عرب مورخن جا تواريخي ڪتاب هن وقت موجود آهن ۽ جن پنهنجن انهن تاريخن ۾ سنڌ جي فتحن ۽ سنڌ جي عربي دؤر حڪومت بابت ٿورو يا گهڻو احوال ڏنو آهي، سي هي آهن:

(1) احمد بن يحيٰ بن جابر بن داؤد الڪاتب البغدادي، جو ”البلاذري“ جي لقب سان مشهور آهي. سنه 280/279 هجري ۾ وفات ڪيائين. بلاذري پنهنجي مشهور تاريخ ”ڪتاب فتوح البلدان“ ۾ هڪ خاص خلاصو باب ”فتوح السند“ (سنڌ جون فتحون) جي عنوان سان قلمبند ڪيو آهي.

(2) احمد بن داؤد بن وَتـَـند، جو ”ابو حنيفه الدينوري“ جي نالي سان مشهور آهي. جمادي الاول سنه 282 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس تاريخ ”ڪتاب الاخبار الطوال“ ۾ سنڌ بابت ڪي ٿورا مختصر حوالا موجود آهن.

(3) احمد بن ابي يعقوب اسحاق بن جعفر بن وهب بن واضح الڪاتب العباسي ”الا صفهاني“،(1) جو ”اليعقوبي“ جي لقب سان مشهور آهي. سنه 284 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب ”التاريخ الڪبير“، جا عام طرح سندس نالي  پويان ”تاريخ اليعقوبي“ سڏجي ٿي، تنهن جي سنه 252 هجري جي واقعن تي پڄاڻي ٿئي ٿي. هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جو سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال ڪجهه تفصيل سان ڏنل آهي ۽ سنڌ جي عرب گورنرن بابت ٻيا به ڪي چند حوالا موجود آهن.

(4) ابو جعفر محمد بن جرير الطبري، جو سنه 224 هجري ۾ ڄائو ۽ شوال سنه 310 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ”تاريخ الـُـرسـُـل والمـُـلوڪ“، جنهن کي عام طرح ”تاريخ الطبري“ سڏجي ٿو، تنهن ۾ سنه 302 هجري تائين جي تاريخي واقعن جو ذڪر آهي.  سنڌ جي فتح متعلق ان ۾ ڪي ٿورا مختصر حوالا ڏنل آهن.

مٿين مؤرخن کان علاوه، ابن الاثير (عزالدين ابوالحسن علي بن محمد 630-555هه)  جي ”الڪامل في التاريخ“ ۽ ابن خلدون (عبدالرحمان ابو زيد ولي الدين 808-732هه) جي تاريخ ”ڪتاب العبر“ ۾ پڻ سنڌ جي اوائلي اسلامي فتحن جو ذڪر آهي، مگر اهي ٻئي مؤرخ گهڻو پوءِ جا آهن ۽ سندن تواريخن ۾ انهن اوائلي فتحن جو مواد اڳين تواريخن تان، خصوصاً  بلاذري ۽ طبري تان نقل ٿيل آهي. انهيءَ ڪري مٿين چئن آڳاٽن مؤرخن جا ڪتاب نسبتاً اصولي حيثيت رکن ٿا.

انهن چئني مؤرخن جي وفات جي سالن (279هه، 282هه، 284هه ۽ 310هه) مان ظاهر آهي ته هنن ٽين صدي هجريءَ ۾ پنهنجون تاريخون لکيون. هند ۽ سنڌ جون اوائلي اسلامي فتحون پهرين صدي هجري (15-96هه) ۾ واقع ٿيون. ان جي معنيٰ ته هنن مؤرخن ۽ سنڌ جي اوائلي فتحن جي وچ ۾ هڪ سؤ ورهيه کان به ڪجهه وڌيڪ عرصو حائل هو. انهيءَ ڪري هنن خود اهي واقعا کانئن اڳ وارن مؤرخن يا سندن ڪتابن تان ورتا هوندا. هاڻي سوال آهي ته هند ۽ سنڌ جي فتحن بابت خود انهن چئني مؤرخن جا ماخذ ڪهڙا هئا؟

عرب مؤرخن جو مکيه ماخذ ”المدائني“: ابو حنيفة الدينوري جي ”ڪتاب الاخبارالطوال“ ۾ خاص سنڌ جي فتوحات بابت ڪو اهم حوالو موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري اسان بلاذري، يعقوبي ۽ طبري جي سنڌ بابت حوالن جي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

بلاذري پنهنجي ڪتاب ”فتوح البلدان“ ۾ جن مؤرخن ۽ راوين کان تاريخي واقعا نقل ڪيا آهن، تن ۾ ابوالحسن علي بن محمد المدائني جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. ڇو ته ان کان ڪافي مواد نقل ڪيو اٿس ۽ سنڌ جي فتحن جو احوال ته خصوصاً ان کان ورتو اٿس. مختلف واقعن ۽ حالتن بابت بلاذري گهٽ ۾ گهٽ 25 بيان اهي قلمبند ڪيا آهن، جي هن خود سنئون سڌو ابوالحسن المدائني جي زباني ٻڌا(1)، ۽ 21 بيان ٻيا مدائني جا ڪري ڄاڻايا اٿس، جي غالباً بلاذري، مدائني جي مختلف ڪتابن تان نقل ڪيا (1).

”فتوح السند“ يعني، سنڌ جي فتحن وارو باب ته شروع ئي هن طرح ٿئي ٿو: ”اخبرنا علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف- الخ“ (2) يعني ته (اسان سان علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف خبر ڪئي). هت شروع ۾ ئي بلاذري، ابوالحسن المدائني جو خاص سڄو ذاتي نالو کنيو آهي، ۽ گمان غالب آهي ته بلاذري هيءُ سڄو باب خود مدائني جي زباني ٻڌو ۽ ان کي پنهنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو. هيٺيان دليل هن نظريي جي تائيد ڪن ٿا:

(1) باب جي شروعات ئي مدائني جي ذاتي نالي جي سـَـنـَـدَ سان ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻئي ڪنهن به راوي جو نالو آندل ناهي.

(2) باب جي شروع ۾ جنهن پهرئين واقعي جو ذڪر آهي، سو آهي حضرت عمر رضه جي خلافت ۾ عمان ۽ بحرين جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي طرفان 5 هجري ۾ سندن ڀائرن حـُـڪـَـم ۽ مغيره جي ڪمانڊ هيٺ ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي جي بندرن تي سامونڊي حملا ۽ فتحون. جيڪڏهن مدائني جي سندَ ۽ زباني جو تعلق فقط هن واقعي سان هجي ها ته ان کان پوءِ ٻئي واقعي (حضرت عثمان رضه جي خلافت ۾ ’محاذ هند‘ بابت سرگرمي) يا ان بعد ٽئين واقعي (حضرت علي رضه جي خلافت ۾ ان محاذ تي فتحون) بابت بلاذري ضرور ڪنهن ٻئي راوي جي سـَـنـَـدَ پيش ڪري ها، جو سندس اصولي دستور آهي. مگر صرف باب جي شروع ۾ مدائني جي زباني جي سندَ پيش ڪرڻ بعد بلاذريءَ بنا ڪنهن ٻي سندَ جي مسلسل طور واقعن جو ذڪر ڪندو پئي ويو آهي.

(3) هن باب ۾ بلاذري، جڏهن به ڪن ٻين راوين جون روايتون ڏنيون آهن ته اهي صرف معترضه جملن طور هلندڙ بيان جي تصديق يا تڪميل يا ان کان اختلاف واضح ڪرڻ لاءِ آنديون آهن.(1) سڄي باب ۾ اصولي هلندڙ بيان اهوئي آهي جو منڍ کان ئي ابوالحسن المدائني جي زباني شروع ٿئي ٿو. انهن مان ظاهر آهي ته بلاذري جي هن ”فتوح السند“ واري باب جو اصل راوي ۽ مصنف مدائني آهي.

يعقوبي فتوحات سنڌ بابت پنهنجي بيانن ۾ مدائني جو نالو سندَ طور ڪونه آندو آهي، مگر هيٺين دليلن جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي واقعن بعد، يعقوبي جو مکيه ماخذ مدائني آهي:

پهريون ته، سنڌ جي فتحن بابت يعقوبي جا بيان اصولي طور اهي ساڳيا آهن، جي بلاذريءَ ”فتوح السند“ جي باب هيٺ مدائني جي زباني نقل ڪيا آهن. يعقوبي اختصار سببان البت ڪي ڳالهيون حذف ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان سان گڏ ڪن چند ضعيف روايتن جو اضافو ڪيو آهي. ٻيو ته، يعقوبي پنهنجي تاريخ ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ اسناد جا سلسلا اڪثر ڇڏي ڏنا اٿس. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي واقعن پڻ مدائني جي سـَـند کي حذف ڪري ڇڏيو اٿس. حالانڪ انهن واقعن بابت سندس بيان اهي ئي ساڳيا آهن، جي ٻين ڪتابن ۾ مدائني جي سندَ سان بيان ٿيل آهن. مثلاً يعقوبي (جلد 2 ص 278) امير معاويه جو عبدالله بن سوار کي ”چئن هزارن“ سان مڪران تي چاڙهي موڪلڻ جو ذڪر ڪيو آهي. بالڪل اهو ساڳيو بيان ”چئن هزارن“ فوج جي ذڪر سميت فتحنامي (ص 109) ۾ ابوالحسن مدائني جي روايت سان موجود آهي. ٽيون ته، اهو پڻ ثابت آهي ته مدائني کان يعقوبي واقف هو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي تاريخ (جلد 2 ص 4) ۾ مدائني جو نالو کنيو اٿس.

ابوجعفر الطبري، پنهنجي ضخيم تاريخ ۾ ابوالحسن مدائني کان سنئون سڌو گهڻو ڪجهه نقل ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ 500 روايتون مدائني جي سندَ سان نقل ڪيون اٿس. (1) خراسان جا جملي واقعا شروع کان آخر تائين گهڻو ڪري مدائني جي روايت سان آندا اٿس ۽ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مدائني جو ”ڪتاب فتوح خراسان“ سڄو استعمال ڪيو اٿس. ساڳيءَ طرح عراق جي فتحن ۽ نظام حڪومت بابت پڻ اڪثر حالات مدائني جي روايتن سان نقل ڪيا اٿس، ۽ غالباً مدائني جي ”ڪتاب فتوح العراق“ کي به طبري پوريءَ طرح استعمال ڪيو آهي. البت خاص مشرقي ملڪن، جهڙوڪ: ڪرمان، سجستان، ۽ مڪران جون فتحون، جي سنڌ جي فتح جو آغاز آهن، تن جا واقعا مدائني جي بدلي (جنهن انهن ملڪن جي فتحن بابت مستقل ڪتاب لکيا هئا) پنهنجن جداگانه روايتن ذريعي نقل ڪيا اٿس.(2)

سنڌ جي فتح، ان بعد سنڌ جي عرب گورنرن، يا سنڌ متعلق ٻين سڌن اشارن بابت طبري تقريباً (40) چاليهه کن حوالا پنهنجي تاريخ ۾ آندا آهن. جن مان اڪثر مختصر ۽ سندَن کان سواءِ ڏنل آهن. جملي تقريباً 9 حوالا اهڙا آهن، جي سندَن سان آهن. (3) جن مان هڪ حوالو، منصور بن جمهور جو سنڌ ۾ ڀڄي اچڻ بابت، مدائنيءَ جي روايت سان ڏنل آهي. (1) ان کان سواءِ مدائني جي شاگرد عمر جي وسيلي سان طبري هڪ خاص بيان مدائني جي روايت سان نقل ڪيو آهي (قال عمر قال علي واخبرنا ابوعاصم الزيادي عن الهلواث الڪلبي قال ڪنا بالهندمع محمد بن القاسم- الخ 2×1275) جنهن جو اصل راوي محمد بن قاسم سان هندستان ۾ گڏ هو. ان مان ظاهر آهي ته سنڌ متعلق طبري، مدائني جي روايتن کان بخوبي واقف آهي.

(1) مولانا قاضي اسماعيل جي مٿي ڄاڻايل نسب جي صحت بابت ڏسو آخر ۾ ص 262، حاشيه 57 [9]

(1)  يعقوبي وطن جي لحاظ سان اصفهان جو هو (ڏسو ابن الفقيه الهمداني جو ڪتاب البلدان ص 290)

(1)  اهڙن بيانن لاءِ ”حدثني“ ”حدثنا“ ”اخبرني“ يا ”اخبرنا“ جا الفاظ آڻي مدائني جو نالو کنيو اٿس. ڏسو ”فتوح البلدان“ (مطبوع يورپ) ص ص 9، 11، 13، 35، 56، 73، 277، 280، 281، 300، 311، 323، 327، 336، 342، (ٻه روايتون)، 353، 356، 382، 384، 392، 431، 438 ۽ 464.

(1)  اهڙن بيانن آڏو ”قال“ يا ”في روايـِة“ جا الفاظ آڻي مدائني جو نالو کنيو اٿس، ڏسو ”فتوح البلدان“ (مطبوع يورپ) ص ص 7، 47، 128، 219، 240، 247، 337، 344، 353، 358، 359، (ٻه روايتون)، 262، 365، 367، 373، 374، 382، 438، 465 ۽ 468.

(2) ايضاً، ص 421.

(1)  اهڙيون جملي 12 روايتون آهن، جن تي غور ڪرڻ سان اسان جي هن نظريي جي پڪي تائيد ٿئي ٿي. مثلاً (1) ص ]437[ تي ديبل جي بتخاني جي ذڪر بعد تصديق طور محمد بن يحيٰ جي روايت ۽ منصور بن حاتم جي زباني پيش ڪئي اٿس، جنهن خود بلاذري جي ڏينهن ۾ بتخاني جو اهو ٺل ڏٺو هو. ساڳيءَ طرح ص 438 تي تصديق خاطر منصور بن حاتم جي زباني نقل ڪئي اٿس، جنهن ڏاهر ۽ سندس قاتل جون تصويرون ديبل ۽ ڀڙوچ ۾ ڏٺيون. (2) هلندڙ بيان جي تڪميل طور ص 437 تي محمد بن قاسم جو صلح ذريعي نّيرون فتح ڪرڻ جي روايت آندي اٿس. مگر ان ۾ ڪنهن به ٻئي راوي جو نالو ڪونه آندو اٿس ۽ ”قالوا“ (يعني ”چون ٿا“) جو لفظ آندو اٿس. ساڳي طرح “قالوا” (“چون ٿا”) جي شروعات سان ص 439 تي محمد بن قاسم جي طرفان حجاج ڏانهن موڪليل سون ۽ روڪڙ جو ذڪر ڪيو اٿس. ص 446 تي هلندڙ بيان جي تڪميل خاطر پنهنجي همعصرن هرهڪ منصور بن حاتم جو بيان (فضل بن ماهان متعلق) ۽ ٻيو ابوبڪر جو بيان (عسيغان جي حڪم بابت) ڏنو اٿس. (3) هلندڙ بيان کان اختلافي راين لاءِ، ص 433 ۽ ص 438 تي ”وقال“ جي لفظن سان معترضه جملن طور ”ابن الڪلبي“ جا بيان ڏنا اٿس، جن مان هڪ ۾ هن مڪران جو فاتح ”حڪيم بن جبله“ ڄاڻايو آهي ۽ ٻئي ۾ ڏاهر جي قاتل جو نالو ”قاسم بن ثعلبه“ ڏنو آهي. ساڳي طرح صفحن 434، 436 ۽ 442 تي هلندڙ بيان کان ڪي مختلف رايا ڏنا اٿس، مگر خود پاڻ انهن راين کي ضعيف سمجهي، انهن کي ”قال قوم“ (ڪي چون ٿا ته: ”قال بعضهم“ (”ڪن جو چوڻ آهي ته“): ”وقيل“ (”چيو وڃي ٿو ته“) جي لفظن سان آندو اٿس.

بهرحال اهي جملي روايتون يا ته هلندڙ بيان (جو يقيني مدائني جو آهي) جي تصديق خاطر، يا ان جي مزيد تڪميل خاطر، يا ان کان اختلاف ڏيکارڻ خاطر آنديون اٿس.

(1)  اسان جي ڳاڻيٽي موجب طبري 503 دفعا مدائني جو نالو کنيو آهي.

(2)  مثلاً ڏسو طبري جلد 1 ص ص 2705، 2707، ۽ 2708 جتي سجستان، ڪرمان ۽ مڪران جي فتح واري روايت هن طرح بيان ٿيل آهي: ”ڪتب الي السري عن شعيب عن سيف عن محمد و طلحــہِ ”المهلب و عمرو قالوا- الخ“.

(3)  ڏسو تاريخ طبري 2×1836، 2×1946، 2×1979، 3×149، 3×282، 3×359-360، 3×363، 3×409، 3×1233.

(1)  تاريخ طبري 3×1979 جتي مدائني جي روايت هن طرح ڄاڻايل آهي: ”ذڪر علي بن محمد بن عاصم بن حفص التميمي وغيره حدثوه- الخ“.
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :4
”فتوحات سند“ جو پهريون مصنف ”المدائني“: سندس سڄو نالو ”ابو الحسن علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف المدائني“ آهي ۽ هو شمس بن عبدمناف جي خاندان مان عبدالرحمان بن سمرهِ جو آزاد ڪيل غلام هو. تقريباً سنه 135 هجري ۾ بصره ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو. اتان پوءِ لڏي وڃي ”مدائن“ جي شهر ۾ رهيو، جنهن ڪري ”المدائني“ (مدائن جو) جي نسبت سان مشهور ٿيو. اتان پوءِ موٽي اچي بغداد ۾ رهيو، جتي غالباً سنه 224/225هه ۾ وفات ڪيائين. (2)

مدائني اسلامي تاريخ جي واقعن جو وڏو ڄاڻو هو. خصوصاً خلافت اسلاميه جي مشرقي ملڪن، جهڙوڪ: عراق، خراسان، بحرين، عمان، ڪرمان، سجستان، ڪابل ۽ زابلستان، مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتوحات جي پوري ۽ پيرائتي خبر هيس ۽ انهن متعلق هيٺيان مختلف ڪتاب لکيائين: ڪتاب فتوح العراق، ڪتاب فتوح خراسان، ڪتاب فتح الابلتہ، ڪتاب امرالبحرين، ڪتاب ڪرمان، ڪتاب فتوح سجستان، ڪتاب ڪابل و زابلستان، ڪتاب فتح مڪران، ڪتاب ثغر الهند ۽ ڪتاب عمال الهند. (1)

مدائني جي انهن تصنيفن جو سڌي يا اڻسڌيءَ طرح سنڌ جي اوائلي اسلامي فتحن ۽ تاريخ سان لاڳاپو آهي. عراق جي فتح ٿيڻ سان اتي مضبوط فوجي طاقت جو پايو پيو، جتان سنڌ ۽ ٻين مشرقي ملڪن جي فتحن ۾ آساني ٿي. بصره لڳ قديم بندر ”اُبلة“، عمان ۽ بحرين جي فتحن ٿيڻ سان مسلمانن جي سامونڊي طاقت جو بنياد پيو ۽ ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي تي پهرين سامونڊي حملن ۽ فتحن ۾ آساني ٿي. ڪرمان ۽ سجستان جي فتحن ذريعي، اسلامي فوجون هندستان جي اتر- اولهه سرحد طرف وڌيون ۽ اول مڪران، زابلستان ۽ ڪابل (اڀرندو افغانستان) فتح ڪيائون ۽ ان کان پوءِ اتان سنڌ ۽ هندستان جا ڪي حـصا فتح ٿيا. مدائني جا ٽي ڪتاب: 1.ڪتاب فتح مڪران 2. ڪتاب ثغرالهند ۽ 3. ڪتاب عمال الهند (هند يعني سنڌ جا گورنر) سنئون سڌو سنڌ جي فتح ۽ اتي جي عربي حڪمرانن سان تعلق رکن ٿا.

ان کان سواءِ مدائـني ”ڪتاب اخبار ثقيف“ يعني ثقفي خاندان جي حالتن بابت ڪتاب لکيو، ياد رهي ته سنڌ جي فتح ۾ ثقفي خاندان جو وڏو هٿ آهي. سڀ کان پهرين عثمان بن ابي العاص الثقفي سنه 15 هجري ۾ عمان مان پنهنجي ٻن ڀائرن حڪم ۽ مغيره جي ڪمانڊ هيٺ ديبل، ڀڙوڇ ۽ ٿاڻي جي بندرن تي سامونڊي لشڪر موڪليو، ان بعد حجاج توڙي محمد بن قاسم ٻئي ثقفي خاندان مان هئا، جن جي همت ۽ حڪمت عملي سان سنڌ فتح ٿي. ”ڪتاب فتوح خراسان“ ۾ خاص طور خراسان جي گورنر جنيد بن عبدالرحمان المـُـري جي سوانح ۽ واقعا لکيائين.(1) معلوم هجي ته پهريائين جنيد تقريباً 5 يا 6 سال (111-105هه) سنڌ جو گورنر هو، جتي هن وڏيون فتحون حاصل ڪيون ۽ غالباً سندس انهيءَ شهرت سبب ئي کيس سنڌ مان بدلي ڪري، سڌو خراسان جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جتي هو (سندس وفات محرم 116 هه) تائين رهيو.

مدائني جي مٿئين تصنيفن تي غور ڪرڻ بعد هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته، مدائني اسلامي خلافت جي مشرقي ملڪن جي فتحن ۽ تاريخ کان پوري طرح واقف هو. خاص طرح محاذ هند يعني مڪران ۽ سنڌ جي فتحن ۽ اتي جي عرب گورنرن جي حالتن جو پورو ڄاڻو هو ۽ انهن مسئلن تي جدا جدا ڪتاب لکيائين. نه صرف ايترو پر جن مکيه شخصن جو سنڌ جي فتحن ۽ حڪمرانيءَ سان واسطو هو، انهن جي حالتن کان به واقف هو ۽ انهن تي ڪتاب لکيائين.

”فتحنامه“ جو بنياد مدائني جي تصنيفن تي: مٿئين بيان مان واضح ٿيو ته ابوالحسن مدائني ئي هر حوالي کان سنڌ جي فتح ۽ تاريخ جو پهريون مؤرخ ۽ مصنف آهي: بلڪ مدائني ئي هند، سنڌ ۽ مڪران جي فتحن جو اڪيلو مؤرخ ۽ مصنف آهي، ڇاڪاڻ ته عربي تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به مصنف جو نالو نٿو ملي، جنهن مڪمل طور انهن ملڪن جي تاريخ ڏانهن توجهه ڏنو هجي يا انهيءَ موضوع تي ڪوبه ڪتاب لکيو هجي. مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن بابت جو احوال اسان تائين پهتو آهي، سو فقط مدائني جي ذريعي پهتو آهي. ڇاڪاڻ ته مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن يا تاريخ متعلق بلاذري، يعقوبي ۽ طبري جا بيان اڪثر مدائني جي روايتن تي ٻڌل آهن. مطلب ته سنڌ جي فتح بابت جي بنيادي حقيقتون آڳاٽن عرب مؤرخن ذريعي اسان تائين پهتيون آهن، سي اڪثر مدائني جي روايتن ذريعي ئي پهتيون آهن. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ”فتحنامه سند“، جو اصل عربيءَ ۾ هو ۽ جنهن ۾ سنڌ جي اوائلي اسلامي فتحن جو ذڪر آهي، تنهن جو گهڻو مدار مدائني جي تصنيفن ۽ روايتن تي آهي. هيٺيان دليل هن نظريي جي وڌيڪ تائيد ڪن ٿا:

(1) اسان هن کان اڳ واضح ڪري چڪا آهيون ته آڳاٽين عربي تاريخن ۾ بلاذري جي ”ڪتاب فتوح البلدان“ ۾ ئي سنڌ جي اسلامي فتحن جو بيان ٻين سڀني ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تفصيل سان ملي ٿو، ڇو ته ان ۾ بلاذري سڄو سارو 15 صفحن (ص 448-431) جو هڪ خاص خلاصو باب ”فتوح السند“ جي عنوان سان قلمبند ڪيو آهي. هن باب ۾ ڏنل روايتن تي غور ڪرڻ سان هي پڻ معلوم ٿي چڪو ته هن باب جو اصل راوي ۽ مصنف مدائني آهي.

هن باب جي متن ۽ مواد تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته: (1) ان جي شروعات، حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان مان سنڌ ۽ هند جي بندرن (ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي) تي ڪيل پهرئين سامونڊي حملي ۽ فتحن جي واقعي سان ٿئي ٿي، يعني ته محاذ هند (سنڌ ۽ هند) جي ذڪر سان ان جي شروعات ٿئي ٿي. (2) ان کان پوءِ حضرت عثمان رضه جي خلافت کان وٺي عبدالملڪ جي عهد تائين، اسلامي فوجن جي مڪران ۾ جنگين ۽ فتحن جا واقعن ڏنل آهن. يعني ته اهي واقعا مڪران جي فتح سان تعلق رکن ٿا. (3) وليد جي ڏينهن ۾ وري محاذ سنڌ ۽ هند جو ذڪر، ديبل  تي عبيدالله بن نبهان ۽ بديل جي سامونڊي حملن سان شروع ٿئي ٿو ۽ محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي مڪمل فتح ۽ هند جي ڪن ڀاڱن جي فتح سان پورو ٿئي ٿو. (4) ان کان پوءِ سليمان جي خلافت کان وٺي سنڌ ۽ هند جي عرب گورنرن جو ذڪر شروع ٿئي ٿو، جو معتصم جي خلافت بعد عمر بن عبدالعزيز الهباري جي سنڌ تي قبضي تي ختم ٿئي ٿو.

باب ”فتوح السند“ جي متن ۽ مواد جي مٿئين تفصيل مان ظاهر آهي ته هن باب جي روايت ۾ مدائني غالباً پنهنجي ٽن ڪتابن هر هڪ ”ڪتاب ثغرالهند“ (هند ۽ سنڌ جو محاذ)، ”ڪتاب فتح مڪران“ (مڪران جون فتحون) ۽ ”ڪتاب عامل الهند“ (هند ۽ سنڌ جا گورنر) کي يڪجا جمع ڪيو آهي، اهو قياس جي ويجهو معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته بلاذري سنه 279/280 هه ۾ وفات ڪئي ۽ مدائني سنه 225 هه ۾، يعني ته بلاذريءَ کان 55 ورهيه اڳ، جنهن جي معنيٰ ته بلاذري جڏهن هن باب جي روايت خود مدائني کان سندس زباني ٻڌي هوندي، تڏهن مدائني يقيني طور پيريءَ ۾ هوندو ۽ مٿيان ٽي ڪتاب ان کان ڪافي اڳ تصنيف ڪيا هوندائين. انهيءَ ڪري زباني روايت ۾ سنڌ جي فتحن بابت بلاذري کي غالباً پنهنجن انهن تصنيفن جو تـَـت بيان ڪري ٻڌايائين: خود بلاذري کي به پنهنجي ڪتاب لاءِ اختصار جي ضرورت هئي، انهيءَ ڪري غالباً مدائني جي روايت جو اختصار قلمبند ڪيائين.

”فتحنامي“ جي اسلامي تاريخ واري حصي جي مطالعي مان  معلوم ٿئي ٿو ته بلاذري جي باب ”فتوح السند“ وارو سڄو مواد ترتيبوار ان ۾ شامل آهي. مثلاً صفحي  ]72[ 104 تي ان جي شروعات ئي، بلاذري جي باب مطابق، حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان مان عثمان بن ابي العاص ثقفي جي هٿان سنڌ ۽ هند جي بندرن (ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي) تي سامونڊي حملي ۽ فتح جي واقعي سان ٿئي ٿي، ان بعد حضرت عثمان رضه جي خلافت کان وٺي عبدالملڪ جي عهد تائين، اسلامي فوجن جي مڪران ۾ جنگين ۽ فتحن جا واقعا بلڪل بلاذري جي سلسلي مطابق ڏنل آهن: ۽ ان کان پوءِ وليد جي ڏينهن ۾ وري محاذ هند ۽ سنڌ جو ذڪر، ديبل تي عبيدالله بن نبهان ۽ بديل جي سامونڊي حملن سان شروع ٿئي ٿو، ۽ محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي فتح جي تفصيلوار بيان سان ختم ٿئي ٿو. البت محمد بن قاسم کان پوءِ، جي عرب گورنر سنڌ ۾ آيا، تن جو بيان فتحنامي ۾ ڪونهي، جنهن جي معنيٰ ته فتحنامي جي هن اسلامي فتحن واري حصي ۾ صرف مدائني جي ٻن ڪتابن يعني ”ڪتاب ثغر الهند“ (محاذ هند ۽ سنڌ) ۽ ”ڪتاب فتح مڪران“ (مڪران جون فتحون) جو مواد موجود آهي، مگر سندس ٽئين ڪتاب ”ڪتاب عمال الهند“ (هند ۽ سنڌ جا گورنر) جو مواد شامل ڪونهي.

(2) ”فتحنامي“ جي اندروني شهادتن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ غالباً مدائني جا اهي ٻه ڪتاب، يعني ته ”ڪتاب ثغر الهند“ ۽ ”ڪتاب فتح مڪران“ مڪمل طور شامل آهن. هيٺيان دليل ان نظريي جي تائيد ڪن ٿا:

(الف) بلاذري، باب ”فتوح السند“ ۾ مختلف واقعن بابت مدائني جي زبان کي اجمالي طور ۽ اختصار سان قلمبند ڪيو آهي. فتحنامي ۾ اهي ساڳيا واقعا ساڳي ترتيب پر وڌيڪ زياده تفصيل سان بيان ٿيل آهن. مدائني پنهنجي پيريءَ ۾ بلاذري کي غالباً پنهنجي ٽنهي ڪتابن جو تـَـت بيان ڪري ٻڌايو، ۽ ان جي ابتڙ ”فتحنامي“ ۾ غالباً مدائني جا ٻه ڪتاب ”ڪتاب ثغرالهند“ ۽ ”فتح مڪران“ سندس پوري روايت سان شامل آهن، جنهن ڪري جملي واقعن جو تفصيل موجود آهي. ان کان سواءِ باب ”فتوح السند“ ۽ ”فتحنامي“ جي ساڳين بيانن ۾ نه فقط اصولي پر جزئياتي مطابقت به موجود آهي: مثلاً فتحنامي (ص 133) ۾ ڄاڻايل آهي ته ديبل جي حملي وقت حجاج جو خط پهتو، جنهن ۾ هدايت هئي ته ”مناسب ائين آهي ته سج کي پٺي ڏيو، جيئن دشمن کي چڱي طرح ڏسي سگهو.“ اهي لفظ بلاذري جي عبارت (ص 437) ۾ حجاج جي حڪم ”ولتڪن ممايلي المشرق“ جي عين مطابق آهن: فتحنامي (ص 171) ۾ ڄاڻايل آهي ته حجاج ڏانهن محمد بن قاسم سـُـرڪي موڪلڻ لاءِ لکيو، ۽ ان جي انتظام لاءِ حجاج جي حڪم سان پڃيل ڪپهه آئي، جا سرڪي ۾ ٻوڙي، خشڪ ڪندا ويا. بلاذري (ص 436) جي عبارت به ان مطابق آهي ته ”وعمد الحجاج الي القطن المحلوج، فنقع في الخل الخمر الحاذق.“ پهريون مجاهد، جو ديبل قلعي جي ديوار تي چڙهيو، ان جو نالو به بلاذري جي بيان توڙي فتحنامي مطابق ساڳيو آهي (ڏسو فتحنامو ص 308 نوٽ ص 134). ڏاهر جي قاتل جي باري ۾ پڻ فتحنامي ۽ بلاذري جي بيانن ۾ مطابقت آهي (ڏسو فتحنامو ص 326، نوٽ ص 198) انهيءَ جزئيائي مطابقت مان ظاهر آهي ته فتحنامي جا تفصيلي بيان مدائني جي روايت مطابق آهن، جا بلاذري خود مدائني جي زباني پنهنجي باب ”فتوح السند“ ۾ قلمبند ڪئي آهي.

(ب) بلاذري کي مدائنيءَ خود پنهنجي زباني ويهي فتوحات جي واقعن جو بيان ڪري ٻڌايو، انهيءَ ڪري بلاذري باب ”فتوح السند“ جي شروع ۾ سندس نالو سند طور پيش ڪيو آهي ۽ ان بعد لاڳيتو واقعات نقل ڪندو ويو آهي، تان جو ڏاهر جي قتل بعد (ص 438) وري اڳتي هلندڙ بيان لاءِ ٻيهر مدائني جو نالو کڻي ، پنهنجي ماخذ جي تصديق ڪئي اٿس. مطب ته بلاذري سڄو بيان مدائني جي زباني ٻڌو. انهيءَ ڪري ذري ذري سندس نالي آڻڻ جي کيس ضرورت ڪانه هئي.

اوائلي عرب مصنفن جو دستور هو ته خود پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ اڪثر هر نئين بيان آڏو پنهنجو نالو کڻي ان بعد، پنهنجو سـَـند جي سلسلو(يعني انهن راوين جا نالا جن کان مصنف تائين ان بيان يا واقعي جي روايت پهتل هجي) پيش ڪري، پوءِ ان بيان کي پيش ڪندا هئا. مؤرخن ۾ ابوجعفر طبري پنهنجي تاريخ ۾ خاص طرح انهيءَ دستور جي پابندي ڪئي آهي. طبري هر نئين واقعي کي بيان ڪرڻ وقت چوندو ته ”قال ابو جعفر…… حدثني فلان قال حدثـني فلان“ (يعني ابو جعفر چوي ٿو ته مون سان فلاڻي هي ذڪر ڪيو)، جنهن چيو ته (مون سان فلاڻي اهو ذڪر ڪيو) يا ”حدثني“ (مون کي ٻڌايو) جي بدران ”عن“ (فلاڻي کان) جو لفظ آڻيندو. مطلب ته خود مصنف جي ڪتاب ۾ اڪثر بار بار خود مصنفن ۽ سندس سـَـند وارن راوين جو ذڪر ايندو.

فتحنامي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ هڪ ته زماني جي هٿ چراند سبب ۽ ٻيو غالباً فارسي مترجم علي ڪوفي جي بي احتياطي سبب مختلف واقعن جي روايتن جي سـَـندن کي يا ته اڻپوري حالت ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي (يعني ته ڪن راوين جا نالا ڇڏي ڏنا ويا آهن) يا ته بلڪل حذف ڪيو ويو آهي، مگر تنهن هوندي به مدائني جي نالي سان سندس سـَـنـَـدن سميت سڄيون ساريون 13 روايتون (1) فتحنامي ۾ موجود آهن. ٻه ٻـيون روايتون (ص 182 ۽ 183) ”محمد بن حسن“ ۽ ”محمد بن ابوالحسن مدني“ جي نالن سان آندل آهن، جي پڻ غالباً مدائني جون آهن ۽ سندس نالي ”ابوالحسن علي بن محمد“ کي غلط نموني ۾ لکيو ويو آهي. (1) ٻيون 8 روايتون انهن ماڻهن جي نالن سان ڏنل آهن، جن کان ٻيون روايتون فتحنامي ۾ خود مدائني جي زباني بيان ٿيل آهن. (2) جنهن جي معنيٰ ته اهي اٺ روايتون پڻ يقيني طور مدائني جي ذريعي ئي پهتل آهن، پر انهن جي اڳيان مدائني جو نالو حذف ٿيل آهي. انهيءَ لحاظ سان فتحنامي ۾ جملي 23 روايتون مدائني جون تسليم ڪري سگهجن ٿيون، انهن کان سواءِ ٻيون باقي روايتون جملي 14 آهن، جي ٻين راوين جي نالن سان ڏنل آهن ۽ گمان غالب آهي ته انهن روايتن مان گهڻن جي سـَـندن  جا اوائلي ڀاڱا حذف ٿيل آهن ۽ شايد انهن مان ڪي ٻيون پڻ مدائني جي ذريعي آيل هجن. بهرحال مجموعي طور فتحنامي ۾ وڏو حصو مدائني جي روايتن جو آهي ۽ سواءِ ”فتحنامي“ جي، سنڌ جي فتحن بابت مدائني جون ايتريون تفصيلوار روايتون ٻئي ڪنهن به عربي يا فارسي جي تاريخي ڪتاب ۾ موجود نه آهن. هيءَ حقيقت ان نظريي جي تائيد ڪري ٿي ته فتحنامي جو اسلامي فتحن ۽ تاريخ وارو گهڻو ڀاڱو مدائني جي ٻن ڪتابن ”ڪتاب ثغرالهند“ ۽ ”ڪتاب فتح مڪران“ جو مجموعو آهي.

فتحنامي جي جملي مواد جا ماخذ ۽ انهن جي اندروني صحت:  فتحنامي جي جملي مواد جا ٽي سر چشما نظر اچن ٿا: (الف) مدائني جون روايتون، (ب) مدائني کان سواءِ ٻين عرب عالمن ۽ راوين جون روايتون، ۽ (ج) سنڌ جون مڪاني روايتون. اسان هيٺ انهن ٽنهي ماخذن تي تنقيدي نگاهه سان مختصر بحث ڪنداسون.

(2) سندس مفصل سوانح لاءِ ڏسو فهرست ابن نديم (طبع يورپ) ص 100- 103، ياقوت جو معجم الاديا ِّ (گب ميموريل) 5×309-318، تاريخ بغداد (قاهره) نمبر (6438- ج 12 ص 54) انساب المسعاني (المدائني) شذارت الذهب (طبح قاهره  201×54)، مروج الذهب (طبع پئرس) 7×287

(1) ڏسو فهرست ابن نديم ص 103 ۽ معجم الادباءِ 5×315-316.

(1) فهرست ابن نديم، 103

(1)  ڏسو ص ص 105، 107، 109، 131، 133، 134، 145، 226، 261، 325، 346، 356، ۽ 357. مدائني جو نالو ”ابوالحسن بن علي بن محمد“ ڪري آندو ويو آهي.

(1)  ڏسو فتحنامي جي آخر ۾ ص 324 تي حاشيه ص 183/ ]164[

(2)  مثلاً  ٽي روايتون (ص 108، 109، ۽ 111) هذلي جي نالي سان ڏنل آهن، مگر صفحن 109 ۽ 112. تي خود هذلي جون روايتون ابوالحسن مدائني جي زباني ڏنل آهن، ٻه روايتون (ص 112 ۽ 128) عبدالرحمان بن عبدربـہ السليطي جي نالي سان ڏنل آهن، حالانڪ صفحن 334 ۽ 246  تي عبدالرحمان بن عبدربـہ السليطي جون روايتون پڻ ابوالحسن مدائني جي زباني بيان ٿيل آهن، صفحي 201 تي هڪ روايت ابو محمد هندي جي نالي سان ڏنل آهي، مگر صفحن 131 ۽ 252 تي ابو محمد هندي  جون ٻئي روايتون ابوالحسن مدائني جي زباني بيان ٿيل آهن. 127 تي صفحي هڪ روايت اسحاق بن ايوب جي نالي سان ڏنل آهي. حالانڪ صفحي 125 تي اسحاق بن ايوب جي روايت ابوالحسن مدائني جي زباني نقل ٿيل آهي، ۽ صفحي 142 تي هڪ روايت ابوالليث التميمي الهندي جي نالي سان آندل آهي، حالانڪ صفحي 197 تي ابوالليث هندي جي روايت ابوالحسن مدائني جي زباني بيان ٿيل آهي.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :5
(الف) مدائني جون روايتون: مدائني کي عرب مؤرخن هڪ معتبر مؤرخ ڪري تسليم ڪيو آهي، جو سندس روايتون اڪثر پڪيون ۽ پختيون آهن. افسوس جو فتحنامي ۾ سندس روايتن جون ڪڙيون حذف ٿيل آهن، انهيءَ ڪري سندس روايتن جو پورو تنقيدي جائزو وٺي نٿو سگهجي، تنهن هوندي به هيٺيون حقيقتون مدائني جي روايتن جي اندروني صحت کي ثابت ڪن ٿيون:

(1) سنڌ بابت فتحنامي ۾ ڏنل مدائني جون اڪثر روايتون سندس انهن سـَـند  وارن راوين کان بيان ٿيل آهن، جن کان هن مرڪزي خلافت ۽ ٻين واقعن بابت احوال ٻڌا ۽ نقل ڪيا آهن، ۽ جن جي بيان کي بلاذري ۽ طبري جهڙن معتبر مؤرخن پڻ صحيح تسليم ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ داخل ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ هيٺيون روايتون غور طلب آهن:

1- ص 109/ ]78[ تي عبدالله بن سوار بابت بيان ابوالحسن مدائني ٻن راوين يعني ”هذلي“ ۽ ”مسلمة بن محارب” کان نقل ڪيو آهي. فتحنامي ۾ چار ٻيون روايتون (ص 111، 108، 109، ۽ 112) ”هذلي“ جي وسيلي ۽ هڪ روايت (ص 246) مسلمة بن محارب جي ذريعي بيان ٿيل آهن، جن مان ص 113 تي هذلي واري روايت ۽ ص 246 تي ”مسلمة“ واري روايت آڏو ابوالحسن جو نالو ڏنل آهي، پر ص 108، 109، ۽ 112 تي هذلي وارين روايتن آڏو ابوالحسن جو نالو غالباً فارسي مترجم جي بيڌيانيءَ سبب حذف ٿيل آهي. (1)

سـُـلمي بن عبدالله بن سـُـلمي،(2)جو ابوبڪر الهذلي جي عام نالي سان مشهور آهي، سو اسلامي تاريخ جو مڃيل ۽ مسلم راوي آهي. طبري پنهنجي تاريخ ۾ تقريباً 20 روايتون سندس سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن، جن مان 8 روايتون ابوالحسن مدائني جي ذريعي نقل ڪيل آهن.(3) يعني ته هذلي جون گهڻي ۾ گهڻيون روايتون مدائني جي ذريعي نقل ٿيل آهن. مطلب ته هذلي، مدائني جي استادن مان هو ۽ سندس روايتون نه صرف طبري پر ٻين مصنفن  به مدائني جي زباني نقل ڪيون آهن.(4)   ابوبڪر هذلي عباسي خليفي منصور (وفات 108 هه/775ع) جي ڏينهن تائين زنده هو،(1) ۽ مدائني، جو سنه 135 هه ۾ ڄائو، ان جي عمر ان وقت تائين تقريباً 23 ورهيه هئي، جنهن ڪري هن، هذلي کان سڌو سنئون سندس زباني جملي تاريخي حالات ٻڌا ۽ پنهنجي ڪتابن ۾ لکيا، ۽ ٻين تائين به پهچايا. (2)

”مسلمة“ جو سڄو نالو ”مسلمة بن محارب بن سلم بن زياد“ آهي ۽ هو مشهور اموي سپهه سالار ”زياد“ جي اولاد مان هو. (3) مسلمة نه صرف تاريخي راوين ۾ مڃيل آهي، پر حديث جي راوين ۾ پڻ شمار ٿيل آهي. (4) هو مدائني جي استادن منجهان آهي ۽ سندس تاريخي روايتون گهڻو ڪري مدائني جي ذريعي ئي بلاذري توڙي طبري تائين پهتيون. مدائني سڌو سنئون کانئس اهي روايتون ٻڌيون. بلاذري ”فتوح البلدان“ (ص ص 73، 250 ۽ 280) ۾ ٽي ررايتون ”مسلمة“ جي سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن، ۽ پنهنجي ٻي تصنيف ”ڪتاب انساب الاشراف“ جي جلد 4 ۽ 11 ۾ جملي ڇهه روايتون مسلمة جي سـَـند جي سلسلي سان مدائني جي زباني سان نقل ڪيون آهن. (5) طبري جملي 43 روايتون مسلمة جي سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن ۽ اهي سڀئي مدائني جي ڪتابن تان يا مدائني جي شاگرد عمر بن شبہ کان خود مدائني“ جي زباني نقل ڪيل آهن. خود فتحنامي ۾ ص 346 تي ٻي هڪ روايت پڻ ابوالحسن مدائني، مسلمة بن محارب کان نقل ڪئي آهي.

مطلب ته هذلي توڙي مسلمـة، مدائني جا وڏا معاصر ۽ تاريخ جا ڄاڻو هئا. افسوس جو فتحنامي ۾ کانئن جيڪي روايتون مدائني بيان ڪيون آهن، تن مان ڪن جا پويان سلسلا (يعني ته خود هذلي ۽ مسلمة جن ماڻهن کان اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ انهن وري جن کان ٻڌيون، تن جا نالا) حذف ٿيل آهن، جنهن ڪري اکين ڏٺل يا همعصر روايتن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. تنهن هوندي به ڪن روايتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته مدائني جي روايتن جو سلسلو نيٺ انهن ماڻهن تائين پهچي ٿو، جي بيان ٿيل واقعن کان پوري طرح واقف هئا. مثلاً ص 111 تي ابوالحسن مدائني جي روايت ابوبڪر هذلي کان ۽ هذلي جي روايت اَسود کان آهي ۽ اها امير معاويـہ جي عهد (41-60 هه) ۾ راشد بن عمرو جي محاذ هند تي مقرري بابت آهي. هن روايت ۾ جيتوڻيڪ هذلي ۽ اَسود جي وچ وارن راوين جا نالا حذف ٿيل آهن(1) ته به بيروني شهادتن جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ”اَسود“ مان مراد الاسود بن يزيد النخعي آهي، جو تاريخ جو مشهور راوي آهي. تاريخ طبري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 تاريخي بيان اهڙا آهن جن جي سـَـندن جي سلسلي جي آخري ڪڙي اَسود آهي. اَسود، ڪوفـي جي برگزيده تابعين مان هو ۽ حضرت عثمان رضه جي شهادت (سنه 35 هه) وقت حضرت عثمان رضه طرفان مدافعت ۾ مشغول هو. (1) ان بعد امير معاويه جي عهد تائين سندس زندهه رهڻ ۽ راشد بن عمرو جي مقرريءَ کان واقف هئڻ بالڪل قياس جي ويجهو نظر اچي ٿو. انهيءَ لحاظ سان مدائني جي هيءَ روايت نموني طور ثابت ڪري ٿي ته سندس روايتن جا ماخذ بالڪل پختا ۽ معاصراڻا آهن.

مٿئين تفصيلي بحث بعد اسان هيٺ فتحنامي ۾ مدائني جي باقي ٻين روايتن جي ماخذن تي مختصر روشني وجهنداسون.

2- ص 112 تي ابوالحسن مدائني جو حاتم بن قبيصة بن المهلب (2) جي زباني ٻڌل بيان ڏنل آهي. حاتم بن قبيصة سنه 98 هه ۾ طخارستان جو گورنر هو.(3) هو تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ راوي عمر بن شبة جهڙيءَ طرح مدائني کان تاريخي روايتون نقل ڪيون آهن، اهڙي طرح هن حاتم بن قبيصة کان به روايتون نقل ڪيون آهن.  (4)انهيءَ ڪري مدائني جو حاتم بن قبيصة کان نقل ڪرڻ بالڪل قياس جي ويجهو آهي. البت هيءَ روايت عبدالله بن سوار جي جنگ بابت آهي، جنهن کي امير معاويه تقريباً سنه 41-42 هه ۾ محاذ هند تي مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ حاتم بن قبيصة جو هجڻ ممڪن نظر نٿو اچي. طبري سنه 50 هه جي ٻن واقعن جا اکين ڏٺا احوال جن ماڻهن جي زباني حاتم بن قبيصة جي وسيلي نقل ڪيا آهن، انهن ماڻهن ۽ حاتم بن قبيصة جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ راوي جو واسطو آهي. (1) انهيءَ ڪري فتحنامي جي هن روايت جو پويون حصو ظاهراً حذف ٿيل آهي ۽ جنهن ماڻهو ابن اسوار کي جنگ ۾ ڏٺو، سو خود حاتم بن قبيصة ناهي، مگر اهو راوي، جنهن کان حاتم بن قبيصة هيءُ روايت نقل ڪئي، ٿو ڀانئجي.

3- ص 125 تي ابوالحسن مدائني جي اسحاق بن ايوب جي زباني ٻڌل بيان ڏنل آهي، جو سنه 92 هه ۾ حجاج جو محمد بن قاسم کي سنڌ تي رواني ڪرڻ لاءِ فوج گڏ ڪرڻ بابت آهي. طبري، ابوالحسن مدائني جون اسحاق بن ايوب کان نقل ڪيل ٻه روايتون ڏنيون آهن جي امير معاويه جي عهد ۽ وليد بابت آهن. (2) فتحنامي جي هيءُ روايت پڻ وليد جي عهد جي آهي ۽ روايت جي اعتبار کان مڪمل آهي. ص 127 تي ٻي روايت ۾ اسحاق بن ايوب ۽ هلواث ڪلبي جا نالا ڏنل آهن، ۽ ظاهراً آڏو مدائني جو نالو ڇڏيل آهي ڇو ته هلواث جون روايتون پڻ مدائني ذريعي پهتل آهن.(3)

4- ص 131 تي ابوالحسن ”ابو محمد مولي بني تميم“ کان ديبل جي محاصري جو نقل ڪيو آهي ۽ 252 تي ابوالحسن ساڳئي ”ابو محمد هندي“ کان ملتان جي منروي بتخاني جو بيان نقل ڪيو آهي. ان مان ظاهر آهي ته ابو محمد هند يعني سنڌ جو هو ۽ بنو تميم جو پالتو هو. ٿي سگهي ٿو ته ابو محمد کي انهن واقعن جي سنئين سڌي خبر هجي، ڇاڪاڻ ته اهي واقعا سنه 93-95 هه جا آهن ۽ ممڪن آهي ته ابو محمد گهٽ ۾ گهٽ 56 سال پوءِ به جيئرو رهيو هجي، جو سنه 150 هه ڌاري جڏهن ابوالحسن مدائني جي عمر 15 سال هئي، تڏهن کيس انهن ڳالهين جي خبر ڏني هجيس. پر غالباً فتحنامي ۾ انهن روايتن جو به پويون حصو حذف ٿيل آهي ۽ ابو محمد خود ٻئي ڪنهن کان اهي حالات ٻڌا، ڇاڪاڻ ته بلاذري ”فتوح البلدان“ (ص 438) ۾ محمد بن قاسم جي فتح بابت هڪ بيان نقل ڪيو آهي جو مدائني، ”ابو محمد الهندي“ کان ٻڌو، ۽ ابو محمد وري ”ابو الفرج“ نالي راوي کان ٻڌو. بهرحال بلاذري جو هي حوالو ثابت ڪري ٿو ته ابو محمد، مدائني جي استاد راوين منجهان آهي.

البت فتحنامي ۾ ص 201 تي، ڏاهر جي قتل، لاڏيءَ جي گرفتاري ۽ محمد بن قاسم جو لاڏيءَ کي خريد ڪرڻ واري حڪايت پڻ ابو محمد هنديءَ کان نقل ٿيل آهي، جنهن اها ”ابو مسهر عابي“ کان ٻڌي، جنهن وري اها ”هند جي ڪنهن شخص“ کان ٻڌي. هيءَ روايت مشڪوڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ ابو محمد مشهور راوي آهي، ۽ پڻ جيڪڏهن ”ابو مسهر عابي“ کي صحيح طور ”ابو مسهر عبدالاعليٰ“ تسليم ڪجي، جو پڻ مشهور راوي آهي(1) ته به روايت جي آخري ڪڙي مشڪوڪ ۽ مبهم آهي.

5- ص 252 تي ابوالحسن مدائني، خريم بن عمرو کان ملتان جي ڌن بابت روايت نقل ڪئي آهي. خود فتحنامي مان ظاهر آهي ته حجاج، خريم کي محمد بن قاسم سان گڏ موڪليو هو (2) ۽ خريم سنڌ جي فتحن ۾ ساڻس گڏوگڏ هو(3) ۽ غالباً ويندي آخر تائين محمد بن قاسم سان گڏ رهيو(4)  انهيءَ ڪري ملتان جي فتح ۽ خزاني وارو احوال سندس اکين ڏٺو آهي.

6- ص 197 تي ابوالحسن جي ابوالليث هندي کان ٻڌل روايت (ڏاهر جي قتل بابت) ڏنل آهي، جا هن (ابوالليث) پنهنجي پيءُ کان ٻڌي. ان کان اڳ ص 142 تي پڻ محمد بن قاسم جي ديبل ڏانهن روانگيءَ وارو بيان ”ابو الليث التميمي الهندي“ کان بيان ڪيل آهي، پر بيان ڪندڙ (ابوالحسن مدائني) جو نالو حذف ٿيل آهي. ابوالليث هي پويون بيان ”جعونـہ بن عقبة السلمي“ کان ٻـڌو. هاڻي خود فتحنامي جي ص 133 تي ڏنل بيان مان ظاهر آهي ته جعونـہ السلمي، محمد بن قاسم سان گڏ هو ۽ خاص منجنيقن جي چارج ۾ هو. انهيءَ حوالي مان انهن روايتن جي صحت جي تصديق ٿئي ٿي.

7- ص 234 ۽ 246 تي مدائني (علي بن محمد) جون ٻه روايتون عبدالرحمان بن عبد ربـہ السليطي کان ڏنل آهن. پوئين روايت ساڳئي وقت مسلمة بن مهارب ۽ عبدالرحمان بن سليطي کان نقل ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ ته عبدالرحمان ۽ مسلمة ٻئي مدائني جا وڏا معاصر هئا.

وري ص 112 ۽ 128 تي عبدالرحمان بن عبدربـہ کان ٻه روايتون ڏنل آهن جن جو ناقل پڻ مدائني کي ئي سمجهڻ گهرجي، پر سندس نالو حذف ٿيل آهي. عبدالرحمان بن عبدربـہ کان ابوالحسن جون اهي چارئي روايتون مستند آهن، ڇاڪاڻ ته ساڳين واقعن بابت بلاذريءَ جا ابوالحسن کان نقل ڪيل بيان انهن سان ملي اچن ٿا.

مٿين وضاحت مان قدري ظاهر آهي ته ”فتحنامه“ ۾ مدائني سان واسطو رکندڙ روايتون تاريخي اعتبار کان صحيح آهن. البت ص 255 تي ”محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني“ جي نالن سان ڏاهر جي ڌيئرن جي محمد بن قاسم خلاف سازش بابت جا ڪهاڻي نقل ٿيل آهي، سا جملي مستند تاريخي ماخذن جي خلاف آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جو سـَـند جو سلسلو پڻ غالباً مصنوعي آهي. (1)

(ب) مدائني کانسواءِ (؟) باقي ٻيا عرب راوي: جملي ٻيون 14 روايتون اهڙيون آهن (2) جي پڻ عرب راوين کان آهن، پر انهن جي سـَـند جي سلسلي ۾ نه مدائني جو نالو ڏنل آهي ۽ نه وري اهڙي ڪنهن ٻئي راوي جو، جنهن کان (فتحنامي ۾ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي) مدائني جي ٻي ڪا روايت موجود هجي. چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪي مستقل روايتون آهن جن سان مدائني جو تعلق ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي سـَـند جا  سلسلا بلڪل مختصر ۽ هڪ ٻن راوين جي نالن تائين محدود آهن. بالڪل ممڪن آهي ته انهن مان ڪافي روايتون مدائني جي ذريعي پهتل هجن مگر مدائني جو نالو به ٻين راوين سان گڏ ڇڏي ڏنو ويو هجي.

جيئن ته انهن روايتن جي سـَـند  جا سلسلا بلڪل مختصر طور ڏنل آهن ۽ يقيني طور راوين جا نالا حذف ٿيل آهن، انهيءَ ڪري وڌيڪ تحقيق لاءِ ميدان تنگ آهي. البت ڪي تاريخي اهڃاڻ موجود آهن جي هنن روايتن جي صحيح هجڻ تي شاهد آهن: مثلاً ص  [151]/215تي ڏنل داستان جي روايت خواجه امام ابراهيم طرفان آهي ۽ آخر ۾ ص 480 واري حاشيه ۾ ڏنل تفصيلي بحث هن روايت جي صحت کي ثابت ڪري ٿو. ٻين روايتن کي بلاذري ۽ يعقوبي جي فتح سنڌ بابت بيانن سان ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي پڻ انهن صحيح ۽ مستند بيانن جي منافي نه آهن، سواءِ ٻن روايتن جي: هڪ ص 268 تي ڏنل لاڏي بابت ”عقيل بن عمرو“ نالي راوي جو بيان، ۽ ٻيو ص 275 تي بنو تميم جي ڪنهن نامعلوم شخص ذريعي نقل ڪيل بيان، جنهن ۾ محمد بن قاسم جو حجاج کان سندس ڌيءُ جو سڱ گهرڻ وارو قصو بيان ٿيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ص 439، حاشيه [94]/131 ۾ محمد بن قاسم جي شادي متعلق تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي جنهن مان مٿين ٻنهي روايتن جي ترديد ٿئي ٿي.

(ج) مقامي روايتون: مدائني جون روايتون خواهه اهي ٻيون روايتون، جي عرب راوين جي سـَـنـَـدَن جي سلسلن سان موجود آهن، سي عرب محققن جي فن روايت جي اصولن موجب ڏنل آهن. انهن مان اڪثر روايتن جا سلسلا انهن عرب راوين تائين پهچن ٿا، جن کي واقعن جي سڌي سنئين خبر هئي. ڪن ٻين روايتن جا سلسلا سنڌ جي مقامي راوين، مثلاً، ابو محمد، (1)  ابوالليث هندي (2) ۽ امير محمد والي ساوندي سمـہ (3) تائين پهچن ٿا. انهن راوين مان ابو محمد ۽ ابو الليث ٻئي عرب قبيلي بنو تميم سان وابسته هئا ۽ سندن روايتون مدائني ۽ ٻين عرب راوين ذريعي پهتل آهن. ساوندي سمه جو والي امير محمد، غالباً عرب هو، مگر کانئس نقل ڪيل روايت جو سـَـند جو سلسلو حذف ٿيل آهي. انهن ٽن راوين مان صرف ابو محمد هندي جو ص 267 تي ڏاهر جي قتل ۽ لاڏيءَ جي گرفتاري بابت بيان دراصل ٻئي هڪ نامعلوم مقامي شخص کان نقل ٿيل آهي ۽ انهيءَ ڪري ان گمنام شخص جي سند کي مستند چئي نٿو سگهجي، جيئن مٿي ص 2 تي ڄاڻايو ويو آهي.

عرب راوين سان لاڳاپيل انهن ٽن مقامي شخصن جي بيانن کانسواءِ فتحنامي ۾ ڪافي اهڙو مواد موجود آهي جنهن جو بنياد مقامي روايتن تي آهي. اهڙين روايتن مان صرف هڪ روايت ص 195 تي (شجاع نالي شخص جي ڏاهر سان مقابلي بابت) اهڙي آهي جنهن ۾ مقامي راوي، رام سيـہ برهمڻ جو نالو کنيل آهي. باقي هيٺيون روايتون، فن روايت جي اصول موجب نه آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪنهن به راوي جو نالو ڏنل ڪونهي.

1- صفحي 62 کان صفحي 105 تائين اسلامي فتوحات کان اڳ واري سنڌ جي تاريخ واري سڄي بيان جو مدار ٻڌل سئل ڳالهين تي آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن راوي جو نالو ڄاڻايل ڪونهي. مثلاً ص 55 تي شروعات ئي غير معلوم ”خبرن جي راوين ۽ تاريخ جي مصنفن“ سان ٿئي ٿي ۽ ص 66 تي ”هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو لکندڙ“ پڻ نامعلوم آهي. هن باب ۾ ص 77 تي عرب امير عين الدولـہ ريحان مدني جو ذڪر، ص 87 تي رسول الله ﷺ جي هجري ٻئي سال ڏانهن اشارو ۽ ص 103 تي عرب قبيله بنو سامـہ جي علافين جو سنڌ ڏانهن ڀڄي اچڻ وارو ذڪر ڏيکارين ٿا ته هي باب يقيني طور ڪنهن مسلمان مؤرخ جو جمع ڪيل آهي. ان کان سواءِ هن باب ۾ سنڌ جي ڪن مقامي واقعن ۽ حالتن جا تفصيل ڏيکارين ٿا ته هن تاريخي باب مرتب ڪرڻ ۾ ڪافي تحقيق کان ڪم ورتو ويو آهي. البت هن باب ۾ چچ ۽ راڻي سونهن ديوي جي عشق واري داستان وارو افسانوي رنگ غالباً فارسي مترجم جو اضافو آهي جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.

(1)  ڏسو آخر ۾ ص 294-295 تي ڏنل حاشيه 108/ ]77[
(2)  طبري (3×255) سندس نالو بالڪل انهيءَ طرح ڏنو آهي، جو صحيح سمجهڻ گهرجي. طبري جي ايڊيٽرن اسماءِ خاص جي فهرست ۾ سندس نالو ”سلمـہ بن عبدالله“ ڪري لکيو آهي ۽ ابن رستـہ جي ڪتاب ”الاعلاق النقيسـة“ (ص 313) ۾ سندس نالو ”سليمان بن عبدالله“ لکيل آهي. وڌيڪ سندس حالات لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص 294 – 295
(3)  ڏسو تاريخ طبري ص ص 1×2831، 1×2872، 1×3068، 1×3135، 1×3198، 2×173، 2×1326 ۽ 3×132.
(4)  مثلاً بلاذري ”فتوح البلدان“ (ص 18) ۾ فقط هڪ روايت ”هذلي“ جي اسناد سان اَندي آهي ۽ اها ابوالحسن مدائني جي زباني نقل ٿيل آهي. ساڳيءَ طرح بلاذري پنهنجي ٻئي ڪتاب ”انساب الاشراف“ (جلد 11 ص 227) ۾ پڻ هذلي جي روايت مدائني جي ذريعي نقل ڪئي آهي.
(1)  ڏسو طبري 3×401، 424، 435، ۽ 436.
(2) طبري، مدائني جون هذلي کان ٻڌل روايتون مدائني جي شاگرد عمر بن شبـہ جي زباني نقل ڪيون آهن.
(3)  ڏسو تاريخ طبري، 2×445 .
(4)  ڏسو بخاري جي ”التاريخ الڪبير“ جلد 4 ص 279.
(5)  ڏسو ڪتاب انساب الاشراف جلد 4 ص ص 73، 81، 106 ۽ جلد 11 ص ص 27، 168، 226.
(1)  ڇاڪاڻ ته هذلي ۽ مسلمـة ٻئي همعصر ۽ مدائني جا مکيه ماخذ آهن ۽ مدائني ڪي روايتون ٻنهي کان ساڳي وقت ٻڌيون آهن (ڏسو تاريخ طبري 2×73). طبري هڪ روايت ڏني آهي جا هن ابن حميد کان ٻڌي ۽ هن مسلمـة کان ٻڌي، مسلمة ابواسحاق عبدالرحمان کان ٻڌي ۽ عبدالرحمان سندس پيءُ اَسود کان ٻڌي (1×225). هن سلسلي اسناد مطابق مسلمـة ۽ اَسود جي وچ ۾ ٻيا راوي آهن. ان مان ظاهر آهي ته فتحنامي جي مٿين روايت ۾ مسلمة جي همعصر هذلي ۽ اَسود جي وچ ۾ به ڪم از ڪم ٻن راوين جا نالا هئڻ کپن جي حذف ٿيل آهن.
(1)  ڏسو تاريخ طبري 1+2896، 2916، ۽ 2960.
(2)  متن ۾ ”حاتم بن قتبيـہ الباهلي“ غلط آهي ۽ صحيح نالو ”حاتم بن قبيصـة بن المهلب“ آهي-
(3)  ڏسو تاريخ طبري 2×1324
(4)  تاريخ طبري 2×109-110.
(1)  طبري سنه 50 هجري جي ٻن واقعات کي هن ساڳي روايت سان بيان ڪيو آهي ته: ”طبري، عمر بن شبـہ کان، عمر بن شبـہ، حاتم بن قبيصـة، غالب بن سليمان کان، غالب بن سليمان، عبدالرحمان بن صبح کان (ايضا 2×109-110)
(2)  ڏسو تاريخ طبري 2×201 ۽ 2×1741
(3) ڏسو مٿي ص 8.
(1)  ابو مسهر عبدالاعليٰ بن مسهر تاريخ جي راوين مان آهي ۽ طبري ٽن روايتن (2×4، 3×1130، ۽ 3×2426 ۾ سندس نالو کنيو آهي، جن مان هڪ (3×130) منجهان گمان نڪري ٿو ته هو مامون جي حڪومت جي آخري سال سنه 18 هه ۾ جيئرو هو.
(2)  ڏسو فتحنامه، ص 127 ۽ 130
(3)  ساڳيو، ص 134، 207، 216، 233.
(4)  محمد بن قاسم جي سنڌ مان معزولي سنه 96 هه جي پهرئين اڌ  ۾ واقع ٿي. ان وقت تائين خريم جي ڪنهن ٻئي هنڌ موجودگي ثابت ڪانهي ۽ فتحنامي جي حوالن مان قوي گمان نڪري ٿو ته هو سنڌ ۾ هو، محمد بن قاسم جي معزولي بعد سنه 96 جي پوئين ۽ 97 هه ڌاري قتيبـة جي قتل وقت خريم خراسان ۾ نظر اچي ٿو (ڏسو طبري 2×130 ۽ 1312.
(1)  ڏسو آخر ۾ ص 351-362 جتي هن مصنوعي حڪايت ۽ صحيح تاريخي حالات تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
(2)  ڏسو فتحنامه، ص 106، 107، 113، 116، 119، 121، 128، 137، 171، 193، 201، 205، 207، 219.
(1)  ڏسو فتحنامه، ص 131، 252 ۽ 201
(2)  ساڳيو، ص 142 ۽ 197
(3)  ساڳيو، ص 231.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :6
2- ص 166 تي ڏاهر جو محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ مهراڻ جي ٻئي ڪناري تي سامهون تيار ٿي بيهڻ واري بيان جو مدار به مقامي روايت تي آهي، پر غالباً ان جي صحت جي تصديق لاءِ ان کي خاص طرح ”هند جي دانائن“ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي.

3- ص 220 تي لاڏيءَ بابت بيان ظاهراً غير معتبر آهي، ڇاڪاڻ ته اتي صاف ڄاڻايل آهي ته اهو بيان ”برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن کان ڏند ڪٿائن ۾ آڻين ٿا“.

4- ص 236 تي اروڙ جي جادوگرڻ وارو قصو محض هڪ قصو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي روايت مبهم آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته ”هن ڳالهه جي سنواريندڙن هن طرح بيان ڪيو آهي“.

5- ص 239 تي اروڙ جي برهمڻ قيدي سپاهي وارو قصو به محض هڪ افسانو آهي، ڇاڪاڻ ته ”هن ڳالهه جا راوي ۽ هن تاريخ جا بيان ڪندڙ“ مبهم ۽ نامعلوم آهن.

6- ص 241 تي جيسينہ جو ڪيرج ڏانهن مدد لاءِ وڃڻ وارو بيان ”وڏن مکيه ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين“ تي مبني آهي. ۽ جيتوڻيڪ ”وڏن ۽ مکيه ماڻهن“ وارا لفظ جيسينـہ جي ڪيرج ڏانهن وڃڻ واري بيان جي صحت جي تائيد ڪن ٿا پر ان بيان ۾ جيسينـہ سان ”چڱي“ جي محبت وارو افسانو غالباً فارسي مترجم طرفان ٺاهي جوڙي بيان ڪيل آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.

7- ص 241 تي جيسينه جي ولادت ۽ بهادري وارو قصو ”اروڙ جي ڪن برهمڻن“ کان بيان ٿيل آهي ۽ محض هڪ حڪايت آهي جنهن کي ڪا تاريخي اهميت ڪانهي.

مٿئين مواد جو علاوه، مترجم علي ڪوفي به پنهنجي طرفان عبارت آرائي جي لحاظ سان اضافا ڪيا آهن جن جي هيٺ وضاحت ڪئي ويندي.

اصل عربي ڪتاب جي تاليف بابت راءِ: فتحنامي جي تاريخي پس منظر ۽ ان جي سموري مواد جي جملي ماخذن بابت مٿين ڪيل وضاحت مان معلوم ٿيو ته فتحنامي جي تاليف جو مدار هيٺين سرچشمن تي آهي: (1) مدائني جا ٻه ڪتاب، ”ڪتاب فتح مڪران“ ۽ ”ڪتاب ثغرالهند“، (2) مدائني کانسواءِ (؟) ٻين ڪن عرب مؤرخن ۽ راوين جا سنڌ جي فتح بابت بيان، ۽ (3) سنڌ ۾ اسلام کان اڳ واري دؤر حڪومت ۽ محمد بن قاسم جي فتح سان واسطو رکندڙ ڪن حڪايتن بابت سنڌ جي مقامي ماڻهن، دانائن، مکين، برهمڻن ۽ وڏن عمر وارن جا زباني بيان.

پهرئين ۽ ٻئي سر چشمي ۾ تميز ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته روايتن جا سلسلا حذف ٿيل آهن ۽ بالڪل ممڪن آهي ته فارسي ترجمي ۾  جي روايتون ٻين راوين ڏانهن منسوب آهن، سي دراصل مدائني جي واسطي سان قلمبند ٿيل هجن پر سندس نالو ڇڏي ڏنو ويو هجي. هن دليل جي تائيد هن حقيقت مان ٿئي ٿي ته انهن راوين مان جن بابت به ڪجهه معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سي مدائني کان اڳ جا آهن ۽ غالباً سندن بيان مدائني ذريعي ئي پوين تائين پهتا. بهرحال پهرئين ۽ ٻئي سرچشمي جي راوين ۾ ابوالحسن مدائني سڀ کان پوءِ آهي ۽ انهيءَ ڪري، يا ته هيءُ ڪتاب خود مدائني (135-225 هه) تصنيف ڪيو يا ته مدائني جي وفات (سنه 225 هه) بعد تصنيف ٿيو. فتحنامي ۾ خود مدائني وارين روايتن مان ڪن جي آڏو ڄاڻايل آهي ته ٻين ڪن راوين جي ذريعي ابوالحسن کان اهي بيان نقل ٿيل آهن. (1) جنهن جي معنيٰ ته شايد ابوالحسن کان پوءِ اهي بيان کانئس صدري روايتن ذريعي يا سندس ڪتابن ذريعي قلمبند ٿيا.

جنهن مواد جو خاص مقامي روايتن تي مدار آهي ان جي سنه تاليف بابت يقيني طور ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سواءِ ”رام سيه برهمڻ“ جي ٻين راوين جا نالا اڻلڀ آهن ۽ خود رام سيه جو اڪيلو نالو ڪابه رهنمائي نٿو ڪري سگهي.

فتحنامي جي سڄي متن ۾ ڪابه اهڙي مستقل اندروني شهادت موجود ڪانهي جنهن جــي بنياد  تــي ان جــو سـنـه تـالـيـف متعين ڪــري سـگهجـي. الـبـت ص [236]/248 تي هڪ عربي شعر ڏنل آهي جو ابوالفتح بستي جي قصيده مان آهي (2) جنهن سنه 400/401 هه ۾ وفات ڪئي. پر جيئن ته ان شعر جو نفس مضمون سان ڪوبه واسطو ڪونهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو فارسي مترجم طرفان وڌايل هجي، انهيءَ ڪري ان کي فتحنامي جي سنه تاليف بابت سند طور پيش ڪرڻ منطقي طور صحيح نه ٿيندو.

البت مترجم علي ڪوفي جي ديباچي ۾ ڄاڻايل آهي ته اصل عربي ڪتاب ”عرب عالمن“ جو لکيل هو ۽ ان جو نسخو قاضي اسمـاعيل (سنه 613 هه) جي ”ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين“ لکيل هو ۽ سندس خاندان ۾ آڳاٽي وقت کان ميراث طور ورثي ۾ هلندو پئي آيو(1) ”ابن ڏاڏن“ ۽ ”ميراث طور ورثي ۾ هلندو اچڻ“ مان هڪ گماني اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد هيءُ ڪتاب تقريباً ٻن اڍائن سون ورهين کان هن خاندان ۾ هجي. اهو اندازو چوٿين صدي هجريءَ تائين پهچي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اصل عربي ڪتاب مدائني جي وفات کان وٺي چوٿين صدي هجريءَ جي آخر واري عرصي، يعني ته 225 هه کان 400 هه واري عرصي ۾ تاليف ٿيو هجي.

مدائني کان سواءِ ٻئي جنهن به هيءُ ڪتاب تاليف ڪيو، تنهن مدائني جي تصنيف ”ڪتاب فتح مڪران“ ۽ ”ڪتاب ثغرالهند“ تي ئي ان جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي فتح واري بيان تي ختم ٿيو. جيڪڏهن 225 هه-400 هه واري عرصي ۾ لکندڙ مؤلف کي تاريخ سنڌ بابت ڪنهن نئين تاريخ تصنيف ڪرڻ جوخيال هجي ها ته ان وقت تائين جا ٻيا به ڪيئي گورنر حڪمراني ڪري چڪا هئا ۽ انهن جو ذڪر به ڪتاب ۾ شامل ڪري ها.

جيتوڻيڪ هن ڪتاب جو تعلق هڪ محدود تاريخي عرصي سان آهي، پر واقعن جي تفصيل سبب هيءُ ڪتاب هڪ ممتاز تاريخي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ جو حتي الامڪان تفصيلي بيان، محمد بن قاسم جو شيراز کان رواني ٿيڻ کان ويندي آخر ۾ ملتان جي فتح تائين مفصل تاريخي بيان، محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي وچ ۾ لڙائيءَ جي تياري، توڙي لڙائيءَ جي ڪيفيت ۽ مختلف معرڪن جا ذري پرزي واقعا، جنگي واقعن ۽ خاص موقعن تي عرب شاعرن جا شعر، حجاج ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ خط و ڪتابت جو تفصيلي رڪارڊ، فتحنامي ۾ اهو جملي تاريخي مواد اڪثر نئون ۽ انوکو آهي بلڪ ٻين عرب تاريخن ۾ اڻلڀ آهي. ڪتاب جي تاليف ۾ اوڻايون هڪ ته غير معتبر مقامي روايتن کي داخل ڪرڻ سان پيدا ٿيون آهن، ٻيو ته نسخن جي نقل در نقل سبب، خاص نالن ۽ واقعن جي سنن ۽ سالن ۾ تحريف ۽ تصحيف ۽ عبارتن جي خلل سبب وجود ۾ آيون آهن، ۽ ٽيون وري غالباً فارسي مترجم طرفان روايتن جي سلسلن کي حذف ڪرڻ ۽ رنگين عبارت آرائي طرف توجهه ڏيڻ سبب واقع ٿيون آهن. روايتن جي سلسلن ۾ ڪاٽ ڪـُـوٽ سبب واقعن جي صحت کي پرکڻ البت ناممڪن ٿي پيو آهي، باقي ٻين جملي اوڻاين جي علمي تحقيق ۽ تنقيد سان تلافي ٿي سگهي ٿي.

اصل عربي ڪتاب جو نالو: اصل ڪتاب، جنهن جو علي ڪوفي 613هه ڌاري ترجمو ڪيو، ان جو سرورق تي يا شروع ۾ ڪتاب توڙي اصل مصنف جو نالو هئڻ قياس جي ويجهو نظر اچي ٿو، مگر فارسي مترجم علي ڪوفي ان بابت پنهنجي ديباچي ۾ ڪابه وضاحت ڪانه ڪئي، بلڪ پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ هڪ نئون نالو تجويز ڪيو، جو غالباً هڪ ته پرتڪلف هئڻ سبب ۽ ٻيو ته ترجمي جي آخر ۾ هئڻ سبب رائج نه ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري پوين پڙهندڙن ان کي مختلف نالن سان سڏيندي بالاخر ان کي ”چچ نامه“  سڏيو ۽ اهو آسان مگر غلط نالو مشهور ٿي ويو. گذريل صديءَ ۾ ايلفنسٽن پهريون دفعو، انڊيا آفيس لئبرري واري قلمي نسخي جي مطالعي بعد، ڪتاب جو نالو ”تاريخ هند و سند“ ڄاڻايو.(1) ان بعد اليٽ پنهنجي تاريخ ۾ واضح ڪيو ته ”چچ نامـہ“ جي نالي لاءِ خود ڪتاب اندر ڪابه ثابتي موجود ڪانهي، بلڪ ڪتاب جي شروع توڙي آخر ۾ ان کي ”فتحنامه“ سڏيو ويو آهي.(2)   آخر ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي فارسي متن مان ڪتاب جي نالي بابت حوالا جمع ڪري واضح ڪيو ته ڪتاب جو ”فارسي ۾ اصل نالو فتحنامو“ هو (3) ۽ انهيءَ لحاظ سان فارسي ايڊيشن جي سرورق تي ڪتاب جو نالو ”فتحنامه سند المعروف به چچ نامه“ ڪري لکيائين. اسان هيٺ هن مسئلي تي قدري تفصيل سان روشني وجهنداسون.

جيئن ته ڪتاب جو اصلي عربي نالو اسان تائين نه پهتو آهي، انهيءَ ڪري خود فارسي ترجمي جي اندروني شهادتن جي آڌار تي ان جو اندازو لڳائي سگهبو. ڊاڪٽر دائود پوٽه ص ]11[ ، ]14[ ۽ ]248[  جا حوالا ڏنا آهن، جتي هن ڪتاب لاءِ ”اين فتحنامه“ جا لفظ آيل آهن، انهن کانسواءِ ٻين صفحن تي هيٺين قسم جا حوالا موجود آهن. ”اين ڪتاب تاريخ هندو…. فتح سند“ ]ص 8[ ”تاريخ اين فتح“ ]ص 10[ ،”اين فتحنامه“  ]13[ ”فتح نامه“ (بمعنيٰ فتح جو احوال، جو محمد بن قاسم حجاج ڏانهن لکيو) ]ص 186-187 ۽ 191، 196 ۽ 199[ انهن حوالن مان ظاهر آهي ته لفظ ”فتحنامه“ مترجم ٻن معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. لفظي طور بمعنيٰ ”فتح جو احوال يا خط“ ۽ اصطلاحي طور هيءُ ڪتاب جنهن جو خاص تعلق سنڌ جي فتح سان آهي. هاڻي جيڪڏهن تسليم ڪجي ته لفظ ”فتحنامه“ اصل عربي ڪتاب جي نالي واري مفهوم کي قدري ادا ڪري ٿو، ته پوءِ صرف ايترو چئي سگهبو ته اصل نالي ۾ شايد ”فتح“ جو لفظ هو. ص ]10[ تي ”تاريخ اين فتح“ وارو فقرو به قدري ان گمان جي تائيد ڪري ٿو. ٻئي طرف ص ]8[ تي ڏنل عبارت،”محرر اين ڪتاب تاريخ هندو مقرر فتح سند“، به ڄڻ بياني معلوم ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن انهيءَ عبارت مان اصل عربي ڪتاب جي نالي جواندازو لڳائجي ته به صرف ايترو چئي سگهبو ته شايد انهيءَ اصلي نالي ۾ ”تاريخ هندو فتح سند“ جهڙا لفظ هئا.

ياقوت پنهنجي ڪتاب ”معجم البلدان“ (3×457) ۾ ملتان جي بـُـت بابت لکندي چوي ٿو ته ”ذکره المديني في فتوح الهند والسند“ يعني ته ”مدينيءَ ان (بت) جو ذڪر فتوح الهند والسند“ ۾ ڪيو آهي. ياقوت جو هيءُ اڪيلو حوالو جيتري قدر قيمتي ۽ دلچسپ آهي، اوتري قدر مبهم به آهي. جيڪڏهن ان ۾ ”المديني“ کي ”المدائني“ تسليم ڪجي ۽ ”فتوح الهند و السند“ کي ڪتاب جو خاص نالو ڪري وٺجي ته پوءِ چئبو ته ابوالحسن مدائني هڪ ڪتاب ”فتوح الهند و السند“ جي نالي سان به لکيو هو (جو ياقوت 1179-1229ع جي مطالعي هيٺ رهي چڪو هو)، ۽ انهيءَ لحاظ سان فارسي مترجم جا مٿيان الفاظ يقيني طور انهيءَ نالي تي غمازي ڪن ٿا. جيڪڏهن هي وضاحت تسليم ڪجي، ته پوءِ چئبو ته هيءُ ”فتحنامه“ غالباً ابوالحسن مدائني جي تصنيف آهي، ان جو اصل نالو ”فتوح الهند و السند“ هو، ۽ مدائني جي تصنيف جي حيثيت ۾ اهو ڪتاب تقريباً سنه 150 هه (جڏهين مدائني جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 15 ورهيه هئي) ۽ 225 هه (جڏهن مدائني وفات ڪئي) جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو. پر ڪنهن ٻي مستقل شهادت جي غير موجودگي ۾، هن اڪيلي حوالي جــي بنياد تي اهو نتيجو فيصلائتو بنجي نٿو سگهي، ڇو ته ياقوت جي مٿئين حوالي جا ٻيا مطلب به ٿي سگهن ٿا.(1)  پر ان جي باوجود به ايترو چئي سگهجي ٿو ته هن حوالي ۾ ”فتوح الهند و السند“ وارو فقرو، بلاذري جي باب ”فتوح السند“ جو عنوان، ۽ فتحنامي جون مٿيون عبارتون انهيءَ نتيجي ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون ته غالباً اصل عربي ڪتاب جو نالو ”فتوح الهند و السند“ هو.

افسوس جو فارسي مترجم علي ڪوفي نه اصل ڪتاب جي نالي بابت ڪا وضاحت ڪئي، ۽ نه وري پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ ڪو صاف ۽ واضح نالو منتخب ڪيو. هڪ ته پنهنجي ترجمي لاءِ نالي چونڊڻ جي تجويز ئي کيس ڪتاب پوري ڪرڻ بعد ياد آئي ۽ ٻيو ته ترجمي جي نالي چونڊڻ ۾ پڻ پنهنجي مربي وزير عين الملڪ جي نالي جو لحاظ رکيائين ۽ انهيءَ ڪري هڪ آسان ۽ صاف نالي جي بدران پنهنجي ترجمي لاءِ هڪ ڊگهو ۽ پر تڪلف ”لقب“ ايجاد ڪيائين- يعني ته ”منهاج الدين والملڪ، الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين الملڪ“. (2) مگر هڪ ته خود انهيءَ ڊگهي لقب جي انوکي ساخت ۽ سٽاء به، معنوي لحاظ سان، شڪ گاڏئين آهي، ۽ ٻيو ته وري فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ ڪاتبن جي غلطين سبب يا خود مترجم جي مختلف عبارتن سبب، هن ڊگهي لقب کي ”سما ِّ الدين والملڪ، الحضرة الصدر الا جل العالم عين الملڪ“ به پڙهي سگهجي ٿو، ته وري ان ۾ ”عين الملڪ“ واري فقري کي ”علا ِّ الملڪ“ به پڙهي سگهجي ٿو.(1)

ظاهر آهي ته مترجم علي ڪوفي بعد، ٻين ماڻهن جن سندس فارسي ترجمي جا قلمي نسخا پڙهيا هوندا انهن کي به هن ڊگهي ۽ مبهم لقب سان ڪتاب کي ياد ڪرڻ ۾ آساني نه ٿي هوندي. اهوئي سبب آهي جو ”طبقات اڪبري“ (تصنيف 1002 هه) جي مصنف (جنهن جو حوالو آڳاٽي ۾ آڳاٽو آهي) توڙي ان بعد ”زبدة التواريخ“ (تصنيف سنه 1024-1025 هه) جي مصنف، هن ڪتاب کي علي ڪوفي جي ان ڊگهي ”لقب“ جي بدارن هڪ مختصر نالي ”منهاج المسالڪ“ سان ياد ڪيو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن مترجم علي ڪوفي پنهنجي ايجاد ڪيل انهيءَ ڊگهي لقب کي پنهنجي ترجمي جي شروع واري ديباچي ۾ بيان ڪري ها ته پويان پڙهندڙ ان کي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهن ها، ۽ پوءِ کڻي ڪتاب کي ”منهاج الدين“ يا ”منهاج المسالڪ“ جهڙن مختصر نالن سان سڏين ها ته به متفق طور ”منهاج“ لفظ هن ترجمي جي نالي جو پڪو پايو بنجي وڃي ها. پر جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، علي ڪوفي کي پنهنجي ترجمي لاءِ موزون لقب چونڊڻ جي دير سان يادگيري آئي ۽ اهو لقب ڪتاب جي آخر ۾ بيان ڪيائين. انهيءَ ڪري پوين پڙهندڙن کي ديباچي ۾ ڪتاب جو ڪوبه نالو نظر ڪونه آيو، ۽ شروع واري تاريخي باب ۾ چچ بابت ڏنل ڊگهي بيان ۽ چچ جي حرفت ۽ هوشياري کان متاثر ٿي، ”شاهنامه“ ۽ ”سڪندر نامه“ جي مناسبت سان، هن ڪتاب کي ”چچنامه“ سڏيائون. ڀانئجي ٿو ته ڪتاب جو اهو مصنوعي نالو ڪافي آڳاٽي وقت کان مشهور ٿيو، ڇاڪاڻ ته ”طبقات اڪبري“، جو سنه 1002 هه ۾ تصنيف ٿيو، ۽ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو موجود ڪتاب آهي، جنهن ۾ فتحنامي جو ذڪر ملي ٿو، تنهن جا ان متعلق هي لفظ آهن ته: ”تاريخ منهاج المسالک که مشهور به چچ نامه است“.(1) ان جي معنيٰ ته گهٽ ۾ گهٽ 1002 هه کان گهڻو اڳ علي ڪوفي جو هيءُ فارسي ترجمو ”چچنامه“ جي غلط مگر آسان نالي سان مشهور ٿي چڪو هو. ”طبقات اڪبري“ بعد ”بيگلارنامه“،  جو سنه 1017 هه جي تصنيف آهي، ان ۾ به هن ترجمي کي ”ڪتاب چچنامه“ جي عام نالي سان سڏيو ويو آهي.(2) خود فتحنامي جي سڀني موجوده قلمي نسخن ۾ سڀ کان آڳاٽو قلمي نسخو، جو شوال سنه 1061 هه ۾ لکيو ويو ۽ جو پنجاب يونيورسٽي لئبرري ۾ محفوظ آهي، ان جي سرورق تي به هيءَ عبارت لکيل آهي: ”اين تاريخ فتح سنداست متعلق چچنامه خوانداست محمد بن قاسم خويش حجاج“.(3) هن مبهم عبارت ۾ پڻ ”چچنامه“ جو نالو موجود آهي. انهن حوالن مان ظاهر آهي ته 11- صدي هجريءَ جي شروع کان هيءُ ڪتاب ”چچنامه“ جي عام نالي سان سڏجڻ لڳو، بلڪ ان کان به اڳ انهيءَ نالي سان مشهور ٿي چڪو هو. ان وقت کان اڄ تائين اهو ڪتاب انهيءَ نالي سان مشهور رهيو آهي، حالانڪ علمي طور انهيءَ نالي کي متفق طور استعمال ڪونه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي قلمي نسخي ن ۾ (جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو) جو سنه 1232هه جو لکيل آهي، ان ۾ ڪتاب جو نالو ”مهناج الدين معروف به چچنامه“ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻئي نسخي ڪ ۾ (جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو). جو سنه  1288هه جو لکيل آهي، ان ۾ ڪتاب جو نالو ”تاريخ قاسمي“ يا ”چچنامه“ لکيل آهي.

بهرحال ڪتاب جي اصل عربي نالي جو نشان نه ملڻ، خود اصل فارسي نالي جو مبهم هئڻ، ۽ آساني خاطر ٻين بدليل ۽ غلط نالن جي رائج ٿيڻ جو وڏو سبب مترجم علي ڪوفي جي اصل ڪتاب متعلق بي احتياطي ۽ پنهنجي ڪيل ڦيرگهير آهي. هيٺ اسان انهيءَ اهم مسئلي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

(1)  مثلاً، فارسي متن ۾ صفحي ]103[ تي هيءُ الفاظ آهن: حکما ِّ دوربين و بزرگان برگزين از ابوالحسن روايت کردند ”صفحي ]157[ تي“ از ابوالحسن مدائني روايت کردند ”جا الفاظ آندل آهن، ۽ صفحي ]164[ تي ”در احاديث مي آرند از (علي بن) محمد ابي الحسن المدائني“ جا الفاظ آندل آهن.
(2)  ڏسو آخر ۾ ص 344، حاشيه ]248/236[
(1)  ڏسو مٿي مقدمه ص 3. اليٽ (( Elliot ”هٿ اکرين لکيل“ مان مراد ”تصنيف ڪيل“ وٺڻ ٿو گهري (ڏسو تاريخ ”اليٽ جلد 1“، ص 134) مگر اهڙي گمان لاءِ ڪابه ثابتي موجود ڪانهي. جيڪڏهن هيءُ ڪتاب قاضي اسماعيل جي وڏن مان ڪنهن جو تصنيف ڪيل هجي ها ته هو اهڙي  خبر علي ڪوفي کي ٻڌائي ها.
(1)  ڏسو ايلفنسٽن جي انگريزي ۾ لکيل ”هندستان جي تاريخ“، ڇاپو پنجون، لنڊن 1866ع، ص 311 حاشيه 31.
(2)  اليٽ جي تاريخ جلد 1 ، ص 131.
(3)  ”فتحنامه سند المعروف به چچنامه“، تصحيح ڊاڪٽر دائود پوٽه، مقدمه، ص ”يو“ .
(1)  پهريون ته هن حوالي ۾ مصنف جو نالو ”المديني“ آهي ۽ نه ”المدائني“ ۽ انهيءَ ڪري مذڪور ڪتاب ”فتوح الهند و السند“ جو مصنف ”المديني“ هو ۽ نه ”المدائني“. جيئن ته فتحنامي ۾ ”المديني“ نالي شخص جو ايترو ذڪر ناهي، انهيءَ ڪري ”فتوح الهند و السند“  يقيني طور بالڪل هڪ ٻيو الڳ ڪتاب هو. خود ياقوت پنهنجي ٻئي ڪتاب ”معجم الادباءَ“ ۾ المدائني جي تصنيفن جا نالا ابن نديم جي ڪتاب الفهرست تان نقل ڪري ڏنا آهن، مگر نڪي ياقوت جي انهن نقل ڪيل نالن ۾ ۽ نڪي ابن نديم جي اصل ڪتاب ۾ مدائني جي ڪتاب ”فتوح الهند و السند“ جو ذڪر آهي. ٻيو ته جيڪڏهن فرض ڪجي ته هن حوالي ۾ صورتخطي جي غلطي سبب ”المديني“ لکجي ويو آهي ۽ دراصل اهو صحيح نالو ”المدائني“ آهي ته به ”فتوح الهند و السند“ واري فقري مان لازمي طور مراد ڪو خاص ڪتاب وٺي نٿو سگهجي. بلڪ اهو اشارو مجموعي طور المدائني جي ڪتابن ”ڪتاب فتح مڪران“، ”ڪتاب ثغرالهند“ ۽ ”ڪتاب عامل الهند“ ڏانهن ٿي سگهي ٿو جن ۾ هند ۽ سنڌ جي ٻين فتحن جو ذڪر هو.
(2)  فتحنامي ص 259
(1)  ڏسو حاشيه (1) ص 259 ۽ آخر ۾ ص 362 تي ڏنل حاشيه 259/]247[
(1)  طبقات اڪبري، جلد 3 ص 506
(2)  بيگلارنامـہ، نسخه قلمي مڪتبـہ عاليـہ هزهائينس مير نور محمد خان مرحوم حيدرآباد سنڌ.
(3) هن ساڳئي سرورق جي چوٽي تي کٻي طرف ”فتح نامه ابا مسلم“ جا الفاظ لکيل آهن ۽ ان بعد مٿين ڄاڻايل عبارت آهي، ان جي هيٺان وري هيءَ ناقص عبارت آهي: ”ابن قصه ابا مسلم مروذي که جنگ کرده باشد….. مروروذ….. وکشتن او، درين ڪتاب تمام مذکور شد…. فتحنامه اين….. مروروذ و حافط محمد ظهور الدين“. هن عبارت جو سلسلو وري نسخي جي بالڪل پوئين صفحي تي پٺيان شروع ٿئي ٿو، جنهن جو تعلق ابو مسلم مروروذي (خراساني) ۽ خراسان جي گورنر نصر بن سيار جي لڙائي سان آهي، مگر انهيءَ سڄي عبارت جو هن نسخي جي اندروني مواد سان ڪوبه تعلق ڪونهي.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :7
مترجم علي ڪوفي ۽ سندس فارسي ترجمو

مترجم: خود مترجم بابت اسان کي صرف اهي ئي محدود واقعا ملن ٿا، جي هن پاڻ پنهنجي متعلق پنهنجي فارسي ترجمي جي ديباچي ۾ ۽ وري ڪتاب جي آخر ۾ ڏنا آهن.

پنهنجو سڄو نالو ”علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“(1) ڄاڻايو اٿس (ص 56). سنه 613هه ۾ سندس عمر 58 ورهيه هئي (ص 56)، جنهن جي معنيٰ  ته هو تقريباً 555هه ۾ ڄائو. سندس نسبت ”ڪوفي“ مان گمان نڪري ٿو ته شايد هو ڪوفي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو. سندس بيان موجب هو جڏهن ”پنهنجي عمر جو هڪ عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو ۽ ڪميني دنيا مان وڏو نصيب ۽ مڪمل حصو کڻي چڪو، تڏهن حادثن جي مصيبتن ۽ زماني جي اوچتين آفتن کان ]جبور ٿي[ پنهنجي اصلوڪي وطن ۽ پيدائش جي جڳهه کان جدا ٿي ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين“ (ص 57). هن مان ظاهر آهي ته سندس اوائلي زندگي ڪافي آرام ۽ شان سان گذري، ۽ زندگي ۾ ”مڪمل“ ڪاميابي واري فقره مان گمان نڪري ٿو ته شايد هو جواني بعد، يعني اندازاً چاليهن ورهين جي ڄمار کان پوءِ، پنهنجي اصلي وطن (ڪوفي؟) مان مجبوراً هجرت ڪري آخر ”ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين“ (ص 57). ان وقت اتي جي حڪومت سنڌ ۽ ملتان جـــــي سلطان ناصرالدين قباچه (602-625هه) جي هٿ ۾ هئي جو هڪ بهادر، بيدار مغز ۽ علم پرور سلطان هو، ۽ مغلن جي فتني سبب خراسان، غور ۽ غزنه جي فاضلن ۽ عالمن اچي سندس درٻار ۾ اَجهو ورتو هو ۽ سلطان مڙني سان مهربانيون ڪيون. سندس وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر پڻ هڪ وڏو علم دوست ۽ عالمن جو قدردان هو. وزير شرف الملڪ، علي ڪوفي جي وڏي عزت ڪئي ۽ کيس دل کولي نوازيو، ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪي ئي سال سندس ”مهرباني جي پاڇي“ ۾ رهيو ۽ سندس ”احسان تي پلجي“ آرام ورتائين (ص 58). وزير شرف الملڪ بعد سندس اولاد به کيس نعمتن سان نوازيو، جو پاڻ لکي ٿو ته ”سندس اولاد…… جي نعمت جا حق تنهنجي گردن تي لازم آهن.“ (ص 58).

فتحنامه جي ديباچي مان ظاهر آهي ته علي ڪوفي هڪ ديندار شخص هو. ص 9 تي سلطان ناصرالدين قباچه بابت سندس دعائيه شعر ۽ ص 60 تي ڏنل قطعه ڏيکارين ٿا ته هو هڪ چڱو خاصو شاعر هو. فتحنامي جو ترجمو سندس سادي فارسي نثر ۽ مؤثر اسلوب بيان جي ساک ڀري ٿو، ۽ پڻ اسلامي تاريخ سان سندس خاص دلچسپي ثابت ڪري ٿو. غالباً انهن علمي ۽ ادبي لياقتن سبب ئي سلطان ناصرالدين ۽ سندس قابل وزيرن جي دربار ۾ علي ڪوفي کي مقبوليت حاصل ٿي. مگر سنه 613هه ۾ جڏهن سندس عمر اٺونجاهه ورهيه هئي، سندس بخت ڦيرو کاڌو ۽ خوشي خاڪ ٿي وئي. انهيءَ ڪري ٻيا سڀ آسانگا پلي تصنيف ۽ تاليف طرف توجهه ڪيائين ۽ هندستان جي اوائلي اسلامي فتحن بابت ڪتاب جي ڳولا ۾ اُچ مان اروڙ جو سفر اختيار ڪيائين، جتي مولانا امام قاضي اسماعيل سان ملاقات ٿيس. قاضي اسماعيل کيس اوائلي اسلامي فتحن جي تاريخ متعلق هڪ عربي ڪتاب ڏيکاريو جو قاضي صاحب جي ”ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين“ لکيل هو ۽ جو سندس خاندان ۾ هڪٻئي کان ميراث طور رهندو پئي آيو (ص 57). علي ڪوفي هن ڪتاب کي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان ترجمي کي پنهنجي مرحوم مربي وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر جي زنده فرزند عين الملڪ فخرالدين حسين جي نام نامي اسم گرامي سان منسوب ڪيو (ص 58-59). غالباً وزير عين الملڪ کانئس منهن موڙيو هو ۽ انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي انتساب ذريعي سندس رضامندو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين: ”جيئن هن کوٽي وٿ جي وسيلي آساني سان درجا حاصل ڪري سگهي، ۽ بلند درگاهه ۾ ويجهڙائي حاصل ٿئي ۽ قبوليت جي اقبال سان مشرف ٿئي.“ (ص 20).

علي ڪوفي جو اهوئي ترجمو ٿيل ڪتاب ”فتحنامه“، جو هن وقت ”چچنامه“ جي نالي سان سڏجي ٿو، اسان تائين پهتو آهي. اهو معلوم نه آهي ته ان تاليف بعد علي ڪوفي ڪيترو وقت زنده رهيو ۽ ٻيا ڪهڙا ڪتاب لکيائين. پر جيئن ته هن باقي عمر لاءِ تصنيف ۽ تاليف کي ئي پنهنجو خاص مشغلو بنايو هو، انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن ٻيا به ڪي ڪتاب لکيا هجن. هن پوئين دؤر جي هڪ مصنف سيد
محب الله پنهنجي مختصر ”تاريخ سنڌ“ ۾ علي ڪوفي جي ٻن ٻين ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، پر سندس نالو غلطيءَ وچان ”علي بن ابراهيم ڪوفي“ ڪري ڄاڻايو اٿس. تاريخ جي ”حصي دوم“ (”در تفصيل امصار و بلاد و حصار و قصبات سنده و وجـہ سميہ و لغة آنها“) ۾ حيدرآباد توڙي ماٿيلي جي بنياد بابت ڪتاب ”تنقيح الاسناد“ جون عبارتون اختصار سان نقل ڪيون اٿس ۽ شهر ميرپور (لڳ ماٿيلي) بابت پڻ ساڳئي ڪتاب مان نقل ڪرڻ بعد لکيو اٿس ته: ”انتهيٰ ترجمه نقيح الاسناد في تشريح الامصار و البلاد“ تصنيف علي بن ابراهيم الکوفي صاحب چچنامه“. وري ڪتاب جي ”حصه سوم“ (”بقية ذيل الاوراق در تشريح ذوات سنده“) ۾ ذات ”ڪلتاس“ بابت لکي ٿو ته ”صاحب کتاب الانساب علي بن ابراهيم الکوفي ميگويد که کلتاس نام مردي بود از مغول که حالا کلتاسيان منسوب باواند.“ ڪتاب جي حصه ”هارم“ (”تتمه خاتمه در تشريح بعضي اماکن و جبال مشهور وغيره“) ۾ ”تهان ستي“ (ستين جو ٿان) بابت پڻ ساڳئي ”ڪتاب الانساب“ مان عبارت نقل ٿيل آهي، جنهن جي آخر ۾ آهي ته: ”انتهيٰ خلاصة عبارت سيد علي اصغر تتوي.“ جنهن جي معنيٰ ته دراصل سيد علي اصغر ٺٽوي ”ڪتاب الانساب“ جو حوالو پنهنجي ڪتاب ۾ آندو هو ۽ سيد محب الله اها عبارت نقل ڪئي آهي. سيد محب الله پنهنجي ڪتاب ۾ هيٺين ماخذن جا نالا ڏنا آهن: چچنامه، تحفة الکرام، تاريخ طاهري، جمع الجوامع، طبقات بهادر شاهي، تاريخ بي بدل، رساله سيد علي اصغر تتوي الملقب به خاڪسار ۽  تاريخ سيوستاني. علي ڪوفي جي ڪتابن جو ذڪر ماخذ طور ڪونه ڪيو اٿس، جو غالباً علي ڪوفي جا ڪتاب وٽس ڪين هئا، پر جن ڪتابن مان نقل ڪيائين تن ۾ علي ڪوفي جي ٻن ڪتابن جا حوالا موجود هئا. تنهن ڪري علي ڪوفي جي ”ڪتاب الانساب“ جو حوالو ”رساله سيد علي اصغر ٺٽوي“ جي عبارت ذريعي نقل ٿيل آهي ۽ ٻئي ”ڪتاب تنقيح الاسناد في تشريح الامصار والبلاد“ جو حوالو به غالباً هن ساڳئي رسالي، يا تاريخ سيوستاني تان ورتل آهي، جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل نه آهي ۽ ائين پيو معلوم ٿئي جو ڄڻ ته اهو ڪتاب خود سيد محب الله جي آڏو موجود هو.

بهرحال علي ڪوفي جي انهن ٻن ڪتابن جا اهي انوکا ۽ مبهم مگر دلچسپ حوالا ڏيکارين ٿا ته علي ڪوفي پنهنجي باقي زندگي تصنيف ۽ تاليف ۾ صرف ڪئي ۽ ”فتحنامه“ وارو فارسي ترجمو ئي سندس تصنيفات ۾ سڀ کان مشهور ٿيو.

فارسي ترجمي تي تنقيدي نظر: اصل عربي ڪتاب جي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ هيءُ معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته مترجم علي ڪوفي سندس هن فارسي ترجمي ۾ پنهنجي طرفان ڪهڙا اضافا ڪيا آهن يا ڪهڙيون ترميمون ڪيون.

مترجم ”مخلص ڪتاب“ يعني ڪتاب جي خاتمي واري عنوان هيٺ، هن ڪتاب کي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي واضح ڪندي لکي ٿو ته:

”اگرچ عربي زبان ۽ حجازي لئي ۾ وڏو درجو هوس….. ليڪن جنهن صورت ۾ حجازي پرده ۾ (ڍڪيل) هو ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهنڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو. ايران جي ڪنهن به سينگاريندڙ، نه هن فتحنامي جي ڪنوار کي سينگاريو هو، ۽ نڪي زبان جي سينگارخاني ۽ حڪمتن جي بجڪي (بغچه) مان هن کي ڪو وڳو ڍڪايو هو: نه عقل جي خزاني مان ڪو زيور پهرايو هو، ۽ نه وري فصاحت جي ميدان ۽ بلاغت جي باغيچن مان هن ميدان ۾ گهوڙو ڊوڙايو هو.“ ص (259).

مترجم جا مٿيان لفظ ”فارسي ترجمي“ بابت سندس خيالن جي ترجماني ڪن ٿا. سندس خيال موجب: (1) ايراني مصنفن جي طرز موجب ان کي سينگارڻ، (2) زبان جي رنگيني سان ان کي چمڪائڻ، (3) دانائي ۽ عقل جو زيور پهرائڻ يعني ته ضرورت مطابق تشريح ڪرڻ ۽ نتيجا ڪڍڻ، ۽ (4) اسلوب بيان کي  فصاحت ۽ بلاغت جي سانچي ۾ سموهڻ، اهي جملي ضرورتون هن ”فارسي ترجمي“ ۾ درڪار هيون. مترجم جي انهيءَ نظريي جو عڪس سندس هن ڪيل فارسي ترجمي ۾ جابجا نظر اچي ٿو ۽ سندس هن انهيءَ نطريي کي سمجهڻ سان سندس طرفان ڪيل اضافن۽ ترميمن جو به پتو لڳائي سگهجي ٿو.

شروع ۾ پهرين ويهن صفحن (61-50) ۾ ڪتاب جــو ديباچو، ۽ آخر ۾ ”دعا ِّ مخلص ڪتاب“ (ص 259-258) وارا عنوان ته ظاهراً مترجم طرفان آهن، جن کي شامل ڪرڻ ۾ هو بلڪل حق بجانب آهي. پر انهن کانسواءِ به ٻيا ڪافي اضافا آهن، جي مترجم جي مٿي ڏيکاريل نظريي جي زير اثر ڪتاب جي متن جو جز بنجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ هيٺيان اضافا غور طلب آهن:

(1) عورتن جا قصا ۽ عشقيه افسانا:  ”فتحنامه“ ۾ جو خالص تاريخي مواد، واقعن ۽ فتحن جي ذڪر جي صورت ۾ موجود آهي، ان جي تسلسل خواه تفصيل تي معتبر عرب تاريخون شاهد آهن، ان کان سواءِ خود فارسي عبارت جي جملن جي سٽا ِّ ۽ ساخت ظاهر ڪن ٿا ته اهو اصل عربي متن تان ترجمو ٿيل آهي. انهيءَ خالص تاريخي مواد جي برعڪس جو حڪايتي ۽ روايتي مواد آهي تنهن جي فارسي عبارت ئي ڏيکاري ٿي ته اهو مواد اصل عرب مؤرخن جو نه آهي، ڇاڪاڻ جو نه ان ۾ خالص تاريخي حقيقتن بابت بحث آهي ۽ نڪي وري ان  ۾ انهن آڳاٽن عرب مؤرخن جي اسلوب بيان وارو ايجاز ۽ اختصار آهي.

اسان مٿي چئي آيا آهيون ته اهو حڪايتي مواد اڪثر مقامي روايتن تي ٻڌل آهي، ۽ شايد اروڙ ۽ بکر جي عربي النسل قاضين جي ڪوشش سان ان کي گڏ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو هجي. انهيءَ مواد ذريعي فارسي مترجم علي ڪوفي کي هن ڪنوار کي سينگارڻ لاءِ ميدان ملي ويو، ۽ جتي جتي عورتن بابت اشارا هئا تن کي هن پنهنجي ترجمي ۾ فارسي وارو افسانوي ۽ روماني رنگ ڏيئي بنائي ٺاهي پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح راڻي سونهن ديوي ۽ چچ جو عشق (ص 68-66)، ڏاهر جي ڀيڻ ”مايين“ ۽ سوڀن راءَ ڀاٽيه جي مڱڻي جو قصو (ص 95-92)، ڏاهر جي زال ”لاڏي“ ۽ محمد بن قاسم جي شادي جو قصو (ص 123 ۽ 201)، ڏاهر جي ڀاڻيجي ”جمنا“ ۽ سندس نڪاح جي حڪايت (ص 210)، جيسينه سان ڪيرج جي راجا دروهر جي ڀيڻ ”چڱي“ جي محبت جو داستان (ص 246-240) ۽ آخر ۾ ڏاهر جي ٻن ڌيئرن، محمد بن قاسم ۽ خليفي وليد وارو قصو (ص 258-256)، انهن مڙني قصن کي افسانوي رنگ ڏيئي، مرچ مصالح ڳنڍي، نوڙيءَ مان نانگ بنائي پيش ڪرڻ ۾ فارسي مترجم علي ڪوفي جو غالباً وڏو هٿ آهي. اهو سندس روماني تخيل جو نتيجو آهي جو راڻي سونهن ديوي فارسي شعر ۾ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿي (ص 66)، ۽  پڻ ”ڪيرج“ جي حاڪم دروهر جي ڀيڻ ”چڱي“ جيسينه جي عشق جي آڳ ۾ پچي ۽ پڄري ٿي ۽ بستري تي ليٽندي فارسي رباعي جهونگاري ٿي (ص 242). مطلب ته اصل متن ۾ انهن ڳالهين بابت جي ڪو اشارو هو ته ان کي ڇڪي افسانو بنايائين. سندس اهو وڌاءُ صرف عشقيه حڪايتن تائين محدود نه رهيو بلڪ جتي به گنجائش ڏٺائين، اتي ڳالهه کي وڌايائين. ص236 تي اروڙ جي جادو گرياڻي واري ڳالهه محض هڪ اجائي ڊيگهه آهي، ۽ ص 240-239 تي برهمڻ سپاهي ۽ محمد بن قاسم جي ڳالهه به سندس هن وڌاءُ  جو ٻيو مثال آهي جنهن ۾ اروڙ جو برهمڻ سپاهي فارسي شعر پڙهي ٿو!!

(2) عبارت آرائي: مترجم، ترجمي متعلق ”عبارت جي هار“ (ص 58) ۽ ”زبان جي سينگار خانه“ (ص 259) جي خصوصيتن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان مطابق پنهنجي هن ترجمي ۾ پڻ محض عبارت آرائي ۽ رنگين بياني خاطر ڪي اضافا ڪيا اٿس جن جو نفس مضمون سان ڪوبه تعلق ڪونهي.

انهن اضافن مان هڪ ته (غالباً سندس پنهنجا) اهي فارسي شعر آهن جي ڪنهن نه ڪنهن زال يا مرد جي واتان چوايا اٿس (جن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي) يا موقعي جي مناسبت سان آندا اٿس، مثلاً ص 240 تي هڪ فارسي رباعي واعدي وفائي جي اصول جي تصديق خاطر، ۽ ص 248 تي شاعر ابوالفتح بستي جي هڪ عربي قصيده(1)  جو بيت صلاح مشوري جي حڪمت عملي بابت، شاهد طور آندا اٿس.

ٻيو ته اسلوب بيان جي رنگيني خاطر سڌي سنئين ڳالهه کي تڪلف ۽ تصنع سان ادا ڪيو اٿس، جنهن جو مثال هيٺيون بار بار آيل عبارتون آهن جن جي سنئين سڌي لفظن ۾ معنيٰ آهي ته ”سج لٿو“ ”صبوح ٿيو“ يا ”سج اڀريو“:

ص 76: جڏهن دنيا ڪاري گودڙي ڍڪي ۽ ستارن جو بادشاهه رات جي ڪارنهن واري چادر ۾ لڪي ويو.

ص 144: ٻئي ڏينهن جڏهن صبح صادق اونداهيءَ جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو.

ص 147: جڏهن رات جو سرمائي پردو ستارن جي بادشاهه (سج) جي روشنائيءَ جي چوڪ سان ڦاٽي پيو.

ص 190: ٻئي ڏينهن جڏهن صبوح (پنهنجو) جهان کي سينگاريندڙ ۽ دل کي وڻندڙ حسن، مشرق جي طرف کي ڏيکاريو.

ص 212: جڏهن صبح صادق انڌاري رات جي پردي مان ٻاهر نڪتو.

ص 243: ٻئي ڏينهن جڏهين ستارن جو بادشاه (سج) آسمانن جي برجن مان نڪتو ۽ سرمائي پردو ڦاڙي ڦٽو ڪيائين.

ص 255: ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) رات جي پردي مان ظاهر ٿيو.

(3) لقبن جا اضافا: مترجم جي ڏينهن ۾ بادشاهن، بزرگن جي شان ۽ شوڪت خاطر فخريه لقبن جو استعمال عام ٿي چڪو هو. ”شهاب الدين“ ۽ ”معزالدين“ ٻيئي سلطان محمد بن سام غوري جا شاهي لقب هئا. کانئس پوءِ سلطان ”ناصرالدين“ قباچه جي حڪومت ۾ مترجم علي ڪوفي اُچ ۾ آيو. سلطان ناصرالدين جي وزير ابوبڪر جو لقب ”رضي الدين“ هو، جو علي ڪوفي جو وڏو مربي هو. ان بعد وزير ابوبڪر جو پٽ حسين ”فخرالدين“ جي لقب سان وزير ٿيو، جنهن ڏانهن علي ڪوفي پنهنجو فارسي ترجمو منسوب ڪيو. وقت جي انهيءَ رواج موجب علي ڪوفي به پنهنجي ترجمي ۾ اڳين بزرگن ۽ اميرن جي نالن اڳيان اهڙن لقبن جو اضافو ڪيو، مثلاً پنهنجي متن ۾(1) ص ]12[ /58 تي نبي ﷺ جي ساٿي ابوموسيٰ الاشعري رضه کي ”ڪريم الدين، وجيہ العرب، نظام الملة و قوام الملة“ جي لقبن سان ياد ڪيو اٿس، حالانڪ ان وقت ۾ اهڙن لقبن جو نالو نشان به ڪونه هو. ساڳيءَ طرح ص ]9[/56 تي محمد بن قاسم کي ”عمادالدولة و الدين“ جو لقب ڏنو اٿس، ٻين پنجن جاين(1) تي محض ”عمادالدين“ تي اڪتفا ڪئي اٿس، ۽ ص ]127[ /152 تي وري کيس ”ڪريم الدين“ جو لقب ڏنو اٿس. اسان ص 261 تي ڏنل حاشيي ۾ وضاحت ڪئي آهي ته محمد بن قاسم انهن لقبن کان آجو هو ۽ محض سندس ڪنيـت ”ابوالبهار“ هو. ص ]235[ /246 تي اروڙ جي قاضي موسيٰ لاء ”برهان الملة والدين“ جو لقب آندو اٿس ۽ سندس اولاد مان پنهنجي همعصر قاضي اسماعيل کي وري ص] 9[ تي ”ڪمال الملة والدين“ جو لقب ڏنو اٿس. نه فقط ماڻهن لاءِ پر پنهنجي هن فارسي ترجمي لاءِ به ص ]247[ /259 تي ”منهاج الدين…الخ“ جو لقب تجويز ڪيو اٿس. مطلب ته اهي لقبن وارا اضافا محض سندس ”زبان جي سينگار خانه“ جون سوکڙيون آهن ورنه انهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي.

(4)  تشريحي اضافا: ترجمي ڪرڻ وقت اصل عربي متن ۾ آيل ڪن شهرن يا مڪانن جي نالن کي مترجم مختصر الفاظن ۾ سمجهايو آهي ته اهي سندس وقت ۾ ڪٿي هئا يا ڪهڙا هئا. مثلاً:

ص 88/ ]49[: چچ، مڪران ۽ ڪرمان جي وچ ۾ حد مقرر ڪئي. انهيءَ حد جي وڌيڪ وضاحت لاءِ چيو ويو آهي ته ”اها ساڳي حد اسان جي هن وقت تائين قائم آهي.“ اهي لفظ ظاهراً مترجم جا آهن ۽ محض گماني آهن.

ص [49]/88: هت شهر ”قندابيل“ جي وضاحت ۾ ڄاڻايل آهي ته ”قندابيل يعني قندهار.“ ”يعني قندهار“  وارو فقرو ظاهراً مترجم جي طرفان آهي جو صحيح نه آهي. قندابيل مان مراد ”گنداوا“ آهي جنهن بابت اسان ص 416 تي ڏنل حاشيي ۾ روشني وڌي آهي.

(1)  اصل فارسي عبارت هن طرح آهي: ”بنده دولت محمدي علي بن محمد بن ابي بڪر ڪوفي، ص  ]8[ . ڪتاب جي قلمي نسخن ۾ ڪن صاحبن غلطي وچان لفظ ”محمدي“ کي ”محمد“ يا ”محمد بن“ ڪري پڙهيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ”اليٽ“ (جلد 1 ص 131)  توڙي ”ايٿي“ (فهرست انڊيا آفيس لئبرري No: 435) مؤلف جو نالو ”محمد علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“ ڪري لکيو آهي، ۽ ”ريو“ (فهرست متحف برطانيه جلد 1، ص 290) وري ”محمد بن علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“ ڪري ڄاڻايو آهي، حالانڪ فارسي متن ۾ ٽن ٻين جاين تي مؤلف پنهنجو ذاتي نالو صاف طور ”علي“ ڪري لکيو آهي- ڏسو ص [8]/56 ، 58/]11[  ۽ 60/ ]13[. روهڙيءَ جي سيد محب الله پنهنجي مختصر تاريخ سنڌ (فارسي قلمي نسخي) ۾ ٻه دفعا مؤلف جو نالو ”علي بن ابراهيم الڪوفي“ ڪري لکيو آهي، مگر خود مؤلف جي پنهنجي عبارت انهيءَ گمان جي ترديد ڪري ٿي.
(1) تصديق لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه، ص 344
(1)  هن ترجمي ۾ ڪي القاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ويا آهن انهيءَ ڪري تصديق لاءِ فارسي متن ڏسڻ گهرجي جنهن جا صفحا چورس ڏنگين ۾ ڏنل آهن
(1)  ڏسو ص ص ]93، 106، 141، 163 ۽ 244[ /123، 133، 164، 182، ۽ 256.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :8
ص 135[107]/: هن صفحي تي ”ڪارمتي“ ۽ ”ندمتي“ لفظن جي تشريح مترجم طرفان ڪيل آهي ۽ لکي ٿو ته: ”ڪارمتي يعني گل شور“ (کاري مٽي) ۽ ”ندمتي يعني گل سمين“ (چانديءَ جهڙي مٽي). سندس انهن فقرن تي ص 458 تي ڏنل حاشيي ۾ روشني وڌي وئي آهي.

ص 189/[171]: هت لفظ ”نيم نيزه“ جي تشريح ۾ لکي ٿو ته ”لوهو دستو جنهن کي سيل به چوندا آهن“ ۽ وري ص 195/ [178]: تي به ساڳي لفظ جي وضاحت ڪندي لکيو اٿس ته ”لوهه جا دستا جنهن کي هندو سيل چوندا آهن.“

ص 229/[217]: هن صفحي تي شهر برهمڻ آباد جي وضاحت ۾ چيل آهي ته  برهمڻ آباد يعني بابراه. ”يعني بابراه“ وارو فقرو مترجم طرفان آهي ۽ هن صحيح طور برهمڻ آباد جو مقامي نالو ”بابراه“ (يعني ٻانڀڻاه) ڏنو آهي جيئن ته اسان ص 336 تي ڏنل حاشيي ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي.

مٿيان جملي اضافا مترجم علي ڪوفي پنهنجي فارسي ترجمي ۾ رنگين بياني، عبارت آرائي، يا تشريح خاطر ڪيا آهن ۽ سندس نقطه نگاه کان هو ان ۾ حق بجانب آهي. البت انهن اضافن اصل صحيح ۽ معتبر عربي تاريخ جي ڪتاب کي افسانوي رنگ ڏنو آهي، ۽ ان جي قدر ۽ قيمت کي سطحي محققن جي نظر ۾ البت گهٽايو آهي. تنهن هوندي به گهري نظر سان مترجم جي انهن اضافن کي پرکي سگهجي ٿو ۽ ڪتاب جي اصليت کي پروڙي سگهجي ٿو.

انهن اضافن کان علاوه، مترجم علي ڪوفي کان ڪي ڪميون عمداً توڙي سهواً واقع ٿيون آهن جن جي تلافي مشڪل آهي. هيٺين ڪمين، خاص طور اصل عربي ڪتاب جي صحت تي وڏو اثر وڌو آهي:

(1) مترجم علي ڪوفي اصل ڪتاب جو نالو نه ڏنو ۽ ان جي بدلي پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ پر تڪلف نالو تجويز ڪيو. انهيءَ اصولي اوڻاين نه صرف اصل عربي ڪتاب جي نالي کي محو ڪري ڇڏيو بلڪ آئيندي لاءِ ان جي جڙتو نالن لاءِ ميدان کولي ڇڏيو، جنهن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي.

(2) مترجم، اصل عربي ڪتاب ۾ مختلف بيانن بابت راوين جي سـَـنـَـدن وارن سلسلن کي ڪيترن ئي جاين تي غير ضروري سمجهي ڇڏي ڏنو آهي ۽ راوين جي نالن ڏيڻ بدران محض ”راوين“ يا ”لکندڙن“  جهڙا مبهم لفظ ترجمي ۾ رکيا آهن، مثلاً:

ص 62        ڪتاب جي شروعات ۾ ئي راوين جا نالا حذف ڪري هنن مبهم لفظن سان شروع ڪري ٿو ته:  ”خبرن جي راوين ۽ تاريخ جي مصنفن هن طرح بيان ڪيو آهي- الخ“.

ص 72        ”هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو مصنف هن طرح روايت ٿو ڪري- الخ“ (چچ جي راڻيءَ سونهن ديوي سان شادي بابت).

ص 79        ”هن فتح جي ڳالهه لکندڙ هن طرح چيو آهي- الخ“ (چچ جو ڪشمير کان اروڙ ۾ واپس اچڻ بابت).

ص 105 ”هنن خبرن جي راوين ۽ هنن روايتن جي ڄاڻن هن طرح بيان ڪيو آهي- الخ“ (عهد اسلام ۾ فتحن جي شروعات بابت).

ص 107 ”هن روايت جي ڪن راوين ۽ هن داستان جي ڪن لکندڙن بيان ڪيو آهي- الخ“ (حضرت عثمان رضه جي ڏينهن ۾ فتحن بابت).

ص 123 ”خبرن ۾ تصرف ڪندڙ ۽ روايتن جا تفسير ڪندڙ هيئن ٿا چون-الخ“ (محمد بن قاسم جي سنڌ جي محاذ تي مقرري بابت).

ص 163 ”هن ڳالهه جي راوي چيو ته- الخ“ (علاقيءَ جي ڏاهر کي نصيحت بابت).

ص 190 ”هنن ڪنوارين (حڪايتن) جي سينگاريندڙن هن طرح روايت ڪئي آهي ته- الخ“ (10- رمضان تي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي جنگ بابت).

انهن حذف ڪيل سـَـنـَـدن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اسان جي فارسي مترجم کي تاريخي ســَـندَن جي اهميت جي پوري ڄاڻ نه هئي. ڀانئجي ٿو ته اصل سـَـنـَـدن ۾ ڏنل ٺيٺ عربي نالن کي ڪڍي، اجمالي طور مٿين سهڻن لفظن وارن جملن لکڻ سان مترجم ڪتاب جو زيب و زينت وڌائڻ ٿي گهريو. مٿين جاين مان ڪتاب جي شروعات،اسلامي فتحن جي شروعات وغيره اهڙا مقام آهن جن تي عربي تاريخ جي اصول موجب سندون تفصيل سان بيان ٿيل هونديون. غالباً مترجم اهي ســَـندَن جا خاص ڊگها سلسلا محض عبارت آرائي خاطر حذف ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻين جاين تي جتي هڪ يا ٻن راوين جا نالا آهن  ته اهي قائم رکيا اٿس. ممڪن آهي ته انهن مان ڪن جاين تي، خصوصاً اسلام کان اڳ وارن بيانن (مثلاً چچ جي راڻي سونهن ديوي سان شادي) لاءِ، ســَـندَن جا سلسلا نه به هجن، مگر عهد اسلام وارين ســَـندَن جي حذف هئڻ سبب اها پرک به مشڪل ٿي پئي آهي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ص 105 تي ”عهد اسلام ۾ فتحون“ واري اهم باب جي شروعات ســَـندَن  جي سلسلي کان خالي نه هوندي، ڇاڪاڻ ته بلاذري به هوبهو انهيءَ طرح شروعات ڪري، اهو بيان ”علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف“، يعني المدائني جو سڄو نالو آڻي سندس زباني بيان ڪيو آهي.

بهرحال ســَـندَن جا سلسلا ڇڏي ڏيڻ واري ڪمي هڪ وڏي اوڻائي آهي، جا مترجم کان واقع ٿي آهي. سندس انهن بالڪل مبهم ”روايتن“ سبب ڪتاب جي اصليت تي قدري پردو پئجي ويو آهي، ۽ محقق ۽ موضوع بيانن کي پرکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب جي شروعات واري روايت ۾ اصل مصنف جي نالي هجڻ جو پڻ گمان آهي، پر مترجم جي هن خالي عبارت آرائي سبب اها حقيقت پڻ محو ٿي وئي آهي.

(3) جتي ســَـندَن جا سلسلا قائم رکيا اٿس، اتي به معلوم ٿئي ٿو ته ســَـندَن کي مڪمل طور نه ڏنو اٿس، مثلاً هيٺيون ٻه روايتون غور طلب آهن:

1- ص 108: هذلي ڳالهه ڪئي آهي (حضرت علي رضه جي خلافت ۾ حارث بن مـُـره جي مڪران ۾ جنگ بابت).

2- ص 111: هن تاريخ جي سلجهائيندڙن، هذلي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کان روايت ڪئي آهي ۽ پنهنجي پيءُ کان ٻڌو (سنان بن سلمه جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

پهرينءَ روايت ۾ صرف ”هذلي“ جو نالو کنيو ويو آهي مگر جنهن کان ”هذلي“ هيءَ خبر ٻڌي يا جنهن کي ”هذلي“ هيءَ خبر ٻڌائي، تن ٻنهيءَ جا نالا روايت ۾ حذف ڪيا ويا آهن: يعني ته سـَـندَ جي سلسلي جو پهريون حصو حذف ڪيو ويو آهي. خود فتحنامي ۾ ڏنل هيٺين ٻن روايتن جي سـَـندَن جا سلسلا ثابت ڪن ٿا ته سنڌ جي روايتن جي سلسلي ۾ ”هذلي“ وچ واري ڪڙي آهي ۽ انهن روايتن ۾ کانئس اڳ توڙي پوءِ جي راوين جو هئڻ ضروري آهي.

ص 109: ابوالحسن، هذلي کان روايت ڪئي آهي ۽ هن مسلمة بن محارب بن زياد کان ٻڌو (عبدالله بن سوار جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

ص 112: ابوالحسن، هذلي کان ٻڌو ۽ انهي ”اسود“ کان روايت ڪئي (راشد  جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

هنن مثالن مان ظاهر آهي ته غالباً فارسي مترجم جي بي احتياطي سبب سـَـندن جا سلسلا ناقص رهجي ويا آهن، جنهن ڪري تحقيقي نقطهِّ نظر کان هڪ وڏي ڪمي پيدا ٿي پئي آهي. اهڙا مثال ٻيا به ڪافي آهن.

(4) ترجمي ڪرڻ وقت مترجم کان سهواً به ڪي اصل عربي عبارتون ڇڏجي ويون آهن، جنهنڪري ترجمي ۾ پڻ خلل ۽ خال رهجي ويا آهن. عبارتن جي صورتخطي واريون اوڻايون پوءِ جي ڪاتبن جي بي احتياطي يا اڻ ڄاڻائي سبب واقع ٿيون آهن، مگر کٽل عبارتون مترجم جي سهوَ جوئي نتيجو آهن ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي فارسي ترجمي وارن جملي قلمي نسخن ۾ اهي عبارتون کٽل آهن، مثلاً:

1- ص 112-111/ [81]: سنان بن سلمه ۽ احنف بن قيس وارو ذڪر

2- ص 146/ [221]: ڪاڪي ڪوتل جي خاندان جو ذڪر

3- ص 217/ [203]: علافي (يا جيسينه؟) جو ڪشمير ڏانهن وڃڻ وارو ذڪر

4- ص 229/ [217]: محمد بن قاسم، قتيبہ ۽ جهم بن زحر وارو ذڪر

5- ص 245[233]/: جيسينه جو ڪشمير ڏانهن وڃڻ وارو ذڪر

انهن ناقص عبارتن مان محض پهرئين ۽ چوٿين عبارت جي تصحيح مشڪل سان ٻين ڪتابن جي آڌار تي ٿي سگهي آهي مگر ٻين عبارتن جي تصحيح امڪان کان ٻاهر آهي. هن اهم تاريخي ڪتاب جا اهي خال ۽ خلل نهايت ئي قيمتي تاريخي معلومات تي دائمي حجاب آهن.

فارسي ترجمي جي اهميت: باوجود مترجم جي اوڻاين جي، سندس هن فارسي ترجمي جي تاريخي توڙي ادبي اهميت مسلم آهي. مترجم، اصل عربي ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ڪري اوائلي اسلامي- هندي تاريخ تي عموماً ۽ سنڌ جي تاريخ تي خصوصاً هڪ جوڏو احسان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اصل عربي ڪتاب جي غيرموجودگيءَ ۾ ”فتحنامه“ ئي انهيءَ آڳاٽي تاريخ جو اڪيلو سرچشمو آهي: نه فقط ايترو مگر غالباً هيءُ پهريون ڪتاب آهي جو سنڌ جي سرزمين ۾ سنڌ ۽ هند جي تاريخ بابت تيار ڪيو ويو. ان کان سواء ”فتحنامه“ انهن چند تاريخي ڪتابن مان آهي جي آڳاٽو عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيا. ”بلغمي“ پهريون شخص هو، جنهن 350 ۽ 360هه جي وچ ڌاري تاريخ طبري جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ”تاريخ سيستان“ ٻيو ڪتاب آهي، جنهن جو ڪافي مواد عربيءَ مان ترجمو ٿيل آهي، مگر اهو ڪتاب دراصل فارسيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو ويو: ان کان سواءِ صرف ان جو پهريون ڀاڱو ”فتحنامه“ کان اڳ سنه 445-448 هه ڌاري لکيو ويو، مگر ان جو ٻيو ڀاڱو ”فتحنامه“ بعد سنه 725 هه ڌاري تاليف ڪيو ويو.(1)  ٽيون ”ڪتاب الفتوح“ احمد بن اعثم ڪوفي خليفي هارون رشيد جي دؤر تائين فتحن بابت لکيو(2) ، جنهن جو فارسي ترجمو ”محمد بن احمد المستوفي“ الهروي سنه 596 هجريءَ ۾، يعني ته فتحنامي کان 17-18 سال اڳ ڪيو (3) ۽ جن حالتن ۾ هيءُ  ترجمو ڪيائين، اهي ذري گهٽ علي ڪوفي جهڙا هئا: يعني ته مترجم جو ضلع بوشنج ۾ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪرڻ، ۽ خراسان جي وزير مؤيدالملڪ قوام الدوله والدين افتخار اڪابر خوارزم و خراسان جو سندس مربي هئڻ. علي ڪوفي به ڄڻ ساڳين حالتن ۾ سندس نقش قدم تي هليو ۽ 17 سالن بعد 613هه ۾ ”فتحنامه“ ترجمو ڪيائين. بهرحال ”فتحنامه“ انهن چند تاريخي ڪتابن مان چوٿون نمبر آهي جي آڳاٽي وقت ۾ عربي مان فارسيءَ ۾ ترجما ٿيا.

ادبي نقطه ِّ نظر سان پڻ ”فتحنامه“ فارسي نثر جي بلڪل آڳاٽن ڪتابن مان آهي ۽ هندستان جي فارسي ادب ۾ غالباً فارسي نثر جو پهريون ڪتاب آهي. ان جو اسلوب بيان سادو ۽ سلوڻو آهي. عوفي پنهنجو ”لباب الالباب“ فتحنامه جي تاليف کان فقط ٽي- چار سال کن پوءِ سن 617 هه ڌاري لکيو ۽ ان کي سلطان ناصرالدين جي ساڳئي وزير عين الملڪ فخرالدين حسين جي نالي سان منسوب ڪيائين، جنهن جي نالي علي ڪوفي ”فتحنامه“ کي منسوب ڪيو. يعني ته عوفي توڙي علي ڪوفي ساڳئي دؤر جا آهن، مگر ”فتحنامه“ جي مقدمي کي ”لباب الالباب“ جي مقدمي سان ڀيٽ ڪندي واضح ٿئي ٿو ته عوفي جي اسلوب بيان ۾ ڪافي تڪلف ۽ تصنع آهي ۽ ان جي برعڪس علي ڪوفي جو اسلوب بيان وڌيڪ صاف، سادو ۽ پـُـراثر آهي.

فارسي ترجمي بعد ان جي اشاعت

علي ڪوفي سنه 613هه (1216ع) ۾ تصنيف ۽ تاليف ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ انهيءَ سال يا ٻئي سال ستت ئي ”فتحنامه“ وارو فارسي ترجمو تيار ڪيائين. جيئن ته اهو ترجمو سلطان ناصرالدين قباچه جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسين جي نالي منسوب ڪيائين، انهيءَ لاءِ ته سندس ”بلند درگاه ۾ ويجهڙائي حاصل ٿئي“، گمان غالب آهي ته علي ڪوفي پنهنجي ترجمي جو هڪ نسخو کڻي وڃي اُچ ۾ (جو سلطان ناصرالدين جي گاديءَ جو هنڌ هو) وزير عين الملڪ جي خدمت ۾ پيش ڪيو هوندو. ممڪن آهي ته هڪ نسخو اروڙ- بکر جي قاضين کي ڏنو هجيس، جن جي اصل عربي ڪتاب تان ”فتحنامه“ ترجمو ڪيو هئائين، ۽ اهڙو ڪو هڪ نسخو پاڻ وٽ به رکيو هجيس. مگر جيئن ته ترجمي وقت (سنه 613 هه) به سندس عمر 58 ورهيه هئي ۽ ان بعد ٻين مصنفن جي ڪتابن خواه سلطان ناصرالدين جي درٻار جي معزز درٻاري عالمن فاضلن ۾ سندس ذڪر نٿو ملي، انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته علي ڪوفي ان بعد ڪو گهڻو وقت جيئرو ڪونه رهيو ۽ انهيءَ ڪري فتحنامي جا قلمي نسخا به غالباً محدود ئي رهيا.

”فتحنامه“ جو جهوني ۾ جهونو قلمي نسخو جو هن وقت تائين دريافت ٿي چڪو آهي، سو سنه 1061 هه جو لکيل آهي ۽ پنجاب يونيورسٽي لئبرريءَ ۾ محفوظ آهي. باقي جملي نسخا 1230 هه کان پوءِ جا لکيل آهن.

تعجب آهي ته سنه 613 هه کان وٺي سنه 1061هه تائين، يعني ته تقريباً ساڍن چئن سوَن واري انهيءَ عرصي جو ڪوبه قلمي نسخو هن وقت تائين نه مليو آهي. البت سلطان فيروز شاه طرفان ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهرو جي لکيل خطن جي مجموعي ”منشات ماهرو“(1) ۾ هڪ اهڙو حوالو موجود آهي جو غالباً ”فتحنامه“ تان ورتل آهي. ”منشات ماهرو“ ۾ عين الملڪ طرفان سنڌ جي سمن حاڪمن ڄام ٻانڀڻي (بانهبنيہ) ۽ ڄام جوڻي ڏانهن لکيل خط موجود آهن، جي اندروني شهادتن جي بنياد تي، تقريباً 761-765 هه واري عرصي ۾ لکيل آهن. ڄام ٻانڀڻي سنڌ ۾ پنهنجي خود مختار حڪمراني قائم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ انهيءَ ڪري دهليءَ جي مرڪزي حڪومت جي مخالف ڪندو رهيو. انهيءَ ڪري عين الملڪ پنهنجي هڪ جوابي خط ۾ سندس مخالفت ۽ عهد شڪنيءَ جو ذڪر ڪندي کيس طعنو ڏنو آهي ته اها سنڌين جي قديم عادت آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ راجا ڏاهر جي ٻن ڌيئرن جي محمد بن قاسم خلاف سازش ۽ دغا واري ڳالهه مثال طور آندي اٿس. جيئن ته اها ڏند ڪٿا دراصل سواءِ فتحنامي جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل ڪانهي، انهيءَ ڪري گمان غالب آهي ته ”فتحنامه“ عين الملڪ ماهرو جي نظر مان گذريو هو ۽ شايد ڄام ٻانڀڻيـو به ان مان واقف هو، جو عين الملڪ ان حڪايت کي مشهور سمجهي ڏانهنس لکيل خط ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. بهرحال هن حوالي سان قدري تصديق ٿئي ٿي ته ڪتاب جي فارسي ترجمي (613هه) کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال پوءِ (761-765هه) به هن ترجمي جا قلمي نسخا ملتان توڙي سنڌ ۾ موجود هئا.

ان بعد وري تقريباً اڍائي سؤ سال پوءِ، يارهين صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري فتحنامي جي قلمي نسخن جي موجودگيءَ جو ثبوت ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته طبقات اڪبري (تصنيف سنه 1002هه)، تاريخ معصومي (تصنيف سنه 1009هه)،  تاريخ فرشته (تصنيف سنه 1015هه)، بيگلارنامه (تصنيف سنه 1017هه) ۽ زبدهِ التواريخ (تصنيف سن 1014-1025هه) جي مصنفن ان مان سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت واقعا نقل ڪيا آهن.

ان بعد وري سؤ سال کن پوءِ، ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾”تاريخ مفضلي“ (تصنيف سنه 1124-1131هه)(1) جي مؤلف مفضل خان، ۽ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ ”تحفته الڪرام“ (تصنيف 1182هه) جي مصنف مير علي شير قانع، فتحنامي مان سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ محمد بن قاسم جي فتحن بابت واقعا نقل ڪيا آهن.

فتحنامه جا ترجما: انهن آڳاٽن مؤرخن بعد موجوده عالمن ۽ مؤرخن گذريل صدي ۽ هن صديءَ ۾ ”فتحنامه“ جي ترجمن طرف توجهه ڏنو ۽ سڄي ڪتاب يا ان جي ڪن حصن جا انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ هيٺيان ترجما ڪيا:

(الف) ليفٽيننٽ ٽي.پوسٽنس (T.Postans) غالباً پهريون شخص هو، جنهن انگريزي زبان ۾ سنه 1838ع ۽ سنه 1841ع ۾ ”جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ ۾ هن ڪتاب جو مختصر ترجمو شايع ڪيو(2). اها شروعاتي ڪوشش هئي، انهيءَ ڪري پوسٽنس جو ترجمو ڪافي ناقص آهي(3).

(ب) ان بعد اليٽ، سڄي ڪتاب جا خاص تاريخي حصا ترجمو ڪيا(4). مگر ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن جي تحقيق ۾ سندس ترجمي ۾ پڻ نقص رهجي ويا، جن تي محقق هوڙي والا پنهنجي ڪتاب ”هندي- مسلم تاريخ بابت مطالعات“
(ص 80-100) ۾ تنقيدي روشني وڌي آهي.

(ج) ان بعد سنڌ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ پهريون دفعو سڄي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي پريس مان سنه 1900ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مرزا صاحب پنهنجي ترجمي جي تمهيد، مؤرخ 20-نومبر 1900ع ۾ لکي ٿو ته ”ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ مون کي ڪافي تڪليفون پيش آيون. منهنجي قلمي نسخي ۾ ايتريون ته چڪون ۽ خال هئا، جو مون کي ڪتاب جا جيترا ٿي سگهيا اوترا ٻيا قلمي نسخا هٿ ڪرڻا پيا. انهيءَ لاءِ ته پنهنجي نسخي کي انهن سان ڀيٽي غلطين جون درستيون ڪريان ۽ خالن کي ڀريان. مون کي حيدرآباد، ٺٽي، سکر ۽ شڪارپور مان دوستن جي مهربانيءَ سان 7 يا 8 نسخا هٿ آيا، ۽ ان بعد ڪافي محنت ۽ ڪاوش سان، ۽ عربي عالمن جي مدد سان، مون (عبارت جون) درستيون ڪيون، ۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو خال ڀريا (مگر بدقسمتيءَ سان سڀني قلمي نسخن ۾ چڪون ۽ خال هئا). ان بعد مون ڪتاب جو ممڪن حد تائين لفظ بلفظ ترجمو ڪيو.

مون ڪافي حاشيا ۽ حوالا پڻ ڏنا آهن، جي مفيد ثابت ٿيندا. ان کان سواءِ مشترڪ واقعن بابت مون تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام جي بيانن جا اقتباس پڻ ڀيٽ خاطر ڏنا آهن. قرآن شريف جي آيتن لاءِ رڪوع ۽ سورتن جا حوالا مون سيل (Sale)  جي انگريزي ترجمي تان ڏنا آهن، ۽ رچرڊسن جي ٽيبل تان مون هجري سالن جا مسيحي سال درج ڪيا آهن.“

مرزا صاحب جي مٿئين بيان مان ظاهر آهي ته سندس ڪوشش هن ڪتاب جي مڪمل ۽ ممڪن حد تائين صحيح انگريزي ترجمي لاءِ پهرين ڪوشش هئي.ان کان علاوه مرزا صاحب پنهنجي ترجمي جي آخر ۾، ماڻهن ۽ ماڳن جي نالي جي الف-بي وار فهرست پڻ شامل ڪئي آهي، جا موجوده طرز تحقيق جي نقطه ِّ نظر کان هڪ قابل قدر اضافو موجود آهي.

انهيءَ اهتمام هوندي به مرزا صاحب جو انگريزي ترجمو ڪافي تصحيح جو محتاج آهي. مرزا صاحب جن ستن اٺن قلمي نسخن کي سامهون رکيو هو،  تن جي ڪابه وضاحت ڪانه ڪئي اٿس، جو اندازو لڳائجي ته اهي نسخا ڪيتري قدر معتبر هئا. خود سندس راءِ موجب ”سڀني قلمي نسخن ۾ چُڪون ۽ خال هئا“، ۽ انهيءَ ڪري ئي غالباً  مرزا صاحب جي ترجمي ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن خواه عبارتن ۾ ڪافي غلطيون رهجي ويون آهن.

(د) انڊيا آفيس لنڊن واري قلمي نسخي تان، سنڌ جي مير صاحبن جي اهتمام سان فتحنامي جو هڪ سنڌي ترجمو ٿيو جو ڪافي عرصي تائين هزهائينس مير نورمحمد خان (حيدرآباد) جي ڪتبخاني جو زيب و زينت رهيو، ان بعد اهو ترجمو مرحوم خداداد خان مصنف ”لب تاريخ سنڌ“ جي ملڪيت بنيو، ۽ هن وقت محترم محمد حنيف صاحب صديقي وٽ محفوظ آهي.

(1)  ڏسو ”تاريخ سيستان“ طبع طهران سنه 1314 شمسي، مقدمه ص ”و“
(2)  ڏسو ياقوت، معجم الادباء (گب ميموريل) جلد 1 ص 379، ۽ ”لسان الميزان“، مطبوع حيدرآباد دکن، جلد 1، ص 138
(3)  ڏسو فهرست ريو (Rieu) جلد 1، ص 151، ۽ پڻ ”فتوحات اعثم ڪوفي“، مطبوع بمبئي.
(1)  مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ تاريخ جي پروفيسر محترم شيخ عبدالرشيد کان هڪ خط آڳاٽو پهتل آهي، جنهن ۾ هن صاحب لکيو آهي ته هن ”منشات ماهرو“ کي ايڊٽ ڪيو آهي ۽ ڪتاب زير طبع آهي.
(1)  ڏسو فهرست ريو (Rieu)، جلد 2، ص ص 892-893
(2)  ڏسو ”جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“، جلد-7 (No. LXXIV) سال 1838ع، ص ص 93-96 ۽ x297-310، ۽ جلد-10 (No. CXI) سال 1841ع، ص ص 183-197 ۽ 267-271
(3) ڏسو اليٽ جي تاريخ، مقامي مؤرخن جي زباني، جلد 1، ص 137
(4)  ايضـاً جلد 1، ص ص 131-211.
2-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :9
(هه) سنه 1923ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب وري هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شروع ڪيو. سندس ان ترجمي جو پهريون ڀاڱو، جملي 60 صفحا، جو سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ تي مشتمل آهي، ڪرشنا پرنٽنگ پريس (پهريان 40 صفحا) ۽ بلئوٽڪسي پريس (41 کان 60 صفحا) حيدرآباد مان شايع ٿيو. مرزا صاحب ان پهرئين ڀاڱي جي مهاڳ، مؤرخه 30-جولاءِ 1923ع ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هاڻي ڪن دوستن جي فرمائش موجب مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“ آخر ۾ ”اشاري“ طور لکيو اٿس ته: ”ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپڻو آهي. پهريون ننڍو ڀاڱو فقط چچ جي راڄ تائين آهي، باقي ٻئي ڀاڱي ۾ اچڻو آهي.“ مرزا صاحب جو هيءُ ترجمو به محض ترجمو ئي آهي، ۽ تصحيح ۽ تحقيق کان خالي آهي.

(و) مرزا قليچ بيگ صاحب جي انگريزي ترجمي تان، محترم محمد حفيظ الرحمان ”حفيظ“ بهاولپوري، ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو ڪيو، جو ”عزيز المطابع اليڪٽرڪ پريس بهاولپور“ ۾ ڇپيو. مترجم جي ديباچي جي تاريخ 10- رمضان 1357هه/4- نومبر 1938ع ڄاڻايل آهي. هيءُ ترجمي جو به ترجمو آهي ۽ انهيءَ ڪري صحت کان ناقص آهي.

فتحنامي جي فارسي متن جي اشاعت: خود فارسي متن جي تصحيح ۽ تحقيق طرف سڀ کان پهريون توجهه سنڌ جي عالم، فاضل، محقق ۽ اديب، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪيو ۽ سندس تصحيح ڪيل ”فتحنامه سند“، مجلس مخطوطات فارسيه حيدرآباد دکن جي ڪوشش ۽ اهتمام سان سنه 1358هه/1939ع ۾ مطبعه لطيفي دهلي مان ڇپجي شايع ٿيو.

موجوده تحقيق ۽ تجسس جي اصولن ۽ معيار مطابق هيءَ پهرين ڪوشش هئي، جنهن موجب فاضل مصحح، ڪتاب جا مختلف قلمي نسخا سامهون رکي، متن جي تصحيح ڪئي، ڪتاب جو مقدمو لکيو، متن جي وضاحت لاءِ حواشي ۽ تعليقات لکيا، ۽ آخر ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي فهرست شامل ڪئي.

متن جي تصحيح لاءِ فاضل محقق هيٺيان قلمي نسخا استعمال ڪيا:

نسخه: م  برٽش ميوزم وارو نسخو، 9-محرم 1248هه جو لکيل.

نسخه پ  ڪتبخانه پنجاب يونيورسٽي وارو نسخو، 4- شوال 1061هه جو لکيل.

نسخه ب ڪتبخانه بانڪيپور وارو نسخو، 10- ذيقعد 1272هه جو لکيل.

نسخه ڪ ڪتبخانه رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال، ڪلڪته، وارو نسخو 9- آڪٽوبر

1887ع جو لکيل.

نسخه س   علاؤالدين صاحب سمه جو ذاتي نسخو، ڪـــافــــــي پوءِ جــــــو لکيل، تاريخ

نامعلوم.

نسخه ج     ميرنور محمد خان جي ڪتبخاني وارو سنڌي ترجمو، محمد حنيف صاحب صديقيءَ وٽ موجود، تاريخ ترجمه نامعلوم.

انهن نسخن جي علاوه مصحح، مرزا قليچ بيگ واري انگريزي ترجمي توڙي اليٽ واري انگريزي ترجمي کي پڻ استعمال ڪيو.

انهيءَ اهتمام سان فتحنامي جو فارسي متن پهريون دفعو ڪافي صحيح نموني ۾ ڇاپي جي صورت ۾ علمي دنيا جي آڏو پيش ٿيو. متن جي وس آهر صحت کان علاوه، فاضل محقق پهريون دفعو ڪتاب جي اصل نالي تي مقدمه ۾ بحث ڪيو ۽ ڪتاب جي عام مشهور مصنوعي نالي ”چچنامه“ جي بدلي اندروني شهادتن جي بنياد تي، ان جو زياده صحيح نالو ”فتحنامه سند“ تجويز ڪيو. پنهنجي حواشي ۾ پڻ فاضل محقق ڪن تاريخي ۽ جغرافيائي حقيقتن تي روشني وڌي.

مطلب ته محترم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي انهيءَ مخلصاڻي ڪوشش پهريون دفعو هن تاريخي ڪتاب جي متن کي روشن ڪيو ۽ ”الفضل للمتقدم“. مگر صاحب موصوف سان روبرو خيالن جي ڏي وٺ مان معلوم ٿيو ته هيءُ ڪم ڪافي عجلت ۾ پورو ڪيو ويو، ۽ غالباً انهيءَ ڪري ئي ڪن خاص نالن جي اصليت، متن جي ڪن منجهيل عبارتن جي صحت، وڌيڪ قلمي نسخن جي ڀيٽ، ڪتاب جي تاريخي پس منظر جي گهري جاچ، تاريخي واقعن ۽ جاگرافيائي پس منظر ّتي ڪي ضروري مباحث ۽ ٻيا ڪي پهلو تشنه ِّ تحقيق رهجي ويا.

موجوده سنڌي ترجمو ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق

موجود سنڌي ترجمي ۽ تاليف ۾ انهن تحقيق طلب مسئلن کي ممڪن حد تائين سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي سڄي متن جي ذري پرزي تصحيح، ۽ آخر ۾ هر انوکي ۽ مشڪل مقام ۽ مسئلي جي عملي تنقيد ۽ تشريح، هن ترجمي ۽ تاليف جا ٻه امتيازي پهلو آهن. انهيءَ سلسلي ۾ خاص ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن جو مختصر طور هيٺ ذڪر ڪجي ٿو. انهيءَ لاءِ ته آئيندي محقق کي باقي رهيل مسئلن ڏانهن متوجهه ٿيڻ ۾ آساني ٿئي:

(1) ڪتاب جي قلمي نسخن جي ڀيٽ: مٿي ص 86-85 تي فتحنامي جي انهن قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي فارسي متن جي ايڊيٽر شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب استعمال ڪيو آهي. صاحب موصوف نسخي م کي بنيادي نسخو تسليم ڪيو آهي ۽ نسخي پ جي پڙهڻين کي اڪثر جاين تي ترجيح ڏني آهي(1).

نسخه پ: بنده نسخي پ جو پنجاب يونيورسٽي لئبرري ۾ مطالعو ڪري، ان کي بنيادي نسخو تسليم ڪري فارسي متن جي ڪافي پڙهڻين کي درست ڪيو آهي: مثلاً ص 102، حاشيه-2 (ڏهرسينه جي عمر ٽيهه سال هئي ۽ نه حڪمراني)، ص 112، حاشيه-1 (عبدربه ۽ نه عبدالله) ص 112، حاشيه-2 (ڪوه منذر ۽ نه ڪوه مندر) ص 151 تي (1)-(1) انگن اندر سڄي عبارت جي تصحيح، ص 165، حاشيه-1 (حمران ۽ نه حمزان)، ص 179، حاشيه-1 (جيور ۽ نه جيپور)، ص 193، حاشيه-1 (”اي عزيزو“ ۽ نه ”اي بني عزيز“) ص 197، تي (1)-(1) انگن اندر ڏاهر جا سندس پنهنجي ٻوليءَ وارا اصل لفظ، وغيره.

نسخه ن: فارسي ايڊيشن ۾ ٻيو مکيه نسخو ب استعمال ڪيو ويو آهي، جو بانڪيپور لئبرري ۾ محفوظ آهي(1) . هيءُ نسخو  راجي محمد نالي ڪاتب 3-ذي القعده 1272هه ۾ شهر پونه ۾ ٻئي هڪ نسخي تان اتاريو، جو مير مراد علي خان جي ارشاد موجب محمد خليل نالي ڪاتب 3-ذي القعده سنه 1232هه ۾ لکيو هو. هي مير مرادعلي خان وارو اصل نسخه جو ب کان 40 ورهيه اڳ جو لکيل آهي، سو هزهائينس مير نورمحمد خان مرحوم جي لئبرريءَ ۾ محفوظ آهي. دوست محترم مير نورمحمد خان (ننڍي) جي مهربانيءَ سان هي نسخو مطالعي لاءِ مليو ۽ اسان ان کي ن جي نشاني سان نروار ڪيو آهي. هيءُ نسخو، فتحنامي جي جملي موجوده نسخن ۾ قدامت جي لحاظ سان ٻيو نمبر آهي ۽ صرف نسخه پ ئي هن کان آڳاٽو لکيل آهي. اسان نسخه ن جي آڌار تي پڻ متن جي ڪافي پڙهڻين کي درست ڪيو آهي. مثلاً: ص 79/ سٽ 1 ۾ ”تاکيـہ“ ۽ نه ”کنبہ“، ص 79/سٽ 5 ۾ ”شاکلهار“ ۽ نه ”شاکلها“، ص 139/سٽ 15 ۾ ”فيکيدوا“ ۽ نه ”فکيدوا“، ص 197/سٽ 15-14 ۾ ڏاهر جا سندس پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظ جي صرف پ ۽ ن ۾ ڏنل آهن، وغيره. ڪي خاص درستيون ن ۽ ر جي متفق پڙهڻين موجب ڪيون ويون آهن. مثلاً ص 134/ سٽ 10 ۾ ”ذڪوان بن علوان بڪري“ ۽ نه ”ذڪوان بن حلوان بڪري“، ص 157/سٽ 15 ۾ ”قصه وجورته“  ۽ نه ”قصه وسورته“ وغيره.

نسخه ر: فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر برٽش ميوزم واري  (or 1787)  نسخه م کي بنيادي قرار ڏنو آهي. اهو نسخو دراصل جناب حضرت پير صاحب پاڳاري جن جي لئبرريءَ جو هو ۽ ان جي صفحي 205 تي پير صاحب علي گوهر شاهه (اصغر) رضه (1331-1263هه) جي مهر لڳل آهي، جنهن تي هيءُ طغرا ڏنل آهي ته:

ز درج صبغت الله شـہ علي گوهر بود
چو خورشيد حقيقت شد محمد راشد (     ) لامع
1250

هن نسخي جو ڪاتب ”نور محمد چپ نويس“ آهي، جنهن اهو نسخو 9- محرم سنه 1248هه ۾ لکيو.(1) شاهي لئبرري رامپور ۾ هڪ ”مجموعه تاريخ فارسي“ (رقم 500) ٽن ڪتابن، هر هڪ تاريخ معصومي، چچنامه ۽ تاريخ طاهريءَ تي مشتمل آهي. اهي ٽيئي ڪتاب ساڳئي خط ۾ ساڳئي ڪاتب جا لکيل آهن، جنهن تاريخ طاهريءَ جي آخر ۾ پنهنجو نالو ۽ تاريخ ڪتابت هن طرح ڄاڻايا آهن: ”حاجي ّمحمد مجاور درگاه بتاريخ غره ماه جمادي الثاني سنه 1245.“ هن نسخي ۽ مٿئين نسخي م کي ڀيٽڻ مان صاف طور معلوم ٿئي ٿو ته نسخه م هن رامپور واري نسخي جو نقل آهي. حاجي محمد روهڙيءَ ۾ ”وار مبارڪ“ جي درگاه جو مجاور هو ۽ بنده سندس ٻيا هٿ لکيل ڪي رسالا به ساڳئي خط ۾لکيل ڏٺا آهن. هن روهڙي واري نسخي تان پير صاحب پاڳاره واري نسخي جو نقل ٿيڻ بلڪل قياس جي ويجهو آهي. هن رامپور نسخي کي اسان ر جي نشان سان نروار ڪيو آهي ۽ ان جي پرهڻين جي آڌار تي متن ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڪي اهم درستيون ڪيون آهن: مثلاً ص 157/سٽ 10-9 ۾ (1)-(1) واري عبارت جي تصحيح، ص 177/سٽ 22 ۾ (1)-(1) اندر فقري جو اضافو ته محمد بن قاسم جا سپاهي ”ڇلنگيون ڇلنگيون ٿي“ ٽپيا، ص 224/سٽ 2 ۾ ”قيان بن طاهر“ (يعني گيان بن ٿاهر) ۽ نه ”قبايض بن طاهر“، ص 190/سٽ 12 ۾ ”دهول“ (يعني ڍول) ۽ نه هول، ص 231/سٽ 12 تي ”دنده وکر بهار“ (يعني ڍنڍ وڪر بهار) ۽ نه ”دنده وڪربها ِّ“ وغيره.

مطلب ته پ، ن ۽ ر فتحنامه جي جملي قلمي نسخن ۾ نمبر وار قديم نسخا آهن، جن مان پ جو دوباره مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ن ۽ ر کي پهريون دفعو هن سنڌي ايڊيشن جي تصحيح لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. باقي صرف ٽي يا چار ٻيا قلمي نسخا معلوم آهن،(1) جن جو مطالعو فائدي کان خالي نه ٿيندو، مگر اهي نسخا هڪ ته پوءِ جا لکيل آهن ۽ ٻيو ته وري ناقص آهن ۽ انهيءَ ڪري ايڏي اهميت نٿا رکن.

(2) اصل عربي ڪتاب جي ڪاتبن جي سهو سببان يا مترجم علي ڪوفي جي ڀل کان متن جي ڪن عبارتن جا حصا حذف ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ ڪري جملي قلمي نسخن ۾ پڻ اهي خال ۽ خلل رهجي ويا آهن، جن جو ذڪر مٿي (ص 80-79) اچي چڪو آهي. اسان ٻين عربي ڪتابن مان انهن کٽل عبارتن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ناقص عبارتن کي درست ڪيو آهي. پهريون: صفحي 111/[81] تي سنان بن سلمه ۽ احنف بن قيس واري بيان جي تصحيح ابن قتيبة جي ڪتاب عيون الاخبار (1×227) تان ڪئي وئي آهي، ٻيو: صفحي 228/[217] تي محمد بن قاسم ۽ قتيبـہ کي حجاج طرفان چين جي فتح ۽ امارت جي حڪم، ۽ محمد بن قاسم  جو جهم بن زحر کي عراق جي لشڪر سان قتيـبـہ ڏانهن موڪلڻ واري بيان جي درستي يعقوبي (2×246) ۽ طبري (1×90-889) جي حوالن ذريعي ڪئي وئي آهي(1).

(3) هن سڄي ترجمي ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي، نالن جي متن جي مختلف پڙهڻين ۽ ٻين ماخذن جي بنياد تي، درستي ڪئي وئي آهي: عربي نالن جي صحيح صورتخطي قائم ڪئي وئي آهي، ۽ مقامي نالن جي ممڪن حد تائين اصلوڪي صورت نروار ڪئي وئي آهي. مثلاً ص 80 تي ”سرڪونڌ پٽ ڀنڊرکو“ (فارسي متن ۾: پسرڪول بن بهندرکو)، ص 80 تي ”وڪيو پٽ ڪاڪو“ (فارسي متن ۾: کيـہ بن کاکـہ). ص 147 تي ”چنان“ (فارسي متن ۾: جتان) وغيره درستيون، قابل توجهه آهن.

(4) جيتري قدر ٿي سگهيو آهي اوترو، جن ماڻهن يا ماڳن جوذڪر فتحنامي ۾ آيو آهي، انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان مثال خاص اهميت رکن ٿا:

محمد بن قاسم سان سنڌ جي فتح وقت جيڪي ساٿي ۽ سپهه سالار گڏ هئا تن مان گهڻن جي سوانح تي روشني وڌي وئي آهي. مثلاً جهم بن زحر الجعفي (ص 304-303)، عطية بن سعد العوفي (ص 305)، سفيان بن الابرد الڪلبي (ص 306)، قطن بن برڪ الڪلابي (ص 306)، نباتة بن حنظلة الڪلابي (ص 307)، تميم بن زيد قيني (ص 326-325)، خريم بن عمرو المدني (ص 499- 331)، حڪم بن عيوانة ڪلبي (ص 333) ۽ وداع بن حميد البحري (ص 337-336). پڻ حجاج جي ڪاتب، حمران (ص 319-318) ۽ ص 171/[151] تي ڏنل داستان جي مصنف خواجه امام ابراهيم جي حالات کي روشن ڪيو ويو آهي.

ماڳن ۽ شهرن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي سڃاڻپ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هيٺين شهرن ۽ ماڳن متعلق ڪيل جغرافيائي ۽ تاريخي تحقيق في الحال هڪ خاص اضافو آهي: اروڙ (ص 262-261)،ديبل (ص 273-264)، ڪيڪانان (ص 274-273)، برهمڻ آباد (ص 276-274)، نيرون ڪوٽ (ص 277-276)، ڪنوهار مندر (ص 282-281)، راوڙ (ص 290-286)،موج (ص 313-312)، بغرور يعني بکر (ص 315، 263)،اگهم (ص 421)، جلوالي ڍورو (ص 330-328)، ڪيرج يعني ڪيرا يا کيڙا (ص 337)، ساوندي ۽ ڍنڍ وڪر بهار (ص 338-337)، ملتان جو منروي بتخانو (ص 347-346)، وغيره.

(5) هن ڇاپي ۾ نه فقط تاريخي ۽ جغرافيائي تحقيق کي مدنظر رکيو ويو آهي، پر ضرورت آهر ادبي تحقيق ڏانهن به پورو ڌيان ڏنو ويو آهي. فتحنامه ۾ مذڪور شاعرن جي سوانح  تي ممڪن حد تائين روشني وڌي وئي آهي ۽ سندن ديوانن يا عربي ادب جي ٻين ڪتابن جي مدد سان سندن شعرن جون گهربل درستيون ڪيون ويون آهن. شاعرن مان هر هڪ اعورشني (ص 295)، عبدالله بن الاعور الحرمازي (297-296)، حمزهِ بن بيض الحنفي (ص 303-202)، ۽ عديل بن فرخ العجلي (ص 307)، بابت مختصر مگر جامع حوالا قلمبند ڪيا ويا آهن، ص 107-106/[72] تي حڪيم بن جبلـہ ڏانهن منسوب شعرن بابت حاشيه ص 293-292 ۾ روشني وڌي وئي آهي، ۽ ص 117-116 [86]/ تي شاعر فرزدق جي ڏنل شعرن جي سندس ديوان جي مختلف ڇاپن تان تصحيح ۽ تڪميل ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ نامعلوم شاعرن جي شعرن کي متعين ڪرڻ جي پڻ حتي المقدور ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو نامعلوم بيت، جو ص  248/[236] تي ڏنل آهي، ان بابت پتو لڳايو ويو آهي ته اهو مشهور شاعر ابوالفتح بستي جي هڪ قصيده جو بيت آهي (ڏسو ص 344).

(6) محمد بن قاسم متعلق هر نقطه ِّ نظر کان ضروري تحقيق جي تڪميل ڪئي وئي آهي. ص 261 تي فتحنامه ۾ سندس ڄاڻايل لقب ”عماد الدين“ جي مصنوعيت تي تبصرو ڪيو ويو آهي ۽ محمد بن قاسم جي حقيقي ڪنيـت ”ابوالبهار“ کي نروار ڪيو ويو آهي، ص 300-298 تي محمد بن قاسم جي خاندان ۽ شاديءَ بابت فتحنامه جي جملي متضاد ۽ مشڪوڪ بيانن کي مستند تاريخي حوالن سان ڀيٽي صحيح حالتن ۽ نتيجن کي پيش ڪيو ويو آهي، ۽ آخر ۾ ص 362-351 تي تاريخي واقعن جي روشنيءَ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپسي، نظربندي ۽ وفات تي تحقيقي بحث ڪري، فتحنامه ۾ ڏنل ڏاهر جي ڌيئرن واري جڙتو افساني جي ترديد ڪئي وئي آهي.

علمي نقطه ِّ نظر کان هن سنڌي ڇاپي جا مٿيان ڇهه پهلو خصوصي حيثيت رکن ٿا، ورنه مجموعي طور متن جي حاشين توڙي متن جي آخر ۾ ”اشارن ۽ واڌارن“ جي عنوان هيٺ هر مشڪوڪ ۽ تحقيق طلب مسئلي تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن جي فهرست شامل ڪئي ويئي آهي، جيئن حوالن ڳولڻ ۾ آساني ٿئي. باقي ڪتاب جي اصليت، فارسي ترجمي جي اوڻاين توڙي اهميت، ۽ بعد جي ترجمن توڙي فارسي ڇاپي جي حقيقت بابت اميد ته هيءُ مقدمو هر مؤرخ ۽ محقق لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

(ن.ب)

(1)  ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه ص (يط).
(1)  ڏسو فهرست بانڪيپور لئبرري، مرتبه ”ڊينيسن راس“، جلد 7، ص 177، رقم (597).
(1)  ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه ص (يط-ڪ)
(1)  ”ببليوٿيڪ امپيريل“ ۾ شايد ٻه نسخا موجود آهن، جن ڏانهن اليٽ پنهنجي تاريخ (1×137) ۾ اشارو ڪيو آهي، اي- بلاشيٽ (E.Blochet) جي فهرست (ببليوٿيڪ نيشنل، پئرس، جلد 1 ص 363) ۾ هڪ نسخي جو حوالو اسان جي نظر مان پڻ گذريو آهي، مگر ان جو تفصيل اسان وٽ قلمنڊ ٿيل ناهي، انهيءَ ڪري ان بابت وڌيڪ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. نسخه م کان سواءِ، متحف برطانيه ۾ هڪ ٻيو نسخو به موجود آهي (فهرست ريو 1×290-291-158 OR No.) مگر هڪ ته اهو ناقص آهي ۽ ٻيو ته وري ڪافي پوءِ جو يعني ته 19- صدي عيسوي جو لکيل آهي، ان کان سواءِ ڪي ٽڪرا فتحنامي جا هڪ ”مجموعه اقتباسات تاريخي“ No. or 1838) ۾ پڻ شامل آهن. انڊيا آفيس لئبرري، لنڊن ۾ پڻ هڪ قلمي نسخو موجود آهي (فهرست، ايٿي (No. 435 جنهن جي ڪن عربي عبارتن کي فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر ڀيٽيو آهي، مگر سندس راءِ ۾ هيءُ نسخو به ناقص ۽ گهڻو غلط آهي (ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه-کد).
(1)  ڏسو آخر ۾ حاشيه 228/ ]217[ ص 335-334

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :10
بسم الله الرحمن الرحيم

حمد ۽ تعريف انهيءَ مالڪ کي جڳائي، جنهن جي احسان جو ذڪر ايمان جو تـَـت ۽ جنهن جي نعمتن جو شڪر امن ۽ امان جو منڍ آهي. اهڙو ڪاريگر، جنهن ”ڪُن فـَـيـَـڪُـونُ“ وارو امر وهمن ولوڙڻ سان زائل نٿو ٿئي، اهڙو قادر، جنهن جون بيمثال صفتون خيالي حڪمتن ۾ محدود نه آهن، اهڙو مقرر انداز رکڻ وارو جنهن پنهنجي قدرت جي آسمانن ۾ نـَـکـَـٽـَـنِ جون شمعون روشن ڪيون، ۽ اهڙو مصور، جنهن پنهنجي دقيق حڪمتن مطابق ستارن جون منزلون چـِـٽيون. اهو خالق، جنهن جي ڪاريگريءَ جي جمال، چمڪندڙ سج کي سينگاريو، ۽ اهو پروردگار، جنهن جي قدرت جي جلال، اونداهيءَ رات جي زلفن کي سنواريو. هن جي عدل جي غلبي کان ڪڪر جي اک، آسمان جي فضا ۾ روئندڙ آهي، ۽ گـُـل جو روشن ڏيئو، ڪشاديءَ زمين تي سندس رحمت جي فيض کان ٽـَـهڪندڙ آهي. اهو جـَـبـَـار، جنهن فـِـرعـَـون بي مـَـدد جي مسخريءَ کي، ڪفر ۽ گمراهيءَ جي سـؤ سالي نشي هوندي به هڪڙي بي وُضو سجدي جي برڪت سان رحمت ۽ مهربانيءَ جو حقدار ٺهرايو، ۽ اهڙو قـَــهار[1] جنهن مڪريل ابليس کي ست سـؤ هزار سالن جي عبادت جي باوجود هڪ سجدي نه ڪرڻ ڪري پنهنجي عزت ڀريءَ درگاهه مان تڙيل ۽ مردود ڪري ڇڏيو. فـَـتـَـبـَـارڪَ اللهُ اَحسـَـنُ الخـَـالـِقـِين  وَ الحـَمدُ ِللهِ ربِ العـَـالـَمـِـينَ (پوءِ الله تعالــيٰ مڙني ۾ مٿانهون ۽ سهڻي ۾ سهڻو خلقيندڙ آهي ۽ هر قسم جي تعريف انهيءَ الله کي ئي جڳائي جو ساري ڪائنات جو پالڻهار آهي).

(جملي) درود، (دعائيه) تحفا، سلام ۽ صلواتون انهيءَ رسول صلي الله عليه وسلم جي عنبرين خاڪ ۽ روضه مطهر تي موڪلڻ گهرجن جنهن جي وعظ ۽ نصيحت جي اثر کان مؤمنن جي دلين جو آئينو صاف آهي، ۽ جنهن جي خـُـلق جي شعاعن ڪري، محبن جون جانيون مقبول آهن. اهڙو سچو، جو سندس اخلاق جي چهري کي خلق جي چؤپچؤ ميرو نه ڪري سگهي، ۽ اهڙو سالڪ، جنهن جي امن جي راهه ۾ هلندڙ قدم کي، ڪـِـچري جا ڪـُـنڊا ڏکوئي نه سگهيا. اهڙو ڪريم، جو سندس شهنشاهت جي چاڪرن، محمدي نـُـور جي برڪت سان هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن کي بااختيار حاڪم بنائي، حجاز جي ڪافرن، ايران ۽ خراسان جي بيدينن ۽ سرڪش هندن کي آبدار ترار ۽ خونخوار نيزي جي رعب سان ذليل ۽ خوار بنايو، ۽ بتن ۽ ٺاڪرن جي جڳهه تي مسجدون منبر ٺهرايا، جنهن ڪري محمدي دليلن جا آثار ۽ نبوي نشانن جا معجزا ظاهر ٿيا.

۽ پڻ (صلواتون ۽ سلام) انهن ڏهن اصحابن ۽ پاڪ دامن نـَـقـِـيبـَـن تي، جن جي حق ۾ نبوت جي زبان ۽ بزرگي جي ٿنڀي قرآن مجيد مان هيءَ بشارت مقرر ڪئي ته: (قوله تعالي) وَ الذِينَ معہُ اَشـِـداءُ [2] عـَـلـَـي الڪـُـفارِ رُحـَـمـَـاءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَ (يعني جيڪي سندس (محمد جا) ساٿي آهن، سي ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ ٻاجهارا آهن ۽ تون انهن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين)، صـَـلـَـواتُ الله عـَـلـَـيهـِـم  وَ رضـَـي ا للهُ عـَـنهـُـم اَجمـَـعـِـين.

ٻنهي جنسن (جنن ۽ انسانن) جي رسول محمد مصطفيٰ  عـَـلـَـيهمِ الصلـَـواة والسلام جا مناقب هنن ڪنوارين جي هارن جي جـَـڙا ِّ ۽ هنن قيمتي (موتين) جي قافين جي تصحيح تي روشن برهان ۽ هنن تصنيفن  جي سينگار ۽ هنن گردانن جي نـِـظام تي چـِـٽو دليل ٿي رهندا (1) جڏهن الله تعالـي جل جلالہ جو حڪم رسول ثـَـقـَـلـَـين ۽ نبي حرمين کي پهتو ته يـَـا اَيـُـهـَـاالمـُـزمـِـل قـُـم اللـَـيلَ اِلا قلـِـيلاً نـِـصفـہُ اَو اِنقـُـص مـِـنہُ قـَـلـِـيلاً  اَو زِد عـَـلـَـيہِ وَرتـَـلِ القـُـرآن تـَـر تـِـيلاً (اي چادر ويڙهيندڙ، رات جو ٿورو حصو ڇڏي باقي عبادت ڪر: رات جو اڌ اٿي بيهي گهار يا انهيءَ کان ٿورو گهٽاءِ يا وڌاءِ، ۽ قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهه). تڏهن آدم جي اولاد جو سردار ۽ ٻنهي جهانن جو وقار ، رسالت جو صدر ۽ بزرگيءَ جو بـَـدر، سعادتمند ٽولي جو سالار ۽ عاقبت جي حقيقت جو ڄاڻڻهار، مصلي تي ايترو ته بيهڻ لڳو جو سندس قدم مبارڪ سـُـڄي پيا ۽ سندس منهن مبارڪ زرد ٿي ويو: نيٺ (الاهي) درگاه جو قاصد ۽ بادشاهيءَ جو مور، جبريل امين صـَـلـَـواتُ  الله وَ سلامـُــہ عـَـلــَيـہ ] وَعليٰ نـَبـِـينا [خدائي فرمان کڻي اچي پهتو ۽ چيائين: ته اي مـُـرسلن جا پيشوا، مـُـتقــِـيـنِ ۽ بخت وارن جا تاج، ۽ صديقن جا امام! ]الله[ ذوالجلال [3] جي درگاهه مان،”طـہ ما اَنزَلنـَـا عـَـلـَـيڪَ، القـُـرآنَ لـِـتـَـشقي“ (اي پيغمبر، اسان توتي قرآن توکي تڪليف ڏيڻ لاءِ نازل نه فرمايو آهي) جي دستخط سان هڪ پڪو فرمان جاري ٿيو آهي ته: اي چوڏهينءَ رات جا چنڊ! نبي ۽ رسولَ تنهنجي اچڻ تي ختم آهن ۽ تنهنجا ته خيالي عرض  به ] مالڪ[ لايزال جي دربار ۾ مقبول آهن، (تنهنڪري) تون پاڻ تي ايتري محنت ۽ سختي ڇا لاءِ ٿو اختيار ڪرين؟ تون پنهنجي عرض جو فقط اشارو ڪر ته ]مقبوليت جي[ بشارت جو حڪم توکي آڻي ڏيان. طريقت جي سردار ۽ حقيقت جي راهه جي سالار ، فڪر جي دٻلي جو ڍڪ کولي گفتگو جا موتي هن طرح ظاهر ڪيا ته  ”يـَـا اَخـِـي جـِـبريلُ اَفـَـلا اَڪـُـونُ عـَـبدَ شڪـُـورا“ (اي منهنجا ڀاءُ جبريل! ڇا ما شڪر گذار ٻانهو نه هجان؟) (نه بلڪ) آءٌ باوجود هيترن مرتبن جي جيڪي مون کي حاصل آهن، آخر ٻانهو آهيان ۽ ٻانهي جو اولاد آهيان.

محمد] صلي الله عليه وسلم[ جن جي حق ۾ ]الله[ جـَـلـت عـَـظمـَـتـہ جي درگاهه مان ڪيئي فرمان صادر آهن. پهريون، ساري جهان لاءِ رحمت هجڻ جي بشارت، مطابق  ]قولـہ تعاليٰ[ وَمـَـا اَرسـَـلنـَـاڪَ اِلا رَحمـةَ لـِـلعـَـالـَـمـِـينَ (اسان توکي ساري دنيا لاءِ رڳو رحمت ڪري موڪليو آهي): ٻيءَ جاءِ تي پاڻ کي اصحابن جي آڏو رسالت ] جي عهده[ سان جلوه گر ڪيائين: ]بمصداق قولـه تعاليٰ[ مـُـحـَـمد“ رَسـُـولُ اللهِ والذِينَ مـَـعـَــہ – الاَية (1) (محمد رسول الله ۽ جيڪي سندس ساٿي آهن_ الخ.)، ۽ ٻي جاءِ تي نبوت جي خزاني کي نبوت ۽ رسالت جي مهر سان بند ڪيائين، جيئن ته ”والڪـِـن رَسـُـولَ الله [4]  وَخاتـَـمَ النـَبـِـيـِـين(1) (پر هو الله جو رسول ۽ نبين کي ختم ڪرڻ وارو آهي): وري ٻيءَ جاءِ تي مخلصن ۽ متقين جي لاءِ بشارت ۽ فسادين ۽ سرڪشن لاءِ دڙڪي جو اشارو موڪليائين، جيئن ته ”يـَـا اَيهـَـاالنبـِـيُ جاهـِـدِ الڪفار والمـُـنـَـافـِـقـِـينَ“ (اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر). ]اي جبريل! آءٌ[ جڏهن هنن سڀني رتبن، عزتن ، دلجوئين ۽ احترامن سان مشرف ٿيو آهيان، تڏهن منشا ائين ئي هئي ته ظلم جي ڪارنهن ۽ ڪفر جي گمراهي، اسلام ۽ دينداريءَ جي روشنائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ها، منافقيءَ ۽ جهالت جو بنياد ڊهي پوي ها، اسلام جا جهنڊا بلند ٿين ها. هن حڪومت جو دور ۽ هن مذ هب جو آئين قيامت تائين زماني ۾ جاري رهي ها ۽ ڪنهن به شرڪ ۽ مخالفت سان نه گڏجي ها، ۽ سنت جو گل، بدعت جي ڪـَـنڊي سان نه چيرجي ها.

جبريل امين صلوات الله عليـه وسلام ]وعليٰ نبينا[ موٽي ويو ۽ ساڳئي وقت موٽي آيو ۽ چيائين: اَلسلامُ عـَـلـَـيڪَ يـَـا مـُـحـَمد! خدا تعاليٰ سلام ۽ درود چوي ٿو . ۽ الله تعاليٰ جو قطعي فرمان ۽ مـُـحڪم تقدير جي تـَـمهيد هن طرح نئين سر ٿي آهي ته ” اِنـَـڪَ لاتـَـهدي مـَـن اَحبـَـبتَ وَ لڪـِـنَ الله يـَـهدي مـَـن يـَـشاءُ“ (بيشڪ تون جنهن کي چاهين تنهن کي هدايت نٿو ڪري سگهين، پر الله تعاليٰ جنهن کي چاهي تنهن کي هدايت ڪري سگهي ٿو). اي محمد ! ائين هرگز نه ڀانئج ته ڪو ماڻهو تنهنجي سڏڻ تي اسان جي درگاهه ۾ اچي ٿو ، يا ابليس جي وِسوسـِـي ڪري ڪو ماڻهو اسان جي درگاهه مان تڙجي ٿو ، ] بلڪ[ تڙيندڙ اسان آهيون. جنهن کي تڙيون ٿا تنهن کي ڪوبه ڪوٺي نٿو سگهي ، ۽ جنهن کي ڪوٺيون ٿا، تنهن کي ڪو به تڙي نٿو سگهي: ” اِنَ عـِبـَـادِي لـَـيس لـَـڪَ عـَـلـَيهـِـم سـُـلطـَـان“ ”(بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تو کي ڪوبه اقتدار حاصل نه آهي). تنهنڪري اي مـُـحـَـمد! صـَـلي اللهُ عـَـلـَـيه وسـَـلم تون هن ڪري فڪر مند نه ٿيءُ، جن ماڻهن[5]  ميثاق جي ڏينهن ”اَ لستَ بـِـرَبڪـُم“ (ڇا مان توهان جو رب نه آهيان) ساهه سان سـُـڻيو ۽ ”قـَـالـُـوابـَـليٰ“ (چيائون ته هائو) وارو فرمان برادريءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾ وجهي، اسان جي وحدانيت جا اقراري ٿيا، ]تن لاءِ[ محمدي شهنشاهت جي چاڪرن مان هر وقت ڪونه ڪو]اهڙو ماڻهو[ خلق جي مٿان جـَـلوَه اَفروز ڪنداسون، جنهن جي ڪوشش جي وسيلي، اهي ماڻهو اسلام جي عزت سان مشرف ٿيندا ]رهندا[، ۽ جنهن فرقي اسان جي حڪم کان سـَـرڪشي ۽ عـَـناد اختيار ڪيو آهي تن کي گمراهي  ۽ نعمت جي انڪار سان منسوب ڪنداسون، جيئن اهي ]مؤمن[ ”جـَـاهـِـدِ الڪـُـفار وَالمـُـنافـِـقـِـين“ (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ) جي فرمان ۽ ”اَقتـُـلـُـوا الـمـُـشرڪـِـينَ حـَـيث وجـَـدتمـُـوهـُـم“ (مشرڪن کي جتي لهو اتي قتل ڪريو) جي اشاري موجب ، ]ڪافرن کي[ خونخوار ترار ۽ دل ڏاريندڙ نيزي ۽ تير جو لقمو بنائين ته هي خراسان، ايران ،عراق، شام، روم، ۽ هندوستان جون فتحون زماني جي ڪتاب تي لکجن ۽ انهن جو ذڪر زماني جي حاشيه تي هميشه قائم رهي-والله اعلم بالصواب (الله تعاليٰ حق کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو).

قـَـباجـَـَتُ السلاطـِـين خـَـلدَ الله مـُـلڪـَـہُ جي تعريف

هيءُ داستان ۽ هيءَ وڻندڙ تاريخ انهيءَ وقت لکي ويئي ، جڏهن اسلام جي بادشاهه، ملڪ جي شهنشاهه، الله جي شهرن جي مالڪ ، الله جي ٻانهن جي فرياد ٻڌندڙ ، خدا جي ٻانهن جي مددگار، ڪفر۽ گمراهيءَ جي بنيادن کي ڊاهيندڙ، دين ۽ هدايت جا پايا کڙا ڪندڙ، جهان جي ولين جي مددگار، انسان جي دشمنن جون پاڙون پٽيندڙ، دين خواهه دنيا جي عزت وڌائيندڙ، اسلام ۽ مسلمانن جي واهرو، جهان ۾ الله جي پاڇي ۽ اميرالمؤمنين جي حمايتي، بختاور شهيد سلطان اَبـُـوالمـُـظـَـفـَـر محمد ابن سام، نـَـوَر َاللهُ  ثَراه وَجَـعـَـل اَلجنةَ مـَـضجَعہُ و مـَـثواه (شال الله تعاليٰ سندس قبر کي روشن ڪري ۽ جنت سندس آرام گاهه ۽ رهڻ جي جاءِ بنائي) جي بادشاهي جي تخت کي غلبي واري شهنشاهت جي مددگار-بزرگ بادشاهه ۽ وڏي ۾ وڏي شهنشاهه جي همنشين،  [6] سچائي جي شان، خلق جي بـُـرهان، خلافت جي ٽيڪ ، دنيا ۽ دين جي مددگار، اسلام خواهه مسلمانن جي عزت، دشمنن ۽ سرڪشن جي پاڙن کي پٽيندڙ، قسيم اميرالمؤمنين (اميرالمومنين جو ڀائيوار) ابو الفتح قباچـه السلاطين-سينگاريو هو ۽ سندس شان و شوڪت جا طنبو تاڪيد جي طنابن ۽ سختي جي انتظام سان کـُـتل ۽ منظم ]هئا[  ۽ سندس امر ۽ نـِهـِـي جا حڪمناما ولايتن ۽ دنيا جي ]سڀني[ حصن تي جاري ٿيا هئا، هن حد تائين جو سرڪشن ۽ دشمنن جو ٽولو ڪنڊ ۾ لڪي ويو ۽ مخلص ۽ پرهيزگار امن ۽ سلامتيءَ ۾ گذارڻ لڳا، الله تعاليٰ جو شڪر ۽ احسان، جو حڪومت جو انتظام ۽ شهنشاهت جو قانون انهيءَ درجي تي ]پهتا [آهي، جو جنهن طرف ڏانهن به سندس آسمان کي پهچندڙ جهنڊاکڄن ٿا ته جوان حڪومتون به شوق ۽ اطاعت مان هٿ ٻڌي بيهن ٿيون.(1)

شعر

خسروا ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد

از توآباد ظلم ويران شد
بـہ تو بنياد عدل محکم باد
خطبه تعظيم يافت از نامت
همچنين سال و مـہ معظم باد
و آنچه در ملک جم نبود ترا
همه زير نگين مختم باد
چتر ميمون همت عاليت
سايه دار سپهر اعظم باد
هر دلــ   کر  تو حال عصيان است
هم کارش چو زلف درهم باد
تاکم و بيش در شمار آيد
دولتت بيش دشمنت کم باد
به يمينت چو ملک داد يسار
در يسار تو خاتم – جم باد
]بادشاها! تون ملڪ ماڻ ڀلي
ساري دنيا هٿ ۾ آڻ ڀلي
توڪيو ظلم جو بنياد ختم
عدل جي پاڙ تو ڪئي محڪم
خطبه کي نان ِّ تنهنجي کان عزت
تو ڏني سال و ماه کي عظمت
نه ملڻ جنهن جي کان هو جم غمگين
سو سڀيئي هجئي زير نگين
تنهنجي همت جي ڇٽ سندو سايو
شل ڪري آسمان تي پايو
جا به دل توکان ٿي رهي برهم
شل نه ٿئي بر صواب تنهن جو ڪم
گهٽ ۽ وڌ جو شمار ٿئي جيسين
هجي دشمن کان دوست وڌ تيسين
کاٻي جڏهن ملڪ ڪيو سڄي جي وس
زيب کاٻي جو جم جي خاتم بس[
شال الله تعاليٰ هن ملڪ ۽ هن بادشاهيءَ جي رونق کي مضبوط بنيادن تي [7]  دائم ۽ قائم ۽ هن بادشاهيءَ جي مضبوط محل ۽ هن نعمت،  شال سندس طرف سدائين آباد رهن، جي محڪم قلعي کي بد انتظاميءَ جي حادثن جي آسيب کان محفوظ رکي، ۽ سندس خطبو ۽ سـِـڪو، سندس لقبن ۽ اعليٰ درجي جي خطابن سميت دنيا جي ختم ٿيڻ تائين شال منبرن ۽ درهمن کي سينگاريندڙ هجي، ۽ جيسين جهان قائم آهي ۽ جيسين آسمان جي گردش برقرار آهي، تيسين شال سندس بادشاهيءَ جي شان و شوڪت جو سج ۽ حڪومت جي اقبال جو چنڊ بزرگيءَ جي ڪناري ۽ ڪمال جي آسمان مان حضرت محمد ۽ سندس سموري آل جي محابي چمڪندو ۽ اڀرندو رهي.

علي ڪوفي هن ڪتاب جوڙڻ جو سبب ٻڌائي ٿو:

هن ڪتاب ”تاريخ هند“ جو لکندڙ ۽ ”سنڌ جي فتح“ جي تقرير ڪندڙ ، محمدي شهنشاهت جو بندو علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي جڏهن پنهنجي عمر جو هڪ عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو ۽ ڪميني دنيا مان وڏو نصيب ۽ مڪمل حصوکڻي چڪو، تڏهن حادثن جي مصيبتن ۽ زماني جي اوچين آفتن کان ]مجبور ٿي[ پنهنجي اصلوڪي وطن ۽ پيدائش جي جڳهه کان جدا ٿي، ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين. وري ”تـِـلڪَ الاَ يامُ نـُـدَ اوَ لـُـهاَ بـَـينَ الناس“( انهن ڏينهن کي ماڻهن ۾ ڦيرايون ٿا) جو حڪم پهتو، ۽ تقدير جي آبدار خوشيءَ جي پيالي کي ايذا ِّ جي ]ڪڙي[ ٽوهه سان بدلايو ۽ خوشيءَ کان محرومي جاري رهي (1).“ غدار ڦرندڙ آسمان جي سختين سببان زهر جا ڍڪ  ڀريندو ۽ قهر جا ڌڪ جهليندو آيو. اٺونجاهه سالن جي عمر ۾ سنه 613 (ڇهه سو تيرهن) ۾، سڀني ڪمن مان هٿ ڪڍي ، قيمتي ڪتابن کي پنهنجو وندرائيندڙ ۽ همنشين بنايائين: ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪندو رهيو ته جنهن صورت ۾ لکندڙ جي دل تي  [8]سڀ ڪنهن علم مان ڪجهه اشارو نقش ٿيل آهي، ۽ هر هڪ وقت جي عالم ۽ يگاني حڪيم پنهنجي زماني ۾ پنهنجن مخدومن ۽ مـُـربـِـيـَـنِ جي مدد سان ڪانه ڪا تاريخ يا تصنيف زماني ۾ يادگارڇڏي آهي، جيئن ته اڳيان مصنف خراسان، عراق، ايران، روم ۽ شام جي فتحن مان هرهڪ جو بيان تفصيل سان نظم خواه نثر ۾ لکي ويا آهن. هندوستان جي فتح، جنهن ۾ محمد بن قاسم ، ۽ شام ۽ عرب جي اميرن جي هٿان هن ملڪ ۾ اسلام ظاهر ٿيو ۽ سمنڊ کان وٺي ڪشمير ۽ قنوج تائين مسجدون ۽ منبر ٺهيا، ۽ اروڙ جي تختگاهه ۾ رهندڙ راجا ڏاهر بن چچ بن سيلائج، جنهن کي شاندار امير عمادُ الدَولة والـَـديـِـن (دين ۽ حڪومت جي ٿنڀ) محمد بن قاسم بن ]محمد بدابي[ عقيل الثقفـِـي رحمة الله قتل ڪيو. ]جنهن ڪري[ هيءُ سارو ملڪ پسگرداين سميت سندس حوالي ٿيو. سو مون چاهيو ته هن ملڪ جو بيان، خلق جي ڪيفيت ۽ انداز ۾ هن ]ڏاهر[ جو ڪسڻ معلوم ٿئي ۽  ]اهڙي هڪ [ تاريخ تيار ڪئي وڃي. جڏهن انهيءَ جي ڳولا لاءِ  نفس اماري کي تڪليف ڏنم ۽ اُچ مبارڪ کان اروڙ (1) ۽ بکر جي شهرن ڏانهن رخ رکيم، ڇاڪاڻ ته اتان جا امام عربن جي خاندان ۽ بنياد مان هئا، ۽ جڏهن انهيءَ  شهر ۾ پهتس ته وڏي امام، زبردست عالم، دين ۽ مذهب جي ڪمال ۽ حاڪمن جي سردار مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ شـَـيبان (1) بن عثمان ثقفي، آدَامَ اللهُ فـَـضلـہ و رَحـِـم آباءَ [9] وَ اَسلاَ فـَــہ بـِـحـَـقِ مـُـحـَـمد وَ اَلـِـهـہ اَجمـَـعـِـيـن، جو فصاحت ۾ فضيلت جي کاڻ آهي ۽ نمڪينيءَ ۾  عقل جي جان: علم زهد جي سڀني فنن ۾ بينظير آهي، ۽ بلاغت جي ]سڀني[ قسمن ۾ بي مثال، تنهن سان ملاقات ٿي. کانئس پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته هن فتح جي تاريخ سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين حجازي ٻوليءَ ]عربي[ ۾ هڪ ڪتاب ]جي صورت[ ۾ لکيل آهي، جا هڪٻئي کان ميراث ٿيندي ورثي ۾ ايندي ٿي رهي، مگر جيئن ته اها عربي جي پردي ۽ حجازيءَ  جي حجاب ۾ ڍڪيل هئي، تنهن ڪري عجمين ]غير عربن[ ۾ مشهور نه ٿي.

ڪتاب جو ترجمو

جڏهن بندو انهيءَ ڪتاب کان واقف ٿيو ته ] ڏٺائين ته[ اهو حڪمت جي جواهرن سان سينگاريل ۽ نصحيت جي موتين سان سنواريل هڪ ڪتاب هو، جنهن ۾ عربن ۽ شامين جي بهادريءَ  ۽ مردانگيءَ جا ڪيئي قسم واضح هئا ۽ رعب ۽ دانائي منجهس جاءِ نشين هئي. جيڪو به قلعو فتح ٿيو، تنهن مان دولت هٿ آئي ۽ ڪفر ۽ گمراهيءَ جي رات لاءِ صبح ]ظاهر ٿيو[ ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪو به طرف اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو ۽ هٿ آيو ته انهيءَ کي مسجدن ۽ منبرن کان نـُـور ۽ عابدن ۽ زاهدن ]جي وجود[ سان سرور حاصل ٿي ٿيو، ۽ اهو پاسو اڄ تائين اسلام ۽ دينداريءَ جي جمال ۽ علم ۽ امانت جي ڪمال ۾ واڌارو ڪندو ٿو رهي ۽ دولت محمديءَ جو ڪوبه ٻانهو جڏهن به ملڪ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي ٿو ته نئين سر اسلام جي آئيني تان گمراهيءَ جي ڪٽ صاف ٿو ڪري. [10]

وزيرن جي بادشاهه شرف الملڪ ضاعف جلاله (شال (خدا) سندس بزرگي ٻيڻي ڪري) جي مدح ، جنهن ڏانهن هيءُ ڪتاب منسوب ڪيل آهي.

پوءِ جڏهن هيءُ ديني داستان، عربيءَ جي پردي ۽ حجازي حجاب مان فارسي زبان ۾ نقل ٿيو ۽ عبارت جي هار ۽ ديانت جي سينگار سان مشرف ٿيندي نثر جي لڙهيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته دل هن فڪر ۾ غوطا هڻڻ لڳي ته هيءُ عجيب نئون تحفو ۽ وڻندڙ فتحنامو ڪهڙي سردار ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي. نيٺ بخت ، بندي جي رهنمائي ڪئي ۽ هيءَ سعادت ظاهر ٿي جو دل ۾ چيم ته: اي علي! گذريل ڏينهن ۽ سالن کان وٺي ڪيڏو عرصو گذريو آهي جو ماڻهن جي سردار، جهان جي صدر، صاحبقران جي وزير، وزيرن جي عزت، ترار ۽ قلم جي مالڪ، شرف الملڪ رضي الدولة والدين نـَـور اللهُ مـَـضجـَـعـَه وَ طـَـيب تـَـراهُ (شال الله تعاليٰ سندس آرامگاهه کي روشن ڪري ۽ هن جي خاڪ کي عمدو بنائي) جي مهربانيءَ جي پاڇي ۽ احاطي جي پناهه ۾ رهيو آهين، ۽ پنهنجي هن سينگاريل ]تصنيف[‍ کي انهيءَ جي احسان تي پلجي ترتيب ڏنو اٿئي ۽ سندس اولاد ”دَامَ علـُـوهـُـم و رحـِـمَ اَبـَـائـَـهـُـم“ (شال سندن بلندي دائم رهي ۽ سندس وڏن تي رحم ٿئي ) جي نعمت جا حق تنهنجي گردن تي لازم آهن، تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو ته هيءُ فتحنامو، جو ديني ثواب(1) ۽ دنيوي ڳالهين ]مان مرڪب[ آهي، جنهن تي دنيا جا محقق ۽ گهڻي احسان وارا بادشاهه فخر ڪندا ۽ سڀني کي عربن جي اعتقاد جي تصديق ۽ ادب ۽ ترقيءَ جي صاحبن جي خلوص سان نهايت اتفاق ٿيندو، ۽ هيءَ دولت] فتحنامو[ جا عرب ۽ شام وارن جي دٻدٻي ۽ رعب جو ]يادگار[ هوندي ]تنهن کي[ پڻ عاليشان خاندان  جو عرب جي حسب نسب مان آهي [11] ۽ جنهن جي بزرگ ڏاڏي- وڏي ۾ وڏي شان واري امير، ۽ خاص ۾ خاص لائق توقير ، دين جي عزت، عربن ۾ احترام جي لائق، ملت جي نظام ۽ امت جي قوام، قريشن جي فخر حضرت ابوموسيٰ اشعري رضي الله عنه جي هٿان، خراسان ۽ ايران جو وڏو حصو فتح ٿيو هو،“ سندس انهيءَ سپهه سالاري ۽ لشڪر ڪشيءَ  بابت شرح ۽ تفصيل سان علحدا ڪتاب ]لکيل آهن[ ، جتي به ڪافرن کي شڪست ڏنائين ته اتي اسلام جا جهنڊا هميشه لاءِ بلند ٿيا ۽ اتان جي فتح جو خط اميرالمؤمنين عمر بن الخطاب کي پهچندو هو ۽ هو پاڻ مومنن جي اڳيان بيهي خطبو ڏيندو هو ]جنهن ۾ اسلام جي شان تي[ فخر ڪري ، تعريف ]الله تعاليٰ جي[ ڪندو هو، جي صاحب ]ڪمال[ ، نعمتن جي مالڪ، ترار ۽ قلم جي ڌڻيءَ وڏي ۾ وڏي امير، تائيد ڪيل. فتحمند، ڪامياب، ملڪ جي ڌُ ئل (چونڊيل) ، دولت ۽ دين جي فخر ، ولايتن جي نظام، وزيرن جي شان ، حسين بن ابي بڪر بن  محمد الا شعر ضـَـاعـَـفَ اللهُ جـَـلا له فـِـي اَعزُ اَرومـَة وَ اَڪرمِ جـُـرثـُـومةِ مـَـا ڪـَـرَ الجـَـدِيدان واتـَـفقُ  الفـَـر فـَـدانِ وَ اختـَـلـَـفَ العـَـصرانِ (شال الله تعاليٰ سندس عزت کي ٻيڻو ڪري، عزت ۾ عزت واري خاندان ۽ شريف ۾ شريف گهراڻي ۾، جيستائين رات ڏينهن مٽبا رهن، فرقدين(1) اتفاق ڪندا رهن ۽ زمانا هڪٻئي پٺيان ايندا رهن) جي گذارش ۾ آندو وڃي ته ملاحظي جي شرف ۽ مطالعي جي نظر سان مشرف ٿي، قبوليت جي عزت سان برڪت ڀريل ۽ مقبول بڻجي ، ۽ زماني جي بزرگين جي فهرست ۾ ]داخل[ ٿئي.(2)

مصنف جي معذرت

وقت جي بزرگن ۽ تاريخ جي مالڪن ڪيترين شين کي پنهنجي يادگار جو باقي رکندڙ ۽ پنهنجي نالي کي جٽاءُ ڏيندڙ بنايو آهي: پهريون ته هو انصاف، عدالت، نهٺائيءَ ۽ وقار کي پنهنجو لباس بڻائيندا آهن ، ٻيو ته نفس جي گذران کان پوءِ ، جو آدميءَ جو سرمايو آهي،] باقي بچيل[ مال کي آخرت جو ثمر ڪندا آهن، ٽيون ته پنهنجي اولاد کي عجيب هنرن سان سينگاريندا آهن، چوٿون ته وقت جي عالمن ۽ حڪيمن کي قيمتي ڪتابن جي تصنيف ۽ مفيد حڪمتن جي تاليف [12] جي ترغيب ڏيندا آهن، ۽ انهيءَکي پنهنجن مقصدن جي ڏاڪڻ ۽ مطلبن جا ذريعا سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته حڪمت جا سخن ۽ نصيحت جا قسم هميشه لاءِ ڪتابن ۽ اخبارن جي پنن تي يادگار رهندا.

(1)  مطلب هيءُ آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن محمد رسولﷺ جن جي مناقبن ۽ خصوصيتن جو ذڪر هوندو ته اهو هن ڪتاب لاءِ سينگار ۽ سونهن ٿيندو.
(1)  يعني هيءَ سڄي آيت ته: مـُـحـَـمد رَسـُولُ الله وَ الذِينَ مـَـعـَـہ اَشـِـداءُ عـَـلـَـي الڪـُـفارِ وُحـَماءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَيبـَـتـَـغـُـونَ فـَـضلاَ منَ اللهِ وَرِضو انـَـاط سـِـيمـَــاهـُـم فـِـي وجـُـوهـِهـِـم مـِن اَثرِ السجـُود (سوره فتح رڪوع-4) (محمد رسول الله ۽ سندس ساٿي، ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي تي ٻاجهارا آهن . تون هنن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين. هو پنهنجي رب جو فضل ۽ رضامندو گهرن ٿا. هنن جي پيشانين ۾ سجدي جي اثر کان نشانيون آهن)(مترجم).
(1)  اصل متن ۾ ”محمد رسول الله خاتم النبيين“ آهي، جو صحيح نه آهي.(مترجم)
(1) هن سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته هيءُ لطيف داستان انهيءَ وقت لکيو ويو، جنهن وقت سلطان محمد بن سام بالقابہ جي بادشاهيءَ جي تخت کي ناصرالدين قباچه بالقابہ پنهنجي جلوس سان سينگاريو هو ۽ سندس حڪومت اهڙي ته پڪي پايي تي بيٺل هئي جو جنهن به ملڪ تي ڪاهيائين ٿي ته اهو ملڪ سندس اڳيان ٻانهون ٻڌي ٿي بيٺو.(مترجم)
(1)  اصل فارسي عبارت ”و استقامت بندمت سرور متواتر شد“ اسان جي خيال ۾ عبارت ۾ خلل آهي ۽ مطلب اهوئي ٿي سگهي ٿو جو ترجمي ۾ ڏنل آهي. خود فارسي ڇاپي جي علامه ايڊيٽر کي پڻ هن عبارت ۾ شبهو آهي ، جيئن ته حاشيي ۾ چوي ٿو ته”عبارت در اين جا مختل است.“
(1)  پ جي پڙهڻي مطابق “ارور” يعني” اروڙ” . مگر ٻين جملي نسخن ۾ ويندي ن ۽ ر تائين هن لفظ جي پڙهڻي “الور” آهي.
(1)  ب : شهاب.
(1)  اصل متن ۾ ”صواب“ لکيل آهي جو غلط آهي. (مترجم)
(1)  فيروز اللغات، ص185 ۾ ”فرقدان“ يا ”فرقدين“ جي معني هيءَ ڏني وئي آهي: اتر قطب جا اهي ٻه تارا جيڪي قطب وٽ آهن، ان جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا، ۽ شام کان وٺي صبح تائين ظاهر رهن ٿا، ۽ ڪڏهن به نظر کان غائب نٿا رهن. (مترجم)
(2)  عنوان کان وٺي، هن هندسه تائين سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته ”جڏهن هيءُ ڪتاب عربيءَ ّکان فارسيءَ ۾ ترجموٿي چڪو ، تڏهن مان پنهنجي دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳس ته هيءُ ڪتاب ڪهڙي امير ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي! آخر بخت رهنمائي ڪئي ۽ دل ۾ چيم ته اي علي! تون جنهن صورت ۾ وزير شرف الملڪ مرحوم بالقابه جي نعمتن جو پاليل آهين، ته سندس ۽ سندس اولاد جا حق تنهنجي گردن تي واجب آهن، تنهنڪري مناسب ائين آهي ته هيءَ ڪتاب، جو هنن ، هنن خوبين جو حامل آهي .۽ جنهن جي پڙهڻ سان عرب ۽ شام جي رهاڪن جي عظمت دلين ۾ گهر ڪري ويندي وغيره وغيره، کڻي وڃي وزير حسين بن ابوبڪر بن محمد اشعري بالقابه جي خدمت ۾ پيش ڪر، ڇاڪاڻ ته هو به عرب جي خاندان مان آهي، ۽ پڻ سندس وڏي ڏاڏي حضرت ابو موسيٰ اشعري بالقابه جي هٿان ايران ۽ خراسان جو وڏو حصو فتح ٿيو هو،  ته هن جي مطالعي جو شرف حاصل ڪري ۽ هي ڪتاب برڪت ڀريو ۽ مقبول ٿئي.“ (مترجم)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :11
راڻيءَ جو چچ تي عاشق ٿيڻ ۽ چچ جو سندس محبت ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ

چچ برهمڻ ، هڪ خوبصورت، سهڻن  عضون، شاندار هاٺي، نازڪ بدن ، سر و قد ۽ لال ڳلن وارو نوجوان هو. راڻيءَ جڏهن سندس سهڻي صورت ۽ سهي  سر و قد ڏٺو ته مٿس جان ۽ دل سان عاشق، مفتون ۽ چري ٿي پيئي، ۽ سندس سونهن ، صورت ۽ پوشاڪ تان حيران ٿي، سندس عجيب الفاظن ۽ وڻندڙ اکرن تي دل ڦـُـرائي ويٺي . چچ جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪيو، عشق جو سلو، راءُ جي زال جي دل واري زمين ۾ وڌي وڻ ٿيو . راجا کي ٻار پيدا ڪرڻ جي لياقت ڪانه هئي، تنهن ڪري راڻيءَ کي  منجهانئس ڪو به فرزند ڪونه هو. آخر هڪ ڪراڙي ڌوتيءَ هٿان پيغام موڪليائينس ته: اي چچ! تنهنجي پنبڻين جي تير منهنجي دل کي ڦٽي وڌو آهي، ۽ تنهنجي جدائي جو زنجير ]هر وقت[ منهنجي ڳچيءَ جو ڳٽ ٿي پيو آهي، مون کي اميد آهي ته تون پنهنجي وصال جي دواخاني مان منهنجو علاج ڪندين، ۽ همدرديءَ جي هٿ سان اهو ڳٽ منهنجي گردن مان کوليندين، ۽ پنهنجي محبت جي هار ۽ ٻانهپ جي واليءَ سان منهنجي ڳچيءَ ۽ ڪنن کي سينگاريندين. ۽ جيڪڏهن تون منهنجو هي عرض قبول نه ڪندين ته مان پاڻ کي خون ڪري ڇڏينديس.

شعر

هـيـچـــت افتد کاين دل من شاد کـني

و ز هجر و فـــــــــراق خويش آزاد کني

ورباز کشــــي اي صنـمـا! روي زمـن

فـريـاد کـنـم مها که بيداد کــنـي [21]

]ڇا ڪڏهن منهنجا پرين منهنجي هيءَ دل شاد ڪندين؟

۽ پنهــنــجــي هـجـــر ســنـــدي قــيـــد کـــان آزاد ڪندين؟

پر جي محبوب ٿو موڙين تــــون پنهنجو منهن مـون کان

ڪـنـدس فـــريـــــاد اي دلــــدار جــــي بـيــداد ڪـنــديــن[

پوڙهيءَ جڏهن هيءُ پيغام کيس پهچايو ته چچ انڪار ڪيو، ۽ پاڻ کي روڪڻ واجب ڄاڻي چيائين ته: راجائن جي حرمن ۾ خيانت ڪرڻ جان جو خطرو، آخرت جي گرفتاري ۽ دنيا جي بدنامي آهي، ۽ بادشاهن جي ڪاوڙ جڏهن جوش ۾ ايندي آهي ته ان کي ڪوبه پردو روڪي ۽ دفع ڪري نه سگهندو آهي، تنهن ڪري هيءُ خيال ڇڏي ڏي، خصوصاً اسان لاءِ، ڇاڪاڻ ته اسين برهمڻ آهيون ۽ منهنجو پيءُ ۽ ڀاءُ راهب آهن،جيڪي اڃا تائين پنهنجي عبادتگاهه ۾ گوشه نشين ۽ پاٺ ۾ ويٺل آهن. منهنجي لاءِ اهائي بيعزتي ڪافي آهي، جو بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ آيو آهيان، جتي اميد ۽ خوف جي وچ ۾ حياتي گذارڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته مخلوق جي نوڪري.

]هميشه[ غضب جي ڪڪر سان گڏيل آهي، ۽ دانائن کي ناپسند، چئن شين تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي. بادشاهه، باهه، نانگ ۽ پاڻيءَ تي. انهيءَ سان گڏ وري هيءَ گلا به اختيار ڪريان، سو مون وٽان هيءَ مراد پوري نه ٿيندي . هن پيغام پهچڻ تي ]راڻي[ نرم ۽ تمام ڍرو ٿي چوائي موڪليو ته: جيڪڏهن اسان جي ورونهن ۽ ميلاپ کان پرهيز ٿو ڪرين ته  ]ڀلا[ هر روز وقت بي وقت پنهنجي خيال ۽ جمال کان اسان کي فيضياب ته ڪندو رهج، ته تنهنجي وصال جي اميد تي خوش رهندي اچان.

رباعي

خرســـــــنـــــــدم اگـــــــــر ســــــال بـــــسالت بينم

ور در عـــــمـــــــري شـــــــبي خــــــيـــــالـــت بـينم.

نوميد نگر دم از خـيـــــــالــــــت صــــــنـــــمــــــا!

آخــــر روزي شــــــــــــب وصــــــــالـــــــــــت بيـــنم:

]آهيان راضي مان ڏسان توکي اگر سال بسال

يا ڏسان عمر ۾ ڪنهن رات تنهنجو خــــــــــــواب خيال

ڪين اميد پليان تنهنجي خيالـــــــــــن کـــــــــــــان صنم!

نيٺ ڪنهن ڏينهن ٿيندو مون سان تنهنجو يار وصال. [

جڏهن اکيون اڙيون ته دل ]به[ يار جي وصال ۾ گرفتار ٿي[22]، ۽ نيٺ سندن وچ ۾وصال جا صبح اچڻ لڳا، جنهن ڪري روحاني موافقت محڪم ٿي، ۽ سندن محبت ۽ الفت مضبوط دستاويزن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ لڳي.

راءُ کي هنن جي حال جي ڪابه خبر ڪانه هئي. مخالف ٽولو جيتوڻيڪ سندن حسن ]سان گڏ هڪٻئي ڏانهن[ سندن نگاهه ڏسي بدگمان رهيو ٿي، پر جنهن صورت ۾ ڪنهن به اکين سان نه ڏٺو هو، تنهنڪري  ]هي راز[  مخفي رهندو آيو. ڪن دشمنن، راءُ کي هن حال کان واقف ڪري، اطلاع ڏنو ]پر[ راءُ قبول نٿي ڪيو، چئي: منهنجي حرمسراءِ کان اهڙو ڪم نه ٿيندو، ۽ چچ وزير اهڙيءَ بيحرمتي جو روادار هرگز نه ٿيندو. ٿوري وقت کان پوءِ، اهو ملڪ پورو سندس ]چچ جي [ قبضي هيٺ اچي ويو، ۽ جيڪو به ڪم هو، سو راءِ کي پسند ايندو هو، ۽ راءُ ساهسي ڪابه مصلحت سندس صلاح کان سواءِ نه ڪندو هو. نيٺ سڄي ملڪ تي چچ جو حڪم جاري ٿي ويو.

ساهسي راءُ جو دارالفنا مان لاڏاڻو ڪرڻ

آخر خدائي قضا مخفي پردي جي پويان ظاهر ٿي. راءُ  بيمار ٿيو ۽ بيماري ڊگهي ٿي پيئي، ۽ موت جي نشانين هن جي حياتيءَ جي چهري کي ڦيرائي ڇڏيو. راءُ جي زال ڳڻتي ۾ پئجي، چچ کي گهرايو ۽ چيائينس ته: اي چچ! راءُ جي عمر پوري ٿي چڪي آهي، ۽ موت جون نشانيون هن جي جسم ۾ ظاهر ٿي ويون آهن. راءُ کي ڪو فرزند ڪونه آهي، جو سندس مرڻ تي ملڪ جو وارث ٿئي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته راءُ جا مائٽ ملڪ ۽ ملڪيت تي قابض ٿيڻ سان، ضد سبب، اسان کي ڌڪارڻ ۽ ڏکوئڻ شروع ڪندا، بلڪ جيئن ته راءُ جي حياتيءَ ۾ ئي طعنن جي زبان کولي هئائون [23]، ته پوءِ هينئر اسان کان جان ۽ مال کسي وٺندا.مون کي هڪ رٿ خيال ۾ اچي ٿي، پڪ اٿم ته درست ثابت ٿيندي، اسان جي مراد بلڪل پوري ٿيندي، ۽ هيءُ ملڪ وري توّکي ملندو. ڇاڪاڻ ته منهنجو عقل تقاضا ٿو ڪري ته اسان جي همت سان ڌڻي پاڪ هيءُ ملڪ تنهنجي حوالي ڪندو، هيءَ بادشاهي ۽ عزت توسان قائم رهندي، ۽ سڀيئي تنهنجي تابعداري ڪندا. چچ چيو ته: تنهنجو حڪم منهنجي اکين تي آهي، ۽ تنهنجو فرمان ]ضرور[ عين مصلحت هوندو، پر مخلص خدمتگارن سان صلاح ڪرڻ ]پڻ[ فرض آهي،] تنهنڪري[ اسان کي به هن حال کان واقف فرمائج  ]تنهن تي[ راڻي سونهن ديوي چيو ته: پنجاهه ڪڙولن ۽ ڳٽن  تيار ڪرڻ جو حڪم ڏي، ۽ رات جو مخفي طور آڻي اندر تهخاني ۾ تيار رک. ]پوءِ[ چچ حڪم ڪيو، جنهن تي ڳريون ٻيڙيون ۽ زنجير تيار ڪري، راتو رات محلات ۾ آڻي تهخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ تيار ڪري رکيائون.

جڏهن راءُ  جو پويون وقت ٿيو ۽ سڪرات جي حالت پهتي، ۽ ويڄن اٿي ٻاهر وڃڻ جي ڪئي، تڏهن راڻي سونهن ديوي چيو ته: گهڙي کن گهر ۾ اندر ترسو، ۽ ] پنهنجي[ هڪ ايجنٽ کي حڪم ڏنائين ته: سڀني کي گهر ۾ پوري دروازو بند ڪري ڇڏ، جئن راءُ ساهسي جي موت جي خبر شهر ۾ نه پوي، ۽ جيڪي تنهنجا ۽ منهنجا تابع آهن، تن سڀني کي محلات ۾ آڻ. ]بس پوءِ ته[ پنهنجن سڀني تابعدارن کي محلات ۾ آندائون، پوءِ چيائين ته: فلاڻو فلاڻو، جيڪي راءُ جا عزيز آهن ۽ ملڪ جا دعويدار آهن، تن سڀنيءَ کي هڪ هڪ ڪري سڏ. اهڙيءَ طرح هڪ هڪ کي، انهي بهاني سان ته راجا اڄ البت خوش آهي، ۽ هن سان ڪا صلاح ڪرڻي اٿس، آندائون ٿي. ۽ جڏهن حاضر ٿيا ٿي [24]، تڏهن کين اندر ٿي موڪليائون، جتي خاص ڀروسي جوڳن ماڻهن کين قيد ٿي ڪيو، نيٺ سڀني مخالفن کي بند ڪري، ٻيڙين ۽ ڳٽن ۾ قيد ڪيائون. پوءِ راءُ جي مائٽن مان ٻئي ٽولي کي، جيڪي غريب هئا، سڏي ٿي چيائين ته: اڄ راءُ تنهنجي فلاڻي عزيز تي، جنهن جي ڏمر کان توکي رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي،ڪاوڙ جي کيس قيد ڪيو آهي. تون جيڪڏهن فقر فاقي کان نجات چاهين ٿو، ۽ شان شوڪت ۽ مال حاصل ڪرڻ، گهرين ٿو ته قيد خاني ۾ گهڙي، پنهنجي دشمن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، هن جو گهر، سامان سڙو، نوڪر ۽ زمين وڃي پنهنجي قبضي ۽ تصرف ۾ آڻ. اهڙيءَ طرح هرهڪ ويو ٿي ۽ پنهنجي مخالف کي ڪـُـهي، هن جي گهر، وهٽن، ڪپڙن، سامان، دولت ۽ عيال تي وڃي قابض ٿيو ٿي. انهيءَ نموني هڪ ئي رات ۾ مخالفن کي خونخوار ترار جي خوراڪ ڪيائون، ۽ کين دشمن کان دلجاءِ ٿي، ڇو ته انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبه مخالف ڪونه رهيو، جو ميراث جي دعويٰ ڪري.

چچ بن سيلائج جو راجا ساهسي راءُ جي تخت تي ويهڻ

پوءِ جڏهن موافق لشڪر ۽ نوڪرن کي پنهنجي تابعداريءَ هيٺ آندائون، ۽ مفلس ٺـَـڪر، جن سندس تابعداري قبول ڪئي هئي، سي سڀ هٿيار پنوهار پهري، بلڪل تيار ۽ هوشيار ٿي، درٻار ۾ صفون ٻڌي اچي بيٺا، ۽ سڀني واپارين، ڪاريگرن، مـُـکين ۽ وڏن ماڻهن کي حاضر ڪري بادشاهيءَ جو تخت سينگاريائون، تڏهن راڻي سونهن ديوي پردي پٺيان اچي، ٻـُـڌِيمـَـن وزير کي انهن ڏانهن پيغام ڏنو ته [25]: درٻار جي اڳواڻن ۽ مکيه ماڻهن کان خير عافيت پڇڻ کان پوءِ کين راجا جو حڪم پهچائي ٻڌاءِ ته، جيتوڻيڪ سندس بيماري صحت ڏانهن رخ رکيو آهي ۽ تندرستي حاصل ٿي چڪي اٿس، پر هيءُ جيڪو انتقامي ڪاروائيءَ جو حادثو ٿي چڪو آهي، تنهن جي صدمي کان راءُ ساهسيءَ کي درٻار ۾ اچڻ جي طاٰقت ڪانهي، ۽ ]ڊپ آهي[ ته ماڻهن، شريف خواه رذيل، طاقتور خواه ضعيف، جو ڪاروبار مهمل رهي، تنهنڪري پنهنجي حياتيءَ ۾ حاجب چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري ٿو ته متان رعيت، جا خدا جي امانت آهي، تنهن سان بي انصافي ٿيڻ ڪري ، ملڪ ۾ ڪو خلل پيدا ٿي پوي.

]اهو پيغام ٻڌي[ سڀني ادب کان گوڏا کوڙيا ۽ زمين تي مٿا ٽيڪيا ۽ چيو ته: راءُ جي حڪم جا تابعدار آهيون، ۽ چچ وزير ]پڻ[ بهرحال سهڻين ۽ وڻندڙ عادتن سان سينگاريل آهي، ۽ سندس عقل جي بدولت ملڪ جو ڪاروبار درست ]هلي رهيو[ آهي. تنهن کان پوءِ راڻي سونهن ديوي هڪ هزار تابعدارن ۽ مخلص رئيسن، اڳواڻن، سپهه سالارن ۽ اميرن کي قيمتي، رنگا رنگي ۽ جڙاءُ دار انعام اڪرام ڏيئي، ملڪ جو ڇـَـٽ چچ جي سر تي رکي، کيس تخت تي ويهاريو. سڀني انهيءَ تي فخر ڪري، نئين سر خدمتگاري جا شرط بجا آندا. پوءِ سندس فرمائڻ تي وزير ]ٻـُـڌيمن[ نئين سر وزارت جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ۽ خاص ماڻهن کي وڏن انعامن سان سرفراز ڪري، اميرن کي  جاگيرن جا نوان پروانا عطا ڪيائون ]اهڙيءَ طرح[ بادشاهي پڪيءَ طرح چچ جي هٿ آئي.

هن ڳالهه کي ڇهه مهينا گذري ويا. آخر ساهسي راءُ جي موت جي خبر سندس ڀاءُ مـَـهرَٿ(1)  کي پهتي، جو چترور(2) جو بادشاهه هو. ]تنهن تي[ هو وڏو ڪٽڪ، مست هاٿي ۽ دلير بهادر ساڻ وٺي لڙائي لاءِ تيار ٿي، چچ تي ڪاهي آيو، ۽ اروڙ کان ٽي ميل پري اچي ڪئمپ ڪيائين. هن پنهنجن وزيرن [26]  ۽ خاص ماڻهن جو هڪ ٽولو وفد طور ]چچ ڏانهن[ روانوڪيو، ۽ پيغام موڪليائين ته: هن ملڪ جو وارث مان آهيان، هيءُ ملڪ منهنجي پيءُ ڏاڏي جو آهي، تنهنڪري ڀاءُ جي ميراث جو آءٌ وڌيڪ حقدار آهيان. ]جيڪڏهن ملڪ منهنجي حوالي ڪندين ته[ توکي تنهنجي ساڳيءَ وزيريءَ ۽ نائبيءَ جي عهدي تي قائم رکيو ويندو، ۽ تو سان هميشه مهربانيءَ ۽ احسان جي روش ڪئي ويندي.

چچ جي مهرٿ سان جنگ ڪرڻ ۽ کيس ٺڳيءَ سان قتل ڪرڻ

پوءِ چچ راڻيءَ وٽ آيو ۽ اچي ٻڌايائينس ته: هيءُ دشمن گهر جي در تي اچي پهتو آهي، ۽ ملڪ ۽ ميراث جي دعويٰ ڪري ٿو، هاڻي ڪهڙي صلاح آهي؟ ساهسيءَ جي زال کلي چيو ته: مان پرده نشين عورت آهيان، جيڪڏهن مون کي جنگ ڪرڻي آهي ته پوءِ تون منهنجا ڪپڙا پائي ]گهر ۾[ ٿي ويهه ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته ٻاهر نڪري وڃي جنگ ڪريان. بزرگن جو چوڻ ڪونه ٻڌو اٿئي ته ڪنهن ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مقرر ٿئي، ۽ ]مقرر ٿيڻ کان پوءِ[ اهو ماڻهو عقل ۽ تجربي کان ڪم وٺي ته هو ]ضرور[ انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ وڃي پورو ڪندو. جڏهن بادشاهي تنهنجي حوالي ۽ تو ڏانهن منسوب ٿي چڪي، ته پوءِ منهنجي صلاح جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ تيار ٿيءُ ۽ گجندڙ شينهن وانگيان ميدان ۾ وڃي، دشمن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته عزت ۽ نالي سان مرڻ، پاڻ جهڙي آڏو، ذلت برداشت ڪرڻ کان بهتر آهي.

بيت

هم فيل داري، هم چشم- هم خيل داري هــم خدم

مردانه بيرون نـِـه قدم- زير و زبر ڪـُـــــــــن خـَـصم را

]گهوڙا ۽ هاٿي تو ڪڻيا- لشڪر ۽ نوڪــر اڻڳڻيا،

تو ۾ وڌي موليٰ مڻيا- ڪر خصم کي زيـــــر و زبر.[

چچ، راڻيءَ جو جواب ٻڌي شرمندو ٿيو ۽ لڙائيءَ جا هٿيار پهري، لشڪر سينگاري، صفون ٻڌي، سامهون ٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو اڃا قيد ۾ هئا، تن سڀنيءَ کي پڻ ٻاهر ڪڍي، عزت ڏيئي، نئين سر انجام اقرار وٺي، پنهنجو احسانمند بنائي، اڪرام۽ واعدن سان سرفراز ڪري، دشمن جي جنگ لاءِ ميدان ۾ آندائين. ]هوڏانهن[ راءُ مهرٿ پڻ لشڪر جو قلب، ميمنه، ميسره، مقدمه ۽ ساقه(1) تيار ڪيو. ]بس پوءِ ته[ ٻنهي طرفن کان بهادر لڙائيءَ[27]  ۾ جنبي ويا، ۽ ٻنهي طرفن کان ڳپل بهادر ڪـُـسي ويا. راءُ مهرٿ جڏهن ڏٺو ته ٻنهي طرفن کان دلير مرد خونخوار ترار جو لقمو ٿي رهيا آهن، تڏهن ]چچ کي[ چيائين ته مان ۽ تون ٻيئي ملڪ جا دعويدار آهيون ]اچ ته[ هڪٻئي سان لڙائي ڪريون، جيڪو اسان مان ]غالب پئجي ميدان مان[ ٻاهر اچي، ملڪ انهيءَ جو آهي. چچ سندس سامهون ٿيو ۽ چيائين ته مان برهمڻ آهيان، سوار ٿي جنگ ڪونه ڪري سگهندس، پيادو ٿي اچ ته پوءِ مڙس مڙس جو مٽ آهي. چترور جي راجا کي پنهنجي همت ۽ بهادريءَ تي پورو ڀروسو هو، سو دل ۾ چيائين ته برهمڻ کي ڪهڙي طاقت آهي، جو لڙائي ۾ مون سان هٿيار کڻڻ جي دعويٰ ڪري، پکيءَ وانگيان سندس منڍي مروٽي بدن کان ڇني وٺندس] اهو خيال ڪري[ گهوڙي تان لهي پيادو ٿي روانو ٿيو. چچ پڻ پيادو ٿيو، پر سئيس کي حڪم ڪيائين ته گهوڙو منهنجي پويان وٺيو اچ. جڏهن هڪٻئي کي سوڙها ٿيا، تڏهن چچ هڪدم گهوڙي تي چڙهي حملو ڪيو، ۽ وار ڪندي، راجا مهرٿ جو سر بدن کان ڌار ڪري ڇڏيائين.] هيءُ ڏسي[ چچ جي لشڪر حملو ڪيو، ۽ چترور جي لشڪر کي شڪست آئي. انهن مان ڪن مهرٿ کي ڪسندو ڏسي، امان گهري اطاعت اختيار ڪئي، ۽ ڪي خونخوار ترار جو کاڄ ٿي ويا.چچ فتح جون خوشيون ڪندو اروڙ جي قلعي ۾ موٽي آيو، ۽ شهر ۾ قبي ٺاهڻ جو حڪم ڪيائين ۽ ملڪ جي تخت تي ويهي، جشن [28] ملهائي، اميرن ۽ جنگي جوڌن تي مهرباني ڪيائين. هاڻي چئني ملڪن ۾ ڪوبه سرڪش ڪونه رهيو.

چچ جي راڻي سونهن ديوي سان شادي ڪرڻ

هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو لکندڙ هن طرح روايت ٿو ڪري ته: جڏهن اها فتح حاصل ٿي، تڏهن راڻي سونهن ديوي جي حڪم تي شهر جا مکيه ۽ وڏا ماڻهو حاضر ٿيا. (انهن کي) فرمايائين ته: جنهن صورت ۾ راءُ ساهسي گذاري ويو، ۽ مون کي منجهانئس ڪوبه فرزند ڪونهي، جو ملڪ جو وارث ٿئي ها، ۽ هيءُ ملڪ راجا چچ جي هٿ آيو آهي، تنهنڪري مون کي صحيح ويڏيءَ ۽ چٽي ڏاج سان چچ جي حوالي ڪريو. رئيس ۽ بزرگ گڏ ٿي درٻار ۾ آيا ۽ راڻي سونهن ديوي جي ويڏي چچ سان پڙهيائون. چچ کي انهيءَ مان ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پيدا ٿي: هڪ پٽ جو نالو ڏاهـَـر، ٻئي جو ڏ َهـَـرسـِـينـُـه(1) ۽ ڌيءَ جو نالو مايين (2) رکيائين. هرهڪ جي ڄمڻ وقت نجومين کان سندن طالع بابت پڇا ڪيائين، ۽ هنن سندس حڪم تي هر هڪ جي طالع بابت ستارن جي برجن ۾ منزل، نيڪبختي، عزت ۽ ذلت جو نقشو ڪڍي تيار ڪيو.  ]تنهن کان پوءِ[ چوڻ لڳا ته راجا جا ٻيئي پٽ بادشاهه رهندا، ۽ سنڌ گهڻو وقت سندن قبضي هيٺ رهندي. ]باقي[ نياڻيءَ جي بخت لاءِ هي فيصلو ڪيائون ته هوءَ سنڌ کان ڪيڏانهن ٻاهر ڪانه ويندي، ۽ جيڪو سندس مڙس ٿيندو، سوئي اتي جو راجا ٿيندو، ۽ پوري سنڌ [29] هن جي قبضي ۾ رهندي، ]جنهن مان[ هو فائدو ۽ لطف حاصل ڪندو. نجومين جڏهن ڇٺي هن طرح مقرر ڪئي، تڏهن ]چچ[ حڪم ڪيو ته: هيءُ ]راز[ مخفي رکو ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايو.

(1) فارسي ڇاپي ۾”مهرت“ آهي ۽ نسخي ن جي به اهائي پڙهڻي آهي. پ ۾ ”مهترين“ ۽ ر ۽ م ۾ هر جڳهه ”مهرب“ لکيل آهي. هت ”مهرت“ نالي جي اصليت کي مدنظر رکندي، ”مهرٿ“ ڪري لکيو ويو آهي.
(2)  پ،ڪ،ر۽ م جي اڪثر اهائي پڙهڻي آهي ۽ شهر چتور جو آڳاٽو نالو به اهو آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص76) ۽ انهيءَ ڪري اها پڙهڻي قائم رکي وئي آهي. فارسي ايڊيشن ۾ ”چتور“ رکيو ويو آهي.(ن- ب)
(1)  پراڻي زماني ۾ جڏهن لڙائيءَ واسطي لشڪر تيار ڪري، ميدان ۾ بيهاريندا هئا، تڏهن لشڪر کي پنجن حصن ۾ ورهائي ٺاهي بيهاريندا هئا، جن جا نالا قلب، ميمنو، ميسرو، مقدمو ۽ ساقو هوندا هئا. يعني وچيون، ساڄو، کاٻو، اڳيون، ۽ پويون حصو. هر هڪ حصي جي مٿان هڪ يا گهڻا سپهه سالار هوندا هئا، خود بادشاهه يا مکيه سپهه سالار قلب ۾ بيهندو هو.(مترجم)
(1) ن ۽ ب ۾ هر جگهه ”ڏهرسين“ ۽ باقي سڀني نسخن ۾ “دهرسـِـيـنـ*” آهي ۽ فارسي ڇاپي ۾ به اها پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. ”سيـِہ“ دراصل ”سيـنہ“ آهي، يعني شينهن. نسخه ڪ جي پڙهڻي به ”دهرسينه“ آهي. نالي جي اصليت جي لحاظ سان ”ڏهرسينـہ“ واري پڙهڻي کي قائم ڪيو ويو آهي.(ن-ب)
(2)  ن ۽ ب ۾ هر جڳهه ”مائن“، س: بائي. ڪ: مائني.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :12
چچ جو پنهنجي ڀاءُ چـَـندرکي اروڙ جي شهر ۾ آڻڻ ۽ انهيءَ کي مقرر ڪرڻ

پوءِ پنهنجي ڀاءُ چندر ڏانهن اعتماد جوڳو ماڻهو موڪلي چيائين ته: ”اسان جا وڏا راهب آهن ۽ هميشه بتن جي مندرن سان سچو شوق رکندڙ آهن. سندن بندگي ۽ آتش پرستيءَ جو نالو ۽ رسم مشهور ۽ پکڙيل آهي. اسان جو پيءُ سيلائج هن رستي ۾ اِنـَـا وَ حـَّـدُ نا آباءَ نا (1) جي قول تي عمل ڪندڙ آهي، جا ڳالهه اسان جي عالمن ۽ حڪيمن کي پسند آهي. پر هندن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي پرهيزگاريءَ ۽ رياضت جي حوالي ڪندو ته جڏهن سندس ساهه بدن کان جدا ٿيندو، تڏهن انهن چگـَـن ڪمن جي بدلي ۾ سندس ساهه ڪنهن بادشاهه جي پٽ يا ڪنهن سردار جي جسم ۾ پوندو، جتي هو دل جو آرام، مال ۽ دولت جو تجمل، ۽ پوري پوري فراغت حاصل ڪندو. سيلائج جي خدا، اسان کي هن دفعي راجائي ڏني آهي، ۽ وڏي بادشاهت منهنجي حڪم هيٺ آئي آهي. تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي ته توکي اروڙ جي تختگاهه ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري، پنهنجو ولي عهد بنايان، ۽ توکي پڻ حڪومت ۾ دينداري، امانت، پرهيزگاري ۽ عبادت ڪرڻ ڪري ، ٻيڻو- ٽيڻو ثواب ملندو“. جيتوڻيڪ هو پاسو ڪندو رهيو، پر آخر هن کي آڻي ”اپيلن جي ڪورٽ“(2) تي مقرر ڪيائين، ۽ اروڙ جو مڪمل ضابطو سندس هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجو ۽ بادشاهيءَ جو ڪاروبار سندس حوالي ڪيائين. [30]

چچ جي پنهنجي ڀاءُ چـَـندرکي پنهنجي نائب بنائڻ بابت پرواني جو بيان

]۽ هن مضمون وارو پروانو جاري ڪيائين ته:[ جڏهن سيلائج جي خدا، اسان کي تاج ۽ تخت جو لائق بنائي اسان جي بادشاهيءَ جو حڪم جاري ڪيو، تڏهن واجب آهي ته رعيت، جا خدا تعاليٰ جي امانت آهي ۽ اسان جي هٿ هيٺ آهي، تنهن جي نگرانيءَ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي، ۽ عدل ۽ انصاف جي رستي سان سندن خوشحالي ۽ سندن حالتن سڌارڻ لاءِ گهڻو سعيو عمل ۾ آندو وڃي، جيئن ڪوبه طاقتور، هيڻي تي ظلم نه ڪري، ۽ اسان  کي خداتعاليٰ جي درٻار ۾ بدتميزيءَ ۽ بي تدارڪيءَ جي ڪري وٺ پڪڙ نه ٿي سگهي. تنهن ڪري هيءُ وڏو ڪاروبار ۽ نازڪ ڪم منهنجي ڀاءُ ”راهبن جي ڇٽ“ چندر جي ذمي لڳايو ويو آهي ته هو روبرو خواه پرپٺ انهيءَ کي سنڀالي، ۽ پوري سپاهه، ڏسڻن وائسڻن ماڻهن خواه رعيت تي لازم آهي ته سندس فرمانبرداري لازمي سمجهن.

چچ جو ٻـُـڌِيـمـَـن وزير کان ولايت جي احوال ۽ سيهرس راءُ جي ملڪ جي حدن بابت پڇڻ

پوءِ وزير ٻڌيمن نيڪي کي سڏي کانئس سيهرس راءُ  جي ملڪ جون حدون پڇيائين ۽ چيائينس ته: اي لائق وزير ۽ مضبوط صلاحڪار! انهيءَ سنڌ ملڪ جون حدون توکي معلوم آهن، جو راءُ ساهسي وڏي جي اقتدار ۽ حڪم هيٺ هو، ۽ اهي چار بادشاهه جي چئني طرفن جي حڪومت جا جوابدار هئا، ڪير آهن؟ اسان کي انهن جي واقفيت ڪراءِ ته جيئن مان انهن وٽ وڃان، ۽ مون کي موافقت خواه مخالفت ۾ هر هڪ جي طبيعت معلوم ٿئي. پوءِ جيڪو اسان جي حڪمن جو[31] پابند هجي، تنهن جي تربيت ڪئي وڃي، ۽ جيڪو اسان جي فرمان کان سرڪشي ڪري، تنهن جي دفع ڪرڻ لاءِ تدارڪ ڪيو وڃي. جيئن سڀئي فرمانبرداريءَ هيٺ داخل ٿي وڃن، ۽ اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه مخالف يا ڇڪتاڻ ڪندڙ نه هجي، ۽ ڪوبه اسان جي حڪم کي ٽاريندڙ يا روڪيندڙ نه رهي.

ٻــُـڌِيمــَـن جي تقرير ڪرڻ

وزير زمين تي مٿو ٽيڪي عرض ڪيو ته: راجا چچ سلامت رهي! کيس معلوم هجڻ گهرجي ته هيءُ تختگاهه ۽ بادشاهي هڪڙي ئي راجا جي سنڀال هيٺ هئي، ۽ سندس ]زيردست[ حاڪم هميشه فرمانبرداريءَ ۽ تابعداريءَ لاءِ تيار ۽ منتظر هوندا هئا. هيءُ ملڪ جڏهن راءُ سيهرس وڏي(1) بن ديوائج جي هٿ هيٺ آيو، ۽ هو ايران جي لشڪر کان شڪست کائي فنا ٿيو، تڏهن کانئس ]پوءِ[ ساهسي جي حوالي ٿيو، هن چئني حاڪمن ]مان هر هڪ[ کي هڪ هڪ طرف جي سنڀالڻ جو ذميدار ٺهرايو ته هو خزاني جي مال وصول ڪرڻ ۽ ملڪ جي سنڀال ڪرڻ ۾ نهايت ڪوشش ڪندو رهي. ڇاڪاڻ ته راجا انهيءَ ڪري متفڪر ٿو رهي، تنهنڪري هيءُ فڪر پنهنجي دل مبارڪ تان دور ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ هن ۾ لشڪر لاءِ ]پڻ[ ترغيب آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هيءُ حاد ثو دفع نه ٿيندو ته ممڪن آهي ته زماني جي ڦير گهير ڪري، ڪو اهڙو خوفناڪ حادثو پيش اچي، جنهن جو ٽارڻ ناممڪن ٿي پوي. پر جيڪڏهن ولايت مضبوط هوندي ۽ دل جو آرام موجود هوندو ته پوءِ آسپاس وارا دنگئي بادشاهه پڻ توجهه ڪندا ۽ خدمت ۾ حاضر ٿيندا ۽ سچ پچ آهي به ائين ته جنهن وقت بهادر لشڪر ۽ مست هاٿين جي ذريعي دل کي اطمينان ۽ قوت هوندي، تڏهن مـُـسـَـببُ الاَ سباب (سبب پيدا ڪندڙ) به فتح ۽ ڪاميابيءَ جا سبب بنائيندو ۽ توکي مخالفن تي فتح حاصل ٿيندي. مون کي اميد آهي ته الله تعاليٰ ملڪ جا ڀاگـَـا ۽ طرف [32] مضبوط ڪندو ۽ ]چئني[ پاسن جا چارئي حاڪم تنهنجي بندگيءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾ وجهندا. جملي پريشانيون دفع ٿي وينديون ۽ مخالف، جوهردار ترار جي خوف کان، فرمانبرداريءَ جو ڳٽ پنهنجين ڳچين ۾ وجهندا، ۽ عاليشان ملڪ ۽ مشتريءَ جي ولايت هميشه شان ۽ نيڪي سان توسان ]نه فقط[ قائم رهندي،] بلڪ[ هر روز وڌندي رهندي. بهرحال هن مقصد لاءِ بادشاهه کي همت ۽ دليري ڌارڻ ۽ ڌڻي پاڪ جي حڪم تي توڪل رکڻ گهرجي ته خدا تعاليٰ ]پڻ[ راجا جي ارادي ۽ همت مطابق مقصد پورو ۽ اميد برصواب ڪندو.

چچ جو اروڙ جي حڪومت جي حدن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ حدون نروار ڪرڻ

چچ جڏهن ٻڌيمن وزير کان هيءُ گفتگو ٻڌي ۽ وزير جي ڳالهه سندس دل تي ويهي ويئي، ته کيس خوشي ۽ فرحت حاصل ٿي، ۽ انهيءَ صلاح تي سندس شڪرانا مڃي، هن خوشخبريءَ مان ]چڱي[ فال ورتائين، ۽ انهيءَ موجب هڪ مناسب فرمان چؤطرف پنهنجن اعتماد جوڳن ماڻهن ڏانهن موڪليائين، ۽ آسپاس وارن بادشاهن کي ]پڻ[ استدعا ڪري، هڪ وڏو لشڪر تيار ڪرڻ لڳو ته جيئن هندستان جي انهيءَ سرحد تي وڃي، جا ترڪن سان لاڳو آهي. نيٺ سعد ستاري جي وقت، جيڪو نجومين حساب ڪري معلوم ڪيو هو، منزل پٽيائين ۽ آخر گهڻيون منزلون طيءِ ڪري، اچي قلعي ڀاٽيا وٽ پهتو، جو بياس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. انهيءَ قلعي جي واليءَ جنگ شروع ڪري ڏني. نيٺ لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کان پوءِ ڀاٽيا جو راجا شڪست کائي وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويٺو، ۽ راجا چچ غالب ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ ڪيترو وقت ترسڻو پيس، جنهن ڪري اناج جي قلت ٿي ويئي، گاهه، ڪاٺيون ]ملڻ[ پڻ مشڪل ٿي پيون. ]نيٺ[ جڏهن ]قلعي وارا[ تنگ ٿيا، ۽] رات جي وڳڙي ۾[ جڏهن دنيا ڪاري گودڙي ڍڪي ۽ ستارن جو بادشاهه ]سج[ رات جي [33] ڪارنهن واريءَ چادر ۾ لڪي ويو، تڏهن ]ڀاٽيا جو راجا[ اهو قلعو ڇڏي اسڪلنده جي قلعي ڏانهن هليو ويو ۽ وڃي ان جي آسپاس لٿو. اهو قلعو پڻ سندس هٿ ۾ هو ۽ وڌيڪ محڪم هو. انهيءَ ڳوٺ جي چراگاهه ۾ رهي، احوال معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس موڪليائين، جن اچي خبر ڏنس ته چچ ڀاٽيا جي قلعي اندر وڃي لڪو آهي.

چچ جو اسڪلندهه جي قلعي ڏانهن وڃڻ

جڏهن چچ کي معلوم ٿيو ته هو ]ڀاٽيا جو راجا[ اسڪلنده قلعي ۾ بند ٿيو آهي، تڏهن هن خبر ٻڌڻ شرط پنهنجي خاص ماڻهن مان هڪ امين کي ڀاٽيا جي قلعي تي مقرر ڪري، اسڪلنده ڏانهن رخ رکيائين، ۽ وڃي ان جي ٻاهران ڪئمپ ڪيائين. اسڪلنده جي قلعي ۾ شجاع نالي سپهه سالار رهندو هو، جو هميشه چچ جي تابعداري ڪندو هو، ۽ قلعي جي رهاڪن تي سندس ڏاڍو اثر هو، ننڍو خواه وڏو سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندوهو. چچ انهيءَ ڏانهن ماڻهو موڪلي، کيس حڪومت ۽ بادشاهيءَ جي آڇ ڪئي، ۽ سندس ]چچ جيل[ حڪم تي انهيءَ قلعي جي بادشاهيءَ جو پروانو پڪن انجامن ۽ اقرارن سان لکيو ويو ته ]هو[ جنهن وقت ڀاٽيا جي راجا چتر کي ڪـُـهندو يا قيد ڪندو ته ]سندس بدران[ هو پاڻ راجا ٿيندو، ۽ اهو شهر ڀاٽيا سميت سندس هٿ هيٺ ڏنو ويندو. هن پڻ ]اها آڇ[ قبول ڪئي، ۽ انهيءَ مضبوط شرط جي آسري تي پنهنجي ضمانت ۽ پٽ، چچ ڏانهن موڪلي، پاڻ وقت ناوقت انهيءَ حاڪم ]چتر[ جي خدمت ۾ وڃڻ لڳو، اهڙيءَ طرح جو رات يا ڏينهن ]۾ ڪنهن به وقت[ کيس درٻار ۾ وڃڻ کان روڪ نه ٿيندي هئي. اوچتو اڌ رات جو وجهه وٺي، [34]  راجا چتر کي ڪـُـهي ان  جو سر چچ ڏانهن موڪليائين. راجا چچ قاصد سان مهربانيون ڪيون، ۽ خوشي ظاهر ڪري، انعام اڪرام ڏئي، انهيءَ قلعي جي خودمختار حڪومت جو فرمان عطا ڪيو. شهر جي چڱن ۽ مکيه ماڻهن اچي سوکڙيون ۽ تحفا هن جي ]چچ جي[ خزاني ۾ پياريا. هن، شهر جي وڏيرن ۾ مشهور ماڻهن جي پنهنجي روبرو ڏاڍي عزت ڪئي، ۽ کين ”شجاع منهيه“ جي فرمانبرداريءَ جي پارت ڪيائين ته جيئن هميشه هن جي فرمانبرداري لازم ڄاڻندا رهن ۽ سندس صلاح کان ٻاهر نه وڃن.

چچ جي سـِـڪـه ۽ ملتان جي طرف منزل ڪرڻ

راجا چچ اسڪلنده جي ڪاروبار کان فارغ ٿي، سڪه ۽ ملتان ڏانهن منهن ڪيو. ملتان جي شهر ۾ راءُ ساهسيءَ جي مائٽن مان بجهراءُ (1) نالي هڪ راجا هو، جنهن وٽ وڏو ملڪ ۽ ]جنگ جو[ تمام گهڻو سامان ۽ اسباب هو. جڏهن کيس چچ جي پهچڻ جي خبر پهتي، تڏهن پاڻ راوي نديءَ جي ڪپ تي آيو، سندس ڀائيٽو سيهول(2) ملتان جي سامهون اڀرندي طرف کان سـِـڪه جي قلعي جو ڪمانڊر هو، بجهراءُ جو سؤٽ اجسين وڏو لشڪر وٺي اچي سامهون ٿيو. بياس نديءَ جي لنگهه وٽ ] چچ ۽ سندس لشڪر[ ٽي مهينا ويٺو رهيو، ۽ تنهن کان پوءِ جڏهن پاڻي لهي ويو، تڏهن انهيءَ لنگهه جي مٿان هڪ اهڙي جاءِ چونڊيائون، جتي ڪوبه روڪيندڙ ڪونه هو، ۽ اُڪري، سـِـڪه جي شهر ۾ اچي سيهول سان جنگ ڳنڍيائون. ڪيترو وقت انهيءَ قلعي تي ويٺا رهيا. جڏهن قلعي وارن جي حالت تنگ ٿي، ۽ ]چچ جي[ پنهنجي طرف جا ڪي نالي وارا دوست شهيد ٿيا ۽ دشنمن جا پڻ بي انداز ماڻهو برباد ٿيا [35] ، تڏهن سيهول اتان ڀڄي، ملتان جي قلعي ۾ هليو ويو، ۽ سڀيئي گڏجي راويءَ جي ڪناري تي جنگ جي هٿيارن سان تيار ٿي بيٺا. راجا چچ سڪه جي قلعي کي هٿ ڪري پنج هزار جنگي سپاهي، جيڪي قلعي ۾ هئا، سي سڀ قتل ڪري، شهر وارن ماڻهن کي غلامن ۽ غنيمت طور قيد ڪري، امير عين الدوله ريحان مدنيءَ کي سڪه جي قلعي تي مقرر ڪيو، ۽ پاڻ ملتان جي طرف ٽپيو، جتي ٻئي لشڪر دوبدو ٿيا. راجا بجهراءُ زبردست لشڪر، جنگي هاٿي ۽ بهادر مرد ساڻ وٺي ٻاهر نڪتو ۽ اچي چچ جي سامهون ٿي، خطرناڪ لڙائي ڪيائين. ٻنهي طرفن کان بي انداز ماڻهو قتل ٿيا. ]آخر[ بجهراءُ قلعي ۾ بند ٿي،ڪشمير جي بادشاهه ڏانهن خط موڪلي کيس چچ جو اطلاع موڪليو ته: چچ بن سيلائج برهمڻ اروڙ جي تختگاهه جو والي ٿي،گهڻو لشڪر ساڻ وٺي اچي سهڙيو آهي ۽ سڀ ننڍا وڏا قلعا فتح ڪري، هٿ ڪيا اٿس. اسان کي ساڻس مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه رهي آهي، مضبوط قلعا سندس حڪم هيٺ اچي چڪا آهن، ۽ ڪوبه راجا مقابلي ۽ لڙائي ۾ مٿس فتح حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هو ]هينئر[ ملتان اچي پهتو آهي، توهان اسان جي امداد فرض سمجهي ڪا مدد موڪلڻ فرمايو.

قاصد جو ڪشمير کان هٿين خالي موٽڻ

قاصد جڏهن ڪشمير پهتو ته انهيءَ وقت ڪشمير جو راجا فوت ٿي ويو هو، ۽ سندس ننڍڙو پٽ تخت نشين ٿيو هو. وزيرن ۽ صلاحڪارن، خاص ماڻهن، حاجبن، وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن صلاح ڪئي، ۽ هن خط جو سهڻي نموني جواب لکيائون ته: ڪشمير جو راجا دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو، سندس پٽ اڃا ننڍو ۽ نوعمر ٻار آهي. سندس امير اڃا ته پنهنجين پنهنجين جاگيرن ۾ سرڪشي ۽ بغاوت اختيار ڪري [36] ۽ ڪنڌ مٿي کڻي رهياآهن: ]پهريائين ته[ پنهنجي آسپاس جو بندوبست ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، تنهن ڪري هن وقت اسان مدد ۽ اعانت نٿا ڪري سگهون، اسين پنهنجي ڪم جي ڳڻتيءَ ۾ گرفتار آهيون.

جڏهن قاصد موٽي اچي بجهراءُ کي هيءَ خبر پهچائي، ۽ ڪشمير جي راجا جي مدد کان نااميد ٿيو، تڏهن چچ راجا سان پڪو انجام ڪري، صلح جي درخواست ڪري، امان نامي جو عرض ڪيائين، جيئن هو قلعو خالي ڪري، سلامتي سان ٻاهر نڪري وڃي، ۽ ڪوبه ماڻهو تيسين ساڻن ڇيڙ ڇاڙ نه ڪري، جيسين بجهراءُ پنهنجن تابعدارن، تعلقدارن، ۽ پوئلڳن سميت ڪنهن امن واري جاءِ تي وڃي پهچي. چچ اهو انجام قبول ڪري، کيس امان ڏني ]جنهن تي[ هو قلعي مان نڪري،پنهنجن  تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن سان گڏ ڪشمير جي جبل ڏانهن روانو ٿيو. ]پوءِ[ چچ قلعي ۾ داخل ٿي ملڪ جو قبضو ورتو.

چچ جو ملتان جي قلعي ۾ پنهنجو نائب ويهاري، مٿي وڃڻ

ملتان جي قلعي حوالي ٿيڻ تي، چچ هڪ ٺڪر کي ملتان ۾ نائب مقرر ڪري، پاڻ، منروي جي بتخاني ۾ ويو، ۽ بت کي سجدو ڪري. خيراتون ڏيئي، مٿي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. برهمپور، ڪرور ۽ اشهار(1) جي راجائن خدمت جا شرط بجا آندا. اتان ]اڳتي وڃي[ تاڪيہ(2)ڪشمير جي حد تائين پهتو. واٽ تي ڪِنهن به بادشاهه سامهون ٿي کيس روڪ يا جهڻڪ ڪانه ڪئي. مثال: الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن کي وڏو ڪندو آهي ، تڏهن انهيءَ جي مٿان سڀ تڪليفون آسان ڪندو آهي،“ سندس سڀ مرادون کيس عطا ڪندو آهي ]ڏسو ته چچ[ جنهن جاءِ هي پهتو ٿي ته اهو ملڪ فتح ٿيو ٿي.  [37] نيٺ شاڪلهار(3) جي قلعي وٽ پهتو. ۽ اها جاءِ تاڪيـہ(4) کان مٿڀرو چون ٿا، جتي ڪشمير جي سرحد آهي، اتي منزل ڪيائين، ۽ هڪ مهيني تائين ترسي، انهيءَ پاسي جي بادشاهن مان ڪن کي مغلوب ڪيائين، ڪن کي حڪم ۽ آڻ هيٺ آندائين ، ۽ انهيءَ پاسي جي اميرن ۽  بادشاهن سان پختا عهدناما ڪري، ملڪ ]جو انتظام[ پڪو ڪيائين. پوءِ ٻه چڪيون، هڪ بيد جي ۽ ٻي صنوبر جي، گهرائي پنج ماهيات نديءَ جي ڪناري تي، ڪشمير جي انهيءَ جبل، جنهن جي چشمن مان سندس وهڪرو آهي، تنهن سان لڳ اهي ٻئي لڳائي، تيستائين اتي ترسيو، جيسين انهن ٻنهي وڻن جون ٽاريون هڪٻئي سان وڃي مليون. پوءِ انهن تي نشان ڪري چيائين ته: ڪشمير جي راجا سان اسان جي هي حد آهي ۽ هن کان اڳتي لنگهڻو نه آهي.

ڪشمير سان حد مقرر ڪري چچ جو موٽڻ

هن فتح جي ڳالهه لکندڙ هن طرح چيو آهي ته: جڏهن ڪشمير جي طرف کان حد مقرر ٿي، تڏهن چچ موٽي اروڙ جي تختگاهه ۾ آيو، ۽ هڪ سال آرام ڪري، سفر جي تڪليف جو ٿڪ لاٿائين، ۽ سندس ]زِيردست[ بادشاهن جنگ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيا.

پوءِ فرمايائين ته: ”اي وزير! مشرق جي طرف کان دلجاءِ ٿي، هاڻي اسان کي مغرب ۽ ڏکڻ جي طرف جو سماءُ رکڻ گهرجي.“ وزير وراڻيو ته: ”بادشاهه جي سڀ کان وڌيڪ سٺي خوبي هيءَ آهي ته ملڪ جي احوال جي خبر چار وٺندو رهي، ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته مٿي وڃڻ واري غير حاضريءَ جي عرصي ۾ ] ٻين [ طرفن وارن اميرن ۽ بادشاهن جي دماغ ۾ غرور[38] پيدا ٿيو هجي،]۽ سمجهندا هجن[ ته راءُ ساهسيءَ کان پوءِ اسان کان خزاني جي مال بابت ڪا به تقاضا نه ٿي آهي، ] تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو[ ضرور ضعيف ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهي.“

سو چگـَـو ستارو ڏسي،] چچ[ ٻـُـڌِيـَـه(1) سيوستان جي قلعن ڏانهن روانو ٿيو. سيوستان جي قلعي ۾ متي(2) نالي بادشاهه رهندو هو. هن ]چچ اوڏانهن وڃڻ جو[  پڪو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ جاءِ کان درياءُ  ٽپيو، جنهن کي دهتايت (3) چوندا آهن، جا سمن ] جي قوم[ ۽ اروڙ جي وچ وارو دنگ آهي. اتان ٻـُـڌِيـَــہ ڏانهن روانو ٿيو. سندن حاڪم سرڪـُـونڌَ پٽ ڀـَـنڊرُ کـُـو قـِـَڪـُـو هو(4) ۽ سندن تختگاهه ڪاڪي راڄ هو. اتي جي رهاڪن کي سيويس چوندا هئا. چچ انهن تي حملو ڪري سيويس جو قلعو فتح ڪيو. ڪاڪي جي پٽ وڪيي(5) اڳيان اچي، پنهنجي پيءُ ۽ تابعدارن لاءِ امان گهري، ۽ ڍل مقرر ڪري تابعداري ]اختيار[ ڪيائون.

(1)  اِنـَـا وَ جدُ نا آباءَ نا عـَـليٰ اُ مـَـته وَ اِنـَـا عـَـليٰ آ ثارِهـِـم لــَمـُـققـَـِـدُونً اسان پنهنجي ابن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسان انهن جي نشانن جي پيروي ڪندڙ آهيون.
(2) اصل ۾”ديوان مظالم“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي ڪورٽ جنهن ۾ هلندڙ سڄي شهنشاهت ۾ ڪنهن به وڏي ماڻهوهٿان ٿيل ظلم جي برخلاف شڪايت ٻڌي، انهي جو داد ڪيو وڃي. (مترجم)
(1)  هيءُ راءُ سيهرس بن ديوائج وڏو، راءُ سيهرس بن ساهسيءَ ، جنهن جو ذڪر مٿي ص 62 تي ٿي آيو آهي، ۽ جو پڻ ايران جي لشڪر هٿان قتل ٿيو هو، کان غالباً  ٻيو آهي.(ن- ب)
(1)  اصل لفظ: بجهرا
(2) م: سهيول.
(1) ن: اشيهار
(2) (1)  فارسي ڇاپي ۾ ”کنبہ“ لکيو ويو آهي جا صرف گماني پڙهڻي آهي، مگر شايد ڪنهن به نسخي ۾ موجود ڪانهي، هن جاءِ تي ن ۽ ڪ جي پڙهڻي صاف طور ”تاکيه“ آهي ۽ ٻين نسخن جون پڙهڻيون ”تاکيہ“ جون ئي غلط ۽ بگڙيل صورتون آهن. صحيح پڙهڻي”تاکيہ“ ئي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملتان کان اڳتي يا ان جي آسپاس واري ملڪ تي ئي ”تڪا ديس“ جو نالو پيل هو.(ن- ب)
(3)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”شاکلها“ آهي ”شاڪلهار“ پڙهڻي ن مطابق آهي.(ن- ب)
(4)  مٿي ڏنل نوٽ(2) جي لحاظ سان.
(1)  هن پڙهڻي جو مدار فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي”بودهيه“ تي آهي، جا غالباً فقط جهوني نسخي پ جي پڙهڻي آهي.ن ب ج م س جي پڙهڻي”بـُـداپور“ ۽ ر جي پڙهڻي ”پـُــڌاپور“ آهي. انهيءَ لحاظ سان ”ٻڌيه“ جي بدران ”ٻڍاپور“ پڙهڻ به قابل غور آهي.(ن- ب)
(2)  هن پڙهڻي جو مدار فارسي ڇاپي ۾ اختيارڪيل پڙهڻي ”مته“ تي آهي، ب س ڪ نسخن جي پڙهڻي ”مهته“ آهي.(ن- ب)
(3)  فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”دهتايت“ آهي. ”دهتايت“ پڙهڻي ن ب ح نسخن مطابق آهي.(ن- ب)
(4)  معتبر نسخن مان ن ب پ جون پڙهڻيون انهيءَ طرح آهن. ن ب: ”وعهد ايشانرا بسر کوند بن بهندر کو بهکو بود.” پ: “وعهد ايشانرا بسر کوند بن بهندرکور هکو بود“ هاڻي بر تقدير ” وعهد ايشانرا بغلان بود“، ”فلان“ جي جاءِ تي ”سرکوند بن بهندر کو بهکو“ ايندو، جنهن کي اسان سنڌي نالي جي قالب ۾ آڻي، سرڪوند پٽ ڀنڊرَ کـُـوڀڪو ڪري لکيو آهي. فارسي ايڊيشن ۾ هن سڄي جملي جي هيءَ پڙهڻي اختيار ڪئي ويئي آهي: ”وعهد ايشانرا پسر ڪول بن بهندر کو بهکو بود“.(ن- ب)
(5)  اصل عبارت: ”وکيہ  بن کاکـہ“. فارسي ايڊيشن ۾ ”و“ کي حرف جملو سمجهي، هن شخص جو نالو ”کيہ بن کاکہ“ تعبير ڪيو ويو آهي. (ڏسو فارسي ايڊيشن صفحه 257 تي ڏنل صفحه 29 جو حاشيه).

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :13
لشڪر جو سيوستان وڃڻ

پوءِ] چچ[ اتان سيوستان ] ڏانهن[ رخ رکيو. جڏهن ويجهو پهتو ته انهيءَ شهر جي واليءَ نهايت دٻدٻي ۽ پوريءَ تياري سان سامهون ٿي جنگ شروع ڪئي. چچ مٿس غالب پيو ۽ مـَـتو پنهنجي لشڪر سميت شڪست کائي قلعي ۾ ڀڄي ويو.   [39] چچ قلعي کي گهيرو ڪري، لڙائي لاءِ ]تيار[ ٿي بيٺو. هڪ هفتي کان پوءِ قلعي وارا عاجز ٿي پيا، ۽ امان گهري، پڪو انجام ٻڌي ٻاهر نڪتا، ۽ قلعي جون ڪنجيون چچ جي اميرن جي حوالي ڪيائون. چچ کين امان ڏيئي نوازيو، اتي جي حڪومت پڻ سندس ]متي جي[ حوالي ڪري، مٿس اعتماد جوڳو هڪ نگران مقرر ڪيو، ۽ ]تيستائين[ ڪجهه ڏينهن ٽڪي پيو، جيستائين ملڪ ۽ شهر جو ڪاروبار درست ٿيو.

چچ جو برهمڻ آباد طرف لوهاڻي جي]بادشاهه[ اگهم(1) ڏانهن قاصد موڪلڻ

جڏهن سيوهڻ جي مـُـهـِـم پوري ٿي، تڏهن ”برهمناباد واري لوهاڻي جي بادشاهه اگهم“ (2) يعني لاکن، سمن ۽ سهتن جي حاڪم ڏانهن فرمان موڪلي، کانئن پنهنجي تابعداريءَ جي گهر ڪيائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جيڪي رستن تي جاسوس مقرر ڪيا هئائين. تن مڪران مان هڪ ماڻهوءَ کي اگهم جي خط سان پڪڙيو، جو سيوستان جي بادشاهه متي ڏانهن لکيو هئائين، جنهن ۾ لکيل هو ته: مان هميشه تنهنجو دوست ۽ خيرخواهه ٿي رهيو آهيان، ۽ ڪنهن به وقت تنهنجي مخالفت نه ڪئي اٿم، ۽ نه لڙائيءَ جو روادار ٿيو آهيان. تو جيڪو دوستاڻو خط لکيو هو، سو پهتو ، ۽ ان ڪري وڏي عزت حاصل ٿي. جيستائين اسان جي طاقت مضبوط هوندي ، تيستائين ڪوبه مخالف اسان جي ويجهو نه اچي سگهندو. مان تنهنجي التماس جو پابند آهيان، ۽ هر هڪ ]التماس[ پورو ڪندس. تون بادشاهه ۽ بادشاهزادو آهين، تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ دوستي آهي. ههڙيون حالتون گهڻن سان ٿيون آهن، جيڪي هن مصيبت کان پناه ڳولي رهيا آهن. منهنجي ملڪ ۾ برهمناباد کان ديبل تائين، ملڪ جي جنهن جاءِ تي رهڻ مناسب سمجهين [40] ، اتي رهڻ جي توکي اجازت آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو اٿئي ته به ڪو ماڻهو روڪ ڪرڻ وارو ڪونه آهي، ۽ جيستائين ڪنهن جاءِ تي تون دلجاءِ ڪري ويهين، تيستائين مددگار رهندس. مون وٽ ايترا گهوڙا ۽ لشڪر ٿي سگهي ٿو، جو تنهنجي مدد ڪري سگهان.

آخر متي کي هند جي ريگستان جي بادشاهه (1) ڏانهن، جنهن کي ڀـَـٽي به چوندا آهن، وڃڻ بهتر ڏسڻ ۾ آيو.

چچ جو لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم کي گهرائڻ لاءِ فرمان موڪلڻ

پوءِ چچ راجا اگهم لوهاڻي ڏانهن حڪم موڪليو ته: توهان پاڻ کي شان، شوڪت، اصل ۽ نسل جي خيال کان وقت جو بادشاهه ٿا سمجهو. ۽ مون کي جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ، بادشاهي، مال، دولت ۽ طاقت پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان ورثي ۾ نه ملي آهي، ۽ اسان جي] اصلي[ ملڪيت نه آهي، ته به هيءُ منهنجا آسان ۾ آسان اسباب ۽ بهترين انتظام خداوند تعاليٰ جا بنايل آهن. منهنجي لشڪر ڪري نه بلڪ دنيا جي پيدا ڪندڙ، بيمثال ۽ يگاني خدا، سيلائج جي دعا سان هيءُ ملڪ مون کي عطا ڪيو آهي، ۽ هر حال ۾ اهو منهنجو مددگار آهي. مون کي ڪنهن ٻئي ۾ مدد جي اميد نه آهي، منهنجي سڀني مشڪلن کي پورو ڪندڙ ۽ منهنجي چرپر ۾ مدد ڪندڙ اهو آهي، ۽ اهوئي سڀني دشمنن ۽ مخالفن تي ڪاميابي ۽ فتح بخشيندڙ آهي. اسان کي ٻنهي جهانن جون نعمتون حاصل آهن. توهان کي جيڪڏهن پنهنجي مٿان شوڪت ۽ دٻدٻي، جنگي سامان ۽ وڏائيءَ تي ڀروسو آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو توهان جي نعمت تي زوال ايندو، ۽ اوهان جي بربادي ٿيندي [41].

چچ جو برهمڻ آباد شهر وٽ اچڻ ۽ لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم سان جنگ ڪرڻ

پوءِ راجا چچ، لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم ڏانهن روانو ٿيو. اگهم برهمڻ آباد کان ٻاهر ملڪ ]جي گشت [ ڏانهن ويل هو. چچ جي اچڻ جي خبر ٻڌڻ تي برهمڻ آباد موٽي آيو، ۽ اچي لڙائيءَ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيائين. راجا چچ برهمڻ آباد جي شهر ۾ پهتو ته ]هوڏانهن[ اگهم لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي سامهون ٿيو. ٻنهي طرفن کان نامي گرامي بهادرن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، ]آخر[ اگهم جو لشڪر ڀڳو ۽ قلعي ۾ گهڙي ويو. چچ ان جو گهيرو ڪيو. هڪ سال جي عرصي تائين سندن وچ ۾ لڙائي جاري رهي. انهيءَ وقت هندستان يعني ڪنوج جو راجا ستبان بن راسل هو(1). اگهم خط موڪلي ۽ انهيءَ کان مدد گهري، پر جواب ملڻ کان اڳ اگهم مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جو جانشين ٿيو.

اگهم جو،هڪڙو ٻڌمت جو شمني(پروهت) پوڄاري(2) دوست هوندو هو، جنهن کي ”ٻـُـڌ رکـُـو“(3) جي نالي سان سڏيندا هئا. هن کي هڪ بتخانو هو، جنهن کي ”ٻـُـڌنو وهـِـار”(4) چوندا هئا، ۽ ڪنوهار(5) بت جو راهب پڻ اهو هو، ۽ پنهنجي بندگيءَ ۽ ڀڳتيءَ(6) ۾ مشهور هو. انهيءَ طرف جا ماڻهو سندس تابع هوندا هئا. اگهم پڻ سندس ڌرم تي هو، ۽ کيس پنهنجو آڌار سمجهندو هو. اگهم جي قلعي ۾ بند ٿيڻ ۾ هن پروهت پڻ ساڻس موافقت ڪئي، پر جنگ ڪانه ٿي ڪيائين، بلڪ پنهنجا ڪتاب کڻي، پنهنجي مندر ۾ ويهي پڙهڻ لڳو. جڏهن راجا اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ گادي تي ويٺو، تڏهن پروهت ڊنو ته متان منهنجي ملڪيت، اسباب ۽ زمينون هٿ کان نڪري وڃن، [42] ، تنهن ڪري پنهنجو اصطرلاب کڻي، ڏسي، حساب ڪري، قطعي فيصلو ڪيائين ته هيءُ ملڪ راجا چچ جي حوالي ٿيندو، ۽ هو مون سان موافق ٿيندو ]آخر اگهم جو[ پٽ جڏهن تنگ ٿيو، ۽ سندس لشڪر وڙهڻ کان جواب ڏنو، تڏهن قلعو چچ جي حوالي ۽ ضابطي هيٺ اچي ويو.

چچ جو فرمان

جڏهن  چچ کي معلوم ٿيو ته اگهم ۽ سندس پٽ جي انهيءَ پروهت سان بيعت هئي، ۽ ان جي جادو، صلاح ۽ مڪاريءَ کان ئي ]ايترو وقت[ جنگ قائم رهي ۽ هڪ سال تائين ڊگهي ٿي آهي، تڏهن چچ قسم کنيوهو ته جيڪڏهن مون هيءُ قلعو فتح ڪيو ته پروهت کي پڪڙي، سندس کل لاهي، دَئيتن کي ڏيندس ته نغارن تي لڳائي، ڪٽي ڪٽي، ذرا ذرا ڪن. هن قسم جي خبر پروهت کي پهتي ته کلي ڏنائين ۽ چيائين ته: چچ کي ايتري طاقت ڪانهي جو مون کي برباد ڪري سگهي. ]خير[ جڏهن برهمڻ آباد جي قلعي تي گهڻو وقت لڙائي ۽ مقابلو ٿيو ۽ گهڻا  ماڻهو هلاڪ ۽ برباد ٿيا، تڏهن ]قلعي وارن[لڙائي بند ڪري امان گهري ۽ صلح جي آڇ ڪيائون، ]آخر[ مکيه ماڻهن ۽ اڳواڻن جي معرفت ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو، ۽ قلعو چچ جي حوالي ڪيائون. چچ اندر اچي چيو ته: جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته ڀلي وڃو، ڪو به ماڻهو توهان کي روڪي نه سگهندو، ۽ جيڪڏهن توهان رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي ته ] ڀليل[ ويٺا رهو. اگهم جي پٽ ۽ سندس تابعدارن پنهجي مٿان چچ جي مهرباني ڏٺي، سو رهي پوڻ پسند ڪيائون. چچ ڪجهه وقت ترسي سندن مزاج معلوم ڪيو[43]

چچ جو اگهم جي زال سان شادي ڪرڻ، ۽ پنهنجي ڀائٽـِـي سندس پٽ سربند کي ڏيڻ

پوءِ چچ سربند  جي ماءُ ڏانهن ماڻهو موڪلي ساڻس شادي ڪئي، ۽ سندس پٽ کي گهرائي پنهنجي ڀائٽي ڏَهسـِـيي(1) جي ڌيءَ کيس ڏيئي، رنگارنگي سروپا پهرايائين ۽ اتي هڪ سال رهي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪامورا مقرر ڪيائين، پڻ آسپاس جي راجائن کي پنهنجو تابع بنايائين.

پوءِ پڇيائين ته اهو جادوگر پروهت ڪٿي آهي ته کيس ڏسان. چيائون ته اهو ڀڳت آهي ۽ ڀڳتن وٽ هوندو. هو هندستان جي دانائن ۽ ڪنوهار(2) جي مجاورن مان آهي. پروهتن وٽ سندس وڏي عزت آهي، ۽ هو سندس ڪمال جا قائل آهن. سندس جادو ۽ شعبده جي هيءَ حد آهي، جو هڪ دنيا کي تابعدار ۽ زيردست بنايو اٿس. سندس هر قسم جا مقصد طلسم جي زور تي حاصل ٿين ٿا. پڻس جي دوستيءَ خاطر ٿورو وقت سربند سان شامل رهيو، ۽ سندس ٽيڪ تي برهمڻ آباد جا سپاهي لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهي مقابلو ڪندا رهيا.

چچ جو پروهت وٽ وڃڻ ۽ کانئس احوال پڇڻ

پوءِ چچ سڀني هٿيار بند ماڻهن ۽ محافظن کي سوار ڪري  ]پاڻ سان وٺي[ پروهت کي قتل ڪرڻ لاءِ ٻڌ (جي مندر) ڪنوهار(1) ڏانهن روانو ٿيو. ]رستي ۾[ هٿياربندن کي سڏي حڪم ڏنائين ته: جنهن وقت مان هن سان ملاقات ۽ ڳالهيون ڪندي چپ ڪريان ۽ توهان ڏانهن نهاريان ته ]هڪدم[ تراريون ڪڍي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجو. پوءِ ]چچ[ ٻـُـڌ ڪنوهار(2) ۾ پهچي، هن ]پروهت[ ڏانهن هليو ته کيس ڪرسيءَ تي ويٺل ۽ پنهنجي عبادت ۾ مشغول ڏٺائين37].[ سندس هٿ ۾ سخت ] ڳوهيل[ مٽي هئي، جنهن مان بت ٺاهي مـُـهر جهڙي هڪ شيءِ انهن بتن تي هڻندو ٿي ويو، جنهن ڪري انهن تي ٻڌ جي تصوير چٽجي ٿي پيئي ۽ هو مڪمل ٿي ٿي پيا. تنهن کان پوءِ انهن کي هڪ جاءِ تي رکندو ٿي ويو. چچ سندس مٿان بيٺو رهيو: هن ڏانهنس ڪوبه توجهه نٿي ڪيو. هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ بت پورا ڪري ڪنڌ مٿي کڻي، چيائين ته: ”سيلائج ڀڳت جو پٽ آيو آهي؟“ چيائين: ”هائو ،اي عبادت گذار پروهت“، چيائينس ته ”ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟“ وراڻيائين ته: ”تو ۾ عقيدو هئم، تنهن ڪري توکي ڏسڻ آيو آهيان.“ چيائين ته:” ]چڱو[ لهه.“ چچ هيٺ لٿو، ۽ پروهت ، گاهه جي مٺ پٿاري، چچ کي تنهن تي ويهاري، پڇيو ته: ”اي چچ ! ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ چچ عرض ڪيو ته: ”آءٌ  چاهيان ٿو ته اسان جو چوڻ وٺي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ وري موٽي اچين ته توکان ڪم وٺي، وڏا وڏا ڪم توکي سپاريان، جيئن تون سربند سان هڪ هنڌ رهي، کيس صلاح مشورو ڏيندو رهين.“ پروهت چيو ته: ”مون کي تنهنجي حڪومت جي ڪابه ضرورت نه آهي، ديواني ڪمن جو شوق ڪونه اٿم، ۽ دنياوي ڪم نٿو چاهيان“. چچ چيو ته: ”]ڀلا[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ڇو سامهون ٿئين؟“ چيائين ته: ”جڏهن لوهاڻي جو (حاڪم) اگهم گذاري ويو ۽ هيءُ ڇوڪرو پيءُ جي جدائي ۾ تنگ دل ٿيڻ لڳو، تڏهن ]مجبورًا[ کيس صبر جي تلقين ڪندو رهيس ۽ خدا جي درگاهه ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ۽ موافقت پيدا ٿيڻ جي دعا ڪندو رهيس. باقي منهنجي لاءِ دنياوي سرداريءَ ۽ سڀني ڪمن کان، ٻـُـڌ جي خدمت ڪرڻ ۽ آخرت جي نجات گهرڻ بهتر آهي: ۽ تون جنهن صورت ۾ هن ملڪ جو راجا آهين، تنهن ڪري تـنهنجي فرمان عالي موجب سموري قبيلي سميت قلعي جي ڀر ۾ لڏي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڊپ اٿم ته قلعي وارا ٻـُـڌ ]مندر[ جي آباديءَ کي ايذاءُ [45] ۽ نقصان نه پهچائين، ]جو[ چچ اڄ وڏي حڪومت جو مالڪ آهي.“ چچ چيو ته: ”ٻڌ جي بندگي وڌيڪ سٺي، ۽ هن ڪم جي هميشه تعظيم ڪرڻ تمام چڱي آهي، پر جيڪڏهن توکي ڪو ڪم يا عرض هجي ته چئو ته انهيءَ سعادت جي پوري ڪرڻ ۽ انهيءَ عزت افزائي جي سرانجام ڪرڻ تي عمل ڪريان.“ پروهت چيو ته: ”مون کي تو ۾ دنياوي ڪوبه ڪم ۽ غرض ڪونهي. شال ڌڻي توکي آخرت جي ڪمن جي توفيق عطا ڪري“. چچ چيو ته: ” منهنجو عرض پڻ اهو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ئي بدلي ۾ نجات ۽ بلند درجا حاصل ٿي سگهندا. حڪم ڪر ته انهيءَ باري ۾ مدد ڪرڻ واجب سمجهي، شريڪ ٿيان.“ ڀڳت پروهت وراڻيو ته: “جڏهن مقصد رڳو خير جا ڪم ڪرڻ ۽ نيڪين ۾ وک وڌائڻ آهي، تڏهن ] ٻڌ ته [، نوو هار جو مندر، جو قديمي عبادتگاهه آهي ۽ گهڻي وقت کان زماني جي گردشن سبب انهيءَ کي نقصان پهتل آهي، انهيءَ جي ]نئين سر[ عمارت ٺاهي وڃي، ۽ پنهنجا مال هن جـي اڏاوت تي خرچ ڪــر. تـون اسان جـي امــداد هــن طريقي سان ڪري سگهين ٿو.“ ]تنهن تي[ چچ چيو ته: ”شڪر گذار آهيان.“

چچ جو برهمڻ آباد ڏانهن موٽي وڃڻ

پوءِ چچ اتان سوار ٿي موٽي ويو. وزير عرض ڪيو ته: ”راجا! هڪ عجيب واقعو ڏٺم.“ چيائين: ”ڇا ڏٺئي؟“ چيائين: ”ڇاڪاڻ ته راجا کي پروهت جي ڪهڻ لاءِ جلادن کي حڪم ڏيڻ جو پڪو ارادو هو، پر سندس سامهون ٿيڻ تي کيس راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، ۽ سندس عرض قبول فرمايو؟.“ چچ وراڻيو ته: ”هائو! مون اهڙي شيءِ ڏٺي جنهن ۾ ڪوبه جادو [46] ۽ شعبدو ڪونه هو. ]غور سان[ ڏٺم ته مون کي ڪي ]خاص[ نشان ]پڻ[ ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن سندس آڏو ٿيس، تڏهن هڪ ڀيانڪ ۽ خطرناڪ صورت سندس سر تي بيٺل ڏٺيم. هن جون اکيون باهه جهڙيون ۽ ڪاوڙيل، چپ ڊگها ۽ ٿلها ۽ ڏند نيزن جهڙا هئا، سندس هٿ ۾ الماس جهڙيون لٺون هيون ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڪنهن کي هڻندو. انهيءَ کي ڏسي ڊڄي ويس، طاقت نٿي ٿيم ته ساڻس اهڙو ڳالهايان جو توهان ٻڌو. مون کي اچي پنهنجي سر جي لڳي، ]سو[ کيس رعايتون ڏيئي اٿي کڙو ٿيس.“

چچ جو برهمڻ آباد ۾ منزل ڪري، اتي جي رهاڪن تي ڍل مقرر ڪرڻ

پوءِ چچ برهمن آباد جي قلعي ۾ ترسي، ملڪ جي ڪاروبار ۽ آمدني ۽ رعيت جي آرام جا ذريعا درست ڪيا ۽ لوهاڻي جي جتن(1)کي ذليل ڪري، انهن جي اڳواڻ کي سزا ڏيئي کانئن ضمانـَـت وٺي، قلعي ۾ بند ڪري مٿن هيٺيان شرط پڪا ڪيائين ته: سواءِ ڪن خاص حالتن جي ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، سندن مٿين چادر کڻي سوٽي به هجي، پر سندن هيٺين چادر ]ضرور[ اوني ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي هوندي، گهوڙي تي هـَـنو نه رکندا،مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪـتا پاڻ سان کڻندا، برهمڻ آباد جي گورنر جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا، رهبر خواه جاسوسيءَ لاءِ پڻ انهن کي موڪليو ويندو. جڏهن هو پاڻ ۾ اهي خاصيتون پيدا ڪندا، تڏهن اسان کي سندن سچائي تي ڀروسو ۽ اعتماد ٿيندو. ]ٻيو ته[ اگهم جي پٽ سربند سان موافق ۽ سچا رهندا، ۽ جيڪڏهن ڪو دشمن لڙائيءَ لاءِ [47] هن ملڪ ڏانهن رخ رکندو ته مدد ڪرڻ پاڻ تي لازمي سمجهي، اهڙو انتظام ڪندا.

پوءِ سڀ ڪم پورا ڪري، ملڪ کي ٺيڪ ڪيائين، ۽ جنهن به مخالف سرڪشي ٿي ڪئي، تنهن کان ضمانت وٺي، کيس قابو ٿي ڪيائين، ۽ ]کيس سزا ڏيئي[ سندس مثال ٿي قائم ڪيائين، جنهن ڪري سڀ ڪاروبار ٺيڪ ٿي ويو.

راجا چچ جو ڪرمان وڃي مڪران جي حد ظاهر ڪرڻ

ضروري ڪمن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، چچ جي دل ۾ ڪرمان جي سرحد جو خيال غالب پيو، انهيءَ لاءِ ته هيءُ پاسو هندستان جي بادشاهن سان ڳنڍيل آهي، تنهنڪري اها ظاهر ٿيڻ گهرجي.انهيءَ وقت رسول الله ﷺ جن جي هجرت کي ٻه سال گذري چڪا هئا. ايران جي بادشاهه ڪـِـسريٰ بن هـُـرمـُـز جي مرڻ کان پوءِ ملڪ دربدر ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته بادشاهيءَ جو ڪاروبار هڪ عورت جي هٿ ۾ اچي ويو هو. سو چچ کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن وڏي تياريءَ سان ڪرمان ڏانهن رخ ڪيائين، ۽ نجومين جيڪو وقت ڪڍي ڏنس، انهيءَ وقت اَرمابـِيـل روانو ٿيو. اهو هنڌ ٻـُـڌ جي شمني ]يعني پروهت[ جي هٿ ۾ هو، جو هندستان جي راجا راءُ سيهرس جي گورنرن جي اولاد مان هو، جنهن کي سچائيءَ ۽ خصوصيت جي مدنظر مقرر ڪيو ويو هو. اهو ]ساڳيو پروهت[ زماني جي ڦير گهير ڪري مخالف ٿي پيو هو ۽ خدمت کان سرڪشي ڪئي هئائين. ]اهو پروهت[ چچ جي استقبال لاءِ آيو، ۽ جڏهن کيس ]چچ کي[ سندس واعدي ۽ دل جي سچائيءَ تي اطمينان ٿيو ۽ ]هڪٻئي جي[ دوستيءَ ۽ محبت ٻنهيءَ جي دل ۾ قرار ورتو، تڏهن ]چچ[ اتان مڪران جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ڏٺائين ته هر هڪ ماڻهو فرمانبرداريءَ کان پاسو ڪري رهيو هو. نيٺ [48] مڪران جي لڪ ۽ جبل(1)  کان ٻاهر نڪري، وڃي ٻين شهرن ۾ پهتو. اتي پنجپور(2) نالي هڪ پراڻو قلعو هو. سندس حڪم سان انهيءَ کي نئين سر ٺاهيو ويو، ۽ اتي شام ۽ باک ڦٽڻ جي شروعات وقت هندن جي پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت جي رسم مطابق نوبت مقرر ڪيائين. ]پوءِ[ انهيءَ سڀني واهڻين کي گڏ ڪري، عمارت جي پوري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي،اتان منزل کڻي، ڪرمان پهتو، ۽ اچي انهيءَ نهر تي لٿو، جا مڪران ۽ ڪرمان جي وچ تي آهي. ]اتي پهچي[ اڀرندي جي حد ظاهر ڪيائين، ۽ نهر جي ڪناري تي کجين جوهڪ وڏو جهڳٽو لڳائي، ]اعلان ڪيائين[ ته مڪران ۽ ڪرمان جي وچ جي حد هي کجين جا وڻ آهن، ۽ اتي نشان ڪري ڇڏيائين ته هي اها حد آهي، جا چچ بن سيلائج بن بساس سنڌ جي راجا جي وقت ۾ هئي. اها ساڳي حد اسان جي هن وقت تائين قائم آهي(3).

(1)  اصل عبارت: ”اگهم لوهانه“ جو فارسي جي زير اضافت سان ”اگهم- لوهانه“سمجهڻ گهرجي، يعني ”لوهاڻي ملڪ جو (حاڪم) اگهم“. هيٺ فارسي عبارت به انهيءَ دليل جي پڪي تاڪيد ڪري ٿي.(ن -ب)
(2)  اصل عبارت: ”لوهانہ ِّ برهمناباد“
(1)  اصل عبارت : مــَــلڪ رمل.
(1) پ: سيار بن راسل. ر: شتبان بن راسل. ن ب ح : سيار بن راءُ بدل.
(2)  اصل عبارت: ناسک سمني (شمني لاءِ وڌيڪ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ُ42).
(3)  اصل عبارت: بده رکو.
(4)  ر م: نوهار.
(5)  ر: ولهار، م: دلسها، ن: وکسها، پ: وکسا، ڪ: وکها. هت صفحه 44 تي ڏنل پڙهڻي مطابق ”ڪنوهار“ لکيو ويو آهي. فارسي ڇاپي ۾ ”وکسها“ ڏنل آهي.
(6)  اصل عبارت: ناسکي وبهکي.
(1)  اصل عبارت: دَهسه.
(2) هي پڙهڻي پ م ح س ڪ مطابق آهي ۽ اها ساڳئي پڙهڻي هيٺ ٻن جاين تي قائم رکي وئي آهي. فارسي ڇاپي ۾ ”نووهار“ ڏنل آهي.(؟). ر: کنورهار،ن:کتوهار.(ن- ب)
(1)  پ ڪ م ر جي پڙهڻي ”کينهار“ آهي، جا ”کنبهار“ (يعني ڪنوهار) جي بگڙيل صورت آهي. سڄو لفظ ”بده کنوهار“ آهي، جنهن مان مراد ”ٻڌ ڌرم جو ڪنوهار“ آهي.(ن- ب)
(2)  پ ن ب ڪ جي پڙهڻي هن جاءِ تي به ”بنده کنوهار“ آهي.(ن- ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ “جتان ولوهانه”  پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. پ جي پڙهڻي “جتان لوهانه” يعني”(پرڳڻي) لوهاڻي جا جت” جا وڌيڪ قياس ويجهو آهي ۽ انهيءَ کي ئي قائم رکيو ويو آهي. صفح 214 تي به عبارت صاف طور “جتان لوهانه” آهي.(ن- ب)
(1) اصل عبارت: عـُـقبه مکران وکوه
(2) اصل عبارت سڀني نسخن ۾ ”ڪنزبور“ يا ان لفظ جي ذرا بگڙيل صورتخطي آهي. ڪيل اصلاح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]49[ .(ن- ب)
(3)  اصل عبارت: ”وامروز همان حد بما رسيده“. ظاهر آهي ته اهي لفظ مترجم جا آهن ۽ سندس اشارو مڪران ۽ ڪرمان جي انهيءَ سرحد ڏانهن آهي، جا ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ قائم هئي.(ن- ب)

\سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :14
چچ بن سيلائج جو ارمابيل وڃڻ ۽ انهيءَ تي ڍل مقرر  ڪرڻ

]چچ[ پوءِ اتان ارمابيل ڏانهن موٽي آيو، ۽ تـُـوران جي ملڪ منجهان]ٿيندو اچي[ پـُـورالي ]ندي[(1) وٽان مٿي چڙهيو، ۽ ڪنهن به ساڻس لڙائي ڪانه ڪئي. نيٺ قـَـندابـِـيل (يعني قنڌار) جي علائقي ۾ پهتو. انهيءَ بيابان جي ماٿريءَ کان ”حصار“ طرف رخ رکيائين، جتي ماڻهو قلعي ۾ بند ٿي ويٺا. پوءِ سيبي(2) جي نهر جي ڪناري تي پهچي، لهي ويهي رهيو، تان جو ماڻهو تنگ ٿيا، ۽ پاڻ تي هڪ سئو جابلو گهوڙا ۽ لک درهم [49]  سالياني ڍل مقرر ڪيائون. هڪ سال جو مال کانئن اڳواٽ وصول ڪيائين ۽ مثال قائم ڪري، اروڙ جي تختگاهه ڏانهن موٽي ويو، ۽ ]تيستائين اتي رهيو[ جيستائين ساهه کان موڪلائي، جهنم ڏانهن روانو ٿيو. سندس حڪومت جو عرصو چاليهه سال رهيو.

اروڙ جي تختگاهه ۾ چندر بن سيلائج جو ويهڻ

چچ بن سيلائج جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر، اروڙ جي تختگاهه ۾ ]گاديءَ تي[ ويٺو، ۽ ڀڳتن ۽ پروهتن جي ڌرم کي ٽيڪ ڏيئي زور وٺايائين ۽ تبليغ(3) ڪيائين، ۽ پنهنجي دين ڏانهن رجوع ٿيو، ۽ هندستان جي بادشاهن سان خط و ڪتابت جاري ڪيائين(4).

سيوستان جي بادشاهه متي جو وڃڻ

]اِهوحال ڏسي،[ سيوستان جو راجا مـَـتو، ڪنوج جي راجا ڏانهن ويو. انهيءَ وقت ۾ هندستان جو بادشاهه بارانسي هو، ۽ ڪنوج سيهرس بن راسل جي حڪم هيٺ هو. متي، هن جي خدمت ۾ پهچي، ظاهر ڪيو ته چچ بن سيلائج  مري ويو ، هاڻي هن جو ڀاءُ چندر راهب تخت تي ويٺو آهي: هو هڪ ڀڳت ماڻهو آهي، ۽ سارو ڏينهن ڀڳتن سان مندر ۾ پنهنجي علم پڙهڻ ۾ مشغول رهي ٿو، کانئس بادشاهي ڦري وٺڻ آسان آهي. جيڪڏهن بادشاهه اهو ملڪ فتح ڪري، منهنجي حوالي ڪندو ته مان انهيءَ طرف جي عوض پاڻ تي ڍل مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جا راجا جي خزاني ۾ پهچائيندو رهندس. [50]

سيهرس جي طرفان هن ڳالهه جو جواب

جنهن تي سيهرس، متي کي چيو ته: چچ هڪ وڏو بادشاهه ۽ ڪشادي ملڪ جو مالڪ هو. سندس مري وڃڻ کان پوءِ جڏهن اها بادشاهي وٺي پنهنجي حڪم هيٺ آڻيندس، تڏهن اسان جي ملڪ جي ڏاڍي مشهوري وڌندي، ۽ توکي پڻ انهيءَ جي هڪ حصي تي مقرر ڪندس. ]ائين چئي[ سيهرس پنهنجي ڀاءُ برهاس بن ڪسائس کي روانو ڪيو. وڏي چچ(1)جو ڏهٽو(2)، جو ڪشمير ۽ رسل جو راجا هو، تنهن سندس بيعت ڪئي، ] جنهن کان پوءِ ٻيئي[ پنهنجو لشڪر وٺي روانا ٿيا، ۽ هاسي نديءَ وٽ پهچي منزل ڪيائون. دِيوَ هپـُـور(1)قلعي ۾ جيڪي چندر جا ڪامورارهندا هئا، سي لڪي ويا. ]انهن جاين تي پنهنجا ماڻهو[ مقرر ڪري، اڳتي روانا ٿيا. نيٺ اچي بند ڪاهويه وٽ پهتا. ]اتي[ هڪ مهينو ترسي، ٻڌ جي پوڄا ڪيائون. ]هوڏانهن[ چندر بن سيلائج ڏانهن ماڻهو ۽ خط موڪليائون ته اچي فرمانبرداريءَ جا شرط پورا ڪري ۽ امان گهري. چندر هيءُ ٻڌي انڪار ڪيو، ۽ قلعي  بند ٿي، لڙائيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ ڏهرسينه بن چچ کي برهمناباد موڪليائين، اُتان جي لوهاڻي جي ماڻهن ۽ لوهاڻن اچي خذمت ۾ مٿو ٽيڪيو، پاڻ ڏاهر بن چچ سان گڏ اروڙ جي قلعي ۾ استقلال سان سامهون ٿيو. سيهرس جي لشڪر گهڻو وقت گهيرو ڪرائي لڙائي ڪئي، پر هو لڙائيءَ ۾ قلعي وارن سان پڄي نه سگهيو، تڏهن صلح جو در کڙڪايائين، ۽ ڪنهن اٽڪل سان ڏاهر کي ٻاهر آڻي، قيد ڪرڻ چاهيائين، ۽ ]ڀانيائين ته هو[ کيس هٿ ڪندو يا قتل ڪندو ته پوءِ قلعو سندس هٿ اچي ويندو ۽ بادشاهي ]پڻ[ ضابطي هيٺ ٿيندي.[51]

سيهرس جو ڏاهر بن چچ ڏانهن قاصد موڪلڻ

پوءِ راسل ۽ برهاس قاصد موڪليو ته: اسان کي موٽي وڃڻ جو ارادو آهي، تنهن ڪري توهان سان مضبوط عهدنامو ڪرڻ گهرون ٿا، جيئن هيءُ ملڪ توهان سان قائم رهي، ۽ ملاقات کان پوءِ ڏاهر کي نهايت عزت سان واپس ڪنداسون. ڏاهر مشهور معروف ٺڪرن مان پنج سؤ هٿيار پنوهار پهريل چونڊ بهادر ساڻ وٺي، ڌرين جي وچ ۾ مضبوط عهدنامو ۽ صلح پڪي ڪرڻ لاءِ نڪتو ]ٻاهر نڪري[ پنهنجن سڀني خاص ماڻهن کي چيائين ته: اسان جو ڀروسو توهان جي بهادريءَ ۽ هوشياريءَ تي آهي، ۽ سڀنيءَ جي دلين کي ٽيڪ ڏيئي، چڱن واعدن سان همت ڏياريائين، ۽ هلندا وڃي راسل جي سراءِ جي در تي بيٺا. راسل کين در تي روڪڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پنهنجي  هڪ وزير کي سڏي چيائين ته: هيٺ لهي وڃي ]ڏاهر جي[ سپاهين کي چئو ته توهان جون تراريون جوهردار آهن، تنهنڪري هٿيار مٿي موڪليو ته توهان جي ترارين مان هڪ چونڊي پاڻ وٽ نشاني ڪري رکون. پوءِ جڏهن سڀ هٿيار ڏيئي چڪن، تڏهن سڀني کي قيد ڪريو، ۽ ٻيءَ صورت ۾ ڪهي ڇڏيو. وزير هن بهاني سان هيٺ آيو ۽ هڪ ونگ جي هيٺان اچي بيٺو، ۽ جيئن هنن کان هٿيار وٺڻ گهريائين، تيئن اوچتو ونگ هيٺ ڪـِـري پئي ۽ وزير  ونگ هيٺ رهجي ويو. ] اهو حال ڏسي[ راجا راسل پاڻ هيٺ لهي آيو، ۽ سڀنيءَ کي سڏي هرهڪ کان هٿيار وٺي، ڏسي، سندن اڳيان اڇلائيندو ويو، ۽ نيٺ اچي ڏاهر بن چچ وٽ پهتو. ڏاهر کي چيائين ته: پنهنجي ترار مون کي ڏيکار. ڏاهر وراڻيو ته اي بادشاهه، هيءُ خنجر پنهنجي ڀاءُ جو آهي، جو پاڻ کان [52] جدا نه ڪندس، ]جيڪڏهن ڏسڻو اٿئي ته[ منهنجي هٿ ۾ چڱيءَ طرح ڏس. جڏهن ڏاهر جي ويجهو پهتو ته ڏاهر جي طرفان هڪ بهادر اڳتي وڌي چيو ته: اي بادشاهه، هنن سڀني ترارين کان منهنجو خنجر سٺو آهي. راسل جيئن هن کان ترار وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بهادر، مست شينهن وانگيان، ٽپو ڏيئي، راسل جي ڏاڙهيءَ مان وٺي، کڻي کيس زمين تي دسيو، ۽ سندس سيني تي ويهي چيائين ته: چاهين ٿو ته تو کي فنا ڪريان؟] ايتري ۾[ ڏاهر ۽ ٺڪر به تراريون ڪڍي چوڌاري ڦري آيا. راسل لاچار ٿي چيو ته: ]آخر[ توهان جي ڪهڙي مرضي آهي؟ مان توهان سان پڪو عهدنامو ڪريان ٿو جو سچو هوندو، ۽ مخالفت نه ٿيندي. ڏاهر چيو ته: اسان کي معلوم ٿي چڪو ته توکي اسان سان ٺڳي ڪرڻ جو خيال هو، تنهن ڪري اسان کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي. ٺڳيءَ ۽ بد اعتقادي جي سزا پهريائين تنهنجي وزير کي ملي، جو ونگ هيٺان دٻجي هلاڪ ٿيو، ]پوءِ[ وري تون اسان جي هٿان گرفتار ٿيو آهين. هاڻي ضمانت ڏي ته ديوهپور جو قلعو ۽ جيڪا اسان جي ضمانت تو وٽ آهي، سا واپس ڪندين، تنهن کان پوءِ تنهنجي ضمانت واپس ڪنداسون.راسل پنهنجا ضامن اروڙ موڪليا، جن مان پنج ڄڻا مشهور اڳواڻ اروڙ جي قلعي ۾ جهليائون، تنهن کان پوءِ انجام وٺي کيس ڇڏيائون. ڏاهر انهن ]راسل جي ضامنن[ کي پنج سؤ بهادرن سان برهمڻ آباد موڪليو. راسل، ڏاهر جا اعتماد جوڳا ماڻهو پاڻ سان وٺي ويو، ۽ وڃي قلعو سندن حوالي ڪيائين، ۽ جيڪي ماڻهو وٽس رهيل هئا، تن کي پڻ آزاد ڪيائين. جڏهن قلعي مان معتمدن جو خط ڏاهر کي پهتو، تڏهن راسل جي ضامن کي باعزت واپس موڪليائين، ۽ سندن وچ ۾ صلح ۽ موافقت ٿي.

چندر جو چچ بن سيلائج جي گاديءَ تي ويهڻ

پوءِ بادشاهي چندر جي حوالي ٿي. رعيت سندس همدردي ڪرڻ ڪري آرام سان گذارڻ لڳي، ۽ بادشاهيءَ جو ڪاروبار ٺيڪ ٿيو. چندر جي بادشاهي ست سال هلي، ۽ اٺين سال [53] ۾ مري ويو. ]سندس مرڻ کان پوءِ[ ڏاهر، اروڙ جي تخت تي ويٺو، ۽ چندر جو پٽ راڄ برهمڻ آباد ۾ جانشين ٿيو. راڄ جي بادشاهي، هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي. کانئس پوءِ ڏهر سينه بن چچ برهمڻ آباد کي قبضي ۾ آندو، ۽ سندس ڀيڻ مايين پڻ ساڻس ٺهراءُ ڪري، سندس بيعت ڪئي. پوءِ ڏهر سينه، اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ پنج سال اتي رهيو، ۽ چؤطرف پروانا موڪليائين، جنهن تي سڀني فرمانبرداري ڪئي. ]هن کان[ پوءِ ڏهر سينه وڃي ڪجهه وقت راوڙ(1) جي قلعي ۾ رهيو، جنهن جو بنياد چچ رکيو هو ۽ پوري ٿيڻ کان اٰڳ ۾ ئي مري ويو هو. انهيءَ ]قلعي[ جي عمارت پوري ڪري، آسپاس جي واهڻين کي سڏي، ]منجهانئن[ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو انهيءَ ]قلعي[ ۾ رهايائين. آباد ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نالو راوڙ رکي،پاڻ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ موٽي آيو، ۽ بادشاهي جا ڪم ٺيڪ هلندا رهيا.

]ڏهرسينه جو پنهنجي[ ڀيڻ کي ڀاٽيا جي راءُ  جي حوالي ڪرڻ لاءِ اروڙ موڪلڻ

]ٿوري وقت کان[ پوءِ ڏهرسينه کي خبر پيئي ته سندس ڀيڻ بالغ ٿي آهي، جنهن ڪري کيس ڳڻتيءَ ورتو ته مايين وڏي ٿي آهي. هوڏانهن نجومين سندس ]مايين جي[ ڇٺي ڏسي ٻڌايو ته: سندس ستارو بختاور آهي (1) اڃا انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو ته رمل جي راجا سوڀن راءَ ڀاٽيا، جا قاصد ان جي سڱ گهرڻ لاءِ اچي پهتا. ڏهرسينه جيتوڻيڪ وڏو ڀاءُ هو، ]پر تنهن هوندي به[ ڀيڻ جو ڏاجو شاهاڻو تيار ڪري، ست سؤ گهوڙا ۽ پنج سؤ ٺڪر ماڻهو هن سان گڏ موڪلي، ڏاهر ڏانهن لکيائين ته: مايين کي ڀاٽيا جي راجا جي حوالي ڪر، ۽ راءَ سوڀن جو شرط هيءُ آهي ته سندس مهر ۽ ڏاج ۾ هڪ قلعو حوالي ڪيو ويندو، جنهن جو هو مالڪ رهندو [54] .

قاصد اروڙ پهتو، ۽ ]مايين جي حوالي ڪرڻ ۾[ باقي هڪ مهيني جي مدت وڃي رهي ته ]اوچتو[ راجا جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ هڪ ڏينهن هندستان جي هڪ حڪيم کان، جنهن کي علم نجوم ۾ ڪامل مهارت هئي. ڪو سوال پڇيو، جنهن متعلق هن جو ڪڍيل جواب پورو نڪتو. اهو ماڻهو راجا ڏاهر وٽ آيو ته راجا کانئس پڇيو: ”ٺڪر اڄ ڪهڙي مهم ۾ مشغول هو، جو دير سان آيو آهي. ڇا اهو ڪم اسان جي خدمت کان به مقدم ٿي ويو؟“ ٺڪر چيو ته: ”راجا سلامت رهي! مون کي هڪ ضروري ڪم پيش آيو هو، جنهن ڪري منهنجي دل پريشان ۽ متفڪرٿي پيئي هئي. برهمڻن مان هڪ نجومي آهي، جو عالم ۽ علم نجوم جو ڄاڻو آهي. حڪمي نتيجو ٻڌائيندو آهي، ۽ سندس دليل تجربي سان ٺهڪي اچن ٿا  ]مطلب ته حقيقت[ کولي بيان ڪيائين، ۽ جيئن صحيح هو، تيئن ٻڌايائين. جنهن تي ڏاهر فرمايو ته: ”اسان جي سفر، حضر، بادشاهيءَ جي رونق، ۽ حڪومت جي انتظام متعلق انهيءَ کان وڃي پڇا ڪر.“ هن ماڻهو اٿي عرض ڪيو ته ”راجا سلامت رهي! ڪاميابيءَ جي وقت راجائن کي حڪيمن سان صحبت ڪرڻ، ۽ عالمن، اديبن ۽ برهمڻن سان سنگت رکڻ کان عار نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جا امام آهن. سندن خدمت ۾ وڃڻ ۽ سندن تعظيم بجا آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لازمي ڄاڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو رضامندو عزت ۽ مرتبي جو واڌارو ۽ بلندي ۽ حشمت لاءِ دوام آهي. تنهن کان سواءِ فال اها چڱي جيڪا واقعي جو صاحب پاڻ روبرو حاضر ٿي ]معلوم ڪري[، ۽ نجومي جواب ڏين.“

ڏاهر جو ڀيڻ بابت حڪم پڇڻ لاءِ نجومي وٽ وڃڻ

ڏاهر کي هيءَ تقرير پسند آئي. هاٿيءَ تي پالڪيءَ ٻڌڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ پاڻ ]ان ۾[ ويهي نجوميءَ جي اوطاق تي پهتو. نجوميءَ راجا[55]  کي ڏسي، استقبال ڪيو ۽ چيو ته: “راجا سلامت رهي! ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي؟ ڏاهر وراڻيو ته: ”اسان جو لشڪر جي مصلحت متعلق سوال آهي، جنهن لاءِ آيا آهيون، پڻ ملڪ جي ڀلائيءَ، بادشاهيءَ جي قاعدي قانون ۽ ٻين سڀني ضروري ڪمن لاءِ حساب ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪمن جا نتيجا اسان تي روشن ٿي سگهن ته نتيجو ڇا ٿيندو؟“ نجوميءَ چيو ته: ”سڀ بختاور ستارا تنهنجي طالع ڏانهن ڏسندڙ آهن، ۽ تربيع (1) خواه مقابلي جي مدنظر ڪوبه نحس ]ستارو[ ناموافق ڪونهي. هيءُ قلعو ۽ بادشاهي گهڻن سالن تائين تو لاءِ مقرر ۽ مضبوط آهي، ۽ جيڪڏهن راجا لاءِ سفر جو اتفاق ٿيندو ته به مبارڪ ۽ بخت وارو ٿيندو، ۽ پنهنجي عزت ۽ بزرگيءَ واري مسند ڏانهن سلامت موٽي ايندو.“ پوءِ چيائين ته: ”اسان جي ڀيڻ مايين جو طالع ڪيئن آهي؟“

نجوميءَ جو ارشاد

نجوميءَ چيو ته: ”حساب جو زائچو ائين ٿو ڏيکاري ته هيءَ اروڙ جي قلعي کان ٻاهر نه ويندي، سندس سڱ اهو راجا گهرندو، جنهن جي هٿ ۽ حڪم هيٺ هندستان جي بادشاهي هوندي، ۽ هيءَ ڇوڪري انهيءَ جي نڪاح ۾ ايندي.“

نجومي جڏهن کيس هيءَ حقيقت کولي ٻڌائي، تڏهن ڏاهر ويچار ۾ پئجي ويو ته اهو ڪيئن ٿيندو. گهر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي وزير ٻڌيمن کي هيءَ حقيقت کولي ٻڌايائين.

ٻڌيمن وزير جي راجا ڏاهر کي صلاح ڏيڻ

وزير چيو ته: ”بادشاهيءَ جو ڪم نهايت نازڪ آهي، ۽ مختلف ملڪن، حدن، لشڪر ۽ نوڪرن چاڪرن جو شهنشاهه لاءِ پنهنجي ملڪ سان ناتا ٽوڙڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، (مثال) [56] ڇاڪاڻ ته پنج شيون پنهنجي جاءِ ڇڏي سرسبز نه رهنديون آهن: 1. بادشاهيءَ کان بادشاهه، 2. وزارت کان وزير، 3.عمل کان عالم، 4. وار ۽ ڏند، 5. عورت جو اُره] هي شيون[ جڏهن پنهجي جاءِ کان هٽي وينديون ته سهڻيون  نه لڳنديون. بادشاهه، بادشاهيءَ خاطر ڀائرن ۽ عزيزن جو ساهه وٺندا آهن، نه ته به ملڪ کان اوس ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن، ۽ پنهنجي مقربن ۽ تعلقدارن جي پڻ ملڪ ۾ ڀائيواري يا مداخلت روا نه رکندا آهن. بادشاهه جڏهن بادشاهي کان گوشو ڪندو ته پوءِ عام ماڻهن جي برابر آهي. ]هاڻي[ جڏهن  نجوميءَ اهو حڪم ڪيو آهي، تڏهن ڀيڻ کي نڪاح ۾ آڻي، زال بنائي، پاڻ سان گڏ تخت تي ويهارڻ گهرجي. جيتوڻيڪ سندس صحبت کان پاسو ڪندو رهندين. تاهم] مٿس[ زال جو نالو هوندو ۽ تنهنجي بادشاهي تو وٽ رهندي.“

راجا ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کي گهرايو، جيڪي سندس خاص ماڻهو ۽ معتقد هئا، ۽ چيو ته: ”هر حال ۾ منهنجو ڀروسو ۽ اعتقاد توهان جي سمجهداريءَ ۽ بهادري تي آهي. ]توهان جي[ صلاح ۽ نصيحت ]کان سواءِ[ ڪو  چارو نه آهي، ۽ ساري ملڪ ۾ منهنجو فرمان توهان جي ٽيڪ تي جاري آهي. هينئر نجومين هن طرح نتيجو ڪڍيو آهي ته مسمات مايين هن قلعي کان ٻئي پاسي نه ويندي، ۽ سندس مڙس اهو ٿيندو، جنهن جي هٿ ۾ هن بادشاهيءَ جو اڪثر حصو رهندو. مون کان بادشاهي وڃڻ نه گهرجي، انهيءَ لاءِ ويچار ڪرڻ گهرجي. بادشاهيءَ کان تعلق ڇنڻ ڏکي ڳالهه آهي. ٻڌيمن وزير هڪ صلاح رٿي آهي،  ]پر [اها وڏي شرم جهڙي، اڻوڻندڙ [57]  ۽ برهمڻن جي خاندان لاءِ بدنامي آهي، ۽ هيءَ خراب ڳالهه وقت جي  بادشاهن جي ڪن پوندي، ۽ عام ماڻهن جي واتن تي ايندي، تڏهن هو اسان کي پنهنجي نيات مان ڪڍي ڇڏيندا، جنهن ڪري اسان جي طريقي ۾ خلل پيدا ٿيندو.“

ٻڌيمن وزير جو طلسم

ٻڌيمن وزير گهر وڃي، هڪ گهيٽو آڻي، ان جي پشم ۾ واريءَ ۽ آهر ڇٽي مٿانس پاڻي ڇٽڪائڻ شروع ڪيو ۽ اٺ پهر گهر ۾[ رکيائينس، جيستائين ٿلهو ٿيو، پوءِ ٻاهر هڪلي ڇڏيائينس. ننڍا، وڏا، شهري خواه واهڻي، ماڻهن جا انبوهه انهيءَ ڏانهن تعجب سان ڏسڻ لڳا، جيستائين جو هن ڳالهه کي ٽي ڏينهن گذريا. تنهن کان پوءِ اهو گهيٽو سڄي شهر ۾ ڦرندو رهيو، پر ڪنهن به ان ڏانهن نٿي واجهايو، ۽ اها ڳالهه وساري ڇڏيائون. وزير چيو ته: ”اي بادشاهه! جيڪا به چڱي يا بڇڙي ڳالهه ٿيندي آهي ته ٽي ڏينهن ماڻهن جي واتن ۾ رهندي آهي. تنهن کان پوءِ ڪوبه ان جي نيڪيءَ يا بديءَ کي ياد نه ڪندو آهي. تون ڪنهن به صورت ۾ بادشاهيءَ کان تعلق ٽوڙڻ وارو نه آهين، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو اٿيئي. هيءَ جماعت تنهنجي حڪم کان ٻاهر وڃڻ واري نه آهي، ]تنهنڪري اهو ڪم[ ڪرڻ گهرجي.”پوءِ ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کان رايو پڇيو، جن جي قول تي هميشه اعتماد ڪندو هو، ۽ جن جي بهادري ۽ دٻدٻي تي اعتماد رکندو هو، ۽ هو پڻ سندس حڪم جا منتظر رهندا هئا، ۽ سندس سڀني قولن ۽ فعلن سان متفق هوندا هئا. سڀني اتفاق ڪيو ته راجا جو حڪم اسان جي جان تي جاري آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته بادشاهن جي طراوت بادشاهيءَ سان آهي، جيڪڏهن هيءَ بادشاهي هلي وڃي ته پوءِ ڀاءُ جي هٿ اچي يا ڌاريي جي ]ڪوبه فرق نه آهي[. جڏهن هن ڳالهه تي سڀ متفق ٿيا، تڏهن ويو ۽ وڃي پنهنجي ڀيڻ مٿان چادر وڌائين، ۽ کيس منڊي ۽ ٻيا زيور پهرائي، پنهنجي ترار سندس پاسي ۾ رکيائين. ]تنهن کان پوءِ[ ترار سميت ٻاهر نڪتا ۽ هن جي چادر جو پلؤ پنهنجي چادر سان ٻڌي، کيس بادشاهيءَ جي تخت تي [58] پنهنجي پاسي ۾ ڇٽ هيٺان ويهاريائين، ۽ هي ڳالهه عام خاص ماڻهن جي واتن ۾ پئجي مشهور ٿي.

ڏاهر جو ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط لکي موڪلڻ

پوءِ ڏاهر پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط موڪليو، جنهن ۾ مايين جي ستاري جو احوال داخل ڪيائين ته: ”نجومين هن طرح نتيجو ڪڍيو ته هيءَ ڇوڪري اروڙ جي راڻي ٿيندي ۽ هن جو مڙس راجا ٿيندو، جنهن جي هٿ هيٺ هيءُ ملڪ ايندو. تنهن ڪري ]سڀنيءَ جي[ صلاح سان بادشاهيءَ خاطر هيءُ عار اختيار ڪيو اٿم، جنهن ڪري معذرت ڪئي وڃي ٿي ته هيءُ مصلحت مجبوريءَ کان، نه خوشيءَ کان منظور ڪئي ويئي آهي، معاف ڪج.“

ڏاهر جو خط ڏهرسينه کي پهچڻ

ڏهر سينه کي جڏهن هيءُ خط پهتو، تڏهن جواب لکيائين ته ”هيءَ ڳالهه بري هئي، ۽ هيءُ ڪم اڻوڻندڙ، لاچار هو يا اختيار، ڪنهن به حالت ۾ تون معذور نه آهين. جيڪڏهن هيءُ ممنوع ۽ اڻوڻندڙ ڪم راجائي لاءِ جائز سمجهيو اٿئي ته جيئن دنيوي بادشاهي تنهنجي قائم رهي ]ته به[ تولاءِ ڪو چارو ڪونه هو. پر جيڪڏهن، شيطاني وسوسن کان هن باب ۾ شروع ٿيو آهين ]ته پوءِ ته[ توکي ]هڪدم[ رجوع ڪرڻ، توبهه تائب ۽ پشيمان ٿيڻ گهرجي: ائين نه ٿئي جو اسان جي دين کان نڪري وڃين ۽ اسان کي توسان بيعت ڀڃڻي پوي. ۽ جيڪڏهن هنن نصيحتن سان هن نامعقوليءَ کان باز نه ايندين ته باز پرس جو [59] حقدار ٿيندين، جنهن ڪري توکي تڪليف پهچندي، ۽ توکي تنهنجي اڻوڻندڙن ڪمن جي جيڪا به سزا ملندي سا پاڻ ڏانهن سمجهج.“

جڏهن ڏهرسينه جو خط ڏاهر کي پهتو ته دل ۾ پاڻ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه وٽ وڃڻ جو خيال ڪري، وزير کان صلاح پڇيائين ته: برهمڻ آباد وڃان پر تنهنجي نظر ۾ چڱو ڪيئن ٿيندو؟

ٻڌيمن وزير جو ڏاهر کي روڪڻ

ٻڌيمن وزير چيو: ”راجا سلامت رهي! هن خيال ڪرڻ ۾ تو وڏي خطا ڪئي آهي، جنهن جي ڪنهن به بهاني سان تلافي نه ٿيندي، ۽ جنهن جي نتيجي کي جنهن به رستي سان روڪبو ته جان جي هلاڪت جو باعث ٿيندو. جيڪڏهن تون ڀاءُ جي روبرو ٿيندين ته پوءِ ساهه کان هٿ ڌوئڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تون ائين ٿو سمجهين ته تنهنجو ڀاءُ توسان مخالف نه ڪندو، ته هيءُ هڪ وڏو محال ]خيال[ پنهنجي دل ۾ آندو اٿيئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ، زمين ۽ زال جهڙي ڪم ۾ ڀائيواري ۽ حصيداري نه ٿي سگهندي، بلڪ ]ان ۾[ جان جو خطرو انهيءَ حد تائين آهي، جو پيءُ پٽ لاءِ روادار نه ٿيندو آهي، ۽ نه پٽ پيءُ تي اعتماد ڪندو آهي. ۽ جيڪڏهن ]هروڀرو[ هن ڳالهه جو توکي پڪو ارادو آهي ته پوءِ حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، مون کي ڪنهن به طرح چڱو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“ ڏاهر چيو ته: ”پوءِ اسان جي ڀلائي ڇا ۾ آهي؟“ چيائين: ”تنهنجي لاءِ  چڱي صلاح هيءَ آهي ته ڀاءُ جي لهه وچڙ ۽ گڏ ويهڻ کان پاسو ڪندو رهج، ۽ سندس ملاقات جو اشتياق نه رکج، ۽ قلعي بنديءَ کي لازمي سمجهج، ۽ جيڪي به نجومي ۽ ڀوپا فرمائين انهيءَ تي عمل ڪندو رهج ۽ انهن جي نصيحت جو تابع رهج، نه ته هن بابت ٻيو ڪوبه حيلو ڪارگر نه ٿيندو.“ پوءِ ڏاهر انهيءَ صلاح تي محڪم ٿي بيٺو، [60] ۽ قلعي بندي لازمي سمجهي قلعي بنديءَ جي ضروري سامان جهڙوڪ: اناج، گاهه ۽ ڪاٺين جو ويچار ڪرڻ لڳو ۽ ذخيرو ڪري رکيائين. ]تنهن کان سواءِ ٻيو به[ جنگي سامان، هٿيار وغيره مهيا ڪري تيار ۽ منتظر ٿي ويٺو.

(1)  فارسي ڇاپي غلطنامه ص290 مطابق صحيح پڙهڻي ”بردست يوراني“ هئڻ گهرجي. ن جي پڙهڻي ”بردست تورائي“ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان ”بردشت توراني“ به قرين قياس معلوم ٿئي ٿو. (ن- ب)
(2)  م: سپسي، ن: سيني، ب س: سمني. ڪ: رسنين.
(3)  ن مطابق پڙهڻي ”تبليغ“ آهي. فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي ”وتيغ بسيار فراهم اَورد“.
(4) اصل عبارت: ”ومڪتوبات و مراسلات از ملوڪ هند باز گرفـت“ جنهن جي معنيٰ مقصد جي لحاظ سان ڪئي وئي آهي. لفظي معنيٰ ٿيندي: هندستان جي بادشاهن کان خط پٽ واپس ورتائين“. ممڪن آهي ته ”ڪيل عهدناما واپس ورتائين“؟(ن-ب)
(1) هتان معلوم ٿو ٿئي ته هن چچ کان اڳ ڪو ٻيو چچ به هندستان جو راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڏانهن هت اشارو ڪيو ويو آهي. (مترجم)
(2)  هن جو نالو به راسل هو، جيئن ص]52[ مان ظاهر آهي.(مترجم)
(1) اصل فارسي متن ۾: ديودهنوز.(وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ]51[
(1)  اصل صورتخطي: راؤر.
(1)  اصل متن جي عبارت هن طرح آهي: ”و ميلاد اورا منجمان بر طالع سعد نهادند“، جنهن جو ترجمو ٿيندو، ۽ ”نجومين سندس ڇٺي بختاور ستاري تي رکي“، پر جنهن صورت ۾ هيءُ ترجمو پنهنجو مطلب ادا ڪرڻ ۾ واضح نه هو، تنهنڪري ڪتاب ۾ آزاد ترجمو ڪري، مطلب واضح ڪيو ويو آهي.(مترجم)
(1)  تربيع علم نجوم جو اصطلاحي لفظ آهي، جنهن جو مطلب هوندو آهي ته: چار ستارا هڪ چوڪنڊي جي صورت ۾ بيٺل هجن ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاريندڙ هجن.(مترجم).

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :15
ڏاهر جو ڏهرسينہ ڏانهن لکيو موڪلڻ

پوءِ ڏهرسينہ ڏانهن تعظيم ۽ تڪريم سان هڪ خط لکيائين ”جيتوڻيڪ مايين کي اسان جي پيءُ ڏانهن نسبت آهي، پر ]حقيقت ۾[ هوءَ جتن جي ڌيءَ آهي(1)، جيڪي اصل ۾ مخالف ۽ جرائم پيشه آهي: خصوصاً جتن جون زالون. جيڪڏهن حقيقت کان واقف ٿيندين ته هو اعتماد ۽ اعتقاد جا لائق نه آهن، ۽ امانت ۽ پرهيزگاريءَ کان پري آهن. هندي پهاڪو مشهور آهي ته ”جيڪو رڍ جي ٽنگ وٺندو سو ڏهندو، ۽ جيڪو جتڻي زال جي ٻانهن کان وٺندو سو انهيءَ تي چڙهندو.“ جنهن صورت ۾ هن جو مزاج اجنبي آهي، تنهنڪري ان سان نڪاح جائز هو. هيءَ نصيحت ڇڏي ڏي، جيڪڏهن توکي ]اڃا به[ هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو هجي ته پوءِ مان سخت قسم کڻان ٿو ۽ پڪو انجام ڪيان ٿو ته مان هر حالت ۾ تنهنجو فرمانبردار رهندس، ۽ مان اروڙ جي قلعي ۾ تنهنجي گورنرن مان هڪ گورنر جي طور آهيان، ۽ توسان مخالفت نه ڪندس ۽ نه وري ڪو مقابلو ڪندس، وڌيڪ ادب.“

ڏهرسينه جو ڏاهر کي هٿ ڪرڻ لاءِ اروڙ وڃڻ

جڏهن ڏاهر جو لکيو سندس ڀاءُ ڏهرسينه کي پهتو ۽ سمجهيائين ته ڏاهر پاڻ کي هن ٺڳيءَ سان خوش ڪري اچڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀاءُ جي نصيحت مٿس اثر ڪونه ڪيو، تڏهن سامان ۽ سواريءَ جي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، [61] ۽ سوڀارو  تارو ڏسي جلدي روانا ٿيا. ڪيترا ڏينهن خطرناڪ بيابان جي رستي ۽ نئن ۾ هلندو رهيو، ۽ هرهڪ منزل تي کوهيون کوٽارائي، پنهنجون مشڪون ۽ ٿانءُ پاڻي سان ڀريل رکندو هو، جيئن لشڪر ڍاول رهي ۽ اُڃ نه مري. اهڙيءَ طرح گهڻا ڏينهن رستي ۾ گذاريائون، ۽ ترسندا ۽ نرمي ڪندا رهيا. ]ائين ڪرڻ سان هن[ ڏاهر کي ٺڳڻ ٿي چاهيو، ۽ اٽڪل ۽ رٿ سان ڪنهن طرح ڏاهر کي هٿ ڪرڻ ]گهريائين ٿي[. جاسوس موڪليندو، رستن ۽ شڪار گاهن ۾ جاچ ڪرائيندو ٿي رهيو، جيئن هن کان ڀڄي نه وڃي. ]هوڏانهن[ ڏاهر ]جيتوڻيڪ ظاهر ۾[ سارو ڏينهن عيش ۽ خوشيءَ ۾ رهي، پاڻ کي مشغول رکندو رهيو، ]پر اندران ئي اندران[ رستن ۽ شڪارگاهن تي جاسوس موڪلي خبر رکندو ٿي آيو، ۽ اعتماد جوڳن ماڻهن ۽ جنگي جوڌن کي پورن هٿيارن سان چؤطرف مقرر ڪري، قلعي جي چئني دروازن تي ايماندار ۽ قابل اعتماد چوڪيدار ويهاريا هئائين، ته جيئن نهايت ڪوشش سان قلعي جي دروازن جي حفاظت ڪن ۽ هروقت ويٺا رهن. هوڏانهن ڏهرسينه گمان ڪندو رهيو ته شايد ڏاهر پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيو آهي. آخر جڏهن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي پهتو، تڏهن سندس جاسوسن موٽي اچي خبر ڏني ته ڏاهر بن چچ ۽ سندس لشڪر سارو ڏينهن عيش عشرت ۽ راند روند ۾ مشغول آهن، ۽ ڏهرسينه جي طرف جو ڪوبه فڪر ڪونه اٿن.

ڏهرسينه جي ڏاهر کي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ

]هيءَ خبر ٻڌي،[ ڏهرسينه کي لالـچ ٿي ته جڏهن هو غافل آهي، تڏهن شايد هيءُ قلعو ]آسانيءَ سان[ هٿ چڙهي ويندو. تنهن ڪري ڪوشش ڪري يلغار ڪرڻ شروع ڪيائين، ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ويهه فرلانگ پنڌ ڪري صبح جي وقت[62]  اروڙ پهتو. ڏاهر انهيءَ وقت شڪار تي وڃڻ لاءِ تيار هو. گهوڙو سندس اڳيان آندائون ته ايتري ۾ اوچتو هڪ سوار ظاهر ٿيو، جنهن ڪي سوار آسپاس پڻ ويهاريا هئا. سوار جي قلعي جي دروازي تي پهچڻ سان قلعي جا دروازا بند ڪيائون، ۽ ماڻهو هٿيار کڻي ڪـُـنگرن تي چڙهي آيا. هوڏانهن ڏهرسينه ]به[ اچي قلعي جي دروازي تي بيٺو، ۽ دربان کي چيائين: ”دروازو کول ته مان اندر اچان.“ مگر قلعي وارن دروازو نه کوليو، ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيا. ڏهرسينه ڏاهر ڏانهن ماڻهو موڪلي، پيغام روانو ڪيو ته: ”مان لڙائي ۽ جهڳڙي لاءِ نه آيو آهيان، ]پر حقيقت هي آهي تهل[ هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جو تختگاهه هو، ۽ انهيءَ کان مون کي ]ورثي ۾[  مليو آهي، ۽ توکي منهنجي هٿان. راجائي منهنجي آهي، ۽ تون منهنجي طرفان هن جاءِ جو گورنر آهين. هڪ ملڪ ۾ ٻه ڇٽ نه ٿيندا آهن. ]تنهن ڪري توکي[ هن بادشاهيءَ تان هٿ کڻي، قلعو منهنجن اعتماد جوڳن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”تون ويجهو نه اچ،  ۽ وڃي ٻاهر ڪئمپ ڪري، پنهنجا اعتماد جهڙا ماڻهو موڪل ته مون کي ڀروسو ٿئي، ۽ ٻاهر نڪري قلعو تنهنجي حوالي ڪريان.“ ڏهرسينه جڏهن ڏٺو ته هو ]ڏاهر[ مقابلي لاءِ تيار آهي، ۽ هي حيلو ڪارآمد نه ٿيو، سو مهراڻ ٽپي وڃي ]ٻئي ڪپ تي[ منزل ڪيائين، ۽ ڏاهر جي پڪڙڻ لاءِ سودا پچائيندو ۽ دل ۾ سٽون سٽيندو رهيو. پهريائين ته هن سان صلح ۽ نرمي اختيار ڪري، برادريءَ ۽ قرابت جي رستي تواضع ڪندو رهيو، ]انهيءَ خيال کان[ ته مون قلعي کان ٻاهر نڪري اچي. ٻئي پاسي اروڙ جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن ڏانهن ماڻهو موڪليندو رهيو ته مون ]انهن جي ذريعي[ سندس بيعت ڪري، ]پر ڪي به[ حاصل نه ٿيو.

ڏاهر جي وزير سان صلاح ڪرڻ

پوءِ ڏاهر، ٻڌيمن وزير کي گهرائي چيو ته: ”ڏهرسينه خط و ڪتابت ۾ هيڏي [63] نرمي ۽ نوڙت بجا ٿو آڻي، تنهنڪري منهنجو عقل تقاضا ٿو ڪري ته ٻاهر نڪري پنهنجي بزرگ ڀاءُ جو رضامندو حاصل ڪريان، ۽ ڀانيان ٿو ته هو مون سان ٺڳي نه ڪندو.“ ٻڌيمن وزير چيو: ”اي راجا! هن قول تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي، ۽ هن ٺڳيءَ ۽ مڪر تي ٺڳجي، سندس چوڻ قبول نه ڪر. ڇاڪاڻ ته بادشاهن کي گهڻيون ئي رٿون هونديون آهن، ۽ اقرار ۽ قسم ته سندن ٺڳيءَ جا دام آهن. هو صلح ۽ اٽڪل سان دشمن کي دام ۾ ڦاسائيندا آهن، ۽ پنهنجي مطلب برصواب ٿيڻ لاءِ قسمين قسمين تواضع سان سخن چوندا آهن. بادشاهي آداب ۾ ته دشمن کي مڪر ۽ حيلي سان هٿ ڪري سگهجي ٿو، رڳو ]انهيءَ تي[ عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪو مصيبت جي دام ۾ گرفتار ٿيندو ته پوءِ انهيءَ کي ڪوبه حيلو ڪم نه ايندو. ٺڳي ۽ مڪر ته رڳو بادشاهن جي انتقام وٺڻ لاءِ بنايا اٿن. سو مان ڊڄان ٿو ته ]متان[ توکي ڏهرسينه طرفان ڪا تڪليف پهچي، يا ٺڳيءَ جي دام ۾ ڦاسي تڪليف جي پڃري ۾ گرفتار ٿئين، جتان آزاد ٿيڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوي.“ ڏاهر چيو ته: ”جيتوڻيڪ ]هيءُ[ خوف بجا آهي، ۽ بيپرواهه نٿو ٿي سگهجي، تاهم سڳو ڀاءُ آهي، ۽ آءٌ کانئس ڀڄي نٿو سگهان، ۽ جيڪي فرمايو اٿس سو قبول ڪرڻو آهي. ]تنهن ڪري[ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندس، ]بشرطيڪ[ مون کي اهڙو اعتماد ڏياريو وڃي، جنهن کان منهنجو کٽڪو لهي وڃي.“ جنهن تي راجا ڏهرسينه پڪو انجام ڪري، قسم نامو لکيو ۽ چيو ته: ”مان تنهنجي ڀروسي ڏيارڻ خاطر اڪيلو ايندس ۽ تون لشڪر سميت ٻاهر اچ ته توکي ڏسان.“

انهيءَ انجام تي ٻنهي اتفاق ڪري وقت مقرر ڪيو. ٻئي ڏينهن جيئن آسمان جي سج اڀرندي  جي اُفق کان ڪني ڪڍي، ۽ دنيا سـُـرمائي لباس ڪلهي تان لاهي ڇڏيو(1) ته ڏهرسينه هاٿيءَ تي چڙهي اروڙ جي اولاهين دروازي کان آيو. قلعيدار ڏاهر ڏانهن معتبر ماڻهو موڪليو ته: ڏهرسينه قلعي جي دروازي تي آيو آهي، ]تنهن لاءِ[ ڪهڙو حڪم آهي[64] ؟ ڏاهر فرمايو ته: ”دروازو کولي کيس اڪيلو اندر آڻيو.“ ]جنهن تي[ ڏهرسينه کي اندر وٺي آيا. ڏاهر ٻڌيمن وزير کي سڏي چيو ته: ”ڏهرسينه قلعي ۾ آيو آهي، ۽ جيئن ته هو هلي آيو آهي، تنهن ڪري مون کي ضرور انهيءَ وٽ وڃڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن هو ٻاهر اچڻ لاءِ حڪم فرمائيندو ته به سندس حڪم عدولي نه ڪندس. هن بابت تنهنجي راءِ ڪهڙي آهي؟“ وزير چيو ته: ”توکي سندس قول تي اعتماد نه جڳائي، هن جي لشڪر جي واتان جيڪي ٻڌجي ٿو ]تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته[، هو ٺڳيءَ جو ويچار ڪري رهيو آهي. پهريائين ته هن کي قلعي ۾ آڻڻ مصلحت جي خلاف هو، پر جيڪڏهن آيو آهي ته جنهن صورت ۾ اڪيلو آهي ۽ سندس قتل ڪرڻ ۾ مصلحت نٿو سمجهين، ته جيستائين توهان جي وچ ۾ ڪو اعتماد ۽ ڀروسي جوڳو عهدنامو ٿئي تيستائين کيس قيد ڪر، ٻيءَ صورت ۾ هيءَ بادشاهي تنهنجي مراد موجب ]نه[ هلندي. منهنجي نصيحت ٻڌ ۽ تنهنجي سمجهه جي تقاضا درست نه آهي.“

ڏهرسينه جو هاٿيءَ تي ويهي  اروڙ جي قلعي ۾ اچڻ

نيٺ ڏاهر وزير جي اها صلاح نه ٻڌي، ۽ ڏهرسينه هاٿيءَ تي سوار ٿي، سندس محلات جي دروازي تائين آيو. ڏاهر پيادو سندس استقبال لاءِ ڊوڙيو، ۽ خدمت بجا آڻي چيائين ته: ”محلات ۾ اندر اچ.“ ڏهرسينه وراڻيو ته: ”لهندس ڪين“، ۽ چيائين: ”تون هاٿيءَ تي سوار ٿيءُ ته ٻاهر هلون ۽ گهڙي کن ويهي هڪٻئي سان ڏک ۽ خوشيءَ جا حال اوريون، جيئن عام خاص ماڻهن کي معلوم ٿئي ته اسان جي وچ ۾ ٺهراءُ ٿي ويو، ۽ ]هاڻي[ مخالفت ۽ جهڳڙو ڪونه آهي، ۽ ڪوبه دشمن يا چغل اسانجي وچ ۾ نه اچي سگهي، هيءَ ڳالهه دنيا ۾ چؤطرف پکڙجي وڃي، ۽ اسان جا سڀ دشمن سرنگون ۽ شرمندا ٿين، ۽ دوستن جي خوشي وڌي، مجلس ۽ ورونهن ڪرڻ کانپوءِ صحيح سلامت [65] پنهنجي جاءِ ڏانهن واپس ورج.“ ڏاهر سندس حڪم اکين تي رکي، فرمان بجا آندو. هوڏانهن ٻڌيمن وزير افسوس ڪندو ۽ هن ٺڳيءَ جي نتيجي کان متفڪر ٿيندو رهيو.

ڏهرسينه فيلبان کي حڪم ڪيو ته: هاٿي اڳيان آڻ ته ڏاهر ويهي. ڏاهر هاٿيءَ تي ٻيلهه چڙهي ويٺو. ]فيلبان[ هاٿيءَ کي هڪليو ۽ ٻيئي روانا ٿيا. ٻڌيمن وزير گهوڙي تي چڙهي سندس پاسي سان وڃي رهيو هو، نيٺ وڃي دروازي کي ويجهو ٿيو. ]اتي[ ڏاهر پشيمان ٿيو ۽ ڊنو. ٻڌيمن وزير ڏانهن منهن ڪري چيائين ته:] هاڻي[ اسان لاءِ ڪهڙي صلاح آهي؟  ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻاهر وڃڻ چڱو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟“ وزير ورندي ڏني ته: ”راءَ کي سراءِ ۾ ڇڏيئي(1)  يعني، گڏهه قسطنطنيه ۾ وڃايو اٿيئي ۽ ڳولي ڪنوج ۾ رهيو آهين.“ چيائين ته: ”آخر ٻڌاءِ ته ]هن وقت[ مون لاءِ ڪهڙو حيلو آهي؟  ڇاڪاڻ ته وڃڻ تي دل باور نٿي ڪري.“ چيائين ته: ”هن کان سواءِ ٻي ڪا صلاح ڪانه آهي ته جڏهن دروازي وٽ پهچين ته دروازي جي سـَـردري(2) ۾ چنبڙي، تيستائين هاٿيءَ کان مٿي لڙڪي پئج، جيستائين هاٿي ٻاهر نڪري وڃي. اسين پوءِ دروازو بند ڪري توکي هيٺ لاهينداسين.“ ڏاهر کي هيءَ صلاح پسند آئي. جڏهن دروازي وٽ آيو، ۽ هاٿيءَ جو اڳيون اڌ ٻاهر نڪري ويو، تڏهن ڏاهر دروازي جي سردري ۾ چنبڙي پيو ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان ڌار ڪيائين. هاٿيءَ جي ٻاهر نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻڌيمن ڪوٽ جو دروازو بند ڪري، ڏاهر کي آهستي آهستي هيٺ لاٿو. ]ٻاهر نڪري[  ڏهرسينه جڏهن پٺـتي نهاريو ۽ ڏاهر کي نه ڏٺائين، بلڪ قلعي جو دروازو پڻ بند ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، ۽ بيمار ٿي موٽي اچي ڪئمپ ۾ پهتو. هڪدم هاٿيءَ تان لهڻ سان ] [66]مٿس[ گرميءَ اثر ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن سندن بدن تي ڦوڪڻا ٿي پيا. آخر چوٿين ڏينهن مري ويو، ۽ پنهنجو پيارو ساهه برباد ڪري، ملڪ الموت جي حوالي ڪيائين، ۽ لشڪر ڳڻتيون کائڻ لڳو.

ڏاهر کي ڏهرسينه جي موت جي خبر پوڻ

ڏاهر کي هن واقعي جي خبر پهتي. تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ساڙڻ ۽ دفن ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ چاهيائين، ]جنهن تي[ ٻڌيمن وزير چيو ته: ”راجا سلامت رهي شال! تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي. راجا هن قسم جا مڪر ڪندا آهن، پاڻ کي مرده بنائيندا آهن. تون جڏهن سندس دفن ڪرڻ لاءِ ويندين، تڏهن ٺڳي ڪندو، ۽ تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين. ]تنهن ڪري[ ويچار ڪرڻ گهرجي، ]ڇاڪاڻ[ ته پوءِ افسوس ۽ ارمان فائدو نه ڏيندو. مثال ڏيندا آهن ته جڏهن لومڙ ڊوڙڻ کان ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن پاڻ کي مئل ظاهر ڪندو آهي، جنهن ڪري ڍونڍ کائيندڙ ]پکي[ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيندا آهن، اتي اوچتو ٽپ ڏيئي، انهن کي جهلي کائيندو آهي. بادشاهه کي دشمن کان بيپرواهه نه ٿيڻ گهرجي. ڪنهن اعتماد جوڳي ماڻهوءَ کي سندس پڇا ۽ جاچ لاءِ موڪليو ته اهو راز کلي پوي.“ انهيءَ جاسوس هن جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن کي غمگين، ۽ عزاداريءَ جي رسمن ۾ رڌل ڏٺو ]سو[ اڳتي وڌي چيائين: ”مون کي راجا ڏاهر ڏهرسينه جي پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ توهان کي غمگين ڏسان ٿو: ]ٻڌايو[ ڇا خبر آهي؟“ انهن عزت وارن مان ٻه ماڻهو اٿيا، ۽ ڏسڻ لاءِ کيس ڏهرسينه جي مٿان وٺي ويا. ]هن پڪ ڪري[ تعزيت بجا آندي. ]پوءِ[ هن خبر جي تصديق لاءِ ڏهرسينه جي منڊي انهيءَ قاصد کي ڏيئي، هڪدم واپس ڪيائون. [67]

قاصد  جڏهن اها خبر ڏاهر کي پهچائي، ۽ منڊي سندس حوالي ڪئي، تڏهن ڪنهن به سوچ ۽ دير کان سواءِ پنهنجن سڀني معتبرن ۽ وڏن ماڻهن سميت هڪدم ٻاهر نڪتو، ۽ مهراڻ ندي ٽپي، ڪئمپ ۾ وڃي، ڀاءُ جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. کيس ڏسڻ شرط ڪپڙا ڦاڙي، پڳڙي مٿي تان لاهي، روئڻ پٽڻ ۽ روڄ راڙو شروع ڪيائين.

ڏهرسينه کي ساڙڻ

پوءِ صندل جي ڪاٺين گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ ڏهرسينه کي ساڙي، تعزيت جون رسمون بجا آندائين. ٻئي ڏينهن ڀاءُ جو خزانو کڻي، سندس لشڪر ۽ نوڪرن کي پنهنجي بيعت ۽ حڪم هيٺ آندائين، ۽ هڪ مهيني تائين اروڙ ۾ ترسي سندس زال، جا لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم(1) جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. ]پوءِ[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويو ۽ وڃي اتي رهيو. راجا ڏهرسينه جي عمر ٽيهه سال هئي(1) .

ڏاهر جو برهمڻ آباد جي قلعي ڏانهن وڃڻ

ڏاهر برهمناباد جي قلعي ۾ هڪ سال رهيو، جيستائين ملڪ جي اوسي پاسي جي سڀني ماڻهن سندس فرمانبرداري قبول ڪئي. ڏاهر، ڏهرسينـہ جي پٽ چچ کي گهرائي کانئس بيعت وٺي، پاڻ سيوستان جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو، ۽ اتان وري راوڙ جي قلعي ۾ آيو. انهيءَ قلعي جو بنياد سندس پيءُ چچ رکيو هو، ۽ ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ مري ويو هو. ڏاهر اتي ترسي ان کي اڏائي پورو ڪيو(2) . هو گرميءَ جا  چار مهينا [68] راوڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي، ۽ سندس هوا موافق ۽ پاڻي خوشگوار هو. سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو. اهڙيءَ طرح اٺ سال گذاريائين ۽ سندس بادشاهيءَ ]جي هاڪ ۽ ڌاڪ[ انهيءَ حد کي پهتي، جو سندس شهنشاهيءَ جي تعريف دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون طنابون سنڌ ۽ هندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون، ۽ چئني طرفن جي بادشاهن ]کي عموماً[ ۽ رمل جي راجا کي ]خصوصاً[ سندس مال ۽ هاٿين جي ]حقيقت[ معلوم ٿي.

رمل جي بادشاهه جو راجا ڏاهر جي جنگ تي اچڻ

پوءِ رمل جو بادشاهه وڏو ڪٽڪ، مست هاٿي ۽ سوار خواه پيادا ۽ دلير بهادر وٺي لڙائي واسطي روانو ٿيو، ۽ ٻـُـڌيه جي طرف کان اروڙ(1) جي پسگردائيءَ ۾ پهتو، ۽ سندس ڪيترا علائقا قبضي ۾ آڻي، اتان درياءُ ٽپي اروڙ تي ڪاهيائين. جڏهن رمل جي بادشاهه جي خبر ڏاهر کي پهتي، تڏهن ٻڌيمن وزير کي سڏي چيائين ته: ”زبردست دشمن اسان جي ملڪ جي حدن ۾ آيو آهي، اسان کي ٻڌاءِ ]ته ڇا ڪريون؟[“ ٻڌيمن وزير چيو: ”راجا سلامت رهي! جيڪڏهن لڙائي ۽ جنگ ۾ سندس مقابلو قوت ۽ دٻدٻي سان ڪري سگهين ٿو ته لڙائيءَ جي تياري ڪري، سندس سامهون ٿيءُ ۽ پنهنجي عزت ۽ ننگ خاطر ترار هڻي، دشمن کي دفع ڪر، ]ته تنهنجو[ ملڪ تو وٽ سلامت رهندو، نه ته صلح ۽ موافقت سان سندس بيعت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن مال ڏيڻو پوي ته راجا خزانا ۽ دفينا هن وقت [69] لاءِ گڏ ڪري دفن ڪندا آهن، انهي لاءِ  ]ته غنيم جي چڙهي اچڻ وقت[ مال جي مدد سان لشڪر قائم ڪري، لشڪر جي ذريعي دشمن سان سامهون ٿي، ملڪ خاطر، نانءُ نيڪي سان جان قربان ڪن، ٻيءَ صورت ۾ مال خرچ ڪري، دشمن کي دفع ڪن. ڇاڪاڻ ته مال جي ڪري مرد جو هرڪو دنيوي ڪاروبار سرسبز رهي ٿو، ۽ هر دشمن کي ان جي ذريعي دفع ڪري سگهجي ٿو، آخرت جو سامان پڻ انهيءَ جي مدد سان ٺاهي سگهجي ٿو.“ ڏاهر چيو ته: ”منهنجي نزديڪ ٻئي جي خدمت ۾ ذلت جي نموني سرجهڪائڻ کان موت پيارو آهي، ۽ هيءَ ذلت آءٌ ڪيئن کڻي سگهندس؟“

(1)   هيءُ به هڪ عجيب تضاد آهي، خود مصنف، ڪتاب جي شروع ۾ صفحه 72 تي چئي آيو آهي ته چچ کي راڻي سونهن ديوي مان ٻه پٽ، ڏاهر ۽ ڏهرسينه، ۽ هڪ ڌيءَ مايين نالي ڄائي. (مترجم)
(1)  يعني رات گذري ڏينهن ٿيو. (مترجم)
(1)  يعني صلاح کي گهر کان نڪرڻ وقت ڇڏي ڏنئي. (مترجم)
(2)  اصل متن ۾ آهي ”دست در پيشاني درزن“ اسان جي خيال ۾ پيشانيءَ مان مراد دروازي جي مٿين چانئٺ يا سـَـردرو آهي. (مترجم)
(1)  اصل عبارت ”دختر اگهم لوهانه“ آهي. ”اگهم لوهانه“ ۾ ترڪيب سمايل آهي يعني ”لوهاڻي جو اگهم“ جنهن جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: لوهاڻي جو پٽ اگهم يا لوهاڻي جو حاڪم اگهم. هن کان اڳ ]متن صفحه 40-41[ جي تاريخي  تسلسل جي لحاظ سان پوئين معنيٰ کي ترجيح ڏني وئي آهي. (ن- ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”ملک دهرسينه سي سال بود“ آهي جنهن جو ترجمو ٿيندو ڏهرسينه جي بادشاهي ٽيهه سال هئي“ اهو صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هي واقعو چندر جي مرڻ کان يڪدم پوءِ جو آهي، ترجمي جو مدار نسخي پ جي پڙهڻي (ملک دهرسينه سي ساله بود) تي آهي، جا وڌيڪ قياس ويجهو آهي. (ن- ب)
(2)  مصنف مٿي صفحه ]54[ ۾ چئي آيو آهي ته راوڙ جي قلعي کي ڏهرسينه پورو ڪرايو. وري هتي چوي ٿو ته ڏهرسينه جي مرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي قلعي کي ڏاهر پورو ڪرايو. شايد ائين هجي ته ڏاهر انهيءَ ساڳئي قلعي ۾ ڦيرڦار ڪرائي هجي يا ڪا اهڙي تڪميل ڪرائي هجي، جنهن کي ڏهرسينه غيرضروري سمجهي ڇڏي ڏنو هجي. (مترجم)
(1)  فارسي ڇاپي ۾هن جاءِ تي “راؤر” يعني راؤڙ آهي. جو هيٺ ايندڙ تسلسل جي لحاظ کان صحيح نه آهي. (ن- ب)
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :16
محمد علافي عرب جو رمل جي بادشاهه جي جنگ تي وڃڻ

بـَـني سامه مان هڪ علافي عرب مرد ]سنڌ ۾ رهندو هو[ جنهن عبدالرحمان بن اَشعـَـث کي جنگ مان ڀڄي وڃڻ سبب قتل ڪيو هو، ۽ ڊڄي اچي ڏاهر سان مليو هو ۽ پنج سؤ عربن سان سندس بيعت ڪئي هئائين. ٻڌيمن وزير چيو ته: ”جنگ جو طريقو جهڙو عرب ڄاڻن ٿا، اهڙو ڪو ڪونه ڄاڻي. تنهنڪري علافي کي گهرايو ۽ صلاح طور کانئس پڇا ڪريو ته ]هن معاملي ۾[ هو رهبري ڪري.“ ڏاهر هاٿيءَ تي چڙهي هن وٽ ويو ۽ وڃي چـيائينس: ”اي عرب جا سردار! توسان رعايتون ٿو ڪريان ۽ توکي پيارو ٿو ڀانئيان، انهيءَ لاءِ ته ههڙي وقت ۾ تون اسان جي مدد ڪرين. هن وقت هڪ زبردست دشمن ظاهر ٿيو آهي. تنهنجو صحيح عقل ڪهڙي تقاضا ٿو ڪري؟ اسان کي ٻڌاءِ، ۽  تون جيڪي ڄاڻين ٿو يا ڪري سگهين ٿو سو چئو.“ علافيءَ چيو: ”راجا کي هن ڳالهه بابت تسلي ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪوبه فڪر [70] پنهنجي دل ۾ نه آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي موزون تدبير انهن لاءِ ڪافي آهي. پنهنجي لشڪر جي ”قلب“ جا خاص چونڊيل سوار منهنجي حوالي ڪر. ]پهريائين[ ته مان هڪ دفعي سندن چوڌاري چڪر لڳائي، سندن دورانديشيءَ ۽ همت جو طريقو معلوم ڪري ٿو وٺان، ]هوڏانهن[ تون ٽن ميلن پنڌ تي کاهي هڻي تيار ٿي بيهه.“ ڏاهر کي اها مصلحت پسند آئي، ۽ پاڻ اتي ترسي پيو. علافي جاسوسيءَ طور سندن چوڌاري چڪر لڳائي، معلوم ڪيو ته رات جي وقت بالڪل بيپرواهه رهن ٿا، ڪنهن به قسم جو ڊپ ڪونه اٿن، ۽ نه وري ڪو چوڪي ۽ پهري جو انتظام اٿن. علافي پنج سؤ عرب ۽ هندستاني بهادر ساڻ وٺي، مٿن شبخون (راتاهو) هنيو ۽ چئني طرفن کان نعرا هڻي، رمل جي راڻي جي لشڪر ۾ ڪاهي پيا، جنهن ڪري انهن ۾ گوڙ ۽ پريشاني اچي پيئي ۽ هو هڪٻئي کي ڪهڻ لڳا. انهن مان ڪسي ويلن کان سواءِ به اسي هزار جنگي جوان ۽ پنجاهه هاٿي پڪڙيا ويا. ]تنهن کانسواءِ ايترا ته[ بي انداز هٿيار ۽ گهوڙا هٿ آيا، جي ڳاڻاٽي کان ٻاهر هئا. ڏينهن ٿيو ته ]ڏاهر[ قيدين کي گهرائي، کين ڪهڻ جو ارادو ڪيو، ]پر[ وزير چيو ته ”الله تعاليٰ توکي فتح عطا ڪئي آهي، تنهن جو احسان مڃ ۽ شڪر بجا آڻ. ]هيءُ[ پڻ لازم آهي ته جڏهن بادشاهن ۽ بزرگن کي فتح حاصل ٿئي، ۽ دشمن جي طرف جا مکيه ماڻهو ۽ اڳواڻ سندن هٿان گرفتار ٿين، تڏهن کين معافي ڏين، سو تنهنجي لاءِ به چڱي صلاح اها آهي ته قيدين جي جان بخشي فرمائي، کين آزاد ڪر.“ انهيءَ صلاح تي لڳي راجا ڏاهر قيدين کي آزاد ڪيو، ۽ سندس صلاح مبارڪ سمجهي فرمايائين: ”اي سهڻي صلاح ڏيندڙ وزير ۽ مبارڪ مـُـشير! جيڪي گهرڻو هجيئي سو مون کان گهر.“ وزير عرض ڪيو: ”مون کي اولاد [71] ڪونه آهي، جنهن کان منهنجو نالو دنيا ۾ زنده رهي. تون حڪم ڪر ته تنهنجي شاهي ضربخاني ۾ جيڪي چانديءَ  جا سـِـڪا تيار ٿين ٿا، ۽ شاهه جي نالي جو شرف حاصل ڪن ٿا، انهن جي ٻئي طرف تي بندي جو نالو اُڪيريو وڃي، جيئن راجا جي چانديءَ جي سڪن جي طفيل بندي جو نالو باقي رهي، ۽ هند سنڌ جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قائم هجي، ۽ ان جي ياد نه ميٽجي.“ راجا ڏاهر جي حڪم سان ]سـِـڪو،[ جيئن وزير عرض ڪيو هو تيئن، تيار ڪيائون.

اهڙيءَ طرح راجا ڏاهر جا پير کپي ويا، ۽ ]ايڏي ته[ وڏي طاقت ۽ شان شوڪت حاصل ڪيائين، جو خلافت جي تختگاهه جو مال ڦـُـري سرڪشي ۽ بيپرواهي ڏيکاريائين.

خلفاء ِّ راشدين کان وليد تائين تاريخ

هنن خبرن جي راوين ۽ هنن روايتن جي ڄاڻن، هن طرح بيان ڪيو آهي ته هند ۽ سنڌ جي شهرن تي اسلام جي لشڪر جي پهرين لڙائي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان پندرهن ورهيه پوءِ اميرالمؤمنين حضرت عمر رضي الله عنه جي خلافت ۾ واقع ٿي. ]حضرت عمر[  پهريائين عثمان بن اَبـِـي العاص ثـَـقـَـفي کي بحرين موڪليو. هو لشڪر وٺي عمان روانو ٿيو، ۽ جنگي ٻيڙا درياءُ جي رستي مقرر فرمائي، مـُـغـِـيرهَ بن ابي العاص جي سرداريءَ هيٺ بحرين موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته هو انهيءَ رستي کان ديبل روانا ٿين. انهيءَ وقت سنڌ جو راجا چچ بن سيلائج هو، ۽ سندس حڪومت کي 35 سال گذري چڪا هئا. ديبل جا رهاڪو واپاري ماڻهو هئا.  [72]راجا چچ جي طرفان سامه بن ديوائج نالي ]اتي[ حاڪم هو. لشڪر جڏهن ديبل پهتو ته هن قلعي کان ٻاهر نڪري، لڙائي شروع ڪئي. ثـَـقفـِـين مان هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ٿي ڪئي ته جڏهن ٻيئي لشڪر هڪٻئي جي سامهون ٿيا، تڏهن مغيره بن ابي العاص ترار ڪڍي ۽ بـِـسـِـم اللهِ وفـِـي سـَـبيـِـل الله (الله جي نالي سان ۽ الله جي واٽ ۾) چوندو شهيد ٿيو. کانئس پڇيو ويو ته تو جنگ ٿي ڪئي، توکي اها خبر ڪيئن پئي؟ وراڻيائين ته هٿن سان جنگ ٿي ڪيم ۽ دل ۽ ڪنن سان هيءُ احوال ٿي ٻڌم.

(۽ پڻ) حضرت عمر بن الخطاب رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾ حضرت ابو موسيٰ اَشعرَي رضي الله عنه عراق تي عامل مقرر ٿيو هو، جنهن ربيع بن زيـِـاَد حارثـِـي کي پنهنجن ماڻهن سان مڪران ۽ ڪرمان تي مقرر ڪيو. ايتري ۾ دارالخلافہ مان ابو موسيٰ اشعري ڏانهن لکيائون ته هند، ڪرمان ۽ عراق جي خبر ڏي. جڏهن ابوالعاص جي پٽ جو حال معلوم ٿيو، ۽ ]اهو به معلوم ٿيو[ ته هند ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو راجا پيدا ٿيو آهي، جو سرڪشي ۽ بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ دل ۾ بيفرمانيءَ جو ٻج پوکيو اٿس، ته ابو موسيٰ اشعري اهو احوال اميرالمؤمنين عمر رضي الله عنه ڏانهن لکي ]کيس[ واقف ڪيو. ]پاڻ[ کيس هند جي لڙائيءَ کان سخت منع ڪيائون.

(۽ پڻ) انهيءَ وقت ]حضرت[ عمر بن الخطاب رضي الله عنه جي شهادت جو واقعو ٿي پيو، ۽ خلافت اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه کي ملي، جنهن هند ۽ سنڌ جي لڙائيءَ تي لشڪر موڪلڻ گهريو. ]انهيءَ وقت[ لشڪر قـَـندابـِـيل ۽ مڪران ۾ هو، [73] ۽ لشڪر جو سردار عبدالله بن عامر ]بن ڪرَيز[ بن رَبيعه مقرر ٿيل هو. ]آخر حضرت عثمان پهريائين[ سنڌ جي شهرن جو ]ڪجهه[ احوال معلوم ڪرڻ گهريو، تنهنڪري ]حڪم ڪيائين[ ته: ڪو صالح، پاڪدامن ۽ عقلمند ماڻهو مقرر ڪر، ته هو سنڌ ۽ هند جو پورو احوال سچو ۽ تجربي هيٺ آيل معلوم ڪري، کولي کولي اچي ٻڌائي. انهيءَ تي عبدالله بن عامر، حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـلـَـه عـَـبدِيءَ کي موڪليو. (روايت)…… عبدالله بن عمر بن عبدالقيس کان روايت ڪن ٿا ته حـُـڪـَـيم ڳالهائيندڙ ماڻهو هو، ۽ نظم ۽ شعر جي فن ۾ ڪامل هو، جيئن ته هڪ جاهل ماڻهو عـَـلـِـي بن طـُـفـَـيل غـَـنـَـويِ جي مدح ۾ چيو اٿس:

شعر

وَ اَهلـَـڪـَـنـِـي لـَـڪـُـــــــم فـِـي ڪـُـل يـَـومِ

تـَـعـَـوجـُـڪـُـم عـَـــــلـَــــــــــــــي وَ اَستـَـقـِـيم

رِقـَــــــــاب ڪالمـَـوا جـِــــــــــن خـَـاظـِـيـَـات

وَ اَستـَـاه عـَـلـَـي الاَ ڪــــــــوَارِ ڪـُـــــــــومُ

]ڪيو برباد مون کـــــــــي سڀــــڪـــــــنهين ڏينهن،

توهان جي ڏنــــــگ جــــڏ آهيان ســــــــڌو مـــــــان.

توهان جا ڪنڌ ٿلها هــــــــن (آهن) مطرقن جئن،

۽ پولهيون پاکـــــــــڙن تــــــي ڍيــــر وانـــــــــــگيان. [

(۽) ]حضرت[ علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي بصره ۾ اچڻ وقت سندس تعريف ۾ چيائين:

شعر

لـَـيـــــــــس الرزِيةَ بـِـالـِـدينــــــاَرِ نـَـفـــــــفـِـدُه

اِن الرزِيـَـةَ فـَـقدُ العـِـلمِ وَالحـِـڪـَـــم[74]

وَ اِن اَشـــــــــــــرَفَ مـَـــــــــن اَودَي الزَمـَـان بـِہ

اَهلُ الـَـعـَـفـَـافِ وَاَهـــــــل الجـُـــــــودِ وَالکـَـرَمِ

]مصيبت نــــاهه وڃــــــــــائـــــڻ ڏوڪــــــڙن جو،

مصيبت ٿي، ويــــــــو جــــــــي علم و حڪمت،

مــــــــرڻ وارن سڀني ۾ ســــــــوئـــــــي افــــــضل،

هجي جو صاحبِ احـــــــــســـــان و عــــــفـــــت.[

(۽) هن روايت جي ڪن راوين ۽ هن داستان جي ڪن لکندڙن بيان ڪيو آهي ته اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه، عبدالله بن عامر کي لکيو آهي ته حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـله کي سنڌ ۽ هند ڏانهن موڪلي، ملڪ جون حالتون معلوم ڪري. تنهن ڪري عبدالله کيس مقرر ڪيو. جڏهن حالتون سمجهڻ کان پوءِ عبدالله بن عامر وٽ واپس آيو، ۽ اچي انهيءَ ملڪ جي رهاڪن جي حملي، لڙائي ۽ سزائن جون حالتون کيس تفصيل سان ٻڌايائين ته عبدالله هن کي اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه ڏانهن موڪليو، ۽ جڏهن هو خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امير کانئس پڇيو ته: اي حڪيم!  هندستان ڏسي آئين؟ حالتون معلوم ڪري آئين؟ جواب ڏنائين: نـَـعـَـم يـَـا اَمـِـير المـُـؤمـِـنـِـينَ (هائو اي اميرالمؤمنين). چيائين: بيان ڪر. چيائين: مـَـاءُ هـَـاوَ شـَـل وَنـَـمـَـرُ هـَـادَقـَـل وَ اَرضـُـهـَـاجـَـبـَـل وَ اَهلـُـهـَـابـَـطـَـل اِن قـَـل الجـَـيشُ بـِـهـَـاضـَـاعـُـوا وَ اِن ڪـَـثـُـرُ واجـَـاعـُـوا، يعني ”اُتي جو پاڻي ميرو آهي، ميوو نـِـڙِ گهٽ وٺندڙ ۽ کـَـٽو آهي، زمين پٿريلي آهي، ۽[75]  ٽي ڪلراٺي آهي، ۽ رهاڪو بهادر آهن، جيڪڏهن ٿورو لشڪر ويندو ته جلدي تباهه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن گهڻو ويندو ته بک مري پاهه ٿيندو.“ پوءِ اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه پڇيو ته: ”انجام ۽ اقرار ۾ ڪيئن آهن؟ وفادار آهن يا بيوفا؟“ حڪيم چيو ته: ”خيانت ڪندڙ ۽ غدار آهن.“ انهيءَ تي عبدالله کي سنڌ ڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪري، ڪوبه ماڻهو نه موڪليائون.

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه

جي خلافت

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه کي خلافت سنه 38هه جي آخر ۾ ملي. وقت جي بيان ڪندڙن ۽ بيان جي سلجهائيندڙن جو چوڻ آهي ته: جڏهن خلافت اميرالمؤمنين علي رضي الله عنه کي پهتي، تڏهن شهر وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو ۽ مخالفت ٿي پيئي. عامر ابن الحارِث بن عبدالقيس روايت ڪئي آهي ته: جڏهن آسپاس جا ماڻهو مخالف ٿي پيا، تڏهن ]حضرت عليءَ[ ثاغر بن ذعر(1) کي لشڪر جو سردار بنائي، هندستان جي سرحد تي مقرر ڪري، لشڪر جي مکيه وڏن اڳواڻن جي هڪ جماعت سندس ڪمان هيٺ رکي، ۽ هو سنه 38هه جي آخر ۾ بهرَج ۽ ڪوهه پايه جي رستي کان روانا ٿيا. جتي به پهتا ٿي [76] ته اتي فتحمند ۽ ڪامياب رهيا ٿي، ۽ غنيمتون ۽ غلام گهڻائي هٿ آين ٿي. نيٺ ڪيڪانانِ جبل وٽ پهتا ۽ اهي ماڻهو جنگ لاءِ سنبري بيٺا.

هنن جي جنگ جي خبر

هـُـذلـِـي ڳالهه ڪئي آهي ته: انهيءَ لشڪر ۾ حارث بن مـَـرهِ نالي هڪ بهادر مرد هو، جنهن جي ٽولي ۾ هڪ هزار هٿياربند  بهادر هئا، ۽ ٽي دلير ۽ هٿياربند غلام هوندا هئس. هڪ کي پنهنجو هٿيار بردار مقرر ڪيائين، باقي ٻن کي لشڪر جو محافظ بنائي، هرهڪ کي پنج سؤ ماڻهن جو سردار ڪيائين. هو مڪران ۾ پهتو ته اها خبر وڃي ڪيڪانان ۾ پهتي، جنهن تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو جمع ٿيا. ]هو[ سنه 42هه ۾ ڪيڪانان ۾ پهتا، ۽ اتي جي ماڻهن لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي لڙائي شروع ڪئي، ۽ اٽڪل ويهه هزار مرد پيادا اچي گڏ ٿيا، جن سان اسلامي لشڪر جي لڙائي ٿي. هنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وڃي گهٽ جهليو. لشڪر جڏهن جهاد کان موٽي اچي ڪيڪانان لڪ وٽ لٿو، تڏهن هن رستو روڪڻ چاهيو. ]اهو حال ڏسي[ عرب جي لشڪر تڪبير جو نعره هنيو، جنهن تي کاٻي ۽ ساڄي کان جبلن مان پڻ تڪبير جو نعرو لڳو: ”الله اڪبر“. هيءُ ٻڌي ڪيڪانان جي ڪافرن جي دلين ۾ هراس پيدا ٿيو، جنهن ڪري ڪن پيش پئي اسلام قبول ڪيو، ۽ ٻيا ڀڄي ويا. انهيءَ وقت کان اڄ تائين جنگ جي موسم جي ڏينهن ۾ انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز نڪرندو آهي. ]اڃا[ انهيءَ فتح ۾ هئا ته [77] اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي شهادت جي خبر پهتي، ]جنهن  ڪري[ اتان موٽي آيا. مڪران پهچڻ تي معلوم ٿين ته معاويه بن اَبي سفيان خليفو ٿيو آهي.

معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت

معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت. ]هجري[ چاليهين سال(1) وارن مهينن ۾ قائم ٿي. تاريخ جي مصنفن، مهلب کان هن طرح روايت ڪئي آهي، ۽ هن هذلي کان ٻڌو ۽ هذلي قاسم کان نقل ڪيو، جنهن چيو ته: مون نصر بن سفيان کان ٻڌو آهي ته جڏهن معاويه خلافت تي مستقيم ٿيو، تڏهن عبدالله بن سوار ]العبدِي[ کي چار هزار سوار ڏيئي، سنڌ ولايت تي مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي حڪومت سندس حوالي ڪيائين. وڌيڪ چيائينس ته: ”سنڌ ۾ هڪ جبل آهي، جنهن کي ڪيڪانان چون ٿا، اتي جا گهوڙا قداور ۽ موزون شڪل شباهت وارا آهن، توکان اڳ ۾ اتي جون غنيمتون پهتل آهن. ]ائين به چيائينس ته[ ماڻهو غدار آهن، جيڪي انهيءَ جبل جي پناهه سبب سرڪشي ۽ شوخي ڪندا رهندا آهن.“ عمر بن عبدالله بن عمر کي ارمابيل جي فتح واسطي موڪليائين، ۽ عبدالله بن عامر کي بصره تي مقرر ڪيائين. جيئن قيس بن هيثم السلمي(2) وٽ وڃي ساڻس عـَـمان، اَردبيل ۽ جرم جي لڙائي ۾ شامل ٿئي(3) ۽ اڪيلو هزار چونڊ ماڻهو وٺي وڃي.

(روايت:) ابوالحسن، هذلي کان روايت ڪئي آهي، ۽ هن مسلمه(1) بن محارب بن زياد کان ٻڌو ته: امير معاويه، عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ساڻ ڏيئي موڪليو، ۽ سندس لشڪر ۾ ڪوبه ماڻهو باهه نه ٻاريندو هو، ڇاڪاڻ ته ٺهيل ٺڪيل سمر ساڻ [78] هئن. آخر هڪ رات اوچتو لشڪر ۾ باهه جو شعاع ظاهر ٿيو، جاچ تي معلوم ٿيو ته هڪ حامله عورت هئي، جنهن ٻار ڄڻيو هو. کيس باهه جي ضرورت هئي. ]اها ڳالهه ٻڌي[ عبدالله کيس اجازت ڏني. انهيءَ زال ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ ٽي ڏينهن لشڪر کي کاڌو کارايائين. پوءِ جڏهن ڪيڪانان جي ملڪ ۾ پهتا، تڏهن دشمن غلبو ڪيو، پر اسلامي لشڪر انهن کي شڪست ڏيئي، گهڻيون غنيمتون هٿ ڪيون. ڪيڪانين گڏ ٿي وڃي جبل جا گهٽ جهليا، ۽ ڇتي جنگ چالو ٿي. اتي عبدالله بن سوار هٿيار بردارن ۽ خاص ماڻهن جي هڪ ٽولي سان بيهي رهيو، ۽ هڪل ڪيائين ته: اي مهاجرن ۽ انصارن جا فرزندو! ڪافرن کان منهن نه موڙيو متان توهان جي ايمان ۾ خلل اچي، شهادت جو درجو حاصل ڪريو. ]هي ٻڌي[ اسلام جو لشڪر عبدالله جي جهنڊي جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. بني عبدالقيس مان هڪ مرد ٻاهر نڪري مقابلي لاءِ للڪاريو، جنهن تي دشمن جو سردار اچي ساڻس سامهون ٿيو. ياسر بن سوار پڻ بني عبدالقيس ]واري ماڻهو[ سان گڏ روانو ٿيو، ۽ حملو ڪري سردار کي ڊاهي وڌائون. ]اتي[ ڪيڪانين جو سمورو لشڪر نڪري آيو. آخر اسلامي لشڪر شڪست کاڌي. سارو جبل مئل لشڪر سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ مسلمان مڪران موٽي آيا.

(روايت) ابوالحسن روايت ڪئي ته مون حاتم بن قتيبه الباهلي(1) کان ٻڌو، جنهن چيو ته: آئون انهيءَ ڏينهن لشڪر ۾ هئس، ڏٺم ته اِبن سوار هڪ جوان سان مقابلو ڪيو، ۽ سندس ساٿين حملو ڪري، ڪيترا دشمن قتل ڪيا ۽ ڪافي لڙائي کان پوءِ شهيد ٿيو. مون ڪٺلن جا ٽپڙ ٿي لاٿا، [79] سوُ منڊيون مهرن سوڌيون مليم. پوءِ عبدالله بن عبدالرحمان العبدي چيو ته مون سندس جنگ جا شعر ٻڌا آهن، جي اميرمعاويه جي اڳيان ٿي چيائون:

شعر

مـَـن کـَـابـِـن سـَـوارِ اِن جـَـاشـَـت مـَـرَاجــِـــلـہ

فـِـي الحـَـربِ لاَ اُوقدَت نـَـار لـَـهـَـا بــَـعــدَه

کـَـــانــــت مـَـرَاجـِـلـہ لـِـــلــــــرزقِ ضـَـــامـِـنة

فانهـُـن بـَـــــــنـَــــــاتُ الــــــــحـَـربِ وَالجودَه

]ابن سوار جو مٽ ڪونهي، اچي کيس جي جـوش

جنگ  ۾، شل ٻري ان کان پوءِ ڪا جنگ جي بـاه،

ديڳيون ان جون هيون رزق جـــــون ضامن، بيشڪ

ڄڻ هيون جنگ ۽ احسان جـــون نياڻيون واه واه! [

۽ اَعورشي چيو ته

شعر

اَبلـِـــغ رَبـِـــيــعــَةَ اَعلاَهـَــــا وَ اَســــفـَــــــلـَـهاَ

اِنا وَجـَـــدنـَــــــا اِبـــــــنَ سـَــــــــوارِ ڪـَـسـَــــوارِ

لاَيـُـسمـِـنُ الخـَــــيلَ اِلا رَيـــــث يـُـمـــــهـِـلـُـهـَـا

وَمـَـــــا سـِـــوَاهُ فـَـتـُـــردَيٰ طـــــــــــــــولَ اَعمـَـارَ.

]چئج وڃي تون ربيعه جي اعليٰ ۽ اسفل کي

ته آهه بلاشڪ ســـــــوار جهڙو ابــــــن ســــــوار.

نٿو مچائي هو گهوڙا مگر ڪو وقـــت قليل،

پيو ڊڪائي انهن کي وگرنه ســاري ڄمار

(1)  اصل عبارت: تاعر بن دعر، اصلاح، عربي اعلام کي مدنظر رکي ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(1)  اصل متن ۾ ”ارفع واربعين“ (چوئيتاليهه) جو شايد ”اربعين“ (چاليهه) جي بدران ڀـُـل آهي. امير معاويه سنه 40هه ۾ حضرت علي رضه جي شهادت بعد ايليا جي شهر ۾ خلافت جي بيعت ورتي. ڏسو تاريخ طبري سنه 40هه هيٺ. (ن- ب)
(2)  اصل ۾”قيس بن هاشم السلمي“: هيثم صحيح آهي ۽ نه هاشم- ڏسو يعقوبي ج 2، ص 193، ديوانَ فرزدق طبع پئرس ص 119، طبع مصر ص ص 761 ۽ 776، تاريخ ابن خلدون. بقيـة جزءُ ثاني ص ص 33-34، نقائض جرير و فرزدق ص ص 723، 726 ۽ 738، بخاري: ڪبير ج 4، ص 145. (ن-ب)
(3)  اصل فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وبا او بغزو عمان و اردبيل و جرم وکند“: ظاهراَ هن عبارت ۾ خلل آهي. پ ن پ س ۾ “جرم کند”: آهي يعني هنن ٻن لفظن جي وچ وارو عطف ڪونهي ۽ غالباً اتي ڪو ٻيو لفظ ڇڏيل آهي ۽ اسان جي خيال ۾ ”شرکت“ ئي اهو موزون لفظ آهي. انهيءَ لحاظ سان غالباَ صحيح عبارت هن طرح ٿيندي: ”با او بغزو و عمان و اردبيل و جرم شرکت کند“. ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(1)  اصل عبارت ۾ ”مسلم“ آهي، جو صحيح نه آهي، مسلمه بن محارب مشهور راوي آهي- ڏسو بلاذري: انساب الاشراف ج 4 ص ص 73 ۽ 81، نقائض جرير و فرزدق ص ص 726، 730 ۽ 734، جاحظ: البيان ج 2، ص 2، 9، ۽ بخاري: تاريخ ڪبير ج 4، ص ص 379 ۽ 387. (ن- ب)
(1)   اصل لفظ ”البهلي“ جو حقيقت ۾ ”الباهلي“ جي بگڙيل صورت آهي. (ن- ب)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :17
هند جي سرحد تي سـِـنان بن سـَـلمـَـه بن المـُـحـَـبقِ الهـُـذَلـِـي جو والي ٿيڻ

هن تاريخ جي سلجهائيندڙن هـُـذَلـِـي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کان روايت ڪئي آهي، جنهن پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته: عبدالله بن سـَـوار شهيد ٿيڻ وقت ]پنهنجي جاءِ تي[ سـِـنان [80] بن سـَـلـَـمـَـه کي مقرر ڪيو. انهيءَ کان پوءِ امير معاويه، زياد ڏانهن لکيو ته: ڪو اهڙو ماڻهو جو هند جي سرحد لاءِ موزون هجي، ڏسي، اتي جو گورنر بناءِ. حڪم پهچڻ تي زياد ڏانهس لکي موڪليو ته ”مون وٽ ٻه ماڻهو آهن، جيڪي انهن جي لياقت رکن ٿا: احنف بن قيس ]۽ سنان بن سلمه الهذلي“: جنهن تي امير معاويه هن[ ڏانهن لکي موڪليو ته: ]”احنف کي سندس ٻن ڏينهن مان ڪهڙي ڏينهن جو[ انعام ڏيون؟ ام المؤمنين  ]سان بيوفائي جو يا صفين واري ڏينهن اسان جي برخلاف ڪوشش ڪرڻ جو؟ تنهن ڪري سنان کي روانو ڪر.“ انهيءَ تي زياد هن ڏانهن لکي موڪليو ته احنف شرف، عقل ۽ سرداريءَ جي انهيءَ درجي تي پهچي چڪو آهي، جتي هن کي حڪومت فائدو نٿي ڏئي ۽ موقوفي نقصان نٿي رسائي[. (1) پوءِ هو ]سـِـنـَـان[ مڪران وڃي ٻه سال اتي رهيو ۽ ٻن سالن هڪ مهيني کان پوءِ برطرف ڪيو ويو.

راشد بن عـَـمرو الجـَـدَيدي جو، هند جي سرحد تي

والي ٿيڻ

ابوالحسن، هذلي کان ٻڌو ۽ انهيءَ اسودَ کان روايت ڪئي ته: زياد جڏهن  ]سـِـنـَـان[ ابن سـَـلـَـمـَـه کي موقوف ڪيو، تڏهن راشـِـد بن عـَـمرو کي هندستان ملڪ ]جي سرحد[ ڏانهن روانو ڪيائين ۽ کيس گورنر مقرر ڪيائين. راشد هڪ شريف ماڻهو هو ۽ همت بلند هوندي هئس. امير معاويه هن کي سڏي تخت تي ويهاريو، ۽ گهڻي وقت تائين پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. پوءِ ]لشڪر جي[ مکيه ماڻهن کي چيائين ته: راشد شريف ماڻهو ۽ اڳواڻ آهي. کيس خوش رکجو ۽ سندس فرمانبرداري ڪجو، لڙائي ۾ سندس مدد ڪجو ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏجو. راشد مڪران ۾ پهچڻ سان عرب جي بزرگن ۽ مکيه ماڻهن سان گڏجي سـِـنـَـان وٽ ويو. کيس مضبوط عقل وارو ۽ ڪامل ڏسي چيائين ته: خدا جو قسم سـِـنـَـان هڪ وڏي شان وارو آهي، هو سرداري ۽ سپهه سالاريءَ جو لائق ۽ بهادر آهي. ۽ ]پوءِ[ ٻيئي گڏجي ويٺا. هن کي امير معاويه، وڃڻ وقت ]تاڪيد[ ڪيو هو ته هميشه سنڌ ۽ هند جون خبرون ڏيندو رهي. ڳجهاندر ڳالهائڻ وقت کانئس سنڌ جون خبرون  پڇي لشڪر جي پڪي تياري ڪيائين.

(روايت:) عبدالرحمان بن عبد رَبه(1) الـُـسـَـليطـِـي کان هن طرح روايت ڪن ٿا ته هن چيو ته: مون عبدالرزاق بن سـَـلـَـمـَـه کان ٻڌو ته، جڏهن راشد بن عـَـمرو سنڌ ملڪ ۾ پهتو،[81]   ۽ ڪوپايه جي ڍل وصول ڪري ڪيڪانان ويو ۽ اتي وڃي اڳين ۽ پوئين ڍل وصول ڪرڻ سان گڏ غنيمتون ۽ بيفرمان غلام، جيڪي ڦرجي ويا هئا، تن تي قبضو ڪيائين، تڏهن هڪ سال ]اتي رهڻ[ کان پوءِ موٽي سيستان جي رستي کان پنڌ ڪري، اچي ڪوه مـُـنذر (2) ۽ بـَـهرَج وٽ پهتو. انهيءَ جبل جي ماڻهن لشڪر گڏ ڪيو، صبح کان ٻهپري جي نماز تائين جنگ ڪندا رهيا، نيٺ راشد شهيد ٿي ويو. ]راشد جي شهيد ٿيڻ کان [ (3) پوءِ ملڪ وري سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه جي حوالي ٿيو ۽ سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه ٻيهر ]گورنر جي حيثيت ۾[ مستحڪم ٿيو(3).

سـِـنـَـانَ بن سـُـلمه جي دوباره اِيالـَـت

يـَـسـَـار اَلقـُـرَ شـِـي کان هن طرح روايت ڪئي اٿن ته جڏهن راشد بن عـَـمرو شهيد ٿيو، تڏهن زياد، سـِـنـَـانَ بن سـُـلـَـمـَـه کي گورنر بنايو ۽ ]مٿس[ فخر ڪيائين، ڇاڪاڻ ته هو پيغمبرﷺجي زماني ۾ ڄائو هو، ۽ جڏهن سندس پيءُ کي ُسندس ڄمڻ جيلله خوشخبري ملي هئي ته پيغمبرﷺ  فرمايو هو ته ”يا سـَـلـَـمـَـه اَبشـِـر بـِـابـِـنـِـک“ (اي سلمه! پنهنجي پٽ تي خوش ٿي). تنهن تي هن عرض ڪيو هو ته: جيڪڏهن پاڻ کي ۽ هن کي الله جي واٽ ۾ قربان ڪريان ته ]يقيناً[ اهڙن هزار پٽن کان ڀلو ٿيندو، جيڪي خدا جي واٽ ۾ قربان نه ٿين. تنهن تي رسول اللهﷺهن جو نالو سـِـنـَـانَ رکيو. هو جڏهن اڳواڻ مقرر ٿيو، تڏهن سينگاريل لشڪر ساڻ وٺي اڳتي وڌيو، ] ۽[ پيغمبر عليه الصواة والسلام کي خواب ۾ ڏٺائين، جنهن فرمايس ته: تنهنجو پيءُ تنهنجي مردانگيءَ تي ناز ڪندو هو، اڄ تنهنجو ڏينهن آهي، گهڻيون ئي ولايتون تنهنجي هٿ اينديون ۽ انهن جو سڌارو ٿيندو. [82] پوءِ  ]سنان[ اتان روانو ٿي، ڪي ملڪ هٿ هيٺ آڻي وڃي ڪيڪانان پهتو، ۽ جتي به پهتو ٿي ته چڱيون رسمون قائم ڪيائين ٿي. آخر وڃي ٻـُـڌيه ۾ پهتو، جتي ساڻس ٺڳي ڪري کيس شهيد ڪيائون، جنهن تي اِبن خـَـلاص اَلـَـبـَـڪرَي هيءُ شعر چيو:

شعر

اَبلـِـغ سـِـنـَـانَ ابـــــــــنَ مـَـنصـُــــورِ وَ اُخوَتہُ

اَعنـِـي هـُـدِيتَ (1)، کـــــــــراماً غـَـير اَغمار،

اِنا عـَـتبـَـنـَـا عـَـلـَـيکـُـم فـِــــــــي اِمـَـارَتـِـکـُـم،

وَ الدهرُ ذَا قـَـــــــــلـَــــــــل فـِــــــــي الناسِ دَوار،

يـُـعطـِـي الجـَـزِيلَ وَ يـِـنشـُـسرُ غـَـير مـُـستـَـثر،

وَلاَ يـَـزِيدُکَ شـَــــــــــرا(1) بــــــعــــــدَ اِقـُـتـَـدار،

لـُــم يـُـنـــــزِلِ القـَـوم اِذ جـُــــنت فـَـتـَـاتـُــهـُـم(1)

کـَـابنِ المـُـعـَـلي وَلاَ مـِـــثــــــــل ابنِ سوار،

وَلا ابنَ مـُــــــــرةَ اِذ اَودَي الـــــزمـَـــــــان بـِہ،

کـَـم فـَـلـُـلَ الدهـر مـِـــــــــن تـَـــــــاب وَ اَظفار.

]چئج سنان بــــــن منصور، ان جي ڀائن کـــي،

اهي سڳورا جــــــي آهن ڪــريم، تجربيڪار.

ٿياسون رنج توهان تي توهان جي اميريءَ ۾،

زمــــــــانو ڏاڍو آ تڪليف ده، وڏو مــــــــڪار.

ڏئي ٿو دولت تنهن کي پڇي نــــــه جو دولت،

ٿئي فقير سان هر گز نه ســـــــو ڪــڏهن غدار.

ٿئي ذليل جڏهن قوم ڏيـــــــــــس ڪونه پناهه،

ڏئي جيئن اِبن مـُـعـَـلي، ڏئي جيئن اِبن سوار.

يا جيئن ڏني ٿي اِبن مـُـــــــــره پر ٿيو هو تباهه،

زماني ڪيئي ڪيا مرد شير دل بيڪــــــار.[

مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جو والي ٿيڻ

پوءِ ]هيءُ[ ملڪ مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جي حوالي ٿيو. جڏهن خليفي جي حڪم سان، مـُـنذِر گورنريءَ جي پوشاڪ پهري، سن ايڪهٺ ]هجري[ ۾ جنگ تي روانو ٿيو، تڏهن سندس ڪپڙو ڪنهن اُڀيءَ ڪاٺيءَ ۾ اٽڪي ڦاٽي پيو، ]جنهن تي[ عبـَـدالله بن زيـِـاد [83] غمگين ٿي چيو ته: مـُـنذِر جي فال چڱي نه ٿي آهي. آخر انهيءَ کان موڪلائي موٽي آيو ۽ روئي چيائين ته مـُـنذِر هن سفر تان موٽي ڪونه ايندو، بلڪ مري ويندو. ]هڪ ڏينهن[ ابن زيـِـاد کي عبدالعزيز چيو ته: مال جو نقصان ٿي رهيو آهي، ۽ توهان ڪنهن کي مقرر نٿا ڪريو ڇو؟ چيائين ته مـُـنذِر کي موڪليو اٿم، جنهن سان لڙائي ۽ بهارديءَ ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن بخت مددگاري ڪيس ته مطلب حاصل ڪري موٽي ايندو.

منذر جي حڪمراني (1)

مـُـنذِر جڏهن اتان روانو ٿي دشمنن جي ملڪ ۾ پهتو ته ]اوچتو[ پـُـورالي ]ندي[ جي حد ۾ بيمار ٿيو ۽ ساهه خدا تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. سندس پٽ حـَـڪم بن مـُـنذِر، ڪـِـرمان ۾ هو، تنهن ڏانهن ]بيماري جو[ لکي موڪليائين. ]هن جي مرڻ کان [ پوءِ سندس ]منذر جي[ ڀاءُ، عبدالعزيز کان انهيءَ ملڪ جي ]گورنري جي[ گهر ڪئي، ۽ ]عبدالعزيز وڃي حـَـجاج سان ڳالهايو:[ حجاج دروازي تي پهتو ته نماز جي بانگ جو آواز آيو. عبدالعزيز ڏانهن منهن ڪري حجاج چيو ته: بانگ جو آواز منهنجي ڪن تي نه پوي ها ته سندس ]يعني منذر جي[ ڀاءُ کي انهيءَ خط آڻڻ سبب سزا ڏيان ها. اسان جي برگزيدن ۽ مکيه ماڻهن مان هڪ بزرگ خدا تعاليٰ جي واٽ ۾ پنهنجي جان فدا ڪئي آهي، ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ موجود آهي، ۽ تون ٿو ]ڀاڻس لاءِ[ گورنري گهرين؟

حـُـڪـَـم بن مـُـنذِر جو والي ٿيڻ

بيان ڪن ٿا ته: جڏهن حـَـڪـَـم آيو، ۽ عبيدالله کي اطلاع ڏنائون، تڏهن هن رنو ۽ غمگين ٿيو ۽ سندس ]منذر  جي[ پٽ ]حڪم[ کي گهرائي، کيس ٽي لک درهم بخشيائين. انهيءَ کان پوءِ به ڇهن مهينن تائين هند جي گورنري سندس حوالي هئي. جڏهن حـَـڪـَـم ]گورنري جي [ خلعت پهري، ۽ هو هڪ همت وارو ۽ بهادر هو، تڏهن عبدالله ]بن[ اَلاعورَ الحـِـرمازِي (1) اٿي هي شعر پڙهيا [84].

يـَـا حـَــــــــکـَـــــــم بــــــــــنِ المـُـنذِرِ بنِ الجـَـارَود

اَنـــــــــــــتَ الجـَـــــــــــواد و الجـَــــــــود مـَـحمـُـود

سـُـرَادقُ المـَـجد عـَـلـَـــــــيـــــــــکَ مـَـــــــــمـــــدُود

نـَـبـَـت فـِـي الجـُـودِ فـِـــــــــــي اَصــــــــــلِ الجـُـودُ

]اي مـُنذر- جارَود جــــــــــــا فرزند حـَـــــــــڪـَـم!

آهين بيشڪ تون سخي ۽ سخي آهي محمود.

توکي چؤطرف بزرگي جــــــــــــو رهي ٿو گهيرو،

آهين ڄائو تون سخا ۾ تنهنجوبنياد آ جـُـود[

عـَـبدالملڪ بن مروان جي خلافت

تاريخ جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن عبدالملڪ بن مروان آيو ته هن عراق، هند ۽ سنڌ حجاج بن يوسف کي ڏنا، ۽ حـَـجاج، سـَـعيـِـد بن اَسلـَـم ڪلابي کي مڪران موڪليو. هن جي اتي پهچڻ کان پوءِ ]هڪ شخص[ سفهوي بن لام الـَـحمامـِـي، اُزد ]قبيلي [ مان، اتي آيو. سـَـعيد کانئس گهر ڪئي ته: آءٌ جتي به منزل ڪريان ته تون مون سان هج، ۽ منهنجو مددگار ٿيءُ. جواب ڏنائين ته: مون وٽ لشڪر ڪونه آهي. تنهن تي هن چيو ته: خلافت جي دفتر کي حڪم ٿو ڪريان. هن چيو ته: خدا جو قسم تنهنجي زيردستيءَ ۾ نه ايندس جو شرم ٿو اچيم. سعيد ]ڪاوڙجي[ هن کي پڪڙي، قتل ڪيو ۽ سندس کل لاهي ان جو سر حـَـجاج ڏانهن موڪلي، پاڻ مـَـڪران وڃي مقيم ٿيو، ۽ ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري، صلح ۽ نرميءَ سان، هندستان جو گهڻوئي محصول وصول ڪيائين. آخر هڪ ڏينهن جيئن مال کنيو ٿي آيو ته مرج (1) ۾ عـِـلافـِين سان مقابلو پيش آيس.

(1)  چورس ڏنگين ۾ ڏنل احوال ابن قتيبه جي ڪتاب عيون الاخبار (ج 1، ص 227) تان درست ڪري ڏنو ويو آهي: فتحنامه جي اصل عبارت هن طرح آهي ۽ اها ظاهراً ناقص آهي: ”زياد احنف بن قيس را فرمود که هم او مسند است و مؤمنان است“. (ن- ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي عبدالله آهي مگر پ ۽ ر جي پڙهڻي ”عبدربہ“ آهي جا صحيح آهي. فارسي ڇاپي ۾ ص ]234[ تي هن ساڳئي نالي جي پڙهڻي پ مطابق ”عبدريہ“ ڏني وئي آهي ۽ ان جاءِ تي به ر ۽ م جي پڙهڻي ”عبدربہ“ آهي. (ن-ف)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”کوه مندر“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي مگر پ، ن، ڪ جي پڙهڻي “کوه منذر” آهي جا زياده قرين قياس آهي. غالباً انهيءَ جبل تي اهو نالو عرب جي ٻئي هڪ گورنر ”منذر بن جارود“ جي ڪري پيو. (ن-ب) (3)-(3) فارسي ڇاپي جي عبارت: ”بازولايت به سنان سلمـہ ديگر بار مستحکم  شد“ آهي جا شايد پ مطابق آهي. ن، ر، م مطابق: ”باز ولايت به سنان بن سلمـہ دادند، سنان بن سلمه ديگر بار مستحکم شد“ هي عبارت کليل آهي ۽ ترجمو به انهيءَ مطابق ڏنو ويو آهي. (ن- ب)
(1)  فارسي ايڊيشن ۾ هـَـدِيت جي بدلي هـُـذيلا وَلايـَـزِيدُکَ شراَ جي بدلي وَلاَ يـَـزيدُثـَـري ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم جي بدلي اذ جنت قـَـتـَـاتـُـهـُـم پڙهڻيون ڏنل آهن. هت هـُـدِيـُـتِ، ولاِيزِيدُکَ شرا ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون آهن، جي علامه عبدالعزيز الميني سابق پروفيسر عربي، مسلم يونيورسٽي عليڳڙه، فاضل ايڊيٽر (ڊاڪٽر دائودپوٽا) ڏانهن لکي موڪليون هيون. ڏسو فارسي ايڊيشن، ص 261. (ن-ب)
(1)  ن ۾ هيءَ عبارت ڪانهي.
(1)  اصل لفظ سڀني نسخن ۾ ”الحواري“ آهي. ڪيل تصيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]84[. (ن- ب)
(1)  سڀني نسخن ۾ ”مرج“ آهي. مرج جي معنيٰ گاهه وارو ميدان، مگر هن خطبي ۾ اهڙي جڳهه جو نالو عربي تاريخن يا جاگرافين ۾ نٿو ملي. غالباً هي لفظ ”بهرج“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. فارسي ڇاپي جي فاضل ايڊيٽر جي راءِ ۾ هي لفظ غالباً بهرَج آهي. بهرج ڪرمان ۽ مڪران جي سرحد جو شهر هو، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ص ]76[ تي اچي چڪو آهي. (ن- ب)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :18
عـِـلافينِ ۽ سندن بغاوت جي خبر

قتيبه بن اَشعث کان روايت ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن ڪليب بن خلف [85]المغني، عبدالله بن عبدالرحيم العلافي ۽ محمد بن معاويه الـِـعلافي ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته سفهوي بن لام اسان جي ملڪ عمان جو ماڻهو هو ۽ اسان جي طرف جو ساڻس لاڳاپو آهي. سعيد کي اسان جي قرابت وارن کي قتل ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ سو جيئن هو ]سعيد[ ڍل کنيو، مرج(1) ۾ ٿي آيو ته ]هن جي[ سامهون ٿيا. ]پهريائين[ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيائون، پر نيٺ وڃي جنگ جي حد کي پهتا، ۽ علافين غلبو ڪري، سعيد کي ماري پاڻ مڪران ۾ کـُـپي ويٺا، جنهن تي فرزدق هي شعر چيو:

سـَـقـَـي الله قـَـبراَ يا سـَـعـَـيـــدُ تـَـــــــضـَـمـــنـَــــــــــــت

نـَـــــــــــواحـَـيهِ اَکفـَــــــــانا عـَـــــــلـَـيـــکَ ثـِـيـَـابـُـهـــــا

]وَحـُــــــــــــــفــــــــرةَ بـَـيـــــتِ اَنـــــتَ فـِـيها مـُـوَســـد

وَقـَـــــــد سـُـــــــد مـِـــــــــن دُونِ العـَـوائـِـدِ بـَــــابـُـهـَـا[

لـَـقـَـدُ ضـُـمـِـنـَــــــــــــت اَرض قـِـّمکـَـــــران سـَــــيــداَ

کـُـــرِيمـــــــــــاَ اِذَا الانــــوَاءُ خـَــــــــف سـَـحــــابـُـهـَـا

شـَـدَيدَ اعـَـلـَـي الاَدنـَـينِ مـِـنــکَ اُذا احـــــــــــتـَـويٰ

عـَـلـَـيکَ مـِـنَ الـَــتــــــــربِ الـَـهيام حـِـجـَـــــابـُـهـَـا

]لـِـتــبـَـکِ سـَـعـِـيداَ مـُــــــــــــــرضـِـــــــع اُم خـَـمسـَـة

يـَـتـَـاميٰ وَمـِـن صـِـرفِ القراح شـَـــــــــــــــرابـُـهـَــــــا[

اِذَا ذَکـَــــــــرت عـَـيـــــنـــِـي سـَـعـِـيــــداَ تـَـــــــحـَـدرَت

عــَـــلـيٰ عـَـبـَـرَات يـَـستـَـهـِـل انســــِـکابهـَـا(2) [86]

]سعيد  !تنهنجي قبر کي رکي خدا شل خوش،
جنهين جي پيٽ ۾ تنهنجي ڪفن جا ڪپڙا ٿيا.
رهي سا ڪوٺي سلامت تون جنهن ۾ آرامي، حلانڪ آئي وئي کان انهيءَ جا در پوريا.
رهيو زمين ۾ مڪران جي اهو سيد،
ڪڪر وسيا ٿي جنهن جا جڏهن نه مينهن وسيا.
ٿيا الم ۾ گرفتار تنهنجا سڀ ويجها،
جڏهن مٿان تنهنجي سنهڙي مٽيءَ جا پردا وريا.
رئي سعيد کي سا ماءُ، پنج ٻچا جنهن کي،
يتيم، ڪجهه نه رهيو آ وٽس پاڻيءَ کانسواءِ.
اکين کي ياد پوي ٿو جڏهن سعيد تڏهن،
وهن ٿا لڙڪ انهن مان، ٿا جيئن وهن نارا.[

پوءِ حـَـجاج، سعيد جي ماڻهن کان ڪاوڙجي پڇيو ته: توهان جو امير ڪٿي آهي؟ جيئن ته هنن اقرار نٿي ڪيو، تنهنڪري ڪن کي ترار جو لقمو بنايائين، تڏهن نيٺ اقرار ڪيائون ته عـِـلافـِـينُ بيوفائي ڪري، کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ ته حجاج، بـَـني ڪـِـلاب مان هڪ ماڻهوءَ کي حڪم ڏنو، ]جنهن وڃي[ سليمان عـِـلافيءَ کي ڪــُـٺو ۽ سندس سسي سعيد جي پونيئرن جي گهر موڪلي، کين دلداري ڏيئي، سندس قريبن کي نوازيائين. پر تڏهن به حـَـجاج بن اَسلم، بـِـشر بن زياد، محمد بن عبدالرحمان، اسماعيل بن اسلم، سعيد جا آزاد ڪيل غلام ۽ سندس ٻانها نعرا هڻندا رهيا ۽ روڄ راڙو ڪندا رهيا، صـَـعصـَـعه بن مـَـجريـہَ (1) ڪـِــلابـِـي هيءَ شعر چيو:

اَعـَـاذِل ڪـَـيفَ لـِـي بهمـُـومِ نـَـفسـِـي

بـِـذِڪريٰ تـَــــــابـِـعا فـــِــــــيها سعيدا

واِخــــــوَانا لـہ ســـــلــفــوا جـَـمـِــــيعــــا

غطارفــة مــــن الادنــــين صــيــــدا

اِذَا مـا الدهر حــَـل فـَــلـَـم يـَـڪـُـونـُـوا

بـِـمـَـا قـَـــدحــَــل مــِـن اَمــــــر شـُـهـُـودا

بِقـَـندابـِـيل حــَــيـــــثُ تـَـري المـَـتـُـايا

و قـَـدلافت بـِـهــِــم ڪـــَــرمـَــا وَجـُـودا

وَلاَ تـُـشــمـِـت بـنا سـُـوقا (2) ستـُـلقيٰ

مـِـنَ الاَجـــالِ مـِـطرقة حـَـدِيــــدا[87]

]ٻڌاءِ عاذل ڪريــان مان ڇا غمن کي،
سعيد جي ياد ۾ جــن ڪيو آ بـيڪار.
۽ پڻ ڀائر سندس جــــــي ويــــا گذاري،
اقارب پڻ هئا جي جملي سردار.
زماني کان جي آئي ڪا مصيبت،
ڏسي رهيا نه سي خاموش هوشيار.
هو قندابيل ۾، جو موت جو گهر،
مليا وڃي موت سان سخين جا سردار،
کلائج ڪين ماڻهو تون جهليندين،
اجل جا مطرقا لوها خبردار![

مـَـجاَعـہ بن سعرِ بن يزيد بن حذَيفهَ ]التـَـمـِـيـمـِـي [ جو والي ٿيڻ

هن تاريخ جا سنواريندڙ روايت ڪن ٿا ته: بشر بن عيسيٰ صاحب الخلاط (1) فـَـرقد (2) بن مـُـغـِـيره ۽ عـَـمرو بن محمد التميمي کان بيان ڪيو ته: جڏهن حجاج مـُـجاعـة بن سـِـعر کي مڪران (3) ڏانهن موڪليو،] ڇاڪاڻ ته[ سن پنجاسي ]هجري[ ۾ هـِـند ۽ قـَـندابيل جا ملڪ ]پڻ[ حـَـجاج جي ذمي ڪيا ويا هئا، عـِـلاَفـِـي، مـُـجاعـة جي پهچڻ کان اڳ ڀڄي ويا. مـُـجاعـة سندن ڳولا ڪئي، پر هو سنڌ جي راجا ڏاهر بن چچ وٽ هليا ويا. مـُـجاعـة هڪ سال مڪران ۾ رهي، جان خدا جي حوالي ڪئي.

محمد بن هارون بن ذراع النمرِيءَ جو والي ٿيڻ

جڏهن سال ڇهاسي ]هجري[ آيو، ]۽[ خلافت وَلـِـيد بن عبدالملڪ بن مروان کي ملي، تڏهن ]هـُـند جو[ مـُـلڪ محمد بن هارون جي حوالي ڪيائين. تاريخ جا مصنف هن طرح روايت ڪن ٿا ته: جڏهن مـُـجاعـة جي عمر پوري ٿي ته حجاج بن يوسف، محمد بن هارون(1) کي هندستان جي طرف مقرر ڪيو ۽ کيس حڪومت هلائڻ ۾ آزاد رکيائين، ۽ ديواني مال وصول ڪرڻ جو تاڪيد ڪري، چيائينس ته: عـِـلافيـِـن کي ڳولـج ۽ ڪيئن به ڪري کين هٿ آڻي، سعيد جو انتقام وٺج. پوءِ محمد، سن ڇهاسي جي اوائل ۾ هڪڙي عـِـلافي کي هٿ ڪيو ۽ خليفي جي فرمان مطابق انهيءَ کي قتل ڪري،سندس سر حجاج ڏانهن موڪليو، ۽ انهيءَ متعلق حجاج جي خدمت ۾ هڪ خط لکيائين، [88] انهن ۾ ذڪر ڪيائين ته هڪ علافيءَ کي ترار جو کاڄ ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن عمر وفا ۽ بخت ياوري ڪئي ته ٻين کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو. محمد بن هارون پنج سال ]رهي[، درياءُ ۽ بيابان فتح ڪيو.

انهن تحفن ۽ سوکڙين جو ذڪر، جيڪي سرانديپ کان وقت جي خليفي ڏانهن موڪليا ويا هئا

چون ٿا ته: سرانديپ جي راجا، جزيره يواقيت (1) مان حجاج لاءِ ٻيڙيءَ رستي تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون، ]انهن سان گڏ[ عجيب موتي ۽ جواهر، حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، پڻ ٻيا لائق تحفا ۽ بيمثال ۽ سانڍڻ لائق سوکڙيون دارالخلافت ڏانهن به روانيون ڪيائين. ڪي مسلمان زالون پڻ ڪعبي ]شريف[ جي زيارت ۽ خلافت جي تختگاهه جي ڏسڻ لاءِ انهن سان گڏجي روانيون ٿيون.

جڏهن قازرون ملڪ ۾ پهتا ته مخالف واءُ اٿيو، ۽ جهازن کي توائي ڪري، وڃي ديبل جي ڪناري تي ڪڍيائين. هڪ چورن جو ٽولو جن کي نڪامره (2) چوندا هئا ۽ ديبل جا رهاڪو هئا، سي اٺن ئي جهازن کي پڪڙي، انهن ۾ پيل سامان کڻي، مردن ۽ زالن کي گرفتار ڪري، سامان ۽ جواهر سڀ ڍوئي کڻي ويا. سرانديپ جي بادشاهه جي ماڻهن ۽ عورتن گهڻوئي چيو ته هو، هيءُ مال وقت جي خليفي ڏانهن نيئي رهيا آهن، مگر انهن توجهه نه ڪيو، ۽ سڀني کي بند ڪري چيائون ته: جيڪڏهن توهان جو ڪو دادرسي ڪندڙ آهي ته پاڻ کي وري خريد ڪريو. ُاتي هڪڙيءَ زال دانهن ڪري [89]  چيو ته: ”يا حجاجُ! يا حجاجُ! اَغثني اَغثني“ (او حجاج! او حجاج! منهنجي واهر ڪر، منهنجي واهر ڪر!). اها عورت بني عزيز(1) قبيلي مان هئي. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو: ”لبيڪَ لبيڪِ“ وسط اسعدي ٻڌايو ته: جڏهن ديبل فتح ٿيو. تڏهن انهيءَ زال کي ڏٺم: سندس چمڙي سفيد ۽ قد ڊگهو هو. ديبل جا واپاري آيا، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ٻيڙي مان ڀڄي نڪتا هئا، تن اچي حجاج کي هن حال جي خبر ڏني ته: مسلمان زالون ديبل ۾ قيد آهن، ”يا حجاج! يا حجاج! اَغثني اَغثني“ چئي فرياد ڪري رهيون آهن. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو: ”لبيڪَ لبيڪِ“ (”حاضر آهيان، حاضر آهيان“). پڻ روايت ۾ آهي ته: حجاج کي جڏهن مسلمان عورتن جي خبر پهتي ته ]هو چئي رهيون آهن[ ”اي حجاج اسان جي واهر ڪر،“ تڏهن چيائين ته ]انهن عورتن[ ڄڻ مون کي ننڊ مان بيدار ڪيو آهي ته ظالمن ۽ نالائقن کان اسان جي فريادرسي ڪر، جو قيد ۾ پيون آهيون.

حجاج جو ڏاهر ڪافر ڏانهن قاصد موڪلڻ

پوءِ حجاج، ڏاهر بن چچ ڏانهن هڪ قاصد موڪليو، ۽ محمد بن هارون ڏانهن ]پڻ[ خط لکيائين ته: هن قاصد سان ڪو اعتماد جوڳو ماڻهو ساڻ ڏيئي، ڏاهر بن چچ ڏانهن موڪل ته وڃي کيس چوي ته مسلمان عورتن کي ڇڏي ڏئي، ۽ دارالخلافت جا تحفا واپس ڪري، پڻ زالن جي حالت به معلوم ڪري. هڪ خط ڏاهر ڏانهن پڻ لکيائين، جنهن تي پنهنجي هٿ مبارڪ سان صحي ڪري قاصد کي ڏنائين، جنهن ۾[90]  نهايت تاڪيد سان دڙڪو داٻ لکيائين. جڏهن هيءُ خط ڏاهر بن چچ کي پهتو، ۽ ميدن جو ديبل پڻ ڏاهر بن چچ جي بادشاهيءَ ۾ هو، تڏهن خط پڙهي ۽ جيڪي پيغام موڪليل هئا سي ٻڌي، جواب ڏنائين ته: ”هيءُ ماڻهو چور آهن ۽ انهن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ڪونه آهي: اسان جي پڻ تابعداري ڪونه ڪندا آهن.“

حجاج جي دارالخلافت کان اجازت گهرڻ

هن خبر پهچڻ تي حجاج، ]خليفي[ وليد بن عبدالملڪ جي خدمت ۾ اطلاع موڪلي، کانئس سنڌ ۽ هند جي جهاد جي اجازت طلب ڪئي. ]خليفي[ حجاج کي موڪل نه ڏني. ]جنهن تي حجاج وري[ ٻيو ڀيرو لکيو. آخر اجازت ڏني ويئي. پوءِ حجاج، عبيدالله بن نبهان السلمي کي مڪران ]جي جنگ[ تي مقرر ڪيو. ]هوڏانهن[ بـُـدَيل ]ابن طهفة البجلي[ کي حڪم ڏنائين ته: محمد بن هارون وٽ وڃ. ۽ مڪران پهچي کيس ]دارالحڪومت مان[ لشڪر جي موڪلڻ جي خبر ٻڌائج، جيئن هو ]پڻ[ ٽي هزار ماڻهو توسان گڏي روانا ڪري، بـُـدَيل ٽيهن سون جنگي جوانن سان روانو ٿيو. عبيدالله پڻ ان سان گڏ(1) عمان جو سمنڊ (عربي سمنڊ) ٽپي، اچي ديبل (2) جي قلعي وٽ پهتو. ]طهفـة جي هٿان[ جڏهن محمد بن هارون کي حجاج جو خط مليو، تڏهن هن هڪ جماعت هن سان گڏي رواني ڪئي، ۽ هو اچي ديبل پهتو. ديبل جي رهاڪن، ڏاهر ڏانهن اروڙ ڏي ماڻهو موڪليو ته کيس بـُـدَيل جي ديبل اچڻ جي خبر ٻڌائي. ]اهو ماڻهو[ جيسينه(1) بن ڏاهر کي، جو نيرون ۾ هو، خبر ٻڌائيندو، ڏاهر ڏانهن ويو [91].

جيسينه بن ڏاهر جو نيرون کان پهچڻ

ڏاهر، جيسينه(2) کي چار هزار سوار، اُٺ ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي جلدي روانو ڪيو، جو اچي بديل کي سامهون ٿيو. ]انهيءَ وچ ۾[ بديل، ديبل جي بهادرن کي شڪست ڏيئي چڪو هو. جيسينه (2) چار هاٿي ۽ ٻيو ساز سامان وارو لشڪر ساڻ ڪري آيو، ۽ اچي لڙائي ڳنڍيائين.

صبح کان شام ٽرڻ تائين ٻنهي طرفن ۾ لڙائي چالو رهي. عين لڙائي هلندي، سوارن جي غلبي ۽ هاٿين کان بديل جو گهوڙو ٽهڻ لڳو. بديل دستار لاهي، گهوڙي جون اکيون ٻڌي حملو جاري رکيو، ۽ تنهن کان پوءِ ]به[ اسي ڪافرن کي جهنم ۾ موڪلي، پاڻ شهيد ٿيو. پوءِ جيسـِـنه هڪ ٺـَـڪر کي مقرر ڪيو، ۽ ستر هاٿي سندس نگرانيءَ ۾  ڏيئي، ديهه بڪري کيس جاگير ڏنائين.

بـُـدَيل  جي  شهيد ٿيڻ جي خبر

روايت ڪئي اٿن ته: جڏهن حـَـجاج کي بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ جي خبر پهتي، تڏهن غمگين ٿي چيائين ته: ”اڙي بانگا،‍ جنهن وقت به نماز جي بانگ چوين ته دعا ۾ مون کي بديل جو نالو ياد ڏياريندو رهج، جيئن سندس بدلو وٺان.“ پوءِ انهيءَ لشڪر مان هڪ ماڻهو[92] آيو ۽ حجاج جي آڏو جنگ جو بيان ڪندي، بـُـديل جي بهادريءَ ۽ مردانگيءَ جو بيان ڪيائين، جا هن انهيءَ  جنگ ۾ ڏيکاري هئي، جيستائين جو هو ڪسي ويو ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي] چيائين[ ته ”مان حاضر هوس ۽ سندس مردانگي ۽ همت ڏســـي رهيو هــــوس.“ جڏهن ڳالهه ڪري پوري ڪيائين، تڏهن حجاج چيو ته: ”جيڪڏهن تون بهادر مرد هجين ها ته بـُـدَيل سان گڏ قتل ٿين ها.“ ]ائين چئي،[ هن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنائين.

(بديل جو شهيد ٿيڻ:) عبدالرحمان بن عبدربه(1) کان روايتن ۾ آڻين ٿا ته: جڏهن بـُـديل قتل ٿي ويو، تڏهن ڪوٽ نيرون(2) جا ماڻهو اچي ڊنا ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو، ۽ اسين سندن لنگهه تي آهيون، ]جنهن ڪري[ پهرين اسان تي ڪاوڙ ڇنڊيندا، ۽ اسان برباد ۽ تباهه ٿي وينداسون. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم سندر نالي هڪ شمني هو، ]تنهن[ ڏاهر جي اطلاع کان سواءِ، پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي، امان نامو گهريو ۽ پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي،] جنهن جي لاءِ انجام ڪيائين ته[ وقت تي ادا ڪندو رهندو. امير حجاج انهن کي امان جو پروانو لکي ڏنو، ۽ مضبوط انجام سان دلجاءِ ڏيئي چيائين ته: اهڙيءَ طرح بندوبست ڪيو، جيئن اسان جا قيدي آزاد ٿين، ۽ جيڪڏهن نه ته چين جي حد تائين ڪافرن کي نه ڇڏيندس، ]بلڪ[ اسلام جي ترار سان ]کين[ ذليل ۽ خوار خراب ڪندس.“

اتي عامر بن عبدالله ]حجاج ڏانهن[ پيغام موڪليو ته هند جو ملڪ منهنجي حوالي فرماءِ. حجاج چيو ته تون طمع ٿو رکين، پر نجومين حساب ڪري فيصلو ڪيو آهي، ۽ مون پڻ ڪـُـڻو وڌو آهي، ته هند جو ملڪ امير عمادُالدين محمد بن قاسم ثقفي جي هٿان فتح ٿيندو[93].

(1)  غالباً بهرج: ڏسو حاشيہ ص 117. (ن- ب)
(2)   اصل جملي نسخن ۾ صرف هيٺيان چار شعر ڏنل آهن، فارسي ڇاپي ۾ انهن جي پڙهڻي هن طرح قائم ڪئي ويئي آهي:

سـَـقـَـي الله قبراً من سعيد فـَـاصبــَـحـَـتَ

نواحيه ارهـي عـــــــليـــــک تـُـــــرابـُـــــهـــــا

لقد ضـَـمــــــنـَـت ارض بــــــــــمـُـکرانَ سيدا

کـَـريماً جـَـــــــــــــواد لايـُـــــــوَاکـَـفُ سحابها

شديدا علي الادنـــــين مـِـنـــــــکَ احسـُـنوا

عـِـليک من الثوب المهــام حجابها(؟)

اذا ذُکـُـرت عـَـيني سعيدا تـَــــــــــجـَـددَت

لها عـَـبـَـراَت يـَـستـَـهـِـل انـــســــــــکا بها

اسان جي پڙهڻي جو مدار، علامه عبدالعزيز الميمني، سابق پروفيسر مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه جي ڪيل تصحيح تي آهي. (ڏسو فارسي ڇاپي ص 261). فرزدق جا اهي شعر سندس ديوان (طبع بيروت، طبع صاوي قاهره ص 102، ۽ هيل ميونچ سن 1900، رقم 3 و رقم 500) ۾ موجود آهن. مٿي چورس ڏنگين ۾ ڌنل مصرعون (نمبر 2 ۽ 4) ديوان تان ڀيٽي ڏٺيون ويون آهن. فتحنامي جي جملي نسخن ۾ اهي کٽل آهن. (ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”مجربـہ“ آهي مگر استاد علامه عبدالعزيز الميمني جي راءِ ۾ عربن ۾ ”مجريـہ“ نالو آهي ۽ نه ”مجربـہ“. انهيءَ لحاظ سان ”مجريـہ“  پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”سـَـوقـَـا“ آهي. ڪيل تصحيح استاد علامه الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”صاحب الخاط“ آهي. تصحيح استاد علامه عبدالعزيز الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”برقد“ آهي. تصحيح استاد الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(3)  جملي نسخن ۾ ”خراسان“ آهي، مگر اهو غلط آهي جيئن اڳتي هلي واضح ٿئي ٿو. (ن-ب)
(1)  تحفته الڪرام جي روايت موجب هيءُ ماڻهو بلوچن ۽ جتن جو ڏاڏو آهي. ڏسو تحفته الڪرام ص 28، ج 4. (مترجم)
(1)  لفظي معنيٰ جي لحاظ سان ”ياقوتن جو ٻيٽ“.
(2)  ن ب: ننکامره، م تنکامره، ح لگامره، س بکامره.
(1)  پ بني عزيز.
(1)  هت اصل متن ۾ ”باوي“ يعني ان سان گڏ، تاريخي تسلسل جي لحاظ کان ”ان سان گڏ“ لفظ هتي بي موقعي آهن ۽ سڄي مضمون کي خراب ڪري رهيا آهن. بلاذريءَ جي لکڻ موجب عبيدالله بن نبهان، بديل بن طهفـة کان اڳ ديبل ۾ لڙائي ڪندي شهيد ٿي ويو، تنهن کان پوءِ حجاج، بديل بن طهفـة کي ديبل روانو ڪيو، ڏسو بلاذري ص 36-435. (ن-ب)
(2)  اصل جملي نسخن ۾”نيرون“ آهي جو غلط آهي. صحيح ديبل آهي. ڏسو بلاذري ص 435. (ن-ب)
(1)   جملي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي ”جيسنه“ آهي جو معنيٰ جي لحاظ سان جيسيـہ ٿيندو“ دراصل ”جيسينہ “ (يعني ”سوڀارو شينهن“) آهي. هن کان اڳ ساڳي طرح ”ڏهرسينـہ“ جو نالو اچي چڪو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان سڄي ڪتاب ۾ هن نالي جي پڙهڻي ”جيسينه“ قائم ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”عبدالله“ ن ۾ صاف طور ”عبدربه“ آهي ۽ پ،ر،م جي پڙهڻين مان به ظاهر آهي ته اصل لفظ ”عبدربه“ آهي. هي راوي ساڳيو ”عبدالرحمان بن عبدربه السليطي“ آهي،جنهن جو [81] تي ذڪر اچي چڪو آهي.(ن-ب)
(2)  اصل عبارت: حصن ً نيرون

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :19
عمادالدين محمد بن قاسم ]بن محمد بن حــُـڪـَـم[ بن

اَبي عـَـقـِـيل ثـَـقـَـفـِـي جو والي ٿيڻ

خبرن ۾ تصرف ڪندڙ ۽ روايتن جا تفسير ڪندڙ هيئن ٿا چون ته: جڏهن دارالخلافت طرفان سنڌ جو ملڪ حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي حوالي ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم کي، جو سندس چاچي ]جي پٽ[ جو پٽ ۽ پڻ ناٺي هو ۽ حجاج جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي، هند جو گورنر مقرر ڪيائين. هن جي عمر سترهن سال هئي. انهيءَ امارت جي مبارڪ باديءَ ۾ حمزه بن بـِـيض الحنفي هيءُ شعر چيو:

اِنَ الشـَـــجَاعـَـقـَــة وَالسمـَـاحـَــة وَالنهيٰ

لـَمـُـحـَـمد بـــــنِ القـَــاســم بـــنِ مـُـحـَـمـَـدِ

قـَـادَ الـُـجيـَـوشَ لـِـسـَـبع عـَـشرَة حـِـجَقـةَ

يـَـا قـُـربَ ذَالـِـــکَ سـُـؤددَ ا مـِـن  مـَـولـِـد

]بيشڪ محمد ابـــن قاسم ساڻ خاص،

آهي سخا، عقل ۽ رعـــيت پـــــــــــروري.

سترهن ورهين جي عمر ۾ ســـردار ٿيو،

ڪيڏي نه آ ويجهي ڄمڻ کي سروري! [

ابوالحسن مـَـدائنـِـي. بشر بن خالد کان روايت ڪئي آهي ته: بـُـدَيل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ حجاج، وقت جي خليفي وليد ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هندستان جي فتح ڪرڻ جي اجازت گهريائين. خليفي لکيو ته: ”اها جاهل قوم آهي، ۽ ملڪ تمام پري، پڻ لشڪر ۽ لڙائي جي هٿيارن وغيره جي تياريءَ ۽ بندوبست تي وڏيون رقمون خرچ اينديون ۽ ]بيت المال تي[ گهڻو بار پوندو، جا ڳالهه نهايت خراب آهي ۽ ]هي معاملو[ ترسائڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن به لشڪر وڃي ٿو ته مسلمان هلاڪ ٿين ٿا، تنهنڪري ڪا مصلحت سوچج“.[94]

حجاج جو خط

پوءِ حجاج ٻيو دفعو خط لکي واضح ڪيو ته: اي ميرالمؤمنين! ڪيترو وقت گذري ويو آهي ته مسلمان قيدي، ڪافرن جي هٿن ۾ گرفتار ٿيل آهن، ۽ اسلام جو لشڪر هڪ ڀيرو شڪست کائي چڪو آهي، جنهن جو بدلو وٺڻ ۽ مسلمانن کي آزاد ڪرڻ ضروري آهي: ۽ خط ۾ جيڪو ارشاد ٿيو ته ]اها[ ولايت پري آهي ۽ لشڪر جي تياري ۽ انتظام ۾ بيفائدي رقم خرچ ٿيندي، ] تنهن لاءِ عرض[ ته اسان وٽ تياري ۽ هٿيار وغيره سڀڪجهه ]اڳيئي[ موجود آهن ۽ گهڻو تفاوت ڪونه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڪو خرچ ، بار ۽ تڪليف ٿي ته ]انهيءَ لاءِ[ آءٌ جوابدار ٿو ٿيان ته دارالخلافت جي خزاني مان هن لشڪر تي جيتري رقم خرچ ٿيندي ته انهيءَ کان ٻيڻي-ٽيڻي رقم خزاني ۾، شال خدا تعاليٰ انهيءَ کي آباد رکي- داخل ڪرائي ويندي: انشا ِّ الله تعاليٰ.

دارالخلافت ۾ خط جو پهچڻ ۽ لشڪر لاءِ هندستان جي سفر جي اجازت وٺڻ

جڏهن هن خط خليفي جي مطالعي جو شرف حاصل ڪيو، تڏهن اجازت جو فرمان جاري ٿيو. (حجاج جو ٻيهر عرض ڪرڻ) تنهن تي حجاج وري ٻيهر عرضداشت موڪلي ته

: جنهن صورت ۾ اجازت جي فرمان سان مـُـشـَـرَف ٿيو آهيان، ته هاڻي شام جي سردارن مان ڇهن هزارن کي حڪم فرمايو ته جنگ جي هٿيارن ۽ ٻئي پوري ساز و سامان سان هن لشڪر ڏانهن روانا ٿين. ]اهي ماڻهو اهڙا ناليوارا هجن[ جن مان، لڙائي وقت، هر هڪ جو نالو مون کي معلوم هجي، ۽ هو مون سان موافق ٿي رهن، ۽ لڙائي کان منهن نه موڙين.[95]

حـَـجَاج جوشام ڏانهن لکڻ

ابوالحسن ]مدائني[، اسحاق بن ايوب کان روايت ڪئي ۽ چيائين ته: حـَـجـَـاج جي لکڻ تي شام جي رئيسن جي فرزندن مان اهڙا ڇهه هزار ماڻهو، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا، ۽ پوري تياري ڪري ٿي سگهيا، ۽ ناليرا بهادر، جيڪي پنهنجي ننگ ناموس خاطر لڙائي ]جي ميدان[ ۾ بيهي محمد بن قاسم سان وفاداري ڏيکاري ٿي سگهيا، اچي حاضر ٿيا. (روايت:) ابوالحسن کان روايت آهي ته: ڇهه هزار مشهور ناليرا ماڻهو آيا، انهن مان هڪڙي ماڻهو حـَـجـَـاج جي اڳيان اچي چيو ته مون وٽ سامان ڪونهي. حجاج کيس هڪل ڪري چيو ته: “مون وٽان نڪري وڃ، نه ته توکي ڪهندس.“ جنهن تي اهو شامي حـَـجـَـاج وٽان نڪري وٺي ڀڳو. واٽ تي ٻيا سوار ٿي آيا، جن کانئس پڇيو ته: هن تيزي سان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ چيائين ته مون وٽ پورو سامان ڪونه هو ]جنهن ڪري[ حـَـجـَـاج دڙڪو ڏنو آهي ته توکي سزا ڏيندس. هو کيس موٽائي وٺي آيا، ۽ فرصت وقت چڱي نموني سان پيش ڪيائون ته جنهن وقت حڪم پهتو ته ]سامان خاطر[ دير ڪرڻ جي مجال نه هئي ۽ خدمت جي سعادت حاصل ڪئي ويئي!

جمعي جي ڏينهن حـجـَـاج جوخطبو ڏيڻ

پوءِ حجاج، جمعي جي ڏينهن خطبو ڏنو ۽ چيائين: ”انَ الاَ يـَـام ذَاتُ دُوَلِ وَ  الحـَـربۡ سـِجال“ ( زمانو ڦرندڙ ۽ ٻه منهين ترار آهي). يـَـومُ لـَـنـَـا ويـَـومُ علـَـينـَـا (ڪو ڏينهن اسان لاءِ آهي ته ڪو ڏينهن اسان جي خلاف آهي). جيڪو ڏينهن اسان جو آهي، تنهن ۾ ]مخالف[ لشڪر کي قيد ڪرڻ گهرجي، ۽ جو ڏينهن اسان جي خلاف آهي، تنهن ۾ تحمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان تي جيڪا نعمت آهي سا وڌي ۽ جيڪو حادثو ٿيو هجي، سو دفع ٿي وڃي.[96]  ۽ نعمت ڪندڙ،] ساراهه جي[ لائق ۽ بيمثال خداوند عزوجل جا ٿورائتا آهيون، سندس تعريف اسان جي زبانن تي جاري آهي، ۽ سندس ڪرم ۽ نعمت ۾ اميدوار آهيون ته پنهنجي ڪامل نعمت هميشه جاري رکي ۽ ڪوبه دروازو اسان تي بند نه ڪري ۽ اسان کي انهيءَ شڪر جو ثواب عنايت ڪري. بـُـديـَل جي فراق کان ڏک جو آواز هر گهڙي منهنجي دل جي ڪنن ۾ پهچي رهيو آهي ۽ مان لـَـبيڪَ لـَـبيڪَ (حاضر آهيان، حاضر آهيان) چئي رهيو آهيان. خدا جو قسم ته جيڪڏهن عراق ۽]  ٻيو[ جيڪي به منهنجي قبضي ۾ آهي، تنهن جو سارو مال هن ڪم تي خرچ ڪريان ته به جيستائين هيءُ ٽڪو پاڻ تان نه لاهيندس ۽ بدلو نه وٺندس، تيستائين منهنجي غضب جي باهه ڄڀي ٿڌي نه ٿيندي.“

محمد بن قاسم کي هند ۽ سنڌ ڏانهن روانو ڪرڻ.

پوءِ حجاج ، محمد کي سوار ڪري، گهڻيون هدايتون ڏنيون، ۽ لشڪر کي گهڻي مال سان مضبوط ڪري، هند ۽ سنڌ جي جهاد واسطي مقرر ڪرڻ کان پوءِ حجاج هيءُ شعر پڙهيو:

دُعا الـحـَجَاجَ فـَـارِسہ بۡدَيــــــل
وَقـَـد مـَـالَ الـَـعدُ و عـَـلـَـيٰ بۡدَيلِ
وشـَـمـَـرَ  ذَيلـہ الـحجَاجۡ لـَـمـَــــا
دَعـُـــــــاهُ اَن يـُـشـَـمـِــــرَه  بِدَيلِ
فـَـديتُ الـمـَـالَ لـِـلعقاراتِ حـَـشوا
بـِـلا عـَـــدِ يـُـــعـَـــــــد وَ لاَ بِکـيـــــلِ

]سڏيو حجاج کي بۡدَيـل سوار،
جڏهن دشمن بـُـديل کي گهيريو،
کنيا حــجـاج هــن جي سڏ تي ور،
پڻ مـدد لاءِ واڳ کــي ڦيـــــــريـو.
ٻـُـڪَ ڀري مال، مون لٽيو لئــــه   جنگ ،
نه ڳڻيو آهه مون، نه ٿم (اٿم) توريو. [

تنهن کان پوءِ حجاج ]محمد بن قاسم کي[ چيو ته: شيراز جي رستي کان نڪري آهستي آهستي منزلون ڪندو، روانو ٿيءُ، جيئن پورو لشڪر توکي پهچي وڃي.[97]

لشڪر جو شيراز پهچڻ

پوءِ محمد بن قاسم چڱي بخت جي مدد سان وڃي شيراز ۾ لٿو ۽ منزل ڪيائين، جيستائين عراق ۽ شام وارا سڀيئي پهچي ويا. ]هوڏانهن حجاج[ قلعي جي لڙائي لاءِ گهربل سامان جهڙوڪ مـَـنجـَـنـِـيقـُـون، رنبا، تبرون ۽ چلـِـتـَـهو(1) ڪـِـشتي ۾ رکي، ابن مـُـغيـِـرَه ۽ خـُـرَيم کي ڪـِـشتي جو نگران مقرر ڪري، کين تاڪيد ڪيو ته جيڪڏهن هنن ٻيڙين کي ڪو نقصان ٿيو ته انهيءَ لاءِ هو ئي جوابدار آهن، ۽ معاملو سزا تائين پهچڻ نه گهرجي.

حجاج جو محمد بن قاسم ڏانهن خط

پوءِ حـَـجاج ، محمد بن قاسم ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ ٻڌايائينس ته: مون خـُـرَيم ۽ ابن مـُـغيـِـرَه کي روانو ڪيو آهي. کين حڪم ڏنل آهي ته ديبل جي آسپاس ۾ اچي توسان ملن، تنهنڪري توکي ٻيڙين جي پهچڻ تائين اتي ترسڻ گهرجي. الله جي حفاظت ۽ امان ۾ روانا  ٿيو- فـِـي حـِـفظِ الله وَ عـَـونـِہ.

(روايت:) اسحاق بن اَيوب ۽ هـِـلـُـوَاث(2) ڪـَـلبـِـي روايت ڪئي آهي ته: حـَـجاج پوري لشڪر جي ضرورتن جي تياري چڱيءَ طرح ڪئي هئي، بلڪ ڪوشش ڪري ضرورت کان وڌيڪ هٿيار ۽ سامان ڏنو هئائين.

اُٺن جي مدد ڏيڻ

پوءِ ]حجاج[ چيو ته: ”توهان جي تياري پوري ٿي چڪي، هاڻي چئن سوارن پٺيان هڪ اُٺ وٺو. توهان کي ڍوئيندڙ ڏاچيون ڏيان ٿو ته جيئن محتاج نه ٿيو ۽ اُٺن تي گهڻو بار نه رکو. خدا تعاليٰ کان ڊڄجو، صبر سان سينگاريل رهجو، ۽ جڏهن دشمن جي ملڪ ۾ پهچو [98] ته ڪشادي ميدان ۾ منزل ڪجو، جيئن خلاصا رهو. جنگ جي وقت ٽوليون ٽوليون ٿي جدا جدا طرفن کان اچجو، ڇاڪاڻ ته هاٿين جي جنگ به ڪا شيءِ آهي. ۽ جڏهن هو حملو ڪن ته هڪ جاءِ تي بيهي تير وسائجو، ۽ برگستوان(1) سامهون ڪري، جهنگلي مرن ۽ هاٿين جهڙيون سـِـريون ٺاهجو. ]هن کان اڳ[ درزين ۽ زرهدارن کي حڪم ڏنائين، جن برگستوانن جون سـِـريـُـون شينهن ۽ هاٿين جهڙيون ٺاهيون، ۽ اهي موڪلي ڏنائين. حــَـجاج جا خط ڇهن هزارن سوارن، ڇهن هزارن اُٺن ۽ ٽن هزار باربردار بـُـختي اُٺن سميت شيراز پهتا. محمد بن قاسم خط پڙهيا. ]انهيءَ وقت[ هجرت کي 92 سال گذريا هئا(2).

محمد بن قاسم جو مڪران پهچڻ

خبرن جي مصنفن ۽ تاريخ جي مؤلفن، عبدالرحمان بن عبدربہ(1)کان هن طرح روايت ڪئي آهي. ۽ انهيءَ عبدالملڪ بن قيس کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: محمد بن قاسم جڏهن مڪران پهچي، محمد ]بن[ هارون سان ملاقات ڪئي، تڏهن آءٌ ان سان گڏ هئس. محمد ]بن[ هارون هن سان پيادو هلڻ لڳو، ]پر[ محمد بن قاسم، محمد ]بن[ هارون کي سوار ڪيو ۽ اچي منزل وٽ پهتا. پهچڻ تي هن ]محمد بن هارون[ گهڻو سمر، تحفا ۽ سوکڙيون موڪلي چيو ته محمد بن قاسم هن نرمي ۽ تواضع ڪري نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي تياري ، سامان، عقل، استقلال، هنر ۽ دانائيءَ سان سنڌ ۽ هند جوملڪ فتح ڪندو.

محمد ]بن[ هارون جو محمد بن قاسم سان گڏجي روانو ٿيڻ

پوءِ، امن منظر بحري نقل ٿو ڪري ته: محمد بن قاسم اتان اَرمابيل ڏانهن روانو ٿيو، ۽  محمد ]بن[ هارون پڻ هن سان ]هلڻ جو[ پڪو ارادو ڪيو. هو جيتوڻيڪ [99] بيمار هو ته به محمد بن قاسم سان ]سفر ۾[ رفاقت ڪيائين ۽ رستي جي سختي سبب سندس بيماري وڌي ويئي، ۽ بيماريءَ ]جو دوري[ کان متاثر ٿيڻ لڳو. جڏهن ارمابيل جي منزل تي پهتو ته سندس عمر پوري ٿي ۽ پيارو ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. کيس اتي دفن ڪيائون.

لشڪر جو ارمابيل کان اڳتي وڌڻ

پوءِ محمد بن قاسم لشڪر وٺي ، ديبل ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وقت جـَـيسـِـينه بن ڏاهر، نيرون ۾ هو، تنهن پيءُ ڏانهن لکيو ته: محمد بن قاسم عربستان کان لشڪر وٺي ديبل جي حدن ۾ پهتو آهي،] مون کي اجازت ڏيو[ ته مان انهيءَ سان جنگ ڪرڻ وڃان؟ ڏاهر، عـِـلافـِـينِ کي گهرائي انهن کان صلاح پڇي. عـِـلا فـِـينِ ڏاهر کي چيو ته: ”محمد بن قاسم، حجاج جو سؤٽ آهي. هن سان بهادر لشڪر ساڻ آهي، جي ناليرا بهادر، شريفزادا ۽ جنگي جوڌا آهن، ] جن[ چونڊ گهوڙن ۽ پورن هٿيارن سان توهان جي لڙڻ واسطي توجهه ڪيو آهي: خبردار! انهن سان سامهون نه ٿجو، ڇاڪاڻ ته هن وقت شام کان هڪ ماڻهو آيو آهي، جنهن ٻڌايو آهي ته عرب جي لشڪر جو هڪ-هڪ سوار ڏاهر کان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهي.“ ڏاهر پٽ کي، انهن سان وڙهڻ کان منع ڪئي.

حجاج بن يوسف جو فرمان، ارمابيل جي منزل تي

محمد بن قاسم کي پهچڻ

محمد بن قاسم جڏهن ارمابيل فتح ڪيو: تڏهن حـَـجاج جو خط ارمابيل پهتو، جنهن ۾ اشارو هو ته: ديبل جي حد ۾ جڏهن منزل ڪريو. [100]تڏهن منزل تي خبردار رهجو ۽ جڏهن لهو ]۽ آرام ڪريو[ تڏهن ]پنهنجي چوڌاري[ کاهي کوٽجو ته توهان لاءِ بچاءُ ۽ پناهه هجي، ۽ گهڻو ڪري بيدار رهجو، ۽ جيڪو ماڻهو قرآن پڙهندڙ (حافظ) هجي، سو هميشه قرآن جي تلاوت ۾ رهي ۽ ٻيا دعا ۾ مشغول رهن. ۽ نهايت ڪوشش  سان هوشيار رهجو، ڌيرج کي پهنهجو سينگار بنائجو، خدا عزوجل جو ذڪر زبان تي جاري رکجو، ۽ الله تعاليٰ جي توفيق کان مدد گهرندا رهجو ته جيئن خدا تعاليٰ توهان کي فتحمند ڪري ۽ گهڻو ڪري لاَحـَـولَ وَ لاَ قـُـوَة اِ لا بِاللهِ العـَـليِ العـَـظـِـيمِ (1)(وڏي ۽ بزرگ الله تعاليٰ جي امداد کان سواءِ ٻي ڪابه واه ۽ قوت ڪانه آهي) جي قول کي پنهنجي واهر ۾ ڪم آڻجو. ۽ جڏهن ديبل جي حد ۾ پهچو، تڏهن ٻارهن وال ويڪري، ڇهه وال اونهي ۽ ڇهه وال اوچي کاهي کوٽجو. جڏهن دشمن جو مقابلو ڪريو ته خاموش رهجو، جيتوڻيڪ دشمن نعرا هڻي بيهودي بڪواس ڪن ۽ جنگ تي سنبري  بيهن ته به جيستائين مان حڪم نه ڏيان، توهان جنگ نه ڇيڙجو. ۽ منهنجي خطن مان احوال معلوم ڪجو، ۽ جيڪا صلاح مان ڏيان، اها چڱي سمجهي انهيءَ تي عمل ڪجو ته انشا ِّ الله تعاليٰ توهان جي مشڪل حل ٿيندي.

(1)  اصل لفظ ”خفتان“آهي، هيءُ هڪ ريشم جو جنگي لباس ٿيندو آهي، جنهن ۾ ريشم جو ڪپڙو هڪٻئي مٿان تهه ڪري سبيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن کي آڳاٽي وقت ۾ ”چلـِـتـَـهو“ (چهل+ تـہ يعني چاليهن تهن وارو ڪپڙو) چوندا هئا.(مترجم)
(2) اصل ۾ ”حلوان ڪلبي“ آهي.”حلوان“ نالو عربن ۾ گهڻو ڪري ڪونه آهي. صحيح ”هلواث ڪلبي“ آهي، جو تاريخ طبري(يورپ ايڊيشن جلد 2،ص 1275 )۾ پڻ فتوحات سنڌ جي سلسلي جو راوي آهي. (ن- ب)
(1) برگستوان هڪ هٿيار هوندو هو جو گهوڙن کي جنگ جي ميدان ۾ پهرائيندا هئا، جيئن هو ترارين جي زخمن کان محفوظ رهن.(مترجم)
(2)  غالباً مراد ته گذرڻ وارا هئا. حقيقت ۾ سال 92 هجري جو اڌ مس گذريو هوندو، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو، سال 93 هجري محرم مهيني ۾ ته محمد بن قاسم ديبل پهتو هو.(ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ ”عبدالله“ پ جي پڙهڻي مطابق عبدربـ* ٿيڻ گهرجي. هن لفظ جي تصحيح لاءِ ڏسو هن اڳ حاشيه صفحو [81] ۽ صفحه [93]. (ن- ب)
(1) هي آيت ڪانهي. آيـت صرف ”لاحول ولاقوة الا باالله“ آهي.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :20
عرب جي لشڪر جي تياري ۽ حجاج جوخط پهچڻ

پوءِ ]محمد بن قاسم[ جڏهن ارمابيل کان اڳتي روانو ٿيو، تڏهن ]محمد بن[ مـُـصعب(2) بن عبدالرحمان کي لشڪر جي مقدمه (مهڙ) تي مقرر ڪيائين، جـَـهم بن زَحر الـُـجعفي کي ساقه(پڇاڙي) تي ڪيائين ، عـَـطـِـيـَـه بن سـَـعد العـَوفـِـي کي مـَـيمنـَـهَ (سڄي) تي مقرر ڪيائين. موسيٰ بن سـِـنان [101] بن سـَـلـَـمـَـه الـُـهذَ لي کي مـَـيسـَـرَه (کٻي) تي ڇڏيائين، باقي هوشيار، ترار جا ڌڻي ۽ خاص ماڻهو قلب (وچ) ۾ پنهنجي اڳيان ڪري اڳتي وڌو، ۽ نيٺ جمعي جي ڏينهن سن 93 هه جي محرم مهيني ۾ ]اچي ديبل پهتو،[ ۽ ٻيڙا ۽ هٿيار پڻ انهيءَ ڏينهن حريم بن عـَـمرو ۽ ابن مـُـغـِـيرهَ جي ]نگراني هيٺ[ کيس پهتا. هنن حجاج جا خط کيس ڏيئي، جنگ لاءِ کاهيءَ کوٽڻ جي صلاح ڏني. انهن خطن ۾ لکيل هو ته: تنهنجي خدمت ۾ مکيه ماڻهو مقرر ڪيل آهن: هڪ عبدالرحمان بن سـُـلـَـيم(1) اَلڪـَـلبـِـي، جنهن جي بهادري ۽ مردانگي ڪيئي دفعا آزمائي ويئي آهي، ڪوبه دشمن جنگ ۾ سندس مقابلو ڪري نٿو سگهي، ٻيو سـُـفيان بن الاَبرَد، جو دانائيءَ ۾ يگانو ۽ عقل ۾ امين ۽ پاڪدامن آهي، قيس بن برڪ الڪلابي، جنهن اسان کي مشڪلات ۾ مدد ڪئي آهي ۽ عزت جو لائق ۽ سچار آهي، ۽ جا مصلحت سندس حوالي ڪئي ويندي ان ۾ فرمانبرداريءَ جا شرط بجا آڻيندو ، ملامت کان پاڪ آهي، ۽ حجاج جو هميشه مددگار رهيو آهي ۽ جـَـر*اح بن عبدالله،جو تجربيڪار مرد آهي يعني جنگ آزمايل اٿس ۽ فضيلت وارن تي ترجيح رکي ٿو مجاشع بن نـُـوبہ اَزدِي، اِهي سڀ منهنجا اعتماد جوڳا صلاحڪار آهن، ۽ ڪنهن به هڪڙي کي ٻئي کان وڌيڪ امين ۽ پاڪدامن نٿو سمجهان. مون کي اميد آهي ته هو تو سان مخالفت ۽ دشمن سان ساز باز نه ڪندا، ۽ هن سڄي جماعت مان جن جو ذڪر خط جي شروع ۾ ٿيو آهي،مون کي ڪوبه ماڻهو خـُـريم بن عـَـمرو کان وڌيڪ پيارو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو مردانو ۽ شيردل آهي. جنگ جي وقت بهادر[102]  ]رهي ٿو[ ۽ ڳڻتيءَ ۾ نٿو پوي. هو چونڊ ماڻهن مان آهي ۽ عزت جي لائق: ۽ پيءُ ڏاڏي کان وٺي مخلص ۽ سچو آهي، ۽ جڏهن خـُـرَيم توسان همراهه آهي ته پوءِ مون کي ڪوبه ڊپ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ اخلاقن سان سينگاريل آهي، ۽ ڪنهن به مخلوق کي تنهنجو مخالف ٿيڻ نه ڏيندو، هن کي پاڻ کان پري نه ڪج. ۽ هن خط پڙهڻ کان پوءِ جيستائين جيڪي وهي واپري رهيو آهي، سو ]اسان ڏانهن[ پورو کولي نه لکين، تيستائين کاڌو پيتو نه کائج.

حجاج جو امير محمد بن قاسم سان ڏاڍو پيار هو، سندس انتها محبت ۾ ڪئين دفعا خيراتون ڏيندو هو ۽ دعائون گهرندو هو. بـَـڪر بن وائـِـل ۽ عـُـدَيل بن فـَـرخ (1) محمد جي دوستن مان هئا، انهن سندس پرپٺ ڏاچيون قربان ڪيون، ۽ انهن جي بها ۾ پنهنجن زالن ۽ نياڻين جا ڳهه ڏنا ته جيئن شبهي کان خالي رهي، ۽ عديل هي شعر چيو:

سـَـلـَـبَت بَنـَـاتـِي حـَـلـُـيـَــــهـُـن قـَـلـَـم اَدَع

سـِـوَ اراَ وَ لاَ طـَـوقاَ وقـُــــــــــــوطـَـا مـُـذَهباَ

وَمـَــــــــــا غَرنـِـي الاذانُ حـَـتيٰ کـَـــــــاَنـمـاَ

تـُـعـَـطـَـلُ بِالبِيضِ(2) الاَ رانـِـب اَرنـَـــبـَـا

مـِـن اَلد ر وَ اليـَـا قـُـوتِ مـِـن کـُـل حـُـــرتِہ

تـَـريٰ سـِـمطـَـها فـَـوقَ الخِمـَـارِ مـُـثـَـقـبَا

دَ عـَـونَ اَمـِـير اِلمؤمـِـنـِـيـنِ فـَـلـَـم يـُـجِب

دَعاءَ  ، فـَـلـَـــــــم يـُـسمـِـعن اُ مـَـا وَ لا اَبـَــا.

]کسيا مون پنهنجي نياڻين جا ڳهه، جو تان نه ڇڏيم،
ڪنگڻ، ڪٺمال، توڙي سون جا والا.
نه ڀـُـلايو مون کي ڪنن (جي ڳهن) به، تان جو ڄڻ،
نه آهن ڳورين کي پائڻا ڪي ڳهه ۽ ڳٺا.
۽ هر وَرنـَـهه جون (کنيم) دُر ۽ ياقوت سنديون،
لـَـڙهيون، جي مڙهيل تن مٿان جي مٿن ها روا.
ڪيو فرياد تن امير-مومنن کي مگر،
ٻڌائين ڪين: نه چوريائون پوءِ پيءُ ماءُ پنهنجا. [

دورانديش حڪيمن ۽ بهتري چاهيندڙ بزرگن، ابوالحسن کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: بـَـني تـَـميم جي آزاد ڪيل غلام، ابومحمد کان ٻڌم ته: محمد بن قاسم ديبل جي پسگردائيءَ ۾ اچي لٿو، ۽ کاهي کوٽي، جهنڊا کولي، نوبت وڄايائون. جو لشڪر جنهن جاءِ تي مقرر هو، سو اتي رهيو، ۽ مـَـنجَنـِـيقـُـون ٻاهر ڪڍي[103]  سڌيون ڪيائون. هڪ  مـَـنجَنــيق خاص اميرالمؤمنين جي هئي، جنهن جو نالو ”عـَـرُوسـَـڪ“ هو. هن جي نرماد جي ميلاپ کي پنج سؤ ماڻهو ڇڪيندا هئا، تڏهن هن مان پٿر نڪرندو هو.

ديبل جي وچ ۾ هڪ بلند ۽ وڏو بتخانو هو. انهيءَ جي مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن تي پـَـٽ جو سائو جهنڊو ٻڌل هو. بتخاني جي اوچائي چاليهه وال هئي، گنبذ پڻ چاليهه وال اوچو هو. انهيءَ جهنڊي جي ڊيگهه هن طرح هئي، جو انهيءَ  جهنڊي کي چار بيرقون (1) هيون ، ۽ کولڻ تي هرهڪ بيرق هڪڙي هڪڙي طرف پکڙجي ويندي هئي، ۽ بيرق جي چوٽي بـُـرجن جي لڙڪڻ وانگيان ٿي بيهندي هئي. اسلام جي لشڪر ڏسڻ شرط ، قلعي وارا بتخاني جوجهنڊو کولي لڙائي لاءِ سامهون ٿيا، ۽ اسان کي ]اندر وڃڻ جي[ اجازت نه ٿي (2).

اهڙيءَ طرح ست ڏينهن گذري ويا. هر روز خط ايندو هو. ۽ ترسڻ جو حڪم ٿيندو هو. آخر اٺين ڏينهن اجازت جو پروانو آيو. محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪري حملو ڪيو، جنهن ڪري قلعي وارن وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. اوچتو هڪ برهمڻ قلعي جي اندران ٻاهر آيو، ۽ امانُ گهري چيائين: شال امير عادل سلامت رهي! اسان جي نجوم جي ڪتابن ۾ هن طرح حڪم آهي ته: سنڌ ملڪ، اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو ۽ ڪافر شڪست کائيندا، پر هيءُ بتخاني جو جهنڊو طلسم آهي، ۽ جيستائين بتخاني جو جهنڊو برقرار آهي، تيستائين هيءُ قلعو هٿ آڻڻ امڪان کان ٻاهر آهي، تنهنڪري هن بتخاني جي چوٽيءَ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيئن سندس جهنڊو ذرا ذرا ٿي وڃي، ۽ فتح حاصل ٿئي.[104]

جَعونہَ (1) جو منجنيق سان بتخاني جي جهنڊي کي ڀڃڻ

پوءِ محمد بن قاسم، جـَـعوَنـہ الـُـسلمي منجنيقيءَ کي گهرائي چيو ته: ”بتخاني جوهيءُ جهنڊو ۽ بيرق منجنيق جي پٿر سان ڀڃي سگهندين؟ جيڪڏهن ڪيرائيندي

ن ته توکي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندس.“ جـَـعوَنـَـہ چيو: ”هيءَ دارالخلافت جي خاص منجنيق ]آهي[ جنهن کي ”عروسڪ“ چون ٿا، جيڪڏهن هن مان ٻه گز ڪپيا ويندا ته مان ٽن پٿرن سان جهنڊو ۽ بيرق ڪيرائي، بتخاني جي چوٽي ڀڃي وجهندس.“ محمد بن قاسم چيو ته: ”جيڪڏهن پٿر سان بتخاني جي چوٽي ۽ جهنڊو ڀڃيندين ته توکي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندس: پر جيڪڏهن منجنيق  برباد ڪرين ۽ بتخانو به نه ٽوڙين ته پوءِ ڪهڙو شرط آهي؟“ جـَـعوَنـَـه چيو ”جيڪڏهن ]نشانو[ گسي ته پوءِ جـَـعونـَـه  جو هٿ ڪپي ڇڏجو.“ محمد بن قاسم، مـَـلـِـڪُ الا ُمـَـرا ِّ (اميرن جي بادشاهه) حجاج بن يوسف ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ جـَـعوَنـَـه جا شرط داخل ڪيائين. نائين ڏينهن ڪرمان طرفان جــواب پهتو، فــرمــان ۾ به ساڳيو شرط لکيو ويـو هـو. ]وڌيڪ[ لکيائين ته: جڏهن جنگ لاءِ اڳتي وڌو ته مناسب ائين آهي ته سج کي پٺي ڏيو، جيئن دشمن کي چڱي طرح ڏسي سگهو ۽ جنگ جوٽڻ جي پهرين ڏينهن الله تعاليٰ کان امداد ۽ اعانت گهرجو، سنڌ جو ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن امانُ گهري ته کيس امانُ ڏجو، مگر ديبل جي ماڻهن کي ڪنهن صورت ۾ پناهه نه ڏجو.

پوءِ قلعي جي ڪاهنن مان هڪ ماڻهو نڪري آيو ۽ چيائين ته: اسان جڏهن به پنهنجي ڪتاب مان نتيجو ڪڍندا هئاسون، تڏهن هميشه ظاهر ٿيندو هو ته هند جي بادشاهه جي بادشاهيءَ ]جي مدت[ پوري ٿي چڪي آهي، ۽ مسلمانن جو دور اچڻو آهي. ]تنهن ڪري[ قيدين کي اسلامي لشڪر جي اچڻ جي دلداري ڏني پئي ويئي. هينئر پڻ [105] امير منهنجي ٻارن ٻچن کي پناهه ڏيئي، اهڙو پروانو لکي ڏئي ته آءٌ واپس وڃي کين تسلي ڏيان . محمد بن قاسم انهيءَ کي امانُ ڏيئي واپس موڪليو ته جيئن پنهنجا پوئلڳ آڻي قيدين جي پاڙي ۾ گڏ ڪري ]ويهاري.[ پوءِ انهيءَ برهمڻ قلعي ۾ وڃي قيدين کي آزاديءَ جي خوشخبري ڏني،] ۽ ٻڌايائين[ ته محمد بن قاسم، حجاج جو عمزاده(1)] آيو[ آهي، ۽ سندس ]هٿان[ قلعو فتح ٿيندو ۽ توهان کي آزادي ملندي.

عمادالدين محمد بن قاسم جو جـَـعونـَہ منجنيقيءَ  کي پاڻ وٽ سڏڻ

ٻئي ڏينهن، جو ديبل ۾ رهڻ جو نائون ڏينهن هو، جيئن سج مشرق کان اڀريو، تيئن محمد بن قاسم جـَـعوَنـَـه کي گهرايو. هن جتان چيائين اتان منجنيق کي ڪپيائون. پوءِ لشڪر تيار ڪري، قلعي کي چؤطرف ڦري اچي تير وسايائون. پڻ پنج سؤ رَسا ڇڪيندڙ ماڻهو آڻي بيهاريائون. جـَـعوَنـَـه پهريون پٿر اڇلايو ۽ مسلمانن تڪبير هنئي. پهرين ئي ڌڪ سان بيرق ڦاٽي پيئي ۽ لڪڙي جي چوٽي کان ڌار ٿي ويئي. ٻيو پٿر سڌو بيهاري، تول ڪري بتخاني جي چوٽيءَ تي هنيائين، ۽ چوٽي ڀڄي پيئي.] بس پوءِ[، جڏهن چوٽيءَ جو گنبذ ڊهي پيو ۽ جادو جا طلسم پريشان ٿي ويا، تڏهن ديبلي حيران ٿيا. ]هوڏانهن[ خداوند عزوجل جي حڪم سان قلعو به اچي پٽ پيو.

محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪيو. پهريائين جـَـهم بن زَحر الـُـجـُـعـِـفـَـي کي مشرق ڏانهن مقرر ڪيائين، عـَـطا ِّ بن مالڪ القـَـيسيءَ (1) کي اولهه ڏانهن بيهاريائين، نـُـباتہ(2) بن حـَـنـُـظـَـلـہ ڪـَـلابيءَ کي اتر جي ديوار کان جنگ  [106]جو حڪم ڏنائين. عـَـون بن ڪـُـلـَـيب (3) دِمشقيءَ کي ڏکڻ جي برج تي کڙو ڪيائين ۽ ذَڪوان بن عـَـلوان البڪرِي(4) خـُـرَيم ۽ ابن مـُـعـنيره کي قلب (لشڪر جي وچ) ۾ رکي، بصري جا هڪ هزار جنگي مرد سندن ڪمان هيٺ رکيائين. پوءِ جنگ جو نغارو وڄايائون. پهريون پهريون ماڻهو جيڪو قلعي تي چڙهيو، سو (شهر) ڪوفي جو صعدي بن خريمہ (5) ]نالي[ هو. ۽ تنهن کان پوءِ بصره جو عـِـجل بن عبدالملڪ بن قـَـيـُـس الدمي(1) ]العبدي؟[. جڏهن اسلام جو لشڪر قلعي مٿان چڙهي ويو، تڏهن ديبلين در

وازو کولي امانُ گهري، جنهن تي محمد بن قاسم فرمايو ته: مون کي امانُ جو حڪم ناهي. پوءِ هٿياربندن جو ڪوس ٽي ڏينهن جاري رهيو.

جاهين بن برسايد راوت راتو رات قلعي جي ديوار تان ٽپو ڏنو. ]هوڏانهن[ ڏاهر ]بن[ چچ گهوڙا ۽ اُٺ موڪليا.(2)  جيئن هو ٻاهر نڪتو ته سوار ٿيل هو ۽ پئي ويو، ]تان جو[ مهراڻ ندي تي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو، جنهن کي ”ڪارمتي“ چون ٿا، ]جا[ اڀرندين مهراڻ جي طرف(يا مهراڻ جي اڀرندي طرف) آهي.(2) تڏهن اتان ڏاهر ڏانهن، خبر ڏيڻ واسطي، هاٿي روانو ڪيائين. ڏاهر پڇيو ته: جاهين ٻـُـڌ ڪٿي پهتو آهي؟ انهيءَ ماڻهو جواب ڏنو: ”ڪارمتي“ يعني ”کاري مٽي“ وٽ. ]اتي[ ڏاهر چيو ته: تنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ پوي شال! بادشاهن جي آڏو برو نالو وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان بري فال وٺندا آهن. ائين ڇو نٿو چوين ته: ”ندمتي“ يعني ”گـِـل سيمين“ (چاندي واري مٽي) وٽ پهتو آهي.

پوءِ محمد بن قاسم بتخاني ۾ آيو، ڪن ماڻهن بتخاني ۾ پناهه ورتي هئي، ۽ در بند ڪري پاڻ کي ساڙڻ چاهيائون ٿي. در تي جيڪي ٻه ماڻهو هئا، تن کي ٻاهر ڪڍي[107]  قتل ڪيائون. ست سؤ سهڻيون ٻانهيون، جيڪي بت جي خدمت ۾ رهنديون هيون، تن سڀني کي جڙادار زيورن ۽ زرين لباسن سميت گرفتار ڪيائون، ۽ چئن هزارن ماڻهن ]قلعي[ ۾ اندر اچي انهن جا زيور لاٿا.

جنهن برهمڻ کي محمد بن قاسم امان ڏني هئي،

تنهن کي وٺي اچڻ

پوءِ محمد بن قاسم، جنهن ماڻهو کي امانُ ڏني هئي، تنهن کي وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو. جڏهن هو آيو، تڏهن سندس چوڻ تي مسلمان زالون ۽ مرد جيڪي قيد ٿيل هئا،جيڪي سرانديپ جي ٻيڙين مان گرفتار ٿيا هئا، يا جيڪي بـُـدَيل جي لشڪر جا ماڻهو قيد ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي ٻاهر آڻي آزاد ڪيائون. پوءِ جيڪو لشڪر ديبل جي قلعي ۾ هو، تنهن کي اتي ئي قائم رکي، اها جماعت ]پڻ[ ساڻن گڏ مقرر ڪيائين ته جنهن صورت ۾ گهڻو وقت جيل ۾ بند هئا، تنهنڪري انهيءَ تڪليف جي بدلي ۾ ڪجهه وقت کين آرام ملي، ۽ زماني غدار جي هٿ کان ڪجهه وقت آسودا رهن، ]پر[ کين گهرجي ته قلعي جي حفاظت ۾ نهايت ڪوشش ڪندا رهن.

قبلہ نالي جيلر کي وٺي اچڻ

ديبل جي قيدين جي مٿان مهترائج جو پٽ قبلـہ(1) نالي هڪ شخص مقرر هو. هو نهايت داناءُ، هوشيار ۽ هندستان جو اديب، ماهر لکندڙ ۽ چڱو علم وارو هو، ۽ بـُـدَيل جولشڪر خواه سرانديپ جا قيدي سندس نگراني هيٺ هئا. ]محمد بن قاسم انهيءَ کي[ گهرائي سزا ڏيڻ جو حڪم ڪيو. هن چيو ته ”اي امير، اسلامي قيدين کان[108]  پڇ ته مون ساڻن ڪيئن گذاريو آهي، ۽ ]ڪيئن[ سندن آرام ۽ تخفيف ۾ بيحد امڪان ڪوشش ڪندو رهيو آهيان: جڏهن صاحب جي اڳيان اها حقيقت روشن ٿئي ته پوءِ مون کي ڪهڻ کان معافي ڏئي.“

محمد بن قاسم جو ترجمان کان پڇڻ

پوءِ محمد بن قاسم ترجمان کان پڇي چيو ته کانئس پڇ ته: ”قيدين  سان تو ڪهڙي مهرباني ڪئي آهي؟“ هن چيو ته: ”]خود[ قيدين کان پڇا ڪريو ته پاڻهي هن حال جي ڪيفيت ۽ هن ڳالهه جو انداز امير کي معلوم ٿي ويندو.“

قيدين کان حال پڇڻ

محمد بن قاسم قيدين کي حاضر ڪرائي، کانئن پڇيو ته: ”هي قبلـہ جيلر توهان سان ڪهڙي همدردي ۽ رعايت ڪندو هو؟“ جنهن تي سڀني گڏجي چيو: ”اسان سندس شڪر گذار آهيون. هن اسان جي همدرديءَ ۾ ڪي به باقي نه ڇڏيو. هميشه اسان کي اسلام جي لشڪر پهچڻ جي دلداري ڏيندو، ۽ ديبل جي فتح ٿيڻ جو اميدوار ڪندو رهيو.“ محمد بن قاسم هن کي اسلام آڇي کيس اسلام جي عزت سان مشرف فرمايو ۽ هو شهادت جو اقراري  ٿيو(1)، ] جنهن تي[ هن کي انهيءَ نواب جي حوالي ڪيائين، جو ديبل تي مقرر فرمايو هئائين، انهيءَ لاءِ ته ملڪ جي مصلحتن ۽ آمدني ۽ خرچ جي حساب ڪتاب چڪاسڻ ۾ سندس حاضري اعتبار جوڳي سمجهي وڃي. ۽ حـُـمـَـيد بن وداع النجدي کي اتي جو گورنر مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي اِمارت جا ننڍا وڏا حق کيس عطا ڪيائين[109].

ديبل جي غنيمتن، غلامن خواهه روڪـڙ مان پنجون  حصو وصول ڪرڻ

تاريخ نويسن حـَـڪـَـم بن عـُـرَ و َه کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: هن پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان روايت ڪئي، ته جنهن برهمڻ امانُ گهري هئي، تنهن جو نالو سوديو(2) هو. منهنجي ڏاڏي چيو ته مون انهيءَ کان ٻڌو ته: جڏهن ديبل فتح ٿيو، ۽ مسلمان قيدي آزاد ٿيا، ۽ غلام ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته. غنيمتن مان پنجون حصو ڪڍي خزاني ۾ پياريو وڃي: جنهن ڪري ديبل جو پنجون حصو پورو حجاج  جي خزاني جي حوالي ٿيو، باقي ارمابيل(1) جي فتح جون غنيمتون  ]پوريون[ حقداري جي مدنظر تي، سوار کي ٻه حصا ۽ اُٺ ۽ پيادي کي هڪ حصو ڪري ]تقسيم ڪيائون[ باقي رهيل نقدي، غنيمتون ۽ غلام گڏ ڪري رکيائون. ديبل جي راجا جون ٻه ڌيئرون به هيون، سي حجاج جي خدمت ۾ موڪليائون.

ديبل جي لٽجڻ جي خبر راجا ڏاهر کي پهچڻ

]هن[ حڪايت جي راوي حـَـڪـَـم کان نقل ڪيو آهي ته: جڏهن ديبل جي فتح جي خبر راجا ڏاهر ]بن[ چچ کي پهتي ته ديبل اسلامي لشڪر جي هٿ آيو، ۽ ديبل جو حاڪم(2) ڀڄي جـَـيسـِـينه وٽ نيرون ڪوٽ هليو ويو، ۽ ]انهيءَ ماڻهو[ شامين ۽ عربن جي بهادريءَ ۽ دليريءَ جون خبرون کيس کولي ٻڌايون، تڏهن ڏاهر نيرون ڪوٽ ڏانهن جـَـيسـِـينـُـه کي خط لکيو ته هن خط پڙهڻ شرط هڪدم مهراڻ ندي ٽپي. برهمڻ آباد قديم ۾ اچي ۽ نيرون ڪوٽ تي شمني کي مقرر ڪري، کيس قلعي جي حفاظت جو تمام گهڻو تاڪيد ڪري.[110]

(2) اصل ۾ ”صاحب“: صحيح ”مصعب“ آهي، جيئن اهو ساڳيو نالو فتحنامه ۾ 146، 155، 174 ۽ 180 صفحن تي آيو آهي، مگر انهن سمورن صفحن تي”مصعب بن عبدالرحمان“ آهي ۽ صحيح محمد بن مصعب بن عبدالرحمان آهي، جيئن ته بلاذري (فتوح البدان ص 428) جي روايت ۾ آهي ته: بـَـعـَـثَ محمد بن القاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان الثقفي اليٰ سدوسان.(ن-ب)

(1)  فارسي متن ۾”مسلم“ جو صحيح نه آهي.ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [102] (ن-ب)

(1)  اصل ۾ ”فرح“ مگر صحيح ”فرخ“ آهي.

(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”البيض“ ۽ ”يـَـسمعن“ پڙهڻيون آهن. تصحيح علامه استاد عبدالعزيز الميمني طرفان آهي،مترجم،هنن جملي شعرن ۾ مونجهاروسمجهي ان جو ترجمو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويو، هي ترجمو بنده پنهنجي ناقص عقل موجب ڪيو آهي.(ن-ب)

(1)  اصل عبارت: چهار زبانه.

(2)  هيءُ بني تميم جي غلام ابو محمد جو چوڻ آهي، جيئن مٿئين سلسلي مان ظاهر آهي.(ن- ب)

(1)  اصل ۾ هن جاءِ تي توڙي اڳتي ”جعوبه“ آهي، جو نالو عربن ۾ غير معروف آهي. تصحيح علامه استاد عبدالعزيز الميمني طرفان آهي، جنهن جي تصحيح مطابق هر جڳهه ”جـَـعوَنہ“ لـکيو ويو آهي. (ن-ب)

(1)  اصل ۾: ابن عم حجاج

(1)  اصل متن ۾ ”المشي“ آهي جو صحيح نٿو نظر اچي: غالباً اهو لفظ القـَـيسي يا القـَـيني جي بگڙيل صورت آهي. غور ڪرڻ گهرجي.(ن-ب)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”بنانہ“ آهي. ن جي پڙهڻي ”نباتہ“ آهي جا صحيح آهي.

(3)  هي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي، مگر مشڪوڪ آهي. مختلف نسخن ۾ مختلف بگڙيل پڙهڻيون آهن. مثلاَ.قليت، تليتـہ،تيسب، قليت.(ن-ب)

(4)  فارسي ڇاپي ۾ ”ذکوان بن حلوان بکوي“ پڙهڻي ڏنل آهي، جا درست نه آهي ڇوته ”حلوان“ نالو عربن ۾ غير معروف آهي. ن توڙي ر جي پڙهڻي”ذکوان بن علوان بکري“ آهي جا زياده صحيح آهي. پ ۾ آخري لفظ صاف طور ”البکري“ آهي، انهن پڙهڻين جي مدار تي نالو درست ڪيو ويو آهي.(ن-ب)

(5)  هن نالي ۾ وڏو شڪ آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه صفحه [107].

(1)  فارسي ڇاپي جي متن ۾ ”الدميني“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. هي نسبت فتحنامي ۾ ٽي دفعا آئي آهي: هن [107] صفحي تي وري [123] ۽[218]  صفحن تي. فارسي ڇاپي ۾ 123 صفحي تي ”الدقيقي“ ۽ 218 صفحي تي ”الدمني“ لکيو ويو آهي: مگر پڇاڙيءَ ۾ ڏنل توضيحات ۾ ايڊيٽر جي راءِ ۾ هيءُ لفظ ”شايدالدمني يا الدهني صحيح ٿيندو“ (ڏسو فارسي ڇاپو صفحه 262). هيءُ لفظ نهايت مشڪوڪ آهي، جنهن جي تصحيح مشڪل نظراچي ٿي. مختلف نسخن جي پڙهڻين تي غور ڪرڻ مان هن لفظ جي عاري شڪل هن طرح بيهي ٿي”الدمي“ جا متن ۾ رکي وئي آهي. هن جڳهه تي مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ن، پ، ح: الديتي، پ: الديني، س: الاستي.”العبدي“ لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [107] .(ن-ب)

(2) – (2)  اصل عبارت:” چون بيرون آمد و سوار شده بود و ميرفت، بجوي مهران رسيد بموضع که آنرا کاِرمتي گويند از جانب مشرق مهران“. پڻ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص[107] .(ن-ب)

(1)  پ: قلـہ

(1)  يعني الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ رسول ڪريم جي رسالت جي شاهدي ڏنائين.(مترجم)

(2)  پ،ن،ب،ح سود ديو.

(1)  ن،ب،س:ارمن بيلہ-پ: ارمائيل: ڪ: ارمابيلہ.

(2)  ن،ب،س:ارمن بيلـہ-پ: ارمائيل: ڪ: ارمابيلہ.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :21
محمد بن قاسم جو ارمابيل ۾ منزل ڪرڻ(3)

(پوءِ محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ رستي کان نيرون ڪوٽ وڃڻو هو. جڏهن منزل تي پهتو ته کيس راجا ڏاهر جو خط پهتو ، جو هن لکيو هو)(1).

راجا ڏاهر جو خط

بسم اللهِ العـَـظـِـيم ذِي الوحدانـِـيـَـة وَ رَبَ سيلائج (هڪڙائي واري وڏي ۽ سيلائج جي رب الله جي نالي سان) هي خط آهي سنڌ جي بادشاهه، هندستان جي راجا، بر ۽ بحر جي حاڪم ڏاهر بن چچ جي طرفان، مغرور ۽ ٺڳيل محمد بن قاسم ڏانهن، جو ڪوس ۽ لڙائيءَ جو ايترو شوقين ۽ بيرحم آهي جو]خود[ پنهنجي لشڪر تي به رحم نٿو ڪري، ۽ سڀني کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلايو اٿس. هن کان اڳ ۾ ٻئي هڪ ]عرب[ جي مٿي ۾ پڻ اهڙو غرور پيدا ٿيو هو، ۽ سياست جو تير کڻي آيو هو، ۽ الحڪم بن ابي العاص(2)  پڻ انهيءَ جي بيعت ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته دماغ ۾ سوداءُ هوس ته مان هند ۽ سنڌ کي فتح ڪري هٿ هيٺ آڻيان. اسان جوهڪ -ٻه ادنيٰ درجي جو ٺڪر ]فقط[ شڪار ڪرڻ جي طريقي سان ديبل ويو، ۽ کيس ڪٺائين، ۽ سندس سارو لشڪر ڀڄي ويو. هاڻي اهو ساڳيو سوداءُ محمد بن قاسم جي دماغ ۾ وڌي ويو آهي، ۽ نيٺ پاڻ کي [111] ۽ پنهنجي لشڪر کي انهيءَ خودسريءَ جي خيال ۾ ختم ڪندو. جيڪڏهن ديبل فتح ڪيو اٿيئي ته اهو نه مضبوط قلعو آهي، ۽ نه اتي ڪنهن طاقت واري لشڪر سان مقابلو ڪيو اٿيئي.اها هڪ اهڙي جڳهه فتح ڪئي اٿيئي، جتي ]فقط[ واپاري ۽ ڪارخانيدار رهن ٿا. جيڪڏهن انهن ۾ ڪو مشهور معروف ماڻهو هجي ها ته توهان جو ڪو نشان نه ڇڏي ها. جيڪڏهن راجا جـَـيسيـِـنه بن ڏاهر کي، جو روءِ زمين جي بادشاهن تي غالب، وقت جي زبردستن کان انتقام وٺندڙ، راهبن ۽ ڪشمير جي راجا جو مـَـٽ ۽ ثاني، نوبت، جهنڊي ۽ ڇـَـٽ جو مالڪ، جنهن جي درٻار جي چانئٺ تي هندستان جا راجا سر رڳڙي رهيا آهن، سڄو هند سنڌ جنهن جي حڪم جو تابعدار آهي، توران ۽ مڪران جي ملڪن لاءِ سندس حڪم ڳچيءَ  جو هار آهي، جو سؤ مست هاٿين جو مالڪ ۽ سفيد هاٿيءَ جو سوار آهي، جنهن جي مقابلي ۾ ڪوبه گهوڙو نٿو اچي سگهي، ۽ نه وري ڪو مرد سندس سامهون بيهي سگهي ٿو، اجازت ڏيان ته اوهان کي اهڙي سيکت ڏئي ها جو قيامت تائين وري ڪنهن لشڪر کي سندس حدن جي نزديڪ اچڻ جي مجال نه ٿئي ها.] تنهن ڪري[ پاڻ کي غرور جي خواب ۾ مبتلا نه ڪر، نه ته تنهنجي عاقبت به اها ٿيندي، جا بـُـدَيل جي ٿي. توهان کي جنگ ۾ اسان سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه آهي، ۽ نه اسان جي طاقت کان سلامت موٽي وڃي سگهو ٿا.

ڏاهر جو هيءُ خط جڏهن محمد بن قاسم کي پهتو، تڏهن منشي کي اهو ترجمو ڪري، کيس پڙهي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مضمون کان واقف ٿي جواب لکارايائين[112]

محمد بن قاسم جو ڏاهر ڏانهن خط.

بسم الله الرحمان الرحيم- هيءَ خط محمد بن قاسم ثقفيءَ جي طرفان، جو سرڪشن ۽ مغرورن کان مسلمانن جو بدلو وٺندڙ آهي، ڪافر، جاهل، منڪر، ۽ هٺيلي ڏاهر بن چچ برهمڻ غدار ڏانهن ، جو بيوفا زماني جي ڦير گهير ۽ ظالم وقت جي غرور تي مغرور ٿيو آهي. ان بعد معلوم هجيس ته نهايت جهالت ۽ بيوقوفيءَ کان جيڪي ڪجهه لکيو اٿس ، ۽ ]جيئن[ پنهنجي سست عقل تي مغرور ۽ مفتون ٿيو آهي، سو پهتو. ۽ جيڪي بيان ڪيو اٿس، تنهن جي مضمون کان واقفيت حاصل ٿي. ۽ طاقت، حشمت، هٿيار، بندوبست، هاٿي ۽ سوار، ۽ لشڪر متعلق جيڪي لکيو اٿس، سو ذري پرذي سمجهيو ويو. اسان جي ساري قوت ۽ امداد ]جو مدار[ خدا پاڪ جي ڪرم، تياري ۽ بندوبست ] ۽[ بادشاهه جي فضل تي آهي. ولاَ حـَـولَ قـُـوَة اِلاَ باللهِ العـَـلـِـي العـَـظـِـيم.(1) فـَيـکـِـيدُ  وا لـَـکَ کـَـيدَا (2) ثـُـم لا يـُـنظـَـرُون (3) اِني توَ کـَـلتُ عـَـلـَـي اللهِ رَبِي وَرَبـُکۡـم(4) وَمکـَرَ اللهُ وَاللهُ خَيرَالـمـَـاکـِـرِينَ (5) وَلاَيـَـحـِـيق الـمـَـکرُ السيـئُـي اِلاَ بِاَهلہ(6) کم مـِـن فـِئة قـَـلـِـيلـَة غَلـَبَت فـِـئة کثـِـيرَة باِذنِ الله وَاللهُ مـَـعَ الصـَـابِرِيـِـنَ- (وڏي ۽ زبردست الله کان سواءِ ٻي ڪابه قوت ۽ امداد ڪانهي. هو تنهنجي لاءِ رٿون رٿين ٿا. پر انهن کي مهلت ڪانه ڏني ويندي. مون الله تعاليٰ تي توڪل ڪيو آهي، جو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي. هنن رٿون رٿيون، هوڏانهن (الله) ]پاڪ[ به رٿ رٿي ، ۽ الله تعاليٰ سڀني کان سٺو رٿيندڙ آهي. بري رٿ، رٿيندڙ کي ئي گهيرو ڪندي آهي. ڪيتريون ٿوريون ٽوليون الله تعاليٰ جي حڪم سان وڏين ٽولين تي غالب پون ٿيون، ۽ الله تعاليٰ صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.) اڙي عاجز! سوار ۽ هاٿي، ۽ لشڪر تي ڪهڙو ناز ٿو ڪرين؟ هاٿي ته هڪ ذليل سموري سامان ۾ عاجز ۾ عاجز  ۽ سڀني رٿن  ۽ ٺڳين مان هيڻي ۾ هيڻي چيز آهي، جو مڇر جهڙي هڪ ننڍي ۾ ننڍي جيت کي به پاڻ کان تڙي نٿو سگهي: ۽ جن گهوڙن ۽ سوارن کي ڏسي، هٺ ۾ پيو آهين، اهي الله جو لشڪر آهن(قوله تعاليٰ:)(1) فـَـاِنَ حـِـزب اللهِ هـُـمُ الغـَـالِبونَ (1) وَخـَـيلُ اللهِ وَ فـُـرسـَـانـُـهاهـُـمَ المـَـنصـُـورونَ (بيشڪ الله جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي ۽ الله جا گهوڙا ۽ سندن سوار ئي فتحياب آهن). [113] تنهنجي بد افعالي، برين عادتن ۽ تڪبر جي ڪري ئي اسان کي لشڪر ڪشي جو معاملو پيش آيو، ڇاڪاڻ ته تو سرانديپ جي مال جون ٻيڙيون روڪي، مسلمانن کي قيد ڪيو. حالانڪ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ دارالخلافت، جو نبوت جو نائب آهي، جو حڪم جاري آهي ۽ سڀ فرمان بجا آڻين ٿا، فقط تون ئي سرڪشي ۽ شوخي ڪرين ٿو. ۽ ]پڻ[ بيت المال جي خزاني جا اهي مال جيڪي اڳيان حاڪم ۽ گذريل بادشاهه پاڻ تي لازم ۽ واجب سمجهي، ادا ڪندا رهيا هئا، سي ]پڻ[تو روڪي ڇڏيا آهن. ۽ جڏهن تو پاڻ کي هنن اڻوڻندڙ خصلتن سان خراب ڪري، خدمت کان انڪار ڪيو ۽ ههڙين برين ڳالهين کي جائز سمجهيو، تڏهن دارالخلافت جو فرمان، شال سدائين جاري رهي، هن طرف پهتو ته مان انهن ڪرتوتن جي بدلي وٺڻ لاءِ تنهنجي لڙائيءَ ڏانهن رخ ڪريان. ۽ جنهن به جاءِ تي منهنجو مقابلو ڪندين اتي خدا تعاليٰ، جو ظالمن کي مغلوب ڪرڻ وارو آهي، جي مدد سان توکي مغلوب ۽ خوار ڪندس، ۽ تنهنجو سر عراق ڏانهن موڪليندس، يا پنهنجي جان الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ هيءَ جهاد ]الله تعاليٰ جي[ حڪم، ”جـَـاهـِـدِ الڪـُـفـَـارَ والمـُـنافـِـقـِـينَ“(1) (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر) موجب پاڻ تي واجب سمجهي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ قبول ڪئي اٿم، ۽ ]سندس[ عام احسان ۾ اميدوار آهيان ته اسان کي فتح ڪاميابي عطا ڪندو- انشاءَ الله تعاليٰ وَ ڪـَـتـَـبـَـہ فـِـي ثـَـلث وَ تـِـسعيـِـن (سنه 93 هه ۾ لکيو ويو) ]114[.

ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم جو

نيرون ڏانهن وڃڻ

حديث جي راوين ۽ تاريخ بيان ڪندڙن، نـُـباتـہ بن حـَـنظلـَـہ ڪـِـلابـِـيءَ کان آندو آهي ته: ديبل فتح ڪرڻ ۽ بي انداز غنيمتن حاصل ڪرڻ کان پوءِ، محمد بن قاسم جي حڪم فرمائڻ تي منجنيقون ٻيڙن ۾ رکي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيڙا انهيءَ پاڻيءَ مان جنهن کي ساڪري جو نارو (1) چون ٿا، ٿي نيائون، ۽ پاڻ سيسم(2) جي رستي کان ٿي ويا. جڏهن سيسم(2) جي منزل وٽ پهتا ته اتي حـَـجاج کان انهيءَ خط جو جواب اچي پهتو، جيڪو پاڻ ديبل جي فتح بابت هن ڏانهن لکيو هئائين.

محمد بن قاسم کي حـَـجاج جو خط پهچڻ

بسم الله الرحمان الرحيم- حـَـجاج بن يوسف کان محمد بن قاسم ڏانهن. ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي دل جي ارادي ۽ همت جي تقاضا اهائي آهي ته توکي هر حال ۾ ڪاميابي حاصل هجي، ۽ ]انشاءَ الله تعاليٰ[  تون ڪامياب ۽ فتحمند هوندين، ۽ الله عزوجل جي احسان سان دشمن دنيا جي سزا ۽ آخرت جي عذاب ۾ هميشه گرفتار ۽ مغلوب رهندا. ]پر[ اهو گمان هرگز نه نج ته انهن جا اهي سڀ هاٿي، گهوڙا ۽ سامان اسباب توکي نيبهه ٿيندا. ]توکي[ دوستن سان چڱي طرح وقت گذارڻ ۽ هر هڪ جي عزت ۽ احترام ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ۽ سڀني کــــي دلداري ڏيندو رهج، ڇاڪاڻ ته اهــا ســاري ولايت تنهنجي مــلڪيت ۾ اينــدي. جيڪو بــه قلعو فتح ٿيندو رهــي، تــه ] انهيءَ مان [ لشڪر جي ضـرورتن جــي جيڪا بــه شيءِ هـــٿ اچي، سا ]لشڪر جي[ خرچ ۽ تياريءَ ۾ صرف ڪج. کاڌي پيتي جي گهربل شين کان، جيترو ٿي سگهي، ]ڪنهن کي[  روڪ ۽ ٽوڪ نه ڪج. سـُـڪـَـر سڻائيءَ جي ]پيداڪرڻ ۾[ حد ۾ حد ڪوشش ڪج، ]115[ جيئن لشڪر ۾ اناج سستو رهي. ديبل ۾ جيڪي بچايو ويو آهي، سو به قلعي ۾ ذخيرو ڪري رکڻ بدران ماڻهن تي صرف ڪرڻ بهتر آهي، ڇو ته ملڪ فتح ٿيڻ ۽ قلعن جو قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ رعيت جي آرام ۽ رهاڪن جي دلجوئي جي ڪوشش ڪرڻي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪڙمي، ڪاريگر ۽ واپاري آسودا هوندا ته ملڪ سر سبز ۽ آباد رهندو، انشاءَ الله تعاليٰ- کـَـتبَہ فـِـي العـِـشريـِـن مـِـن رَجب سنـة ثلاث و تِسعين:(1) يعني ويهين رجب، سنه ٽيانوي ۾ لکيو ويو(1).

ديبل جي خبر ۽ نيرون وارن جو حجاج بن يوسف

کان پروانو وٺڻ

اَبـُـوالليث التميمي کان هن طرح آڻين ٿا، ته هن جـَـعوَنہ(2) بن عـَـقـَـبـَہ سـُـلمـِـي کان روايت ڪئي ته: جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن اسان ساڻس گڏ هئاسون. هنن ]نيرون وارن[  عرب جي لشڪر جي شڪست ۽ بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ وقت، حجاج سان عهد ڪري پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي ڇڏي هئي. محمد بن قاسم ديبل کان نيرون ڪوٽ (1) ڏانهن، پنجويهن فرسنگن تي آهي، ڪاهي، ڇهه ڏينهن پنڌ ڪري، ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ جي ٻاهران پهتو.(2) بروري، جي پٽ ۾ هڪ چراگاهه آهي، جنهن کي بلهار ]يعني ولهار ياويءُ[ ٿا چون، ]اتي اچي منزل انداز ٿيو[(2). اتي اڃا مهراڻ جو پاڻي نه آيو هو، جنهن ڪري لشڪر اڃ کان دانهون ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري جيئن جو عرض ڪيو: يـَـادَليـَـل المـُـتـَـحـِـرينَ وَ يـَـاغـَـيـَـاث اَلمـُـسقـَـِغيـِـثينَ اَغـِـثنـِـي بـَحقِ بِسمِ الله الرَحمان الرَحـِـيم (اي پريشانن جا رهنما! اي فريادين جا مددگار! بسم الله الرحمان الرحيم جي هحابي منهنجي واهر ڪر) تيئن ]هڪدم[ الله پاڪ جي حڪم سان رحمت جو مينهن وسڻ لڳو. انهيءَ شهر جي آسپاس جيڪي به تلاءَ يا حوض هئا، سي سڀ ڀرجي ويا. نيرون وارن ڪوٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. سندن سردار ۽ حاڪم شمني(3) ڏاهر ڏانهن ويل هو. محمد بن قاسم لشڪر جي گاهه جي تنگيءَ کان [116]  ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. پنجن- ڇهن ڏينهن کان پوءِ شمني موٽي آيو، ۽ ٻه سردار حجاج جي پرواني سميت موڪلي، ساڻس گڏ سيڌو ۽ گاهه پڻ روانو ڪري، انهن جي واتان پيغام موڪليائين ته: ”مان خواه هيءُ سمورو لشڪر ۽ رعيت دارالخلافت جا آهيون، ۽ امير حجاج جي پرواني جي حڪم موجب هتي ٽڪيل ]آهيون[، ۽ سندس ٽيڪ، دلداري ۽ تربيت تي قائم آهيون، جنهن صورت ۾ مان غير حاضر هوس، تنهنڪري رعيت متردد ٿي دروازا بند ڪيا هئا.“ شمني ]اچڻ سان[  ڪوٽ جا دروازا کولارايا، ۽ ]ماڻهو[ لشڪر سان خريد فروخت ڪرڻ لڳا. محمد بن قاسم، بروري(1) جي منزل کان، هن ]شمني[ جو شڪريو حـَـجاج ڏانهن لکي،نيرون وارن جي وفاداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ جي خبر ڏني. حجاج انهيءَ خط جي جواب ۾ کين هنن جي دلداري ڏيڻ جي ڏاڍي پارت فرمائي، ۽ کين لکيائين ته: ”سندن آرام جي هر طرح ڪوشش ڪريو، ۽ کين اسان جي مهربانين جو اميدوار بنايو. الله پاڪ جي احسان ۾ اميد آهي ته تنهنجو قدم مبارڪ جتي به پهچندو  ]تي[  فتح ۽ ڪاميابي ٿيندي. جيڪو به توکان امان گهري، تنهن کي امان ڏج، ۽ جيڪي به بزرگ ۽ مکيه ماڻهو تو سان اچي ملن، تن کي قيمتي خلعتن سان سرفراز ڪري، پنهنجي احسان جي زيربار ڪج ۽ لياقت اَهرَ هر هڪ کي انعام اڪرام ڏيڻ واجب ڄاڻج، ۽ عقل کي پنهنجو رهبر بنائج ته جيئن ملڪ جا امير ۽ مشهور معروف ماڻهو تنهنجي قول ۽ فعل تي پورو اعتماد رکن.“

محمد بن قاسم جو پنهنجا اعتماد جوڳا ماڻهو

نيرون ۾ موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم پنهنجن خاص ۽ مکيه ماڻهن مان ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو نيرون جي قلعي ۾ موڪليا ۽ چيائين ته: اسان تي قلعي جي دروازن بند ڪرڻ، ڏاڍو ]برو[ اثر ڪيو، پر جڏهن غير حاضريءَ جو عذر ٻڌو ويو، تڏهن ڪاوڙ ٺري ويئي ۽ توهان ڏانهن مهرباني ۽ عزت جو خيال ڪيو ويو آهي: تنهنڪري مقدم الدولة ڀنڊرڪو شمني(1) کي دلجاءِ ۽ تسلي سان حاضر ٿيڻ گهرجي، سندس حق ۽ مهربانيءَ ۽ تربيت جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي ]117[.

شمنيءَ جو سمر ۽ تحفن سميت محمد بن قاسم

جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ

ڏينهن، جڏهن صبح صادق اونداهيءَ جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو، تڏهن شمني پڻ بي انداز تحفن ۽ بيپايان نذرانن سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي، رضامندي جي خلعت پهري، ۽ قلعي جو دروازو کولي، محمد بن قاسم جي مهماني ڪيائين، ۽ لشڪر کي اناج ڪشادو ملڻ لڳو.

محمد ]بن قاسم[ قلعي تي هڪ گورنر مقري ڪيو، ۽ ٻـُـڌ جي بتخاني جي جاءِ تي هڪ مسجد ٺهرائي ۽ بانگ، نماز ۽ امام مقرر ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، سيوستان وڃڻ جو ارادو ڪيائين، اهو قلعو، مهراڻ جي مغربي ڪناري تي جبل جي مٿان آهي. محمد بن قاسم کي اميد پيدا ٿي ته سارو ملڪ اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿي ويندو، ۽ سيوستان جــي انــديشي لاهڻ کان پوءِ موٽڻ وقت، ڏاهر ڏانهن ]وڃڻ لاءِ[ درياءَ جي ٽپڻ جي صلاح ڪئي ويندي: شال خداوند ڪريم عربن جي اميد برصواب فتحمنديءَ جا امڪانات ميسر ڪري!

(3)  ن،ب،س:ارمن بيله: پ،ارمائيل: ڪ،ارمابيلہ.
(1)  هي سڄو عنوان ۽ بيان اسان اراد تاً ڏنگين ۾ رکيو آهي ۽ بالڪل بي معنيٰ آهي، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)
(2)  هن جاءِ تي جملي نسخن ۾ ”ابوالعاص بن الحکم“ آهي. ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)
(1)  فارسي متن ۾ فـَـگـِـيدُ وا،ن: فـَـيـَـکيدُ وا، جا صحيح پڙهڻي آهي. هن عربي عبارت ۾ مختلف آيتون ملائي، موزون مضمون پيدا ڪيو ويو آهي. شروع واري جملي ۾ آية صرف “قوة الا با الله“ (ڪهف! ر-ه)آهي.ان بعد (ا) آيت يوسف:ر-ا):
(2)  آيت جو حصو(الانعام:ر-ا)
(3)  آيت (هود:ر-ه):
(4)  آيت (آل عمران: ر-5):
(5)  آيت (فاطر: ر-5):
(6)  آيت (البقره:ر-33).بشڪريه محترم قاضي احمد ميان اختر صاحب.(ن-ب)
(1) -( 1)  آيت قرآن (المائده: ر-8).هي آيت فارسي متن ۾ ”الا ان“ سان شروع ٿئي ٿي، جا صحيح نه آهي: ”الا ان  حزب الله هم المفلحون“ (المجادله:ر-3) هڪ ٻي جدا آيت آهي.(ن-ب)
(1)  سورهِ التوبہ: ر-10
(1)  فارسي متن جي اصل عبارت: ”نالہ سانکره“ آهي. مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ن، ب: نالـہ سانکره، پ: ساکر، م، ر دهند ساکره، س: دهند ساکره، ڪ: هند ساکره.
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”سميم“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي مگر انهن ٻنهي جاين تي معتبر نسخن مثلاَ پ، م، ر، ن جي متفـقه پڙهڻي ”سيسم“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي (ن-ب)
(1)  هي اضافو ن ۽ ب مان آهي (ن-ب)
(2)  اصل ”جعوية“ جو صحيح نه آهي. ڏسو هن کان اڳ، حاشيه ص  [105](ن-ب)
(1)  اصل ۾: حصار نيرون.
(2) فارسي متن جي اصل عبارت: ”مرغزاريست که اَنرا بلهار گويند، بزمين بردي“. هن جاءِ تي ۽ وري ص 117 تي ”بردي“ نالو آيو آهي. هن جاءِ تي م جي پڙهڻي ”بروزي“ ۽ ن جي پڙهڻي “بروي”  آهي. ص ]117[ تي پ: بروري ۽ م، ن، ڪ: بروزي. انهن پڙهڻين جي مطابق هي لفظ ”بروري“ يا ”بروزي“ ٿي سگهي ٿو. مگر قديم نسخي پ جي پڙهڻي ”بروري“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڪثر ديهن ۽ ڳوٺن جي نالن جي آخر ۾ ”ري“ يا ”ڙي“ آهي. مثلاً ڪلري، هوسڙي، هٽڙي وغيره. (ن-ب)
(3)  جنهن کي ڏاهر، ديبل جي فتح جو ٻڌي، نيرون جو حاڪم مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڏسو مٿي ص ] 110[. (ن-ب)
(1)  فارسي متن ۾ ”بردي“. هت اختيار ڪيل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]116[. (ن-ب)
(1)  اصل ۾، هت سڀني نسخن ۾ ”بهند رکن سمني“. مگر ص ]131[ تي ساڳيو نالو سڀني نسخن مطابق ”سمني بهندرکو“، اسان پوئين پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :22
سيوستان ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فتح ڪرڻ ۽ قلعي وٺڻ جي خبر

محمد بن قاسم، نيرون جو ڪاروبار درست ڪري، ٺهي ٺڪي، شمنيءَ سان گڏ سيوستان ڏانهن رخ رکيو ۽ منزلون ڪندو ٿي ويو. نيٺ وڃي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي موج ٿا چون ۽ جا نيرون کان ٽيهن فرلانگن تي هئي. اتي هڪ شمني رهندو هو، جو رعيت جو اڳواڻ هو، ۽ قلعي جو بادشاهه ڏاهر بن چچ جو سؤٽ بجهراء(1) بن چندر نالي هو. اتي سڀني شمـِـنيـُـنِ(2) گڏجي بجهراء ڏانهن پيغام موڪليو تــه: اسان زاهد (3) ماڻهو آهيون، اسان جو دين، امن ]پسندي[ ۽ مذهب، عافيت] پسندي آهي[.[118] اسان جي طريقي ۾ جنگ ۽ ڪوس جائز نه آهي، ۽ خون وهائڻ جي حق ۾ نه آهيون. تون بلند قلعي ۾ ويٺو آهين، ۽ اسين ڊڄون ٿا ته جڏهن هي ماڻهو ايندا ته اسان کي تنهنجا تابعدار سمجهي ڦريندا ۽ اسان جون جانيون ۽ مال کسي وٺندا. اسان کي ]هيءُ به[ معلوم ٿيو آهي ته کين دارلخلافت ۽ امير حجاج جو حڪم آهي ته جيڪو به ماڻهو امان گهري تنهن کي امان ڏني وڃي، جيڪڏهن ]توهان به اسان سان[ متفق ٿيندا ۽ صلاح قبول ڪري، اسان جي نصيحت وٺندا ته اسان وچ ۾ واسطو ٿي تنهنجي ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرنداسون ۽ هڪٻئي سان پڪو عهدنامو ۽ مضبوط انجام ڪنداسون. عرب جا ماڻهو وفادار آهن ۽ جيڪو به قول سندن زبان مان نڪرندو سو پورو ڪندا ۽ ان جي مخالفت نه ڪندا. بجهراء سندن صلاح کان انڪار ڪيو، ۽ سندن چوڻ ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڪيائين. پوءِ محمد بن قاسم هڪ جاسوس موڪليو ته هنن جي طبيعت معلوم ڪري ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان موافق آهن يا منافق. هن ڏٺو ته ڪي لشڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪري آيا آهن] .تنهن تي[ محمد بن قاسم ريگستان واري دروازي وٽ اچي لٿو، جو لڙائي لاءِ ٻي ڪابه جاءِ ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته برسات جو پاڻي وڌي ويو هو ۽ اتر کان (1) سنڌوندي، ارل ۾ وهي ويئي هئي(1).

لشڪر جي سيوستان سان جنگ ڪرڻ

محمد بن قاسم منجنيق کڙي ڪرڻ ۽ جنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شـَـمـِـنيـُـن هن (بجهراء) کي گهڻو ئي روڪيو ته: ”هن لشڪر سان تنهنجي پڄڻ جي ڀيڻي نه آهي. تـــون انهن جو مقابلو ڪري نه سگهندين. تنهنجي خـــود ســريءَ ڪري ]سڀني جو[ جان ۽ مال برباد نه ٿيڻ گهرجي“. ] آخر[ جڏهن رعيت جي نصيحت نه ٻڌائين، تڏهن ]لاچار ٿي[ شمـِـنيـُـن، محمد بن قسم ڏانهن پيغام موڪليو ته: ”سموري رعيت] 119[ جهڙوڪ هاري، ڪاريگر، واپاري ۽ عام ماڻهو بجهرا ِّ کان ڀڄي پري ٿيا آهن ۽ ساڻس بيعت ڪانه اٿن: بجهرا ِّ کي ايترو ساز سامان ۽ تياري پڻ ڪانهي جو تنهنجو مقابلو ڪري ۽ لڙائيءَ ۾ تو سان هٿ ڳنڍي سگهي“. اهو پيغام معلوم ڪري اسلامي لشڪر جي دل وڌي، ۽ محمد بن قاسم رات ڏينهن لاڳيتو جنگ جاري رکي. اٽڪل هڪ هفتي جي مدت اندر قلعي وارن لڙائيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بجهراء جڏهن ڏٺو ته قلعي وارا  تنگ ٿيا آهن، تڏهن ]رات جي وقت[  جڏهن دنيا ڏامر جهڙي پردي ۾ لڪي ويئي، اترئين دروازي کان درياءُ ٽپي، لڪي ڀڄي ويو ۽ وڃي ٻـُـڌيه(1) جي حد ۾ پهتو. انهيءَ وقت ٻـُـڌيه جو راجا ڪاڪو پـُـٽ ڪوتل(2) نالي شمني ڀـِـڪـُـو هو. سندس قلعو ڪـُـنڀَ نهر جي ڪناري (3) تي سيسم]نالي[ هو. ٻـُـڌيه جا رهاڪو ۽ اُنهيءَ طرف جا اڳواڻ سندس استقبال تي آيا ۽ کيس قلعي جي آڏو اچي لاٿائون.

سيوستان جو هٿ آڻڻ ۽ بجهراء جو هليو وڃڻ

جڏهن بجهراء ڀڄي ويو ۽ شمـِـنـُـين اطاعت ڪئي، تڏهن محمد بن قاسم سيوستان جي قلعي اندر آيو ۽ دلجاءِ ڪري، ڪاروبار مٿان پنهنجا ڪامورا ۽ نائب مقرر ڪري، پسگردائي سندن حوالي ڪيائين. پوءِ شمـِـنيـُـن کان سواءِ، جن ساڻس پڪو عهدنامو ڪيو هو،] ٻين کان[ جتي به سون چاندي ڏٺائين، پنهنجي قبضي ڪيائين، ۽ سموري چاندي، زيور ۽ روڪڙ ضبط ڪري، لشڪر جو حق لشڪر کي ڏيئي، باقي پنجون حصو حجاج  جي خزانچيءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ حجاج ڏانهن فتح جو احوال لکيائين، ۽ راءَ زادن(1) کي مقرر ڪري، غنيمت ۽ غلام موڪلي ڏنائين ۽ پاڻ اتي ترسيو. ]120[

ٻن- ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن] سرڪاري[ پنجين حصي ۽ لشڪر جي حصن ]جي تقسيم[ کان فارغ ٿيو، تڏهن سيسم جي قلعي ڏانهن رخ ڪيائين. ٻـُـڌيه جو لشڪر ۽ سيوستان جو بادشاهه لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. محمد بن قاسم، انهيءَ ٽولي کان سواءِ جيڪو سيوستان جي گورنر سان مقرر ڪيو هئائين، سمورو لشڪر وٺي، ڪنڀ جي ڪناري تي بندهان(2) نالي هڪ منزل وٽ اچي لٿو. آسپاس جا رهاڪو سڀ ڪافر هئا، اسلامي لشڪر ڏسي، سڀني راتاهو ڏيئي، کين منتشر ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو.

مـُـکين جو ڪاڪي بن ڪوتل(1) وٽ اچڻ

]ا هــا صــلاح ڪـري،[ ٻـُـڌ(2) جــا مـُـکــي ڪـاڪــي ]بــن[ ڪـوتـل(1) وٽ آيا(3) جو ٻـُـڌيه جا راڻا سندس اولاد مان آهن ۽ جنهن جو وڏو آڪر گنگا جي انهيءَ گهير کان، جنهن کي اودند وهار ٿا سڏين، آيو هو(3) – ۽ ساڻس صلاح ڪيائون ته اسان هن عرب جي لشڪر تي راتاهي ڏيڻ جو ٺهراءُ ڪيو آهي. (ڪاڪي جو جواب:) ڪاڪي چيو ته، ”جيڪڏهن توهان کان ٿي سگهي ته ]ائين ڪرڻ[ چڱو ٿيندو، مگر ٻڌ وارن ۽ راهبن نجوم جي ڪتاب مان اسان کي ٻڌايو آهي ته هيءُ پاسو اسلام جي لشڪر هٿان فتح ٿيندو.“  ]ائين چئي[ ڀيمن(4) نالي هڪ مـُـکيءَ کي سندن مٿان سردار مقرر ڪري، چنن(5) کي سندس فوج ۾ رکي، هڪ هزار ترار جا ڌڻي ۽ دلاور مڙس سندس هٿ هيٺ ڏنائين. جڏهن ڏينهن جو رومي لشڪر رات جي حبشي لشڪر جي حملي کان شڪست کائي ڀڄي ويو ]121[ تڏهن اهي سڀئي تراريون، ڍالون،نيزا، بڙڇيون ۽ ڪٽاريون کڻي راتاهي (شبخون) مارڻ لاءِ روانا ٿيا. عربن جي لشڪر کي ويجهو پهچڻ وقت رستو ڀلجي ويا، ۽ پوري رات شام کان صبح تائين ڀٽڪندا رهيا، هو چئن حصن ۾ ورهائجي بيابان ۾ ڦرندا رهيا ۽ نه] لشڪر جو[ مقدمه، ساقه سان مليو ۽ نه مـَـيمنـَـه (وري) مـَـيسره کي ڏٺو.]رُلي رُلي[ جڏهن منهن ڪڍيائون ته پاڻ کي سيسم جي قلعي جي ٻاهران ڏٺائون. جڏهن رات جو سرمائي پردو ستارن جي بادشاهه (سج) جي روشنائي جي چوڪ سان ڦاٽي پيو،(1) تڏهن قلعي ۾ آيا، ۽ ]اچي[  ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(2) کي سارو احوال ٻڌايائون ته اسان جي هيءَ رٿ ڪارگر نه ٿي. ڪاڪي وراڻيو ته: ”توهان کي معلوم آهي ته مان بهادريءَ، مردانگيءَ، همت ۽ دانائيءَ ۾ مشهور معروف آهيان، ۽  توهان وٽ رهي ڪيتريون مشڪلاتون حل ڪيون اٿم. پر ٻڌ مذهب وارن ڪتابن ۾ نجوم جي حساب سان ائين حڪم ٿيل آهي ته هندستان اسلامي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو، تنهنڪري مون کي سندن استقبال ڪرڻ جو ارادو آهي.“

ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(3) جو نـُـباتـہ بن حَنظَلَہ سان گڏجي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ وڃڻ ۽بيعت ڪرڻ

پوءِ ڪاڪي پنهنجي خاص ۽ ڀروسي وارن ماڻهن سان گڏجي، عربي لشڪر جو رخ ڪيو. ڪجهه پنڌ ڪيائين ته کيس نباتہ بن حـَـنظـَـلـَـہ مليو، جنهن کي محمد بن قاسم نگراني لاءِ ڇڏيو هو، جو کيس محمد بن قاسم وٽ وٺي آيو. جڏهن خدمت جي سعادت حاصل ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم ساڻس عزت سان  پيش آيو ۽ ]مٿس[ مهرباني ڪيائين. ڪاڪي، چنن(1) جي راتاهي ۽ سندن دغابازيءَ جي رٿن جو احوال ڪيو، ۽ ڪيئن خدا تعاليٰ کين ڀلايو جو سڄي رات دربدري ۽ شرمندگيءَ ۾ ڦرندا رهيا، سو سڀ بيان ڪري، چيو ته: ”اسان جي نجومين ۽ معتبرن، علم نجوم ]جي حساب[ مان نتيجو ڪڍي، هيءُ حڪم ڪيو آهي ته] 122[ هي پاسو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو. ]وري[ جڏهن هيءُ معجزو ڏٺو ويو ته يقين ٿيو ته ]برابر اهو[ الاهي حڪم آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ سان مقابلو ڪري نه سگهندو. تون هر طرح دلجاءِ ۽ تسلي ڪر ته انهن تي فتح لهندين، مون تنهنجي تابعداري قبول ڪئي آهي، ۽ توکي نصيحت ڪندو رهندس. ۽ جيترو ٿي سگهندو اوترو مددگار رهندس، ۽ دشمنن ۽ بدخواهن جي بيخ ڪـَـني ۽ مغلوب ڪرڻ ۾ رهبر ٿيندس.“ محمد بن قاسم کي جڏهن هن حال جي خبر پيئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌائين، تڏهن الله تعاليٰ جي تعريف ڪيائين ۽ شڪراني جو سجدو بجا آندائين، ۽ ڪاڪي کي سندس سر، تابعدارن ۽ ڪٽنب سميت، امان ڏيئي کيس دلجاءِ ڏنائين. پوءِ ڪاڪي کي چيائين ته: ”هند جا امير! توهان جي سـَـروپا ڪهڙي ٿيندي آهي؟“ ڪاڪي عرض ڪيو ته: ”اسان جي سروپاءَ آهي ڪرسي، ۽ ريشم ۽ پٽ جو هندستاني ڪپڙو(1) جو پڳ وانگر مٿي تي ويڙهيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي بزرگن ۽ شـَـمني(2) ڄامن جي اها ئي رسم آهي. پوءِ اها کيس پهرائي ويئي. ڪاڪي جي هن سروپا پهرڻ تي سڀني مـُـکين ۽ آسپاس جي سردارن سندس بيعت ڏانهن لاڙو ڪيو. جن ماڻهن سندس تابعداري قبول ٿي ڪئي، تن کي عربي لشڪر جي خوف کان امان ٿي ڏنائين، ۽ جنهن ٽولي خودسري ۽ سرڪشي ٿي ڪئي، تن ڏانهن ]اسلامي لشڪر جي[ رهبري ڪيائين ٿي] . محمد بن قاسم[ عبدالملڪ بن قـَـيس الدمي (3) کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪو به سرڪشي ڪري تنهن کي سيکت ڏئي. ڪاڪي مخالفن تي حملو ڪري، ڏاڍا ڏوڪڙ، ڪپڙا، وهٽ، غلام ۽ اناج غنيمت ۾ هٿ ڪيو، جنهن ڪري لشڪر ۾ گوشت ۽ گاهه جي فراواني (گهڻائي) ٿي.

پوءِ محمد بن قاسم اتان منزل کڻي سيسم جي قلعي تي آيو. ٻن ڏينهن جي جنگ کانپوءِ خدا تعاليٰ کيس فتح ۽ ڪافرن کي شڪست ڏني. ڏاهر جو سؤٽ بجهرا ِّ بن چندر بن سيلائج ۽ راوت ۽ ٺـَـڪـُـرَ- جيڪي سندس تابعدار هئا،] 122[ ٻـُـڌيه کان مٿي ڀڄي ويا. بلڪ گهڻن ته پنهنجي پياري جان انهيءَ بيفرمانيءَ ۾ گنوائي، ۽ ڪي، سالوج ۽ قندابيل(4) جي وچ واري قلعي بهطلور(1) ڏانهن هليا ويا ۽ اتان وڃي امان نامي جي استدعا ڪيائون. ڇاڪاڻ ته هو ڏاهر جا مخالف هئا ۽ جيئن ته هن جي ڪن ماڻهن کي ڪـُـٺو هئائون، تنهن ڪري سندس فرمانبرداريءَ کان ڦريل هئا. هنن قاصد وچ ۾ آڻي. پاڻ تي هڪ هزار درهم تور چاندي (2) مقرر ڪري، پنهنجا ضامن سيوستان ڏانهن موڪليا.

حجاج بن يوسف کان مهراڻ ٽپي-ڏاهر سان جنگ جوٽڻ جو حڪم پهچڻ

محمد بن قاسم ڍل مقرر ڪري، سندن آرام لاءِ نئون پروانو جاري ڪيو، ۽ ]هن کان پوءِ[ آل جارُود مان ٻن اعتماد جوڳن ماڻهن ]عبدالملڪ بن[ القـَــيس(3) ۽ حـُـمـَـيـدُ بن وَدَاعَ النـَـجدِي کي مقرر ڪري، هي ڪم سندن حوالي ڪيائين. جڏهن  سيسم جي ڪم کان واندو ٿيو، تڏهن حـَـجاج جو حڪم پهتس ته: ”ٻيون سڀ جايون ڇڏي نيرون ۾ موٽي اچ، ۽ مهراڻ ٽپڻ جي تجويز ڪري، ڏاهر جي جنگ ڏانهن رخ ڪر، ۽ موليٰ عزوجل کان مدد گهرج ته توکي فتح ۽ ڪاميابي بخشي. انهيءَ فتح ٿيڻ تي] ننڍا وڏا[ قلعا ۽ ساري پسگردائي هٿ اچي ويندي ۽ ڪوبه روڪيندڙ نه هوندو.“ محمد بن قاسم هيءُ حڪم پڙهي، سندس مضمون کان واقف ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو ۽ اچي خط لکيائين.

عرب جي لشڪر جو نيرون ڪوٽ موٽي اچڻ

پوءِ] محمد بن قاسم لشڪر ساڻ[  منزلون ڪاٽي اچي قلعي ۾ لٿو، جو نيرون ٽَڪر(1) تي آهي.] 124[ ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن جو چراگاهه اِرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. انهيءَ تلاءُ وٽ اچي منزل ڪيائين، ۽ هيٺيون خط حجاج بن يوسف کي لکيائين.

محمد بن قاسم جو، خط لکي حجاج بن يوسف

کي احوال ٻڌائڻ

بسم الله الرَحمانِ الرَحيم- وڏي امير، زبردست عالم،دين جي تاج، عجم ۽ هند جي پناهه، حجاج بن يوسف جي شاندار درگاهه ۾ هن خدمتگار محمد بن قاسم جي طرفان. بندگي ۽ خدمت گذاريءَ کان پوءِ، عرض ٿو ڪري ته هي مخلص عرب جي سڀني اميرن، لشڪر، نوڪرن ۽ مسلمانن جي لشڪر جي سڀني جماعتن سميت صحيح ۽ سلامت آهي. ڪاروبار جي استقامت ۽ دائمي خوشي ۽ آرام حاصل آهي. ]اوهان جي[  روشن راءِ کي معلوم هجن گهرجي ته بيابان ۽ خطرناڪ منزلن ڪاٽڻ کان پوءِ، درياءُ  جي ڪناري(1) جنهن کي مهراڻ چون ٿا، پهتاسون.

۽ بغرور(2) جي قلعي جي مقابل ٻـُـڌيه طرف جي اها ايراضي، جا مهراڻ جي ڪناري تي آهي، فتح ٿي آهي(3) ۽ اهو قلعو، اروڙ جي حد حڪومت ۾ ]آهي[(3)، سرڪش ماڻهن کي پنهنجي اقتدار هيٺ آندو ويو ۽ باقين کي حملو ڪري ڀڄايو ويو. جيئن ته امير حجاج جو حڪم پهتو جنهن ۾ موٽي اچڻ جو اشارو ڪيل آهي، تنهنڪري نيرون ٽڪر(4) واري قلعي ۾ موٽي اچڻ ٿيو، هيءُ قلعو دارالخلافت کي وڌيڪ ويجهو آهي. اميد ته الله تعاليٰ جي مدد، بادشاهه جي اعانت ۽ امير معظم جي بخت ]جي ياوريءَ[ سان ڪافرن جا سڀ مضبوط قلعا فتح ٿي ويندا،] 125[ ۽ شهر ۽ خزانا هٿ ايندا. في الحال سيوستان ۽ سيسم جا قلعا هٿ آيا آهن. ڏاهر جو سؤٽ، سندس بهادر ۽ مکيه ماڻهو ]ٻاهر[ ڪڍيا ويا، باقي ٻيا سقڀ ڪفار مغلوب ٿيا آهن. ڪافرن جي عبادت گاهن جي بجاءِ مسجدون ۽ عبادت گاهون ٺهرايون ويون آهن، ۽ بانگ نماز، خطبن ۽ منبرن جو بنياد رکيو ويو آهي، جيئن ماڻهو وقتن اندر خدا جو فرض ادا ڪندا رهن، ۽ صبح ۽ شام خدا تعاليٰ جو ذڪر ۽ تڪبير بجاءِ آڻيندا رهن. جهڙيءَ طرح قرآن جو نص ناطق آهي ته] قوله تعاليٰ[: اَقـِـمِ الصـَـلواة لـِـدُلـُـوکِ الشـَـمس اِليٰ غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجر- الايـَـة (1) ۽ اهي بتن جا نشان الله جي تائيد ۽ اِن يـَـنصرُ کـُـمُ اللهُ فـَـلاَ غـَـالبَ لکـُـم(2) (جيڪڏهن خدا تعاليٰ توهان جي تائيد ڪندو ته پوءِ ڪوبه توهان تي غالب ڪونه ٿيندو) جي تصديق مطابق صاف ڪيا وڃن، پوڄارين، ۽ شيطانن ۽ انهن جي جماعتن کي مغلوب ۽ خوار خراب ڪري جهنم ۽ سخت عذاب جي حوالي ڪيو وڃي. اسان ]هن وقت[ هڪ اهڙي قلعي جي پناهه ۾ رهيل آهيون، جو سڪندر روميءَ جي ٻنڌ تي پڻ فخر ٿو ڪري، ليڪن اسان جو ڀروسو ۽ پناهه الله عزوجل تي آهي. اوهان جي راءِ عاليءَ، سدائين عالي رهي، آڏو هيءُ خط پيش ڪري، جواب جو منتظر آهيان ته جهڙيءَ طرح فرمان ناطق ۽ مطلق جاري ٿئي، انهيءَ لاءِ تيار ٿيان، ۽ الاهي توفيق سان جهڙو ارشاد ڪندا، انهيءَ موجب عمل ڪيو ويندو. ڪريم حاڪم کي هيءُ ڳالهه به معلوم هئڻ گهرجي ته ڏاهر جي گورنرن مان هڪ گورنر مهراڻ جي اُڀرندي طرف انهيءَ (1) ماٿريءَ ۾، جا ڪشها (ڪڇ) جي سمنڊ جو ٻيٽ آهي(1)، ٻيٽ (2) جي قلعي جو والي آهي، جنهن کي بسامي ]پٽ[ راسل (3) چون ٿا. هن جو پٽ ڏاهر جي مکيه ۽ خاص ماڻهن مان آهي. هند خواهه سنڌ جي گهڻن بادشاهن جي ساڻس بيعت آهي، ۽ سندن وچ ۾ مضبوط عهدناما ٿيل آهن]126[، جي سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندا: ۽ ديبل جا جيڪي ماڻهو اسان سان مليا آهن، تن کان معلوم ٿيو آهي ته هو اسان جو خيرخواه آهي. هر هڪ امير ۽ وڏيرو سندس تابعداريءَ ڏانهن راغب آهي. هن اسان ۾ اميد رکي التجا ڪئي آهي ته اسان هن سان پڪو عهدنامو ڪريون . جيڪڏهن خدا تعاليٰ اها تدبير پوري ڪئي ۽ ]هو سڀ[ سچائيءَ سان اسان جي فرمانبرداريءَ هيٺ آيا ته مهراڻ درياءَ  جي ٽپڻ جي تدبير اسان لاءِ آسان ۽ سولي ٿي پوندي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان (سڀڪجهه) تيار ۽ مبارڪ ٿيندو.

(1)  اصل ۾ هن جاءِ تي، توڙي اڳتي هر جڳهه ”بجهرا“ آهي- ترجمي ۾ هر جڳهه ”بجهراءُ“ ڪري لکيو ويو آهي. (ن-ب)
(2)  اصل لفظ: “سميان”.
(3)  اصل لفظ: ”ناسک“.
(1) – (1)  فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي: ”جوئي سند ور اول روان شد“ پ، ر، ن، ب، س ۾ ”ور اول“ جي جاءِ تي ”در اول“ آهي. گمان غالب آهي ته ”در اول“ ۾ ڪاتبن جي غلطي سبب ”ر“ کي ”و“ بنايو ويو آهي ۽ صحيح صورتخطي ”در ارل“ هئڻ گهرجي، يعني ”ارل ۾“. اهو بلڪل قرين قياس آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌونديءَ جو پاڻي ارل يا اڙل کي ڀري ٿو، (ن-ب)
(1)  اصل لفظ: بودهيـہ
(2)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، جا شايد پ مطابق آهي. مگر ر، م، ن جي پڙهڻي هت توڙي اڳتي ”کوتل“ آهي ۽ اسان اها اختيار ڪئي آهي. ڪوتل غالباً سنسڪرت لفظ ”ڪـُـتـُـوهـَـل“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. سنسڪرت ۾ ”ڪتوهل“ ماڻهو جي نالي طور به ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ اٿس عجيب، نامور يا دلچسپ، (ن-ب)
(3)  اصل عبارت: برلب اَب کنبـہ.
(1)  اصل لفظ ”راوتان“ جنهن جو ترجمو ”راءَ زادن“ ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(2)  ر، م: نيلهان، س: بدهان.
(1)  فارسي متن ۾: ”کوتک“: ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]120[ (ن- ب)
(2)  ر: بدهيہ
(3) -(3)  متن ۾ هي عبارت نهايت منجهيل ۽ ناقص آهي.  ترجمو فارسي متن ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي مطابق ڏنو ويو آهي، جا هن طرح آهي: ”که رانگان بودهيه از نسل اوانڊ، و اصل ايشان اکر از کداره کنک که اود دند وهار گويند آمده بود.“ ب، ن، م، ح جي پڙهڻي ”رانگان“ جي بدران ”راز کان“ آهي. ”اکر از“ ر، م مطابق آهي. مگر پ، ڪ، م ۾ ”اکر اره“ ، ن، ب ۾ ”اکرازه“ ۽ س ۾ ”اگرازه“ آهي. (ن-ب)
(4)  پ: بهبين: ر: بيهن يا پهن، م: پهن ن، ب، ح: بهيسي. اسان جي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار ڪ تي آهي. (ن-ب)
(5) هن جاءِ تي ۽ وري صفحي ] 121[ تي فارسي ڇاپي ۾ ”جتان“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي ٻنهي جاين تي ن، ب جي پڙهڻي صاف طور ”چنان“ آهي. س جي پڙهڻي هت ”جنان“ ۽ ص ] 21[ تي م جي پڙهڻي به ”جنان“ آهي، جنهن مان پڻ ”چنان“ جو گمان نڪري ٿو. تحفة الڪرام (ج 3 ص 15) ۾ به ڄاڻايل آهي ته هي ڪاڪو ذات جو چنو هو. انهيءَ لحاظ سان اسان ”چنان“ واري پڙهڻي کي ”جتان“ تي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
(1)  يعني رات گذري ڏينهن ٿيو، (مترجم)
(2)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)
(3)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)
(1)  فارسي متن ۾ ”جتان“ يعني جتن، ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]121[. (ن-ب)
(1)  اصل عبارت: جامد هندوي ابريشم وحرير.
(2)  اصل ۾: سمني.
(3)  هيءُ لفظ مبهم آهي ڏسو مٿي حاشيه 107 ص ]107[. (ن-ب)
(4)  ن، ب، ح: قندائيل، پ، ڪ: قندهائيل، ر، م،: قندهالہ
(1)  ب: بهطلور، ڪ: بهطور.
(2)  اصل عبارت: يکهزار درم سنگ فقره.
(3)  سڀني نسخن ۾ ”عبدالقيس“ آهي، مگر اسلام بعد هڪ مسلمان جو نالو عبدالقيس هجڻ غيرممڪن آهي. البته ”عبدالقيس“ بطور هڪ قبيله جي نالي جي مشهور هو، مگر هن جاءِ تي ماڻهوءَ جو نالو آهي، جو ”آل جارود“ (جارود جي اولاد) واري قبيلي مان هو. انهيءَ ڪري هن نالي ۾ غلطي آهي ۽ هن شخص جو صحيح نالو غالباَ عبد ]الملڪ بن[ القيس آهي جنهن جو ذڪر مٿي ص ]99[ ۽ ]123[ تي اچي چڪو آهي، ۽ جو محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ موجود هو. (ن-ب)
(1)  اصل ۾: ڪوه نيرون.
(1)  اصل عبارت: برلب سيحون. اسان ”سيحون“ جي لغوي معنيٰ ورتي آهي جو (ساح، سـَـيحـاً ۽ سـَـيحانا) مصدرن مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”پاڻي جي زمين تي وهڪ“. (ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي ”راور“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، مگر ايڊيٽر حاشيي ۾ ڄاڻايو آهي ته اها سندس پنهنجي گماني پڙهڻي آهي، (ڏسو فارسي ڇاپو ص 125، حاشيه 9). مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ر، م: بغرور، ن: اغرور، ب، ح، س، ڪ: اعرور: پ: مرور. اسان ”بغرور“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 125[. (ن-ب)
(3) -(3)  فارسي متن جي عبارت هن طرح آهي: ”و اَن حصار راور (که) در تمليک داهر راي بوَد“. هن عبارت ۾  ”حصار راور“ جي پڙهڻي فقط پ مطابق آهي، ٻين جملي نسخن،م،  ر، ن، ب، س، ڪ، جي متفق پڙهڻي ”درالور“ آهي ۽ انهيءَ ڪري وڌيڪ معتبر سمجهڻ گهرجي. انهيءَ پڙهڻيءَ مطابق اصل عبارت هن طرح بيهندي: ”و اَن حصار، درالور در تمليک داهري راي بود“. اها عبارت تاريخي سياق ۽ سباق خواه جاگرافيائي اعتبار کان بالڪل صحيح آهي ۽ ترجبو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(4)  اصل ۾: کوه نيرون
(1)  اَقـِـمِ الصـَـلوة لـِـدُ لـُـوکِ الشـَـمس اِلي غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجرَ اِن قـُـرآنَ الفجرَ کـَـان مـَـشهوداً: سج لڙڻ کان رات جي اونداهي ٿيڻ تائين نماز قائم ڪر ۽ پڻ فجر جي قرآن پڙهڻ جو پابند رهه، ڇاڪاڻ ته فجر جو قرآن ٻڌو وڃي ٿو. (مترجم)- سوره بني اسرائيل، رڪوع 8 (ن-ب)
(2)  آل عمران: رڪوع-8 (ن-ب)
(1) -(1)   اصل عبارت: ”در برجوي که جزيره کنبها است“. فاضل ايڊيٽر ”کنبها“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي جا پڻ ن جي پڙهڻي آهي. مگر پ ۾ کبها آهي ۽ ر، م جي پڙهڻي ”کشتيها“ آهي اسان ر، م جي پڙهڻي جي آڌار تي ”کشها“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]126[. (ن-ب)
(2)  اصل ۾: بيت
(3)  اصل ۾: بساهي راسل. پ: بشامي راسل.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :23
محمد بن قاسم وٽ، حجاج بن يوسف جو خط پهچڻ

بسم الله الرَحمانِ الرَحيم: پياري فرزند ڪريم عماد الدين محمد بن قاسم جو- شال خدا تعاليٰ سندس عزت برقرار رکي. قسمين قسمين تڪليفن ۽ طرحين طرحين تعظيمن سان سينگاريل خط پهتو، ۽ جيڪي حالات ان ۾ لکيل هئا، سي سڀ معلوم ٿيا. اي پٽ! آخر آهي ڇا؟ توکي ٿيو ڇا آهي جو پنهنجي تدبير، عقل ۽ سمجهه ڪم نٿو آڻين؟ اي ڪاش! تون لڙائيءَ ۾ مشرق جي سڀني بادشاهن کي مغلوب ڪرين، ۽ سڀني ڪافرن جي گهرن کي برباد ڪرين! تون هن ڪم تي غالب پوڻ کان ڇو عاجز آهين؟ ۽ دشمن جي شر سان ڇو نٿو پڄي پورو اچين؟ اميد آهي ته سندس رٿ دفع ٿي ويندي. هو لشڪر اسلام جي مدافعت جي رٿ رٿڻ ٿو چاهي. تون دل مضبوط ڪر ۽ جنهن حد تائين مال خرچ ڪري سگهين ڪر، ۽ سندس مخالفن جي حق ۾ تمام گهڻو انعام ۽ بخشش] 127[ خرچ ڪر. جيڪو به ڪا جاگير يا ملڪ گهري ته ان کي نااميد نه ڪر، بلڪ سندس عرض قبول ڪري، کيس پنهنجي فرمانن ۽ امن نامي سان دلجاءِ ڏي. ڇاڪاڻ ته بادشاهي وٺڻ جا چار طريقا آهن: پهريون صلح، همدردي، چشم پوشي، ۽ سڱابندي، ٻيو پئسو خرچڻ ۽ انعام ڏيڻ، ٽيون دشمنن جي مخالفت کي پوريءَ طرح سمجهڻ ۽ مخالفن جو مزاج معلوم ڪرڻ، چوٿون رعب، هيبت، دليري، قوت ۽ دٻدٻو. ]هر طرح سان[ انهن دشمنن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. (ننڍا ننڍا) بادشاهه جيڪو به عرض ڪن ته (انهن کي) پڪي انجام نامي سان دلجاءِ ڏي. جڏهن خدمت ۾ حاضرٿي پاڻ تي ڍل مقرر ڪن، ته پوءِ جيڪي به ڏوڪڙ يا سامان خزاني ۾ پهچائين، سو وٺندو رهه. سڀنيءَ کي تسلي ڏيندو رهه. جيڪڏهن ڪنهن کي قاصد ڪري موڪلڻ گهرين ته پوءِ ضروري آهي ته سندس عقل، مذهب، دورانديشي ۽ امانت تي توکي اعتماد هجي. ائين نه ٿئي ته سندس ڳالهائڻ ۽ وڃڻ ڪري اسلام کي ڪوبه نقصان پهچي. پاڻ کي دشمنن جي اوچتي حملي، حيلن، آفت، ٺڳيءَ ۽ مڪر کان حفاظت ۾ رکج. ضروري ڪمن جي پوئيواري ۾ دورانديشي ۽ هوشياريءَ جا شرط بجا آڻج، ۽ ڏاهر کان خبردار رهج، جيڪڏهين ڪو (پنهنجو) معتمد يا معتقد موڪلين (1) ته انهيءَ کي وصيت ڪج ته هن جي ميل جول ۽ همنشينيءَ کان بيخيالو نه ٿئي، ۽ ان کي خير خواهيءَ جو شرط کولي ٻڌائج ته جيڪڏهن پيغام پهچائڻ لاءِ راجا جي روبرو ويهي ته هن کي سڀني مکيه ماڻهن ۽ محفل جي بزرگن جي سامهون بيڊپائيءَ سان پيغام پهچائي. سندس جواب چڱيءَ طرح ٻڌڻ گهرجيس، ۽ ٻي ڪابه نرمي ۽ چشم پوشي نه ڪرڻ گهرجيس. قاصدن جي همت سهڻن واعدن سان وڌائج، (۽ کين ٻڌائج) ته: توهان ساري اسلامي لشڪر جا امام ۽ پيشوا آهيو، ۽ سڀني جون اميدون توهان جي گفتگو سان وابسته آهن، تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته پيغام پوريءَ طرح ادا ڪريو. مسلمانن جو قاصد، پاڪ مذهب ]وارو[ هئڻ گهرجي، ]128[ جيئن سخن دٻدٻي سان ۽ بنان گهٽ وڌائيءَ جي ادا ڪري. مخالفن کي توحيد تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏج، ]۽ انهن کي ٻڌائج[ ته جيڪو الله جي هيڪڙائيءَ کي مڃي، تابعداري ڪندو ته انهيءَ کي مال، شهر، زمين ۽ ٻني عطا ڪئي ويندي، ۽ جيڪو اسلام جي آڏو سر نه جهڪائي ته انهيءَ کي ڪو دڙڪو ڏج، جيئن هو فرمانبردار رهي. جيڪڏهن ]انهيءَ هوندي به[ اطاعت کان سرڪشي ڪري ته پوءِ کيس ]صاف[ ٻڌائج ته جنهن صورت ۾ اطاعت کان منهن موڙيو اٿيئي تنهن صورت ۾ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيءُ. پر کين مهراڻ نديءَ جي ٽپڻ جو اختيار نه ڏج، ]بلڪ[ چئج ته: جيڪڏهن توهان تيار آهيو ته پوءِ ]توهان کي[ ڪابه روڪ ناهي، پر جيئن ته اسان هيڏو رستو طئي ڪري آيا آهيون، تنهن ڪري اسان کي ئي مهراڻ ٽپڻو ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي مقابلي ۾ اچڻو آهي، ته جيئن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ شڪ شبهي ۽ خار جي مجال نه رهي. جنهن به جاءِ تي دشمن جي سامهون ٿيو، اها جاءِ کليل ميدان هئڻ گهرجي، جيئن جاءِ جي ميدان ۾ مرد مرد ۽ سوار سوار جي برابر جولان ڏيئي سگهي. انهيءَ سڀ ڪجهه هوندي به جڏهن جنگ جوٽين، تڏهن الله پاڪ جي ڪرم تي توڪل رکج، ۽ (انهيءَ جي) مضبوط ڪڙي ۾ هٿ هڻج، ۽ ڏسج، ته قضا ۽ تقدير انهيءَ غيب جي پردي مان ڇا ٿي پيدا ڪري، ۽ اُتان ڪهڙيءَ پارٽيءَ جي بادشاهيءَ جي ختم ٿيڻ جو حڪم جاري ٿو ٿئي. ۽ جيڪڏهن هو  پيغام موڪلين ۽ چون ته مهراڻ جي پاڻيءَ مان تون ٿو لنگهين يا اسان لنگهون؟ ته انهن کي اختيار نه ڏج، بلڪ چئج ته مان ٽپي ٿو اچان، ته تنهنجو رعب ۽ هيبت دشمن جي دل تي اثر ڪري، ۽ چون جيڪڏهن اسلام جي لشڪر کي قوت ۽ طاقت نه هجي ها ته ائين اسان جي سامهون نه اچي ها!

ٻيو ته عرب جي لشڪر جي جيڪا جماعت تنهنجي تابعداريءَ ۾ آهي اميد آهي ته اُهي موٽي نه ويندا ۽ لڙائي کان منهن نه ڦيرائيندا، بلڪ جند جان جي بازي لڙائيندا، ۽ خدا تعاليٰ تي توڪل رکي جنگ شوق سان ڪندا ۽ ثابت قدم رهندا، ۽ لڙائي خواهه تنهنجي اطاعت ۾ سندن نيت سچي رهندي، جيئن الله پاڪ عزوجل جو رضامندو حاصل ڪري سگهن. ]129[ درياءُ ٽپڻ لاءِ اهڙي جڳهه اختيار ڪج، جتي پير کوڙي سگهين ۽ سنئون سڌو لنگهه هجي. (پوءِ) جاچ جوچ ڪري اتان لنگهجو، ۽ دورانديشي ۽ خبرداريءَ کي هٿان نــه ڇڏج. لنگهــڻ وقت لشڪر کـــي تيار رکـــج، ۽ ]لشڪر جو[ مــيمنه (سڄو)، مـَـيسرَه (کٻو)، قلب (وچ)، مقدمه (اڳ) ۽ ساقه (پڇاڙي) سڌو رکج، ۽ پيادن ۽ اڪيلن کي اڳواٽ موڪلج. ڪنهن به برگستوانيءَ (1) کي وچ ۾ نه رکج.

حجاج جو خط پهتو ته محمد بن قاسم درياءُ ٽپڻ جي تدبير ڪرڻ لڳو، ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائين.

محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ ۾ پهچڻ جي

ڏاهر کي خبر پوڻ(2)

اتي راجا ڏاهر هند جي دانائن ۽ پنهنجي فيلسوفن ۽ نجومين کان پڇيو ته: ”هينئر خبر ٻڌي ويئي آهي ته ]محمد بن[ قاسم ظاهر ٿيو آهي، ۽ قلعي نيرون جي قريب زبردست لشڪر سان لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو بيٺو آهي. (ٻڌايو ته) توهان کي نجوم ۽ تاريخن جي ڪتاب مان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ ۽ وقت جي ستاري ۽ سال جي تقويم مان ڇا ٿو نڪري؟“ نجومين تعريف، وصف ۽ ثنا کان پوءِ عرض ڪيو ته: ”راجا سلامت رهي! گذريل تاريخ  جي پراڻن ڪتابن ۽ جاماسپ حڪيم جي نجوم مان ائين معلوم ٿيو آهي ته سن 92 هجريءَ ۾ نيرون جو قلعو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو ۽ سن 93 هجري ۾ پورو هندستان. هيءَ قلعا جيڪي سڪندر جي ٻنڌ کان به وڌيڪ مضبوط آهن، مسلمانن جي ملڪيت ٿيندا، ۽ اها فتح محمد بن قاسم جي هٿان ٿيندي ۽ اهو واعدو پورو ٿيندو. پوءِ راجا ڏاهر ]130[  ڀنڊر ڪو شمني(1) کي، جنهن جي سنڀال ۾ نيرون جو قلعو هو، موڪليو ۽ چيو ته: توکي نيرون ڪوٽ ۾ وڃي انهن جي احوال کان اسان کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. شمني انهيءَ اشاري تي نيرون ڪوٽ آيو ۽ پنج سردار ساڻ ڪري حجاج جا پروانا پاڻ سان کڻي عربن جي ڪئمپ ۾ محمد بن قاسم وٽ ويو. نـُـباتـہ ]بن[ حـَـنظـَـلـَـہ سندن وچان ٿيو. جڏهن درخواست ۾ نذرانو پيش ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم فرمايو ته: ”هن پرواني جي حڪم جي پيروي ڪرڻي اٿم، پر تو لشڪر جي پهچڻ وقت دروازو بند ڪيو هو، جنهن اسان تي وڏو اثر ڪيو. جڏهين توهان تابعداري ٿا ڪريو ته پوءِ قلعي جا دروازا بند ڪرڻ ۽ لشڪر کي روڪڻ چڱو ڪم نه هو، جو انهيءَ ڪري لشڪر ۾ اناج اڻلڀ ٿي ويو هو.“ اتي شمني معذرت ڪرڻ لڳو ته: جنهن صورت ۾ اسان جي ڪاروبار جون مصلحتون راجا ڏاهر سان تعلق رکن ٿيون ۽ مان هتي حاضر ڪونه هئس، تنهن ڪري توهان جي پهچڻ تي رعيت فڪرمند  ٿي ۽ ڊني ته متان موٽڻ وقت قلعي وارن کي ڪو نقصان پهچايو. هاڻي جڏهن آءٌ خدمت ۾ پهتو آهيان ته فرمانبرداري ۽ اخلاص جو رستو بجا آڻيندو رهندس، ۽ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي انهيءَ موجب عمل ڪندس.

محمد بن قاسم جي نيرون جي شمني کي

خلعت پهرائڻ

پوءِ محمد بن قاسم کيس سروپا پهرائي عزت افزائي ڪئي، ۽ مٿس گهڻيون مهربانيون فرمائي کيس واپس ڪيو. شمني موٽي وڃي قلعي جو دروازو کولي، تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون ۽  سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾ ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جي بادشاهه جو جهنڊو لاَجوَردي ڇت تي لهرائڻ لڳو(1) ته محمد بن قاسم گهوڙي  تي سوار ٿي مکيه ماڻهن ۽ برگزيدن سان گڏجي قلعي ۾ آيو، ۽ بتڪده جي جاءِ تي مسجد ٺهرائي، انهيءَ ۾ ٻه رڪعتون  نفل پڙهيائين. (تنهن کان پوءِ) ذُهل جي قبيلي ۽ اهل بصره مان هڪ ماڻهو اتي] 131[ نائب مقرر ڪيائين.(2)

پوءِ اتان منزل ڪوچ ڪيائين ۽ مهراڻ ندي ٽپڻ لاءِ شمن کي به پاڻ سان کنيائين. ]ايتري ۾[ شمني راسل رسني(1) جي بزرگن ۽ ڀـَـٽـِـين جي ڪن معززن حاضر ٿي آمان گهري، انهن کي جهڙيءَ طرح حجاج حڪم جاري ڪيو هو، جواب ڏيئي انجام پڪو ڪري، اشبهار جي قلعي تي (ڪاهي) ويو، ۽ محرم سنه 93 هجريءَ (2) ۾ انهيءَ قلعي جي آسپاس وڃي لٿو. اهو هڪ مضبوط قلعو ڏسڻ ۾ آيس. قلعي وارن لڙائيءَ جي تياري ڪري هڪ وڏي کاهي تيار ڪئي هئي، ۽ قلعي جي الهندي وارن جتن ۽ ڳوٺاڻن کي قلعي ۾ آندو هئائون. محمد بن قاسم جنگ شروع ڪئي. هڪ هفتو بيهڪ ڪري مقابلو ڪيائون، پر پوءِ اَمان گهري فرمانبرداري هيٺ آيا، ۽ پنهنجي گردن ۾ بندگيءَ جو طوق وڌائون. محمد بن قاسم، حجاج جي پرواني موجب انهن کي اَمان ڏني، ۽ جيڪي ماڻهو سندس فرمانبرداريءَ ۾ آيا تن] پنهنجي مٿان[ ڍل قبول ڪري، قلعي جو دروازو کولي ڇڏيو. محمد بن قاسم پنهنجي امينن سان گڏ اندر آيو، ۽ ڪنجي پنهنجن سچن اعتبار وارن ۽ تمام پڪن معتقدن جي حوالي ڪيائين، انهيءَ جاءِ جي حڪومت تي هڪ ايماندار (ماڻهو) مقرر ڪري انهيءَ قلعي جي فتح بابت حجاج ڏانهن لکيائين. (هي به لکيائين) ته انهن بهادر جتن کي اَمان ڏني اٿس، ۽ کيس (اُتي ٿيل) قتل ۽ خونريزيءَ جو (پڻ) اطلاع ڪيائين. انهيءَ قلعي ۾ ڳپل وقت ترسي، نائب مقرر ڪري، پاڻ راوڙ جي حد ۾ مهراڻ جي الهندي ڪناري تي اچي لٿو.]132[

مهراڻ جي ڪناري واري منزل تي محمد بن قاسم

جي لڙائي ڪرڻ

پوءِ جيئن محمد بن قاسم، مهراڻ جي پتڻ تي اچي لٿو، (1)  ته ٻيٽ جي حاڪم جاهين ساڻس جنگ جوٽي(1).

روايت: (2) تاريخ جي مصنفن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم جي راوڙ ۽ جيور جي حد ۾ پهچڻ جي خبر ڏاهر کي پهتي ۽ پڇيائين ته: عرب ڪٿي پهتا آهن؟ ۽ ٻڌايائونس ته جيورَ جي حد ۾ داخل ٿيا آهن. تڏهن چيائين ته: ”عربن جو چڱو غلبو ٿيو آهي، ۽ بخت ضرور سندن همراهه آهي.“ پوءِ محمد بن قاسم موڪي پٽ وسايي (3) ڏانهن قاصد موڪليو ته وجورته(4) قصبي وارو ملڪ توکي جاگير طور ڏجي ٿو ۽ انهيءَ ملڪ تي تنهنجو قبضو تسليم ڪيو وڃي ٿو.

موڪي ]پٽ[ وسايي جي عهدنامي جي خبر

ڏاهر کي پوڻ

پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ ڏاهر کي وڃي خبر ٻڌائي ته موڪي ]پٽ[ وسايي، محمد بن قاسم جي بيعت ڪئي آهي، ۽ قاصد موڪلي ]هڪٻئي[ سان عهدنامو ڪيو اٿن، ۽ قاصدن هٿ محمد بن قاسم ڏانهن جواب موڪليو اٿس ته: ”جيڪي تو فرمايو هو، سو صحيح معلوم ٿيو ۽ اسان تي جيڪا عنايت ڪئي اٿوَ، ان جو ٿورو مڃون ٿا. توهان جيڪي به واعدا فرمايا آهن، انهن جا اسان دل و جان سان شائق آهيون، ۽ توهان جي فرمانبرداري ڪرڻ ڏانهن دل تمام مائل آهي، توهان جي خوشي سڀني ڪمن کان مقدم رکنداسون، ۽ ]جيڪڏهن[ ڪو بهانو پيدا ٿيو ته ]پوءِ[ حڪم جو تابعدار رهڻ لازمي ڄاڻنداسون. پر جن بادشاهن جي نمڪ جو حق ]اسان جهڙن[ خدمتگارن جي گردن تي لازم آهي، تن سان عهد ڀڃڻ ۽ بيوفائي ڪرڻ ]133[ اهڙو گناهه ۽ خيانت آهي جو دورانديشي ۽ امانت کان دور آهي، ۽ جيستائين هن جي طاقت کان اهڙو ڪو خوف پيدا نه ٿئي جو نفس ۽ جان لاءِ خطرو هجي، تيستائين امانت ۽ دورانديشي ڇڏي ڏيڻ اڻوڻندڙ طريقو آهي.

(ملڪ موڪ ]پٽ[ وسايي جي درخواست:) پڻ سنڌ جو ملڪ اسان جو وطن آهي، ۽ اسان جن پيئن ڏاڏن جو ورثو ۽ ڪمائي. راجا ڏاهر سان اسان جي قرابت آهي، ۽ هو هندستان جي راجائن جو راجا آهي. هو جيتري به بلند درجي کي پهچندو ته انهيءَ مان اسان کي به وڏو نصيب ۽ مڪمل حصو ملندو. ]هن سان[ هر حال، رنج خواهه راحت ۾ موافقت جا شرط بجا آڻڻ اسان تي لازم ۽ ثابت آهن. ڏک ۽ سک ۾ برابر، ۽ ملڪ ۾ ڀائيوار آهيون. پر عقل جي طريقي ائين معلوم ٿو ٿئي، ۽ حڪمت جي دلين مان اهڙيءَ طرح عيان آهي، ته هيءَ حڪومت اسان کان نڪري ٻئي جي حوالي ٿيندي.

موڪي ]پٽ[ وسايي جو ]محمد بن قاسم سان[ عهدنامو ڪرڻ

”سنڌ جا حڪيم ۽ هندستان جا فيلسوف جيڪي هن ملڪ جا رهاڪو  آهن، تن اصطرلاب ۽ نجوم جي ذريعي قديم ڪتابن مان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته هن بادشاهيءَ کي اسلام جو لشڪر فتح ڪري قبضي هيٺ آڻيندو. جنهن ماڻهوءَ جو بخت مددگار ٿيندو آهي ۽ ڪاميابي همراه، ۽ ]پڻ[ هو دورانديشي ۽ همت وارو هوندو آهي، ته جو واقعو پيدا ٿيندو تنهن مان هو تجربو پرائيندو ۽ وڌيڪ هوشيار ٿيندو ويندو آهي، جيئن ڇوٽڪاري جو رستو کانئس بلڪل نه رهي. ائين نه ٿئي جو جڏهن موقعو ۽ وقت نڪري وڃي تڏهن کيس اها تڪليف پهچي. تو جنهن صورت ۾ مون سان صلاح ڪئي آهي ۽ اسان جي طـــرف جي رعايـــت ڪرڻ واجب سمجهي اٿيئي ته ]اُها توهان جي[ امانت آهي، ۽ مان جيڪڏهن جواب با صواب نه ڏيندس ته مخالفت ٿيندي، ۽ جيڪڏهن مان خود راءِ ٿي جنگ ۽ لڙائيءَ کان سواءِ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس ته دشمنن جي ملامت ۽ خاندان جي بدنامي] 134[ جو باعث ٿيندس. ]تنهن ڪري صلاح هي آهي[ ته (1) هينئر ساڪري جي راڻي سان نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ جي بهاني سان وڃڻ ٿئي ٿو (1). امير محمد بن قاسم، شال سندس مرتبو قائم رهي، هزار سوارن کي حڪم ڪري ته فلاڻي رستي تي وڃي مون کي رستي مان پڪڙي، اچي خدمت ۾ حاضر ڪن، ته مون کي به بهانو ملي وڃي، ۽ خلق جي واتن ۾ گلا به نه ٿئي ته هن بيوفائي ڪئي، ۽ ڏاهر کي پڻ بدگماني نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ]ته ڏسندو ته[ مون کي مجبور ڪري زبردستيءَ سان وٺي ويا.“

موڪي ]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ بن حنظلـة کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل گهوڙيسوارن سان موڪي ]پٽ[ وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[ موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي رسيو.

(1)  اصل متن ۾ هيءُ لفظ ”بفرستد“ آهي جو واحد غائب جو صيغو آهي. ۽ سندس ضمير ڏاهر ڏانهن وري ٿو، پر ائين ڪرڻ سان سڄي جملي جي معنيٰ ۾ خلل پيدا ٿي ٿو پوي. اسان جي خيال ۾”بفرستد“ لفظ ”بفرستي“ جي بگڙيل صورتخطي آهي، ۽ اسان ترجمي ۾ ”بفرستي“ خيال ۾ رکي، ترجمو ڪيو آهي. (مترجم)
(1)  معنيٰ لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 99[
(2)  هن باب جي مضمون مان اول اهو گمان ٿئي ٿو ته شايد ڏاهر کي محمد بن قاسم  جي نيرون وٽ اچڻ جي خبرئي تڏهن پيئي آهي، جڏهن هو سيوستان ۽ ٻڌيه جي پر ڳڻي کان ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو آهي. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي، بلڪ مصنف هت ۽ هن کان پوءِ نئين عنوان هيٺ اهي ساڳيون حقيقتون ورائي لکيون آهن، جيڪي هن کان اڳ صفحي ]116[ کان ]118[ تائين اچي چـڪيون آهن. ٻيهر لکڻ جو سبب فقط اهو آهي جو لکندڙ ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ جي هتان کان تمهيد ٻڌڻ چاهي ٿو. (ن- ب)
(1)  اصل ۾: سمني بهندرکو.
(1)  يعني سج اڀريو. (مترجم)
(2)  هن هنڌ تائين هن عنوان ۽ مٿئين عنوان هيٺ تقريباً اهو ساڳيو بيان ڏنو ويو آهي، جو هن کان اڳ ص ص ]8-116[ تي اچي چڪو آهي. هن بعد نئون بيان شروع ٿئي ٿو. (ن-ب)
(1)  ن، ب: راسل رسي، ر، م: راسد رسن: س: راهل رسي
(2)  مصنف مٿي ص ]102[ ۾ چئي آيو آهي ته محمد بن قاسم محرم 93 هجريءَ ۾ ديبل وٽ پهتو-ساڳئي مهيني ۽ سال ۾ ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ وغيره قلعا فتح ڪري اشبهار قلعي تي ڪاهڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري اُتي محرم سنه 94 هه هئڻ گهرجي يا محرم جي بدلي سنه 93 هه جو ڪو ٻيو مهينو. (ن-ب)
(1)-(1)  فارسي ڇاپي جي عبارت شروع کان هن طرح آهي: پس چون محمد بن قاسم بر معبر مهراڻ نزول کرد، وبا جاهين، ملک بيت جنگ پيوست“ هيءُ جملو ڄڻ اڻپورو آهي. ر ۾ جملي جو پهريون حصو هن طرح آهي: ”باوي چاهين، ملک بيت جنگ پيوست“ جو هڪ ته سڄي جملي جي لحاظ سان پورو آهي ٻيو ته اڳتي ايندڙ حقيقتن مطابق آهي، جيئن ص ] 145[ تي ٻڌايو ويو آهي ته ڏاهر، جاهين کي ئي محمد بن قاسم سان جنگ جوٽڻ جو حڪم ڏنو: ”و (داهر) جاهين رافرمود که برلب مهراڻ بموضعي که اَب راجائي عبره بود برابر حصار بيت بايست“ (ڏاهر جاهين کي ٻيٽ جي قلعي جي سامهون، جتي پاڻيءَ جو گهيرو هو، اتي مهراڻ جي ڪناري تي بيهڻ جو حڪم ڏنو). اسان ترجمو ر جي پڙهڻي مطابق ڪيو آهي. (ن- ب)
(2)  هي روايت ڄڻ معترضه آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم ۽ جاهين جي مقابلي کان اڳ جا حالات بيان ڪيا ويا آهن. انهيءَ لحاظ سان هن کان مٿئين جملي کي ڄڻ هڪ عنوان سمجهڻ گهرجي، جنهن جو خاص بيان اڳتي ايندو. (ن-ب)
(3)  فارسي متن ۾: موکـہ بن بسايہ. ر،م ۾ ”يسايہ“ جي بدران هر جڳهه ”پسايه“ آهي. (ن-ب)
(4)  هتي فارسي متن جي عبارت ”ولايت قصه و سورته“ (يعني سورٺ ۽ ڪڇ جي ولايت) آهي جا ايڊيٽر جي پنهنجي گماني پڙهڻي آهي. ر، م، ن، ب، س، ڪ ۾ ”ولايت قصبه و جورتـہ“ ۽ پ ۾ ”ولايت قصبه جورتـہ“ لکيل آهي. اسان پهرين پنجن نسخن جي متفقه پڙهڻي مطابق ”ولايت قصبه وجورتہ“ جي پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي ۽ ترجمو به انهيءَ مطابق ڪيو آهي. ”قصبه و جورتہ“ لاءِ وڌيڪ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 133[: (ن- ب)
(1)-(1)  فارسي ڇاپي جي عبارت ”اکنون به بهانـہ تزويج دختر رانـہ ساکرا رفتـہ مي شود“. ”رانہ ساکرا“ جي عوض مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: پ: رانـہ ساکرا، ر: راوساکرا، م: راوساکر  ن، ب، س: دخترانـہ ساکرا، ڪ: دخترانـ* ساکران.

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :24
موڪي ]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ بن حنظلـة کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل گهوڙيسوارن سان موڪي ]پٽ[ وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[ موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي رسيو.

نـُـباتہ بن حـَـنظـَـلـَة جو وڃڻ ۽ موڪي ]پٽ[ وسايي کي ٺڪرن سميت گرفتار ڪرڻ

پوءِ نـُـباتـہ بن حنظلـة پنهنجن سوارن ۽ ترجمان سان اچي رستو روڪيو، ۽ موڪو ]پٽ[ وسايو ويهن ٺـُـڪـُـرن ۽ لشڪر سميت گرفتار ٿيو. کيس جڏهن محمد بن قاسم جي سامهون آندائون، تڏهن امير ساڻس عزت ۽ تعظيم سان پيش آيو، ۽ ٻيٽ وارو ملڪ هن جي حڪم هيٺ ڏنائين، ۽ سندس عرض تي انهن ٽڪرن جو پروانو صحيح ڪري کيس عطا ڪيائين، پڻ لکين درهم انعام طور بخشش ڪري، سائو طائوسي ڇٽ، ڪرسي ۽ سروپا عطا ڪيائين. ]تنهن سان گڏ[ سندس سڀني ٺڪرن کي خلعتن، سنجيل گهوڙن ۽ گهڻن انعامن سان سرفراز ڪيائين.

تاريخ جا مصنف ۽ دنيا گهمندڙ] 135[ سيلاني هن طرح روايت ڪن ٿا ته: اميريءَ جو پهريون ڇٽ] محمد بن قاسم[ موڪي کي ڏنو هو، ۽ سندس عرض تي قصبه ]وجورته[ (1) واري ايراضي پڻ ملڪيت طور کيس ۽ سندس فرزندن جي حوالي ڪري، پروانو لکي ڏنائين. ۽ ٻيٽ جو پورو علائقو، پسگردائي ۽ آباديءَ سميت کيس ڏيئي پڪو عهدنامو ڪري، ٻيڙين مهيا ڪرڻ جي پارت ڪيائينس.

محمد بن قاسم جو شامي قاصد ۽ مولاي اسلام (1)

کي موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري، شام جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولاي اسلام ديبلي کي، جو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو ته: جيڪي شامي چوي سو ڏاهر ]بن[  چچ کي ۽ جيڪوڏاهر جواب ڏئي سو هن کي سمجهائج. پيغام ڏيڻ شروع ڪرين ته اهو درٻار ۾ مکيه ماڻهن جي مجلس ۾ ادا ڪج ۽ صاف لفظن ۾ جواب جي طلب ڪج، جيئن حجاج جي فرمان جي منڍ ۾ لکيل آهي.

شامي قاصد جو ڏاهر وٽ وڃڻ

جڏهن شامي قاصد ۽ ديبل جو مولاي اسلام ڏاهر وٽ ويا، تڏهن مولاي اسلام ديبليءَ مٿو نوڙائي خدمت بجا نه آندي. ڏاهر کيس سڃاڻندو هو، سو کيس چيائين ته: ”ڇا لاءِ قانون موجب خدمت جو شرط پورو نه ڪيئي؟ شايد توکي روڪيو اٿن؟“ مولاي اسلام جواب ڏنو ته: ”جڏهن مان توهان جي طريقي تي هئس، تڏهن بندگيءَ جا شرط بجا آڻڻ مون تي واجب هئا، ]136[ پر هاڻي جڏهن اسلام جي شرف سان مشرف ٿيو آهيان ۽ اسان جو تعلق اسلام جي بادشاهه سان قائم ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪافر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واجب نه آهي.“

ڏاهر جو ڊيڄارڻ

(اهو ٻڌي) ڏاهر چيو ته: ”جيڪڏهين تون قاصد نه هجين ها ته توکي سزا طور حڪم ڪري ڪهائي ڇڏيان ها.“ مولاي ديبلي فرمايو ته: ”جيڪڏهن تون اسان جي ڪــهڻ تــــي تيار آهين ته انهيءَ ڪري عربن جو نقصان ڪونه ٿيندو، ۽ خون جي]عوض[ گهرڻ لاءِ بدلو وٺندڙ موجود آهن، جيڪي توسان پڄي پورا ٿيندا.“

شاميءَ جو پيغام ادا ڪرڻ

پوءِ شاميءَ زبان کولي ته: ”اسان امير جي پاران توڏانهن قاصد ٿي آيا آهيون، ۽ اسان کي هيءُ پيغام تنهنجي حاڪمن ۽ راڻن جي روبرو ادا ڪرڻ جو حڪم آهي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”چئي ڏي، ڇاڪاڻ ته قاصد پنهنجي مخدوم جو پيغام پهچائيندڙ ۽ فرمان ادا ڪندڙ آهي.“ چيائين: ”امير محمد بن قاسم هن طرح فرمايو آهي ته تون مختار آهين، جيڪڏهن ]درياءُ[ لنگهي اچين ته رستو کليل آهي ۽ ڪابه روڪ نه آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ رستو کليل رکو ته عرب جو لشڪر درياءُ ٽپي توهان جي سامهون ٿئي.“

ڏاهر جي سياڪر وزير سان صلاح ڪرڻ

ڏاهر پوءِ سياڪر وزير سان صلاح ڪئي ته: هن باري ۾ تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ سياڪر وزير چيو ته: ”مون ڪيئي دفعا،جن جن ڳالهين ۾ صلاح ڏيڻ مناسب سمجهي ]137[ تن سڀني ڪمن ۾ راجا جي خير خواهي ۽ نصيحت ڪرڻ لازم ٿي ڄاتم، ۽ راجا کي انهيءَ جو اثر به معلوم ٿيو. مون جيڪا راءِ نصيحت طور پتڻ ٽپي لشڪر کي سامهون ٿيڻ جي ڏني هئي، تنهن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڪيئي، ۽ قبول نه فرمايئي. هاڻي جڏهن حالت تنگ ٿي آهي، ۽ هن سان لڙائي ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهين، تڏهن ڇڏ ته سندس سارو لشڪر هن طرف ٽپي اچي، ۽ ٻئي لشڪر سامهون ٿين. هن طرف جو ملڪ تنهنجي هٿ ۾ آهي، شهر ۽ خزانا تنهنجي ضابطي ۽ قبضي هيٺ آهن. اناج، هٿيار، سامان ۽ لڙائيءَ جو اسباب موجود آهي. ]ٻئي طرف[  هن جي مدد ڪپجي ويندي، جنهن صورت ۾ سندن پويان مهراڻ جو پاڻي هوندو، تنهن صورت ۾ ڪوبه واهرو کين پهچي نه سگهندو، ۽ هو قيدين وانگر تنهنجي هٿ ۾ عاجز ٿيندا، ۽ مٿن حيلي جا سڀ دروازا بند رهندا. انهيءَ ڪري جنگ جو سامان، گهوڙا، هاٿي، لشڪر ۽ نوڪر چاڪر سڀ تنهنجي قبضي ۾ ايندا.“

پوءِ هڪ عـِـلافي، جو ]اصل[ شام جي لشڪر مان هو ۽ ]سنڌ ۾[ عرب جي لشڪر جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن گناهه سبب روپوش ٿي اچي راجا ڏاهر جي خدمت ۾ پهتو هو ۽ ساڻس تعلق پيدا ڪيو هئائين، تنهن کي ]راجا ڏاهر[ سڏي هن رٿ بابت صلاح ڪئي، ۽ چيائين ته: ”اي محمد! سياڪر وزير هيءَ تقرير ڪئي آهي، اها توکي پوري ڏسڻ ۾ اچي ٿي يا نه؟“ محمد علافيءَ چيو ته:

لاَتـُـقــــيـِـــمـَـن بـِـدَار لاَ انـِـتـَـــــــــفـَـــــاعَ بـِــــهاَ

فـَــــــــــالاَرضُ وَاسـِــــعـَـة وَالرزق مـَـبسوُط.

]نفعو جنهن نه گهر ۾، نه ٽڪ تنهن ۾ تون،

گهڻو رزق جـــــڳ ۾ زميـــــن پـــــڻ وسيع. [

هيءَ راءِ، ته هنن جي لشڪر کي هن طرف ٽپي اچڻ ڏجي، پوري نه آهي، مان انهيءَ سان شامل راءِ نه آهيان. ڇاڪاڻ ته هن جو لشڪر زبردست آهي. جنگي سوار ۽ ناليرا ]138[ مرد پنهنجي ننگ ناموس جي واسطي بيهي رهندا، ۽ خدا تعاليٰ جي خوشيءَ لاءِ الله جي واٽ ۾ پنهنجو نفس ۽ جان قربان ڪندا. جيئن ته هو الله جي ڪرم جي پناهه وٺي ]هيءُ خيال ڪندا[ ته هـِـن جهاد ۽ شهادت جي سبب دائمي جهان ڏانهن پهچنداسون، ته پوءِ هو تيستائين نه ڪـُـسندا، جيستائين اسان مان ٻيڻا ٽيڻا نه ڪهندا، ۽ جڏهن جنگ ڏانهن منهن ڪندا ته پوءِ تيستائين سندن موٽڻ ۽ منهن ڦيرائڻ ڏکيو آهي، جيستائين سڀئي خونخوار ترار جو کاڄ نه ٿيندا ۽ هو جڏهن هن طرف لنگهي، ملڪ جي دامن ۾ هٿ هڻي، بادشاهيءَ ۾ ڀائيوار ٿيا تڏهين وڏو فتنو پيدا ٿيندو ۽ سندن طاقت ۽ دٻدٻو هر روز وڌندو ويندو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو گهڻو لشڪر ۽ رعيت هن جي ڦرلٽ کان امان گهرندا ۽ پنهنجي حياتيءَ جي بچاءَ لاءِ ساڻس همراهه ٿيندا، ۽ کيس پناهه جي جاءِ سمجهڻ لڳندا. انهيءَ ڪري صلاح هيءَ آهي ته کين الهندي ڪناري تي روڪي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته هنن ۽ اسان جي وچ ۾ مهراڻ آهي ۽ سندن ڪنهن به طرح ٽپي اچڻ ۾ اسان لاءِ مصلحت نه سمجهڻ گهرجي. ٻيڙين جي ملاحن ۽ جهنگ جي جتن کي انهن تي بڇج ته گاهه، اناج، ڪاٺين ۽ ڍڳن جا، جي لشڪر لاءِ ضروري آهن، رستا روڪين ۽ بند ڪن ۽ جيڪو به لشڪر کان ڌار ٿئي تنهن کي تڪليف رسائين، جيئن تنگ ٿي ڪي بک جي وگهي نابود ٿين، ته ڪي اگهاڙپ ۽ اڻهوند کان (لاچار ٿي) ڀڄي وڃن، ۽ گهوڙا بنا گاهه، ۽ سوار بنا خرچ جي لاچار ٿي ٽڙي پکڙي وڃن، ۽ تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري سگهن. جڏهن سندن لشڪر پريشان ۽ منتشر ٿيندو ته پوءِ هو تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه ڦرلٽ نه ڪري سگهندا ۽ تون آسودو رهندين.“ ]139[

علافيءَ جي ڏاهر کي نصيحت ڪرڻ

(روايت): هن ڳالهه جي راويءَ چيو ته: مان انهيءَ مجلس ۾ بيٺلن مان هڪڙو هئس ۽ مون کي ويهڻ جو حڪم ڏنائين. علافيءَ جيڪي صلاحون ڏنيون ۽ نصيحت طور ڏاهر جي روبرو بيان ڪيون، سي مون ٻڌيون ۽ سمجهيون. پوءِ ڏاهر چيو: ”تنهنجي دل مان جيڪا به صلاح پيدا ٿيندي ساعين نصيحت ۽ خير خواهي آهي. پر منهنجي راءِ جي تقاضا آهي ته کيس ڇـُـوٽ ڇڏيان، متان اسان کي عاجز سمجهي خيال ڪري ته (هاڻي) هيڻو ٿيو آهي.“

راجا ڏاهر جو پيغام

پوءِ (هيئن) چئي شامي قاصد کي واپس ڪيائين: ”موٽي وڃي پنهنجي امير کي چيو ته (درياءُ) ٽپڻ ۾ توکي ڇـُـوٽ ڇڏيو ٿو وڃي. اسان تنهنجي جنگ لاءِ تيار ويٺا آهيون: تون لنگهي اچ، نه ته اسين ٿا لنگهي اچون.“

محمد بن قاسم جي قاصد جو ڏاهر وٽان واپس اچڻ

پوءِ قاصد، محمد بن قاسم جي خدمت ۾ موٽي آيا ۽ جيڪو پيغام راجا ڏاهر موڪليو هو، سو ظاهر ڪيائون. محمد بن قاسم چيو ته: الله ذوالجلال بي زوال جي تائيد سان آءٌ مهراڻ ٽپڻ اختيار ڪندس. پوءِ خدا عـَـزوَجـَـل کي ياد ڪري کانئس مدد گهري منزل پـَـٽيائين. نيٺ امير، ساري لشڪر سميت، مهراڻ جي الهندي ڪناري تي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لهي منزل ڪئي، ۽ موڪي ]پٽ[ وسايي کي سڏي، اعتماد جوڳا ايماندار ماڻهو انهيءَ سان گڏ مقرر ڪيائين، ]۽ چيائين[ ته ”ڪا درياءَ ٽپڻ جهڙي جاءِ ڳولين]140[ ۽ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون پڻ موجود ڪن، جيئن اسين ٽپي وڃون. ]پر وري خيال ڪيائين[ ته ممڪن آهي ته هيءُ مهراڻ جو پاڻي ٽپڻ ۾ ڏکيو هجي ۽ اسان لنگهي نه سگهون. ]ٻئي طرف کان [ دشمن جو ڊپ ]پڻ[ آهي، جو درياءُ جي ڪناري تي سامهون بيٺو آهي. تنهن ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين حـَـجاج کان خط جو جواب نه اچي، تيستائين اتان لشڪر نٿو لنگهائي سگهان.“ سو ٻه- ٽي ڏينهن ترسي، هڪ مفصل خط لکيائين، جنهن جو جواب عزت ۽ تعظيم سان پهتو.

محمد بن قاسم ثقفيءَ کي حجاج بن يوسف جو

خط پهچڻ

هيءُ مڪرم و معظم خط حجاج بن يوسف جي طرفان زبردست امير عمادالدين محمد بن قاسم ڏانهن. سلامن بعد واضح هجي ته تو مهراڻ ٽپڻ ۽ راجا ڏاهر بن چچ سان لڙڻ جو ذڪر لکيو هو. بيشڪ مون کي الاهي تائيد ۾ اميد آهي ته تون فتحمند ۽ سوڀارو ٿيندين، ۽ تنهنجو دشمن ڏاهر ذليل ٿيندو. جنهن وقت هو سامهون ٿيندا ته خدا تعاليٰ جي مدد تي ڀروسو اٿم ته آسمان جي گردش کان ڪوبه نقصان توهان کي نه پهچندو، ڇاڪاڻ ته نماز جي پنجن وقتن، خلوَت خواهه محفل ۾ اهڙو ڪو به وقت نٿو گذري جنهن ۾ غائبانه دعا جي امداد نٿي ڪئي وڃي ته خدا تعاليٰ توهان کي ڪافرن تي فتح نصيب ڪري ۽ اهي، دشمن ذليل ۽ خوار خراب ٿين. جيڪو حڪم ازل ۾ مـُـقـَـدر هوندو آهي، مراد جي پردي مان به اهوئي ظاهر ٿيندو آهي ۽ جيئن جڳائي  ۽ گهرجي، تيئن ٿيندو آهي. آءٌ هميشه الله پاڪ جي درگاهه ۾ عاجزيءَ ۽ زاريءَ سان هن طرح چوندو رهان ٿو: ”اي خداوندا! تون اُهو بادشاهه آهين جو توکان سواءِ ٻيو ڪو به خدا نه آهي. اسلام جي لشڪر کي ]سندن حال[ کان مٿي قوت بخشج، ۽ ڪاميابي عطا ڪج!“ الله تعاليٰ جي ڪرم ۾ اميد آهي ته تون مقصد حاصل ڪري اچي اسان سان [141] ملندين. هيءُ ضروري آهي ته جيئن به ممڪن ٿي سگهي تيئن درياءُ ٽپ ۽ الاهي تائيد جي التجا ڪندو رهج، ۽ پنهنجي پناهه سندس رحمت کان ڄاڻج، ته هو پنهنجن عقلن تي هٺ ڪندڙ صلاحڪارن کان (توکي) بچائي. هڪٻئي کي سامهون ٿيڻ وقت الاهي رضا تي اعتماد رکي، پنهنجي پوري بهادري ۽ همت بجا آڻجو،  ڇاڪاڻ ته فتح ۽ (الاهي) تائيد، همراهي ۽ قوت توهان سان شامل ۽ مدد گار آهي، ۽ ملائڪن جي امداد ۽ مسلمانن جي ترار توهان جــــــي طرفان هنن]مخالفن[ تي مـَـسلـَـط آهي. خدا عـَـزوَجـَـل، انهن جي خبيث ذات کي مسلمانن ۽ ملائڪن جي ترارين ۽ تيرن جو کاڄ بنائيندو. الاهي غضب (جو دروازو) انهن لاءِ کليل آهي، جنهن ڪري پورو انتقام ۽ عبرتناڪ سزا کائيندا.

جڏهين مهراڻ درياءَ اڪرڻ چاهين، تڏهن گهيڙ جي ڪناري کي جاچي ڏسج، ۽ نديءَ جي ٽپڻ جو انتظام پڪو رکج، ۽ انهيءَ ملڪ جا جيڪي رهاڪو ٻيڙين تي هجن، ]پهريائين[ تن کي پڪن انجامن سان پنهنجو مطيع ۽ مخلص بنائج، ۽ انهن کي چڱي طرح سڃاڻي پوءِ] درياءُ[ ٽپجو. جيئن ته پاڻي توهان جي پويان هوندو، تنهن ڪري انهيءَ طرف کان دشمن جو ڪوبه ڊپ نه رکجو ۽ توهان کي ڪوبه ايذاءُ نه رسندو. پوءِ جڏهن توهان هن جي ڳوٺن، شهرن ۽ قلعن ۾ داخل ٿيندا ته ڪوبه ماڻهو توهان سان مقابلو ۽ لڙائي نه ڪري سگهندو، ۽ هو ڪڏهن به توهان جي سامهون پنهنجو پيارو ساهه هلاڪت ۾ نه وجهندا. هو جنهن به قلعي ۾ پناهه وٺي پنهنجي ٽيڪ بنائيندا. تنهن تي جنهن وقت تنهنجي نظر پوندي ته الله تعاليٰ جي تائيد ۽ فتح سان کلي پوندو، ۽ توهان جي ترار جي هيبت جو اهڙو ڊپ ۽ رعب هن جي دلين تي غالب ٿيندو جو کين ڪوبه هٿيار ڪم نه ڏيندو، ۽ (اهو رعب) توهان کي ڪامياب ۽ فتحمند ڪندو ]142[ جڏهن هو ڀڄن ته (هڪدم) سامان ۽ خزانو قبضي ۾ ڪجو پر پاڻ کي سندن ٺڳيءَ ۽ فريب کان بچائجو، ۽ هٺ نه ڪجو. پوءِ هر هڪ کي اسلام جي ڪلي ڏانهن سڏجو ۽ جيڪو اسلام جي عزت سان مشرف ٿئي تنهن جي تربيت ڪجو. مطلب ته ڪوبه دين جو دشمن انهيءَ طرف ۾ نه رهي.سندن خون توهان جي ترار لاءِ مباح آهي، هيءَ دعا، جا منهنجو وظيفو آهي، هر وقت پڙهندا رهجو. اها مقبول دعا هيءَ آهي:

بـِـسمِ اللهِ الرحمانِ الرحـِـيمِ اَللهـُـم اِنانـَـسئـِّـَـلـُـکَ ذَالـِـکِ بـِـانکَ اَنتَ اَللهُ الحيٰ القيـُـومُ لاَتـَـاخذُه سـِـنـة وَلاَ نـَـوم لـَـکَ- مـَـافـِـي السمـٰـوَات وَمـَـا فـِـي الاَرضِ مـَـن ذَا اَلـِـذي يـَـشفـَـع عـِـندَکَ- اِلا بـِـاذنـِـکَ- تعلـَـمُ مـَـابينَ اَيدِينـَـا وَما خـَـلفـَـنـَـا- وَلاَ يـُـحـِـيـَـطُ بـِـشـَـيءِ مـِـن عـِـلمـِـکَ- اِلا بـِـمـَـا شـِـئتَ-  وَسـِـع کـُـرسـِـيـِـکَ الـَـسمـٰـواتِ واَلاَرضَ- وَلاَ يـَـؤدُکُ- حـِـفظـُـما وَ اَنتُ العـَـلـِـي العـَـظـِـيمُ وَبـَـانـَـک- اَنتَ الاَحـَـدُ الصمـُـدُ لـُـم يـَـلـِـد وَلـَـم يـُـولـَـد وَلـَـم يـَـکـُـن لـَـہ کـُـفوَا اَحـَـدُ- بـِـوَجـِـهکَ الکـَـرِيم رَب الوجـُـوه وَخـَـالـِـقَ الوجـُـوهِ وَقـَـاهـِـرُ الوجـُـوهِ وَالقـُـادِرِ عـَـلـَـي ولوجـُـوهِ- لـَـک الخـَـيرُ وَالکـَـرَم وَالکلـِـمـَـات التامـَـاتُ- فـَـارُقنـَـا مـَـعَ ذالـِـکَ شـُـڪراً لـِـنعمتکَ وَ مـَـعرِفـَـة لـِـحـَـقـِـک وَ عـَـمـَـلاَ بـِـرِضوَانـِـکَ- والسلامَ عـَـلـَـيکَ رحمة الله و برکاته و کتبه حـُـمران (1) في سنه ثلث وَ تسعيـِـنَ ]143[. (اي اسان جا الله! اسان هيءُ توکان انهيءَ ڪري ٿا گهرون جو تون سدا حيات ۽ سدا قائم الله آهين، جنهن کي ڪابه اوجهراڻي يا ننڊ نٿي وٺي، آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو تنهنجو آهي. اهڙو ڪير آهي جو تنهنجي اجازت کان سواءِ تو وٽ سفارش ڪري؟ جيڪي به اسان جي اڳيان يا پٺيان آهي سو تون ڄاڻين ٿو، ۽ تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ اسان تنهنجي علم مان ڪنهن به شيءِ کي پروڙي نٿا سگهون. تنهنجي حڪومت زمين ۽ آسمان تي پکڙيل آهي، ۽ انهن جي حفاظت توکي ڪابه تڪليف نٿي رسائي، ۽ تون وڏو ۽ غالب آهين: ۽ هن ڪري (گهرون ٿا) جو تون واحد بي نياز آهين، جنهن نه ڪنهن کي ڄڻيو آهي ۽ نه ڪنهن مان ڄائو آهين، ۽ نه ڪنهن جو ڪو مٽ آهي. (اسين توکان گهرون ٿا) تنهنجي سڳوري ذات جي مهابي، جا سڀني ذاتين جي رب ۽ سڀني ذاتين جي قادر آهي. ڀلائي، احسان ۽ مڪمل ڪلما تنهنجي هٿ ۾ آهن (انهن سان گڏ)، اسان کي پنهنجي نعمت جو شڪر، پنهنجي حق جي معرفت ۽ پنهنجي رضامندي تي عمل عطا ڪر. ۽ توتي سلامتي، الله پاڪ جي رحمت ۽ برڪتون هجن. (حمران، سنه 93 هه ۾ لکيو.)

حجاج جو خط پڙهڻ ۽ محمد بن قاسم جو ساٿين کي خطاب ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم اهو خط پڙهي ساٿين کي تقرير ڪئي، ۽ ڏاهر جي جنگ ۽] درياءُ[ جي گهيڙ لنگهڻ لاءِ تيار ٿيو ته ايتري ۾ ٻيو خط پهتو.

بسم الله الرحمان الرحيم- بلند درگاهه مان محمد بن قاسم ڏانهن خط آهي ته دعا کان پوءِ، معلوم هجي ته: تنهنجي دشمنن کي مغز ۾ غرور آهي. تون ڊڄ نه، ڇاڪاڻ ته فتح تنهنجي ٿيندي. ۽ جيڪڏهن صلح جي رستي تي اچي، پڪو انجام ڪري صلح ڪري ڍل دارالخلافت جي خزاني ۾ پهچائي ته ائين به ٿي سگهي ٿو. ۽ جيڪا ڏاهر سان مهراڻ ٽپڻ ۽ جنگ ڪرڻ بابت اجازت طلب ڪيل آهي] تنهن لاءِ محمد بن قاسم کي[ حڪم ٿو ڪجي ته اهڙيءَ جاءِ تان ٽپي جتي گپ چڪ نه هجي، ۽ لشڪر کي تڪليف نه پهچي. پڻ ٻارهن ميلن تائين مٿان کان هيٺ تائين پاڻيءَ جي ويڪر ۽ ڊيگهه جو نقشو ڪاغذ تي ڪڍي، ۽ ڪناري ۽ گهٽ گهيڙ جو نشان ڪري (اسان ڏانهن موڪلي)، پوءِ جيڪا جاءِ آءٌ پسند ڪريان اتان لنگهو ته جيئن سپاهين کي ڪو نقصان نه پهچي.

محمد بن قاسم موڪي ]پٽ[ وسايي کي سڏي چيو ته درياءُ ٽپڻ جي تدبير ڪرڻ گهرجي.

ڏاهر جو مهراڻ جي ڪناري تي سامهون اچڻ

هند جي دانائن، جن هن داستان جي تصوير چٽي آهي، هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهين حجاج جو حڪم محمد بن قاسم کي پهتو، ۽] مهراڻ[ ٽپڻ جي اجازت مليس ]ان بابت[ هڪ برهمڻ کان روايت ڪيائون، جنهن چيو ته: مون مـِـرداس بن هـُـدبـَـه تـَـمـِـيميءَ کان ٻڌو ]144[، جنهن بيان ڪيو ته: آئون راوڙ ۾ ڏاهر جي لشڪر ۾ هئس جڏهن ڏاهر کي خبر پهتي ته محمد بن قاسم جيور جي سامهون پوري لشڪر سان اچي منزل ڪئي آهي: ڏاهر هاٿيءَ تي پالڪيءَ ٻڌڻ جو حڪم ڪيو ۽ هاٿيءَ تي سوار ٿي ڪناري ڏانهن روانو ٿيو، ۽ وڃي اسلامي لشڪر جي سامهون بيٺو، ۽ مهراڻ جو پاڻي وچ ۾ هو. ]ان وقت[ محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪري رهيو هو.

(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”زمين قصه“ (يعني ڪڇ واري ايراضي). پ ۽ ر جي پڙهڻي صاف طرح ”زمين قصبه“ آهي، ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 133[. (ن-ب)
(1)  اصل عبارت ”مولانا اسلامي“ جا غلط آهي. ان وقت ”مولانا“ جو خطاب توڙي ”اسلامي“ نالو ناپيد هئا. صحيح ”مولاي اسلام“ سمجهڻ گهرجي ڇو ته هيٺ ”مولاي ديبلي“ ۽ وري ايندڙ عنوان هيٺ صاف طور ”مولاي اسلام ديبل“ آيو آهي. (ن- ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ هي نالو ”حمزان“ لکيو ويو آهي. قديم نسخي پ جي پڙهڻي صاف طور ”حمران“ آهي، جا صحيح آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]143[ . (ن-ب)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :25
شاميءَ جو شهيد ٿيڻ

اتي هڪ شامي شخص، جو تيراندازيءَ ۾ ماهر ۽ هٿ جو ملوڪ هو، چاهيو ته گهوڙو پاڻيءَ ۾ هڻي تير وسائي، پر سندس گهوڙو پاڻيءَ کان ٽهي رهيو هو، ۽ هيٺ نٿي لٿو. اتي راجا ڏاهر پنهنجي ڪمان گهري. سندس ڪمان وڏي ۽ مضبوط هئي، جنهن تي َکانئس سواءِ ٻيو ڪو به زِهه  چاڙهي نه سگهندو هو. انهيءَ تي زهه  چاڙهي، تير رکي، جيترو ٿي سگهيس اوترو ڇڪي، نشانو وٺي تير هنيائين. تير اُنهيءَ سوار جي چوٽيءَ ۾ هنيائين، جو مٿي مان لنگهي وڃي سندس دُن ۾ ويٺو، ۽ گهوڙي تان ڪـِـري پيو.

(ايترو ڪري) ڏاهر موٽي ويو، ۽ جاهين کي حڪم ڏنائين ته : ٻيٽ جي قلعي جي سامهون جتي گهيڙ آهي اتي ٿي بيهه، ۽ ڏسج ته جيئن (عرب) لنگهي نه اچن، ۽ ڏسندو رهج ته، جيئن اهڙيءَ جاءِ وٽان لهن جتي گپ ۽ وڏو پاڻي هجي. پڻ تون ٻيڙيون تيار رک جيئن ٽپڻ وقت کين نقصان ۽ رنڊڪون وجهي سگهين. جاهين انهيءَ اشاري تي (عربن) جي رٿ ناڪام ڪرڻ لاءِ مهراڻ جي ڪناري قيِ بيهي رهيو.

ايتري ۾ اسلامي لشڪر جا ڪي سوار، جي سيوستان ۾ مقرر هئا، پهتا   (۽ چيائون) ته چندرام هاله، جو ڪنهن وقت سيوستان جو حاڪم هو، ڪن ٺـَـڪـُـرن ۽ ڪامورن] 145[ کي ڦيرائي قلعو قبضي ۾ ڪري ورتو آهي، ۽ عرب جي سپاهين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اٿس. هيءَ خبر محمد بن قاسم کي ٻڌائي ويئي.

] محمد بن[ مـُـصعـَـب (1) جو سيوستان وڃڻ

پوءِ (اها خبرٻڌي،)] محمد بن[ مـُصعـَـب (1) بن عبدالرحمان کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار پيادا ساڻ ڏيئي، انهيءَ طرف تي مقرر ڪيائين. هو جڏهن سيوستان پهتو، تڏهن چندرام ٻاهر نڪري لڙائي ڪئي، پر اسلام جـــــي لشڪر جي حملي ڪرڻ تي چندرام جو لشڪر شڪست کائي ڀڳو. چندرام قلعي ۾ وڃڻ چاهيو، پر قلعي وارن دروازو بند ڪري کيس اندر اچڻ نه ڏنو. آخر جهم ڏانهن هليو ويو. ]محمد بن [مصعب(1) ٻئي ڏينهن شهر ۾ آيو. ]قلعي وارن، [شمني، واپارين، ڪاريگرن ۽ چڱن کي وچ ۾ آڻي بهانو پيش ڪيو ته اسان جي طرفان ڪوبه گناهه ڪونه هو، هڪ چور اچي اوچتو پاڻ کي قلعي ۾ سٽيو. هنن جي بيگناهي معلوم ٿيڻ تي ]محمد بن[ مصعب(1) ساڻن ٺاهه ڪيو، ۽ هنن دروازو کولي قلعو سندس حوالي ڪيو.هن فتح ۽ ڪاميابيءَ جي خبر ٻڌي محمد بن قاسم تمام خوش ٿيو، ۽ (محمد بن مصعب) سيوستان جي رهاڪن کي امان ڏيڻ بابت جيڪو اطلاع ڏنو هو، تنهن تي محمد بن قاسم چيو ته: مصلحت ائين هئي ته معافي نه ڏئين ها. هاڻي تو کي اعتماد جوڳا امين ماڻهو مقرر ڪري، قلعي جي حفاظت جي رات ڏينهن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ شمنين ۽ واپارين کان چڱو ضامن وٺي، چار هزار جنگي مرد سيوستان مان پاڻ سان آڻج پوءِ ]محمد بن[ مصعب بن عبدالرحمان انهيءَ اشاري موجب ڪامورا ۽ امين مقرر ڪري، چار هزار هٿيار بند ماڻهو ساڻ ڪري، اچي امير جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ساڳئي ڏينهن موڪو]  پٽ[ وسايو پڻ ٻيٽ جي قلعي جي ڀرسان اچي محمد بن قاسم سان مليو. ]146[

جـَـيسـِـينـہ بن ڏاهر جو محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ ٻيٽ جي قلعي ۾ اچڻ

پوءِ جڏهن موڪي ]پٽ[ وسايي جي، محمد بن قاسم سان بيعت ڪرڻ جي پڪي خبر ڏاهر کي پهتي، تڏهن راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جـَـيسـِـينه کي تيار ڪري، اسلام جي لشڪر جي سامهون ٿيڻ لاءِ ، ٻيٽ جي قلعي ۾ موڪليو، جيئن هو پاڻيءَ مان لنگهي نه سگهن. جـَـيسـِـينه تيار ٿي پوري ساز و سامان ۽ جنگي هٿيارن پنوهارن سان ڪوتڪــہ(1) نديءَ جي رستي ڪناري تي پهتو. (هوڏانهن) محمد بن قاسم (ڏاهر جي) لشڪر جي سامهون جهيم ۽ ڪرهل(2) جي پرڳڻن ۾ اچي لٿو، ۽ اٽڪل پنجاهه ڏينهن اتي رهڻو پيس. نيٺ اناج ۽ گاهه گهٽجڻ لڳو، ۽ اناج جي آمدني گهٽ ٿيڻ ڪري لشڪر فڪرمند ۽  پريشان ٿي پيو، ۽ مخالف گاهن کائڻ ڪري گهوڙن ۾ بيماري پيدا ٿي. جيڪو به گهوڙو بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪهي کاڌائون ٿي. (ٻئي طرف) دشمن هر قسم جون رٿون رٿي رهيا هئا. (جڏهن) هيءَ خبر ڏاهر کي پيئي ته ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ محمد بن قاسم ڏانهن ماڻهو موڪلي نصيحت ڪيائينس ته، ڳالهه جي پاڇانڊي پويان نه پوي.

راءُ ڏاهر جو، محمد بن قاسم ثقفيءَ ڏانهن پيغام

”پوءِ معلوم هجي ته ڪم جي انتها جي ڪڍ پوڻ بدبختي ۽ ڪميڻپ آهي. تو پنهنجي ۽ اسان جي لاءِ تنگي پيدا ڪئي آهي، ۽ تنهنجي لشڪر وٽ اناج ناياب ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن صلح ڪري موٽي وڃين ته تو ڏانهن کاڌو موڪليان، جيئن تنهنجا ساٿي بک ۽ اڻهوند  وگهي تباهه نه ٿين . تون (خيال ڪري) ڏس ته تو وٽ اهو ڪهڙو مرد آهي، جو اسان جي سامهون ٿي جنگ ڪندو. نه ته (ٻي صورت ۾) لڙائيءَ جا هٿيار تيار ڪر.“

محمد بن قاسم جواب ڏنو  ته: ” آئون انهن اميرن مان نه آهيان جيڪي هيترڙيءَ ڳالهه تي موٽي ويندا.  تو هيترا سال جيڪا سرڪشي ۽ بي توجهي ڪئي آهي، اهو سمورو مال ]147[ دارالخلافت جي خزاني ۾ جمع ڪرائيندين ته منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ صلح ٿيندو، نه ته خدا تعاليٰ جي مدد سان تنهنجو سر عراق نيندس.“

محمد بن قاسم پوءِ حجاج ڏانهن هي احوال لکي گهوڙن جي مرڻ، گاهه جي تنگيءَ ۽ پاڻي جي ٻيڙين نه ملڻ جي خبر ڏني.(هوڏانهن) حجاج، طيار نالي هڪ شخص کي لشڪر جي خبر وٺڻ لاءِ موڪليو ]۽ کيس چيو[ هو ته: ”مخفي طور محمد بن قاسم کان خبرون پڇي مون کي ڏج.“ طيار روانو ٿي مڪران پهتو ته هڪ شخص کي ايندو ڏسي کانئس پڇيائين ته: ڪٿان ٿو اچين؟ چيائين ته: محمد بن قاسم جي لشڪر مان. چيائينس ته: احوال ٻڌاءِ. جنهن تي هـُـن اناج ۽ گهوڙن جي گاهه جي گهٽتائيءَ کان لشڪر جي تڪليف ۽ تنگ حالي، گهوڙن ۾ بيماري پوڻ، ۽ وهٽن جي مرڻ جي سڄي خبر چڱيءَ طرح کولي ٻڌائي، ۽ (هي به ٻڌايو) ته انهيءَ ڪري عرب جو لشڪر پريشان ٿيو آهي.

طيار جو موٽي وڃڻ

طـَـيار انهيءَ راويءَ قاصد کي ساڻ وٺي ويو ۽ وڃي اها خبر حجاج کي پهچايائين. (جنهن تي) حجاج بن يوسف پريشان ۽ ڏُکائتو ٿي پنهنجي مجلس ۾ موٽي آيو، ۽ عالمن، بزرگن، صالحن، محققن، مستحقن ۽ مکيه ماڻهن کي دعا خواهيءَ جي پارت ڪيائين. اتان موٽي طيار کي چيائين ته انهيءَ سنڌ جي قاصد کي حاضر ڪر ته جيڪي ڏٺو ۽ سمجهيو اٿس سو بيان ڪري. هن اهو قاصد حجاج جي فرصت واري وقت ۾ پيش ڪيو. حجاج کانئس پڇيو ته: ”ڪٿان ٿو اچين؟“چيائين: ”سنڌ کان.“ پڇيائينس ته: ”محمد بن قاسم جي احوال جي ڇا خبر اٿيئي؟“ وراڻيائين ته: ”سڀ سلامت ۽ چڱي حال ۾ آهن. باقي گهوڙن ۾ جـُـذام جي بيماري پيدا ٿي هئي، ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ گهڻا مري ويا. مان انهيءَ واقعي کان پوءِ نڪتو آهيان. هاڻي ان سهانگو ٿيو آهي، باقي رهيلن گهوڙن ۾ ڪابه بيماري ڪانه آهي] 148[ ۽ انهيءَ ملڪ جا واپاري اناج وڪري لاءِ آڻين ٿا، ۽ ٻيٽ جي قلعي جو حاڪم موڪو ]پٽ[ وسايو ان باري ۾ مڙس ٿي بيٺو آهي. تنهن تي حجاج چيو: ”مگر منهنجي ڀروسي قاصد ته هن طرح (يعني ٻيءَ طرح) بيان ڪيو آهي.“ قاصد وراڻيو ته: ”هيءَ ڳالهه مون کان بيان ڪئي اٿس پر پوري نه ٻڌي هئائين.“ حجاج چيو ته: ”اها ڳالهه پوري ڇو نه چيئي؟“ چيائين: ”انهيءَ ڪري ته جيئن هيءَ گهٽتائي عام جي واتن ۾ نه پوي. هن مصيبت تي دوست ۽ دشمن واقف نه ٿئي.“ پوءِ حجاج انهيءَ ماڻهو کي لکيو ڏيئي دارالخلافت ڏانهن موڪليو ته جيڪي ڏٺو اٿس سو پورو وڃي ٻڌائي.

حجاج جو ٻه هزار گهوڙا،خط سان گڏ محمد بن قاسم ڏانهن موڪلڻ

(ٻئي طرف) هيءَ حقيقت ٻڌڻ شرط حجاج پنهنجا خاص ٻه هزار گهوڙا موڪليا ۽ لکيائين:

هيءُ  خط حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم ڏانهن.  خط ۽ قاصد جي زبانا احوال معلوم ٿيو ته ڪي گهوڙا مري ويا آهن ۽ باقي بچيل سلامت آهن، تنهن ڪري ٻيا ٻه هزار گهوڙا موڪلجن ٿا، جي اعتماد جوڳن بهادرن ۽ لشڪر جي سردارن جي لائق هجن ۽ تنهنجا پشت پناهه ٿي سگهن، ۽ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ گهرجن، جيڪي سواريءَ جي لائق هجن ۽ پنهنجي سواري کي، جيتوڻيڪ کڻي اڌاري هجينَ، خاص پنهنجو ڪري سمجهن. لشڪر کي هميشه منظم ۽ سينگاريل رکج، جيئن قوت ۽ دٻدٻي سان دشمن جي لشڪر کي دفع ڪري سگهين. پر ڪافرن بابت هيءَ نصيحت ڪن ڪج ته: ڪنهن به ماڻهوءَ  جي تمنا سندس مرضي موجب حاصل نه ٿيندي آهي،] تصديق[ قوله تعاليٰ: اَم لـِـلاِنسـَـانِ مـَـا تـَـمـَـنيٰ- فـِللہ الاخـِـرَتُ والاُولي(1) (ڇا انسان جيڪي چاهي ٿو سو کيس ميسر آهي؟ بلڪ آخرت خواهه دنيا الله جي آهي). مون ڪو هيءُ فيصلو پنهنجي طرفان نه ڪيو آهي، پر خدا تعاليٰ] 149[ مون کي انهيءَ تي بڇيو آهي، ڇاڪاڻ ته (مان سمجهان ٿو) ته سندن ]ڪافرن جو[ ڪم پورو ٿي چڪو آهي ۽ دولت کانئن منهن ڦيرايو آهي: ۽ طريقت، شريعت ۽ حقيقت غلبو ڪيو آهي ۽ دين جي عزت جو جهنڊو بلند  ٿي چڪو آهي. ڪافرن کي ]هيءَ ڳالهه[ کڻي اڻ وڻندڙ لڳي، ته به توکي ڪيئن به ڪري ٻيڙيون هٿ ڪري ٻيڙين جي پل ٻڌڻ گهرجي، جيئن آساني سان لنگهي وڃو ته ڀلي ]ڪافرن کي به[ خبر پوي- والسلام.

محمد بن قاسم جو، حجاج جو خط پڙهڻ

جڏهن محمد بن قاسم خط پڙهيو ۽ گهوڙا (به) پهتا ته هن خط جي جواب ۾ جيڪو احوال لکيائين، تنهن ۾ کـٽاڻ جي گهر ڪيائين. ]لکيائين[ ته: مخالف کاڌن ۽ بي وقت کائڻ ڪري بيماري، رطوبت ۽ مزاج جي مخالفت پيدا ٿي ٿئي. تنهن ڪري جيئن به ٿي سگهي ته خاص شرابخاني مان ڪجهه سـُـرڪو عنايت ڪيو وڃي جو لشڪر کي ان جي ڏاڍي ضرورت آهي.

حجاج بن يوسف جو سـُـرڪو موڪلڻ

پوءِ حجاج جي حڪم سان پڃيل ڪپهه آڻي، سرڪي ۾ ٻوڙي، خشڪ ڪندا ويا. ]ڪپهه[ ڪئين دفعا سرڪو کنيو. پوءِ انهيءَ ڪپهه جون ڳٺڙيون ٻڌي ڪئمپ ۾ کڻي آيا، ۽ خط ۾ لکيائون ته: ”محمد بن قاسم، پيغمبر ﷺ جي حڪم نـِـعمُ الادَامُ الخـَـل (سرڪو چڱو ڳنڌڻ آهي) جي پيروي ڪندي سرڪي جي گهر ڪئي هئي، جو پڃيل ڪپهه ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ڪپهه پهچڻ تي پاڻيءَ ۾ آلي ڪئي ويندي ته انهيءَ مان سـُـرڪو نڪري ايندو.“ ]150[

مهراڻ جي الهندي ڪناري تي حجاج جو خط پهچڻ

هن داستان جي مصنف خواجه امام ابراهيم روايت ڪئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم کي گهڻو وقت مهراڻ جي الهندي ڪناري تي ترسڻو پيو، تڏهن حجاج هڪ خط لکيو جنهن ۾ نائبي(گورنري) جو پروانو داخل ڪري آزاديءَ سان حڪومت ڪرڻ سندس اختيار ۾ ڏنائين. ]وڌيڪ[ لکيائين ته: ”تنهنجي روش مون کي ناپسند آهي، ۽ تنهنجي حڪومت (جي طريقي) کان عجب لڳو اٿم ته تون امانُ ڏيڻ جو ڏاڍو شائق ٿي پيو آهين. امتحان  ۽ آزمائش کان پوءِ جنهن به دشمن جي عداوت ۽ مخالفت ظاهر ٿئي، تنهن کي امان ڏيڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته شريف ۽ رَذيل جو درجو برابر نه آهي، ۽ نه هجڻ گهرجي. ائين ڪرڻ مان ڪم عقلي ثابت ٿيندي، ۽ دشمن انهيءَ کي ڪمزوري تصور ڪندو. مون کي قسم آهي پنهنجي جان ۽ سر جو ته، الله تعاليٰ عزوجل توکي نصيحت ڪئي آهي ۽ ويچار وارو عقل ڏنو آهي. ]پر تون انهيءَ کان ڪم نٿو وٺين.[ ۽ تنهنجو پورو توجهه ]رڳو[ سڀني کي امانُ ڏيڻ ۾ ئي ختم ٿئي ٿو. ]هي ڳالهه[ انهن کي پڻ ٻڌائج جيڪي تنهنجا صلاحڪار ۽ ساٿي توسان گڏ آهن. تون ]رڳو[ امانُ ڏيڻ ۾ پورو آهين، هوڏانهن ڪيترو وقت گذري ويو آهي جو دشمن جــي سامهون ]بيڪار[ ويٺو آهين(1) .“ پڻ جيڪڏهن بيڌڙڪ امانُ ڏيندا رهندا، ۽ جنگ ۾ ڌوڪڻ جو خيال ئي] دل مان[ ڪڍي ڇڏيندا، ته پوءِ جنگ جي اخراجات  ]پوري ڪرڻ[  لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيو ويندو، ۽ هيءُ طويل ڪم عقلي ختم ڪئي ويندي(1) جڏهن ]ڏاهرکي[ توهان جي هيڻائي ۽ ڪم عقليءَ جي خبر پوندي ته هو هٺيلو ٿيندو، ۽ ]ٻئي طرف[ ماڻهن کي معلوم ٿيندو ته تون صلح جي ڪوشش ڪري رهيو آهين، جنهن کي هو تنهنجي سـُـستي ۽ قصور تصور ڪندا، ۽ ڪوبه مطلب حاصل ]151[ نه ٿيندو. توکي حڪومت ۽ سياست جو طريقو هٿان ڇڏڻ نه گهرجي، ۽ ترار ۽ عقل (ٻنهي) کي ڌيان ۾ ڌرڻ گهرجي. توکي پڪو ارادو ڪري، لشڪر کي بهادري ۽ دورانديشيءَ لاءِ همٿائڻ گهرجي. سچو ۽ عقل جو قوي رهج، غفلت نه ڪج، ۽ خدا تعاليٰ جي ذڪر ۾ دل، جان ۽ زبان حاضر رکج.

هينئر جڏهن (اسان کي) مهراڻ جي وهڪري کان واقفيت حاصل ٿي آهي، تڏهن (اسان جي صلاح آهي) ته ٻيٽ کان ٽپڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مهراڻ جو پاڻي اتي سوڙهو ۽ ڪنارو پڻ ٽپڻ لاءِ وڌيڪ آسان آهي، (ٻيو ته) جنهن صورت ۾ ٻيٽ، دوآبي ۾ آهي، تنهنڪري آهستگيءَ سان ٽپي سگهندؤ، ۽ بچاءُ ۽ حفاظت ۾ (پڻ) رهندؤ. پل ٻيڙين جي ٺاهجو، ۽ جنگ ۾ الله جي مدد ۽ خدا،  جـَـلـَـت قـُـدرَتـُــہ، جي فتح پاڻ سان همراه سمجهجو. تون جڏهن طاقت ۽ دٻدٻي سان ڪم ڪرڻ لڳندين ته پوءِ لشڪر خواه رعيت پنهنجي جان جي بچاءُ ۽ ذريعي معاش خاطر تنهنجي بيعت ڪندا، ۽ تابعدار ٿي پاڻ کي تنهنجي درٻار ساڻ وابسته رکندا.

محمد بن قاسم جي مهراڻ جي پاڻيءَ ٽپڻ وغيره جي خبر

تواريخ جي مصنفن ۽ هن داستان کي سنواريندڙن روايت ڪئي آهي: جڏهن حجاج جو لکيو محمد بن قاسم کي پهتو، تڏهن فرمان جي حڪم موجب هڪدم اتان منزل پٽي  جهم جي علائقي ۾ ساڪري جي زمين ۾ پهتو، ۽ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون هٿ ڪرڻ ۽ تختا تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

(هوڏانهن) راجا ڏاهر پاڻ کي غافل رکي سارو ڏينهن راند، خوشي ۽ سير شڪار ۾ مشغول ٿي رهيو، جيئن هو (عرب) سمجهن ]152[ ته اسان جو ڪوبه فڪر ڪونهيس.هڪ ڏينهن ڀنڊوير شمني (1) ڏاهر وٽ اچي چيو ته: ”اي بادشاهه! توکي سارو ڏينهن راند ۽ شڪار ۾ مشغول ٿو ڏسان، ۽ شطرنج ۽ چوپڙ ۾ ڦاٿل آهين، ۽ ]ٻئي طرف[ عـَـرب جو لشڪر پهچي اچي تنهنجي در تي لٿو آهي.“ ڏاهر چيو ته: ”]پوءِ[ ڪهڙي رٿ آهي؟ تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ (جواب) شمني وراڻيو ته:”مون کي ٽي تدبيرون خيال ۾ اچن ٿيون، هيٺين ڪمن مان هڪڙي تي عمل ڪج: ]اول ته[ جيڪڏهن تون اتفاق ڪرين ته] پنهنجا[ فرزند ۽ تعلقدارهندستان موڪلي، پاڻ اڪيلو ساڻس لڙائيءَ ۾ سامهون ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته پوءِ برگستوان، مست هاٿي، بهادر مرد ۽ جنگي جوڌا ساڻ ڪري، جيڏانهن چاهيندين تيڏانهن اچي جنگ ڪري سگهندين. سڀيئي رستا بند ڪري ڇڏ، جيئن هنن کي گاهه ۽ اناج نه پهچي. ]ٻي رٿ آهي[ ته جيڪڏهن چاهين ته هن وقت جيڪو لشڪر تنهنجي تابعداري ڪري ٿو، تن سڀنيءَ کي گڏ ڪري، پنهنجي بچاءَ ۾ مقدمو (اڳ) ۽ ساقو (پيڇو) بنائج، جيئن ڌارئي لشڪر کان تنهنجي واهر ٿئي ۽ ]پڻ[ هتان ڪوچ ڪري قصبہ(1) ڏانهن وڃ ته اهو ريگستان تنهنجي لاءِ قلعو ۽ پناهه رهي، ۽ اتي جا رهاڪو تنهنجي مدد ڪن. اتي وڃي انهن کي چئو ته:”توهان ۽ عرب جي لشڪر جي وچ ۾ آءٌ ديوار آهيان. جيڪڏهن مون کي ڦريائون ته پوءِ توهان به برباد ٿي ويندا: تنهن ڪري اچي اسان جي تابعداري ڪريو، ۽ لڙائيءَ ۾ منهنجا مددگار ٿيو. ]ٽين تدبير [هيءُ آهي ته اولاد ۽ تابعدار وٺي جسوم را ِّ(2) جي ملڪ ۾ وڃ. اهو بادشاهه تنهنجو قدر ڄاڻي ٿو ۽ تنهنجي هر طرح جي مدد ڪندو، ۽ هن کان مدد گهرندين ته سندس مدد سان پنهنجي ملڪ ۾ وري موٽي دشمن کان بدلو وٺي سگهين ٿو، ۽ عرب جولشڪر هن ملڪ مان ڪوبه نفعو وٺي نه سگهندو. ۽ جيستائين راجا جي جان سلامت آهي ته ڪوبه دشمن تنهنجي قوت کان آرام ۾ نه ويهي سگهندو، ۽ جيڪڏهن خدانخواسته توکي ڪا تڪليف پهتي ۽ دشمن غالب ٿي توکي ماري وڌو] 153[ ته پوءِ هندستان جي بادشاهن مان ڪوبه بادشاهه انهيءَ (دشمن)کي دفع نه ڪري سگهندو، ۽ هو هن حڪومت کي مضبوط ڪري نه سگهندو، ۽ سڄي ملڪ تان تنهنجو تصرف ڪٽجي ويندو.“

(1)  اصل متن ۾ معصب آهي مگر صحيح محمد بن معصب آهي. ڏسو مٿي حاشيه 142. (ن-ب)
(1)  هي پڙهڻي پ مطابق آهي: ب:کوتک: ر،م: کوتله، س،گونگ
(2)  پ: ڪوهـه: ن،ب،ح: ڪوهل.
(1)  النَجم: رڪوع-1
(1)  ڏسو حاشيه ]151[
(1)  هتي اصل متن جي عبارت ۾ ڏاڍو خلل آهي، ترجمو اٽڪل تي ڪيو ويو آهي. اسان جي خيال ۾ هي حجاج جي طرفان محمد بن قاسم کي دڙڪو آهي، ته جيڪڏهن تون پنهنجي رحمدليءَ ۽ هر هڪ کي امان ڏيڻ واريءَ روش کان، جنهن کي حجاج بيوقوفي ۽ ڪم عقلي سمجهي ٿو،باز نه ايندين ته اسان لڙائي جاري رکڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪنداسون ۽ توکي موقوف ڪري، هيءَ ڪم عقلي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين. متن جي اصلي عبارت هن طرح آهي(و نيز اگر امان بي گمان خواهند وعذر از ميان بردارند از حرب، در اخراجات راوجوهـــ   رائج کردد و اين بدري مطول کوتاه شود). اسان جي خيال ۾ ”بدري “جو لفظ ڪاتب جي تصحيف آهي. هي لفظ اصل ”بدرائي“ (بيوقوفي ڪم عقلي) آهي ڇاڪاڻ ته بدري لفظ جي فارسي لغت ۾ ڪا معنيٰ ڪانهي.(مترجم)
(1)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي”بهند وير سمني“ مطابق: ن جي پڙهڻي پڻ ”بهندوير“ آهي مگر پويان ”سمني“ لفظ ڪونهي، پ،بهندر: م،بهندرکو: ر،بهند کز: ڪ،مهندر وزير.(ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”قصه“(يعني ڪڇ) پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. هي ساڳيو نالو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ص]133[  تي اچي چڪو آهي. هت مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن. م: قصبه، پ: قصيه، ن،قصب، ب،س: عقب. اختيار ڪيل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]133[ (ن-ب)
(2)  ر:جيوم رائي
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :26
ڏاهر جو وزير کي جواب ڏيڻ

ڏاهر چيو ته: ”اي هوشيار وزير! تون جيڪي چڱو سمجهين ٿو سو عين مصلحت ٿي سگهي ٿو. پر هن وقت لاڳاپيدارن کي هندستان موڪلي ڏيڻ، ]مصلحت[ ڏسڻ ۾ نٿي اچيم، ڇا لاءِ ته رعيت فڪرمند ٿيندي ۽ ٺڪـر ۽ امير دل شڪسته ٿي جنگ نه ڪندا ۽ ٽڙي پکڙي ويندا، ۽ مون کي پڻ هن ڳالهه کان شرم ٿو اچي ته ڪنهن ٻئي کي التجا ڪريان يا ڪنهن جي دروازي تي وڃي انتظار ڪريان ته اندر اچڻ جو حڪم آهي؟ هيءُ عار آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهندس.“وزير چيو ته: ”تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ بندي کي واقف ڪر ته خير خواهي ۽ صلاح طور (اها) همراءِ خادمن کي ٻڌائي وڃي.“

راجا ڏاهر جي وزير سان صلاح ڪرڻ

راجا ڏاهر چيو ته: ”منهنجي راءِ جي تقاضا آهي ته هن سان سامهون ٿي جنگ ڪريان، ۽ جنگ ]پوري[ ڪوشش ۽ سعيي سان ڪريان. جيڪڏهن انهن تي غالب ٿيس ته پوءِ هو سڀ ذليل ٿيندا ۽ منهنجي بادشاهي مضبوط ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ننگ ۽ ناموس خاطر ڪٺو ويس، تڏهن به هيءَ خبر عرب خواه هندستان جي ڪتابن ۾ لکي ويندي، ۽ بزرگن جي واتان دنيا جي بادشاهن جي ڪن پوندي ته راجا ڏاهر پنهنجي ملڪ خاطر دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي پياري جان فدا ڪئي“. (شمني جو جواب ڏيڻ: پوءِ شمني چيو ته: ”منهنجي سڄي نصيحت جو دارومدار (انهيءَ تي) آهي ته راجا جي ذات باقي رهي ۽ هيءَ بادشاهي قائم رهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان بندن لاءِ ]سڀڪجهه[ آسان آهي. ]اسان لاءِ[ سـَـتـَـن جي هڪ لپ، پاڻيءَ جو ڍُڪ ۽ ڪپڙي جي اڳڙي ڪافي آهي. شال راجا جي راءِ مٿانهين رهي. ]154[

محمد بن قاسم جي اِسلامي لشڪر سان اڀرندي طرف ڏانهن ٽپي اچڻ جي خبر

جڏهن محمد بن قاسم ]درياءُ[ ٽپڻ جو پڪو ارادو ڪيو، تڏهن فڪر ڪرڻ لڳو ته ائين نه ٿئي جو راجا ڏاهر لشڪر وٺي، مهراڻ جي ڪناري تي اچي اسان جو گهٽ جهلي ۽ روڪ ۽ ٽوڪ واجب سمجهي، تنهنڪري سندس احوال معلوم ڪرڻ ضروري آهي.

سليمان جو لڙائي تي وڃڻ

پوءِ سليمان بن نـَـبهان قريشيءَ کي حڪم ڪيائين ته: توکي پنهنجو لشڪر وٺي راوڙ  جي قلعي جي مقابل لڙائيءَ لاءِ وڃڻ گهرجي، ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي(1) پيءُ جي مدد تي نه اچي. سليمان ڇهه سؤ ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو. وري عـَـطـِـيـہ تـَـغلبي(1) پنج سئو ماڻهن ساڻ اگهم جي رستي تي مقرر ڪيائين ته جيئن ڪندراه(2) واري ايراضي تي چوڪسي ڪري. (هوڏانهن وري) قلعي نيرون جي سردار شمني ميگهڌنيـہ (3) کي فرمايائين ته رستي تي اناج ۽ گاهه موجود رکي، متان لشڪر کي ان جو احتياج پوي، ۽ ]محمد بن[ مـُـصعـَـب بن عبدالرحمان (4) کي ]لشڪر جي[ مقدمي (مـُـهڙ) تي مقرر ڪيائين ته اڳتي وڃي رستن جي چؤڪسي ڪري. نـُبـَـاتـَـہ بن حـَـنظـَـلـہ ڪـِـلابـِـي کي هڪ هزار سوارن سان قلب(وچ) ۾ رکيائين. (ايتري ۾) ذَڪوان بن عـَـلوان البـَـڪري، پندرهن سؤ سوارن، ٻيٽ جي حاڪم موڪي ]پٽ[ وَسايي، ڀـَـٽي ٺـَـڪـُـرن، ۽ ]مهراڻ جي[ الهندي طرف جي جتن، جن بيعت ڪئي هئي، ]انهن مڙني[ کي پاڻ سان وٺي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ ساڪري جا وڏيرا پڻ ٻيٽ واري ايراضي(1) ۾ تيار ٿي بيٺا ]155[.

محمد بن قاسم جي پاڻيءَ ٽپڻ لاءِ جاچ ڪرڻ

جڏهن محمد بن قاسم کي معلوم ٿيو ته لشڪر جو مقدمو (مـُـهڙ)، جهم جي گهيڙ وٽ پهتو آهي، ۽ ]جَهم بن[ زَحر جـُـعفـِـي (2) پڻ (لشڪر جي) مقدمي سان وڃي ڏسي آيو ته ڪهڙي جاءِ کان گهيڙ سوڙهو ۽ ڪناروموافق آهي، تڏهن انهيءَ ٻيٽ جي سامهون بيهي مهراڻ جي شڪل ڏسي حڪم ڪيائين، جنهن موجب پـُـل ٺاهڻ لاءِ ٻيڙيون موجود ڪري، انهن کي پٿرن ۽ واريءَ سان ڀري ميخون هڻي مضبوط ڪيائون.

ڏاهر کي موڪي ]پٽ[ وسايي جي ٻيڙين آڻڻ جي

خبر پوڻ

پوءِ جڏهن ڏاهر کي خبر پيئي ته موڪي ]پٽ[ وسايي ٻيڙيون آڻي محمد بن قاسم کي ڏنيون آهن ۽ هو (درياءُ) ٽپڻ لاءِ گهيڙ تي آيا آهن، تڏهن ڏاهر جـَـيسيـِـنه کي ٻيٽ جي قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو، ۽ چيائينس ته وسايي ]پٽ[ سربند تي اعتبار نه ڪج، ممڪن آهي ته انهيءَ به پٽ سان ]ملي،  محمد بن قاسم جي[ بيعت ڪئي هجي. جـَـيسينه ٻيٽ جي قلعي ۾ آيو. موڪي جي ڀاءُ، راسل نالي ]پنهنجي[ ڀاءُ جو مخالف هو، ۽ ڏاهر وٽ حاضر ٿي عرض ڪيائين ته: شال راجا سلامت رهي! شال راجا فتحمند رهي!! بندي جي فرمانبرداري ۽ سچائي  بابت ]توهان کي[ معلوم آهي ته ]ڪيئن نه[ ٻانهپ جي شرطن بجا آڻڻ ۾ دورانديشي ۽ احتياط قائم رکندو آيو آهيان. جيڪڏهن بندي کي حڪم ٿئي ته ٻيٽ جي قلعي جي نگهبانيءَ لاءِ وڃان، ۽ عرب جي لشڪر کي ڪڏهن به ]درياءُ[ ٽپڻ نه ڏيندس] 156[.

راسل کي حڪومت ڏيڻ

پوءِ راجا ڏاهر، ٻيٽ جي حڪومت راسل جي حوالي ڪري ٻيٽ جي سردارن ۽ مکيه ماڻهن کي سندس حڪم هيٺ ڏنو، ۽ جـَـيسيـِـنه ]پٽ[ ڏاهر اتان واپس آيو. ]جنهن تي[ ڏاهر جي ]پوئلڳ[ ڳوٺاڻن ڀانيو ته اسلام جو لشڪر غالب ٿي اچي] ٻيٽ ۾[ لٿو آهي.

ڏاهر جي گمان کانسواءِ بغاوت جي خبر اچڻ

ابوالحسن مـَـدائـِـنـِـيءِ کان روايت ڪئي اٿن ته: وسايو ۽ هن جو پٽ راسل هميشه موڪي ]پٽ[ وسايي جا مخالف هئا، ۽ سندن مخالفت ظاهر هئي. ڇاڪاڻ ته موڪي ]پٽ[ وسايي ڏاهر کان نافرمان ٿي محمد بن قاسم سان بيعت ڪئي هئي، ۽ راسل، مخالفت سببان، موڪي ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر جي سامهون آيو هو. هوڏانهن موڪي کي جڏهن کان وٺي هي عقل آيو هو، تڏهن کان ڏاهر جي تابعداري ۾ سر نه جهڪايو هئائين، ۽ اسلام جو خيرخواه هو ۽ سچائي ۽ اعتقاد سان ڏاهر جي لشڪر جي برخلاف رٿون ۽ اٽڪلون ڪندو رهيو ۽ سندن شڪست جون  ڪوشش پئي ڪيائين.

جنهن جماعت هيءُ حال ڏٺو هو، تن کان هن طرح روايت ڪئي ويئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم ٻيڙيون گڏ ڪري هڪٻئي سان ڳنڍڻ لڳو، تڏهن راسل ملڪ جي سردارن ۽ مشهور ماڻهن سان گڏجي، کين پل ٻڌڻ ۽ مهراڻ ٽپڻ کان روڪڻ لاءِ (مٿن)حملو ڪيو. تنهن تي محمد بن قاسم مهراڻ جي پيٽ جي انداز موجب سڀ ٻيڙيون الهندي ڪناري تي هڪٻئي سان قطار ڪري ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو، پوءِ ته جنگي بهادر هٿيار پهري ٻيڙين ۾ ٿي ويٺا ۽ پتڻ جي انهيءَ جاءِ کان، جيڪا کين هٿ آئي ]157[ هئي، ] مٿي[ منڍ واري ٻيڙي کڻي ڇوڙيائون ۽ اها مـُـهڙ واري ٻيڙي] لهواري وهڪري سبب[ وڃي اڀرندي ڪناري تي بيٺي. اسلام جي لشڪر تير وسائي ڪافرن کي ڪناري کان پري ڪيو ۽ هڪدم ميخون ٺوڪي پـُـل ٻڌائون.(بس پوءِ ته) سوارن ۽ پيادلن حملو ڪيو ۽ اڀرندي ڪناري طرف(1) ڇلنگيون ڇـُـلنگيون ٿي ٽپيا ۽ صفون  ٻڌائون، ۽ ڪافر ڀڄي ويا. عرب جي لشڪر غالب ٿي کين جهم ]جي حد[ کان ٻاهر ڀڄائي ڪڍيو. ڪافرن مان جيڪي همت وارا سوار ڀلن گهوڙن تي سوار هئا، تن کڻي گهوڙن کي ڇڏيو، ۽ سڄي رات هلندا رهيا: نيٺ جڏهن صبح صادق اونداهيءَ رات جي پردي مان ظاهر ٿيو، تڏهن وڃي ڏاهر جي لشڪر گاهه ۾ پهتا. ڏاهر خواب گاهه ۾ ستل هو ۽ دربانن هن کي جاڳائڻ جي همت نٿي ڪئي. نيٺ سندس خاص ماڻهن مان هڪڙو سندس خلوتگاهه ۾ ويو، ۽ راجا ڏاهر کي جاڳائي کيس اسلام جي لشڪر جي پهچڻ، ۽ ڪافرن جي شڪست کائي ڀڄڻ جو احوال تفصيل سان ٻڌايائين. ڏاهر آرام جي بستري تان ٽپو ڏيئي اٿيو.

ڏاهر جو ننڊ مان اٿڻ ۽ دربان کي ڪافرن جي ڀڄڻ ۽ اسلام جي فتح جي خبر آڻڻ تي سزا ڏيڻ

۽ چيائين ته: بري خبر ڏني اٿيئي. ۽ هن کي پنهنجي ويجهو سڏي، ڪاوڙ مان سندس پٺيءَ تي مڪ هنيائين. ڏاهر جو هٿ ڳورو هو، جنهنڪري اهو ماڻهو انهيءَ ڌڪ کان مري ويو.

(روايت:) تاريخ جي مصنفن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم دريا ِّ ٽپي ويو، تڏهن اعلان ڪيائين ته: اي اسلام جا لشڪر! هينئر مهراڻ جو پاڻي توهان جي پويان آهي، ]158[ ۽ ڪافرن جو لشڪر توهان جي سامهون مقابلي ۾ ايندو. جنهن جي دل موٽي وڃڻ چاهي سو هتان موٽي وڃي، ڇاڪاڻ ته (جنهن وقت) دشمن سامهون ٿيندو ۽ لڙائي شروع ٿيندي، انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو مــُـنهن ڦيريندو ته لشڪر دل شڪستو ٿي ڀڄڻ جي ڪندو، جنهن ڪري دشمن اسان تي غالب پئجي ويندو. ]اهو اسان لاءِ[ وڏو عيب ٿيندو، ]ڀڄڻ[ وارو مردار ٿي مرندو ۽ اڳيان آخرت جي عذاب جي گرفتاري ]ٿيندس[. ]انهيءَ اعلان بعد[ ٽن ماڻهن کان سواءِ ڪوبه واپس نه موٽيو، هڪڙي چيو ته مون کي هڪ ڌيءَ آهي، جنهن جو مون کان سواءِ ڪو به ڪمائيندڙ ڪو نه آهي، ٻئي چيو ته مون کي هڪ ماءُ آهي، جنهن جو ڪو ويجهو عزيز ڪو نه آهي جو کيس (مرڻ کان پوءِ) دفن ڪري يا سندس تيمارداري ڪري، ۽ ٽئين چيو ته مون کي تمام گهڻو قرض ڏيڻو آهي ۽ اهڙو ڪو به ماڻهو جيئرو ڪو نه آهي جو (اهو بار) منهنجي گردن تان لاهي. امير ]محمد بن[ قاسم انهن کي اجازت ڏني. باقي ٻيا سڀ اتفاق ڪري بيهي رهيا.

ٽپڻ لاءِ پل ٻڌڻ(1)

پوءِ جڏهن پل تيار ٿي ته فوج لنگهڻ لڳي ۽ بني حـَـنظـَـلـَـه جي هڪڙي شخص تراب نالي کان سواءِ، جو لنگهڻ وقت پل تان ڪـِـري ٻڏي ويو، ٻئي ڪنهن کي به ڪا تڪليف ڪانه پهتي.

عرب جي لشڪر جو لنگهڻ

تنهن کان پوءِ اسلام جو لشڪر روانو ٿيو، ۽ وڃي ٻيٽ جي قلعي جي ويجهو ٿيو. سڀ سوار لوهه] جي زرهن[ ۾ غرق ٿي نڪتا هئا. ]محمد بن قاسم[ جاسوسي دستي طور ]ڪي ماڻهو[ چوطرف مقرر ڪري، لشڪر جي ٻاهران کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي اندر سامان سڙو رکائي، ]159[ محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي کان راؤڙ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ نيٺ وڃي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو، جنهن کي جيور(1) ٿي چيائون. راوڙ ۽ جيوَر جي وچ ۾ هڪ خليج  ]پاڻيءَ جي گهاري[ هئي، ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇڇ) جي گهيڙ وٽ حفاظت خاطر ڪي هٿياربند ۽ خاص ماڻهو بيهاريا هئا، ته نظر ڪندا رهن.

ڏاهر کي ٽپي اچڻ جي خبر پوڻ

محمد بن قاسم خيال ڪيو ته شايد هنن جو لشڪر چالبازي ٿو ڪري ۽ هو ]وجهه وٺي[ اسان سان سامهون ٿيندا. سو مـُـحـُـرِز بن ثابـِـت قـَـيسي (2) کي ٻه هزار سوارن سان  مقرر ڪري ۽ محمد بن زيـِـاد اَلعـَـبدِي کي هڪ هزار سوار ساڻ ڏيئي، ٽپايائين جي وڃي هنن جي سامهون کـُـپي ويٺا.

ڏاهر جو محمد عـِـلافي کي گهرائڻ

پوءِ ڏاهر جي حڪم ڪرڻ تي محمد بن حارِث عـِـلافيءَ کي سڏيائون. عـِـلافي آيو ۽ ڏاهر چيو ته: ”اي محمد! اسان جي توتي مهرباني خاص ههڙي وقت لاءِ هئي. جيئن ته جاسوسيءَ جو عهدو هميشه تنهنجي حوالي رهيو آهي، هن وقت خاص طرح (اهو ڪم) تنهنجي ذمي لڳايو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته عرب جي لشڪر جي طور طريقي کان تون وڌيڪ واقف آهين، تنهن ڪري انهيءَ لشڪر جي جاسوسي پڻ تنهنجي حوالي ڪرڻ وڌيڪ مناسب ٿيندي.“

(عـِـلافي جو جواب:) اتي عـِـلافي چيو ته: ”اي راجا! تنهنجي خيرخواهي اسان تي واجب آهي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي نعمت جو حق اسان جي مٿان لازم ٿيو آهي. پر اسان مسلمان آهيون، ۽ اسلام جي لشڪر جي سامهون جنگ نه ڪنداسون ۽ نه  ترار کڻنداسون. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلمانن جي هٿان ڪسي وياسون ته مردار ٿياسون ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪٺوسون ته سندن خون اسان جي گردن ۾ رهندو، ۽ ان جو بدلو ]160[ جهنم جي باهه آهي. بيشڪ تنهنجي نعمت ۽ نمڪ جو حق اسان جي گردن ۾ آهي، ۽ اهڙو ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچيم، جو تنهنجو خيرخواه هجي. پر مان هن (عرب جي) لشڪر جي طاقت کان بيخوف نٿو رهي سگهان جيتوڻيڪ تنهنجي نعمت جي زير بار آهيان، ]تاهم[ مون کي ]هتان نڪري وڃڻ جي[ موڪل ڏي“(1).

محمد عـِـلافيءَ جي درخواست ۽ ڏاهر جو ان کي جواب ڏيڻ

هنن ٻوٽن جي باغبان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو آهي ته: عـِـلافيءَ جڏهن هيءُ احوال کيس ٻڌايو، تڏهن ڏاهر چيو: ”مون تو کي ههڙي ڏينهن لاءِ رکيو هو، پر جنهن صورت ۾ تون مون کي هن حادثي ۾ مدد نٿو ڪري سگهين ۽ منهنجو حڪم (مڃڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي، ته پوءِ اسان جي خدمت ۽ صحبت مان هليو وڃ.“

محمد عـِـلافيءَ جو هليو وڃڻ

محمد عـِـلافي هن کان جدا ٿي بيلمان جي حڪومت (1) ڏانهن هليو ويو، جو (بيلمان) ان ملڪ جو والي هو، ۽ اهو ملڪ هن جي ڏاڏي بتابر (يا نيابر) بن بجر(2) جي نالي سان مشهور هو. هو ڏاهر جي ڪـُـسڻ تائين اتي رهيو.

]محمد بن قاسم جو[ محمد عـِـلافيءَ کي امان ڏيڻ(3)

پوءِ محمد بن قاسم هن کي امان ڏيئي، کيس ملڪ جي وزارت جو پروانو لکي ڏنو، ۽ هندستان ڏانهن وڃي اتي جي بادشاهن کي اسلام سان مشرف ٿيڻ يا ڍل ڀرڻ جي ترغيب ڏيندو هو، چڱن واعدن سان کين اميدوار ڪندو هو، ۽ ]161[ هو سندس ]محمد بن قاسم جي[ تابعداري ۽ بيعت ۾ ايندا هئا، ۽ جيڪي پروانا گهرندا هئا تن لاءِ خدمت ۾ عرض ڪندو هو. جنهن ڪري سڀيئي سندس اطاعت ۾ آيا. سڀني کان اڳ ۾ طاطرس بن بجر بيلمان، ڪيرج (1) جو راجا سر بند(2) ڪنبه يا ڪشه(3) جو مالڪ کوڪو پٽ موڪو(4) ۽ گيان پٽ ٿاهر(5) اسلام جو شرف حاصل ڪري ڏن-ڀرو ٿيا.

محمد بن قاسم جڏهن ملتان ڏانهن ويو، تڏهن ]محمد علافي[ وفات ڪئي.

ڏاهر جي عـِـلافيءَ سان صلاح ڪرڻ

محمد ]بن [حـَـسن کان روايت ڪئي اٿن، جنهن بيان ڪيو ته: پهرئين ڏينهن جڏهن عـِـلافي جنگ کان معافي گهري ۽ مسلمانن سان لڙڻ کان پاسو ڪيو، تڏهن ڏاهر چيس: ”جيڪڏهن عربن جي جنگ کان معافي ٿو گهرين ته به اسان سان رهي جاسوسي ڪندو رهه، جيئن اسان کي  هنن جي رٿن کان واقف ڪندو رهين، ۽ سندن اٽڪلن جي دفع ڪرڻ جو صلاحون ڏيندو رهين.“ پوءِ عـِـلافي، ڏاهر سان گڏجي هنن جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس ٿي ويو. جڏهن عربن جي لشڪر کي ويجهو ويو، تڏهن عربن طعنا هنيا ۽ عـِـلافي ڀڄي موٽي آيو.

(1)  هن نالي جون اصل پڙهڻيون هن طرح آهن. ر،م،ن،ب،س: قرتي: پ،فوقي. فارسي ڇاپي ۾ ”قوفي“پڙهڻي اختيار ڪيل آهي جا نه فقط قياس ويجهو آهي، بلڪ اسان جي خيال ۾ صحيح آهي. علم اللغت موجب، مَعَرَب ۽ دَخيل لفظن جي صورتخطين جي لحاظ سان ”قوفي“ صاف طور”گوپي“ معلوم ٿئي ٿو ۽ اسان ترجمي ۾ انهيءَ اصلي نالي کي ترجيح ڏني آهي. بشڪريه، محترم قاضي احمد ميان اختر صاحب.(ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”عطيہ ثعلبي“ آهي. ر جي پڙهڻي ”تغلي“ يا ”تقلي“ جا پڻ م جي پڙهڻي آهي. انهن پڙهڻين جي آڌار تي”تغلبي“ صحيح معلوم ٿئي ٿو ۽ ”ثعلبي“ ان جي تصنيف آهي. ان کان سواءِ انساب ۾ پڻ ”ثعلبي“ نقسبت عام ڪانهي.(ن-ب)
(2)  هي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي. ن جي پڻ اهائي پڙهڻي آهي، پ،ڪ: کندراهه، ر،م:کند اد همه.
(3)  مختلف نسخن جون اصل پڙهڻيون هي آهن: پ،مندينہ: ر: مقدمنيہ، م،س، مقدونيہ: ن،مقديتہ: ڪ،مقديفہ: فقط پ جي پڙهڻي جي صورت علحده آهي ۽ ان جي لحاظ سان اصل نالو ”مـَـنڌِيڻَ“ يا ”مانڊَنَ“ ٿي سگهي ٿو. مگر ٻين سڀني نسخن جي قراعتن ۾ هن نالي جي شروع ۾ ”مقـ“ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان پ جي پڙهڻي به غالباً ”مقدينہ“ ”مقدنيہ“ جي بگڙيل صورت ٿي سگهي ٿي. فارسي ڇاپي ۾ ”مقدنيہ“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. ٻئي صورت م،س جي قرا ِّت آهي جنهن ۾”و“ اضافي آهي: ۽ ٽين صورت ن جي قرا ِّت آهي جنهن جي پوئين حصي ۾ ت آهي ۽ اها پڙهڻي ”مقدتيہ“ به ٿي سگهي ٿي، م،س جي قر ِّت به ”ن“ جي بدران جيڪڏهن ”ت“ پڙهجي ته اها پڙهڻي ”مقدوتيہ“ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لحاظ سان مقدنيہ، مقدوتيہ ۽ مقدتيہ پڙهڻيون ٿي سگهن ٿيون، جي ميگهڌَنـِـيہ، ميگهدُوتيہ ۽ ميکهدَتـَـيـَـه جهڙن اصلي نالن ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون. جيئن ته سنڌ ۾ ڌڻي، ڌڻ، ڌنو وغيره لفظ عام آهن، تنهنڪري اسان متن ۾ ميگهڌنيـہ پڙهڻي رکي آهي.(ن-ب)
(4) اصل ۾ ”مصعب بن عبدالرحمان“. ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]101[.(ن – ب)
(1) ٻيٽ واري ايراضي لاءِ اصل عبارت ”جزيره بيت“ آهي.(ن-ب)
(2)  اصل ۾: ”زَحر جعفي“ حقيقت ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ زَحر نه بلڪ سندس پٽ جهم بن زحرالجعفي شامل هو. ڏسو مٿي ص ]  101 ۽ 102[ (ن – ب)
(1)  هيءَ عبارت نسخي ر تان وڌايل آهي. اصل ۾ سڄو فقرو هن طرح آهي: ”و از اَب مهران بتفاريق مي گذشتند.“(ن-ب)
(1)  هن عنوان جو اهو مطلب ناهي ته ٻيهر پل  ٻڌائون. مگر پل ٻڌڻ ۽ لشڪر جي لنگهڻ بابت ڪي واقعا بيان ڪيل آهن ۽ انهيءَ ڪري هي عنوان ۽ ان کان پوءِ ٻيو عنوان ٻيهر لکيو ويو آهي.(ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”جيپور“ پڙهڻي متن ۾ رکي وئي آهي جا س جهڙي غير معتبر نسخي جي پڙهڻي آهي. معتبر نسخن مان ر، ن، ب، جي متفقه پڙهڻي ”جيور“ آهي، پ جي پڙهڻي ”چيور“ آهي جا جيور سان موافق آهي. هي نالو مٿي ص]133[ تي اچي چڪو آهي ۽ اتي سڀني نسخن مطابق ”جيور“ آهي. هي نالو وري ص ]167[ تي آيو آهي، جتي هن نالي جي لفظي معنيٰ ”موضع ظفر“ ڄاڻايل آهي ۽ فاضل ايڊيٽر (ڊاڪٽر دائود پوٽي) آخر ۾ ص]133[ جو حاشيو لکندي لفظ ”جيور“ کي انهيءَ معنيٰ سان هن طرح تطبيق ڏني آهي: ”جي=ظفر — ور (مشق از ورُو) = محيط به، يعني موضعي محيط بظفر“ (ڏسو فارسي ڇاپو ص 263). ص]167[  تي به پ ۽ ر جهڙن جهونن نسخن جي پڙهڻي ”جيور“ آهي، انهيءَ ڪري هن صفحي تي توڙي ص] 167[ تي اسان ”جيور“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي.(ن-ب).
(2)  سڀني نسخن مطابق هت ”قيسي“ مگر ص ]171[ تي ”اَلدمشقي“.
(1)  شايد علافيءَ جو بيت ”لاتـُـقــِـيـمـَـن بدَار-الخ“ جو مٿي صفحي ]138[ ۾ لکيو ويو آهي، سو هن موقعي تي چيل ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته هن موقعي سان اهو بيت مناسب آهي ۽ جتي لکيو ويو آهي، انهيءَ جاءِ سان ڪا به مناسبت نٿو رکي.(مترجم)
(1)  اصل عبارت: ”ممالک بيلمان“. بيلمان راجا جي نالي طور آيو آهي. هت پ جي پڙهڻي ”چلمان“ آهي.(ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ هيءُ نالو ”بتابر بن الحر“ ڪري لکيو ويو آهي، جو پ، ن، ب، م نسخن مطابق آهي. ر جي پڙهڻي ”نيابر بن الحر“ آهي، هيٺ ص ]162[ تي ”طاطرس بن بجر بيلمان“ جو نالو آيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هت به ”الحر“ جي بدران صحيح ”بجر“ آهي. (ن-ب)
(3) هيءُ عنوان صرف علافيءَ جي سلسلي ۾ هتي اچي ويو آهي ۽ ”پوءِ محمد بن قاسم-الخ“ مان ”پـوءِ“. جي معنيٰ ته ”هن واقعي بعد“ ۽ نه ته ”هن کان يڪدم پوءِ“. علافي پوءِ به جيسينہ سان گڏ رهيو ۽ غالباً ان بعد محمد بن قاسم کيس امان ڏني ته هندستان جي بادشاهن وٽ سندس ايلچي ٿي وڃي. تنهن ڪري  هو ڪشمير جي راجا وٽ ويو، جنهن لاءِ ڏسو صفحو] 203[. (ن-ب)
(1)  ر، ن، ب، س، ڪ جي پڙهڻي ”کيوج“ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته غالباً صحيح پڙهڻي ”کيرج“ ئي آهي. جنهن جو ذڪر هن بعد ]218[ ۽ ]228[ صفحي تي اچي ٿو. پ، م جي پڙهڻي ”کنوج“ آهي جا مناسب نٿي نظر اچي.(ن-ب)
(2)  پ: سوبند: ڪ: سونيذ.
(3)  فارسي ڇاپي ۾ ”کنبه“ جا غالباً پ جي پڙهڻي آهي: مگر ر، ن، ب، س جي پڙهڻي ”کتہ“ آهي، جنهن مان ”کشہ“ جو به گمان نڪري ٿو، وڌيڪ توضيع لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه صفحو ]162[.(ن-ب)
(4)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”کهوکه بن موکه“ آهي جا غالباً م مطابق آهي. ٻين نسخن ۾ هي سڄو نالو ڏنل ڪونهي: پ ۾ فقـہ ”که“ آهي ۽ ن ۾ ”بن موکه“ (ن-ب)
(5)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”قبايض بن طاهر“ آهي جا غالباً ب مطابق آهي. ن جي پڙهڻي به اهائي آهي، مگر ر،م جي پڙهڻي ”قيان بن طاهر“ آهي ۽ اسان انهيءَ جي مدار تي ئي ”گيان بن ٿاهر“ ڪري لکيو آهي.(ن-ب)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :27
محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن لکيو موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم سمورو احوال خط ۾ لکي حجاج ڏانهن موڪليو، ۽ ٻڌايائينس ته اسلام جو لشڪر مهراڻ ٽپيو آهي، ۽ ڏاهر ڪافر سان هڪ دفعو سامهون ٿيا آهيون، جنهن ۾ ڪافر ڀڄي ويا- والسلام] .162[

حجاج  جو خط محمد بن قاسم کي پهچڻ

”پيارا فرزند عمادالدين محمد بن قاسم! تو جيڪي لکيو آهي سو معلوم ٿيو. هيءُ نمونو جيڪو لکيو اٿيئي سو اصل ٺڳي آهي. الله تعاليٰ جي حڪم ۽ خدائي توفيق سان موافق هيءُ ڪم (هيئن) ٿو ڏسجي ته خدا عزوجل جي بيمثال درگاهه ۾ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ سڀني ضروري ڪمن کان مقدم رکين، تڪبير، قراِّت، قيام، رڪوع، سجدي ۽ قعود وقت عاجزي ۽ زاري سان امداد گهرين، ۽ زبان کي الاهي ذڪر سان تر رکين، ته جيئن تنهنجا سڀيئي ڪم انتظام سان رهن، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ جي عنايت کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي دٻدٻو ۽ طاقت حاصل نٿي ٿئي. تون جڏهن سمورو ڀروسو ۽ ٽيڪ بادشاهه عزوجل جي فضل ۽ ڪرم تي رکندين، تڏهن تنهنجون سڀ اميدون پوريون ٿينديون، ۽ فتح ۽ نصرت تو سان شامل ۽ مددگار ٿيندي. انشاءَ الله تعاليٰ“– حـُـمران جو لکيل.

ڏاهر جو جـَـيسيـِـنه کي جنگ ڪرڻ جي

مقدمه طور موڪلڻ

خبرن جي مصنفن  هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن محمد عـِـلافي جاسوسيءَ کان موٽي آيو، تڏهن راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جـَـيسـِـينه کي ڪجهه لشڪر ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي موڪليو. جـَـيسـِـينه هاٿيءَ تي ويهي اسلامي لشڪر جي سامهون اچي جنگ جوٽي. گهڻي لڙائيءَ کان پوءِ، جنهن ۾ ڪافر ڪٺا ۽ ڀڳا، جيسينه کي هٿياربندن ۽ باڊي گارڊن جي جماعت سوڌو چوڌاري گهيرو ڪري ورتائون، ۽ ]کيس چئني[ طرفن کان ڦري آيا. جڏهن عربن جي لشڪر جـَـيسـِـينه تي حملو ڪري، سندس لشڪر جي گهڻي ڀاڱي کي دوزخ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن فيلبان جـَـيسـِـينه جي دل جو احوال معلوم ڪرڻ چاهيو، ته جنگ تي ]163[ ضد اٿس يا موٽڻ جو خيال رکي هن مصيبت کان نڪرڻ ٿو گهري. (فيلبان جو اشارو:)  فيلبان هاٿيءَ کي چيو ته: ”اي هاٿي! مرڻ ٿو گهرين يا ڇوٽڪارو؟ ڇاڪاڻ ته راجا ڏاهر ته جـَـيسـِـينه جي حياتي ٿو چاهي: تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ موٽ ته ڇوٽڪارو مليئي.“ (جـَـيسـِـينه جو فيلبان کي جواب:)  جـَـيسـِـينه چيو: ”اسان ڪيئن ڇٽي سگهنداسين؟ ڇاڪاڻ ته دشمن جي سامهون ٿيا آهيون ۽ تنگ آهيون، نڪري وڃڻ جو رستو اسان لاءِ ڏکيو آهي ۽ چارئي طرف بند.“ فيلبان سمجهيو ته جـَـيسـِـينه جو جنگ مان ڀڄي نڪرڻ جو پڪو ارادو آهي. هو حياتي گهري ٿو، ۽ جنگ کان پشيمان ٿيو آهي، سو هاٿيءَ کي تکو ڪري حملو ڪيائين. عرب پيادا خواه سوار هاٿيءَ جو مقابلو نه ڪري سگهيا، ۽ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جنهن ڪري جـَـيسـِـينه لاءِ ڀڄڻ جو رستو خالي ٿي پيو. هو منهن ڦيرائي ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪري اچي پيءُ وٽ پهتو، ۽ سندس سارو لشڪر ڪـُـسي ويو. راجا ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇـَـڇ) جي اڀرندي پاسي کان لٿل هو. جـَـيسـِـينه کي ڏسي شڪر ڪيائين، پنهنجي معبود جو سجدو واجب ڄاتائين، ۽ پنهنجي پٽ جي سلامتيءَ سان موٽي اچڻ تي (ان معبود جي) تعريف ۽ ساراهه ڪيائين.

انهيءَ ڏينهن حجاج جو خط پهتو، جنهن ۾ حڪم هو ته جتي ڏاهر آهي، اتي وڃي ساڻس مقابلو ڪج، ڇاڪاڻ ته فتح تنهنجي ٿيندي ۽ ڪافر خوار خراب ٿي ڀڄي ويندا.

ڏاهر لعين سان پهرئين ڏينهن لڙائي ڪرڻ

]۽ راسل جي بيعت ڪرڻ [

محمد بن ابي الحسن مدني (1) کان روايت ڪئي اٿن ته: جڏهن جيسينه بن ڏاهر شڪست کائي موٽيو، ۽ سندس لشڪر ڪسي ويو، تڏهن راسل ]164[، محمد بن قاسم ڏانهن بيعت ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليو . وزير کيس چيو ته: ”راجا ڏاهر جو سمورو ڀروسو تنهنجي موافقت تي آهي، ۽ تو تي پورو اعتماد اٿس. تون جيڪڏهن هن وقت ساڻس مخالفت ڪندين ته اهو تنهنجي اولاد لاءِ عار ٿيندو. اهو پڻ معلوم نه آهي ته عربن کي فتح ٿيندي يا نه؟ تنهنجو ڀاءُ موڪو (اڳيئي) ڏاهر جو مخالف هو، تنهن ڪري وڃي اسلامي لشڪر سان مليو، ۽ تو کي ڪنهن به بهاني جي مجال نه آهي“ ]پر[ راسل وزير جي ڄاڻ کان سواءِ قاصد موڪلي چيو: ”هيءُ قول منهنجي زبان مان نڪتو آهي، ۽ محمد جي خدمت جو طعنو (پڻ) لڳي چڪو آهي. پر آءٌ  پنهنجي عزت به چاهيان ٿو، جيئن مخالفن جي شرمائڻ کان بچاءُ ۾ رهان. (تنهن ڪري صلاح ڪئي اٿم ته) مان فيصلو ڪندس ته فلاڻي رستي کان راجا ڏاهر جي خدمت ۾ وڃان ٿو. تون پنهنجن سوارن جي هڪ فوج موڪل، جيڪي انهيءَ وقت تي رستو جهلي، مون کي گرفتار ڪن ته جيئن طعني کان بچي وڃان، ۽ اسان جو مطلب به حاصل ٿي وڃي.“ انهيءَ انجام تي راسل ٻيٽ جي قلعي مان نڪتو ، ۽ وسايي کي (پنهنجي بجاءِ) مقرر ڪري هدايت ڪيائينس: ”جيڪڏهن عربن جو لشڪر اچي ته انهن سان جنگ نه ڪج، ۽ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي حتي الامڪان سندن راضي ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪج، ڇاڪاڻ ته ائين ٿو سمجهجي ته هيءُ ملڪ عرب جي لشڪر جي حوالي ٿيندو.“ آخر راسل اهو ارادو ڪري اتان روانو ٿيو. هوڏانهن محمد بن قاسم ]پڻ[ پنج سؤ تيز سوار مقرر ڪري، انهيءَ انجام واري جاءِ ڏانهن موڪليا. نيٺ راسل به اچي پهتو ۽ (پنهنجي) انهيءَ قول موجب بيهي رهيو. هن جي لشڪر سمجهيو ته جنگ لاءِ بيهڪ ڪئي اٿس. سو جنگ ۾ جنبي ويا. (هي واقعو) ڪنبه (1) جي قلعي کان پنجن فرلانگن جي پنڌ تي انهيءَ جاءِ تي (ٿيو) جنهن کي نيطري واهه (2) چون ٿا. راسل کي ڀڄڻ کان شرم ٿي آيو، ۽ جنگ کان پڻ پاسو ٿي ڪيائين، تنهن ڪري سندس ڳپل لشڪر ڪـُـسي ويو. ]165[ جيئن ته محمد بن قاسم سندس گرفتار جي پارت ڪئي هئي، ۽ حڪم ڪيو هئائين ته کيس ڪهجو نه، تنهنڪري کيس ڪوبه گهاءُ نه ڪيائون، ۽ هن کي سندس هڪ لشڪر جي فوج سميت گرفتار ڪري، محمد بن قاسم وٽ وٺي آيا. محمد بن قاسم هن کي سڏي چيو ته: ”اي راسل! تون چاهين ٿو ته تو کي تنهنجي ڀاءُ موڪي جي مهابي بخشان؟ ۽ هن کان اڳي تو کي استدعا ڪيم (پر نه مڙئين ۽) نيٺ اسان سان مقابلي جو خيال ڪيئي، ۽ گرفتار ٿي آئين. هاڻيءَ انهيءَ عار کان آزاد آهين، جنهن جو تو کي فڪر هو، تنهن ڪري اسان سان موافق ٿيءُ  ته توتي سچيون مهربانيون ڪريون، ۽ جنهن ولايت جو عرض ڪرين، سان تو کي عطا ڪريون.“ راسل خدمت بجا آڻي رضامنديءَ جو شرف حاصل ڪيو.

راسل جو محمد بن قاسم سان عهدنامو ڪرڻ

راسل خدمت جو شرط بجا آندو ۽ پڪو انجام ڪري چيو ته: خدا تعاليٰ جي حڪم کي ڪو به روڪيندڙ يا دفع ڪندڙ نه آهي. جڏهن تو مون کي پنهنجي احسان جو گرويدو ڪيو، تڏهن هن کان پوءِ تنهنجي خدمت ۾ رهندس ۽ تنهنجي رضا کان ٻاهر نه ويندس، ۽ جيڪو تنهنجو فرمان ٿيندو، انهيءَ جي تابعداري ڪندس. انهيءَ کان ٿورو پوءِ راسل مري ويو، ۽ ولايت جو سڄو ڪاروبار موڪي جي حوالي رهيو.

جڏهن راسل ۽ موڪي اتفاق ڪري، محمد بن قاسم کي منزل کڻڻ جي ترغيب ڏني، تڏهن اتان منزل پٽي وڃي انهيءَ جاءِ ۾ لٿا جنهن کي نارائي (1) چوندا آهن. ڏاهر قاجيجاق (2) ۾ (لٿل) هو. اتي ڏٺائون ته اسلام جي لشڪر ۽ ڏاهر جي وچ ۾ هڪ وڏي ڇـَـڇ (3) هئي، جنهن جو لنگهڻ ڏکيو هو: جنهن تي راسل چيو ته: ”شال امير عادل عمادالدين سلامت رهي! هيءَ ڇـَڇ ٽپڻ گهرجي.“ آخر راسل ٻيڙيون هٿ ڪري ٽيهه-ٽيهه مرد لنگهايا، ۽ نيٺ پورو لشڪر ]166[ ٽپي ويو، ۽ وچ ۾ فقط هڪ خليج وڃي رهي. (اتي) راسل ]محمد بن قاسم کي[ چيو ته: ”توکي هڪ منزل مٿي وڃي جيوَر(4) ۽ ددهاواهه(5) تي، جو راؤڙ جو هڪ ڳوٺ آهي، ڪئمپ ڪرڻ گهرجي، جيئن سندس (ڏاهر جي) اڳيان پٺيان اچي سگهين، ۽ ساڻس جنگ ۾ پڄي پورو پوين، ۽ سندس سازو سامان تي ڪامياب ٿي قبضي ۾ آڻين.“ محمد بن قاسم انهيءَ صلاح تي ڀروسو ڪري، وڃي جيوَر ۾ ددها واهه جي ڪناري تي منزل ڪئي.

محمد بن قاسم جو جيوَر جي منزل تي لهڻ

پوءِ راجا ڏاهر کي خبر ملي ته محمد بن قاسم، عرب جي لشڪر سان، جيوَر ۾ منزل ڪئي آهي. وزير سياڪر ٻڌي چيو ته: ”هاءِ ! برو (سوڻ) ٿيو. انهيءَ جاءِ کي جيوَر چون ٿا يعني ”فتح جي جاءِ“(1) ، ۽ جڏهن لشڪر وڃي انهيءَ جاءِ تي پهتو ته فتح ۽ ڪاميابي ساڻن همراهه رهندي.“ راجا ڏاهر هن حقيقت کان تنگ ٿيو، ۽ سندس دماغ تي غيرت جي باهه غالب ٿي، ۽ ڪاوڙجي چيائين ته: ”هڏباريءَ (2) ۾ لٿو آهي، جا اها جاءِ آهي جتي (رڳا) هڏا پهچندا آهن.“ ڏاهر اُتان اٿيو، ۽ ڀڄي وڃي پاڻ کي راوڙ جي قلعي ۾ سٽيائين، ۽ سندس پوئلڳ، ۽ سازو سامان به انهيءَ قلعي ۾ رهيا. ]هاڻي هو[ اهڙي جاءِ تي اچي ويٺو جتان عربن ۽ ڏاهر جي لشڪر ۾ (فقط) ٽي ميل (مفاصلو) هو. اتي ڏاهر هڪ نجومي کان پڇيو ته: ”اڄ مون کي لڙائي ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ۽ زُهرو ڪٿي آهي؟ هنن ٻنهي لشڪرن جي غالب ۽ مغلوب جو حساب ڪري نتيجو معلوم ڪر ته آخر ڇا ٿيندو.“ (نجوميءَ جا فيصلا)، نجوم جي نتيجي معلوم ڪرڻ کان پوءِ ]167[، نجومي جواب ڏنو ته: ”حساب جي نقطه نظر کان غلبو عربن جي لشڪر جو آهي، ڇاڪاڻ ته زهرو هنن جي پٺيان آهي ۽ تنهنجي سامهون.“ هيءُ ڳالهه ٻڌي راجا ڏاهر ڪاوڙيو. نجوميءَ چيو: ”راجا کي ڪاوڙجڻ نه گهرجي: حڪم ڪر ته زهري جي سوني تصوير ٺاهينِ، جيئن زهره تنهنجي پٺيان رهي ۽ تنهنجي فتح ٿئي.“ پوءِ (زهري جي) صورت ٺاهي سندس ڪنجڪ سان ٻڌائون. محمد بن قاسم (اڃا به) ويجهو آيو ۽ (هاڻي) ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ اڌ فرلانگ جو مفاصلو رهيو.

ٻئي ڏينهن جنگ ڪرڻ

ٻئي ڏينهن اتان به منزل پٽي اچي ٻن سڏن پنڌ تي لٿو. جڏهن عربن جو لشڪر ويجهو اچي لٿو، تڏهن ڏاهر پنهنجن راڻن مان هڪ ٺـَـڪر کي گهرايو، جنهن کي ”جهاپو اڳواڻ“ (1) ڪري سڏيندا هئا، ۽ چيائينس ته توکي محمد بن قاسم جي سامهون وڃڻ گهرجي. حڪم جي اشاري تي، ڪاڻو اڳواڻ  پنهنجو لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو، ۽ اسلام جي لشڪرکي سامهون ٿي جنگ جوٽيائين. صبح جي شروع کان وٺي شام جي گذرڻ تائين دلير بهادرن ۽ مردن ٻنهي طرفن کان جهڙپون ڏنيون: نيٺ  جڏهن  ٿـَـڪا تڏهن موٽي ويا.

ٽئين ڏينهن ڏاهر جي عربن سان جنگ ڪرڻ

ٻئي ڏينهن ڏاهر لعين، جاهين کي حڪم ڪيو. هو بهادر مرد هو، ٻاهر نڪري لڙائي شروع ڪيائين، تان جو ڪـُـسي ويو. آخر جڏهن ]اها حالت ٿي جو[ جيڪا به فوج ]168[ ٿي موڪليائين سا اسلام جي (لشڪر جي) خونخوار ترار جو لقمو ٿـِـي، تڏهن سياڪر وزير، اڳيان اچي خدمت بجا آڻي عرض ڪيو: ”اي راجا! هيءَ رَوَش جنهن سان تون جنگ ٿو ڪرين، غلطي آهي. توکان ڪئين دفعا غلطيون ٿيون آهن، پر اڃا به تجربو نٿو پرائين. جيتوڻيڪ انساني تدبير خدائي تدبير سان برابر نه ٿيندي، تاهم وقت جي بادشاهن جي بلند راءِ جي آڏو ڪو ڇوٽڪاري جو رستو تيار ڪر. پهريائين ته جڏهن هي عربن جو لشڪر مهراڻ پار ڪري رهيو هو، ۽ ڇـُـلنگيون ڇـُـلنگيون ٿي پئي لنگهيا، تڏهن توکي هنن جي سامهون  ٿيڻ گهربو هو، جيئن کين ٻيءَ جنگ کان ڊپ ٿئي ها. هاڻي جڏهن گڏ ٿي مقابلي لاءِ آيا آهن، ۽ جنهن به ٺـَـڪـُـر کي موڪلين ٿو، سو مات ٿو ٿئي، تڏهن اها ڳالهه چڱي نه آهي. (هاڻي) تو لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته ساري لشڪر ۽ نوڪرن، پيادن خواه سوارن سان هاٿيءَ تي (چڙهي) مٿن حملو ڪر. جيڪڏهن توکي فتح نصيب ٿي ته پوءِ ته تنهنجي مراد حاصل ٿي ۽ تنهنجو دشمن دفع ٿي ويندو. ٻيءَ صورت ۾ هو غالب ٿيندا ۽ تون پاڙيسري بادشاهن جي شرم کان معذور رهندين، ۽ تنهنجي پٽن ۽ پوين کي به ڪوبه طعنو نه لڳندو.“ ڏاهر هيءَ ڳالهه قبول ڪئي.

چوٿين ڏينهن جي جنگ

ٻئي ڏينهن سندس حڪم تي جنگ جو نغارو وڄائي، جهنڊو کڙو ڪيائون، ۽ اٽڪل پنج هزار ناليرا سوار ۽ چالاڪ جنگي جوان ۽ شهزادا، سٺ ]169[ مست هاٿي، ڪي چون ٿا ته جنگي هاٿي هڪ سؤ هئا، ۽ ويهه هزار زرهن ۽ ڍالن سميت پيادا جنگ لاءِ سندس اڳيان روانا ٿيا پاڻ هڪ مست هاٿيءَ تي پالڪي ٻڌي، لوهو برگستوان وجهي، زرهه ڍڪي، ۽ ڪمان تي زهه چاڙهي ويٺو. ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ ٻه ٻانهيون هيون: هڪڙيءَ کيس هڪٻئي پويان تير ٿي ڏنا ۽ ٻيءَ پان ٿي پهچايو.

ڏاهر جو محمد عـِـلافيءَ کي پنهنجي پٽ سان

گڏ موڪلڻ

پوءِ (هڪ پاسي) پاڻ لشڪر وٺي هليو، ۽ (ٻئي پاسي) پٽ کي ڌار ڪري چيائين ته: ”محمد عـِـلافيءَ کي تو سان گڏ روانو ٿو ڪريان. عربن جي جنگ کي هو بهتر ٿو ڄاڻي. هو جيئن به اڳتي وڌڻ يا پٺتي هٽڻ جو حڪم ڪري، تون سندس حڪم ۽ اشاري جو پابند رهج.“ اهو ڏينهن نائين رمضان، سن ٽيانوي هجري هو.

ڏاهر جي پهچڻ وقت، محمد بن قاسم مسلمانن جي دلين کي تقويت ۽ جنگ جي ترغيب ڏيئي رهيو هو، ۽ چيائين ٿي: ”اي عربو! اڄ ڪوشش جو ڏينهن آهي. اسلام خاطر ڪوشش ڪريو. جدوجهد بجا آڻيو، ۽ خدا جي ڀروسي تي آسرو ۽ قوت رکو ته جيئن مشرڪن کي دفع ڪري سگهو، ۽ سندن ملڪ خواه ملڪيت توهان جي ورثي ۾ اچي ۽ مال خواهه ملڪ  تي توهان قبضو ڪريو. ]پر[ جيڪڏهن توهان مضبوط نه هوندا، بلڪ پريشان ۽ دل شڪستا ٿيندا، ۽ عاجزيءَ  ۽ ضعف کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندا ته پوءِ هو (توهان تي) غالب ٿيندا، ۽ سڀني کي ڪهي ڇڏيندا. ميدان انهن جي هٿن ۾ رهندو. توهان کي پنهنجو سامان ڏيڻو پوندو، ]170[ ۽ توهان مان هڪڙي کي به جيئرو نه ڇڏيندا. جيڪڏهن ڪافرن کان منهن ڦيرائيندا ته پوءِ توهان جي جاءِ جهنم ٿيندي ۽ توهان جي وڏن لاءِ داغ ٿيندو.“

هاڻي مـُـحرِز بن ثابت الدمشقي(1) ۽ اويس بن قيس کي ڇهن هزارن سوارن سان مقدمي (لشڪر جي اڳ) تي مقرر ڪري، آبگير (ڇڇ) ٽپڻ جو حڪم ڏنائين. هو اها جوئي ]يعني وهندي يا گهاري يا واهه[ ٽپي ويا جيڪا ڏاهر ۽ اسلام جي لشڪر جي وچ ۾ هئي. پوءِ عـَـطاءَ بن مالڪ القـَـيسي ۽ ذَڪـَـوان بن عـَـلوان البـَـڪري کي پڻ لشڪر جي مقدمه (مهڙ) جي واهر ڪرڻ جي اجازت ڏنائين. اهي پڻ لنگهي ويا. (اتي) محمد عـِـلافيءَ ڏاهر کي چيو: ”اي هند ۽ سنڌ جا راجا! هيءَ فوج جيڪا تنهنجي سامهون آئي آهي، لشڪر جي پشت پناهه ۽ بهادر شينهن آهن، حرفتي جانباز، ڪارائتا بهادر، ۽ هوشيار سوار اهي ئي آهن. جيڪڏهن ]تنهنجا سپاهي[ هن فوج کي دفع ڪري سگهيا ته پوءِ تنهنجو مقصد پورو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن دفع نه ڪري سگهندا ته پوءِ توکي شڪست ڏيئي ڇڏيندا. (وڌيڪ) تنهنجي راءِ بلند هجي!“

چوٿين ڏينهن ڏاهر جي عربن جي لشڪر سان

جنگ ڪرڻ

اها ڳالهه ٻڌي ڏاهر پوري لشڪر سان هلان ڪئي. ڪي هاٿي مقدمه ۾ روانا ڪري، قلب (لشڪر جي وچ) کي پنهنجي چئني طرفن کان گڏ ڪيائين. هٿيار کڻندڙ پيادا، تير انداز، بڙڇيون ۽ نيمچا، لوهو دستو جنهن کي (فارسيءَ ۾) سيل به چوندا آهن، کڻندڙ اڳيان (ڪيائين): تير انداز ساڄي، ۽ هٿيار بند قابل سوار کاٻي (بيهاريائين). هن طريقي سان جنگ جوٽيائون ته ]171[ عـُــبـَـيد بن عـَـقـَـِاب، جو انهيءَ ڏينهن محمد عـِـلافي کان ڦري محمد بن قاسم وٽ آيو هو، خبر ڏني ته: محمد عـِـلافي ڏاهر کي چيو آهي ته عرب جي هيءُ فوج وارا، جي پاڻي ٽپي آيا آهن، سي اسلامي لشڪر جا اڳواڻ ۽ هوشيار سوار آهن، جنهن تي ڏاهر پنهنجي لشڪر کي وڌڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ سندس سڀني هٿيار بندن ۽ تلوار بازن وڌڻ  جو ارادو ڪيو آهي. (هيءُ ٻڌي) محمد بن قاسم چونڊ لشڪر کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سڀني جنگي سوارن ۽ جنگجو بهادرن (گهوڙا) اڳتي تڙيا. محمد (بن قاسم) سان فقط قلب (لشڪر جو وچ) ۽ ڪي خاص ماڻهو وڃي رهيا. موڪي ]پٽ[ وسايي کي پڻ پنهنجي فوج ۾ بيهاري، لڙائي ڏانهن رخ ڪيائين. هاڻي سڀني پاڻي لنگهي وڃي جنگ جوٽي . محمد بن قاسم، مـَـحـَـرِز بن ثابت سان گڏ، قلب (وچ لشڪر) ۾ وڃي بيٺو، جـَـهم بن زَحر الجـُـعفـِـي کي مـَـيمنـَـه (لشڪر جي ساڄي) تي، ذَڪوان بن عـَـلوان اَلبڪري کي مـَـيسرَه (لشڪر جي کاٻي) تي، عـَـطاءَ بن مالڪ القـَـيسيءَ کي مقدمه (لشڪر جي مهڙ) تي مقرر ڪري، نـُـباتـہ بن حـَـنظـَـلـہ کي ساقه (لشڪر جي پڇاڙي) تي بيهاريائين. تنهن کان پوءِ محمد بن قاسم چيو ته: ”اي عربو! جيڪڏهن مون سان ڪو حادثو پيش اچي ته پوءِ توهان جو امير مـُـحرز بن ثابـِـت آهي، ۽ جيڪڏهن اهو به شهيد ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جو امير سـَـعـِـيد ٿيندو.“

(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”محمد بن ابي الحسن المدائني“ لکيو ويو آهي مگر پ، ر، م، ن، ب، س، ڪ جملي نسخن جي متفقه پڙهڻي ”مدني“ آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان متن ۾ ”مدني“ رکيو آهي. ر، م جي پڙهڻي ”محمد بن الحسن مدني“ آهي. وڌيڪ توضيع لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 164[.(ن-ب)
(1)  ب: کهنبہ، س: کينهہ، ڪ: کنبہ
(2)  فارسي متن ۾: ”جوي نيطري“ پ: بيطري، م،س: بنطري، ر: نبطزي.
(1)  ر،م: ناراني، ڪ: نارامني.
(2)  ر،م قاجيجات.
(3)  اصل عبارت: آبگيري بزرگ.
(4)  فارسي ايڊيشن ۾ ”جيپور“: ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]160[
(5)  هي پڙهڻي فارسي ايڊيشن ۾ اختيار ڪيل آهي جا شايد م جي آهي. پ: دهاؤر، ن: ودهاراهه، ب: دهاداه، س:دهاوه.(ن-ب)
(1)  اصل عبارت: موضع- ظفر.
(2)  اصل ۾: هدباري
(1)  اصل الفاظ ”دبيرکور“ جنهن جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”انڌو دبير“ مگر هيٺ هلي ان کي ”دبير آعور“ يعني ڪاڻو دبير سڏيو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ ته انڌو ڪونه هو، مگر جهاپو هو. ”دبير“ جي عام معنيٰ ”منشي“ يا سيڪريٽري، مگر اهو درجو وزير يا صلاحڪار جي برابر هو. هت اسان هن بيان جي سلسلي ۾ عام مفهوم کي مدنظر رکي، هن لفظ جو ترجمو ”اڳواڻ“ ڪيو آهي.(ن-ب)
(1)  هت جملي نسخن مطابق ”الدمشقي“ يا ”دمشقي“ آهي، مگر مٿي ص ]160[ تي جملي نسخن مطابق ”قيسي“ آهي.(ن-ب)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :28
خميس جي ڏينهن جنگ ڪرڻ

پهريائين مـُـحرِز حملو ڪيو ۽ بيهي جنگ ڪيائين، تان جو شهيد ٿي ويو. پوءِ سـَـعـِـيد لشڪر کي همٿ ڏياري لڙائي ڳنڍي. حسن بن محبة(1) البڪريءَ جو آڱوٺو، جنگ هلندي ترار جي ڌڪ سان لهي پيو. جڏهن مست هاٿي چـُـريا، تڏهن مسلمان مضبوطيءَ سان، ٽولا ٽولا ٿي هاٿين جي پويان ڦري آيا، ۽ نوَ هاٿي ]172[ واپس ورائي ڇڏيائون. اسلامي لشڪر حملو ڪري، ڪافرن کي تڙي اتي پهچايو جتي سندن صف هئي. (اتي) ڏينهن پورو ٿيو ۽ ٻيئي لشڪر موٽي ويا.

تاريخ ڏهين ماهه رمضان سن ٽيانوي

هنن ڪنوارين (حڪايتن) جي سينگاريندڙن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: ٻئي ڏينهن جڏهن صبح (پنهنجو) جهان کي سينگاريندڙ ۽ دل کي وڻندڙ حسن، مشرق جي طرف کان دنيا کي ڏيکاريو، ۽ اهو خميس جو ڏينهن هو، تڏهن راجا ڏاهر ٻاهر نڪري، پٽ جـَـيسـِـينه کي ڏهن هزارن لوهه ]جي زرهن[ ۾ غرق جنگي سوارن سان، جن مان ڪن جا وار کليل ۽ تراريون اگهاڙيون ۽ ڪن جا وار ٻڌل ۽ تراريون ۽ ڍالون هٿن ۾ ]هيون، لشڪر جي[ قلب ۾ (بيهاري) اچي مسلمانن جي صف جي سامهون بيٺو. ڏاهر سفيد هاٿيءَ تي ويٺل هو، ۽ سندس چوڌاري ٻيا هاٿي پويان ]بيٺل هئا[: ساڄي پاسي جـَـيسـِـينہ، ابي پٽ ارجن،(2) ننڍي ڪوار جو ڏاڏو وڏوڪوار ۽ ڏاهر جو سؤٽ جبين(3)، کاٻي پاسي کان بشر پٽ ڍول(1)، گيهه(2) پٽ بشر، ڏهرسـِـينـہ پٽ ڏاهر، ڪنبـہ جي حاڪم جو پٽ بيل (يا بيان)(3)، نائلو(4)، جوڻو (5) ۽ مشبد (يا مشيبد) (6) ]بيٺل هئا[. سنڌ جا سڀ مکيه ماڻهو جهڙوڪ بجهاري(7)، اسرهيل(1)، سنج(2)،  اسيار(3)  لقيا امار(4) ۽ مشرق طرف جا سڀ جت گڏ ڪري پنهنجي پويان بيهاريا هئائين. تلوار جا ڌڻي ۽ بي خوف بهادر ]173[ قلب (لشڪر جي وچ) جي اڳيان رکيائين. جنگي هاٿين مان ٻه مـَـيمـُـنـہ (لشڪر جي کاٻي ڀاڱي) ۾ ۽ ٻه مـَـيسره (لشڪر جي ساڄي ڀاڱي) ۾ مقرر ڪري باقي ٻيا سوار هاٿي جاهين جي هٿ هيٺ اسلامي لشڪر جي سامهون روانا ڪيائين.

اسلامي لشڪر جو ميمنـہ، ميسره ۽ قلب کي

تيار ڪرڻ

محمد بن قاسم انهن کي ڏسي ٻاهر نڪتو، ۽ ]نـُـباتـہ [ حـَـنظله ڪلابيءَ (5) کي ميمنـہ تي، ذڪوان بن علوان البڪري کي ميسره تي مقرر ڪري، ابو صابر همداني کي جهنڊا هٿ ۾ ڏيئي، هاٿين جي سامهون بيهاريائين. هـُـذيل بن سليمان ازدي، زياد بن حواري ازدي(1) ۽ ٻين سوارن جهڙوڪ نـُـميلـَة، مسعود بن الشعريٰ الڪلبي ۽ مخارق بن ڪعب الراسيءَ(2) کي قلب ۾ آڏو (کڙو ڪيائين). هاڻي مقدمه جنگ شروع ڪئي. هڪ طرف کان محمد بن زياد العبدي ۽ بشر بن عطيہ پنهنجن سنگتين سميت، ۽ ٻئي طرف کان ]محمد بن[ مصعب بن عبدالرحمان اَلثـَـقفي ۽ خريم بن عـُـروَه مدني، ڏاهر جي سامهون ٿيا. جڏهن سڀ گهوڙا ۽ لشڪر جا ماڻهو گڏ  ٿيا، تڏهن محمد بن قاسم پنهنجن چونڊ سوارن کي ٽي پتيون ڪري، هڪ پتي قلب ۾، هڪ مـَـيمـَـنه ۾، هڪ پتي مـَـيسره ۾ (بيهاري)، باقي ٻيا وڃي لشڪر جي پويان بيٺا. نفط اندازن(3) کي حڪم ڏنائين ته پنهنجو سامان ۽ هٿيار تيار رکن، ۽ پنهنجا مشعل ٻاري باهه تيار ڪن. هنن نون سون نفط اندازن کي به ٽن ڀاڱن ۾ ورهايائين: ٽي سؤ ماڻهو قلب ۾، ٽي سؤ مـَـيمـَـنه ۾ ۽ ٽي سؤ مـَـيسـَـره ۾ رکيائين. سڀني نفط جا تير ڪمانن تي چاڙهيا. پوءِ جڏهن فجر جي نماز پڙهي صفون سڌيون ڪيائون، تڏهن پنجن صفن تيار ٿي. جهنڊا هٿن ۾ کڻي، ]174[ گهوڙن تي سوار ٿي، فرض ادا ڪيو. عاليه قبيلي وارا هڪ صف، بنو تميم ٻي صف، بڪر ]بن[ وائل ]قبيلي وارا[ ٽين صف، عبدالقيس وارا پنهنجي قبيلي سميت چوٿين صف، ۽ ارزد ]قبيلي جا[ پنجين صف. پنجئي قبيلا صفون ٻڌي، محمد بن قاسم ڏانهن متوجهه ٿيا، ته ڇا ٿو حڪم فرمائي.

محمد بن قاسم جو خطاب ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم چيو ته: ”اي عرب وارؤ! ڪافرن جي هن فوج جنگ لاءِ اسان ڏانهن رخ ڪيو آهي. توهان همت ڪجو، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي اهل، عيال، مال، گهرن، زمينن ۽ سامان خاطر ڇتي جنگ ڪندا. توهان الله تعاليٰ جي مدد سان انهن تي حملو ڪريو. الاهي طاقت ۽ سهاري سان سڀني کي خونخوار ترار جو کاڄ بڻائي، ذليل ۽ خوار خراب ڪنداسون، ۽ سندن مال ۽ عيال کي هٿ ڪري، ڪافي غنيمتون هٿ ڪنداسون. توهان کي ثابت قدم رهڻ گهرجي، پريشان نه ٿجو. خاموشيءَ کي پنهنجو زيور بنائجو، ۽ پنهنجي جاءِ تي مضبوط رهي پنهنجي جاءِ جي حفاظت ڪجو. ڪوبه ماڻهو، قلب کان مـَـيمـَـنه ۽ ميمنه کان مـَـيسـَـره طرف (وڌي) ڪنهن جي به مدد ۾ مشغول نه ٿئي. هرڪو پنهنجي مرڪز ۽ جڳهه تي بيٺو رهي، ڇاڪاڻ ته خدا عزوجل (هميشه) متقين جي عاقبت موچاري ڪندو آهي. سدائين ڪلام مجيد زبان تي جاري رکجو ۽ لاَحولَ وَلاَ قـُـوة الا بـِـاللهِ العـَـلـِـيَ العـَـظيم چوندا رهجو.“ پوءِ پخالين کي سڏائي چيائين ته: ”مشڪون پاڻيءَ سان ڀري هر صف ۾ گشت ڪندا  پاڻيءَ ڏيندا رهجو، جيئن ڪوبه ماڻهو پاڻيءَ جي طلب ۾ پنهنجي جاءِ کان ]175[ نه چري.“ ايتري ۾ بڪر بن وائل ۽ بنو تميم قبيلي وارن اچي چيو ته: ”ڪافرن جو لشڪر هڪ وڏي مصيبت آهي، ۽ هو پنهنجا هٿيار ۽ سامان ٺاهي جنگ جي تياري ڪري خوشي ڪري رهيا آهن، ۽ توهان جي سامهون ٿيڻ ۽ توجهه ڪرڻ جي تڪڙي طلب ڪئي اٿن.“

محمد بن قاسم جو جنگي جوانن کي تاڪيد

محمد بن قاسم هنن ڏانهن منهن ڪري چيو ته: ”اي بني تميم! اي عزيزو!(1) دشمن توهان جي سامهون اچي ظاهر ٿيو آهي، ۽ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو ٿو اچي. توهان کي پڻ پوري طاقت ۽ ساري ڪوشش سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيئن توهان جي ڪاروبار جو نظام ٺيڪ رهي.“ پوءِ محمد بن قاسم سڀني کي همت ڏياري ۽ سڀئي آماده ۽ تيار ٿيا. هر طرف کان مقابلو ڪندڙن لاءِ دلاورن ۽ جنگي پهلوانن جي پنجن ئي صفن هڪٻئي کي سڏيو، ۽ جنگ لاءِ ٻاهر نڪتيون.

محمد بن قاسم جو يارن کي خطاب ڪرڻ

خبرن جي مصنفن فرقد کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: محمد بن قاسم انهيءَ ڏينهن ماڻهن کي خطاب ڪيو ته: ”اي مسلمانو! استغفار گهڻو ڪريو. خداوند عزوجل امت محمدي ﷺ ۾ ٻه چيزون موڪليون آهن: هڪ، مصطفيٰﷺ تي صلواة، ٻيو،گناهن کان استغفار سان توهان کي دليون مضبوط ڪرڻ گهرجن، ته خدا عزوجل توهان کي انهيءَ تي غالب ڪري.“ ]176[

روايتن ۾ آيل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم جنگ شروع ڪئي، ته ]سليمان بن[ نـُـبهان ۽ ابو فـُـضته قـُـشـَـيرِي (؟) ڪـِـندِي (قبيلي جي) آزاد ڪيل غلام کي ٻه سؤ چونڊ سوار ساڻ ڏيئي لشڪر جي مقدمه ۾ مقرر ڪيو، ۽ ]هو وڃي[ ڏاهر، سندس ٺـَـڪـُـرن ۽ جنگي جوڌن جي سامهون ٿيو، ۽ ڪافرن جي هڪ فوج سان، جا هن سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتي هئي، جنگ جوٽيائين. نيٺ انهن مان گهڻن کي دوزخ ۾ موڪليائين، ۽ ٻيا ڀڄي وڃي ڏاهر کي گڏيا. پوءِ ڏاهر انهن جي مقابلي ۾ٻي فوج موڪلي. اَبوفـِـضته خدا جو نالو وٺي حملو ڪري، انهن کي پڻ خوار خراب ڪيو. ]ڏاهر[ ٽيون دفعو ڪي ٺـَـڪـُـر موڪليا. اَبوفـِـضته استغفار پڙهي جنگ شروع ڪئي، ۽ انهن کي پڻ ڏاهر جي ڪئمپ تائين ڌڪيندو ۽ ماريندو ويو.

ڪن ماڻهن جو امان گهرڻ لاءِ اچڻ

خبرن جا راوي بيان ٿا ڪن ته (جڏهن) محمد بن قاسم صف جي اڳيان آيو ته اوچتو مشرڪن مان ڪن ماڻهن اچي امان گهري. محمد بن قاسم انهن کي امان ڏني. پوءِ چيائون: ”اي عادل امير! اسان پنهنجي طريقي کان ڦري اسلام جي عزت هيٺ آيا آهيون. پنهنجي چونڊ سوارن مان هڪ فوج اسان سان ڏي ته وڃون، جو هو غافل آهن، ۽ لشڪر جي پٺيان ڦري اچون، جيئن انهيءَ پاسي کان سندن دل پريشان ٿئي ۽ ٻـِـچـِـتا ٿي پون. جڏهن پريشان ٿين ته پوءِ اسلامي لشڪر کي چوطرف حملي ڪرڻ جو حڪم ڏي. اسان جي دل شاهدي ٿي ڏئي ته تنهنجي ترار کان هنن ڪافرن تي هڪ مصيبت اچي ڪڙڪندي ۽ برباد ٿي ويندا.“ ]177[

محمد بن قاسم جو همراهه چونڊڻ

پوءِ محمد بن قاسم بهادر سوارن جي هڪ فوج چونڊي، مـَـروان بن اَشحمَ يـَـمـُـنـِـي ۽ تميم بن زيد قـَـيـُـنـِـي(1) کي ٻن جهنڊن سان انهن جي مٿان مقرر ڪيو، جيڪي هنن جي پٺيان ڦري آيا. مشرڪ هن حال کان بيخبر هئا ته (اوچتو) اسلامي لشڪر تڪبير هڻي مارا ماري ۽ جهاد شروع ڪيو. ]اهو حال ڏسي[ ڪن ڪافرن جي دل پوين کي سنڀالڻ لڳي ۽ وٺي ڀڳا. ڏاهر جي لشڪر ۾ هـُـل ۽ غلغلو پئجي ويو، جنهن ڪري پريشان ٿيا، ۽ مٿن ڊپ غالب ٿيو.

عرب جي لشڪر جو ڪافرن تي حملو ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم نعرو هڻي چيو ته: ”هوشيار! اي عرب جا لشڪر! ڪافر ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪا آهن، توهان حملو ڪريو“. اسلامي لشڪر سندن اڳيان، ساڄي، کاٻي ۽ پٺيان ڦري آيو. محمد بن قاسم کين لڙائي جو جوش ڏياريندي چئي رهيو هو ته: ”اڄ توهان جو ڏينهن آهي.“ آخر ڪٺلن ڪافرن جا ڍير لڳي ويا. اتي ڏاهر ڍال کڻي سفيد هاٿيءَ تي ٿي ويٺو، ۽ چار سؤ مرد لوهي هٿيارن ۾ ٻڏل، ڳچين ۾ تراريون ۽ هٿن ۾(2) نيمچا، لوهه جا دستا(2) جنهن کي هندو ”سيل“  چوندا آهن، کڻي اهڙيءَ حالت ۾ ٻاهر نڪتا ۽ جنگ ڪرڻ لڳا. انهيءَ حد تائين جو سندن هٿن جون کلون لهي ويون. ڏاهر جي هٿ ۾ آئيني جهڙو تکين ڪاتين سان هڪ گول چڪرو هو. جڏهن به هاٿيءَ حملو ٿي ڪيو، تڏهن جيڪو به هاٿيءَ جي ويجهو ٿي آيو ته اهو چڪرو ڪمند وانگيان وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي پيادي خواه سوار جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي ڇڏيائين. ٻه ٻانهيون جيڪي ساڻس گڏ ]178[ پالڪيءَ ۾ ويٺل هيون، تن مان هڪڙيءَ کيس پان ٿي ڏنو ۽ ٻيءَ تير ٿي ڏنا. اهڙيءَ طرح جنگ لاڳيتي هلندي رهي، ۽ شام جي نماز تائين گهڻا مشرڪ ڪـُـسجي ويا.

شجاع حبشيءَ جو شهيد ٿيڻ

ڳالهه جي راوين رام سيـہ برهمڻ کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: مسلمانن ۾ هڪ ماڻهو هو جنهن کي شجاع حبشي ڪري ٿي سڏيائون. هو بهادريءَ ۽ همت جي حد ٽپي ويو هو ۽ لڙائيءَ جي صف ۾ وڏا ڪارناما ڏيکاريائين. (هن) محمد بن قاسم جي اڳيان سخت قسم کنيو ته: ”جيستائين ڏاهر جي سامهون ٿي سندس هاٿيءَ کي زخم نه رسائيندس، تيستائين ماني پاڻي نه کائيندس، ۽ جيستائين منهنجي بدن ۾ جان هوندي، وڙهندو رهندس، نه ته شهيد ٿيندس.

(ڏاهر جي ]شجاع[ حبشيءَ سان جنگ ڪرڻ:) خميس جو ڏينهن، تاريخ ڏهين رمضان ، سن  ٽيانوي هو. ڏاهر سفيد هاٿيءَ تي چڙهي ٻاهر نڪري اچي بيٺو. حبشي مشڪي گهوڙي تي سوار هو. اڳتي وڌي لڙائي شروع ڪيائين. ڏاهر کي ٻڌايائون ته: توسان جنگ ڪرڻ ٿو اچي. راجا ڏاهر ساڻس سامهون ٿيو، ۽ هاٿي مٿس هڪليائين. حبشيءَ پڻ گهوڙو تڙي هاٿيءَ جي اڳيان آندو. حبشيءَ جو گهوڙو هاٿيءَ کان ٽهي پاسو ڪري رهيو هو. هڪدم مٿي تان پڳ لاهي، گهوڙي جون اکيون ٻڌي، هاٿيءَ تي ڪاهيائين، ۽ هاٿيءَ جي سونڊ تي زخم رسايائين. (هوڏانهن) راجا ڏاهر به ڪئنچيءَ جهڙو ٻه شاخو تير،ڪمان تي رکي، پنهنجي مخصوص استاديءَ ۽ ڏاهپ سان ڇڪي هنيو، ۽ هن جو سر ڪلهن کان اڏائي ڇڏيائين، باقي هن جو ڌڙ گهوڙي تي رهجي ويو. اتي ڏاهر چيو: ”هيءَ ڌڪ اثرائتو ٿيو آهي. ڏسو ته هن حبشيءَ کي ڪيئن قتل ڪيو اٿم.“ بهادرن اڳتي وڌي (ڏٺو ته) سندس جسم هني تي ]179[ رکيل هو. اتي مشرڪن حملو ڪري، پير کوڙي، جنگ ڪئي، ۽ پاسن کان ڦري آيا، جنهن ڪري اسلامي لشڪر ]ٿورو[ لـُـڏي ويو، ۽ صفون هيٺ مٿي ٿي ويون،جنهن تي ڪافرن سمجهيو ته لشڪر ڀڄي ويو. ماڻهو دهشت ۽ حيرت ۾ پئجي ويا. محمد بن قاسم اهڙو مدهوش ٿي ويو جو ساقي غلام کي چيائين: ”اَطعـِـمني الماَءَ“ (مون کي پاڻي کاراءِ).  پاڻي پـِـي، ساهه پٽي، پڙهو ڏياريائين ته: ”اي عربو! توهان جو امير محمد بن قاسم اجهو آءٌ آهيان. ڪيڏانهن ٿا ڀڄو؟ ڍالون کڻو، صبر ڪريو، ڇاڪاڻ ته ڪافر شڪست کائي چڪا آهن، ۽ فتح اسان جي آهي.“ انهيءَ تي سمورو لشڪر اچي گڏ ٿيو. موڪو ]پٽ[ وسايو ]پڻ[ سامهون اچي پنهنجي ساري لشڪر سميت پيادو ٿيو.

محمد بن قاسم جو ساٿين کي سڏڻ

پوءِ محمد بن قاسم پڪاريو ته: ”خـُـرَيم ]بن[ عـَـمرو مـَـدني ڪٿي آهي؟ ڪحلي ذُهلي، ]محمد بن[ مـُـصعـب بن عبدالرحمان، ۽ نـُـباتـہ بن حـَـنظـَـلـَہ ڪـِـلابي ڪٿي آهن؟ دارس بن اَيوب ڪيڏانهن ويو؟ اَبـُـوفـِـضة، محمد بن زِياد العبدي (1) ۽ تـَـميم بن زِيد قـَـينـِـي(2) ڪٿي آهن؟ دوستو! قرابت وارؤ! هٿيار بندو! تلوار! پهريدارو! ۽ نيزا بازو! اسلام جي ٽيڪ توهان آهيو. سڄو لشڪر ٺهي ٺڪي تيار ٿي پنهنجي جاءِ تي بيهو. پريشان نه ٿيو، بلڪ پنهنجي فوج جي همت افزائي ڪريو. ]180[

(1)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي مطابق ”محبت“،پ: محبتہ، (ن-ب)
(2)  ر، م:”ارجن“، مگر پ، ن، ب، ح، س جي پڙهڻي ”احسن“ آهي جا غالباً ”احسن“ جي غلط صورتخطي آهي. (ن-ب)
(3)  فارسي ڇاپي ۾ ”جبين“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي ۽ ر،ن  جي به اها ساڳي پڙهڻي آهي. پ، حسين (جسين؟)، ڪ، جيسي.(ن-ب)
(1) فارسي متن ۾ غالباً  پ مطابق ”هول“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، ن جي پڙهڻي به ”هول“ آهي. ر، م جي پڙهڻي ”هول“ جي بدران ”دهول“ آهي جا غالباً  سنڌي جي آڳاٽي نالي ”ڊول“ جي عربي صورت آهي: ۽ اسان انهيءَ کي وڌيڪ قياس ويجهو سمجهي ترجمي ۾ ڍول رکيو آهي.(ن- ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”قنيبـہ بن بشر“، مگر ”قتيبہ“ هڪ ته خالص عربي نالو آهي ۽ ٻيو ته اها پڙهڻي ڪنهن به معتبر نسخي ۾ ڏنل ڪانهي ۽ غالباً ايڊيٽر جو پنهنجو قياس آهي. ر، م، ن، ح جي متفقه پڙهڻي ”قيہ“ آهي ۽ پ جي پڙهڻي ”قبـه“ آهي، جا پڻ غالباً اصل ۾ ”قبـہ“ هئي. مـُـعرب ۽ دِخيل لفظن جي لحاظ سان، ”قبہ“ صاف طور ”گيہ“ جي عربي صورت آهي. (ن-ب)
(3)  فارسي ڇاپي مطابق ”بيل صاحب- کنبہ“ جنهن جو ترجمو ٿيندو ”ڪنبہ جو حاڪم بيل“. مگر هن کان اڳ ڪٿي، ڪنبه جي حڪم جو نالو ”بيل“ ڏنل ڪونهي، مٿي ص ]162[ تي ڪنبہ جي حاڪم جو نالو ”کوڪو پٽ موڪو“ ڏنل آهي جو ڏاهر جو حامي هو. انهيءَ لحاظ سان قديم نسخن پ ۽ ر جون پڙهڻيون زياده قرين قياس آهن. پ: بيان بن صاحب کنبہ، ر: ”بيل صاحب کنبہ“ يعني ڪنبہ جي حاڪم جو پٽ بيل يا بيان. (ن-ب)
(4) ڪ:  نايل، مگر ٻين جملي نسخن مطابق ”نائلہ“ يا ”نايلہ“.اسان سنڌي اُچار جي لحاظ سان ”نائلو“ ڪري لکيو آهي. (ن-ب)
(5)  جملي نسخن مطابق ”جونيہ“. اسان سنڌيءِ جي اُچار مطابق ”جوڻو“ ڪري لکيو آهي.
(6)  فارسي ڇاپي ۾ ايڊيٽر هي نالو ”جتهل“ ڪري لکيو آهي جنهن لاءِ، سندس قول مطابق، ڪابه سند موجود ڪانهي (ڏسو فارسي ڇاپي، حاشيه 14 ،ص 173). مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن. پ، ڪ: مشيد، ن، ح: مشيبد، م: مستهل، ر: مستهيل. اسان پ، ڪ، ن، ح جي پڙهڻين کي وزن ڏنو آهي، ن جي پڙهڻي صاف طرح ”مشيبد“ آهي ۽ ان جي آخر ۾ ”بد“ اڪثر هندستان جي معرب نالن ۾ آيل آهي مثلاً : جاربد، ارجبد وغيره. غالباً  پ جي پڙهڻي اصل ۾ ”مشبد“ آهي. انهيءَ لحاظ سان اسان هن نالي جون ٻئي صورتون يعني مشبد ۽ مشيبد ڏنيون آهن. ”بد“ غالباً  ڀٽ جي عربي صورت آهي.(ن- ب)
(7) هيءَ پڙهڻي فارسي ڇاپي ۾ غالباً م مطابق آهي ۽ زياده قرين قياس آهي. پ: بحباري، ر: بخهياري، ن، ب، ح: بخاري، س، ڪ: بختياري، هي جملي پڙهڻيون ”بجهاري“ جي بگڙيل صورتخطي معلوم ٿين ٿيون. (ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ ”استيراهل“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي جا شايد م مطابق آهي. ٻين نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن. پ: اسرهيل، ن، ب، ح: اسراهيل، س، ڪ: سراهيل. ر: استراهيل جيئن ته نالي جي اصليت جو پتو نٿو پئجي سگهي، اسان قديم نسخي پ جي پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي. (ن- ب)
(2) ن، ب، ح، س، ڪ جي متفقه پڙهڻي اها آهي ۽ فارسي ڇاپي ۾ به اهائي پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. پ (”سنح“) ر،م (”سپنج“) جون پڙهڻيون بعيد از قياس آهن. (ن- ب)
(3)  فارسي ڇاپي ۾ ”اسيار“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، جا غالباً  م، ڪ مطابق آهي. ر جي پڙهڻي ”اسيهـار“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي. ن، ب، ح: اسبار، پ: اسباب (ن- ب)
(4)  فارسي ڇاپي ۾ اها پڙهڻي اختيار ڪيل آهي جا غالباً م مطابق آهي. ر جي اها ساڳي پڙهڻي آهي. پ، ن: لقيالبا، ب، ح: تعيالبا، ڪ: لقيالها. (ن- ب)
(5)  اصل ۾ ”حنظلہ ڪلابي“ جو صحيح نه آهي. محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ حنظلہ نه، مگر سندس پٽ نباتہ بن حنظلہ ڪلابي شامل هو، جنهن جو هن کان اڳ بار بار ذڪر اچي چڪو آهي. (ن- ب)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”زياد بن جلبدي ازدي“ ڏنل آهي، ن ۽ ر جي پڙهڻي ”زياد بن جليدي و ازدي“ آهي. ”جليدي“ نالو عربن ۾ غير معروف آهي، مگر ”جلنديٰ“ نالو رائج آهي. اسان جي خيال ۾ ”جليديٰ“،  ”جلنديٰ“  جي تصحيف آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان ”جلنديٰ“ لکيو آهي. (ن-ب)
(2)  جملي نسخن مطابق ”مخارق  بن کعب“، فارسي ڇاپي ۾ به اهائي پڙهڻي ڏنل آهي، مگر صحيح نالو غالباً کعب بن مخارق الراسي يا الراسبي آهي. جنهن جو ذڪر هيٺ ]ص ص 188، 192، 193 ۽ 195[ تي اچي ٿو.(ن-ب)
(3)  نفط انداز ”جي معنيٰ Steingass “ پنهنجي انگريزي فارسي ڊڪشنري ۾ “Maker of fire works” لکي ٿو. (مترجم)
(1)  فارسي ڇاپي ۾ ”اي بـني عزيز!“ جا غالباً م جي پڙهڻي آهي، مگر ان وقت ۾ بنو عزيز قبيلو غير معلوم آهي. ر جي پڙهڻي ”اي بني عزيز“ ]عـَـزَيز[ آهي. مگر پ جهڙي قديم نسخي ۾ توڙي ن، ب ۾ ”اي عزيز!“ آهي يعني ”اي عزيزو“. جيئن ته بنو تميم قبيلي وارا  واقعي محمد بن قاسم جا عزيز هئا ۽ شادي  به ان قبيلي مان ڪئي هئائين، تنهن ڪري اسان ترجمي ۾ ”اي عزيزو!“ کي ترجيح ڏني آهي.  (ن-ب)
(1)  هتي اصل متن ۾ ”قيسي“ آهي، ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]178[.
(2) – (2) هن جاءِ تي متن ۾ ”نيم نيزه و دسته آهن“ آهي. اهو ”و“ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ”دسته اَهن الخ“ نيم نيزه جي شرح آهي.(مترجم)
(1)  اصل متن ۾ ”عبدي“: مگر جيئن ته مٿي ]160[ ۽ ]174[صفحن تي اها ساڳي نسبت ”ال“ سان ”العبدي“ طور اچي چڪو آهي، اسان به هت انهيءَ ساڳيءَ صورت کي قائم رکيو آهي .(ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي خواه جملي نسخن ۾ هيءَ نسبت ”قيسي“ ڄاڻايل آهي. ڪيل ترميم لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص  ] 178[. (ن-ب)
سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب: —
صفحو :29
محمد بن قاسم جو حملو ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم خدا تعاليٰ جو نالو وٺي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪافر پڻ بيهي ويا ۽ ڇتي جنگ لڳي. ترارين جي ٽڪرائجڻ کان هوا ۾ باهه جا شعلا اڏامڻ لڳا. نيزا ۽ حربا هڪٻئي سان ٽڪرائيندا رهيا. نيٺ هٿيار ڀڄي پيا، ۽ ]جوان[ هڪٻئي سان ڪشتيءَ ۾ ڳنڍجي ويا. صبح صادق اڀرڻ کان وٺي شام جي گذرڻ تائين ڏاڍا ڪافر قتل ٿيا. راجا ڏاهر، راجڪمارن جي (باقي) هڪ هزار سوارن سان وڃي بچيو هو ته سج زرد ٿي ويو.

ڏاهر لـَـعـِـين جي ڪـُـسجڻ جي خبر

هنن ٻوٽن جي باغبانن ۽ هنن قيمتي ذخيرن جي مصنفن، راوين کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: راجا ڏاهر، خميس جي ڏينهن، ڏهين رمضان المبارڪ، سن ٽيانوي ۾، راوڙ جي قلعي وٽ سج لهڻ وقت قتل ٿيو. ابوالحسن روايت ڪئي ابوالليث هنديءَ کان، جنهن پنهنجي پيءُ کان (ٻڌل) ڳالهه ڪئي ته: جڏهن اسلامي لشڪر حملو ڪيو ۽ گهڻا ڪافر قتل ٿي ويا، تڏهن اوچتو کاٻي طرف کان گوڙ ۽ هـُـل بلند ٿيو. ڏاهر انهن کي پنهنجو لشڪر سمجهي(1)نعرو هنيو ”نسي من نسي من“ يعني ته: ”مان هتي آهيان. مون ڏانهن اچو!“(1)

زالن جا آواز ظاهر ٿيڻ

پوءِ انهن (زالن) چيو ته: ”اي راءُ! اسان اوهان جون زالون آهيون، جيڪي عرب لشڪر هٿان ]181[ گرفتار ٿي قيد ٿيون آهيون.“ ڏاهر چيو: ”اڃا مان زندهه آهيان. توهان کي ڪنهن گرفتار ڪيو آهي؟“ (اهو حال ڏسي،) ڏاهر اسلامي لشڪر تي هاٿي هڪليو. (هوڏانهن) محمد بن قاسم، نفط اندازن کي چيو ته: ”هاڻي هيءَ وقت توهان جو آهي.“ هڪ سـِـڌي هٿ وارو نفط انداز هو، جنهن ٻولائي نفط جو تير راجا ڏاهر جي پالڪيءَ تي هنيو ۽ پالڪيءَ کي باهه لڳي ويئي.

ڏاهر جو پوئتي ورڻ

اتي ڏاهر فيلبان کي چيو ته: ”هاٿي موٽاءِ، ڇاڪاڻ ته اڃ لڳي اٿس.“ هوڏانهن پالڪيءَ کي به باهه لڳي چڪي هئي، تنهن ڪري هاٿي فيلبان جي وس ۾ نه آيو ۽ پاڻ کي وڃي پاڻيءَ ۾ سٽيائين. فيلبان گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه به نه ٿي سگهيو،] هاٿي[ ڪين موٽيو، ۽ فيلبان ۽ ڏاهر کي وڃي تار پاڻيءَ ۾ سـَـٽيائين. ڪافرن مان ڪي ساڻس گڏ پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا ۽ ڪي پاڻيءَ جي ڪناري تي بيهي رهيا. ايتري ۾ عرب سوار به اچي پهتا، جن کان ڪافر ڀڄي ويا. هاٿي پاڻي پـِـي، موٽي قلعي ۾ وڃڻ گهريو. مسلمان تير اندازن تير کوليا ۽ هوا مان تير مينهن وانگيان وسڻ لڳا. هڪ عرب، جنهن جو هٿ سڌو هو، تنهن تير ڪشي ڏاهر جي دل تي هنيو، جنهن ]جي لڳڻ[ کان ]هو[ هاٿيءَ جي مٿان پالڪيءَ ۾ منهن ڀر ڪـِـري پيو. هاٿي پاڻيءَ مان نڪري حملو ڪيو. ۽ باقي بچيل ڪافرن کي پيرن هيٺ لتاڙڻ لڳو، جنهن ڪري هو مڙيئي ٽڙي پکڙي ويا. ڏاهر هاٿيءَ تان لهي هڪ عرب سان مقابلو ڪيو. بهادر عرب سندس مٿي تي ترار هڻي، سندس سسي ڪلهن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلامي لشڪر ڪافرن سان ]182[ جنبي ويو، ۽ کين ماريندا وڃي راوڙ جي قلعي وٽ پهتا. هيڏانهن جيڪي برهمڻ پاڻيءَ ۾ لڪا هئا، ]تن جڏهن ڏٺو[ ته جتي ڏاهر کي قتل ڪيو ويو هو، اها جاءِ خالي پيئي آهي، سو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري، ڏاهر کي گپ هيٺان لڪائي ڇڏيائون. ]ايتري ۾[ سفيد هاٿي ڪافرن جي لشڪر ڏانهن منهن ڪيو، ۽ ]هو اهڙو ته پئي ڀڳا جو[ سندن ڪو نالو نشان ئي ڪونه رهيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته قابل بن هاشم (1) ڏاهر لعنتي ۽ ڪافرن جي مارجڻ واري ڏينهن سورهن زخم کاڌا ۽ حملو ڪندو ۽ هي ]رجز[ چوندو رهيو:

اَلاَ فـَـاصبـَـحـَـانـِـي قـَـبــــــلَ وَقعـَـة دَاهـَـرِ

وَ قبل مـَـنـَـايا (2) قـَـــــد غـــــدَونَ بـَـواکـِـرِ

وَ قـَـبلَ غـَـدِ يـَـا لـَـهفَ نـَـفسـِـي عليٰ غـَـدِ

اِذا مـَـا غـَـدَا صـَـحبـِـي و لـَـــــستُ بـِـبـَـاکـِـرِ

]دوستو! ڏاهر جي جنگ کان اڳ ڀري ڏيو مونکي جـام،

ڏيــو پيالو مـــــوت کـــان اڳ، جــــو ٿـــــو اڄ ڏسجي تـيار،

دوســتــو ســڀ مــوجــود هــونـــدا مئي جي محفل ۾ سڀان،

پر ڪجو، نــــا ڀـــائــرو! مــــــــــــون لـــئـه سڀاڻي، انتظار. [

چون ٿا ته جڏهن (ڏاهر) مئو تڏهن ڪافرن سندس بدن تان هٿيار لاهڻ گهريا پر لاهي نه سگهيا، ۽ اتيئي گپ هيٺ دفن ڪيائونس.

محمد بن قاسم جو پڙهو ڏيارڻ

پوءِ محمد بن قاسم نظر ڪئي ته حـُـبيـَـش بن اخي عامـِـر بن عبدالقيس ]کي ڏٺائين جو[ سندس سامهون بيٺو هو. چيائينس ته: ”اي اخي عامر بن عبدالقيس جا پٽ! عامرين کي(1) پڙهو ]183[ ڏيئي چئو ته راجا ڏاهر غائب آهي، متان ڪنهن ڪنڊ مان نڪري حملو ڪري، (تنهن ڪري) هوشيار رهجو.“ حبيش چيو ته: ”امير! منهنجي دل شاهدي ٿي ڏيئي ته ڏاهر ڪسي ويو.“ محمد بن قاسم فڪر ۾ رهيو، ۽ هر هڪ کان ٿي پڇيائين ته: ”ڏاهر جي ڪا خبر اٿيئي، جو هو گم آهي.“ نيٺ هڪ برهمڻ آيو ۽ امان گهري چيائين ته: ”اي امير عادل! مون کي، منهنجن تابعدارن ۽ فرزندن کي امان ڏي ته مان توکي ڏاهر ڏيکاريان، جو ڪـُـسي ويو آهي.“ (انهيءَ تي) اعتماد جوڳا ساٿي ويا ۽ وڃي هن کي گپ جي هيٺان ڪڍيائون: اڃا تائين منجهائنس عطر ۽ مشڪ جي خوشبوءِ پئي آئي. سندس سسي لاهي، هٿيار بدن کان ڌار ڪري، محمد بن قاسم وٽ آندائون. محمد بن قاسم چيو ته: ”اهڙو ڪو ماڻهو آهي جو هن کي سڃاڻي؟“ نيٺ سندس حڪم تي انهن ٻن ٻانهـِـينِ کي آندائون جيڪي پالڪيءَ ۾ ساڻس گڏ هيون، ۽ گرفتار ٿيون هيون. هنن سر سڃاتو، (جنهن تي) انهيءَ برهمڻ جي وڏن، تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن مان ٽي سؤ ماڻهو آزاد ڪيائين. محمد بن قاسم ڏاهر جي سسي ڏسي خدا تعاليٰ عـَـزَاسمـة جي تعريف ڪئي، ۽ شڪرانا بجا آڻڻ خاطر ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. جنگ ۾ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا هئا، تن سڀنيءَ کي خونخوار ترار جو کاڄ بنائڻ جو حڪم ڏنائين. باقي ڪاريگرن ۽ واپارين جي ٽولي کي امان ڏيئي اصلوڪين جاين تي رهايائين.

(روايت:) عـَـمرَو بن مـُـعـِـيرَه ڪـِـلابـِـيءَ کان روايت ڪن ٿا ته: جنهن وقت حـَـجاج جي سامهون لشڪر ٺاهي بيهاريو هئائون، تنهن وقت حجاج بن يوسف صفن اڳيان اچي هر هڪ صف کي ڏڍ ڏيئي رهيو هو. ائين ڪندي اچي عـَـمرَو بن خالد وٽ پهتو. چيائينس: ”اي عـَـمرَو! محمد بن قاسم ۽ (سندس) همراهن جي شاهديءَ سان ٻڌاءِ ته تون ڪافرن سان ڪهڙو ڪم ڪندين؟“ (وڌيڪ) چيائينس: ”توکان ڪو ٺيڪ ڪم به ٿيندو يانه“ (1)؟] 184[  پوءِ راوي چيو ته: ”(عـَـمرَو) جنهن ڏينهن ڏاهر سان سامهون ٿيو،(تنهن ڏينهن) محمد بن قاسم کي شاهد ڪري، هاٿيءَ کي ڌڪ هنيائين، ۽ ڏاهر جو سر پڻ هن ئي ٻه اڌ ڪيو.“ هو (عـَـمرَو) جڏهن عراق موٽي ويو، ۽ ڏاهر جي سسي حجاج جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، تڏهن چيائين: ”امير عادل شال باقي رهي! سندس حڪومت سدائين غالب رهي! امير محمد بن قاسم کي مون تي گواهه ڪيو هـو“ (حجاج) چيو ته: ”ظاهر ڪر (ڏسان) ته تو ڇا ڪيو هوندو؟“ اتي عـَـمرَو هيءُ شعر چيو:

اَلخَيلُ تَشهـَـــــدُ  يـُــــــــومَ دَاهـَـــــرَ وَالقـَنـَـا

وَ مـُـحـَـمـَـدُ  بنُ القـَـاسـِـــــمِ بـــنِ مـُـحـَـــمـَـد.

اِني فـَـرجَتُ الجَمعَ غـــــــــــيـــرَ مـَــــــعــــَـرَدِ

حـَـتيٰ عـَـلـَـوتُ  عـَـظـِـيــمـَــهـُـم بِمـُـهــنـَــد.

فـَترَ کقـُـتہ تـَـــــــحــــــتِ العـَـجَاج مـُـجَدَ لا

مـُتَعـَـفـِـرَ الـخَديــــــنِ عـَـَّــــــيرَ مـُــوَسـَـد.

]شاهد آ ابن قاسم، گــــهـــوڙا ۽ نـــيـــزا پڻ
ڏاهر جي جنگ ۾ مـــــــون ڏيکاري بهادري.
بيڌڙڪ ڪافرن کــــي ڪــيو هو مون ڇڙوڇڙ،
سرسي ڪري ڪپي هئي مون راجا سندي سري.
مون ئي دسي انهيءَ کـــــــــي هــــو ليٽايو ڌوڙ ۾،
ويئي هئي منهن مٿي تي انهيءَ جي مٽي وري. [

ابو محمد هنديءَ کان روايت ٿا ڪن (جو هن چيو) ته، ابو مسهر عابي(1) کان ٻڌم، جنهن هند وارن کان روايت ڪئي ته: جڏهن ڏاهر جي قتل کان پوءِ ڏاهر جي زال لاڏي (2) گرفتار ٿي، تڏهن محمد بن قاسم انهن (جنگي قيدين) مان لاڏيءَ کي خريد ڪرڻ گهريو. هن حقيقت جو خط حجاج ڏانهن لکي کانئس اجازت گهريائين. حجاج هيءَ حقيقت خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري، لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي فرمان جي خواهش ڏيکاري. دارالخلافت کان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو، جنهن کان پوءِ محمد بن قاسم هن کي خريد ڪري پنهنجي زال بنايو.(1) ]185[

ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي خبر ٻڌائڻ ته هوءَ ڪيئن گرفتار ٿي

ڳالهه ٿا ڪن ته: عـَـقـِـيل بن عـَـمرَو روايت ڪئي ته: جڏهن لاڏي اُم ولد ٿي(2) تڏهن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: تون ڪيئن ڏاهر جي پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿينءَ؟ ۽ ڏاهر کان ڪهڙي سبب ڌار ٿينءَ؟ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: جڏهن اسلامي لشڪر راجا ڏاهر جي سامهون ٿيو، تڏهن هن هر هڪ زال جي مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏهن اسلامي لشڪر غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته هنن زالن کي ڪهي ڇڏجو، متان مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿين. پوءِ انهيءَ (نگران) چوبدار، راڻيءَ لاڏيءَ ڏانهن ڏسي پئي چيو ته ”تنهنجي منهن جو بشرو اهڙو کليل آهي جو (معلوم ٿو ٿئي ته) تنهنجي دل عرب جي بادشاهه ڏانهن مائل آهي، ۽ تون ضرور انهيءَ جي راڻيءَ ٿيندينءَ.“ آخر جڏهن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا، تڏهن هر هڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪـُــٺو. ]اهو حال ڏسي[ مون  پاڻ کي اٺ تان هيٺ ڦٽو ڪيو، ۽ وڃي جنگ جي ]ميدان جي[ وچ ۾ پيس. منهنجو نگران منهنجي ڪهڻ جو خيال ڇڏي وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنهنجي نڪاح ۾ آندو.

(آسماني فتح ۽ ڪافرن جي مغلوب ٿيڻ جي خبر:) سنڌ جا مشائخ خبرون ٿا ڪن ته، جڏهن آسماني مدد ۽ خدائي تائيد عربن جي حال جي موافق ٿي، ۽ ڪافر ڀڄي ويا، تڏهن محمد بن قاسم انهيءَ احوال جي فتح جو خط حجاج بن يوسف ڏانهن لکي موڪليو. ]186[

محمد بن قاسم جو حجاج ڏانهن ڏاهر جي ڪسڻ ۽ حڪومت تي قبضي ڪرڻ جو فتحنامو لکڻ

”محمد بن قاسم بي انداز خدمتن ۽ گهڻن سلامن کان پوءِ عراق ۽ هند جي امير حجاج بن يوسف جي راءِ اڳيان عرض ٿو ڪري ته: بادشاهه (الله) سـُـبحـَـانـَـة وَ تـَـعـَـاليٰ وَتـَـقـَـدسـَـت اَسمـَـائـَــة ( جو پاڪ ۽ سر بلند آهي ۽ سندس نالا پاڪ آهن) پنهنجي عام فضل ۽ سڳوري لطف سان، ٻنهي طرفن کان دلير جنگي جوانن ۽ دلير بهادرن جي پاڻ کي آبدار ترارين تان قربان ڪرڻ کان پوءِ، اسلامي لشڪر ڪافرن کي، جنهن ۾ مست هاٿي ۽ هٿيارن ۾ ٻڏل ڪافر سوار هئا، شڪست کاڌل ۽ ذليل ڪيو. هنن جا هاٿي، گهوڙا، سامان، ڪپڙا، ٻانها ۽ چوپايو مال سمورا اسان جي قبضي ۾ آيا، جن جو پنجون حصو دارالخلافت  جي خزاني جي حوالي ڪيو ويو. الله تعاليٰ جي ڪرم مان اها اميد آهي ته جيئن هن ڪم جي ابتدا ٺيڪ ٿي آهي، تيئن هند ۽ سنڌ جا سارا ملڪ اسان جي اقتدار ۽ حڪومت هيٺ ايندا ۽ حوالي ٿيندا. اِنشـاءا للهُ العـَـزِيزُ.

ڏاهر جو سر عراق ڏانهن موڪلڻ

پوءِ ]محمد بن قاسم[ ڏاهر جو سـِـرُ، صـَـارِم بن اَبـِـي صـَـارِم جي حوالي ڪري، ]ساڻس گڏ[ بني قيس قبيلي مان اَبوقـَـيس مقرر ڪيائين. ]تنهن کان سواءِ[ ذَڪوان بن عـَـلوان البڪري، يزيد بن مـُـجالد(1) هـَـمداني، زياد بن الحـَـوارِي الـعـَـتـِـڪـِـي(2) ۽ ٻيا پڻ هڪٻئي جا ساٿي بنائي روانا ڪيائين ]187[ (خط ۾) سندن ساراهه کولي بيان ڪيائين، ۽ چيائين ته: ”هي فتح هنن جي قوت، دٻدٻي، امداد ۽ همراهي سان ٿي آهي.“ هند ]يعني سنڌ[ جي جن رئيسن لڙائيءَ ۾ خوشي ڏيکاري هئي، تن جا سر پڻ عراق موڪليا ويا، ۽ خط ۾ ناليوار داخل ڪيا ويا.

(1) فارسي ڇاپي جي متن ۾ عبارت هن طرح ڏنل آهي: ”نعره بزد که من منب آئيد، من اينجا ام“ مگر پ: توڙي ن جي عبارتن ۾ ڏاهر جي اصلي لفظن جو اضافو ٿيل آهي. پ: ”نعره بزد، نسي من نسي يعني من اينجا ام“، ن: ”نعره بزد که نسي من نسي من آيند من اينجا ام“. اسان ڏاهر جا پنهنجا لفظ ن مطابق ”نسي من نسي من“ طور ڏنا آهن.(ن-ب)
(1) هن نالي جي پڙهڻي پ مطابق آهي. فارسي ڇاپي ۾ ٻين نسخن مطابق ”قابل بن هاشم“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. مگر عربن ۾ قايل نالو بنسبت قابل جي، وڌيڪ قياس ويجهو آهي. ڀانئجي ٿو ته اصل ۾ صحيح عبارت شايد ”قايل من بني هاشم“ هجي. والله اعلم.(ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”قبل المنايا“ آهي مگر وزن جي خيال کان ”قبل منايا“ صحيح آهي. (ن-ب)
(1)  اصل عبارت ”عامريان را“ يعني بنو عامر قبيلي وارن کي، ر، م جي پڙهڻي ”ياران را“ (يعني يارن کي) آهي. (ن-ب)
(1)  هتي اصل متن جي عبارت ۾ ڏاڍو مونجهارو آهي. اصل فارسي عبارت هن طرح آهي. ”گفت اي عـَـمرو! من قاسم و ياران را گواه ميکنم تا بکفارچه کار خواهي کرد؟ گفت: از تو عمل درست آيد يا نه؟“ اسان جي خيال ۾ ٻيءَ ”گفت“ کان اڳ ”ديگر“ لفظ هئڻ گهرجي جو شايد ڪاتب کان ڇڏجي ويل ٿو ڏسجي. ديگر نه هجڻ ڪري ائين پيو معلوم ٿئي ته اهو پويون ”گفت“ ڄڻ عمرو جو جواب آهي. حالانڪ ائين نه آهي، اهو به حجاج بن يوسف جو قول آهي. (مترجم)
(1)  پ: تسقر عابي، ن: اي شتعي عابي، ب: شتعي عابي، ر، م تسقر عالي، س: مشتعر عالي، ڪ: مشعفرعابي، ڏنل پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي ۽ محض قياسي آهي. ”عابي“ شايد ”غساني“ جي تصحيف هجي. فلتامل. (ن-ب)
(2)  اصل پڙهڻي هت توڙي اڳتي هر جڳهه تي ”لادي“ آهي، جنهن کي اسان سنڌي نالي جي اصليت جي لحاظ سان هر جاءِ تي ”لاڏي“ ڪري لکيو آهي. (ن-ب)
(1)  هيءَ روايت نهايت مشڪوڪ ۽ ضعيف آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 185[. (ن-ب)
(2)  شرعي اصطلاح ۾ ”اُم ولد“ انهيءَ ٻانهيءَ کي چئبو آهي جنهن مان سردار کي ڪو ٻار پيدا ٿئي. هتي  ”اُم ولد ٿي“ مان مراد ته ”محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ آئي“. (مترجم)
(1)  پ: ”مخالف“ ٻين جملي نسخن ۾ ”مخالد“ جا پڙهڻي فارسي ڇاپي ۾ به اختيار ڪيل آهي. مگر ”مخالد“ حقيقت ۾ ”مجالد“ جي تصحيف آهي، جنهن ڪري اسان متن ۾ ”مجالد“ لکيو آهي. بشڪريه عبدالعزيز الميمني. (ن – ب)
(2)  اصل ۾ ”العبدي“، جو غالباً صحيح نه آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص  ]188[.(ن-ب)

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :30
دهليله جي راجا جو ڀڄي وڃڻ

جڏهن صبح صادق انڌاريءَ رات جي پردي مان ٻاهر نڪتو، تڏهن محمد بن قاسم کي انهن ماڻهن جي نڪري وڃڻ جو حال معلوم ٿيو. پنهنجو ڪجهه لشڪر سندن پويان روانو ڪيائين، جن انهن مان ڪن کي نهر (2) ٽپندي وڃي پڪڙيو، ۽ سڀني کي خونخوار تلوار جو کاڄ بنايو. جيڪي اڳ ۾ ٽپي ويا هئا، سي جيسلمير ۽ ريگستان جي رستن کان هندستان جي سير (3) ملڪ ڏانهن هليا ويا. انهن جي بادشاهه جو نالو ديوراج(4) هو، جو ڏاهر جو سؤٽ هو.

دهليله جي فتح ۽ خزاني جو پنجون حصو دارالخلافت  ڏانهن موڪلڻ

محمد بن قاسم جڏهن دهليله جي لڙائيءَ کان واندو ٿي ان کي فتح ڪيو، تڏهن مال جو پنجون حصو دارالخلافت جي خزاني جي حوالي ڪري بهرور ۽ دهليله جو فتحنامو حجاج ڏانهن لکي (کيس) پورو احوال ٻڌايائين.

سياڪر وزير جو اچڻ ۽ امانَ گهرڻ

پوءِ محمد بن قاسم هندستان جي بادشاهن ڏانهن چؤطرف خط لکي کانئن اسلام ۽ فرمانبرداريءَ جي گهر ڪئي. ڏاهر جي وزير سياڪر هن حقيقت ٻڌڻ تي پنهنجا ڀروسي جوڳا ماڻهو موڪلي امانَ گهري، ۽ اهي مسلمان زالون، جيڪي قيد هيون، سي پاڻ سان آنديون ]۽ چيو[ ته: هي اهي مسلمان عورتون آهن جن حجاج جو نالو وٺي ٿي دانهون ڪيون] 199[

سياڪر جو وزير ٿيڻ

محمد بن قاسم انهيءَ جي عزت افزائيءَ لاءِ سندس آڏو وڏا ماڻهو استقبال لاءِ روانا ڪيا، ۽ عزت ۽ تعظيم سان مٿس ڏاڍيون مهربانيون ڪري، وزارت جو ڪم سندس حوالي ڪيو، ۽ هو (پڻ) مسلمانن جو خيرخواهه رهندو آيو، ۽ امير محمد بن قاسم کي جيڪا به صلاح يا راز جي ڳالهه ڪرڻي هوندي هئي، سا ساڻس ڪندو هو، ۽ کانئس صلاح وٺندو هو، بادشاهيءَ جون سڀ ڳالهيون، صلاحون ۽ ضروري ڪاروبار جو انتظام يا بادشاهيءَ جي سلامتيءَ (جو احوال) کيس ٻڌائيندو هو. هو محمد بن قاسم کي چوندو هو ته: ”هيءَ صلاح ۽ راءِ، جا امير عادل چوي ٿو، سا هند جي سڀني ملڪن کي قبضي ۾ آڻيندي. بادشاهيءَ  جي قاعدن جا آداب ۽ حڪومت جي قانون جو انتظام، جو انهيءَ  ۾ سمايل آهي، سو سڀني دشمنن کي مغلوب  ۽ ذليل ڪندو. رعيت ۽ ڍل ڀريندڙن جي دلجوئي ٿيندي.“ ]۽ پڻ هو چوندو هو ته:[ ”ديواني مال جي قانون کي قديمي دستور موجب قائم ۽ مقدم رکيو وڃي، ۽ جنهن صورت ۾ انهيءَ ۾ ڪابه زيادتي ڪانه آهي، تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي ايذاءُ نه رسندو، ۽ اها صلاح ڪامورن ۽ دوستن جي تربيت ڪندي.“

نـُـوبة بن هارُون کي دهليله جي حڪومت عطا ڪرڻ

ڪي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته: جڏهن دهليله فتح ٿيو ته محمد بن قاسم نـُـوبـَـت بن هارون کي سڏي کانئس بيعت ورتي، ۽ اُتان کان وڌاتيه (1) تائين ملڪ سندس انتظام هيٺ ڏيئي، ڪناري جي ٻيڙين جو ڪم سندس حوالي ڪيو. پڻ انهيءَ قلعي جي اڀرندي ۽ الهندي ڪناري جو پورو ڪاروبار سندس هٿ ۾ ڏنائين. اتان کان برهمڻ آباد ٽي ميل هو، ۽ جـَـيسينه ]پـٽ[ ڏاهر کي پڻ خبر پهتي ته اسلامي لشڪر پهچي رهيو آهي.] 200[

عرب جي لشڪر جو جـَـلوالي(2) ڍوري (يا ڍنڍ)(3)

جي ڪناري تي لهڻ، ۽ اسلام ڏانهن دعوت ڏيڻ لاءِ قاصد موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم دهليله کان منزل پٽي، برهمڻ آباد جي اڀرندي طرف ”نهر جـَـلوالـِـي“  جي ڪناري تي وڃي لٿو، ۽ پنهنجو اعتماد جوڳو قاصد برهمڻ آباد موڪلي، (انهن کي) تابعداري ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ جي دعوت ڏنائين، ۽ کين اسلام ۽ جزيي جي آڇ ڪيائين. (اهو به چيائين) ته جيڪڏهن فرمانبرداري قبول نه ڪندا ته پوءِ لڙائي لاءِ تيار رهو. جـَـيسـِـينه ]پـٽ[ ڏاهر، قاصد جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي چنيسر(1) طرف ويل هو. ]برهمڻ آباد جي[ قلعي کي چار دروازا هئا، تنهن ڪري ]جـَـيسـِـينه[ شهر جي رئيسن مان سورهن ماڻهو چونڊي، هرهڪ دروازي تي چار ماڻهو اڳواڻ ڪري، پنهنجي فوج سميت مقرر ڪري ويو هو. انهن دروازن مان هڪ دروازي کي جريطري(2) چوندا هئا. چار رئيس ماڻهو انهيءَ دروازي لاءِ به جوابدار ٺهرايا هئائين، هڪ کي بهارند، ٻئي کي ساتيا، ٽئين کي بنوره(3) ۽ چوٿين کي سالها ]ٿي سڏيائون[.

رجب مهيني جي پهرين تاريخ تي محمد بن قاسم

جو اچي لهڻ

محمد بن قاسم اتي پهچڻ تي کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو.سومر ڏينهن(4) پهرين رجب تي لڙائي شروع ڪيائون. مشرڪن ڏهاڙي ٻاهر نڪري لڙائي ٿي ڪئي ۽ نغارا ٿي وڄايا. اٽڪل چاليهه هزار جنگي جوان هئا. صبح جي شروع ٿيڻ کان شام جي پوري ٿيڻ تائين، ٻنهي طرفن وارا سخت لڙائي ڪندا هئا، ۽ جڏهن ]201[ تارن جو بادشاهه (سج) لهڻ جو ارادو ڪندو هو، تڏهن موٽي ويندا هئا. مسلمان کاهيءَ جي اندر ايندا هئا ۽ ڪافر قلعي ۾ ويندا هئا. اهڙي دستور ۾ ڇهه مهينا پورا ٿيا. جڏهن ]محمد بن قاسم[ قلعي هٿ ڪرڻ کان نا اميد ٿيو، تڏهن ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. ]اهو وقت[ ذوالحج مهيني جي  پڇاڙي ۽ آچر جو ڏينهن سن ٽيانوي(1) ]هو[.

جـَـيسـِـينه، رمل جي بادشاهه ڏانهن موٽي ويو هو، جنهن کي ڀاٽيه به چوندا هئا، اتان وري  وري موٽي، رستا ڦـُـري اسلام جي لشڪر کي تڪليفون پئي ڏنائين.

موڪي ڏانهن معتمد ماڻهو موڪلڻ

محمد بن قاسم، موڪي ]پـٽ[ وسايي(2) ڏانهن هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو موڪلي، (کيس) هن حال کان واقف ڪيو ته: ”اسان کي جـَـيسـِـينه جي طرفان وقت به وقت تڪليف ٿي پهچي، ڇاڪاڻ ته لشڪر جي گاهه کي نقصان ٿو رسائي، تنگ ٿو ڪري. هن لاءِ ڪهڙي رٿ آهي؟“ (روايت): موڪي چوائي موڪليو ته: ”هن جي رهڻ جي جاءِ ويجهي آهي. هن کي اتان تڙي ڪڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه بهتر حيلو ڪونه آهي. ]توهان کي[ پنهنجي لشڪر مان ڪي اعتماد جوڳا بزرگ موڪلڻ گهرجن ته سندن پاڙ اتان پٽي ڪڍون.“

جـَـيسـِـينه جو چترور (1) وڃڻ

پوءِ نـُـباتہ (2) بن حـَـنظـَـله ڪـِـلابي، عـَـطـِـيهَ تغلبي (3)، صارِم بن اَبي صارم همداني، عبدالملڪ مدني پنهنجن پنهنجن سوارن سميت ]موڪليائين[. موڪي پٽ وسايي کي سندن ساز و سامان تيار ڪري روانو ڪيائين ۽ خريم بن عمرو المدني (4) کي انهن جو سپهه سالار بنايائين. جـَـيسـِـينه کي (جڏهن) عرب جي لشڪر جي ٻاهر نڪرڻ جي خبر پيئي ته اتان مال ۽ عيال سوڌو هليو ويو، ۽ ريگستان جي رستن کان وڃي چترور جي ملڪ ۾ انهيءَ جاءِ تي پهتو جنهن کي ]202[ جنڪن و عورا اوڪايا (5) چون ٿا ۽ اتي ترسي پيو. علافي کانئس جدا ٿي طاڪـِـيـَـه جي شهرن(6) تائين ويو (7)، ۽ رويم جي سرحد تي روستان جي آسپاس ڪشمير جي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو ڪيائين(7). اهو ملڪ رڻ پٽ آهي.(1) پوءِ اتان راجئـَـري طرف خط لکيائون(1)، اهو تختگاهه جيل ۾ آهي، ۽ ]خط ۾[ چيائينس ته:” ]آءٌ پنهنجي[ رضا ۽ دل جي خوشيءَ سان خدمت ۾ آيو آهيان.“

]عـِـلافيءَ[ جو ڪشمير جي راجا ڏانهن وڃڻ (2)

ڪشمير جي راجا خط پڙهي، حڪم ڪيو، جنهن تي ڪشمير جي ضلعن مان هڪ ديهه، جنهن کي شاڪلهار چون ٿا، ]علافي[ (2) کي جاگير طور ڏنائون.

ڪشمير جي راجا جي ]علافيءَ[ کي عزت ڏيڻ (1)

جنهن ڏينهن ملاقات ڪيائون ]انهيءَ ڏينهن ئي، ڪشمير جو راجا[ پنجاهه سنجيل گهوڙا ۽ ٻه سؤ قيمتي خلعتون سندس ]علافيءَ جي[ رفيقن کي ڏنا ]علافي[ جـَـهم بن سامـة الشـَـاميءَ کي شاڪلهار جي جاگيرن تي موڪليو. جڏهن ڪشمير جي راجا جي خدمت ۾ ٻيو دفعو ويو، تڏهن ]پڻ[ هو اعزاز ۽ اڪرام سان پيش آيس، ۽ کيس ڇـَـٽ، ڪرسي، ڪمر بند ۽ ڏولي عطا فرمايائين. اهو شرف خاص وڏن بادشاهن لاءِ هوندو آهي. پوءِ عزت ۽ عظمت سان کيس سڌي سوليءَ راهه سان سندس جاگيرن تي واپس موڪليائين. ڪجهه وقت کان پوءِ ]علافي[ نيٺ شاڪلهار ۾ مري ويو. ۽ جـَـهم بن سامت سندس جاءِ نشين ٿيو. سندس نسل اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. هن مسجدون ٺهرايون ۽ ڏاڍي ]203[ عزت ۽ درجو حاصل ڪيو. ڪشمير جو بادشاهه (هميشه) کيس عزت سان پيش ايندو هو.

]جـَـيسـِـينه جو چترور ڏانهن وڃڻ[ (2)

پوءِ جـَـيسـِـينه وڃي چترور (3) جي ملڪ ۾ رهيو، ۽ اتان گوپي ]پٽ[ ڏاهر(1) ڏانهن اروڙ خط لکي پنهنجي نڪري وڃڻ جي خبر کان واقف ڪري، اروڙ جي قلعي بچائڻ جي پارت ڪيائينس. گوپي ]پٽ[ ڏاهر(1) اهو خط پڙهي، جـَـيسـِـينه جي چترور وڃڻ تي (پنهنجي) دل مضبوط ڪئي.

جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي لڙائيءَ ۾ ڇهه مهينا رهيو، ۽ جنگ اينگهه ڪئي، ۽ هوڏانهن جيسينه جي چنيسر(2) مان ]نڪري وڃڻ جي[ خبر پهتي، تڏهن چار وڏا واپاري، جيڪي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ انهيءَ دروازي وٽ هئا، جنهن کي جريطري(3) چوندا هئا، تن پاڻ ۾ صلاح ڪري چيو ته: عرب جو لشڪر سڀني شهرن تي غالب آهي ۽ راجا ڏاهر ڪسي ويو. ڇهن مهينن جو عرصو گذري چڪو آهي ته هيءُ قلعو گهيري هيٺ آهي، نه اسان ۾ ايتري طاقت ۽ همت آهي جو لڙائيءَ ۾ هن سان سامهون ٿي سگهون، ۽ نه صلح ڪرڻ لاءِ ڪو طريقو آهي. کڻي ڪي ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به بيهي سگهجي پر آخر (قلعو) فتح ٿي ويندو. اسان کي ڪنهن به طرف کان ڪوبه واهرو ڪونهي جو اسان جي واهر ڪري، يا مدد جا اميدوار ٿي سگهون. راجا موجود ڪونهي. جنهن وٽ اسان کي پناهه ملي، ۽ هن کان وڌيڪ هن لشڪر سان لڙائيءَ ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهون. هاڻي جيڪڏهن يڪراءِ ٿيو ته ٻاهر نڪري ڪسي وڃڻ تائين لڙائي جي ڪوشش ڪريون. ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ صلح ٿيندو ته به سڀيئي هٿياربند خونخوار ترار جو کاڄ ٿيندا ۽ عام ماڻهن، جهڙوڪ: واپارين، ڪاريگرن ۽ هارين کي امان ڏيندا. پر جيڪڏهن اسان کي اعتماد ٿئي ته پوءِ ته بهتر ائين ٿيندو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو وچ ۾ ٿئي ته قلعو سندس ]محمد بن قاسم جي[ حوالي ڪريون، (۽ هو) اسان کي ]204[ پنهنجو فرمانبردار سمجهي، مـُـعـَـرب بنائي، ۽ اسان پڻ ساڻس لاڳاپا  پيدا ڪري خدمت جا شرط بجا آڻيون. انهيءَ ٺهراءُ تي متفق ٿي قاصد موڪليائون، ۽ پنهنجي لاءِ عيال ۽ ٻارن سميت امانَ گهريائون.

پڪي انجام ڪرڻ تي امانَ ڏيڻ

محمد بن قاسم انهيءَ پڪي انجام تي انهن کي امان ڏني. باقي ٻين سڀني هٿيارن کڻندڙن کي قتل ڪري ڇڏيائون، ۽ سندن تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن کي قيد ڪرايائون. اٽڪل ٽيهه هزار غلام قيد ۽ قبضي ۾ آيا، ۽ انهن (امان وٺندڙن) تي ڍل مقرر ڪيائون.

(روايت:) انهيءَ پيغام اچڻ کان پوءِ حجاج سڀني اميرن ۾ مکيه ماڻهن کي سڏي انهن کي هيءُ پيغام پڙهي ٻڌايو ۽ فرمايائين ته: برهمڻ آباد کان قاصد آيا آهن، تن جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ فڪر ڪري چڱو جواب ڏيو. (موڪي ]پٽ[ وسايي جي تدبير:) پوءِ موڪي ]پٽ[ وسايي چيو ته: ”اي امير! هيءُ قلعو، هند ۽ سنڌ جي سڀني قلعن جو سردار ۽ تختگاهه آهي. جيڪو به هيءَ جڳهه فتح ڪندو، سڄي سنڌ انهيءَ جي هٿ هيٺ ٿيندي، ۽ مضبوط قلعا سندس اقتدار ۽ اختيار هيٺ ايندا. آسپاس جا ماڻهو ڏاهر جي اولاد کان دل برداشته ٿي، ڪي ڀڄي ويندا ۽ ڪي فرمانبرداريءَ جو طوق پنهنجين ڳچين ۾ وجهندا.“

(محمد بن قاسم جو حـَـجاج جي خدمت ۾

عرضداشت موڪلڻ)

پوءِ محمد بن قاسم حجاج کي هن حال کان واقف ڪيو. (هوڏانهن) انهيءَ جماعت ڏانهن پروانو موڪلي ساڻن وقت مقرر ڪيو. انهن چيوته: فلاڻي ڏينهن جريطي (1) واري  دروازي وٽ اچجئو  ته اسان  جنگ  لاءِ ٻاهر نڪرنداسون، ]205 [۽ جڏهن سامهون ٿينداسون ته وچ جنگ ۾ جڏهن عربن جو لشڪر حملو ڪندو، تڏهن اسين ڀڄي قلعي ۾ وينداسون، ۽ دروازو کليل ڇڏي ڏينداسون.

(جواب اچڻ:) جڏهن لکئي جو جواب حجاج وٽان پهتو، ته انهن کي امان ڏيئي ساڻن ڪيل واعدو پورو ڪريو، تڏهن قلعي وارن ماڻهن، ساڻن ٿوري ساعت جنگ ڪئي. جڏهن عرب جو لشڪر حملو ڪري وڃي ساڻن ڳنڍيو، تڏهن قلعي وارن ڀڄي وڃي پاڻ کي قلعي اندر سٽيو، ۽ دروازو کليل ڇڏي ويا، جنهن ڪري عربن دروازو هٿ ڪيو ۽ لشڪر سندن پويان اچي قلعي جي ڀتين تي چڙهيو، ۽ مسلمانن تڪبير هنئي. قلعي وارن ڏٺو ته عرب جو لشڪر غالب ٿي ويو سو اڀرندي وارو دروازو کولي شڪست کائي ٻاهر نڪتا. محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته جنگ ڪندڙ ماڻهوءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به قتل نه ڪيو. جنهن کي هٿيار ڏٺائون تنهن کي گرفتار ڪري هٿيارن، تابعدارن، ۽ عيال سميت محمد بن قاسم جي اڳيان آندائون. جنهن ماڻهو ڪنڌ هيٺ ڪري امانَ گهري تنهن کي ڇڏيائون ۽ کين موٽائي گهرن ۾ ويهاريائون.

(2)  اصل لفظ ”جوي“، جنهن جو ترجمو ”نهر“ ڪيو ويو آهي.
(3)  پ: ببلا هند، وسيؤر، ن، ب، ح: سيفر.
(4)  پ: ديوارا، ن: ديوار، ب، ح، س، ڪ: ديوار.
(1)  س: ودهاتہ.
(2)  فارسي ڇاپي ۾ هن لفظ جي صورتخطي ”جلواني“ ڏنل آهي، مگر هنن ٻنهي جاين تي پ، ر، م جهڙن متعبر نسخن جي متفقه پڙهڻي ”جلوالي“ آهي، ۽ ن ب ح ڪ جي ”حلوالي“، جا پڻ غالباً ”جلوالي“  جي تصحيف آهي. وري هيٺ ص]216[ تي به پ جهڙي قديم نسخي جي قراعت ”جلوالي“ آهي. انهيءَ ڪري اسان اها ئي پڙهڻي اختيار ڪئي آهي وڌيڪ توضيح  لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص  ]201[ . (ن-ب)
(3)  اصل لفظ: ”آ بگير“ جنهن جي لفظي معنيٰ ”تلاءُ“  مگر ڪناري جي مفهوم جي نقطه نظر سان ڇڇ، ڍنڍ يا ڍوري جي معنيٰ به نڪري سگهي ٿي. مٿي ص ]160[ تي ”آبگير“ ڄڻ ”خليج“ جي مترادف ڪم آندو ويو آهي. جيئن ته هت هيٺ وري ”نهر جلوالي“ استعمال ٿيو آهي، انهيءَ ڪري اسان هت ”آبگير“ جي معنيٰ ۾ ”ڍوري“ کي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
(1)  هيءَ پڙهڻي م ر مطابق آهي. پ جي پڙهڻي ”جنيسر“ آهي، جا پڻ ان جي مشابهه آهي، ن: جسيرا، ب ح: جيسر، س: چنير، ڪ: جهنيسر. (ن-ب)
(2)  هي فارسي ڇاپي جي پڙهڻي آهي جا غالباً پ مطابق آهي، ر: جويطري يا جوبطري، م: بوبطري، ن ب س: جريطري، ح: حريطه.
(3)  ”بنوره“ قديم نسخي پ جي پڙهڻي آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏيئي ترجمي ۾ رکيو آهي. ن ب ۾ ”منوده“ ۽ س ڪ ۾”منوره“ آهي، ۽ انهن  پڙهڻين جو پويون حصوبه تقريباً پ جي پڙهڻي مطابق آهي. فارسي ڇاپي ۾ ”هاليه“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي جا غالباً فقط نسخي م مطابق آهي.(ن-ب)
(4)  پ جي پڙهڻي ”دوشنبه“ يعني ”سومر ڏينهن“ آهي، مگر ٻين جملي نسخن، ر م ن ب ڪ س، مطابق ”روزشنبه“ يعني ”آچر ڏينهن“ آهي. (ن-ب)
(1) هن سن ۾ غلطي آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه ص] 202 [.(ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي ”موکه پسايه“ آهي.
(1)  ”چترور“ پڙهڻي ب مطابق آهي، ر م: جترور. فارسي ڇاپي ۾ ”چتور“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. وڌيڪ لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص 36. (ن-ب)
(2)  اصل ۾: بنانـہ.
(3)  فارسي متن ۾ ”عطيه ثعلبي“ غالباً صحيح ”تغلبي“ آهي، جنهن لاءِ ڏسو مٿي حاشيه (1) ص 223. (ن-ب)
(4)  فارسي ڇاپي ۾ هيءَ نسبت ”الديهي“ طور ڏنل آهي ۽ جملي نسخن جون پڙهڻيون به بالڪل مبهم آهن. غالباَ صحيح ”المدني“ آهي جيئن ته مٿي ص ]180[ تي هي نالو صاف طور ”خريم بن عمرو مدني“ ڄاڻايل آهي. (ن-ب)
(5)  ر: جنکن وعورا وکايا، س: جيکن وعورا اولجا.(ن-ب)
(6)  اصل متن ۾: بيلاد طاکيه.
(7)  -(7) فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وقصد نمود بخدمت ملک کشمير، در حوالي روستان بر سرحد رويم“. مختلف نسخن ۾ ”روستان“ (جو ن ب مطابق آهي) جون پڙهڻيون هن طرح آهن: پ م ڪ: روستا، ر: روستا، ح: روسنان. ن ب ڪ ح ۾ ”رويم“ جي بدلي ”روم“ آهي. ر م ۾ مٿئين جملي ّجو پويون حصو هن طرح آهي. ”که در حوالي روستا (5) بر سرحد رويم است“. روستا جي معنيٰ هڪ ڳوٺ يا شهر يا آباد علائقو به ٿي سگهي ٿي – والله اعلم بالصواب.(ن-ب)
(1) – (1)  فارسي ڇاپي جي عبارت: ” پس از اَنجا بر راي جيتري بنبشتند“. ن ب ح ۾ به ”راي جيتري“ آهي، انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي، ”پوءِ اتان جيتري جي راجا ڏانهن خط لکيائون“. مگر هيٺ صاف طور ظاهر آهي ته خط ڪشمير جي راجا ڏانهن لکيا ويا هئا ۽ انهيءَ ڪري هن جاءِ تي ”راي کشمير“ جي بدران ”راي جيتري“ ٻي معنيٰ ٿو نظر اچي. ٻين نسخن ۾ ”جيتري“ جي بدلي ٻيون مبهم پڙهڻيون آهن. مثلاً: پ: چنسر، ر م: خبري، ڪ: چتري، س: چيزي. اسان جي خيال ۾ ”راي جيتري“ ”راي خبري“ ”ري چتري“ وغيره در اصل غالباً ”راجيئري“ يا ”را جئري“ جون بگڙيل صورتون آهن، ۽ راجئري ساڳيو ڪشمير جو مکيه شهر ”راجا وري“ آهي جنهن جو ذڪر البيروني پنهنجي ”ڪتاب الهند“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص]203[. (ن- ب)
(2)  جملي معتبر نسخن ، پ م ر ن ب س ڪ، مطابق هيءُ عنوان هن طرح آهي: رفتن جيسينه بر رانہ کشمير(يعني جيسينه جو ڪشمير جي راڻي ڏانهن وڃڻ). ان بعد هن عنوان هيٺ به علافيءَ جي نالي جي بدران جيسينه جو نالو آهي. جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ غالباً هن کان اڳ واري عبارت ۾ ڪو خلل آهي، ۽ جيسينه جوڪشمير ڏانهن وڃڻ وارو فقره حذف ٿي ويو آهي. مٿين عبارت ۾ ”راجئري طرف لکيائون (بتبشتند)“ ۾ جمع جو صيغو آهي ۽ قدري گمان نڪري ٿو ته علافي اڪيلو نه هو، پر شايد ٻيو به ڪو ساڻس گڏ هو. مگر جيئن هن عنوان ۽ هن کان بعد واري عنوان هيٺ سڄي عبارت جو متن بيٺل آهي، ان مان علافي جو ڪشمير ڏانهن وڃڻ قياس ويجهو معلوم ٿئي ٿو. فارسي ڇاپي جي فاضل ايڊيٽر به هتي متن ۾ ”جيسينه“ جي بدران “علافي” رکيو آهي ۽ اسان به انهيءَ ترميم  کي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
(1)  هي عنوان پ ن ب ڪ ۾ ڪونهي مگر م ر ۾ ڏنل آهي ۽ انهن ٻنهي نسخن ۾ ”علافي“ جي بدران ”جيسينه“ جو نالو آهي. (ن-ب)
(2)  هيءُ عنوان جملي نسخن ۾ ڏنل ڪونهي ڇاڪاڻ ته سڀني نسخن ۾ مٿان کان وٺي جيسينه جو ذڪر هلندڙ آهي. جيئن ته اسان ترميم ڪري، هر جڳهه ”جيسينه“ جي بدران ”علافي“ جو نالو لکيو آهي، انهيءَ ڪري هن عنوان کي فارسي ڇاپي مطابق قائم رکيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ مٿي علافي ۽ هيٺ جيسينه جي حالات ۾ تميز ٿي سگهي، (ن-ب)
(3)  اها پڙهڻي پ م مطابق آهي، ر: جترور، ن ب: جتور.
(1)  اصل عبارت: قوفي ِّ داهر.
(2)  پ ن ح: چنيسر.
(3)  ر: جويطري.
(1)  ر: جويطري.

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :31
جـَـيسـِـينه ۽ راجا ڏاهر ]بن[ چچ جي زال جو (مقابلي لاءِ) بيهڻ جي خــبر

برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن کان ڏند ڪٿائن ۾ آڻين ٿا(1) ته: جڏهن برهمڻ آباد جو قلعو هٿ آيو، تڏهن ڏاهر جي زال لاڏي(2)، جا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ڏاهر جي پٽ سان برهمڻ آباد ۾ (جنگ لاءِ تيار ٿي) بيٺي هئي، چيو ته: ”هيءُ مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسون؟ اسان کي لاچار هتي رهڻ گهرجي، جيئن دشمن تي غلبو حاصل ڪريون ۽ اسان جو ملڪ ۽ گهر سلامت رهي. پر جيڪڏهن عرب جو لشڪر غالب ٿيو ته پوءِ ڪا ٻي تدبير ڪنداسون.“ ائين چئي مال خزانو ٻاهر ڪڍي لشڪر جي بهادرن کي پئي ڏنائين، ۽ جوڌن کي دلجاءِ پئي ڏنائين، ۽ اهي ٻئي دروازي تي جنگ ڪندا ٿي رهيا. لاڏيءَ جي هيءَ تجويز هئي ته: ”جيڪڏهن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باهه جي خوراڪ بنائيندس.“ مگر اوچتو قلعو ]206[ فتح ٿي ويو، ۽ معتبر ماڻهن ڏاهر جي ]حمايت واري[ دروازي تي پهچي راجا ڏاهر جي لاڳاپيدارن کي (هڪدم) ٻاهر ڪڍيو، ته جيئن پاڻ کي هلاڪ نه ڪن، ۽ لاڏي گرفتار ٿئي.

ڏاهر جي زال لاڏي ۽ ٻن ڪنوارين ڌيئن کي گرفتار ڪرڻ

پوءِ جڏهن غنيمتون ۽ غلام، محمد بن قاسم جي اڳيان آندائون، ۽ هر هڪ جو احوال معلوم ڪيائين، تڏهن معلوم ٿيو ته ڏاهر جي زال لاڏي قلعي ۾ آهي. ڏاهر جون ٻه ڌيئون (پڻ) ٻين زالن جي وچ ۾ منهن ڍڪيون (بيٺيون) هيون، جن کي خادم جي حوالي ڪري جدا ويهاريائين.

غنيمت جي مال جو انداز ۽ پنجون حصو

پوءِ ٻانها چونڊيائون ۽ پنجون حصو ٻاهر ڪڍيائون. اٽڪل ويهه هزار ٻانها چونڊيائين ۽ پنجون حصو ٻاهر ڪڍي باقي لشڪر کي ڏنائين.

واپارين ۽ ڪاريگرن کي امانَ ڏيڻ

پوءِ واپارين، ڪاريگرن ۽ عام ماڻهن کي امانَ ڏيئي،سندن قيدين کي آزاد ڪيائين، ۽ پاڻ عدالتگاهه ۾ ويهي لڙائي ڪندڙ جماعت کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ اهڙيءَ طرح، چون ٿا ته اٽڪل ڇهه هزار جنگي جوان قتل ڪيا ويا، ڪي چون ٿا ته سورهن هزار مرد ڪـُـٺا ويا. ٻين کي معافي ڏنائين.

ڏاهر جي لاڳاپيدارن برهمڻن جي خبر

ڪي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته: جڏهن ڏاهر جي لاڳاپيدارن کي ٻـَـانهنِ  ۾ نه ڏسي شهر جي رئيسن کان پڇا ڪيائون، تڏهن ڪنهن به ماڻهو انهن جو پتو نه ٻڌايو. نيٺ ٻئي ڏينهن برهمڻن مان اٽڪل هڪ هزار ماڻهو، مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙائي] 207[ امير محمد بن قاسم جي دربار ۾ حاضر ٿيا.

برهمڻن جو محمد بن قاسم وٽ اچڻ

محمد بن قاسم هنن کي ڏسي پڇيو ته: ”هن ٽولي وارا ڪهڙيءَ فوج مان آهن، جو هن شڪل ۾ پهتا آهن؟“ چيائون: ”اي وفادار امير! اسان جو راجا برهمڻ هو، جڏهن انهيءَ کي ڪٺائون ۽ هيءُ ملڪ کانئس نڪري ويو، تڏهن هن جي وفاداريءَ ۾ ڪن پاڻ کي ماري ڇڏيو، ۽ باقين سندس سوءِ ۾ زرد ڪپڙا پائي ڏاڙهيون ۽ مٿا ڪوڙايا. هاڻي جڏهن الله تعاليٰ عـَـزوجــَـلَ  هيءَ بادشاهي توهان جي حوالي ڪئي آهي، تڏهن عادل امير جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون ته باقي بچيلن لاءِ ڪهڙو حڪم ٿو ڪري. محمد بن قاسم ويچار ڪري چيو ته: ”منهنجي جان ۽ سر جو قسم ته هيءُ ڏاڍا وفادار آهن. انهن کي هن شرط تي امانَ ڏنيسين ته ڏاهر جا لاڳاپيدار جتي به هجن انهن کي هٿ ڪندا.“

محمد بن قاسم جو برهمڻن سان واعدو ڪرڻ ۽

امانَ ڏيڻ

پوءِ برهمڻن هن مضبوط عهدنامي جي بنياد  تي ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي پهري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ باقي ماڻهن تي رَسـُـول الله ، الصـَـلواة وَالسـَـلام عـَـلـَـيه، جي طريقي موجب ڍل مقرر ڪيائون. جيڪي اسلام جي شرف سان مشرف ٿيا، انهن کي ٻانـَـهپ، مال ۽ چونڊ (1) کان معافي ڏنائون. جن ايمان نه آندو تن کي ٽن حصن ۾ (ورهائي) مٿن ڍل مقرر ڪيائون. پهريون، سردارن جي ٽولي مان هر هڪ تي 48 درهم تور چاندي. ٻئي ٽولي تي 24 درهم تور چاندي، ۽ هيٺياهين درجي واري ٽولي تي 12 درهم تور (چاندي) مقرر ڪيائون. ]208[  ۽ ]محمد بن قاسم[ فرمايو ته : ”اڄ وڃو، جيڪي مسلمان ٿي اسلام ۾ ايندا تن تان ڍل معاف ڪئي ويندي، ۽ جيڪي پنهنجي طريقي تي حريص رهندا، سي چونڊ (1) ۽ جزيو قبول ڪري، پنهنجي ابن ڏاڏن جي طريقي تي رهندا. “ پوءِ انهن مان ڪن (اسلام تي) رهڻ اختيار ڪيو ۽ ڪي جزيو قبول ڪري، پنهنجن وڏن جي طريقي تي هلڻ لڳا. سندن زمينون ۽ گهوڙا انهن کان نه ورتا ويا.

برهمڻن ۽ ملڪ جي امينن کي مقرر ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم انهن مان هر هڪ تي، سندس درجي ۽ لياقت موجب ڍل مقرر ڪئي. قلعي جي چئني درن مان هر هڪ دروازي تي فوج مقرر ڪري، انهيءَ جي جوابداري انهن ماڻهن جي انتظام ۾ ڏني، ۽ رضامندي جي خـِـلعتَ، سنجيل گهوڙن سميت (عطا ڪري) هندستان جا شاهاڻا زيور سندن هٿن ۽ پيرن ۾ وڌائين، ۽ هر هڪ لاءِ محفل جي منڍ ۾ ويهڻ جي جاءِ مقرر ڪيائين.

ڪاريگرن، واپارين ۽ ڪڙمين کي لکڻ

پوءِ سوداگرن، ڪاريگرن ۽ ڪڙمين جو (تعداد) لکيائون. عام ماڻهو ڳڻپ ۾ جملي ڏهه هزار ٿيا. پوءِ محمد بن قاسم جي فرمائڻ تي هر هڪ تي (فقط) ٻارهن درهم تور چاندي مقرر ڪيائون، ڇاڪاڻ ته سندن مال لٽجي ويو هو.

مقرر ڍل جي وصول ڪرڻ لاءِ نائب مقرر ڪرڻ

پوءِ وڏيرن ۽ رئيسن کي مقرر ڍل جي وصول ڪرڻ تي مقرر فرمايائين، جيئن هرهڪ شهر ۽ واهڻ مان مال وصول ڪندا رهن،۽ کين  ]پڻ حڪومت جي [تائيد ۽ طاقت هجي. [209]

برهمڻن جو عرض ڪرڻ

برهمڻن هيءَ حقيقت ڏسي عرض ڪيو ۽ شهر جي مکيه ۽ چونڊ ماڻهن سندن حال بابت شاهدي ڏني ته اهي برابر رسوخ وارا هئا.

برهمڻن لاءِ حڪم

پوءِ محمد بن قاسم برهمڻن کي عزت ڏني، ۽ سندن اثر ۽ رسوخ (قائم رکڻ) لاءِ پروانو جاري ڪيائين. هر حالت ۾ کين (ڪنهن به قسم جي) روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. ۽ انهن مان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم تي ڇڏيائين، ۽ سچ پچ معلوم ٿيس ته انهن کان خيانت ڪڏهن به نه ٿيندي.

ڪمن تي مقرر ڪرڻ

پوءِ راجا چچ جي دستور موجب، جنهن هر هڪ برهمڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم تي مقرر ڪيو هو، هر هڪ تي ڪونه ڪو ڪم مقرر ڪري، حڪم ڪيائين. جنهن تي سڀني برهمڻن  کي آڻي حاضر ڪيائون. (پوءِ) چيائين: ”ڏاهر توهان کي وڏن ڪمن تي مقرر ڪيو هو، تنهن ڪري توهان شهر ۽ آسپاس جا واقف هوندا. جنهن به مشهور معروف ماڻهوءَ کي تربيت ۽ نوازش جو لائق سمجهو ته اسان کي ڄاڻ ڪريو، جيئن سندس حق ۾ مهرباني ڪئي وڃي، ۽ کيس وڏي انعام سان سرفراز ڪيو وڃي. جنهن صورت ۾ توهان جي ايمانداري ۽ سچائي تي اسان کي پورو اعتماد ۽ ڀروسو آهي، تنهن ڪري توهان پنهنجن ڪمن تي بحال آهيو. ملڪ جو سارو ڪاروبار توهان جي معاملي فهميءَ تي ڇڏيو ويندو. ۽ هيءُ ڪم توهان جي اولاد ۽ پيڙهين جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڪڏهن به نه ڦرندو.

برهمڻن جو زور وٺي واهڻن ۾ وڃڻ

پوءِ برهمڻ ۽ ڪامورا ملڪ ۾ گهڙي پيا ۽ وڃي چيائون: ”اي ڏسڻا وائسڻا ۽ مشهور (ماڻهؤ) توهان کي معلوم آهي ته ڏاهر مارجي ويو ۽ ڪافرن جو ڪم پورو (210) ۽ ختم ٿيو، هند ۽ سنڌ جي چئني طرفن ۾ عربن جو حڪم جاري ٿيو. جنهن ڪري ملڪ جا ننڍا خواهه وڏا هڪجهڙا ٿيا. اسان جا ڪم ڪار، عزت واري بادشاه ]محمد بن قاسم[ جي طرف کان سمجهڻ گهرجن. اسان کي توهان ڏانهن موڪليو اٿن ۽ چڱن واعدن سان اميدوار ڪيو اٿن. جيڪڏهن عربن جو حڪم نه مڃينداسون ته نه مال رهندو، ۽ نه گذران جو ذريعو. اسان پاڻ، (انهن) سردارن جي مهرباني ۽ احسان ڏانهن نيازمند ٿي پيا آهيون. ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ ڪري) اسان جو درجو وڏو ٿي سگهي. في الحال پنهنجي وطن کان ٿڙجي برباد نه ٿيون. جيڪڏهن هيءُ ڍل، جيڪا توهان تي رکي اٿن، برداشت نه ٿي سگهندي ۽ انهيءَ جي ادا ڪرڻ ۾ وڏو بار سمجهندؤ، ته پوءِ فرصت وقت هند ۽ سنڌ جي ڪنهن ٻيءَ زمين ڏانهن، جتي توهان جي دلين کي اطمينان هجي، هليا وڃجؤ، ڇاڪاڻ ته آدمزاد واسطي جان جي سلامتي کان بهتر ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي. اسان کي جڏهن هن خطرناڪ مصيبت کان ڇوٽڪارو ملندو ۽ لشڪر جي تڪليف کان بيپرواهه ٿينداسون، تڏهن اسان جو مال ۽ عيال محفوظ ٿيندو.

واهڻن ۽ شهر تي ڍل مقرر ڪرڻ

پوءِ سڀني ڳوٺاڻن ۽ شهرين حاضر ٿي پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي، ۽ پنهنجي ڍل جي رقم محمد بن قاسم کان پڇيائون، جن برهمڻن کي امير محمد بن قاسم ڍل (جي وصوليءَ) تي مقرر ڪيو هو، تن بابت ] پڻ پڇيائون، جنهن تي انهن برهمڻ آفيسرن کي[ فرمايائين ته: ”حڪومت ۽ خلق جي وچ ۾ سچائيءَ جو خيال رکجو، جيڪڏهن ڪا شيءِ ورهايو ته برابر ورهائجو، هر هڪ تي ڍل سندس برداشت موجب رکجــو، ۽ هڪٻئي سان ٺهي هلجو ۽ پريشان نه ٿجو، جيئن ملڪ ويران نه ٿئي.“] 211[

محمد بن قاسم جي خلق سان مهرباني ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم هرهڪ سان خاص مهرباني ڪئي ۽ فرمايائين ته: ”هر طرح دل خوش رکجؤ. ڪابه ڳڻتي نه ڪريو ته ڪا توهان تي وٺ پڪڙ ٿيندي. آئون توهان کان ڪوبه ڪاغذ يا دستاويز (لکائي) نٿو وٺان. جيڪو حصو اڳيئي مقرر ۽ معلوم آهي، سو ادا ڪندا رهجو، بلڪ توهان تي مهرباني ۽ درگذر واجب سمجهيو ويندو. جنهن کي ڪا درخواست هجي ته پيش ڪري، اها ٻڌي ويندي ۽ (ان جو) پورو جواب ڏنو ويندو، ۽ هر هڪ جي مراد پوري ڪئي ويندي.“

محمد بن قاسم جو برهمڻ آباد وارن کي پروانو ڏيڻ.

هاڻي برهمڻن جي اها رسم جا هلندي ٿي آئي، جو واپاري، ڪافر ۽ ٺڪر برهمڻن کي خيراتون ڏيندا هئا، بتن جي پوڄا ۽ خوشيون ڪندا هئا ۽ مندر جي پوڄارين کي اهڙو پروانو هو، سا بند ٿي ويئي، ۽ لشڪر جي ڊپ کان اها خيرات ۽ ماني کين دستور موجب نٿي پهتي، جنهن ڪري برباد ۽ سـُـڃا ٿي ويا هئا. سو سڀني ]برهمڻن، محمد بن قاسم جي[ جڳهه جي در تي اچي دعا لاءِ هٿ کنيا، ۽ پيغام موڪليائون ته: ”شل عادل امير سلامت رهي! اسان راهب آهيون ۽ اسان جو گذران ۽ ترقي بـُـت(1) جي مجاوريءَ تي آهي. جنهن صورت ۾ واپارين ۽ ڪافرن تي رحمت ڪئي اٿوَ ۽ هو پاڻ تي ڍل مقرر ڪري ذِميِ ٿيا آهن، تنهنڪري (اسان) بندن کي به صاحب جن جي ڪرم ۾ اميد آهي ته انهن کي اشارو فرمائيندا. جيئن هو پنهنجي معبود کي پوڄين ۽ بتخانو(2) آباد ڪن.“

محمد بن قاسم جو جواب ڏيڻ

محمد بن قاسم جواب ڏنو ته: ”ملڪ جو تختگاهه اروڙ آهي، ۽ هيءُ سڀ پاسا ]212 [  آسپاس آهن.“ اتي هندن چيو ته: ”هن ملڪ جي آبادي برهمڻ آهن. اهي اسان جا عالم ۽ حڪيم (داناءُ) آهن. اسان جي شادي خواه غمي جو ڪاروبار سندن وسيلي پورو ٿيندو آهي. اسان ڍل يا جزيه انهيءَ ڪري قبول ڪيو آهي ته هرڪو پنهنجي طريقي جي پيروي ڪري. هيءُ اسان جي بت جو بتخانو(1) ويران ٿي ويو آهي ۽ اسان بـُـتـَـن(2) جي خدمت نٿا ڪري سگهون. امير عادل اسان کي اجازت فرمائي ته اسان (ان کي) آباد ڪري، پنهنجي معبود جي عبادت ۾ مشغول رهون ۽ اسان جي برهمڻن کي (پڻ) اسان مان گـُـذر جو ذريعو ٿي سگهندو.“

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن لکڻ ۽ جواب جو پهچڻ

پوءِ محمد بن قاسم هيءَ حقيقت حجاج ڏانهن لکي موڪلي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ جواب پهتو ته: ”سؤٽ محمد بن قاسم جو پيارو خط پهتو. جيڪي احوال لکيا هئائين سي معلوم ٿيا، جن مان هڪ هيءُ به هو ته برهمڻ آباد جا مکيه ماڻهو(3) بتخاني جي آبادي(3) ۽ پنهنجي مذهب لاءِ عرض ڪري رهيا آهن. جنهن صورت ۾ (اسان جي) فرمانبرداريءَ جي سلسلي ۾ داخل ٿي، دارالخلافت جي ڍل  پنهنجي مٿان مقرر ڪيائون، تنهن صورت ۾ ڍل کان وڌيڪ ]اسان جو[ هنن تي ڪو به حق ۽ واسطو نه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ذمـِـي ٿي چڪا ، تڏهن سندن مال يا خون ۾اسان جي دست اندازي مطلقاً نه ٿيندي. کين پنهنجي معبود جي عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي .توهان ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي طريقي کان روڪ ٽوڪ نه ڪندا، جيئن هو پنهنجن گهرن ۾ پنهنجي مرضي موجب زندگي گذاريندا رهن.“

حجاج جو لکيو پهچڻ

حجاج جي لـِـکئي پهچڻ وقت، محمد بن قاسم شهر کان ٻاهر نڪري منزل ڪئي هئي.  پوءِ وڏيرن، اڳواڻن ۽ برهمڻن کي اجازت ڏنائين ته: ”بيشڪ پنهنجي معبود [213] کي آباد ڪريو. مسلمانن سان ڏيتي ليتي ڪريو. اطمينان سان پنهنجي سڌاري جي ڪوشش ڪريو. برهمڻن فقيرن جي احسان ۽ سنڀال سان تيمارداري ڪريو. پنهنجون عيدون، رسمون پنهنجن ابن ڏاڏن جي دستور موجب بجا آڻيندا رهو. هن کان اڳ برهمڻن کي جيڪي خيراتون ڏيندا هئا، سي پراڻي دستور موجب ڏيندا رهو.(1) سئو درهمن اصل مال مان  ٽي درهم ]ڪڍي ان مان[ جيڪو انهن (برهمڻن) جو حق هجي، سو انهن کي پهچائجي(1)، باقي خزاني لاءِ، خزاني وارن جي قلم ۽ نائبن جي سامهون حفاظت ۾ رهي، ۽ آفيسرن ۽ ڪم وارن لاءِ پگهارون مقرر ڪيون وڃن.“ انهن شرطن تي تـَـمـِـيم بن زَيدِ القـَـينـِـي(2) ۽ حـَـڪـَـم بن عـَـوَانة ڪـَـلبـِـيءَ کي وچ ۾ آندائون، ۽ برهمڻن لاءِ فيصلو ٿيو ته ٽامي جي ٿالهي هٿ ۾ کڻي، گهرن جي دروازن تي گدائيءَ لاءِ وڃي اناج وغيره جيڪي به ملي سگهين سو حاصل ڪن، جيئن تباهه نه ٿين. ۽ ]هاڻي[ هيءَ رسم ڪافرن ۾ مروج ٿي ويئي آهي.

محمد بن قاسم جو برهمڻ آباد وارن کي امانَ ۽

پروانو ڏيڻ

هاڻي محمد بن قاسم برهمڻاباد جي پسگردائيءَ کان فارغ ٿيو، ۽ ماڻهن جي جيڪا درخواست هئي، سا پوري ڪيائين. عراق ۽ شام جي يهودين، نصارن،گبرن ۽ مجوسين جي نموني تي هر هڪ کي پنهنجي طور طريقي تي رهڻ لاءِ اجازت ڏيئي واپس ڪيائين ،انهن جي اڳواڻن کي ”راڻا“ جو خطاب ڏنائين.

محمد بن قاسم جو سياڪر وزير کي سڏڻ

پوءِ سياڪر وزير ۽ موڪي ]پٽ[ وسايي کي سڏي پڇيائين: ”لوهاڻي جي جتن جو ڪاروبار، چچ ۽ ڏاهر سان ڪيئن هو؟ ۽ سندن معاملو ڪهڙي دستور تي ٿي هليو؟“

(سياڪر جو جواب:) وزير، موڪي ]پٽ[ وسايي جي روبرو چيو: ”راجا چچ جي حڪومت ۾(1) لوهاڻي يعني لاکه ۽ سمه ]واري ايراضي جي جتن[ کي(1) نرم ڪپڙن پهرڻ [214] ۽ مخمل مٿي تي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. بلڪ هيٺ مٿي ڪاري گودڙي پهريندا هئا، کـُـهري چادر ڪلهن تي وجهندا هئا، ۽ مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا هئا، جيڪو به نرم ڪپڙو پهريندو هو، ته انهيءَ تي ڏنڊ رکيو ويندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻندا هئا، جنهن ڪري سندن سڃاڻپ ظاهر ٿيندي هئي. سندن ڪنهن به وڏيري کي گهوڙي تي چڙهڻ جي اجازت نه هئي. جتي به بادشاهن کي ٻهراڙيءَ ۾ سـَـونهي جي ضرورت ٿيندي هئي ته اهي رستو ڏيکاريندا هئا. رستن جي سونهپ سندن نظرداريءَ هيٺ هوندي هئي، ۽ ]ويندڙ کي[ هڪڙي قبيلي کان ٻئي قبيلي تائين پهچائيندا هئا. انهيءَ قوم جو ڪوبه اڳواڻ يا راڻو گهوڙي تي ويهندو هو ته ]سندس گهوڙو[ هني، لغام ۽ نـُـختي کان سواءِ هوندو هو ۽ گهوڙي جي پٺيءَ تي رلي وجهي چڙهندو هو. رستي ۾ ڪنهن کي ڪو حادثو پيش ايندو هو ته انهن جي قبيلن کان پڇاڻو ڪندا هئا، جو اها سندن وڏيرن جي جوابداري هوندي هئي، ايستائين جو جيڪڏهن منجهائن ڪو چور ٿيندو هو ته انهيءَ کي ٻارن ٻچن سميت باهه جو کاڄ ڪندا هئا. قافلا رات ڏينهن سندن رهبري هيٺ هلندا هئا. انهن ۾ ننڍي وڏي (جو فرق) ڪونه هوندو آهي. هو وحشي طبيعت جا آهن ۽ حاڪم جي فرمانبرداريءَ کان هميشه سرڪشي ڪندا ۽ رستا ڦـُـرندا رهندا آهن. ديبل ۾ پڻ اتي جي ماڻهن سان ڦرلٽ ۾ همراهه هوندا آهن. بورچيخاني جون ڪاٺيون، خدمت جو ۽ سمر، بادشاهه جي نگراني سندن ذمي هئي.“

(روايت) انهيءَ تي محمد بن قاسم چيو ته ”ڪهڙا نه برا ماڻهو آهن! اهڙا جهڙا فارس ۽ ڪوه پايـَـه ۾ جهنگلي ماڻهو هوندا آهن. سندن ڪم به اهو ئي آهي.“ محمد بن قاسم هنن کي انهيءَ دستور ۽ طريقي سان ٻڌل رکيو، جهڙي طرح اميرالمؤمنين عمر بن الخطاب  [215] رضي الله عنه شام جي رهاڪن تي مقرر ڪيو هو ته، جيڪو مهمان ايندو، تنهن کي هڪ ڏينهن ۽ رات ماني کارائيندا، ۽ جيڪڏهن بيمار ٿي پوندو ته ٽي ڏينهن مهماني ڪندا.

(1)  اصل لفظ، “در  اَقـاويــل  مـي  اَرنــد”
(2)  اصل صورتخطي: لادي.
(1)  -(1) چونڊ لاءِ اصل لفظ ”گزيد“ آيل آهي.اسلام جي قانون موجب وقت جي خليفي کي غنيمت جي مال مان ڪابه هڪ شيءِ  چونڊي کڻڻ جو اختيار آهي. انهيءَ کي عربيءَ ۾ ”اصطفه “ چوندا آهن. ام المؤمنين صفيه کي به رسول ڪريم اهڙيءَ طرح چونڊيو هو ۽ پوءِ آزاد ڪري ساڻس شادي ڪئي هئائون. (مترجم)
(1)  اصل لفظ: بده
(2)  اصل لفظ: خانهِّ بده
(1)  اصل لفظ: بتخانه بده
(2)  اصل لفظ: اصنام
(3) -(3) اصل الفاظ: عمارت بده.
(1) اصل فارسي عبارت هن طرح آهي ۽ ان ۾ البت مونجهارو آهي: ”و از صد درم سـ* درم سنگ بر اصل مال- بنگرند که چند واجب باشد بديشان رسانند“ (مترجم)
(2)  اصل ۾ جملي نسخن ۾ هيءَ نسبت ”القيسي“ ڄاڻايل آهي جا صحيح نه آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [178]. (ن-ب)
(1) -(1)  اصل عبارت ”لوهانہ يعني لاکہ وسمہ را“ جنهن جي شروع ۾ لفظ ”جتان“ غلطيءَ سبب حذف ٿيل آهي، صحيح عبارت ”جتانِ لوهانه يعني لاکـہ وسمہ را“ ٿيندي، ڇو ته محمد بن قاسم لوهاڻي جي جتن بابت پڇيو آهي ۽ هيٺ سياڪر وزير جو بيان تقريباً ساڳيو آهي جو مٿي ص [47] تي ”لوهاڻي“ جي جتن بابت چچ جي پاليسي طور بيان ٿيل آهي. هت ”لوهاڻو“ هڪ علائقي جو نالو آهي جو لاکـه، سمـه ۽ سهته قومن جي ايراضين تي مشتمل هو. مٿي ڏسو ص [40]  (ن-ب)

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :32
محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن خط موڪلڻ

محمد بن قاسم برهمڻ آباد ۽ لوهاڻي جي ڪاروبار کان فارغ ٿيڻ ۽ جتن تي ڍل مقرر ڪرڻ کان پوءِ حجاج بن يوسف کي انهيءَ حال کان واقف ڪيو، ته: برهمڻ آباد جي جلوالي ڍوري (1) کان مٿي(2) هيءَ خدمت لاڳو ڪئي ويئي(2). کيس سنڌ جي زمين کي قبضي ۾ آڻڻ جو ]پڻ[ ڄاڻ ڏنو ويو ۽ تفصيل سان ٻڌايو ويو.

حجاج جو جواب

پوءِ حجاج جواب لکيو ته: ”اي سؤٽ محمد بن قاسم! تون جيڪا سپاهداري، رعيت نوازي، رعيت جي حال تي پرورش ۽ ڪاروبار جي انتظام ۾ ڪوشش ڪري رهيو آهين، سا گهڻي ساراهه (جي لائق) آهي، ۽ جنهن نموني هر جڳهه تي ڍل مقرر ڪئي وئي آهي ۽ رعيت جي هر قسم کي شريعت جي دستور ۽ معاملي موجب سرفراز ڪيو اٿيئي، سو حڪومت جي مضبوطي ۽ بادشاهي جي انتظام جو باعث ٿيو آهي. هاڻي انهيءَ جاءِ تي ترسڻ نه گهرجي. هند ۽ سنڌ جي بادشاهيءَ جا ٿنڀا اروڙ ۽ ملتان آهن. جي بادشاهن جا تختگاهه آهن. بادشاهن جا خزانا ۽ دفينا (پڻ) انهن ٻن جاين ۾ مدفون هوندا. جيڪڏهن رهڻو اٿيئي ته ڪنهن اهڙي جاءِ تي رهه، جا پـُـرفضا هجي، جيئن سڄي سنڌ ۽ هند هٿ هيٺ اچي وڃي. جيڪو اسلام جي تابعداريءَ کان انڪار ڪري تنهن کي قتل ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان جي مدد ڪندو. هند جي شهرن کي  [216] ويندي چين جي حد تائين فتح ڪرڻ تو تي لازمي آهي(1) امير قـُـتـَـيبـَـه بن مـُـسلم قريشي(2) کي ]پڻ چين فتح ڪرڻ لاءِ [ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀ ]عراقي[ غلام انهيءَ ڏانهن منتقل ڪريو ۽ ]جـَـهم بن زَحربن قـَـيس کي به هن ڏانهن موڪليو وڃي، ۽[ مقرر ڪيل ]عراقي[ لشڪر ساڻس گڏ وڃي(3) . اي سؤٽ! تون ]پڻ[ اهو ڪو ڪارنامو ڪج جيئن ]تنهنجي پيءُ[ قاسم جو نالو روشن ٿئي، ۽ دشمن عاجز ۽ پريشان ٿين. اِنشـَـاءَ الله تعاليٰ!

حجاج بن يوسف جا خط پهچڻ

جڏهن حجاج جو خط محمد بن قاسم کي پهتو، ته پڙهيائين. چيل هو ته: ”اي محمد! لکپڙهه ۾ اسان سان مشورو ڪندو رهه، ڇاڪاڻ ته اهو هوشياريءَ جو سرمايو آهي. مفاصلي جي دوريءَ سبب اسان جي آڏو پردو ٿو رهي. تون ڪوشش ڪر جيئن شهر جا چارئي اڳواڻ ماڻهو شوق سان فرمانبرداري ڪن، ۽ (سندن) دلجوئي ڪندو رهه.

شهر جي اڳواڻن مان چئن ماڻهن کي ملڪ جي سڌاري لاءِ آزاد پروانو (عطاڪرڻ)

پوءِ شهر برهمڻ آباد، يعني ٻانڀـِـڙاهه(1) جي ڪاروبار واسطي وَداع بن حـُـمـَـيد البـَـحري(2) کي سڏي، رئيس ۽ ڪامورا مقرر ڪيائين. مالي ڪاروبار شهر جي چئن واپارين جي حوالي ڪيائين، ۽ انهن کي کليو پروانو عطا ڪيائين ته: سڀ ڪلي ۽ جزي ڪم سندس حضور ۾ پيش ڪيا وڃن، ۽ ڪوبه معاملو وغيره سندس صلاح کان سواءِ پورو نه ڪيو وڃي. نـَـوبة بن دارس کي راوڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي رهي ٻيڙيون تيار رکي. جيڪا به ٻيڙي مٿان يا هيٺان اچي، خواهه وڃي، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ جنگي سامان هجي ته جهلي ]217[ راوڙ جي قلعي ۾ کڻي وڃي. انهيءَ (راوڙ) کان مٿي وارن ٻيڙين جو حڪم ابن زيـِـاد العـَـبدي(1) کي ڏنائين. ڪڇ واري طرف جو ڪيرج جي بادشاهه دروهر جي هٿ ۾ هو، سو هـُـذَيل بن سليمان الاَزدِي کي ڏنائين. حـَـنظلـہ بن اَخي نـُـباتـہ(2) ڪـِـلابيءَ ]يعني نـَباتہ ڪـِـلابيءَ جي ڀاءُ جي پٽ حـَـنظلـہ[ کي دهليله جو حاڪم ڪيائين. پوءِ ]سڀنيءَ کي[ حڪم ڏنائين ته هر مهيني جاچ جوچ، واقفيت ۽ آزمائش بعد ملڪ جي حالتن جي خبر ڏيندا رهن. انهن سڀنيءَ کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جي پارت ڪيائين ته: جيڪڏهن مخالف جي لشڪر، يا رعيت جي مخالفت سب ڪو فتنو پيدا ٿئي ته انهيءَ ]پارت[ تي عمل ڪجؤ، ۽ فسادين جي ڪـَـن مـَـهٽ ڪجو. ۽ قيس بن عبدالملڪ بن قيس الدمني،(3) خالد انصاري ۽ هزار پيادن کي سيوستان (سيوهڻ) ۾ رکيائين(4). مسعود تـَـمـِـيمي، ابن شيبهَ جـُـدَيدِي(4) فراس عـَـتـِـڪـِـي(1) صابر يـَـشڪـُـرِي، عبدالملڪ بن عبدالله الخـُـزَاعـِـي، مـُـهـَـنيٰ(2) بن عـَـڪہ، ۽ الوَقاءَ  بن عبدالرحمان کي ديبل ۽ نيرون ڪوٽ جي عملداريءَ تي روانو ڪيائين، جيئن اهي حدون محفوظ رهن.  ملـِـيح نالي، بـَـڪر بن رائـِـل جي هڪ آزاد ڪيل غلام کي اشبهار(3)  جو گورنر مقرر ڪيائين، ۽ ]ابن[ علوان بڪري(4) ۽ قـَـيس بن ثـَـعلبـَة ، ٽن هزارن غلامن سان اتي ئي رهجي پيا، کين زالون ]هيون[ ۽ اولاد ٿيو ۽ جـَـتن جي ساري ملڪ کي قبضي ۾ ڪري رهندا آيا.

محمد بن قاسم جي رواني ٿيڻ جي خبر

ساؤندي سـَـمہ جي والي، امير محمد، هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم ]218[ برهمڻ آباد جي بندوبست، ۽ اڀرندي، الهندي، ڳوٺن ۽ پسگردائيءَ جي معاملن مضبوط ڪرڻ کان فارغ ٿيو، تڏهن خميس جو ڏينهن، 3- محرم سنه چورانوي هجري، منزل پٽي وڃي، ساؤنديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انهيءَ جاءِ تي لٿو، جنهن کي ”منهل“ (1)  چون ٿا. (اتي) هڪ فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاهه (هو)، جنهن کي ڍنڍ وڪر بهار(2) چوندا هئا، انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي منزل ڪيائين. انهيءَ پاسي جا سڀ ماڻهو(3)، شمني ۽ ٻـُـڌَ وارا(3)، واپاري هئا. ]اهي[ سڀ فرمانبرداريءَ سان پيش آيا، محمد بن قاسم حجاج جي فرمان موجب سڀني کي امانَ ڏيئي فرمايو ته: ”پنهنجي وطن ۾ آرام سان آسودا رهو، ۽ پنهنجي ڍل وقت تي خزاني ۾ پهچائيندا رهو.“ پوءِ مٿن ڍل مقرر ڪري انهن مان ٻن ماڻهن کي مٿن رئيس مقرر ڪيائين: هڪ بواد شمني(4)، ٻيو ٻـُـڌيڻي پٽ ڀـَـمـَـن ڍول(1). انهيءَ پاسي جا ٻهراڙي وارا جـَـت هئا، جن سڀني فرمانبرداري قبول ڪئي. سڀنيءَ کي حجاج جي پرواني جي حڪم موجب، خوف کان امانَ ڏيئي، اها حقيقت ]حجاج ڏانهن[ لکي موڪليائين.

جڏهن اها سڄي حقيقت حجاج کي معلوم ٿي، تڏهن جواب ڏنائين ته: ”حڪم ظاهر آهي ته جيڪو به لڙائي ڪري تنهن کي قتل ڪريو، ٻيءَ صورت ۾ سندن پٽ ۽ ڌيئرون ضمانت طور قيد ڪري بند رک. جيڪي ماڻهو فرمانبرداري لائق آهن ۽ سندن دل صاف آهي، تن کي امان ڏيئي سندن ذمي مال مقرر ڪريو. ڪاريگرن ۽ واپارين تي تمام هلڪو بار رکجوّ. جنهن بابت معلوم ٿئي ته آباديءَ ۽ کيتيءَ ۾ گهڻي ڪوشش ڪري ٿو، تنهن سان قانوني ڍل ۾ رعايت ۽ همدردي ڪئي وڃي. جيڪو اسلام جي عزت سان مشرف ٿئي، تنهن جي مال ۽ کيتيءَ مان عشره (ڏهون حصو) روتو وڃي، جيڪو پنهنجي ڌرم تي قائم رهي، تنهن جي ]219[ ڪارخاني ۽ کيتيءَ مان ملڪ جي قانون موجب ديواني ڍل جو حصو وصول ڪري ڪامورن جي حوالي ڪيو وڃي.“

پوءِ ]محمد بن قاسم[ اتان منزل پٽي وڃي بهراور(2) ۾ لٿو. اتي پڻ سليمان بن نـَـبهان ۽ ]قبيلي[ ڪـِـندَه جي آزاد ڪيل غلام اَبـُـوفضـہ القـُـشيري کي سڏي، خداءِ عـَـزَ وَ جـَـلَ، ۽ وڌيڪ تاڪيد لاءِ ڪندَه جي اولاد جا قسم ڏيئي(1) کين جنيد بن عـَـمـَـرَو ۽ بني تميم منجهان جماعت سان محبت ڪرائي، گڏي، اهل بهراور جي ]علائقي جي[ دنگ ڏانهن موڪليائين،(1) جتي هو وڃي مقيم ٿيا. عـَـمـَـرَو بن مـُـختار الاڪبر الحنفي کي نائب مقرر ڪري، ناليرن مردن جي هڪ جماعت سندس فوج ۾ رکيائين.

سمن جو استقبال تي اچڻ

پوءِ سمن جي قبيلن ڏانهن رخ رکيائين. ويجهو پهچڻ تي هنن دهل ۽ شرنايون وڄائي، ناچ ڪندي، استقبال ڪيو. محمد بن قاسم پڇيو ته: ”هيءُ لـُـڙ ڇا جو آهي؟“ ٻڌايائون ته: ”سندن رسم آهي ته جڏهن ڪو بادشاهه يا حاڪم نئون ٿيندو آهي، تڏهن خوشي ڪري راندين ۽ راڳن سان پيش ايندا آهن.“ پوءِ خـُـريـَـم بن عـَـمروَ، محمد بن قاسم وٽ آيو ۽ چيائين ته: ”خدا تعاليٰ جي تعريف ۽ تـَـهـِـليل(1)  چوڻ اسان تي واجب آهي، جنهن هيءَ جماعت اسان جي تابعدار ۽ حڪم هيٺ ڪئي آهي، ۽ اسان جو حڪم هن ملڪ ۾ جاري ٿيو آهي.“  خريم هڪ ]220[ داناءُ ۽ هوشيار شخص هو، ۽ تنهن سان گڏ ديندار ۽ امانت وارو هو. محمد بن قاسم سندس بيان تي کلي چيو ته: ”انهن جي حڪومت توکي عطا ڪئي ويئي“. ۽ پوءِ] انهن سمن کي[ سندس آڏو ناچ ۽ تماشي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. (انهيءَ تي) خريم، مغربي سون جا ويهه دينار کين انعام ڏنا ۽ چيائين ته: ”هيءَ بادشاهي رسم آهي، جو جڏهن ڪنهن حاڪم جي اچڻ ڪري خوشي ڪن ٿا ۽ الاهي شڪر بجا آئين ٿا ته هيءَ نعمت انهن وٽ سدائين قائم رهندي.“

محمد بن قاسم جي لوهاڻي مان سهته (علائقه) ڏانهن منزل کڻڻ(2)

(3) ڳالهين جي راوي، علي بن محمد کان ]۽ ان[ عبدالرحمان بن عبدربد السليطيءَ کان هن طرح روايت ڪئي آهي(2) ته: جڏهن محمد بن قاسم لوهاڻي ]پرڳڻي[ جي ڪم کان واندا ٿي، سهته ]قوم جي پرڳڻي[ جي منزل تي آيو، ته سندن رئيسن ۽ مکيه ماڻهن مٿا ۽ پير اگهاڙا ڪري سندس استقبال ڪيو ۽ امان گهري. انهن کي پڻ امانَ ڏيئي، (مٿن) ڍل مقرر ڪري ضامن ورتائين، ۽ رستي جون منزلون طئي ڪري اروڙ پهچڻ گهريائين. هنن جي سونهن کي اڳ ۾ ڪري اروڙ تائين آيا، جو شهر هند جو تختگاهه ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، ۽ اتي جا رهاڪو اڪثر ڪري واپاري، هنرمند ۽ هاري آهن. راجا ڏاهر جو پٽ گوپي(3) انهيءَ قلعي تي قبضو ڪيو ويٺو هو، ۽ ڪوبه ماڻهو راجا ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جي خبر سندس اڳيان بيان ڪري نٿي سگهيو. هو چوندو ٿي رهيو ته: ”راجا ڏاهر اڃان جيئرو آهي، ۽ هند جي لشڪر وٺي اچڻ لاءِ ويل آهي، جيئن انهن جي قوت ۽ مدد سان عرب جي لشڪر جي سامهون ٿئي.“ ]محمد بن قاسم[ هڪ مهينو انهيءَ قلعي جي سامهون هڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي هڻي ويٺو، (اتي) هڪ مسجد جو بنياد رکيائين، ۽ جمعي جي ڏينهن اتي خطبو پڙهيائين.

اروڙ وارن سان جنگ ڪرڻ

پوءِ اروڙ وارن سان جنگ شروع ڪيائون، انهن (اروڙ وارن) کي اميد هئي ته ڏاهر ڪا مدد ]221[ آڻيندو، سو قلعي جي مٿان نعرا ٿي هنيائون ته: ”توهان کي جان ۽ مال جي معافي ڪانه ملندي، جو ڏاهر مدد وٺيو ٿو اچي. هاٿين، سوارن ۽ پيادن جو بي انداز زبردست لشڪر توهان جي پويان ايندو، ۽ اسين قلعي کان ٻاهر نڪري توهان جي لشڪر کي شڪست ڏينداسون. هينئر توهان پنهنجو مال ۽ اسباب ]خوامخواه[ برباد ٿا ڪريو. پنهنجي جان تي رحم ڪري ڀڄي وڃو، متان برباد ٿيو. ]هيءُ[ نصيحت ڪن ڪريو.“

ڏاهر جي زال لاڏيءَ جو اروڙ جي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ وڃڻ

محمد بن قاسم جڏهن لڙائيءَ ۾ سندن جانفشاني ڏٺي، ۽ سندن مقابلو نظر مان ڪڍيائين ته هو ]ڪنهن به طرح[ ڏاهر جو ڪسي وڃڻ قبول نٿا ڪن، تڏهن ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي، جا غنيمت جي مال مان خريد ڪري، پنهنجي نڪاح هيٺ آندي هئائين، انهيءَ ڪاري اُٺ تي، جنهن تي ڏاهر جي زال ]گرفتار ٿيڻ وقت[ سوار هئي، سوار ڪري پنهنجن اعتماد جو ڳن ماڻهن سان قلعي جي اڳيان موڪليائين، تان جو ان ]ويجهو وڃي[ بلند آواز سان چيو ته: ”اي قلعي وارؤ! توهان کي چڱائي چوڻي اٿم، سامهون اچي بيهو ته چوان.“ ]هيءُ ٻڌي[ مکيه ماڻهن جو هڪ ٽولو قلعي جي مٿان چڙهيو. پوءِ لاڏي منهن کولي چيو: ”مان آهيان ڏاهر جي زال لاڏي. اسان جو راجا ڪسي ويو، ۽ سندس سـِـر جهنڊن سان گڏ عراق ڏانهن ۽  ڇٽ دارالخلافت ڏانهن موڪليائون. توهان پاڻ کي برباديءَ ۾ نه اڇلايو“. (قولہ تعاليٰ) وَلاَ تلقـُـوا بـِـاَيدِ يکم اِلـَـيٰ التـَـهلـُـکَةِ (1) (پاڻ کي بربادي ۾ نه اڇلايو). پوءِ دانهن ڪري زار زار روئڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳي. هو قلعي مٿان چئي رهيا هئا ته: ”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تون پڻ هنن چنڊالن ۽ ڍڳي کائيندڙن سان ملي هڪ ٿي ويئي آهين. اسان جو راجا اڃا جيئرو آهي. وڏو لشڪر، زبردست ڪٽڪ ۽ مست هاٿي ساڻ ڪري دشمنن کي دفع ڪرڻ ايندو. تو پاڻ کي عربن سان خراب ]222[ ۽ ڪنو ڪيو آهي، ۽ سندن حڪومت کي اسان جي ملڪ تي ترجيح ٿي ڏين.“ ]اهڙيءَ طرح[ هو گاريون ڏيندا ٿي رهيا. هيءَ خبر وڃي محمد بن قاسم کي پهتي، جنهن ڪري لاڏيءَ کي واپس گهرائي، محمد بن قاسم چيو ته: ”سيلائج جي گهراڻي کان بخت بيزار ٿي چڪو آهي.“

هڪ جادوگرياڻي جو ڏاهر جي موت بابت جاچ ڪرڻ.

هن ڳالهه جي سنواريندڙن هن طرح بيان ڪيو آهي ته: اروڙ جي قلعي ۾ هڪ جادوگرڻ رهندي هئي(2) جنهن کي هنديءَ ۾ ”جوڳڻي“ چوندا آهن(2). گوپي ]پٽ[ ڏاهر(3) ۽ شهر جي مکيه ماڻهن انهيءَ وٽ وڃي عرض ڪيو ته: تنهنجي علم مان اميد آهي ته اسان کي راجا ڏاهر جي خبر ملندي ته ڪٿي آهي؟“ جادوگرياڻيءَ چيو ته: ”مون کي اڄوڪو ڏينهن مهلت ڏيو ته مان جاچ جوچ ڪري پوري خبر وٺي توهان کي واقف ڪريان.“ پوءِ گهر ويئي ۽ ٽن پهرن کان پوءِ سرانديپ جي ٻيٽ مان مرچن ۽ جافر جي وڻ جي تازي ۽ سائي شاخ مکڙين، گلن، ۽ ڦر سميت هٿ ۾ کڻي موٽي آئي ۽ چيائين: قاف کان قاف تائين ساري دنيا جو سير ڪيم، پر سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به جاءِ تي سندس نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه آيم، ۽ نه ڪا سندس خبر ٻڌم. وڃي پنهنجي ڪا تدبير ڪريو. جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مون کان ڳجهو پاسيرو نه رهي ها. هن خبر جي تصديق لاءِ سرانديپ مان سايون ٽاريون توهان وٽ کڻي آئي آهيان، جيئن توهان کي مون ۾ بدگماني نه ٿئي. مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته توهان جو راجا روءِ زمين تي جيئرو ڪونه آهي.

(1)  فارسي ڇاپي جي متن ۾: ”جوئي جلواني“، ڪيل ترميم ۽ ترجمي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص  [201] ن-ب)
(2)-(2)  اصل الفاظ ”اين خدمت تحرير افتاد“.
(1)  اصل فارسي عبارت بالڪل ناقص آهي، جنهن جي ٻين عربي تاريخن جي مدد سان تصحيح ڪئي وئي آهي. تفصيل لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)
(2)  ر، م، ن، ب، ڪ، ح، س انهن سڀني نسخن جي پڙهڻي ”القريشي“ (صحيح: القرشي) آهي، پ جي پڙهڻي ”الراشي“ پڻ القرشي“  جي تصحيف آهي. مطلب سڀني نسخن جي متفقه پڙهڻي مطابق هيءَ نسبت ”القريشي“ ٿيندي، لهذا اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي. مگر قتيبه بن مسلم عام طرح ”الباهلي“ جي نسبت سان مشهور آهي ۽ انهيءَ ڪري فارسي ايڊيشن جي فاضل ايڊيٽر، ”الباهلي“ جي نسبت کي صحيح سمجهي متن ۾ رکيو آهي. مگر ”القرشي“ نسبت بالڪل صحيح ۽ هن جاءِ تي وڌيڪ موزون آهي. وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)
(3)  اصل فارسي عبارت بالڪل ناقص آهي، جنهن جي ٻين عربي تاريخن جي مدد سان تصحيح ڪئي وئي آهي. تفصيل لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”بابن واه“ آهي جا غالباً  پ مطابق آهي، ر: پاين وام م: پرين واه ن ب: بابراه س: ابو بن واهه اسان ن، ب جي پڙهڻي ”بابراه“ کي ترجيح ڏني آهي ۽ غالباً پ ر، م جي قرائتن ۾ تصحيف آهي، ۽ اهي پڙهڻيون به اصل ۾ غالباً ”بانب راه“ جي بگڙيل صورتخطي آهن. ”بابراه“ يا ”بانب راه“، برهمڻاباد جي مقامي سنڌي نالي ”ٻانبڙاه“ (يا ٻانڀڻاه) جي فارسي صورتخطي معلوم ٿين ٿيون، تنهن ڪري اسان هن لفظ کي، انهيءَ مقامي نالي مطابق لکيو آهي. پڻ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ هيءَ نسبت هن صفحي تي توڙي مٿي ]109[ ۽] 124[ صفحن تي ”النجدي“ لکيل آهي، ۽ هن صفحي توڙي مٿي ص ]124[ تي حاشيي ۾ مختلف نسخن جون پڙهڻيون ڏنل ڪين آهن، جنهن جي معنيٰ ته انهن ٻنهي صفحن تي جملي نسخن جي متفقه پڙهڻي ”النجدي“ آهي. ن ۽ ر جي انهن ٻنهي صفحن تي اها ساڳي پڙهڻي آهي. البته ص [109] تي فارسي ڇاپي جي حاشيه ۾ فقط ٻن نسخن جون مختلف پڙهڻيون هن طرح ڏنل آهن- ب: التحدي، س: اينحدي. ”النجدي“ حقيقت ۾ ”البحري“ جي بگڙيل صورتخطي آهي، ۽ صحيح نسبـہ ”البحري“ آهي ۽ نه ”النجدي“- جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)
(1) يعني محمد بن زياد العبدي. (ن-ب)
(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”بنانـہ“، جو صحيح نه آهي.
(3)  فارسي ڇاپي ۾ ”الدمني“ آهي مگر هي نسبت نهايت مشڪوڪ آهي (ڏسو مٿي حاشيه (1) ص (151)، اسان هت، نسخن جي مختلف قرئتن مطابق هن لفظ جي عاري صورت ڏني آهي. (ن-ب)
(4) – (4)  اصل عبارت: ”مسعود تميمي بن شيبة جديدي“، مگر صحيح عبارت غالباً ”مسعود تميمي و ابن شيبـة جديدي“ ٿيڻ گهرجي، (ڇاڪاڻ) ته تميمي“ ”جديدي“ بالڪل ٻه الڳ نسبتون آهن. جن جو هڪٻئي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ”تميمي“ جي نسبت بنو تميم ڏانهن آهي جي عدنائي عرب آهن، ۽ ”جديدي“ جي نسبت بنو جديد ڏانهن آهي جو قبيلو ُبنو جديد من بني اسد بن شريک بن مالڪ بن عمرو بن مالڪ بن فهم (اشتقاق ابن دريد) ص (294) بن غنم بن دوس بن عدثان بن عبدالله بن زهران بن کعب بن الحارث بن کعب بن عبدالله بن مالڪ بن نصر بن الازد(جمهرهِ ابن حزم، ص 58-356[ الازد مان آهي يعني قحطائي عرب آهي. ان کان سواءِ تميم ۽ ازد پاڻ ۾ ڄڻ چانڊيا مگسي هئا. (ن-ب)
(1)  اصل ۾: فراستي عنڪي. ”عتڪي“ جي نسبت بنوالعتيڪ قبيلي ڏانهن آهي جو ”ازد“ مان آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص )187[. ”فراستي“ نالو عربن ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي ۽ غالباً اهو”فراس“ جي تصحيف آهي. (ن-ب)
(2)  اصل متن ۾ ”مهني“، ڏنل تلفظ کي اسان خود صحت جي لحاظ کان سموهيو آهي. (ن-ب)
(3)  هت فارسي ڇاپي خواه ر، ن ۾ ”اجتهاد“ آهي جو غالباً ”اشبهار“ جي تصحيف آهي. مٿي ص ]132[ تي اشبهار جي قلعي ۽ پسگردائي جي جتن جو ذڪر ڪيل آهي. هت به هيٺ جتن جي ملڪ جو ذڪر آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته صحيح نالو اشبهار هئڻ گهرجي. والله اعلم بالصواب. (ن-ب)
(4)  اصل متن ۾ ”علوان بحري“، مگر محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ علوان نه، پر سندس پٽ ذڪوان شامل هو. ڏسو مٿي ص، ]107، 155، 171، 172، 174، 187، ۽ 192[. (ن-ب)
(1)  پ، م، ر مطابق، ن، ب، ح: مسهل، س، ڪ: مستهل.
(2)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”دنده و کربها ِّ“ آهي  جا غالباً م، ب مطابق آهي، پ: ديده دکريها ِّ، ر: دنده و کربهار، ن: دنده وکريّها ِّ، ح: وکريها، اسان ر جي پڙهڻي ”دنده و کربهار“ ( ً ڍنڍ وڪربهار) اختيار ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن حصي جي شمنين ۽ ٻڌ وارن رهاڪن مان گمان نڪري ٿو ته ”وکربهار“ ڪو هن ايراضي جو ٻڌ جو مندر هو جنهن جي پويان ڍنڍ تي به نالو پئجي ويو. ٻڌ جي مندرن جي نالن جون پڇاڙيون عموماً ”بهار“ هونديون آهن. (ن-ب)
(3) -(3)  فارسي ايڊيشن ۾ اصل الفاظ: ”سمنيان ويدگان“. پ، ن، ب، ح، ڪ ۾ ”بدگان“ جي بدلي ”بهزمان“ آهي، س: بهزنان، ر: ارکان، م: لدکان.
(4) اصل متن مطابق ”سمني بـَـوادُ“، ر، ن ۾ پڻ ”بواد“ پڙهڻي آهي، پ: بران، ڪ: بوار. (ن-ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ هن نالي جي پڙهڻي ”بديهي بمن دهول“، ڏنل آهي جا م، ن، ب، مطابق آهي، ر: ”بديهني بمن دهول“، پ: مائي زن داهر، ڪ: بدهي. اسان ر جي پڙهڻي جي مناسبت سان، سنڌي نالي ۽ اُچار مطابق ”ٻڌيڻي ]پٽ[ ڀمن ڍول“ ڪري لکيو آهي. ]ن-ب[
(2)  فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وبہ هراور نزول کرد“، ۽ ان لحاظ سان هي نالو ”هرور“ ٿي سگهي ٿو. ر، ن جي عبارت: ”و بهراور نزول کرد“ يعني ”بهراور“ هڪ گڏيل لفظ آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اهو مفرد نالو آهي ۽ نه ”بـہ+ هراور“ جو مرڪب. ممڪن آهي ته اصل نسخي جي عبارت ”وبـہ بهراور نزول کرد“ هجي ۽ ڪاتبن پهرئين ”بـہ“ کي زائد سمجهي نه لکيو هجي. اسان جي هن گمان جو پهريون سبب هن نالي جي پ ۾ ڏنل پڙهڻي (”تهراو“) آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن نالي جي اصل عاري صورت ”تهراو“ يا ”تهراور“ آهي، يعني ته هن نالي جي شروع ۾ ”هه“ کان اڳ هڪ گهر يا دندان آهي. ٻيو سبب هيٺ ڏنل، غالباً ساڳئي نالي ”بهراور“ جي، جملي قلمي نسخن ۾ ”بهرج“ پڙهڻي آهي، جنهن جي شروع وارو اڌ حصو ”بهر“ آهي. (ن-ب)
(1) -(1)  فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي: ”وايشانرا و اَنجماعة رابہ جنيد بن عمرو و بني تميم داد وبحد اهل بهرج فرستاد“ مگر هڪ نه، سڀني نسخن ۾ پهرين ”بـہ“ جي بدران ”از“ آهي ۽ ٻيو ته سڀني نسخن ۾ ”بني تميم“ بعد هيٺيان ٻه-ٽي الفاظ آهن، جي ايڊيٽر مبهم سمجهي ڇڏي ڏنا آهن. پ: محبت، ن، ب، ح: منجست سـَـبہ، س: محبت بستہ، ڪ: سنجت سبہ. غالباً ”محبت بستـہ“ يعني ”محبت ڪرائي“ صحيح آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]220[)، ۽ انهيءَ لحاظ سان هيءَ فارسي عبارت هن طرح بيهندي: ”وايشانرا و ان جماعت را از جنيد بن عمرو وبني تميم محبت بستـہ، داد و بحد اهل بهرج فرستاد“. ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. مگر ”بهرج“ غالباً ”بهراور“ جي تصحيف آهي، ڇاڪاڻ ته بهرج جو شهر، جنهن جو ذڪر مٿي ]76[  ۽  ]82[ صفحن تي اچي چڪو آهي، ان وقت جي سنڌ جي حدن کان ٻاهر ۽ مڪران کان به الهندي غالباً سيستان جي حدن ۾ هو ۽ هت انهيءَ جو ذڪر بي موقعي آهي. محمد بن قاسم ”بهراور“ ۾ اچي لٿو ۽ انهيءَ بهراور علائقي جو انتظام ئي سندس پيش نظر هو. (ن-ب)
(1)  يعني ذڪر لا اِلـہ اِلا الله چوڻ. (مترجم)
(2) اصل عنوان ”منزل کردن محمد بن قاسم بطرف لوهانـہ وسهتہ“ يعني محمد بن قاسم جو لوهاڻو ۽ سهتہ علائقن طرف منزل ڪرڻ، مگر هيٺ ڏنل بيان مان واضح آهي ته محمد بن قاسم، لوهاڻہ جي علائقي جو انتظام مڪمل ڪري چڪو هو، ۽ هاڻي سهتہ يا سهتن جي علائقي واري ايراضي ڏانهن منزل ڪيائين. (ن-ب)
(3) – (2)  اصل عبارت: راوي احاديث از علي بن محمد بن عبدالرحمان بن عبدالله السليطي چنان روايت کرد“. حقيقت ۾ علي بن محمد (المدائني) ۽ عبدالرحمان ٻه جدا نالا آهن. محمد ۽ عبدالرحمان جي وچ ۾ ”بن“ غلط آهي ۽ غالبا= ”عن“ (يعني کان) جي بگڙيل صورتخطي آهي. عبدالرحمان بن عبدالله به غلط آهي، صحيح نالو عبدالرحمان بن عبد ربـ* السليطي آهي جنهن جو ذڪر مٿي ُ81، 93، ۽ 99لله صفحن تي اچي چڪو آهي. (ن-ب)
(3)  اصل صورتخطي: ”قوني“ ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه-1 ص 175. (ن-ب)
(1)  سورهِ البقرهِ: رڪوع 24 (ن-ب)
(2) -(2)  اصل عبارت: کہ بہ هندوي جوگني گويند
(3)  اصل ۾، قوفي داهر.

 

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :33
پڪو انجام وٺي، اروڙ جو قلعو حوالي ڪرڻ

هن خبر معلوم ٿيڻ تي شهر جي عام خاص ماڻهن چيو ته: ”اسان محمد بن قاسم جي دينداري ۽ پرهيزگاري، انصاف ڏيڻ ۽ انصاف وٺڻ، عدل ۽ فضل، انجام جي پورائي، ۽ قول جي سچائي ]223[ ٻڌي چڪا آهيون، ۽ هاڻي ]خود اکين سان[ ڏٺوسون. اسان کي گهرجي ته ڪنهن اعتماد جوڳي ماڻهوءَ جي معرفت پيغام موڪلي، امانَ گهري، قلعو سندس حوالي ڪريون.“ (هوڏانهن) گوپيءَ(1) کي جڏهن ڏاهر جي ڪسڻ ۽ رعيت جي پريشان ٿيڻ جي خبر پيئي، تڏهن جيئن ستارن جو بادشاهه (سج) ڪاريءَ رات جي پردي ۾ گهڙي ويو(1) ته پنهنجو ڪٽنب ۽ پوئلڳ وٺي، قلعي کان نڪري چترور(2) هليو ويو. سندس ڀائر(3) جـَـيسـِـينه ۽ وڪيو(3) ڏاهر جا پٽ، ]پڻ[ اتي هئا، جي نزواله صندل(4)  نالي هڪ جڳهه تي رهيل هئا. پوءِ علافين مان هڪ ماڻهو جو گوپي(5) جي موافقت ۾ اروڙ ۾ رهيل هو، تنهن گوپي(5) جي ڀڄڻ ۽ لڪي وڃڻ جي خبر لکي تير سان ٻڌي اڇلائي ته: گوپي ] پٽ[ ڏاهر اروڙ جي حڪومت ڇڏي ڪنهن پاسي لڪي ويو.

(روايت): محمد بن قاسم لشڪر کي جنگ تي موڪليو: جنگي جوڌا ۽ دلير بهادر قلعي جي ڀت تي چڙهي ويا ۽ وڃي جنگ جوٽيائون.

رعيت ۽ ڪاسبين جي امانَ گهرڻ

پوءِ واپارين، ڪاريگرن، ۽ ڪاسبين ماڻهن پيغام موڪليو ته: ”(اسان) برهمڻن جي بيعت کان باز آياسون، جو راجا ڏاهر اسان کان ويو ۽ سندس پٽ (گوپي) به منهن موڙيو. اسان ته هيءُ ڏينهن نٿي گهريو، پر جڏهن هن سڄي ڳالهه لاءِ حڪم الاهي ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪنهن مخلوق کي انهيءَ تقدير سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي، ۽ (اها) جنگ يا حيلي سان ٽري ڪين سگهندي. دنيا جون بادشاهيون ڪنهن ماڻهوءَ جي ملڪيت نه آهن. جيئن ته قضا جي لشڪر غيب جي پردي مان حملو ڪري، ڪن راجائن کان ڪنهن بهاني ]224[ سان تخت ۽ تاج کسيو، ۽ ڪن کي زماني جي گذرڻ، حادثن ۽ مصيبتن سان شڪست خورده ۽ زير بار ڪيو، تنهن ڪري نه قديم بادشاهيءَ تي ڀروسو رهيو، نه نئينءَ حڪومت تي. ]بلڪ حڪومت[ جنهن جي هٿ ۾ اچي انهيءَ جي ئي قبضي ۾ رهڻ گهرجي، تنهن ڪري اسان تنهنجي خدمت ڏانهن رخ ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عدل ۽ انصاف جي وسيلي تنهنجي تابعداريءَ جو هار پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندي، قلعو امير عادل جي امينن جي حوالي ڪريون ٿا. اسان کي امان ڏيئي لشڪر جي خوف کان بيخوف فرماءِ. هيءَ قديم بادشاهت ۽ وڏي امانت راجا ڏاهر اسان جي حوالي ڪئي هئي، جيستائين حيات هو، تيستائين سندس نمڪ جو حق بجا آڻيندا رهياسون، پر جڏهن ڏاهر ڪسي ويو، ۽ سندس پٽ گوپي پڻ هليو ويو، تڏهن تنهنجي خدمت ڪرڻ اسان لاءِ وڌيڪ مناسب آهي.“

(جواب): محمد بن قاسم جواب ڏنو ته: ”مون اوهان ڏانهن پيغام ڪونه موڪليو هو، ۽ نه ڪو قاصد روانو ڪيو هو. توهان پاڻ ۾ اتفاق ڪري امانَ گهرو ٿا ۽ پڪو انجام ڪريو ٿا. جيڪڏهن توهان جو اسان جي خدمت ڏانهن لاڙو ۽ رضامندو سچو آهي، ته جنگ کان هٿ جهليو ۽ پڪي انجام ۽ پوري اعتماد سان لهي اچو، جيڪڏهن نه، ته پوءِ توهان ۽ اسان جي وچ ۾ دشمني آهي. هن کان پوءِ توهان جو ڪوبه عذر نه ٻڌنداسون، ۽ نڪي قبول ڪنداسون، نڪي معاف ڪنداسون. توهان کي اسان جي لشڪر جي خوف کان بيخوف نه رهڻ گهرجي.“

قلعي وارن جو انجام

]انهيءَ تي قلعي وارا[ ڀتين تان لهي آيا ۽ هڪٻئي سان عهد اقرار ڪري چيائون ته: ”هن قول تي در کولي تيستائين بيهون ٿا، جيستائين محمد بن قاسم اچي، ]پوءِ[ جيڪڏهن پنهنجي انجام تي هليو ته فرمانبرداري ڪنداسون ۽ خدمت جي طريقي تي هلنداسون، جيئن مهرباني ڪري ]225[ اسان کي قبول ڪري ۽ امانَ ڏئي. ٻيءَ صورت ۾ ٺڳيءَ جو خيال ڪجو.“ پوءِ قلعي جون ڪنجيون هٿن ۾ کڻي دروازي وٽ آيا. حجاج جا جيڪي امين وچ ۾ هئا، سي ذريعو بنيا، ۽ قلعي وارا در کولي سنڀري بيٺا.

محمد بن قاسم جو قلعي ۾ اچڻ

پوءِ محمد بن قاسم دروازي کان اندر آيو. ]سندس اچڻ جو ٻڌي[ سڀ شهري نوبهار بتخاني وٽ گڏ ٿي، بت کي سجدو ڪرڻ ۽ پوڄڻ لڳا.

(روايت): محمد بن قاسم پڇيو ته: ”هيءُ ڪنهن جو گهر آهي، جو سڀ ننڍا وڏا ماڻهو گوڏا کوڙي خدمت ۾ حاضر ٿي سجدو ڪري رهيا آهن؟“ چيائون ته: ”بتخانو آهي جنهن کي نوبهار چوندا آهن.“ محمد بن قاسم جي چوڻ تي بتخانو کوليائون ۽ هو پنهنجي امينن سان گڏ اندر ويو. هڪ سنگمرمر جي ٺهيل مورتي گهوڙي تي چڙهيل ڏٺائين، جنهن جي ٻانهن ۾ جواهرن ۽ ياقوتن جي جڙاءُ سان سونا ڪنگڻ پيل هئا. محمد بن قاسم هٿ ڊگهو ڪري، بت جي هٿ مان ڪنگڻ لاهي ورتو، پوءِ نوبهار بت جي مجاور کي سڏي چيائين ته: ”توهان جو بت هيءُ آهي؟“ چيائين: ”هائو! پر کيس ٻه ڪنگڻ هئا جن مان هڪ نٿو ڏيکارجي.“ محمد بن قاسم چيو ته: آخر توهان جي معبود کي ايتري خبر به نٿي پوي ته سندس ڪنگڻ ڪنهن وٽ آهي؟“ مجاور ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. محمد بن قاسم مرڪي ڪنگڻ کيس واپس ڏنو، جو وري بت جي ٻانهن ۾ وڌائون.

محمد بن قاسم جو لڙائي ڪندڙن کي قتل ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته: لڙائي ڪندڙ ماڻهو جيتوڻيڪ فرمانبرداري لاءِ ڪنڌ جهڪائين ته به کين نه ڇڏيو وڃي.“ جنهن تي لاڏيءَ چيو ته: ”هن ملڪ جا ماڻهو رازا آهن، ۽ ڪي واپاري آهن. هيءُ شهر انهن جي ڪري ئي آباد ۽ سرسبز آهي. سندن ئي ڪمائي ۽ کيتيءَ ]226[ ڪري خزاني ۾ مال موجود ٿو رهي. جيڪڏهن (انهن کي) قتل ڪندين ته تنهنجو مال هليو ويندو.“ محمد بن قاسم چيو: ”راڻي لاڏيءَ هيءُ فيصلو ڪيو، ته انهن سڀني کي (ڄڻ) امانَ ڏنائين.“

هڪ شخص جو ٻاهر نڪري امانَ گهرڻ

هن ڳالهه جا راوي ۽ هن تاريخ جا بيان ڪندڙ هن طرح ٻڌائين ٿا ته: جيڪي ماڻهو قتل لاءِ جلادن جي حوالي ڪيا ويا هئا، تن مان هڪ شخص ٻاهر نڪري چيو ته:  ”مون وٽ هڪ عجيب (شـَـرڪـَـت)(1) آهي.“ جلاد چيو ته”مون کي ڏيکار.“ هن چيو ته: ”امير کان سواءِ توکي نه ڏيکاريندس.“  پوءِ محمد بن قاسم کي خبر ٻڌايائون، جنهن چيو ته: ”هن کي وٺي اچو.“ اچڻ تي چيائينس ته: ”تو وٽ ڪهڙي عجيب شرڪت آهي؟“ هن چيو ته: ”اهڙي شيءِ جا ڪنهن به نه ڏٺي آهي.“  محمد بن قاسم چيو ته: ”ڏيکار.“ برهمڻ چيو ته: ”انهيءَ شرط سان، ته مون کي منهنجن  تابعدارن، عيال ۽ ٻارن، سڀنيءَ کي امانَ ڏيندين؟“ محمد بن قاسم چيو ته: ”امانَ ڏنم.“ (برهمڻ) چيو ته: ”پنهنجي نشان مبارڪ سان صحي ٿيل پروانو عطا ڪر. محمد بن قاسم سمجهيو ته شايد قيمتي جواهر يا قيمتي زيور وٽس آهن. سي پيش ڪندو ]۽ انهيءَ ڪري پڪو پروانو صحي ڪيائين[. جڏهن پڪو انجام ٿي چڪو ۽ دستاويز لکيو، تڏهن ڏاڙهيءَ جون ڳنڍيون کولي کنڊيريائين، ۽ سندس (ڏاڙهي جي) چوٽي پير جي آڱوٺي سان ويڙهي اٿي بيهي نچڻ لڳو. ۽ هن طرح چوڻ لڳو:

کس نديدست اين عجب که مـــــــــراسـت

موئــي ريشـــــــم همـي کشان تا پاست

]هي عجب منهنجي جهڙو ڪنهن نه ڏٺو

ڏاڙهـــي مــنهــنجي رسـي ٿــي پيرن تي[

محمد بن قاسم کي تعجب ٿيو. جيڪي ماڻهو حاضر هئا تن چيو ته: ”هيءُ ڪهڙو عجائب آهي، جنهن جي وسيلي امانَ گهري اٿس؟ هن اسان کي ٺڳيو آهي.“] پر[ محمد بن قاسم ]227[ چيو ته: ”قول، قول آهي ۽ انجام، انجام، پنهنجي انجام کان ڦرڻ بزرگن جو ڪم نه آهي“.

منگر تو بدان که ذوفنون آيد مــــــرد
در عهد وفا نگر، که چون آيد مــــرد
در عهدهِّ عهد اگر برون آيد مــــــــرد
از هرچه گمان بري، فزون آيد مــــرد.
]هر گز نه ڏسج ته با ڪمال آهي مرد
پر ڏس ته وفا سان با جمال آهي مرد
انجـــــام جو اگپابنــــد هـــــــو ٿو رهـــي
وڌوَهم و گمان کان خـوش خصال آهي مرد[.

]آخر[ امير محمد بن قاسم چيو ته: ”هن کي قتل نٿو ڪريان پر قيد ۾ ٿو رکان، ۽ هيءَ حقيقت حجاج بن يوسف جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته ڇاٿو فرمائي.“ پوءِ کيس سندس ٻه سؤ قريبن ۽ لاڳاپيدارن ماڻهن سميت بند ڪري، سندس ذڪر حجاج ڏانهن خط ۾ لکيائين. حجاج هيءُ معاملو بصري ۽ ڪوفي جي عالمن کان پڇيو، ۽ وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ کي (پڻ) خبر ڏني. خليفي ۽ علمائن جو جواب پهتو ته: (هن کان اڳ) رسول ڪريم عليه الصلواة والسلام جي اصحابن جي درميان پڻ اهڙيون دعوائون (فيصل) ٿي چڪيون آهن. (ڏسو) الله جو قول (1) رَجال صـَـدَقـُـوا مـَـاعـَـاهـُـدَ وا الما عـَـلـَـيهِ (اهي مرد، جن اهو واعدو سچو ڪيو جو الله سان ڪيو هئائون).

اهو جواب جڏهن حجاج جي خط ۾ پهتو، تڏهن انهيءَ کي سڀنيءَ تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن سميت آزاد ڪيائين.

جـَـيسـِـينـُـه جو ڪيرج ڏانهن وڃڻ

وڏن ۽ مکيه ماڻهن کان (ٻڌل) ڳالهيون ڪن ٿا ته: جـَـيسـِـينـُـه ست سؤ پيادا ۽ سوار ساڻ ڪري ڪيرج جي قلعي ۾ پهتو، تڏهن ڪيرج جي راجا (سندس) استقبال ڪيو ۽ ڏاڍي مهرباني ڪري، خوب واعدن سان دلداري ڏيئي چيائين ته: ”توکي اسلامي لشڪر جي (خلاف) جنگ ۾ مدد ڪندس.“ دروهر راءَ ]228[ جي رسم هئي ته: سڀڪنهن ڇهين مهيني هڪ ڏينهن واندو ٿي، زالن سان شراب پيئندو ۽ راڳ ناچ ڪندو هو، ۽ ڪنهن به اجنبيءَ کي سندس خلوت واريءَ مجلس ۾ اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. قضا الاهي جو، جڏهن جـَـيسـِـينه ]بن[ ڏاهر اتي پهتو، تڏهن راجا دروهرا راءَ جي جشن جو ڏينهن هو. جـَـيسـِـينه ڏانهن ماڻهو موڪلي چيائين ته: ”اڄ اسان جي خلوت آهي، ۽ جيتوڻيڪ ڪوبه نامحرم اسان جي خلوتسراءِ ۾ اچي نٿو سگهي، پر تون اسان جو پيارو مهمان ۽ فرزند جي بجاءِ آهين، تنهن ڪري قدم رنج ڪري هليو اچ.“  ]انهيءَ اَڇ تي[ جـَـيسـِـينه اچي راجا جي زالن جي وچ ۾ مجلس ۾ ويٺو. جـَـيسـِـينه ڪنڌ هيٺ ڪري زمين تي ليڪا پئي ڪڍيا، ۽ انهن زالن ڏانهن نٿي نهاريائين. اتي دروهر چيو ته: ”هيءُ ٽولو تنهنجون مائرون ڀينرون آهن، بيشڪ ڪنڌ مٿي کڻي نظارو ڏس.“

(جـَيـسـِـينه جو انڪار ڪرڻ): جـَـيسـِـينه چيو ته: ”اسان بنيادي راهب آهيون، تنهن ڪري نا محرم عورتن ڏانهن نه ڏسندا آهيون.“ پوءِ راجا دورهر هن کي (زالن ڏانهن) ڏسڻ کان معافي ڏيئي، سندس پرهيزگاري ۽ حياءُ جي تعريف ڪئي.

ڳالهه ٿا ڪن ته: جڏهن زالون اچي گڏ ٿيون ته (انهن ۾) درُوهر جي ڀيڻ، چڱي، يعني حسين ۽ جميلـہ، (پڻ) هئي. جيـَـسـِـينه پڻ بادشاهاڻو ٻار هو، جنهن جو حسن ڪامل هو: قد صنوبر جهڙو، صورت نازڪ، سيرت سهڻي، سندس لفظ موتين جهڙا، آواز مٺو، اکيون نظاريدار، ۽ ڳل لعلن ۽ موتين جي مٽ هئا. دروهر جي ڀيڻ هن کي ڏٺو، ۽ (ڏسڻ سان) جـَـيسـِـينه جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪري ويئي. ]229[ هر گهڙي ]کيس[ ڏسندي ۽ ناز و ادا سان چاپلوسي ڪندي رهي.

جـَـيسـِـينه جڏهن اوطاق ۾ موٽي آيو، تڏهن دروهر جي ڀيڻ اٿي پنهنجي گهر ويئي، ۽ ]وڃڻ سان[ هڪ مـُـحـَـفو (مافو) تيار ڪرائي انهيءَ ۾ ٿي ويٺي، جو ٻانـِـهينُ کان کڻائي، جـَـيسـِـينه جي رهڻ واري جاءِ تي آئي. پوءِ محفي مان لهي اندر ويئي. جـَـيسـِـينه کي ننڊ اچي ويئي هئي، چڱيءَ مان شراب جي بوءِ سندس دماغ ۾ پهتي ته سجاڳ ٿيو، ۽ چڱيءَ کي پنهنجي پاسي ۾ ويٺل ڏسي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ چيائين: ”شهزاديءَ جو ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي؟ هن طرح ڪيئن آيا آهيو؟“ عورت چيو ته: ”اي بيوقوف! هن حقيقت پڇڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. هڪ سهڻي ۽ جوان عورت عين انڌيري رات ۾ تو جهڙي شهزادي جي ديدار لاءِ اچي مٺيءَ ننڊ مان جاڳائي، تو سان همبستر ٿيڻ چاهي، خصوصاً مون جهڙي محبوب، جنهن جي ناز ۽ نخري تي ساري دنيا مفتون آهي، ۽ سندس وصال لاءِ سارو جهان ديوانو، شهزادي کان هيءَ ڳالهه مخفي رهڻ نه گهربي هئي، ۽ حقيقت کي چڱيءَ طرح سمجهي وڃڻ گهربو هو، ۽ هن ڪاميابيءَ کي صبح تائين غنيمت سمجهڻ گهربو هو.“ جـَـيسـِـينه وراڻيو ته: ”اي راجا جي نياڻي! اسان کي پنهنجي نڪاح ٻـَـڌي حلال عورت کان سواءِ ڪنهن به نامحرم عورت سان ميل ميلاپ رکڻ جي مجال نه آهي. هيءَ ڪم اسان کان نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اسين برهمڻ راهب ۽ پرهيزگار آهيون. بزرگن، پرهيزگارن ۽ آزاد عالمن کي اهڙا ڪم ڪرڻ نه جڳائين. خبردار! متان اسان کي هن وڏي گناهه ۾ ڦاسايو اٿيئي.“ هن (چڱي) گهڻيون ئي نيزاريون ڪيون، پر (جيسينه) به توجهه ڪونه ڪيو، ۽ کيس ٽي تريون هڻي ڇڏيائين.

چڱيءَ جو جـَـيسـِـينه کان نااميد ٿيڻ

نا اميد ٿيڻ تي چڱيءَ چيو: ”اي جـَـيسـِـينه! مون کي هن دلي ارادي، ]230[ نفساني لذت ۽ روحاني خواهش کان محروم سو ڪيو اٿيئي، باقي مان به پاڻ تي واجب ٿي سمجهان تي پهريائين توکي برباد ڪنديس، تنهن کان پوءِ پاڻ کي باهه جي خوراڪ بنائينديس.“ پوءِ پنهنجي جاءِ تي موٽي آئي، ۽ ننڊ جا ڪپڙا پهري بستري تي ليٽي پيئي. هوءَ شام کان صبح تائين (برهه) جي باهه ۾ پچي ۽ پڄري رهي هئي، ۽ هيءُ بيت (1) ٿي پڙهيائين:

رباعي

”تا عشق و جمال تو شده دل سوزم،

وين شمع جمال تـُـست جان افروزم.

انصافم ده، و گـرنه فرياد کنــــم،

خود را و ترا و شهر درهم سوزم.“

]دلدار تنهنجي عشق منهنجي دل کي آ ســاڙيـــو،
آ، سونهن تنهنجي شمع مثــل جان کي ڳــاريـــــو.
آءٌ دانهن ڪنديس جلندو جنهن ۾ شهر ۽ تون مان،
نه  تــه مـنـهنجـا سـڄڻ مون کي اچي جــلـد جيــاريـــو.[

ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) آسمانن جي برجن مان نڪتو ۽ سـُـرمائي پردو ڦاڙي ڦٽو ڪيائين(1) تڏهن به چڱي سـُـتي رهي. شراب جو نشو، جدائيءَ جي نشي سان شامل ٿيل هو ۽ منجهند تائين ڪپڙو پايو پيئي هئي. هوڏانهن راجا دروهر جي هيءَ حالت هوندي هئي جو جيستائين سندس ڀيڻ چڱي نه ايندي هئي ۽ سندس منهن نه ڏسندو هو، تيستائين کاڌو پيتو نه کائيندو هو. سندس ڏاڍي عزت ۽ تعظيم ڪندو هو. سو اٿي ڀيڻ جي جاءِ تي ويو. هن کي غمگين ۽ پريشان ڏسي چيائين ته: ”اي ڀيڻ! راجا جي ڌيءَ! توکي ڇا ٿيو آهي جو تنهنجو لالي جهڙو منهن ميرو ۽ هيڊو ٿي  پيو آهي؟“ (جواب): چڱيءَ چيو ته: ”اي راءَ زادا! هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو جو هن بيوقوف سنڌيءَ جيئن ته مون کي عيش عشرت جي محفل ۾ ڏٺو آهي، سو ڪالهه رات حرمسراءِ ۾ لنگهي اچي مون کي پاڻ ڏانهن ڪوٺڻ لڳو، ۽ منهنجي نيڪ بختي ۽ پاڪ دامنيءَ جي دامن کي جو ڪڏهن به پليديءَ جي غبار سان ميرو نه ٿيو هو، ۽ منهنجي پرهيزگار نفس ۽ صاف عزت کي، پنهنجي گناهه جي گندگيءَ سان گندو ڪرڻ ۽ منهنجي پاڪائي جي پردي کي چاڪ ڪرڻ چاهيائين. راجا کي هن کان منهنجو بدلو وٺڻ گهرجي، جيئن هن کان پوءِ ڪوبه نالائق هن قسم جي خيانت ۽ دست درازي جي جرات نه ڪري سگهي.“ دروهر جي غضب جي باهه ڀڙڪي ۽ ڀيڻ کي چيائين: ”هو اسان جو مهمان آهي، ۽ ]پڻ[ راهب ۽ ]231[  برهمڻ، پڻ اسان کي وسيلو ورتو اٿس، ۽ اسان کان مدد گهري رهيو آهي. اٽڪل هڪ هزار جنگي جوان ساڻ اٿس، تنهن ڪري کيس ڪـُـهي نه سگهبو، جو اسان جي طرف جا ٻيڻا ٽيڻا ماڻهو ڪسي ويندا. پر سندس ڪهڻ لاءِ رٿ ڪريان ٿو. تون اٿي کاڌو کاءُ. جنهن صورت ۾ ڪابه حرڪت ڪانه ٿي آهي، تنهنڪري ڪوبه دڙڪو داٻ ڪري نٿو سگهجي.

دروهر جي جـَـيسـِـينه سان بيوفائي رٿڻ، ۽ سندس ڀيڻ چڱيءَ جو جـَـيسـِـينه سان مڪر

پوءِ دروهر گهر ۾ اچي ٻن هٿيار بند جلادن، هر هڪ ڪبير ڀدر(1) ۽ پهئو(2) نالي، کي گهرائي چيو ته: ”مان اڄ منجهند کان بعد جـَـيسـِـينه کي گهرائي مهماني ڪندس کاڌي کائڻ کان  پوءِ شراب جي مجلس ۾ خلوت ڪري جـَـيسـِـينه سان شطرنج کيڏندس. توهان ٻيئي ڄڻا هٿيارن سميت تيار رهجؤ، جڏهن آءٌ چوان، شاه مات شد، (بادشاهه مات ٿي ويو)، تڏهن توهان تراريون ڪڍي جـَـيسـِـينه کي قتل ڪري ڇڏجو.“

هن حال جي هڪ سنڌيءَ کي خبر پئجي ويئي، جو ڏاهر جو خدمتگار هو ۽ دروهر جي خاص ماڻهن سان دوستي هئس. هن هيءَ حقيقت جـيسـِـينه کي ٻڌائي، راجا دروهر جي ٺڳيءَ کان (کيس) واقف ڪيو. کاڌي وقت جڏهن دروهر جو معتمد جـَـيسـِـينه کي سڏڻ آيو، تنهن وقت پنهنجن جانبازن جي سردارن مان (ٻن) ٺڪـُـرن کي گهرائي چيائين ته: ”اي تـُـورسـِـينـہ ۽ سـُـور سينـہ!(1) مان راجا دروهر جي مهمانيءَ تي وڃان ٿو. توهان هٿيارن سميت تيار ٿي مون سان گڏ هلو. آءٌ دروهر سان شطرنج کيڏندس، ۽ توهان هوشيار ٿـِـي دروهر جي مٿان بيهي رهجو، جيئن هو نه ڪا لچائي يا ٺڳي ڪري سگهي، ۽ نه رٿي سگهي.“ ]232[

جـَـيسـِـينه جو ٻن هٿيار بندن سان اچڻ

اهڙي نموني سان بادشاهه جي درٻار ۾ ويا. هوڏانهن دروهر ڪنهن کي به اهڙو حڪم نه ڏنو هو ته جيسينه سان گڏ ٻئي ڪنهن کي اندر نه ڇڏجو. تنهن ڪري ٻيئي بهادر اندر هليا آيا، ۽ اوچتو ئي اوچتو اچي دروهر جي مٿان بيٺا. شطرنج پوري ٿيڻ تي دروهر هنن ]پنهنجن ماڻهن[ کي اشاري ڪرڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو پر ٻه ماڻهو هٿيارن سان تيار ۽ هوشيار بيٺل ڏسي پشيمان ٿيو، ۽ چيائين ”شـہ مات نشد، اَن گوسفند را نمي بايد کـُـشت“ (شاهه مات نه ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ گهيٽي کي ڪهڻ نه گهرجي). جـَـيسـِـينه سمجهيو ته اهو اشارو آهي. پوءِ هو اتان اٿي پنهنجي اوطاق ۾ آيو، ۽ گهوڙن سنجڻ جو حڪم ڪيائين. ايتري ۾ جـَـيسـِـينه غسل ڪري هٿيار پهري پنهنجي لشڪر کي تيار ڪري ]گهوڙن[ مٿي ويهڻ جو حڪم ڪيو. ]هوڏانهن[ دروهر هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو انهيءَ جاچ لاءِ موڪليو هو ته جـَـيسـِـينه ڇا ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهو موٽي اچي چيو ته: ”خدا جي رحمت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي، جنهن جي ذات پرهيزگاريءَ جي زيور سان سينگاريل هئي. سندس بنياد سڳورو هو. سندس ڪم برا نه هئا. هميشه خوف ۽ اميد ۾ رهي طهارت ۽ پاڪيز گي جي ڪوشش ڪندو رهيو.“

(خبر): چون ٿا ته جـَـيسـِـينه غسل کان فارغ ٿي، کاڌو کائي، هٿيار پهري، (گهوڙي) مٿي ويهي، وهٽن تي سامان لڏارائي، راجا دروهر جي سراءِ جي آڏو آيو، ۽ ملاقات کان سواءِ کيس الوداع چئي، پنهنجي وڃڻ جو ڄاڻ ڪري، دوستن ۽ تابعدارن سميت روانو ٿي ويو، سڌو وڃي جالنڌر جي حد کان ڪشمير ۾ پهتو. انهيءَ بادشاهه جو نالو بلهرا (1) هو، (۽) (2) شاهه جي آستان (گادي جو هنڌ؟) کي اسـہ ڪسـہ چوندا هئا،(2) جتي هو (جيسينه) وڃي رهيو، تان جو عمر بن عبدالعزيز رضه جي خلافت ٿي، ۽ دارالخلافت جي حڪم موجب عـَـمرَو بن مـُـسلم الباهلي (1) وڃي اهو ملڪ فتح ڪيو. ]233[

(1)  هن ۽ ايندڙ صفحي تي پ، ن، ب، ڪ جي متفق پڙهڻي ”فوفي“ آهي، ر جي ”قوفي“ يا ”قوني“، م: ”قوفي“، جا پڙهڻي فارسي ڇاپي جي متن ۾ رکيل آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه -1 ص 175. (ن-ب)
(1)  يعني راتو واهه
(2)  هي پڙهڻي پ مطابق آهي. ن، ر، جتور، ب، س، چتور.
(3)  فارسي ڇاپي جي عبارت، ”جيسيـہ ودکيہ“ جا شايد پ مطابق آهي. ر، م، جيسہ دوکيہ، ن، ب، ح، جيسيہ ووکيہ. اسان هن آخري پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ”وکيہ“ يعني ”وڪيو“ قديم سنڌي نالو آهي. (ن-ب)
(4)  هن نالي جي پڙهڻي ن، ب، ح مطابق ڏني وئي آهي ۽ فارسي ڇاپي ۾ پڻ اها پڙهڻي قائم رکيل آهي، ر، م، نزول صندل، پ، ڪ، نزوانـہ هدل، س، بزوالہ صدل (ن-ب)
(5)  هن ۽ ايندڙ صفحي تي پ، ن، ب، ڪ جي متفق پڙهڻي ”فوفي“ آهي، ر جي ”قوفي“ يا ”قوني“، م: ”قوفي“، جا پڙهڻي فارسي ڇاپي جي متن ۾ رکيل آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه -1 ص 175. (ن-ب)
(1)  هت لفظ ”عجبي“ آهي ۽ هيٺ ”عجب“ يعني عجيب شيءِ. ٻهراڙيءَ جي زبان ۾ ”عجيب شيءِ کي ”شرڪت“ چوندا آهن، ۽ اسان به اهو لفظ ترجمي ۾ رکيو آهي (مترجم)
(1)  سورهِ الاَحزاب: رڪوع-3. (ن-ب)
(1)  چڱي فارسي دان ڪانه هئي، غالبا=، مراد ته هن رباعي واري معنيٰ ۾ ڪو بيت پئي پڙهيائين. حقيقت ۾ هيءُ افسانوي رنگ، فارسي مترجم جي ايجاد آهي. (ن-ب)
(1)  يعني سج ڪني ڪڍي ۽ صبح ٿيو، (مترجم)
(1)  اصل ۾ ”ڪبير بهدر“ جا پڙهڻي ر، م مطابق آهي، ن، ب، ح، ڪ ۾ فقط ”سهل“، پ: بهل روز س: سهيل
(2)  ”پهئو“ پڙهڻي ر، م مطابق آهي، پ: لهؤ، ن، ب، ح، ڪ: بهو، س: مسهو.
(1)  اصل متن توڙي نسخن ۾ هنن نالن جي پڙهڻي ”تورسيہ و سورسيہ“ آهي. ”سيہ“ در اصل ”سينہ“ (يعني شينهن) آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان ٻنهي نالن ۾ ”ن“ وڌايو آهي. ر م، جي پڙهڻي ”تورسيہ“ جي بدران ”کورسيہ“ آهي، مگر ”توريسنہ“ وڌيڪ صحيح آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ بعضي بهادري جو داد ڏيندي چوندا: ”واه تورسنگ“. چوندا آهن مڙس ته ”مڙس تورسنگ آهي“ يعني بهادر ۽ پهلوان آهي. ”سنگ ساڳيو سينه يا شينهن جي معنيٰ ۾ آهي. (ن-ب)
(1)  فارسي ڇاپي مطابق ”بلهرا“، جا غالباً پ جي پڙهڻي آهي، ن، م: بلهر، ر: بمهر. (ن-ب)
(2)-(2)  اصل فارسي عبارت: ”اسہ کسہ اَستان شاه گفتندي“ جنهن جو مدار غالباً پ تي آهي. ”اسہ کسہ“ جي بدران ر، م: انسہ کسہ، ن، ب، ح: سہ کسہ، س: اسر کسر، (ن-ب)
(1)  فارسي متن ۾ ”عمرو بن سلم اعليٰ،“ ن جي پڻ اهائي پڙهڻي آهي، ر: ”عمرو بن مسلم“، جو صحيح آهي، اعليٰ، در اصل ”الباهلي“ جي تصحيف آهي، سڄو صحيح نالو عمرو بن مسلم الباهلي آهي، ڇاڪاڻ ته عمر بن عبدالعزيز رضه جي خلافت ۾ اهوئي سنڌ جو گورنر هو. ڏسو آخر ۾ حاشيه ]233[. (ن-ب)

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :34
 

جـَـيسـِـينه جي بهادري ۽ سندس نالي جو سبب

اروڙ جي ڪن برهمڻن کان روايت آهي ته: جـَـيسـِـينه ]پٽ[ ڏاهر مردانگي ۽ دانائيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس ڄمڻ جو قصو هن طرح هو ته: هڪ ڏينهن راجا ڏاهر شڪار جي سامان ۽ هٿيار سان شڪار گاهه ۾ آيو. جڏهن شهر جي آسپاس (هڪ طرف) ڪتا، چيتا ۽ بگهڙ هرڻن تي ڇڏيائين، ۽ (ٻئي طرف) شاهين، باز ۽ شڪرا هوا ۾ اڏامڻ لڳا، ته (اوچتو) هڪ گجندڙ شينهن پيدا ٿي ماڻهن جو رستو روڪي ڇڏيو، (جنهن ڪري) شڪارين جي لشڪر ۾ هيبت ۽ دانهوڙ مچي ويئي. ڏاهر گهوڙي تان لهي پيادو ئي شينهن جي سامهون ٿيو ۽ شينهن پڻ جنگ جو ارادو ڪيو. راجا ڏاهر چادر هٿ تي ويڙهي شينهن جي وات ۾ وجهي تلوار هڻي سندس ٻيئي ٽنگون قلم ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ هٿ ڪڍي ترار هڻي سندس پيٽ ڦاڙي وڌو ۽ شينهن ڪـِـري پيو. هو ڏانهن جيڪي ماڻهو انهيءَ شينهن جي ڊپ کان ڀڄي ويا هئا، تن گهر اچي راڻيءَ کي راجا ڏاهر جي شينهن سان ڳنڍجڻ جي خبر ڪئي. راجا ڏاهر جي زال پيٽ سان هئي، ۽ هن خبر ٻڌڻ تي، مڙس سان نهايت محبت سبب، بيهوش ٿي ڪـِـري پيئي. جيستائين راجا ڏاهر شڪار گاهه مان موٽي آيو، تيستائين ڊپ کان عورت جو ساهه جسم کان جدا ٿي چڪو هو. ڏاهر اچي ڏٺو ته زال مئي پيئي آهي ۽ سندس پيٽ ۾ ٻار ڦٿڪي رهيو آهي سندس پيٽ ڦاڙڻ جو حڪم ڏنائين، ٻار جيئرو نڪري آيو جنهن کي دائي جي حوالي ڪيائون ۽ ”جـَـيسـِـينه“ نالو رکيائون، جنهن جي معنيٰ ]عربيءَ ۾[ ”اَلمـُـظـُـفـَـر بــَـاِ الاسدَ“ (فاتح شير) ۽ پارسيءَ ۾ ”شيرِ فيروز“.

احنف بن قيس جي ڏوهٽي رَوَاح بن اَسدَ جو اروڙ تي مقرر ٿيڻ

هنن ڪنوارين ]حڪايتن[ جي سنواريندڙن ۽ هنن چـَـڪـِـيـُـنِ جي باغبانن،(1) علي بن محمد ]کان جنهن[ مـَـسلـَـمـَة بن مـُـحـَـارِب(1) ۽ عبدالرحمان بن عـَـبدَ ربـہ السليطي کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن ]234[ محمد بن قاسم، تختگاهه اروڙ- بغرور (2) کي پنهنجي اقتدار ۽ تابعداري هيٺ آندو، ۽ سڀيئي ]ماڻهو[ سندس فرمانبردار ۽ حڪم جا بندا ٿيا، تڏهن اَحنفَ بن قيس جي ڏوهٽي رَواح بن اَسد کي اروڙ جي گورنري تي مقرر ڪيائين. شرعي ڪاروبار، دارالقضاءَ جو ڪم ۽ خطابت جو عهدو، صـَـدر الامـَـام الاَجـَـلَ العالمِ (مکيه امام وڏي عالم)، بـَـرهـَـان الملـَـة وَالـِـدين (دين ۽ قوم جي روشن دليل)، سـَـيف اُلسنة وَنجم الشرِعة (سنت جي ترار ۽ شريعت جي ستاري)، موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد (بن موسيٰ) بن شيبان بن عثمان الثقفي(1) رحمة الله عليهم اجمعين، جي حوالي ڪري حڪم ڪيائين ته: رعيت جي دلجوئي واجب سمجهي وڃي ۽ يـَـامـُـرونَ بـِـالمعر وَف وَ ينهوَنَ عن المنڪـَـرِ (يعني نيڪيءَ لاءِ تاڪيد ۽ بديءَ کان منع) جو حڪم (پڻ) مهمل نه رهي، ۽ ٻنهيءَ کي خلق ۽ رعيت سان رعايت ڪرڻ جي پارت ڪري آزاد پروانو عطا ڪيائين. پوءِ منزل کنيائين، ۽ هلندو ويو، تان جو ڀاٽيہ(2) جي قلعي ]وٽ پهتو[، جو بياس نديءَ جي ڏکڻ ۾ هڪ قديم قلعو هو، ۽ اتي جو حاڪم(3) ڏاهر پٽ چچ جو سؤٽ، ڪڪسو(4)  پٽ چندر بن سيلائج هو(3).

ڪڪسي(1) تي فتح حاصل ڪرڻ ۽ هن جو(1) محمد بن قاسم وٽ اچڻ

هو (ڪڪسو) ڏاهر بن چچ جي لڙائي ۾ ]مددگار ۽ موجود[ هو، ۽ اتان شڪست کائي ڀڄي اچي انهيءَ قلعي ۾ ويٺو هو. اسلامي لشڪر جي قريب اچڻ تي ڍل ۽ ضمانت خدمت ۾ موڪليائين. وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن (پڻ) حاضر ٿي خدمت جو شرف حاصل ڪيو. محمد بن قاسم انهن سان مهربانيءَ سان پيش آيو، ۽ ڏاڍيون نوازشون ڪري پڇيائين ته: ”هيءُ ڪڪسو، اروڙ جو رهاڪو آهي؟ اتان جا سڀ ماڻهو داناءُ عقلمند ۽ سچا هئا، ۽ ]پڻ[ امانت ۽ پرهيزگاريءَ سان موصوف. تنهن ڪري کيس امان ٿي ڏجي ته جيئن هو ]اسان وٽ[ دل جي قوت ۽ اميد جي روح سان حاضر ٿئي. ]235[ هن کي ننڍي وڏي ڳالهه ۾ پنهنجو صلاحڪار بنايو وڃي. آءٌ ساڻس سچائي ۽ وزارت جو رستو وچ ۾ قائم ڪريان ٿو.“

ڪڪسي جي صلاحڪاري

ڪڪسو هڪ ڄاڻو شخص ۽ هند جو داناءُ مرد هو، (تنهنڪري) خدمت ۾ حاضر ٿيڻ تي ]محمد بن قاسم[ کيس وقت نا وقت پنهنجي تخت جي سامهون رکندو هو، ۽ ساڻس صلاح مشورو ڪندو هو-

  شعر

لا تـَـستـَـشـِـر غـَـير نـَـدب حـَـازمِ يـَــقـِـظِ

قـَـدِ استـَـؤيٰ مـِـنــہ اِســــــرَارُ وَ اِعـــــــلاَنَ

        ترجمو: صلاح رڳو تجربيڪار، هوشيار ۽ دور انديش سان ڪر، جنهن جي آڏو ڳجهه ۽ ظاهــــر برابر هجي.

ـــــــــــ ۽ سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندو هو. هو سڀني اميرن ۽ سپهه سالارن جو اڳواڻ هو. ڍلون ۽ آسپاس ]جو ملڪ[ سندس انتظام هيٺ هوندو هو. خزانو سندس مهر هيٺ ڏنو ويو هو. انهيءَ کان پوءِ هو هر لڙائيءَ ۾ محمد بن قاسم سان مددگار هو، ۽ سندس نالو ”مبارڪ مشير“ رکيو هئائين.

محمد بن قاسم جي هٿان(1) سـِـڪـہ ۽ ملتان(1) جي فتح ٿيڻ جو احوال

ڪڪسي کي درست ڪرڻ بعد، ]محمد بن قاسم[ انهيءَ قلعي کان ڪوچ ڪري، بياس ندي ٽپي اسڪلنده (2) جي قلعي تي ويو. انهيءَ قلعي وارن کي خبر پيئي ته عرب جو لشڪر آيو آهي، سو جنگ لاءِ نڪري آيا. زائدهِ بن عـَـمـَـير الطائي(3) ۽ ڪڪسو (لشڪر جا) اڳواڻ هئا. لڙائي شروع ڪيائون ۽ اهڙا سخت مقابلا ٿيا جو ٻنهي طرفن کان رت جون نديون وهي اٿي هليون. عربن اڳين نماز وقت تڪبير جو نعرو هڻي، هٿو هٿ حملو ڪيو. مشرڪ شڪست کائي وڃي قلعي ۾ پيا، ]236[ ۽ قلعي جي مٿان تير ۽ منجنيق جا پٿر اڇلائڻ لڳا ۽ ست ڏينهن جنگ جاري رکيائون. ملتان جي حاڪم جي ڀائٽي، جو ملتان جي قلعي ۾ هو،  پڻ ڪي لڙائيون ڪيون، تان جو لشڪر جو اناج کٽي ويو، ۽ (1) اسڪلنده جو (حاڪم) سيهرا(1) راتو واهه نڪري وڃي سڪـہ جي قلعي ۾ پهتو. سڪہ، راوي نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هڪ عاليشان قلعو هو. حاڪم جي وڃڻ تي رعيت، ڪاريگرن ۽ واپارين ]محمد بن قاسم ڏانهن[  پيغام موڪليو ته: ”اسان رعيت آهيون. هاڻي جيئن ته والي هليو ويو، تنهنڪري اسان کي امان ڏي.“ محمد بن قاسم، واپارين، ڪاريگرن ۽ هارين کي امان ڏيئي قلعي ۾ آيو ۽ چئن هزارن هٿياربند مردن کي خونخوار ترار جو کاڄ بنائي، سندن پوئلڳن کي غلام ڪيائين. پوءِ عتبـہ بن سلمہ تميميءَ (2) کي اتي مقرر ڪري پاڻ (3) سڪہ ۽ ملتان(3) ڏانهن رخ رکيائين. اهو راوي ندي جي ڏاکڻي ڪناري تي هڪ قلعو هو. بجهرا طاکيءَ (4)  جو ڏهٽو بجهرا(4) انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو. جڏهن ان کي خبر پئي تڏهن جنگ شروع ڪيائون. هر روز جڏهن عرب جو لشڪر قلعي جي اڳيان ايندو هو ته قلعي وارا ٻاهر نڪري جنگ ڪندا هئا. سترهن ڏينهن تائين سخت لڙائيون ڪيائون. (هن لڙائي ۾) مشهور معروف همراهن مان ويهه ڄڻا(1)  شهيد ٿيا ۽ شامي لشڪر مان جملي ٻه سئو پندرهن ماڻهو قتل ٿيا. بجهرا(2)  راوي ندي ٽپي پار ويو. محمد بن قاسم دوستن جي شهيد ٿيڻ ڪري قسم کنيو هو ته: ”هن ]سڪہ جي[ قلعي کي ڊاهي ڇڏيندس.“ پوءِ سندس حڪم ڏيڻ تي ساري شهر کي ويران ڪيائون، ۽ ملتان ڏانهن (درياءُ) ٽپيا(3). ملتان جو راجا ڪندا(4) ۽ بجهرا جنگ لاءِ نڪري آيا. ]237[

محمد بن قاسم جي راجا ڪندا(3)  سان جنگ ڪرڻ

انهيءَ ڏينهن صبح ٿيڻ کان شام جي ختم ٿيڻ تائين سخت لڙائي هلي. جڏهن دنيا مصيبت زدن جهڙي ڪاري رلي اوڍي، ۽ ستارن جو بادشاهه غروب جي پردي ۾ هليو ويو(1) ، تڏ

هن ٻئي (لشڪر) پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا. ٻئي ڏينهن جڏهن صبح صادق اونداهي پردي مان نڪتو ۽ دنيا روشن ٿي، تڏهن ٻيو دفعو جنگ شروع ڪيائون. ٻنهي طرفن کان ڏاڍا ماڻهو قتل ٿيا. اها جنگ بدستور قائم رهي، ۽ ٻن مهينن تائين ]قلعي وارا[ قلعي مٿان منجنيق، غـَـدرَڪ(2) پٿر ۽ تير وسائيندا رهيا، تان جو لشڪر ۾ اناج جي ڏاڍي تنگي اچي پيدا ٿي. اهڙيءَ حد  تائين جو، گڏهه جي مـُـنڍي وڃي پنج سؤ درهمن کي لڳي. ڏاهر جي سؤٽ، امير ڪورسينہ(3) پٽ چندر، ڏٺو ته، عرب جي لشڪر ۾ ڪابه سستي نه آئي آهي، ۽ مضبوط آهن. اسان کي ڪنهن به طرف کان مدد ڪانه آهي، سو(4) ڪشمير جي راجا(4) جي خدمت ۾ هليو ويو.

ٻئي ڏينهن جڏهن عرب جي لشڪر پهچي لڙائي شروع ڪئي، ۽ ڪنهن به حيلي سان (قلعي کي) کاٽ نٿي لڳي سگهيو، ته (اوچتو) قلعي جي اندران هڪ ماڻهو ٻاهر نڪري آيو ۽ ]اچي[ امان گهريائين. محمد بن قاسم کيس امان ڏني، پوءِ انهيءَ جي ڏس ڏيڻ تي، نديءَ جي ڪناري لڳ اتر طرف کان کاٽ هنيائون، ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ جڳهه کان قلعي جي ڀت اچي پٽ تي پيئي ۽ قلعو فتح ٿيو. ڇهه هزار جنگي سپاهين کي قتل ڪيائون ۽ سندن تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن کي ٻانها بنايائون. باقي واپارين، ڪاريگرن، ۽ هارين کي امان جو پروانو عطا ڪري، کين چيائين ته: ”هاڻي جڏهن قلعو فتح ٿي چڪو آهي، تڏهن واجب آهي ته پنهنجي مال مان دارالخلافت جي خزاني جي ڍل ۽ فوجن جو حصو ڏيو، جيڪي هيڏي تڪليف ڪاٽي، سختي سهي جان جي بازي لڳائي، ڪيڏو عرصو کاٽ ۽ لڙاين ۾ مشغول رهيا آهن.“ ]238[

روڪڙ جي تقسيم ڪرڻ

پوءِ شهر جي وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن جمع ٿــي، سٺ هـزار درهـــم تــور چانـدي تقسيم ڪئي. هر هڪ سوار کي خاص طرح چار سؤ درهم تور چاندي ملي. پوءِ ]محمد بن قاسم[ چيو ته: ”هاڻي دارالخلافت جي خزاني جي مال واسطي دائمي طريقا سوچڻ گهرجن.“ انهن ويچارن ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته، اوچتو هڪ برهمڻ آيو ۽ چيائين ته: جڏهن ڪافرن جو دؤر پورو ٿيو، بتخانو ڊهي ويو، دنيا اسلام جي نـُـور سان روشن ٿي، ۽ بتخانن جي جڳهه تي مسجدون ۽ منبرن ٺهي رهيا آهن، ]تڏهن آءٌ توهان کي هڪ سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان[ ته ملتان جي پيرمردن کان هن طرح ٻڌو ويو آهي ته: آڳاٽي سمي ۾ هن شهر جو هڪ راجا جوبن (1) نالي،ڪشمير جي راجا جي اولاد مان هو. هو هڪ برهمڻ ۽ راهب ماڻهو هو ۽ پنهنجي طريقي ۾ پڪو هو. هميشه بتن جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس خزانو جڏهن ڳڻپ کان وڌي ويو، تڏهن ملتان جي اڀرندي پاسي کان سؤ گز همچورس هڪ حوض ٺهرائي، انهيءَ جي وچّ ۾ پنجاهه همچورس گز هڪ بتخانو ٺهرايائين، ]۽ انهي بتخاني اندر[ هڪ دڪان ٺهرايائين، ۽ انهيءَ دڪان ۾ ٽامي جا چاليهه مٽ ترتيب سان رکايائين.(1) هر هڪ مٽ ۾ مغربي سون جي ڪاتر جا ٽي سؤ ٽيهه مڻ پوريل خزاني طور رکايائين(1). انهيءَ جي مٿان بتخانو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي سون جو بت ويهاريل آهي، ۽ انهيءَ حوض جي چوڌاري وڻ رکايل آهن.“

 مـَـنـَـرَوِي ]بتخانو[(2)

ڳالهين جي مصنفن ۽ ڪهاڻين جي راوين، علي بن محمد] مدائني[ کان هن طرح روايت ڪئي آهي، جنهن چيو ته ابو محمد هنديءَ کان ٻڌو اٿم ته:  محمد بن قاسم وزيرن، تائين (گورنرن) ۽ خاص ماڻهن سان اٿي انهيءَ بتخاني ۾ آيو. سون جو ٺهيل بت ڏٺائين، جنهن جون اکيون ڳاڙهي ياقوت مان ٺاهي سندس منهن ۾ رکيل هيون.[239]

محمد بن قاسم جو ڀـُـلجڻ

محمد بن قاسم سمجهيو ته هيءُ ڪو ماڻهو آهي. سو کيس ڌڪ هڻڻ لاءِ ترار ڪڍيائين. اتي بـُـتبـَـان(1) برهمڻ چيو ته: ”اي عادل امير! هيءُ اهو بت آهي جو ملتان جي راجا جوبن(2) ٺاهيو هو، جو مال دفن ڪري گذاري ويو.“ پوءِ محمد بن قاسم انهيءَ بت کڻڻ جو حڪم ڏنو. ان جي هيٺان ٻه سو ٽيهه مڻ سون ۽ چاليهه مٽ سون جي ڪاتر سان ڀريل نڪتا. جملي تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ تور سون دفن ٿيل نڪتو. اهو سون ۽ بت خزاني ۾ آندائون،] تنهن کان سواءِ[ جواهر ۽ موتي، جيڪي ملتان جي شهر جي لٽ مان هٿ آيا، سي ۽ ٻيا خزانا ۽ دفينا به هٿ ڪيائون.

بتخانو کولڻ ۽ خزانو کڻڻ

ابوالحسن مدائـِـني، خـُـرَيم بن عـَـمرَو کان روايت ڪئي آهي ته: جنهن ڏينهن بتخانو کولي خزانو کنيائون، انهيءَ ڏينهن حجاج جو خط پهتو ته: ”اي سؤٽ! تنهنجي لشڪر جي چڙهائي وقت مان ضامن هئس ته لشڪر وڃڻ جي تياريءَ ۾ ان جي سامان ۽ بندوبست تي دارالخلافت جي خزاني مان جيڪي به خرچ ٿيندو ]تنهن جي جوابداري خليفي[ وليد بن عبدالملڪ بن مروان جي پاران مون کي قبول آهي. بلڪ انهيءَ کان ٻيڻو ٽيڻو واپس پهچائڻ منهنجي ذمي آهي. هينئر دارالخلافت جي خزاني مان حقيقت حال جي جاچ ڪئي ويئي ته  معلوم ٿيو ته محمد بن قاسم جي تياريءَ ۾ سٺ هزار درهم  تور خالص چاندي خرچ ٿي آهي، ۽ ]ايستائين تنهنجي طرفان[ جيڪا روڪڙ، جنس ۽ ڪپڙا واپس ادا ڪيا ويا آهن، تن جو تاريخوار مجمل ۽ مفصل حساب ڪيو ويو ته ]باقي تنهنجي ذمي[(1) هڪ سؤ ويهه هزار(1) درهم تور چاندي ٿي سگهي ٿي، جا توکي موڪلڻي آهي. جتي به ڪا پراڻي جاءِ يا ڪو نالي وارو ڳوٺ يا شهر هجي، اتي مسجدون ۽ منبر ٺاهيا وڃن، ۽ خطبو ۽ سڪو دارالخلافت جي نالي جاري ڪيو وڃي. ]240[ تون سولي ستاري ۽ موافق گهڙيءَ ۾ هيءُ لشڪر وٺي نڪتو آهين، انهيءَ ڪري ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ته ڪافرن جي ولايت مان جنهن طرف به رخ رکندين، سو تنهنجي هٿ هيٺ ايندو.“

محمد بن قاسم جو ملتان شهر جي رعيت کي پابند ڪرڻ

پوءِ ملتان جي مکيه ۽ چونڊ ماڻهن کي پڪيءَ طرح پابند ڪري جامع مسجد ۽ منارو ٺهرايائين. امير دائود بن نـَـصر بن وليد عـَـمـَـانـِـي کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيائين. خـَـرَيم بن عبدالملڪ تميمي کي برهمپور(2) جي قلعي تي، جو جهيلم(3) نديءَ جي ڪناري تي آهي، جنهن کي سوپور(4) سڏيندا آهن، مقرر ڪيائين. عـِـڪرمـَــہ بن رَيحان شاميءَ کي ملتان جي پسگردائيءَ جو حاڪم بنايائين. احمد بن خـُـزَيمـة(1) بن عتبه مدنيءَ کي اشهار ۽ ڪرور(2) جي قلعي جو والي مقرر ڪيائين. ٻيڙين رستي مال روانا ڪيائين، جيئن ديبل کان ٻيڙين ۾ چاڙهي، دارالخلافت جي خزاني ۾ پهچايا وڃن. پاڻ ملتان ۾ رهيو، جتي اٽڪل پنجاهه هزار چونڊ سوار هٿيارن پنوهارن ۽ جنگي سامانن سان تيار ٿيا.

ابو حڪيم(3) ڏهن هزارن سوارن جي لشڪر سان قنوج موڪلڻ

پوءِ ابو حڪيم(6) شيبانيءَ کي ڏهن هزارن سوارن سان قنوج ]جي راجا[ تي چاڙهي موڪليائين، ته جيئن دارالخلافت جو خط، اسلام جي دعوت ۽ بيت المال جي خزاني جي ڍل ادا ڪرڻ متعلق کيس ڏيکاري، ۽ کانئس بيعت وٺي. پاڻ (محمد بن قاسم) لشڪر وٺي ڪشمير جي سرحد تي انهيءَ هنڌ پهتو، جنهن کي پنج ماهيات(4) چوندا آهن ۽ هن جاءِ تي ڏاهر جي پيءُ چچ ]پـٽ[ سيلائج، صنوبر ۽ سپيدار يعني بيد جا وڻ پوکي ]سرحد جو[ نشان ڪيو هو، ۽ اها حد نئين سر مقرر ڪيائين. ]241[

لشڪر جو اوڌاپر(1) پهچڻ،(2) ۽ اَبو حڪـَـيم جو زَيد کي راجا]هر چندر ڏانهن[ موڪلڻ (2)

        قنوج جو راجا انهن ڏينهن ۾ جهنل (يا جهشل) راءَ(3) جو پٽ هو. جڏهن لشڪر اوڌاپر(1) پهتو، تڏهن اَبوحڪـَـيم شـَـيبـَـاني جي حڪم ڪرڻ تي زَيد بن عـَـمرَوالڪلابيءَ کي حاضر ڪيائون. پوءِ چيائينس ته: ”اي زيد! توکي پيغام کڻي راءَ هرچندر ]پـٽ[ جهتل(4) ڏانهن وڃڻ ۽ اسلام جي تابعداريءَ جو حڪم پهچائي چوڻ گهرجي ته: ”سمنڊ کان وٺي ڪشمير تائين جيڪي بادشاهه ۽ راجا آهن سي سڀ اسلام جي اقتدار هيٺ اچي چڪا آهن، ۽ امير عمادالدين (محمد بن قاسم)، جو عربن جو سپهه سالار ۽ ڪافرن کي مغلوب ڪندڙ آهي، جي تابعداري ڪري چڪا آهن. ڪي اسلام جي لڙائيءَ ۾ پوئجي چڪا آهن ته ڪن وري  پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي آهي، جا دارالخلافت جي خزاني ۾ پهچائيندا رهندا.“

 
(1) -(1)  اصل متن ۾: ”از علي بن محمد بن سلمہ بن محارب“. حقيقت ۾ هي ٻه ڌار ڌار نالا آهن. علي بن محمد (المدائني) ۽ مسلمـ* بن محارب. محمد ۽ سلمہ جي وچ ۾ ”بن“ حقيقت ۾ ”عن“ (کان) جي بگڙيل صورتخطي آهي. ”سلمہ“ به غلط آهي ۽ صحيح نالو مسلمہ بن محارب بن زياد آهي، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ص ]78[ تي ۽ هن کان پوءِ ص ]224[ تي اچي ٿو. (ن-ب)
(2)  پ ۾ ”اروڙ بغرور“ ۽ ٻين جملي نسخن ۾ ”الور بغرور“ آهي، مگر حقيقت ۾ اهي ٻن شهرن جا نالا آهن جئن ته بلاذري (ص 439) چوي ٿو ته ”سار محمد يريد الرور و بغرور“. انهيءَ ڪري اسان ترجمي ۾ ”اروڙ ۽ بغرور“ لکيو آهي (ن-ب)
(1)  ڏنگين ۾ (بن موسيٰ)، مٿي ص] 9[ تي پ جي پڙهڻي ”طائي بن محمد بن موسيٰ“ جي اَڌار تي وڌايل آهي، هن صفحي تي جملي نسخن جي متفقه پڙهڻي ”طائي بن محمد“ آهي، البت ص ]9[ تي سواءِ پ جي ٻين جملي نسخن جي پڙهڻي ”طائي بن موسيٰ بن محمد“ آهي. (ن-ب)
(2)   فارسي ڇاپي ۾ ”باتيہ“ آهي جنهن کي اسان ”ڀاٽيه“ ڪري لکيو آهي. ”باتيـه“ غالباً پ جي پڙهڻي آهي. ر: بابينہ، ن: بابينہ، م، س: يابيـبـہ ب: باسہ، ڪ: بابيـہ، ح: بنبہ. (ن-ب)
(3) -(3)  هي عبارت فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار غالباً پ ۽ ب تي آهي. ن ۾ به اها عبارت انهيءَ طرح آهي.
(4) – (4)  اصل ۾: ڪڪسہ
(1) -(1)  هي عنوان ر، م مطابق آهي ۽ پ، ب، ن ۾ موجود ڪونهي. ر ۾ هي عنوان هن طرح آهي ”فتح کردن ککسه و اَمدن سيلائج بن محمد بن قاسم.“ عنوان بعد عبارت هن طرح شروع ٿئي ٿي: ”سيلائج عمزاده داهر بود و در جنگ داهر چچ بود-الخ“- سواءِ پ، ن، ب جي ٻين نسخن ۾ به انهيءَ طرح آهي. (ن-ب)
(1)-(1)  اصل ۾ ”سکہ ملتان“. وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه، ص ]236[
(2)  ر، م: عکسلنده، ن، ب، ح، س، ڪ: علکنده، پ: عد کيده
(3)  نسخن جي مختلف پڙهڻين جي بناءَ تي فارسي ڇاپي ۾ ”رانده بن عميرهِ الطائي“ پڙهڻي قائم ڪئي ويئي آهي. مگر صحيح نالو ”زائدهِ بن عمير الطائي“ آهي، جيئن ته بلاذري (فتوح، ص 439) محمد بن قاسم جي ملتان واري فتح جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”قطع (محمد) نهر بياس الي الملتان، فقاتلـہ اهل الملتان، فابلي زائدهِ بن عمير الطائي.“ (ن- ب)
(1) -(1)  ترجمو فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جي عبارت ”سيهرا اسکلنده“ آهي جنهن ۾ ترڪيب اضافي سمايل آهي. مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن. ر، م: سهيرا سکلنده، ن، ب س: سيهرا عدکنده، پ: سيهرا عيدکننده. (ن- ب)
(2)  ر: عتبہ بن مسلمـہ تميمي.
(3)  -(3) اصل فارسي عبارت ”سکـہ ملتان“. وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ص ]237-236[ (ن-ب)
(4) -(4)  فارسي ڇاپي ۾ هنن ٻن  جاين تي ”بچهرا طاکي“ ۽ ”بچهرا“ پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن، مگر ان بعد هيٺ ”بجهرا“ پڙهڻي ڏني ويئي آهي، جنهن مان ٿئي ٿو پ ۽ م نسخن ۾ (جن تي فارسي ايڊيشن جو مدار آهي) ”بچهرا“، توڙي ”بجهرا“ ٻئي پڙهڻيون آهن. ٻين نسخن مان ر جي پڙهڻي “بچهرا“ ن جي ”بجيّهرا“ يا ”بجهيرا“، ب جي ”بجهيرا“ س ڪ جي ”بجهرا“ آهي، لهــٰــذا بجهرا، بچهرا، بجيهرا يا بجيهرا مان ڪابه پڙهڻي اختيار ڪري سگهجي ٿي، اسان ترجمي ۾ ”بجهرا“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي. (ن-ب)
(1)  ر، م: بيست و پنج (پنجويهه ڄڻا).
(2)  ن، ب: بجهيرا، س، ڪ، م: بجهرا.
(3) -(3)  اصل ۾ ”ڪندا راي ملتان“: فارسي ڇاپي ۾ پڻ اها اختيار ڪيل پڙهڻي آهي. پ، ب، ڪ: کذاراي، م: کذاري، گذري، ن: کذاراي، ر: کذاري، ح: گذا راي، س: گذا راي. کند راي انهن پڙهڻين ۾ ”کذا راي“ عام پڙهڻي نظر اچي ٿي جا غالباً ”کندا راي“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. انهيءَ ڪري اسان فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”کندا راي“ کي ترجيح ڏني آهي. (ن- ب)
(4) يعني سج لهي اونداهي ٿي. (مترجم)
(1)  يعني سج لهي اونداهي ٿي. (مترجم)
(2)  غدرڪ = جنگ جو هڪ اوزار (Staingass)  A warlike instrument
(3)  ن ب ۾ ”کراسيد“، باقي نسخن ۾ کورسيہ“. فارسي ڇاپي ۾ پوئين پڙهڻي اختيار ڪيل آهي ۽ اسان به ان کي ترجيح ڏني آهي، مگر ”کورسيہ“ جي بدلي ”ڪورسينہ“  (گهور شينهن؟) ڪري لکيو آهي. (ن-ب)
(4) -(4)  پ، ر، م، س، ڪ: شاه کشمير، ن، ب: راي کشمير.
)1) پ: جسوبن، س: جوبن، ح: جوبن، ن ب: جسوبن، ر م: جسور. انهن مختلف پڙهڻين ۾ صحيح جو پتو لڳائڻ مشڪل آهي. جيڪڏهن پ جي پڙهڻيءَ کي ”جوبن“ جي غلط صورت قرار ڏجي ته پوءِ س ح ن ب ۾ به ”جوبن“ لفظ جي غلط صورتخطي نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ن ب جي پڙهڻي صحيح قرار ڏجي ته پڻ پ س ح جي پڙهڻين ۾ انهيءَ لفظ جي غلط صورتخطي نظر اچي ٿي. ر م جي پڙهڻي انهن ٻنهي صورتن کان الڳ آهي. انهيءَ لحاظ سان جوبن، جسوين ۽ جسور مان ڪابه پڙهڻي اختيار ڪري سگهجي ٿي. اسان پ جي بنياد تي ”جوبن“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]239[. (ن-ب).
(1) – (1)  هي جملو ن ب ڪ ۾ ڏنل ڪونهي.(ن-ب)
(2)  جملي نسخن ۾ هي عنوان جدا طور ڏنل ڪونهي، مگر هيٺين سٽ جي شروع ۾ ننڍي عنوان طور ڏنگين ۾ ڏنل آهي. فارسي ڇاپي جي عبارت مطابق هن طرح آهي: (مستروي) مصنفان احاديث روايان اقاويل چنان روايت کرده اند – الخ. لفظ ”مستروي“، ر م ن ب ڪ س نسخن جي پڙهڻي مطابق آهي، مگر قديم نسخي پ جي پڙهڻي هن جاءِ تي ”متروي“ آهي. مٿي ص ]37[ تي به هي نالو اچي چڪو آهي ۽ اتي پ جي پڙهڻي ”منروي“ جا متن ۾ پڻ رکي وئي آهي. انهيءَ ڪري هن صفحي تي به پ جي پڙهڻي ساڳئي لفظ ”منروي“ جي بگڙيل صورت آهي. صحيح لفظ به ”منروي“ آهي جو ملتان واري بتخاني يا مندر جو نالو هو. وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]239[.(ن-ب)
(1)  بتبان= بت بان يعني بت جو راکو يا نگهبان.(مترجم)
(2)  ر: جيوين، م:جيبوين يا جيسبوتن، پ: جسوير، ن ب: جسوين. اختيار ڪيل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص 356 ۽ پڻ آخر ۾ حاشيه ص ]249[. (ن-ب)
(1) – (1)  هيءُ انگ فارسي ڇاپي ۾ ڏنل عبارت ”صد و بيست هزار“ مطابق آهي جا شايد پ جي عبارت آهي. ر م ن س: صد هزار و بيست من بيست هزار، ب: صد هزار و بيست من هزار، ڪ: صد هزار و بيست و بيست هزار.
(2)  ر ن: برمهپور. (ن-ب)
(3)  ر ن: جيلم.
(4) هي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي. پ: سور برا، ر م: سوبور، ن ب ح: سوربرر، ڪ: سوربدر. فارسي عبارت.”در حـصار برهمپور بر ساحل آب جهليم کہ سو پور خوانند“. ۾ به اشتباه آهي، آيا سوپور جو ضمير ”کہ“ برهمپور يا جهيلم سان لاڳو آهي؟ (ن-ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ خزيمة آهي مگر پ س جي پڙهڻي ”جريمـہ“ ۽ ر ن جي پڙهڻي ”خريمہ“ آهي.
(2)  پ ر م ن ب ڪ: اجتهاد و کرور. مٿي 23 ۽ 51 صفحن تي هنن شهرن جي نالن جي پڙهڻي متفقه طور ”اشهار و کرور“ آهي ۽ هت به اهائي پڙهڻي قائم رکي وئي آهي. (ن-ب)
(3) – (6)  جملي نسخن ۾ ”ابوحليم“، اسان فارسي ڇاپي جي فاضل ايڊيٽر جي گماني پڙهڻي ”ابو حکيم“ قائم رکي آهي. (ن-ب)
(4) هيءَ پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جا غالباً پ جي پڙهڻي آهي. ر م ن: پنج ناهيات. (ن-ب)
(1) – (1)  پ ن ب س ڪ: اوردهاپر، ر م: اود هافر. هيءَ پڙهڻي فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”اودهاپر“ مطابق آهي. (ن-ب)
(2) – (2)  فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وفرستادن با حکيم مرزيد ]رابراي هرچندر[.“  هن فقره ۾ ”مرزيد-الخ“ قياسي پڙهڻي آهي، جنهن جي بدران پ ن ۾ ”مرزلل“ ۽ ر م ب س ڪ ح ۾ ”مرزيل“ آهي ”باحکيم“ (يعني ابو حکيم) جي بدلي، هن جاءِ تي توڙي هيٺ، سڀني نسخن ۾ ”باحليم“ آهي. (ن- ب)
(3)  ”جهتل“ پڙهڻي فارسي ڇاپي ۾ قائم ڪيل آهي جا غالباً م مطابق آهي. هن جاءِ تي پ ن ب ح ڪ: جي متفق پڙهڻي ”جهشل راي“ آهي، ۽ ر جي ”چهتل“. جيئن ته هن جاءِ تي قديم پ جي پڙهڻي به ”جهشل“ آهي، انهيءَ ڪري، نسخن جي لحاظ سان، ”جهتل“ ۽ ”جهشل“ ٻئي پڙهڻيون هڪ جهڙيون وزندار آهن. (ن-ب)
(4) ن ب ح س ڪ: جهشل، ر: چهتل.(ن-ب)
 

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :35
 

قنوج جي راءُ هر چندر جو جواب

راءُ هـرچـنـدر جـواب ڏنـو ته: ”اٽڪـل هڪ هزار ڇهه سؤ سالن کان هيءُ ملڪ اسان جي قبضي، انتظام ۽ حڪمراني هيٺ آهي. ڪنهن به مخالف کي اسان جي حدن کي لتاڙڻ ، يا اسان سان جهڳڙي ڪرڻ ۽ اسان جي بادشاهيءَ ۾ مداخلت ۽ قبضي جي طاقت نه ٿي آهي. اسان کي توهان جي ڪهڙي پرواهه آهي جو هن قسم جا گفتا ۽ ناممڪن خيال دل ۾ آڻي رهيا آهيو! جيڪڏهن قاصد کي قيد يا بند ڪرڻ جائز هجي ها ته هن گفتگو ۽ ناممڪن دعويٰ تي اهڙو حڪم ڪيو وڃي ها، جيئن ٻين مخالفن ۽ سردارن لاءِ نصيحت ٿئي ها. هاڻي تون موٽي وڃ ۽ وڃي پنهنجي امير کي چئو ته هڪٻئي جي قوت ۽ شان شوڪت جي اندازي لڳائڻ لاءِ هڪٻئي سان مقابلو ڪرڻ ضروري آهي، جيئن يا ته توهان جي هيبت اسان تي ويهي وڃي، يا اسان جو غلبو توهان تي ٿئي. ]242[ ٻنهي ڌرين جي لڙائي ۽ بهادريءَ ۾ همت جي مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ ئي صلح يا جنگ جو فيصلو ٿيندو.“

جڏهن راجا هرچندر جو پيغام محمد بن قاسم کي پهتو ته وڏيرن، مکيه ماڻهن، اميرن، سپهه سالارن، سولجرن، بهادرن ۽ نائبن کي سڏي چيائين: ”هن وقت تائين هندستان جي راجائن کي الله تعاليٰ جي فضل ۽ آسماني مدد سان مغلوب ۽ خوار خراب ڪيو ويو آهي. اڄ جڏهن هن هٺيلي لعنتيءَ جي سامهون ٿيا آهيون، جنهن کي پنهنجي لشڪر ۽ هاٿين تي غرور آهي، تڏهن الله تعاليٰ جي مدد تي ڀروسو رکي اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هن کي برباد ڪري فتحمند ۽ ڪامياب ٿيون.“  ]اهو ٻڌي[ سڀئي راجا هرچندر جي خلاف لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا، ۽ بيعت ڪري انهيءَ لڙائي ۽ جنگ تي هڪٻئي کي ترغيب ڏيارڻ لڳا.

محمد بن قاسم کي دارالخلافت جو پروانو پهچڻ(1)

ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) رات جي پردي مان ظاهر ٿيو، تڏهن هڪ شتر سوار دارالخلافت جو پروانو کڻي پهتو(2) . محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني(2)، هن طرح روايت ڪئي آهي ته: راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت سندس حرمسراءِ مان هن جون ٻه ڪنواريون ڌيئرون گرفتار ٿي آيون هيون، جي محمد بن قاسم حبشي غلامن هٿان بغداد ڏانهن دارالخلافت جي درگاهه ۾ موڪلي ڏنيون هيون.  وقت جي خليفي غمخواريءَ خاطر کين حرمسراءِ جي حوالي ڪيو، ته ٻه ٽي ڏينهن آرام وٺي خلوت جي لائق ٿين. ڪن ڏينهن کان پوءِ سندن ياد خليفي جي مبارڪ دل تي آئي، ۽ رات جو ٻنهيءَ کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. خيلفي وليد بن عبدالملڪ ترجمان کان پڇيو ته: معلوم ڪر ته هنن مان وڏي ڪير آهي ته انهيءَ کي روڪيو وڃي ۽ سندس ٻيءَ ڀيڻ کي ڪنهن ٻئي وقت گهرايو وڃي. ترجمان خدمتگار پهريائين ته انهن کان نالا پڇيا. وڏيءَ چيو ته: ]243[ منهنجو نالو ”سرياديو“ آهي. وڏيءَ کي گهرائي ننڍيءَ ڏانهن اشارو ڪيائين ته هن کي وڃي سنڀاليو. جيئن هن کي ويهاري، منهن کولي، خليفي ڏانهس نهاريو ته سندس ڪمال ۽ جمال تي چريو ٿي پيو، ۽ سندس خونخوار ناز و ادا هن جي دل کان صبر کسي ورتو. ”سرياديو“ کي هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين ته ”سرياديو“ اٿي کڙي ٿي ۽  چيائين: ”بادشاهه سلامت رهي! آءٌ غلام بادشاهه جي خلوت جي لائق نٿي ٿي سگهان، ڇاڪاڻ ته امير عادل عمادالدين محمد بن قاسم اسان کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکي پوءِ دارالخلافت جي خدمت ۾ موڪليو آهي. شايد توهان جو دستور ائين آهي؟ بادشاهن لاءِ هيءَ خواري جائز نه آهي.” خليفي تي انهيءَ وقت عشق مڪمل طور غالب ٿي چڪو هو، ۽ صبر جي مهار سندس هٿ مان نڪري چڪي هئي، ]تنهن ڪري[ انهيءَ غيرت کان کيس تحقيق ۽ جاچ جوچ جي طاقت نه رهي. ۽ هڪدم ڪاغذ ۽ قلم گهرائي پنهنجي هٿ سان پروانو لکيائين ته: “محمد بن قاسم جتي به پهتو هجي ته کيس گهرجي ته پاڻ کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري دارالخلافت ڏانهن واپس ٿئي.“

محمد بن قاسم جو اوڌاپر(1) ۾ پهچڻ ۽ دارالخلافت جي پرواني جو وارد ٿيڻ

محمد بن قاسم کي جڏهن هيءُ فرمان اوڌاپر(1) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن سندس چوڻ تي کيس ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪري صندوق ۾ رکي واپس موٽيا. محمد بن قاسم جان خدا پاڪ جي حوالي ڪئي، ۽ امراءُ جن جاين تي مقرر ٿيل هئا. سي پنهنجين ولايتن تي مستقيم رهيا. هن کي صندوق ۾ بند ڪري، وقت جي خليفي جي خدمت ۾ حاضر ڪيائون. خاص دربان کي چيائون ته: وليد بن عبدالملڪ بن مروان کي اطلاع ڪر ته محمد بن قاسم ثقفي ]244[ کي وٺي آيا آهن. خليفي پڇيو ته: ”جيئرو آهي يا مئل؟“ چيائون: ”شال خليفي جي عمر دائمي عزت ۽ دائمي بقا ۾ هجي! جڏهن حڪم اوڌاپر(1) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن حڪم موجب پاڻ کي هڪدم ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪرايائين، ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ ساهه حق پاڪ جي حوالي ڪري دارالبقا ڏانهن رحلت ڪري ويو. اميرن ۽ بادشاهن کي جن جن جاين تي مقرر ڪيو هئائين، تن اهي ولايتون پنهنجي قبضي ۾ ڪري، منبرن تي خطبو دارالخلافت جي لقبن سان جاري رکيو آهي، ۽ پنهنجي حڪومت جي پيرويءَ ۾ وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“

خليفي جو صندوق کي کولڻ

پوءِ خليفي صندوق جو پڙ کولي، انهيءَ پرده نشين عورت کي حاضر ڪرايو، (ان وقت) (2) مورڙئي جي سائي ٽاري(2) سندس (خليفي جي) هٿ ۾ هئي، جا هن (محمد بن قاسم) جي ڏندن تي گهمائي پئي چيائين ته: ”اي راجا جون ڌيئرون! اسان جو حڪم پنهنجن ڪامورن تي اجهو هن طرح جاري آهي، انهيءَ لاءِ ته سڀئي منتظر ۽ تابعدار رهندا اچن. جيئن ئي قنوج ۾ اسان جو هيءُ حڪم کيس پهتو ته پنهنجي پياري جان اسان جي حڪم تي فدا ڪيائين.

ڏاهر جي ڌيءَ چڱيءَ جي خليفي وليد بن عبدالملڪ سان گفتگو

        اتي پرده نشين چڱيءَ منهن تان گهنڊ لاهي، زمين تي سر رکي چيو: ”شال خليفو گهڻن سالن تائين وڌندڙ بخت ۽ وڏي نظام سان باقي رهي! داناءُ بادشاهه تي لازم آهي ته جيڪي به دوست يا دشمن کان ٻڌي ]245[ سو عقل جي ڪسوٽيءَ تي دل جي صلاحڪار سان پرکي ۽ ڀيٽي ڏسي، جڏهن صحيح ۽ بنا شبهي ثابت ٿئي، تڏهن عدالت جي رستي تي حڪم فرمائي، ته جيئن خدائي غضب ۾ گرفتار ۽ انساني طعنن جو شڪار نه ٿئي. توهان جو حڪم برابر هلي ٿو، پر دل مبارڪ حڪمت ۽ سمجهه کان خالي آهي. پاڪدامنيءَ جي خيال کان محمد بن قاسم اسان جي لاءِ پيءُ ۽ ڀاءُ جي بجاءِ هو، سندس هٿ چراند اسان غلامن تي ڪابه ڪانه هئي. پر جنهن صورت ۾ هند ۽ سنڌ جي بادشاهه کي برباد ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن جي بادشاهي ويران ۽ ضايع ڪيائين، ۽ اسان بندن کي بادشاهيءَ تان (ڪيرائي) غلاميءَ جي درجي تي پهچايائين، تنهن ڪري انتقام خاطر کيس مناسب بدلي ڏيڻ لاءِ، ۽ سندس برباديءَ ۽ دفع ڪرڻ واسطي، خليفي جي خدمت ۾ ڪوڙ ظاهر ڪيوسين. اسان جو مطلب پورو ٿيو ۽ هن ڪوڙ ۽ ملاوت ذريعي اسان کي ههڙو انتقام حاصل ٿيو، ۽ خليفي قطعي حڪم جاري ڪيو. جيڪڏهن خليفي جو عقل شهوت جي پردي ۾ ڍڪجي نه وڃي ها، ۽ (پهريائين) جاچ ڪرڻ  واجب سمجهي ها، ته هن پشيماني ۽ ملامت سان نه ڀرجي ها. جيڪڏهن محمد بن قاسم کي به عقل ۽ حڪمت يا وري ڪري ها، ته باقي هڪ ڏينهن جي پنڌ تائين اڳتي وڌي اچي ها ۽ اتي پاڻ کي ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪرائي ها، جڏهن جاچ ٿئي ها ته آزاد ٿي وڃي ها، ۽ برباد نه ٿئي ها.“ خليفي کي ]هي ٻڌي[ افسوس ٿيو، ۽ نهايت افسوس وچان هٿ جي پٺيءَ کي چڪ وجهڻ لڳو.

چڱيءَ جي ٻيو ڀيرو گفتگو

پرده نشين چڱيءَ وري ٻيو دفعو زبان کولي خليفي ڏانهن نهاريو ته معلوم ڪيائين ته خليفي جي ڪاوڙ چوٽ چڙهيل آهي. (اتي) چيائين ته: ”بادشاهه وڏي غلطي ڪئي آهي، جو ٻن ٻانهين خاطر اهڙي ماڻهوءَ کي ]بـرباد ڪيائين[ جنهن اسان جهڙيون لکين پرده نشين قيد ڪيون، ]246[ هند ۽ سنڌ جي ستر بادشاهن کي تخت تان جنازي جي تختي تي ليٽايو. بتخانن جي بجاءِ مسجدون ۽ منبر اڏايا ۽ منارا ٺهرايا. جيڪڏهن هن کان ڪا ٿوري بي ادبي يا ڪا اڻوڻندڙ حرڪت ٿي به هئي، ته به هڪ مطلبي ماڻهوءَ جي چوڻ تي محمد بن قاسم کي برباد ڪرڻ نه گهربو هو.“ ]اتـي[ خليفي حڪم ڏنو، ۽ ٻنهي ڀينرن کي ڀت ۾ لنبي ڇڏيائون.

انهيءَ وقت کان اڄ تائين اسلام جو جهنڊو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سربلند ۽ ترقي پذير آهي. 

دعا

شال الله تعاليٰ، جـَـلـَـت قـُـدرتہَ و تَقـَـدَسـَـت اَسمائہ، اسلام جي گذريل بادشاهن کي رحمت ۾ ٻڏل رکي، ۽ وقت جي بادشاهن کي، جيڪي هن زماني جو قوام ۽ وقت جو نظام آهن، انساني دور جي ختم ٿيڻ تائين، ملڪ جي تخت تي دائم ۽ قائم رکي، ۽ سندن هيبت سان اسلام جي جهنڊي کي حادثن ۽ مصيبتن ۽ زماني جي اوچتين آفتن کان محفوظ رکي. بـِـعـَـونـِہَ وَتَوفـِـيقـہ.

(1)مخلص ڪتاب: مـِـنهاج الدِينِ وَالـمـُـلکِ، اَلحضرَهِ الصدرُ الاجَلۡ العـَـالـِـمُ  عـَـينَ الـمـُـلکَ(1)

پوءِ هيءُ ڪتاب، جنهن جو لقب ”مـِـنهاجُ الدينِ وَ المـُـلکِ الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين الملک“ آهي، جو هند ۽ سنڌ جي فتح بابت ۽ عرب جي عالمن ۽ ادب وارن حڪيمن جي تصنيف ]247[ ۽ فڪر جي صنعتن، فطرت جي عجائبات، عقل، فضيلت ۽ ضمير جي غرائبات سان سينگاريل آهي. جو دوست جي دلين جي حياتي ۽ انسانن خواه جنن لاءِ باغيچو آهي. عرب وارن جي دانائيءَ جي تعريف بيان جي حد کان ٻاهر ۽ لشڪر جي مردانگيءَ جي توصيف ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهي. تنهن جو بنياد حڪومت جي قاعدن جي بنياد رکڻ ۽ سياست جي ڳنڍين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن جي ضمن ۾ دين ۽ دولت جون نصيحتون آهن، ۽ جو ملڪ ۽ ملت جي طريقن جو ضامن آهي. جيتوڻيڪ عربي زبان ۽ حجازي لئي ۾ وڏو درجو هئس، ۽ عرب جي بادشاهن کي هن جي پڙهڻ ڏانهن نهايت توجه ۽ ان تي حد کان وڌيڪ فخر هو، پر جنهن صورت ۾ حجازي پردي ۾ (ڍڪيل) ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهن ڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو. ايران جي ڪنهن به سينگاريندڙ، نه هن فتحنامي جي ڪنوار کي سينگاريو هو، ۽ نڪي زبان جي سينگارخاني ۽ حڪمتن جي بـُـجڪي (بغچي) مان هن کي ڪو وڳو ڍڪايو هو. نه عقل جي خزاني مان ڪو زيور پهرايو هو، ۽ نه وري فصاحت جي ميدان ۽ بلاغت جي باغيچن مان  هن ميدان ۾ گهوڙو ڊوڙايو هو. پر جنهن صورت ۾ زماني جي سخت حادثن هن شڪسته ]حال مصنف[ ڏانهن ]رخ رکيو،[ ۽ زماني جون فوجون ۽ حادثن جون مصيبتون اچي سيني جي سفيني ۾ گڏ ٿيون، پريشانيءَ جا سڀ قسم موجود ۽ دلداريءَ جا دروازا بند ]ٿي چڪا [۽ قسمين قسمين خطرن ۽ ٺڳين جا اسباب ظاهر ]ٿيا[ ته انهيءَ حال سان هيءُ ڪتاب هن بنده جي اڻپوري ذهن پورو ڪيو- وَالحـَـمدُ لله رَب العـَـالـَـمـِـينِ] 248[

)1) هن عنوان کان وٺي ڪتاب جي آخر تائين، جملي احوال ڄڻ هڪ ڏند ڪٿا آهي. جنهن لاءِ ڪابه تاريخي سند موجود ڪانهي. (ن-ب)
(2) -(2)  هيءَ پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار غالباً پ تي آهي. ن، ر: محمد بن علي ابوالحسن همداني. م، ب، ح، س، ڪ ۾ به ”مدائني“ جي بدلي ”همداني“ آهي. (ن-ب)
(1) – (1)  پ، س: اودهاپور، ن: اردهاپور، ر، م: اود هافر.
(1)  ر، م: اودهاپور. ن: اودهاپر.
(2) – (2)  اصل عبارت: ”شاخ مورد سبز“. ”مورد“ جو لفظي ترجمو ”مورڙئو“ ڪيو ويو آهي. مورد هڪ چمڪندڙ پنن سان، سدا سائو، خوشبودار، ۽ اڇڙن گلن سان هڪ ٻوٽو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Myrtle ۽ يوناني ٻوليءَ ۾  Murtus چئجي ٿو. (ن-ب)
(1)-(1) ن ۾ هيءَ عبارت هوبهو ائين عنوان طور آيل آهي ۽ اسان به ان مطابق عنوان طور ڏني آهي، سواءِ ان جي ته اصل عبارت ۾ زيرون زبرون ڪين آهن، ۽ ”منهاج الدين“ جي بدران ”سماءُ الدين“ آهي. ٻين جملي نسخن ۾ به ”منهاج الدين“ جي بدران ”سماءُ الدين“ آهي (ڏسو فارسي ڇاپو ص 247): مگر جيئن ته هيٺ ٻيهر ڪتاب جي ڏنل نالي ۾ ”منهاج الدين“ آهي، انهيءَ ڪري اسان به عنوان ۾ ”سماءُ الدين“ جي بدران ”منهاج الدين“ رکيو آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]247[. (ن-ب)

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :36
 

اشارا ۽ واڌارا*

 [6]/8قباجـة السلاطين: يعني ناصر الدين قباچه. لفظ ”قباچه“ فارسي زبان ۾ ”قبا“ جي تصغير آهي، يعني ننڍڙي قبا يا ڪـُـڙتـڙو. پر غالباً هيءُ لفظ ترڪي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڏو ۽ عاليشان“. انهيءَ لحاظ سان “قباجة السلاطين“ جي معنيٰ ٿيندي ”وڏي ۾ وڏو بادشاهه“. ناصر الدين قباچه جي وڌيڪ حالات لاءِ ڏسو ”طبقات ناصري“ ص ص 142، 144، 172، 174 (ع.م)

[6]/53 سلطان ابوالمظفر محمد بن سام: يعني سلطان معزالدين محمد بن سام غوري، جو هندستان جي تاريخ ۾ شهاب الدين غوري (599- 602هه) جي نالي سان مشهور آهي (ع.م)

[7]/54 قيم اميرالمؤمنين ابوالفتح قباجة السلاطين: يعني ناصرالدين قباچه، جنهن کي انهن لقبن سان لکيو ويو آهي. عوفي پڻ قاضي تنوخي جي ”ڪتاب الفرج بعد الشدة“ جي سندس ڪيل فارسي ترجمي جي مهاڳ ۾ ناصرالدين قباچه کي ”ابوالفتح قباجة السلاطين قسيم اميرالمؤمنين“ جي القاب سان لکيو آهي- ڏسو مقدمة جوامع الحڪايات، مطبوعه لنڊن 1939ع، صفحه 15. (ن – ب) – غوري بادشاهه ”قسيم اميرالمؤمنين“ جي لقب سان سڏبا هئا. ۽ پڻ غوري غلامن کي، جن ڪئين سال هندستان تي حڪومت ڪئي، هن لقب سان سڏيندا هئا. جيئن ته ناصرالدين قباچه، سلطان معزالدين محمد بن سام غوري جي غلامن مان هو، ۽ پڻ سلطان قطب الدين ايبڪ جون ٻه نياڻيون هڪٻئي پويان نڪاح ۾ آنديون هئائين، تنهن ڪري فتحنامي جي مصنف کيس انهيءَ لقب سان لکيو آهي. غوري بادشاهن کي هي لقب ڇو ڏنو ويو؟ تنهن لاءِ ڏسو ”طبقات ناصري“ ص ص. 37-38.(ع.م)

[9]/56  اميرعماد الدولة والدين: فتحنامي ۾ هن صفحي توڙي ]3[،]106[،]141[،]163[ ۽ ]244[ صفحن تي محمد بن قاسم کي”مادالدين“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو جو ظاهراً فتحنامي جي فارسي مترجم علي ڪوفي طرفان اضافو آهي، جنهن کي فرشتـہ (برگس،4×4.3) پڻ استعمال ڪيو آهي. فارسي مترجم ٻيءَ جاءِ تي ]فتحنامي ص 127[ محمد بن قاسم کي ”ڪريم الدين“ جي لقب سان سڏي ٿو. مترجم جي وقت ۾ اهڙن لقبن جو عام رواج هو. جنهن کان متاثر ٿي هن محمد بن قاسم جي لاءِ پڻ اهي لقب پنهنجي طرفان استعمال ڪيا. درحقيقت محمد بن قاسم واري زماني (پهرين صدي هجري جي آخر) ۾ اهڙا لقب ناپيد هئا، ۽ ڪنهن به عربي تاريخ ۾ محمد بن قاسم لاءِ اهڙا لقب استعمال ڪيل نه آهن. البت محمد بن قاسم جو، عربي رواج موجب، هڪ خاص ڪـُـنيه ”اَبواَلبهار“ هو. عربي لغت ”تاج العروس“ جو مصنف، مشهور عرب عالم مرزباني جي حوالي سان لکي ٿو ته: محمد بن قاسم کي ”بهار“ نالي هڪ ٻوٽي سان خاص انس هو. جنهن ڪري ”ابوالبهار“ (بهار جو پيءُ) جي ڪـُـنيه سان سڏجڻ لڳو. تاج جومصنف، الجوهري جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”بهار“ هڪ ٻوٽو آهي جو بهار جي موسم ۾ اڀرندو آهي، جنهن کي عرب العرار، العرارة عـَـينَ البقر توڙي بـَـهارالبـَـر جي نالن سان سڏيندا آهن، ا.هه. محمد بن قاسم جي ڪنيه متعلق تاج العروس جو هي حوالو نهايت ناياب ۽ قيمتي آهي، جنهن جي بنياد تي فارسي مترجم جي ايجاد ڪيل لقبن ”عمادالدين“ ۽ ”ڪريم الدين“ جي لقبن جي ترديد ٿئي ٿي، ۽ محقق مؤرخن لاءِ محمد بن قاسم جي سڄي نالي ”ابوالبهار محمد بن قاسم الثقفي“ جي تصديق. (ن-ب)

        [9]/57 اروڙ: اسان متن ۾ صفحي جي حاشيه تي ڄاڻائي چڪا آهيون ته فتحنامي جي نسبتاً قديم نسخي پ جي پڙهڻي ”ارور“ آهي باقي ٻين جملي نسخن جي پڙهڻي ”الور“ آهي. بلا ذري (فتوح البلدان، مطبوعه يورپ ص ص 41-439، 445)، يعقوبي (مطبوعه يورپx2 346)، ابن لاثير (مطبوعه مصر ص ص 4×258، 282)، ابن حوقل (مطبوعه يورپ ص 230)، ياقوت ]معجم البلدان (الرور)[ وغيرهم عرب مؤرخن توڙي جاگرافيدانن هن شهر جو نالو ”الرور“ ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ شروع واري ”ال“ غالباً معرفـہ جي آهي. گمان غالب آهي ته اسلام کان اڳ هن مقام جو نالو ”رود“ هو جنهن جي معنيٰ آهي نهر يا درياءَ. ياقوت، حمزه اصفهاني جو قول نقل ڪندي لکي ٿو ته: سنڌونديءَ جو قديم ايراني نالو ”مهراڻ رود“ هو  ]معجم البلدان (مهران)[. جيئن ته هن مقام وٽ مهراڻ ڦٽي ٻه شاخون ٿي پيو انهيءَ ڪري درياءَ جي رخ جي اهميت جي لحاظ،يا شايد انهن ٻن شاخن مان اڀرندين شاخ جي نالي جي لحاظ سان هن مقام جو نالو ئي ”رود“ يا نهر پئجي ويو. محب الله بکري پنهنجي هڪ مختصر تاريخي تصنيف (قلمي) جي ٻئي باب ”در تفصيل امصار و بلاد و حصار و قصبات سنده و وجه تسمية و لغة آنها“ هيٺ لکي ٿو ته: هن شهر کي ڪسري نوشيروان جي دؤر ۾ هڪ تاجر نالي ”مهماس بن اروخ بن هيلاج ارمني“ آباد ڪيو. هيءَ روايت به هن شهر جي بنياد کي ايراني اقتدار واري دؤر سان وابسته ڪري ٿي ۽ انهيءَ لحاظ سان هن شهر جو ابتدائي فارسي الاصل نالو ”رود“ قدري قرين قياس نظر اچي ٿو. جو غالباً مقامي لهجي موجب ڦري ”رور“ ٿيو. عربن ان کي ”الرور“ سڏيو. جنهن جا مقامي لهجي جي لحاظ سان پوءِ ڦري ٻه اچار ٿيا: ”ارور“ (عربي اصول مطابق  ”ل“ جي حذف سان) ۽ ”الور“ (بيقاعدي، ”ل“ جي قائم رکڻ ۽ ”ر“ جي حذف سان). اهي ٻيئي اچار گهٽ وڌ ويندي هن پوئين وقت تائين رائج رهيا. تعجب آهي جو سنڌي مورخن مثلاً  مير معصوم، مير علي شير قانع وغيرها ”الور“ تلفظ اختيار ڪيو آهي، حالانڪ ”ارور“ نسبتاً زياده صحيح  آهي. محقق بيروني ڪتاب الهند (متن ص 100، انگريزي ترجموx 1 250) ۾ هن شهر جو نالو صاف طور ”ارور“ لکيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو به انهيءَ تلفظ جي مناسبت سان هن شهر کي ”اروڙ“ سڏين ٿا. هن قديم شهر جا آثار روهڙيءَ کان اٽڪل 3 ميل کن ڏکڻ – اوڀر طرف، اڀرندي ناري جي پراڻي پيٽ جي اولهه ۽ موجوده نئين واهه جي اتر طرف ٽڪر تي موجود آهن، جتي اڄ تائين ”اروڙ“ نالي ڳوٺ آباد آهي. ٽڪر جي هيٺان اتر – اولهه طرفان درياءَ جي قديم وهڪري وارو پيٽ صاف طور تي نظر اچي ٿو. هي شهر اسلام کان اڳ راءُ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دؤر کان وٺي ويندي عربن جي حڪومت جي اوائل دؤر ۾ تقريباً سن 125 هه تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو، جنهن بعد منصوره تختگاهه ٿيو. (ن-ب)

/57 ]9[ اسماعيل بن علي…. بن شيبان الثقفي: هتي ڇاپي ۾ غلطي ٿي آهي- سڄو صحيح نالو هن طرح سمجهڻ گهرجي: ”اسماعيل بن علي بن محمد بن موسي بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان الثقفي.“ فقط پ جي پڙهڻي مطابق ئي ”يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان“ ٿيندو، مگر ٻين جملي نسخن ۾ ”يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شيبان“ آهي. اسان پ جي پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ص ]235[ تي به پ توڙي ٻين سڀني نسخن جي متفق پڙهڻي ”يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان“ آهي. فارسي ايڊيشن ۾ پ جي پڙهڻي کي نظر انداز ڪري، ٻين نسخن جي پڙهڻي ”يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شيبان“ اختيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي ص ]235[ تي سڀني نسخن جي متفق پڙهڻيءَ سان مطابقت ڏيئي نٿي سگهجي. (ن-ب)

[9]/57 بکر: شهر بکر جو هيءُ حوالو تقريباً 613 هه جو آهي. جڏهن فتحنامي جومؤلف علي ڪوفي، عربي تاريخ جو مواد گڏ ڪرڻ لاءِ اُچ مان هلي اروڙ ۽ بکر ۾ آيو. ان  وقت تائين اتي جا امام عربن جي ثقفي خاندان مان هئا، جي غالباً محمد بن قاسم جي فتح وقت اتي سڪونت پذير ٿيا. جنهن جي معنيٰ اروڙ سان گڏ بکر جو قديم شهر به محمد بن قاسم جي وقت ۾ موجود هو. محمد بن قاسم جي فتحن جي سلسلي ۾، مؤرخ بلاذريءَ  (فـُـتوح البلدان، مطبوعه يورپ ص ص 440-441) پڻ ٻن شهرن ”الرور و بغرور“ جا نالا گڏوگڏ آندا آهن، جن مان مراد ”اروڙ ۽ بکر“ ئي سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)

[11]/58 شرف الملڪ رضي الدولة والدين: مٿي عبارت ظاهر آهي ته وزير شرف الملڪ رضي الدين، فتحنامي جي مؤلف علي ڪوفي جو مربي هو. هيٺ صفحي 16 تي ڄاڻايل آهي ته هو حضرت ابوموسيٰ الاشعري جي اولاد مان هو ۽ سندس پٽ وزير عين الملڪ جي ڏنل سڄي نالي مان ثابت آهي ته سندس نالو ابوبڪر هو. ”نـَـورالله مفجعہ و طيب ثراه“ جي دعائيه فقرن مان ظاهر آهي ته فتحنامي جي انتساب وقت (سن 613 هه) وزير شرف الملڪ فوت ٿي چڪو هو. (ن-ب)

شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر، ناصر الدين قباچه (602-625 هه) جو وزير هو. مصنف عوفي پنهنجي تاريخي ڪتاب ”لباب الالباب“ ۾ هيٺين رباعي سندس مدح ۾ قلمبند ڪئي آهي:

اي صدر بفر ملڪ عجم چون تو نيافت

شــہ صاحب فرخنده قدم چون تو نيافت

بـسـيـار بگشت روز و شب دست بدست

تيغ و قلم و عدل و کرم چون تو نيافت

                                                          (ع.م)

[12]/59 ملڪ جي ڌئل (چونڊيل….. حسين بن ابي بڪر الاشعري): اصل القاب (سنڌي ترجمي هيٺ آيل) سميت سڄو نالو هن طرح آهي: ”عين الملڪ فخر الدولة والدين، نظام الاقاليم، جلال الوزراء حسين بن ابي بڪر بن محمد الاشعري“. هيءُ وزير عين الملڪ فخرالدين حسين، مٿئين وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر جو پٽ آهي ۽ علي ڪوفي فتحنامي ڏانهنس منسوب ڪيو آهي. غالباً سندس والد وزير شرف الملڪ جي وفات بعد ئي عين الملڪ، ناصر الدين قباچه جو وزير بنيو. هو عالمن جو وڏو قدردان ۽ مربي هو، ۽ سندس هن وزارت جي دؤر ۾ ئي مصنف عوفي پنهنجو ڪتاب ”لباب الالباب“ سن 18-617/1222ع ڌاري شهر اُچ ۾ لکي، سندس نالي منسوب ڪيو- ڏسومقدمه جوامع الحڪايات، لنڊن، 1929ع، ص 12.(ن-ب) سن 625 هه ۾ جڏهن التمش جي وزير نظام الملڪ جنيدي اچي ناصرالدين قباچه کي سنڌ ۾ بکر جي قلعي اندر گهيريو، ۽ قباچه ذلت جي موت کان مهراڻ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي ختم ڪيو، تڏهن سندس باقي رهيل خدمتگار، جن مان وزير عين الملڪ، سندس ڀاءُ بهاوالدين حسن، ”لباب الالباب“ جو مصنف عوفي ۽ ”طبقات ناصري“ جو مصنف منهاج سراج به هئا، وڃي التمش جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. (ع.م)

ساڳئي سال (سن 625 هه) سلطان التمش پنهنجي شهزادي رڪن الدين فيروز کي بدايون جو گورنر مقرر ڪيو ۽ عين الملڪ کي پڻ نوازي هن شهزادي جو ديوان يا وزير مقرر ڪيو. ڏسو طبقات ناصري ص. 73-172 ۽ 82-181: ۽ تاريخ ايليٽ ڊائوسن، جلد 2، ص 325 ۽ 330.(هوڙي والا ص 80)

[15]/62 ديبل : ديبل جي قدامت متعلق فتحنامي جي هن حوالي مان گمان نڪري ٿو ته ديبل راءَ گهراڻي جي وقت (6 صدي عيسوي) ۾ موجود هو. ديبل متعلق پهريون تاريخي حوالو بلاذريءَ جي ”فتوح البلدان“ ۾ ملي ٿو، جنهن مطابق سن 15هه (37- 636 ع) ۾، حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي پنهنجي ڀائرن، مغيره ۽ حڪم جي هٿ هيٺ سمنڊ ذريعي هڪ مهم موڪلي، جنهن هندستان جي الهندي ڪناري جي ٽن بندرن ديبل، ڀروچ ۽ ٿاڻي تي فتحون حاصل ڪيون. ان بعد مسلم ڪمانڊرن عبيدالله بن بنهان ۽ بديل بن طهفة البجلي جي ديبل تي 711ع کان اڳ جي حملن، محمد بن قاسم جي 712ع ۾ ديبل جي فتح، ۽ سنڌ ۾ عرب حڪومت جي دؤر ۾ ديبل جا مسلسل حوالا ملن ٿا. عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن مان مسعودي (43 – 942 ع)، اصطخري (51- 950 ع) ابن حوقل (68 – 943ع)، ۽ آخر ۾ مقدسي (86 – 985ع) خود ديبل ۾ آيا ۽ پنهنجا اکين ڏٺا واقعا قلمبند ڪيائون. ان کان سواءِ، غالباً ٻڌل بيانن جي بنياد تي، ديبل متعلق هيٺيان حوالا ملن ٿا. سفرنامو مسعر بن مهلهل (43 – 942ع) ، حدودالعالم (قـِصنيف 982)، بيرونيءَ ڪتاب الهند (11 صدي عيسويءَ جو اوائل)، ادريسي (51 – 1150ع)، سمعاني (1229 – 1179ع)، ۽ ياقوت: معجم البلدان (28 – 1224ع). هندستان جي اسلامي تاريخ ۾ سلطان معزالدين محمد بن سام غوري جي فتح ديبل (83 – 1182ع) ۽ سلطان جلال الدين خوارزم شاهه جي فتح ديبل (1254ع) جا حوالا موجود آهن.

اهي جملي حوالا سنڌ جي انهيءَ ساڳئي قديم تاريخي بندر ديبل سان تعلق رکن ٿا، جنهن جو هن ڪتاب فتحنامي ۾ بار بار ذڪر آيو آهي ۽ جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو. انهيءَ ڪري تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪافي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته تقريباً 6 صدي عيسويءَ کان وٺي تقريباً 13 صديءَ جي نصف (1253ع) تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ قائم رهيو(1). گمان غالب آهي ته ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽٽو. تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽ حفاظت  به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌونديءَ جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦير گهير سبب، خود نديءَ جي هڪ شاخ تي هڪ نئين بندر لاءِ سهوليت پيدا ٿي، جنهن تي ”لوهاراني“ نالو پيو. يارهين صديءَ جي شروع ڌاري محقق  بيروني ديبل سان گڏ هن ٻئي بندر ”لوهاراني“ جو ذڪر ڪيو آهي. غالباً هن نئين بندر جي سهوليت، ديبل جي اهميت کي آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻن سؤ سالن اندر ديبل بالڪل ئي ڦٽي ويو. تنهن ڪري سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه، سنڌوندي رستي هيٺ سمنڊ طرف ويو ته اتي ”لاهري بندر“ کي ئي اوج تي ڏٺائين. البت هن نئين بندر کان 6-7 ميل پري، هن هڪ ڦٽل شهر جا آثار پڻ ڏٺا، جي شايد جهوني ديبل جا هئا.

بهر حال ديبل بندر تقريباً ڇهه سؤ ورهيه سنڌ جو هڪ مکيه بندر ٿي رهيو ۽ هن عرصي واري سنڌ جي سياسي خواه اقتصادي تاريخ ڄڻ ديبل سان وابسته هئي. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ ديبل بندر ڦٽي ويو، مگر سنڌ وارن ان جي جاءِ نشين بندر کي وري به ديبل سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سؤ سالن جي عرصي ۾ ”بندر“ ۽ نالو ”ديبل“ لازم ملزوم جو بنجي چڪا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي، 160 صدي عيسوي ۾ پورچو گيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي “لاهري بندر، دِيـُـوئل ۽ سنڌي دِيـُـوئلسند“ ڪري لکيو آهي، ۽ ان بعد انگريزن به ان کي ”سٽي ديوئل“ خواه ”لاڙي بندر“ ڪري سڏيو(1): ساڳئي وقت ٺٽي به هڪ دريائي بندر جي اهميت حاصل ڪئي ۽ ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو. تنهن ڪري ابوالفضل ”اَئين اڪبري“ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي، ۽ ساڳئي وقت مير معصوم لکي ٿو ته سندس وقت ۾ لاهري بندر توڙي ٺٽي، ٻنهيءَ کي ”ديول بندر“ چيو وڃي ٿو (تاريخ معصومي فارسي ص 6). جيئن ته آڳاٽي وقت کان لاهري بندر تي به ديبل جو نالو پئجي چڪو هو، انهيءَ ڪري اسان جي پوئين مؤرخ مير علي شير قانع لاهري بندر کي ”پراڻو ديبل“ ڪري ڀانيو (تحفة الڪرام 3x 54  – 253). ساڳيءَ طرح پير پٺو، جو بگهاڙ شاخ جو هڪ بندر هو، تنهن کي به مقامي طرح ديبل سڏيو ويو، جيئن ته مير علي شير، تحفة الڪرام (3×247-252) ۾ اتي دفن ٿيل بزرگ شيخ حسين عرف پير پٺي کي ”ييلي“ ڪري لکيو آهي.

مٿئين  وضاحت مان معلوم ٿي چڪو ته جيتوڻيڪ اصل ”ديبل“ جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو، سو زماني جي انقلاب سبب ڦٽي ويو،تاهم يادگار طور ان جو نالو هلندو آيو ۽ بعد ۾ لوهاراني يا لاهري لاهوري بندر ۽  توڙي ٺٽو، ٻيئي ديبل سڏجڻ لڳا. انهيءَ ڪري انهن ٻنهيءَ مان ڪنهن به هڪ کي اصلي قديم ديبل بندر سمجهڻ غلط ٿيندو. محقق بيروني، جنهن پهريائين پهريائين لوهاراني بندر جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن صاف لکيو آهي ته ديبل هڪ ساحلي بندر هو ۽ لوهاراني ان کان جدا اڀرندي ڏانهن سنڌونديءَ جي هڪ شاخ جو بندر هو (ڪتاب الهند، عربي متن، ص 102). ٺٽي جو ته بنياد ئي گهڻو پوءِ، سومرن جي حڪومت جي بالڪل آخر ۽ سمن جي اوائلي دؤر ۾ تقريباً 37- 1333ع ڌاري پيو. انهيءَ ڪري پاٽنجر ۽ ڪنيگهام جو لاهوري بندر کي اصلي ديبل بندر سمجهڻ، يا رچرڊ برٽش، ڪئپٽن مڪمرڊو، دَلا روشي، رينيل، ڊبليو هئملٽن، (توڙي پاٽنجر ۽ برنس جو سندن ٻيءَ راءِ موجب) ۽ آخر ۾ هينري ڪزنس جو ٺٽي کي قديم ديبل سان متعين ڪرڻ ظاهراً غلط آهي. ايليٽ، ڪراچي کي ديبل ٺهرائي ٿو، جو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته سن 1725ع کان اڳ ڪراچي جو وجود ئي ڪونه هو ۽ بندر طور ڪراچي پهريائين سن 1729ع ۾ استعمال ٿي. ميجر راوَرٽي، عرب مؤرخن ۽ جاگرافيدانن جي حوالن کي نظر انداز ڪري، محض ڪئپٽن نيو پورٽ جي بيان (سن 1666ع) جي آڌار تي (جنهن ۾ پير پٺي کي ”ديوئل“ سڏيو ويو آهي) پير پٺي کي ديبل قرار ڏئي ٿو. اسان اڳ چئي آيا آهيون ته ديبل جي زوال بعد جهڙيءَ طرح لاهريءَ بندر ۽ ٺٽي کي ديبل سڏيو ويو، اهڙيءَ طرح پير پٺي کي به ديبل سڏيو ويو.

ديبل جي جڳهه متعين ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان وقت جي عرب مؤرخن ۽ جاگرافيدانن جي بيانن مان ڪن پڪن دليلن جو سهارو ورتو وڃي، ڇوته مشڪوڪ ۽ وضاحت طلب حوالا ڪنهن به خاطر خواه نتيجي تي نه پهچائيندا. مثلاَ عرب جاگرافيدانن ديبل جا طول ۽ عريض (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ) ڏنا آهن، مگر اهي خود وضاحت طلب آهن: اول ته هر هڪ مصنف طول ۽ عريض جا مختلف درجا ڏنا آهن، ۽ ٻيو ته يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هنن مان هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ ڪٿان ڳڻڻ شروع ڪيو آهي.  ساڳيءَ طرح عرب جاگرافي نويس ديبل جا مفاصلا ڏنا آهن، پر اهي به جملي وضاحت طلب آهن: اول ته جن شهرن کان ديبل  جا مفاصلا  ڏنا اٿن، خود انهن شهرن جون جڳهيون معلوم نه آهن، ۽ ٻيو ته اهي مفاصلا ڏينهن جي پنڌن، يا منزلن ۽ مرحلن جي عدد، يا فرسخن  ۽ ميلن ۾ ڏنل آهن. مگر ڪيئن چئي سگهجي ته هڪ ڏينهن جي پنڌ مان ڇا مراد آهي، يا هڪ منزل يا مرحلي جو ڪيترو مفاصلو سمجهڻ گهرجي، يا ان وقت جو فرسخ يا ميل ۾ ڪيترو مفاصلو قرار ڏجي. انهن مشڪوڪ اندازن جو نتيجو آهي جو ٻن محققن، ايليٽ ۽ هيگ، ٻنهي ديبل کي متعين ڪرڻ لاءِ پنهنجي دليلن جو مدار عرب مصنفن جي ڏنل مفاصلن تي رکيو آهي. مگر تنهن هوندي به ايليٽ ڪراچي کي ديبل ٺهرايو آهي ته هيگ وري ڪراچي کان اٽڪل 50 ميل اوڀر ڏکڻ طرف، ڪڪڙ بڪيرا يا بيگ ڇڳيو (ٺٽي کان ويهه ميل کن ڏکڻ – اولهه) جي ڦٽل دڙن کي ديبل قرار ڏنو آهي.

اسان جي خيال ۾ ديبل جي ماڳ کي متعين ڪرڻ ۾، اصولي سوال هيءُ آهي ته آيا ديبل خود مهراڻ جي ڪناري تي، يا ان جي ڪنهن شاخ جي ڪپ تي، يا سمنڊ جي ساحل تي، يا سمنڊ جي ڪنهن کاريءَ جي ڪنڌيءَ تي هو؟ ان سلسلي ۾ هيٺيان حوالا غور طلب آهن: بقول ابن خردازبه، ديبل مهراڻ جي ڪناري تي نه هو بلڪ مهراڻ جي ڇوڙ کان ٻه فرسنگ پري هو. اصطخري صاف طور ڄاڻائي ٿو ته، ديبل مهراڻ کان اولهه طرف سمنڊ تي هو. مسعودي چوي ٿو ته مهراڻ جو ڇوڙ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي پري هو. ابن حوقل لکي ٿو ته، ديبل جو شهر مهراڻ کان اولهه طرف سمنڊ تي هو. بقول مقدسي، ديبل هڪ ساحلي شهر هو. ياقوت، مسعر بن مهلهل جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته، ديبل سمنڊ جي ڪناري تي هو، بيروني جي تحقيق موجب، ديبل سامونڊي ساحل تي هو ۽ لوهاراني بندر ان کان اڀرندي طرف مهراڻ جي ڇوڙ وٽ هو. الخوارزمي (ڪتاب صورت الارض ۾) لکي ٿو ته ديبل سمنڊ تي هو، قلقشندي هڪ آڳاٽي ڪتاب ”اللباب“ جي حوالي سان لکي ٿو ته “تحقيق ديبل هندي سمنڊ جي ساحل تي آهي.“

        مٿين حوالن مان اصطخري، مسعودي، ابن حوقل ۽ مقدسي جا بيان اکين ڏٺا آهن. انهن بيانن مان هيٺيان پڪا پختا نتيجا نڪرن ٿا ته: (1) ديبل، مهراڻ يا ان جي ڪنهن به شاخ جي ڪناري تي ڪونه هو، (2) ديبل مهراڻ کان ڳچ  پنڌ پري الهندي طرف هو، ۽ (3) ديبل سامونڊي ساحل جوبندر هو. انهن يقيني نتيجن جي بنياد تي به ٺٽي، پيرپٺي يا لاهري بندر کي ديبل سمجهڻ غلط ٿيندو. ديبل کي لازمي طور مٿين مصنفن جي وقت واري مهراڻ جي ڇوڙ کان اولهه طرف سمنڊ جي ساحل تي تلاش ڪرڻ گهرجي.

 
*هيٺين صفحن ۾ ڪتاب جي ڪن خاص حوالن کي کولي سمجهايو ويو آهي ۽ ڪن مونجهارن کي سلجهايو ويو آهي. هر اشاري جي آڏو ڏنل شروع وارا انگ هن ترجمي جا صفحا ڏيکارين ٿا، ۽ چورس ڏنگين وارا عدد اصل فارسي ڇاپي جا صفحا ڏيکارين ٿا، جي ترجمي جي متن ۾ پڻ ٿلهن ڪارن انگن ذريعي ڏيکاريل آهن: شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فارسي ڇاپي تان ورتل وضاحتن پويان (ع.م) نشان ڏنو ويو آهي، هوڙي والا جي ڪتاب Studies in indo – Muslim History تان ورتل حاشيا سندس نالي منسوب ڪيا ويا آهن، ۽ هن ترجمي جي ايڊيٽر (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) جي ڏنل سمجهاڻين ۽ اضافن پويان (ن – ب) جو نشان قائم ڪيو ويو آهي.
(1)  سن 1951ع ۾، مجلس علميہ ڪراچي جي هڪ اجلاس ۾ ديبل جي محل وقوع جي موضوع تي بنده هڪ مقالو  پڙهيو هو. ان موقعي تي شمس العلما ءَ دائود پوٽي بندي جو ڌيان سيوطي جي ڪتاب ”تاريخ الخلفاءَ“ ۾ ديبل جي تباهي بابت هڪ حوالي ڏانهن ڇڪايو: جنهن موجب ديبل سن 280 هه ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. اسان انهيءَ حوالي کي مقالي ۾ درج ڪيو، مگر ان کي ضعيف ۽ غير معتبر قرار ڏنو ۽ ان تي تنقيد ڪئي (ڏسو ”ديبل جو ممڪن محل وقوع“ جي موضوع تي اسان جو انگريزي مقالو- مطبوعه ”اسلامڪ ڪلچر“ حيدرآباد دکن، ماهه جولاءِ 1952ع ، صفحو 37). ان بعد مزيد تحقيق مان معلوم ٿيو ته درحقيقت سيوطي جي ”تاريخ الخلفا ّ“ (مطبع منيريه، مصر، 1351 هه ) غالباً ڪنهن غلط قلمي نسخي تان ڇاپي وئي آهي، جنهن ۾ شهر ”ارديبل“ جي بدران  ”ديبل“ ڇپجي ويو آهي. انهيءَ جو پڪو دليل هيءُ آهي ته سيوطي، زلزلن تي هڪ خاص ڪتاب ”کشف الـصلـصلـه عن وصف الزلزله“ جي نالي سان لکيو، جنهن جو لب لباب. فاضل مستشرق اي- سپرينگر (A Sprenger) پنهنجي انگريزي ترجمي  ۾ ڏنو آهي. جو ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي جرنل. سال 1843ع ۾ (ص 49 – 741ع) ڇپجي چڪو آهي. هن ترجمي جي صفحي 743 تي صاف طور لکيل آهي ته سن 280 هجريءَ وارو زلزلو ارديبل ۾ آيو. انهيءَ ڪري ديبل سان هن حادثي جو ڪو به تعلق ڪونه آهي. (ن – ب)
(1)  تصديق لاءِ ڏسو هيگ (Haig) جو ڪتاب The Indus Delta Country” “، مطبوع لنڊن، 1894ع، ص 46، 64 ۽ 79.

سيڪشن؛ تاريخ
ڪتاب: چچ نامو
باب؛ —
صفحو :37
 

هاڻي سوال آهي ته انهيءَ عربي دؤر حڪومت واري عرصي ۾ مهراڻ جو ڇوڙ ڪٿي هو؟ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ خاطر خواه حوالو موجود آهي: محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو (1712ع) ۾، تڏهن پاڻ خشڪي رستي نيرون ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته منجنيقون وغيره جنگي سامان ٻيڙين ذريعي اچي. ”اهي ٻيڙيون پوءِ اتان هاڪاري انهيءَ پاڻيءَ رستي آندائون جنهن کي ”ساڪرونارو“ ٿي سڏيائون“ (فتحنامو ص 115). ساڪري واهڙ مان غالباً مراد قديم بگهياڙ ڦاٽ آهي، جو ساڪري جي پرڳڻي مان وهندو رهيو آهي. ان وقت اهو اڃان ننڍڙو واهڙ هو، جو غالباً ٽي سؤ سال پوءِ، يعني يارهين صديءَ جي اوائل ۾، ٻيو نمبر ننڍو دريا ِّ بنجي پيو. ڇوته ان وقت ئي محقق بيروني، سمنڊ وٽ سنڌونديءَ جي ٻن مکيه ڇوڙ وارين شاخن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ ”منهن صغريٰ“(ننڍو منهن) ۽ ٻيو اڳتي ڏکڻ – اڀرندي طرف ”منهن ڪبريٰ“ (وڏو منهن) ]ڪتاب الهند، عربي متن ص 102[. لوهاراني بندر انهيءَ ننڍي منهن تي هو، جنهن کي موجوده تحقيق موجب بگهياڙ تسليم ڪيو ويو آهي. عرب جاگرافي نويسن جا مهراڻ ۽ ديبل متعلق بيان، بيروني کان 50 – 60 سال اڳ واري عرصي جا آهن، جنهن وقت پڻ بگهياڙ، مهراڻ جي ٻئي نمبر مکيه ڇوڙ جي حيثيت ۾ يقيني طور موجود هوندو. ديبل، انهن جاگرافي نويسن ۽ سياحن جي اکين ڏٺي بيانن موجب مهراڻ جي ڇوڙ کان بهرحال پري اولهه طرف هو. انهيءَ ڪري، ديبل جي تلاش بگهياڙ جي پيٽ کان اولهه طرف سامونڊي ساحل تي ڪرڻ گهرجي.

بگهياڙ جو قديم پيٽ ميرپور ساڪري تعلقي ۾ نمايان طور موجود آهي، جو هيٺ ميرپور ساڪري ۽ ٻـُـهارن جي شهر وچان اولهه طرف هلي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 3 – 4 ميل اولهه طرف ور کائي ڏکڻ طرف وهي سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪافي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ديبل بگهياڙ جي انهيءَ قديم پيٽ کان اولهه طرف ساحل تي، ويندي ڪراچي تائين، ڪنهن جاءِ تي هو. ديبل جي تلاش ۽ تحقيق متعلق هيءُ نتيجو فيصلائتو سمجهڻ گهرجي.

هاڻي ڪراچي کان وٺي هيٺ ڏکڻ – اوڀر طرف بگهياڙ جي پراڻي پيٽ تائين، نيون يا قديم بستيون، جي بندر جي حيثيت رکي سگهن ٿيون، سي هيءَ آهن: ڪراچي، ڪلفٽن، گسري، واگهو در يا ابراهيم حيدري، ڀنڀور، رتو ڪوٽ، ماڙي مورڙو ۽ ٿنڀ واري مسجد، ڌاراجا ۽ جاکي بندر، ۽ راڻي جو ڪوٽ.

انهن مان ڪراچي، جيئن اڳي بيان ٿي چڪو آهي، سڀ کان آخر ۾ بندر گاهه بنيو ۽ 1725ع کان اڳ هن جاءِ تي ڪوبه بندر ڪونه هو. ساڳيءَ طرح ڪلفٽن ۽ گسري ٻيئي نيون آباد ٿيل بستيون آهن، جتي ڪي به خاص قديم آثار موجود ڪين آهن، البت ڪلفٽن تي عبدالله شاهه جي مزار آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جو خيال آهي ته بقول بلاذري (فتوح البلدان،طبع يورپ ص ص 36 – 35ع)، عبيدالله بن نبهان جنهن کي حجاج، بديل بن طهفت البجلي کان اڳ، ديبل تي چاڙهي موڪليو هو، اها مزار انهيءَ جي ئي آهي (ڏسو فتحنامو، فارسي ڇاپي، ص 255). حقيقت ۾ هيءُ دليل ايترو وزندار نه آهي، ڇاڪاڻ ته خود بلاذريءَ جي لکيي موجب، تقريباً خود سندس ڏينهن ڌاري (235 – 229 هه)، ديبل ۾ بديل بن طهفت جي قبر سا موجود هئي (فتوح، ص 438)۾ نه عبيدالله بن نبهان جي. ٻيو ته ڪلفٽن واري موجوده مزار عبدالله شاهه بخاري طرف منسوب آهي، ۽ سنڌ اندر بخاري سيدن جي آمد جو زمانو ڪافي پوءِ جو آهي.

واگهودر يا ابراهيم حيدري تي ڦٽل بستيءَ جا ڪجهه نشان موجود آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ديبل هجي. ڀنڀور يقيني طور هڪ قديم بستي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ديبل هجي.

رتو ڪوٽ، ابراهيم حيدري کان ڏکڻ – اوڀر طرف هاڻوڪي سامونڊي ايراضيءَ ۾ بيٺل هڪ قسم جو قلعو آهي جنهن جي سرن ۽ آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو پوئين زماني جو آهي.

ڀنڀور کان اٽڪل  10 – 11 ميل ڏکڻ – اولهه طرف، تعلقي ميرپور ساڪري جي ديهه کيراڻي واري سمنڊ جي پاڇي هيٺ آيل الهندي ايراضيءَ ۾ پڻ ڦٽل کنڊرات آهن، جنهن کي مقامي طور ”ماڙي مورڙو“ چون ٿا. شايد اهيئي آثار آهن، جن کي مسٽر ڪارٽر (Carter) ”ٿنڀ واري مسجد“ سڏيو آهي ۽ ديبل ڪري سمجهيو آهي (ڏسو هينري ڪزنس جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ص 27 – 126). 1944ع ۾ بندي راقم انهن آثارن جو معائنو ڪيو، مگر اتي جيڪي پٿر جون قبرون ۽ مقام آهي، اهو مڪلي جي قبرستان واري عرصي يا اڃا به پوءِ جو معلوم ٿئي ٿو. تقريباً ڏيڍ سؤ سال کن اڳ هي ايراضي آباد هئي، جا پوءِ کاري هيٺ اچي ويئي.  بهرحال هن ايراضيءَ ۾ به ديبل جو هئڻ قياس ويجهو آهي.

ڌاراجا، جاکي بندر ۽ راڻي جي ڪوٽ جا آثار، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 5-6 ميل کن اولهه طرف ۽ بگهياڙ جي قديم مجرا جي اتر – اولهه طرف آهن، جن جو اسان سن 1952ع ۾ معائنو ڪيو. راڻي جو ڪوٽ حقيقت ۾ راڻي ارجن جو ڪوٽ آهي، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي بجار جوکيي هٿان مارايو. ڪوٽ جي اولهه طرف راڻي جي پٽ ”علي بن ارجن“، جو اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ مسلمان ٿي وفات ڪيائين، جي قبر موجود آهي ۽ جيتري قدر بندي کي ياد آهي ته ان تي سن  1102 هه لکيل آهي، بهر حال اهو ڪوٽ پوئين زماني جو آهي.

جاکي بندر ۽ ڌاراجا بندر جا آثار دريا ِّ  جي هڪ قديم شاخ (ڦٽي پئٽياڻي؟) جي اڀرندين ڪنڌيءَ تي (راڻي ڪوٽ کان ميل کن اولهه طرف) موجود آهن. اهي ٻيئي مقامي نالا آهن، جنهن جو آڳاٽي تاريخ ۾ ڪوبه ذڪر ڪونهي. جاکي بندر ڏکڻ طرف ۽ ڌاراجا لڳو لڳ اتر طرف، انهن ٻن جدا نالن سان مگر غالباً هڪ ساڳي قديم بستي جا ڦٽل نشان آهن، ۽ گمان غالب آهي ته اهي آثار مشهور تاريخي بندر لاهري جا آهن. ڪئپٽن پوسٽنس (Postans) 1834ع کان 1845ع واري عرصي اندر لکندي چوي ٿو ته ”ڌاراجا اڳ ٺٽي (جي واپار) جو مکيه بندر ۽ هڪ مشهور شهر هو، مگر دريا ِّ  جي ڦير گهير سبب هن بندر جي اهميت هاڻي گهٽجي وئي آهي…. هن وقت ڌاراجا يا لاهري بندر جي بدران ڪراچيءَ کي ئي بندر طور استعمال ڪيو وڃي ٿو“(1)

مٿئين وضاحت جي بنياد تي واگهو در، ڀنڀور، ۽ ماڙي مورڙو – ٿنڀ واري مسجد مان ڪنهن به هڪ کي ديبل قرار ڏيئي سگهجي ٿو. انهن مان هر هڪ جڳهه تي محڪمه آثار قديمه طرفان پوري طرح کوٽائي ڪري وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ ڀنڀور کان وٺي ڌاراجا تائين سڄي سامونڊي پٽيءَ جي پڻ پوري تلاش ڪري باقي رهيل کنڊرات جو پتو لڳائڻو آهي. اهڙي مڪمل کوجنا بعد ئي ڪنهن يقيني نتيجي تي پهچي سگهبو. مگر تاريخي  روشني توڙي آثار قديمه جي هن وقت تائين ڪيل تحقيق جي بنياد  تي چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور جي کنڊرات جو ديبل هئڻ وڌيڪ ممڪن ۽ قياس ويجهو آهي. اسان جي هن نظريي جي تائيد ۾ هيٺيان دليل قابل غور آهن: