سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ترخان نامو

سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي

 
صفحو : 1
ترخان نامو
سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي
   

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”ترخان نامو“ چوڏيهن صدي عيسويءَ جي آخري ۽ پندرهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾، وچ ايشيا ۾ متل سياسي مانڌاڻ جو داستان آهي، جنهن ۾ صفوي، شيباني، اوزبڪ، مغل، ارغون ۽ ترخان قبيلا وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ واري خوني راند ۾ مصروف هئا. انهيءَ سياسي هلچل، وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ، خاص طرح سان سنڌ جي سوين ورهين واري سانتيڪي ماحول ۽ عاليشان عوام دوست حڪومتي دورن ۾ ٿيل بي پناهه زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ واري سفر تي وڏا هاڃيڪار اثر وڏا ۽ آخرڪار سنڌ جي مضبوط سما حڪومت جو انت آڻي ڇڏيو.

هيءُ اهو دور هو، جڏهن يورپ جي پهرئين ملڪ پورچوگال جي واپاري لوڪن ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي سامونڊي رستو ڳولي لڌو هو. تنهن دور ۾ يورپ جي ملڪن ۾ سنڌ جي مصنوعات جو وڏو کاپو هو. پورچوگيز واپاري لوڪن گهريو ٿي، ته سنڌ ۽ گجرات جا واپاري رڳو يورپ سان واپار ڪن، انهيءَ ڪارڻ هنن هرمز کاڙيءَ (Strait of Hurmuz) تي قبضو ڪري ورتو، ته جيئن اُهي وچ اوڀر سان صدين کان جاري سنڌ ۽ گجرات جي واپار جو رخ ڦيرائي يورپ ڏانهن ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ سنڌي/ عربي سمنڊ تي پورچوگيزي جهازن جو قبضو ٿي چڪو هو. جيئن ته اهو سڀ ڪجهه سما حاڪم ڄام نظام الدين جي آخري دور ۾ ٿيو هو. تنهن ڪري انهيءَ مسئلي تي تُرڪ، گُجراتي ۽ سنڌي حڪمرانن، پاڻ ۾ ڪجهه سياسي لهه وچڙ به ڪئي. ڄام نظام الدين جي وفات کان وپءِ سنڌ ۽ گُجرات جي واپار کي بچائڻ لاءِ تُرڪ سلطان سليمان عاليشان، گُجرات جي حاڪم مح۾ود شاهه بيگڙي ۽ سنڌين جي گڏيل 20 هزار بحري / سامونڊي فوج هرمز کاڙيءَ وٽ 1513ع ۾ پورچوگيزين سان مهاڏو اٽڪايو، پر هو اتان پورچوگيزين جو قبضو ختم ڪرائي نه سگهيا.

انهيءَ دور ۾ ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي واپار، توڙي ڪُلي اختيار ۽ اقتدار، ٻنهي کي ٻاهريون للڪارون سامهون آيون، جن کي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ سان مُنهن ڏيڻ جي ضرورت هئي. پر بدقسمتيءَ سان اها متحد ۽ معتبر قيادت اڻلڀ هئي. انهيءَ ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف ڀاڱن ۾ انهن للڪارن کي انفرادي حيثيت سان منهن ڏيندي ڪيترائي سرفروش ڪردار نظر اچن ٿا.

انهيءَ زماني ۾ چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو اهو اولاد، جن ارغون، ترخان ۽ مغل حڪمرانن جي شڪل ۾ ساندهه ٻه سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي، تن جو هڪ وڏو امير ذوالنون ارغون (884هه/80_1479ع)، افغانستان/ خراسان جي حڪمران سلطان حسين بايقرا جي دور ۾ قنڌار تي پهريائين صوبيدار ۽ پوءِ حاڪم جي حيثيت ۾ حڪمراني ڪندي نظر اچي ٿو.

913هه/ 1507ع ۾ محمدخان شيباني اوزبڪ درياءُ جيحون پار ڪري افغانستان / خراسان کي فتح ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. اُن وقت افغانستان تي سلطان حسين بايقرا جو پٽ بديع الزمان حڪمران هو. محمد خان شيباني اوزبڪ سان ميئراڪ واري ميدان ۾ بديع الزمان، ارغونن، ترخانن ۽ ٻين خراساني قبيلن جي فوج مهاڏو اٽڪايو، پر کين شڪست آئي ۽ امير ذوالنون ارغون مئراڪ واري معرڪي ۾ مارجي ويو. زماني جي بدلجندڙ رنگ کي ڏسي امير ذوالنون جي پُٽ شاهه بيگ ارغون _ محمد خان شيبانيءَ کي پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو يقين ڏياريندي، قنڌار تي پنهنجي حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪري ورتو. انهيءَ واقعي کي ٻه سال مس گذريا هوندا، ته 915هه/10 _ 1509ع ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ ايران ۽ توران کان پوءِ موجوده افغانستان جي اولهه ڏکڻ ۽ خاص ڪري هرات واري علائقي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن ۾ محمد خان شيباني مارجي ويو.

انهيءَ زماني ۾ فرغانہ جي رياست جي حڪمران عمر شيخ ميرزا جو پٽ بابر، پيءُ جي مرڻ کان پوءِ رياست وڃائي پنهنجي لشڪر سوڌو ڪابل ۾ اچي لٿو هو. انهيءَ اقتدار جي ڪشمڪش ۽ سياسي هنگامن جي ور چڙهيل افغانستان جي رڳو هڪ شهر ”قنڌار“ تي آخر ڪيسيتائين شاهه بيگ ارغون پنهنجي حڪمراني قائم رکي سگهيو ٿي؟ اها ڳالهه چڱيءَ ريت کيس سمجهه ۾ آئي ٿَي. تنهنڪري هن پنهنجي قبيلي وارن ۽ ساٿين کي چيو ته: ”هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ ڏکيو آهي، ۽ هڪ ڏينهن بابر بادشاهه اسان کي هتان ضرور هڪالي ڪڍندو. ان ڪري هاڻ ٻيا ملڪ ڏسڻ گهرجن.“ ان حوالي سان کين سنڌ _ سائو، سُکيو ۽ سَڻائو مُلڪ نظر ٿَي آيو. سنڌ جي حڪمرانن پاران ٺاهيل صدين جي شاهوڪاريءَ پڻ ارغونن کي هرهر هرکايو ٿَي. هونئن به هاڻ اها سنڌ ته رهي ڪانه هئي، جنهن جو اقتدار اعليٰ ۽ والي وارث نظر ايندو هجي. سنڌ جو داناءُ ۽ ڏاهو حڪمران ڄام نظام الدين سن 914هه/1508ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جاءِ نشين ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو هو، جيڪو سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ سياڻپ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر حڪمرانيءَ جا ڳُڻ رکندڙ نه هو. سندس سؤٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جي اقتدار جي جنگ ۾ هن جو سياسي حريف هو، جيڪو تڏهوڪي گُجرات جو حاڪم جو نياڻو به هو. هُن گُجراتي ۽ ڪڇيءَ جوڌن جي مدد سان 917هه/12_1511ع ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ننگر ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ عمل جي ڪري سما خاندان ۽ سنڌ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. سنڌ جو هيڪلو آدرشي انسان ۽ ڄام نندي جو پٽيلو وزيراعظم ۽ سپهه سالار دولهه دريا خان انهيءَ گهرو اقتداري جنگ ۾ ڪنهن به ڌُر جي ساٿ ڏيڻ بابت ڪوبه فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي جاگير باغبان تائين محدود ٿي ويو هو.جيئن اڪثر ڪري تاريخ ۾ نظر ايندو، ته ڪڏهن ڪڏهن قومن جي برک ڏاهن ۽ دانائن جي، وقت مطابق فيصلو نه ڪري سگهڻ جا ڪيتا قومون صدين تائين لوڙينديون آهن، هتي به ائين ٿيو. سڄي ملڪي سياست ڄام فيروز جي والده ”مائي مدينہ“ جي عقل تي هلڻ لڳي. سن 919هه/16_1515ع ۾ ٻيهر حڪومت وٺڻ ۾ ڄام فيروز جي مدد وري دولهه دريا خان ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ڪيترائي افغاني خاندان ٺٽي ۾ وسي ويا هئا ۽ مٿان وري قنڌار جي مستقل حاڪميت کان مايوس ٿيل شاهه بيگ ارغون جي سنڌ جي انهيءَ غير مستقل سياسي صورتحال تي ڪَرڙي نظر هئي. ان ريت رولاڪ ارغونن کي سنڌ جي حڪومت ۾ عمل دخل جو هڪ سونهري وجهه ملي ويو. سنڌ ملڪ محلاتي سازشن جي ور چڙهي ويو هو. انهيءَ سڄي نڀاڳ جو ڪارڻ سنڌ جي حڪمران خاندان جي ٻن سڳن سئوٽن ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي اقتدار واري جنگ هئي.

سن 917هه/1512ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي، جتان جي حڪمران سلطان برولي برلاس ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري سندس مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي ويو. ٻن سالن تائين شاهه بيگ ارغون جو لشڪر سيويءَ ۾ لنگهڻ ڪَٽيندو ۽ گوگڙو کائي گذارو ڪندو رهيو.

هوڏانهن سن 919هه/15_1514ع تي بابر قنڌار تي حملو ڪيو، پر پاڻ سخت بيمار ۽ ضعيف ٿي پيو، بيمار جي عيادت جي بهاني سان شاهه بيگ ارغون کيس سوکڙيون موڪلي وقتي طرح سان جنگ کي ٽاري قنڌار جو اقتدار بچائي ورتو. سن 920هه/1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي بُکي فوج _ باغبان ۾ ڳاهن جي ڳوٺ تي حملو ڪري، مال، متاع، اناج ۽ نارن ۾ وهندڙ اُٺن تائين ڦرلٽ ڪري هلي وئي.

سن 921هه/16_1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي پهريون حملو ڪيو، پر سنڌي فوج جي زبردست مقابلي بعد ماڻهو مارائي واپس موٽي ويو.

سن 922هه/1517ع ۾ بابر بادشاهه ٻيهر قنڌار جو رخ ڪيو. شاهه بيگ ارغون هڪ سال جي مهلت گهري ۽ سن 923هه/18_1517ع ۾ واعدي مطابق شاهه بيگ ارغون قنڌار جو اقتدار هميشه لاءِ بابر جي حوالي ڪري پاڻ شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ کان پوءِ سنڌ تي حڪمرانيءَ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. سنڌجي ڪمزور حڪومت بابت کيس گهڻي ڄاڻ به هئي. ڄام فيروز جي دور ۾ جيڪي ارغون ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا، اهي شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي جي سياست جي پَل پَل جي خبر پُجائيندا ٿي رهيا.

سن 923هه_925هه/1517ع_1519ع تائين وارو سمورو عرصو شاهه بيگ ارغون، شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ ۾ پنهنجو اقتدار مضبوط ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ 11_ محرم 926هه/1519ع تي هن ننگر ٺٽي تي هڪ وڏي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي. ڌارين جي يلغار خلاف دولهه دريا خان باغبان پرڳڻي مان پنهنجن پُٽن ۽ سنڌ جي راڄن جي فوج سان گڏ وطن بچائڻ لاءِ مقابلو ڪيو ۽ پٽن سوڌو شهيد ٿي اَمر ٿي ويو. جڏهن ته ڄام فيروز _ شاهه بيگ ارغون آڏو پيش پيو، جنهن جي صلي ۾ کيس ٺٽي جي عارضي حڪمراني ڏني وئي، البت سيوهڻ جي حڪمراني شاهه بيگ ارغون پاڻ وٽ رکي ڇڏي. هن موقعي جي حوالي سان روايت آهي، ته ٺٽي جي هڪ سنڌي عالم قاضي قاضن، شاهه بيگ راغون کي مشورو ڏنو ته: ”سنڌ ۾ ڪرڙ ڪانڊيرا جام آهن، ان ڪري کهيڙو هميشه ساڻ هئڻ گهرجي.“ اها ڳالهه سمجهندي هُن _ وٽس آيل سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي، اتي جو اتي قتل ڪرائي ڇڏيو.

شاهه بيگ ارغون هاڻي سبيءَ کان وٺي سيوهڻ تائين اهم علائقن تي قابض ٿي پنهنجي حڪومت مضبوط ڪري رهيو هو. تان جو چئن سالن کان پوءِ شعبان 930هه/1524ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي مرڻ جي ڄاڻ ٺٽي ۾ پهچڻ تي، ڄام فيروز ۽ شهر واسين وڏا جشن ڪيا. اِها خبر ٻڌڻ کان پوءِ شاهه حسن ارغون شوال جي مهيني ۾ ٺٽي تي ڪاهه ڪري قبضو ڪري ورتو. هن قبضي خلاف ڄام فيوز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. ارغونن جي لشڪر کي ڏسي سنڌي جوڌا پٽڪن جا سندرا ٻڌي، انهن جا پلاند هڪ ٻئي ساڻ ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿيا، ان جنگ ۾ ويهه هزار سنڌي سورما شهيد ٿيا، پنهنجي هار ڏسي ڄام فيروز گُجرات ڏانهن هليو ويو. ان ريت سڄو سنڌ ملڪ ارغونن جي قبضي هيٺ اچي ويو.

سن 931هه/1525ع ۾ ڄام فيروز سنڌ جي حڪومت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇين ۽ گُجراتين جو 50 هزار لشڪر ساڻ وٺي آيو، پر شڪست کائي واپس موٽي ويو. سن 935هه/1526ع ۾ هن ٽيهر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر هن ڀيري به شڪست سندس مقدر بڻي. هاڻ هو هڪ وڏي فيصلائتي جنگ جي تياري لاءِ ڪڇ ۽ گجرات ۾ پنهنجي عزيزن سان صلاحون ۽ تياريون ڪري رهيو هو، ته اوچتو سن 942هه/34_1533ع ۾ گجرت جي حاڪم سلطان بهادر ۽ مغل بادشاهه همايون جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام فيروز زندهه گرفتار ٿيو ۽ پوءِ همايون جي فوج کيس قتل ڪري ڇڏيو.

ان دوران شاهه حسن ارغون سنڌ جي سرحد کي هر پاسي کان محفوظ ڪيو. هن شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي. سنڌ ۾ اچي حڪومت جا خواب ڏسندڙ همايون کي وڏي ڏاهپ ۽ هوشياريءَ سان قنڌار روانو ڪيو ۽ جتان هن ايران پهچي شاهه طهماسپ جي فوجي مدد سان هندستان جو تخت ۽ تاج ٻيهر حاصل ڪيو. ان ريت شاهه حسن ارغون سنڌ کي ڪجهه وقت لاءِ مغلن جي تسلط کان بچائي ورتو. پوءِ شاهه حسن ارغون نپٽو ئي مري ويو. ان ريت سنڌ جي حڪومت ارغونن جي پراڻن ساٿين ۽ عزيزن ترخانن جي حوالي ٿي وئي. ارغونن جي ڀيٽ ۾ ترخانن سنڌ کي پنهنجو وطن ٿي سمجهيو، ارغونن وانگر هو پنهنجا مڙهه مديني کڻائي نه ويا. بلڪ هو ننڍي کنڊ ۾ جتي به هئا، هنن سنڌ/مڪلي کي پنهنجو مڙهه مقام ٿي سمجهيو. هنن سنڌ جي سوڍن ۽ سميجن مان شاديون ڪيون، ميرزا باقي بيگ کي ته ترخان چوندا ئي هئا: ”سنڌي بچا!“ سنڌي ماءُ جو پُٽ هوندي به هن جي مزاج ۾ چنگيزي رت واري وحشت هئي. هن ٺٽي شهر وارن سان گڏ ترخانن ۽ ارغونن جي به وڏي نسل ڪشي ڪئي ۽ آخر ۾ پٽ جي اوچتي مرڻ تي پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏيائين.

سنڌ سان گهري محبت ڪندڙ ۽ مرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ دفن ٿيڻ کي پسند ڪندڙ اهي سنڌ جا ترخان حڪمران، دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندي به تدبر ۾ سما حڪمرانن جهڙا ڏاها ڪونه ٿي سگهيا هئا، جن سنڌ جي صنعت ۽ زراعت کي وڏو اوج ڏياريو هو. ترخانن، ارغونن دور جي لاقانونيت تي ڪجهه ضابطو آندو هو، پر اُن هوندي به سندن دور جا ڪجهه واقعا مٿن تنقيد جو سامان مهيا ڪن ٿا. جهڙوڪ: سن 963هه/57_1556ع ميرزا عيسيٰ اول پاران بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان فوجي مدد طلب ڪرڻ ۽ انهن جي پهچڻ کان پهرين بکر جي حاڪم سان ٺاهه ڪرڻ، اهو اطلاع ٻڌندي. پورچوگيزي لشڪر جو اڳواڻ پيڊروبيئرٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن پنهنجي لشڪر کي ٺٽي شهر تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي تعميل ۾ ٺٽي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ ساڙيو ويو. انهيءَ حملي ۾ ٺٽي شهر جا اٺ هزار معصوم شهري پورچوگيزين جي ترارن جو بُک بڻيا. پورچوگيزين ٺٽي شهر مان 20 لک پائونڊن جيتري ڦرلٽ ڪئي. انهيءَ واقعي کان پوءِ ميرزا عيسيٰ اول لاهري بندر کان ٺٽي ڏانهن ايندڙ پرڏيهي جهازن لاءِ دولهه دريا خان جي جوڙايل آبي گذر گاهه کي وزني پٿرن سان ڀرائي جهازن جي لنگهڻ جوڳو نه ڇڏيو، جنهن ڪري ٺٽي جي خشڪ گودي (Out Post) واري حيثيت ختم ٿي وئي، ٺٽي جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٺٽي شهر سان گڏ ڏکڻ سنڌ جي صنعتي شهرن جي صنعتي ترقيءَ کي پڻ وڏو نقصان پهتو، جنهن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو.

انهيءَ هوندي به ترخان حڪمرانن کي سنڌ جا بهترين منتظم حڪمران نه چوڻ تاريخ سان بي انصافي ٿيندي. ميرزا جاني بيگ اهو سنڌي ترخان حڪمران هو، جنهن جي طاقت کان دهليءَ جا حڪمران خائف هئا. هن سنڌ جي ويڙهاڪ سگهه کي منظم ڪيو ۽ قلعي اڏائڻ ۾ ايتري طاقت ۽ ڦڙتائي حاصل ڪئي. جو سندس اڏاوتي ماهر رات وچ ۾ قلعو اڏي ويندا هئا.هن لَڪيءَ جي جبلن ۽ سيوهڻ جي ڪنٽومينٽ واري حيثيت کي سمجهندي، ڊگهي جنگي حڪمت عمليءَ جا اهڙا نوان مثال قائم ڪيا، جو مغل ڪڏهن به سنڌ فتح نٿي ڪري سگهيا. هن سن 994هه/86_1587ع ۾ اڪبر جي سپهه سالار محمد صادق خان جي فوج کي ڊگهي جنگ وڙهڻ واري حڪمت عمليءَ وسيلي مات ڏئي دهلي روانو ڪيو. جنهن کان ٿورو وقت پوءِ سن 998هه/88_1587ع ۾ اڪبر اعظم وڏي فوجي تياريءَ سان عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو. ميرزا جاني بيگ جو هڪ اهم ماڻهو گوريو (مهتو)، جنهن تي سنڌ جي حڪومت گهڻو ڀاڙيندي هئي، تنهن جي سازشن ڪري ميرزا جاني بيگ ڪمزور ٿي پيو ۽ آخرڪار آڻ مڃيندي اڪبر اعظم جي حضور ۾ پيش ٿيو. اڪبر کيس تمام گهڻي عزت ڏني، کيس سنڌ جو غير حاضر حاڪم تسليم ڪيائين. اڪبر اعظم دکن، اسير گڙهه، احمد نگر جا قلعا فتح ڪرڻ واري مهم ۾ ميرزا جاني بيگ کي سياسي حڪمت عمليءَ تحت پاڻ سان گڏ رکيو هو. هن سنڌ تي رڳو ست سال حڪمراني ڪئي. يارهن سالن تائين سنڌ جي غير حاضر حڪمران طور مغلن جي فوجي مهمن ۾ مصروف رهيو ۽ 27_ رجب 1009هه مطابق 2_ فيبروري 1601ع جي سرسام جي مرض ۾ مبتلا ٿي اسير ڳڙهه ۾ وفات ڪري ويو، سندس وصيت موجب کيس مڪليءَ تي دفنايو ويو. شروعاتي جوانيءَ جي ڪجهه ذاتي اخلاقي ڪوتاهين جي باوجود، هو سنڌين جو دلپسند حڪمران ٿي رهيو. ميرزا غازي بيگ، ميرزا عيسيٰ ترخان ثاني اهي سمورا ترخان حڪمران ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکرجي دهليءَ جي مغلن جي اثر هيٺ اچڻ کان پوءِ به هندستان ۾ جتي به رهيا. سنڌ کي پنهنجو اباڻو وطن سمجهندا رهيا ۽ مرڻ کان پوءِ پنهنجا جسم سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي وصيت ڪندي مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيا. سندن فوجي طاقت ۽ ڏاهپ کي دهليءَ جي مغل حڪمرانن پنهنجي حريفن کي اسير ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو. مغلن کين دکن، گجرات ۽ پنجاب جي شورشن ۽ بغاوتن کي چٿڻ وارين فوجي مهمن ۾ مصروف رکيو. هو سنڌ جا غير حاضر امير ۽ حڪمران هوندي به باوقار رهيا.

انهيءَ دور جو سڄو احوال سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي پنهنجي تصنيف ڪيل هن ڪتاب ”ترخان نامو“ ۾ تفصيلي ڏنو آهي. ’ترخان نامو‘ تاريخ جي مضمون سان دلچسپيءَ ۽ واسطو رکندڙ استادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو اصل متن فارسيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو پهريون فارسي ڇاپو سيد حسام الدين راشديءَ ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ وٽان 1964ع ۾ ڇپرايو هو. ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي جناب ميرزا عباس علي بيگ کان سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ڪرايو ويو. جنهن مذڪوره ڪتاب ۾ واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. انهيءَ سنڌي نسخي جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. جيئن ته انهيءَ نسخي جون ڪاپيون ٿورڙيون ڇپايون ويون هيون ۽ ٻيو ته ان ۾ مواد، سهيڙ ۽ ترجمي جون ڪافي غلطيون رهجي ويون هيون، تنهنڪري اهو نسخو تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ استادن ۽ شاگردن جي صحيح رهنمائي ڪرڻ کان قاصر هو. ان سبب کي نظر ۾ رکندي بورڊ طرفان ”ترخان نامو“ جي نئين صحتمند ڇاپي پڌري ڪرڻ جا اپاءَ ورتا ويا. شجرن ۾ فارسيءَ جو تفصيل مونجهارو پيدا ڪري رهيو هو. انهيءَ مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ جناب حڪيم نياز همايونيءَ کان مدد حاصل ڪئي وئي، جنهن صاحب شجرن ۾ ذڪر آيل تفصيل ۽ حاشين کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌي پڙهندڙن لاءِ اها مشڪل آسان ڪري ڇڏي. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ جو هيءُ نسخو مواد جي غلطين کان صاف ٿي ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. ڪتاب جي هن ڇاپي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي جنرل هسٽريءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمدلاکي جي تعاون ۽ پبليڪيشن آفيسر مسٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي محنت جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته سندن طرفان اهڙي سهڪار کانسواءِ ڪتاب ۾ پراڻيون ڪوتاهيون ڪڍي نه سگهجن ها.

ڄام شورو، سنڌ                              انعام الله شيخ

ڇنڇر 5_ شعبان العظم 1426هه              سيڪريٽري

بمطابق 10_ سيپٽمبر 2005ع            سنڌي ادبي بورڊ

پيش لفظ

سنڌ جو ارغون خاندان: تاريخ جي صفحن تي ارغون خاندان، امير حسن بصريءَ جي نالي سان، ابوسعيد ميرزا(1)  جي عهد (855هه) کان شروع ٿئي ٿو. امير ذوالنون ارغون ابن امير حسن بصري پهرين، شاهه حسين ميرزا بايقرا، جي طرفان (884هه) صوبيدار ۽ بعد ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو. سندس وفات جي (9) نون سالن بعد سندس فرزند، شاهه بيگ ۽ اُن جو فرزند شاهه حسن، بابر بادشاهه جي هٿان قنڌار جي حاڪميت کان محروم ڪيا ويا. هنن پهرين شال، سيوي ۽ پوءِ (927هه) سنڌ تي تسلط حاصل ڪيو. ٻئي پيءُ پٽ اٽڪل چاليهه سال حڪمران رهيا.

شاهه حسن(2) (962هه) ۾ وفات ڪئي. کيس ڪوبه پٽ نه هو(3) . جنهنڪري سنڌ، سندس ٻن امير خاندانن ۾ تقسيم ٿي. اترين سنڌ، جنهن جو مرڪز بکر هو، سا سلطان محمود ڪوڪلتاش جي حوالي ٿي(4) ۽ ڏاکڻي سنڌ، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي حوالي ٿي(5) . جنهن ٺٽي کي، جيڪو قديم زماني کان، سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ رهندو آيو، تنهن کي پنهنجو مرڪز ڪيائين. سنڌ ۾ اِهوئي ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان، پنهنجي ترخان گهراڻي جو باني مباني هو.

ترخان خاندان: ميرزا عبدالعلي، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان جو والد هو، سو جليل القدر اُمرائن مان هو. هو هميشہ ارغونن جو مددگار ۽ ساڻن هر مهم ۾ معاون رهندو هو. ميرزا عبدالعلي جي وفات بعد سندس فرزند ميرزا عيسيٰ ترخان به ساڳيا پنهنجي پيءُ وارا لاڳاپا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن سان قائم رکيا. ايستائين جو شاهه بيگ ۽ شاهه حسن قنڌار مان ڪڍيا ويا، جيڪي پوءِ سنڌ ۾ پهتا. ميرزا عيسيٰ به پنهنجي قبيلي سان اتفاق ڪري، سنڌ ڏانهن ڌيان ٿيو.

ميرزا عيسي جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند ميرزا محمد باقي (974هه) تخت نشين ٿيو. هن سنڌ واسين تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا. آخر ديوانگيءَ جي عالم ۾ (993هه) خودڪشي ڪيائين ۽ سندس فرزند ميرزا پائينده بيگ (متوفي 1001هه) پيءُ جو جانشين ٿيو. ليڪن جيئن ته پائينده بيگ نهايت ڪم عقل هو، تنهنڪري عوام، عنانِ حڪومت سندس فرزند ميرزا جاني بيگ جي حوالي ڪئي.

ميرزا جاني بيگ جي عهد ۾، هندستان جا مغل پهريون ڀيرو اچي سرزمين سنڌ تي وارد ٿيا. سلطان محمود بکري کي ڪو ٻه پٽ نه هو. تنهنڪري سوچ ويچار بعد طئي ڪيائين ته وفات وقت پنهنجي سلطنت ترخانن لاءِ ڇڏي، سو تنهن کان بهتر آهي، ته وفات کان پهريائين (982هه) جي ڇو نه هو پنهنجي سلطنت اڪبر بادشاهه جي حوالي ڪري، آخر هن ڪيو به ائين ۽ اهڙي ترڪيب سان ترخانن کان پراڻي دشمني جو انتقام ورتائين.

جڏهن مغل سنڌ جا حڪمران ٿيا، تڏهن نه رڳو هنن سلطان محمود جي سلطنت تي اڪتفا ڪئي، بلڪ اڪبر بادشاهه جي مرضي هئي ته، سنڌ جي اميرن کان پنهنجي والد همايون بادشاهه جو پڻ انتقام وٺي! جو همايون ڪيتري مدت تائين هن ملڪ سنڌ ۾، پريشان حال پئي ڦرندو وتيو، انهي ڪري (994هه) پهريون دفعو، امير محمد صادق جي وسيلي سان ڪوشش ڪئي هئي ته ڏاکڻي سنڌ کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. ميرزا جاني بيگ، هن ڀيري هنن سان موافق ٿي ۽ پنهنجي سفير جي معرفت ڪوشش ڪيائين، ته اڪبر بادشاهه پنهنجي لشڪر کي سنڌ مان سڏائي. ليڪن اُهو طوفان، جيڪو پنجن سالن (999هه) کان، عبدالرحيم امير خان خانان جي سرڪردگيءَ ۾ شروع ٿيو، تنهن نيٺ چند گهمسان جي لڙاين بعد، ترخانن جي سنڌ تي حڪومت کي هميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ۽ سال 1000هه ۾ ميرزا جاني بيگ، ان مصلحت کي مدنظر رکيو، ته سنڌ کي خونريزيءَ کان محفوظ رکي، ٺٽي جون ڪنجيون امير خان خانان جي سپرد ڪجن. خان خانان به ساڻن عهد ڪيو، ته سنڌ جي حڪومت وري سندس حوالي ڪئي ويندي.

هن طويل مدت ۾ يعني سنه 1000هه کان سنه 1021هه تائين ترخان سنڌ جي جاگيردارن وانگر زندگي بسر ڪندا رهيا، يعني جاني بيگ جيسين جيئرو هو، سو به جاگيردارن وانگر جاگيرداراڻي زندگي گذاريندو هو.

جڏهن (سال 1009هه)، اڪبري دربار ۾، جاني بيگ وفات ڪئي، تڏهن سندس فرزند (ميرزا غازي بيگ) جانشين جاگيردار ٿيو. اها جاگيرداري ميرزا غازيءَ جي وفات (1021هه) تائين جاري رهي، پوءِ ارغون ۽ ترخان يعني ٻنهي خاندانن جي حڪمرانيءَ جو مڪمل خاتمو ٿيو.

ميرزا عيسي! (ثاني) ۽ اُن جو فرزند ميرزا محمد صالح بيگ ۽ ميرزا عنايت الله وغيره هن خاندان جا آخري يادگار هئا. ليڪن اُنهن جو سنڌ سان ڪو اهڙو خاص تعلق نه رهيو. هنن پنهنجي سموري زندگي، مغل بادشاهن جا امير ٿي، هندستان جي مختلف خطن ۾ گذاري.

__________________________

تاريخي ماخذ: تاريخي ماخذ، جيڪي هنن ٻنهي خاندانن جي حالات متعلق گڏ ڪيا ويا آهن، سي حسب ذيل ٽن قسمن ۾ آهن:

الف:
اُهي ڪتاب جي سينٽرل ايشيا ۾ ٻين ملڪن ۾ تاليف ٿيا آهن ۽ انهن ۾ ضمناً هنن ٻنهي خاندانن يعني ارغون ۽ ترخان جو ذڪر آيل آهي.
ب:
اُهي تاريخي عام ڪتاب، جيڪي هندستان ۾ مغلن جي عهد ۾ تاليف ٿيا ۽ اُنهن ۾ پڻ سنڌ جي حالات جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جو احوال ۾، ضمناً هنن ٻنهي خاندانن جي، ڪن فردن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
ج:
اُهي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب، جيڪي سنڌ ۾ لکيا ويا ۽ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تاليف ٿيا، تن ڪتابن مان ڪي عام ۽ ڪي خاص، هنن ٻنهي خاندانن جي زماني بابت آهن.
اُنهن ڪتابن جي فهرست، جن ۾ ٻنهي خاندانن جو احوال آيل آهي، مٿئين تقسيم بنديءَ موجب هن ريت آهي:

(  الف  )

1. بدايع الوقايع: تاليف زين الدين محمود واصفي.

هي تاريخ خراسان (افغانستان) جي حالات تي لکي وئي ۽ نائين صدي هجري ۾ تاليف ٿي. هن ۾ سياسي حالات ۽ ڪشورڪشائي جا معاملات گهٽ آهن. هي عقل ۽ ڏاهپ جي اجتماعي حقيقتن تي مشتمل آهي. درحقيقت هيءُ ڪتاب هر ڪنهن جي پسند وارو آهي ۽ اُن دؤر جي اجتماعي دؤر  ۽ وضع دارين کي چشم تصور ۾ مجسم ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ ارغون جا واقعات مختصر بيان ڪيا ويا آهن(1) .

2. بابر نامه: تاليف بابر بادشاهه.

بابر بادشاهه جي خودنوشت سوانح حيات آهي. جنهن ۾ امير ذوالنون ۽ شاهه بيگ جي ڪن واقعن ۾ مهمات جو تذڪرو ڪيل آهي. بابر بادشاهه هميشہ وانگر شاهه بيگ جي طرف هو، پر جڏهن هي ڪابل، قنڌار ۽ سرزمين داور وغيره کي شاهه بيگ کان کسي، پنهنجي تسلط ۾ آندو. تڏهن ان وقت کان شاهه بيگ ۽ هن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي وئي. هن ڪتاب ان خاندان متعلق وڏي اهميت رکي ٿو.

3. روضة الصفا: تاليف محمد بن خاوند شاهه بن محمود معروف به، مير خواند.

هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ارغونن جا حالات آيل آهن. ان حصي کي، خواند امير، ”حبيب السير“ جي مؤلف لکيو آهي.

4. حبيب السير: تاليف غياث الدين خواند امير.

هن ڪتاب جي مؤلف، غياث الدين جي، امير ذوالنون ۽ شاهه بيگ سان ذاتي سڃاڻپ هئي، بلڪ هو سندن دوست هو ۽ اُن زماني جي واقعن جو عيني شاهد آهي. هن ڪتاب ۾، اُن دؤر جي شروعات جا ڪي واقعا يعني امير ذوالنون ۽ شاهه بيگ جي واقعن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.

5. سفرنامه سدي علي رئيس: انگريزي ترجمو از: وامبري (Vambery)

هن سفرنامي جو مؤلف اميرالبحر ترڪي هو. شاهه حسن ارغون جي دؤر ۾، هيءُ سنڌ مان لنگهيو هو. هن به اُن زماني جا مختصر حالات پنهنجي سفرنامي ۾ محفوظ ڪيا آهن.(2)

6. همايون نامه: تاليف گلبدن بيگم

هن ڪتاب ۾ گلبدن بيگم، شير شاهه جي هٿان همايون جي شڪست ۽ اُن جي سنڌ ۾ قيام (947هه-950هه) کي دلڪش طريقي سان بيان ڪيل آهي ۽ پڻ همايون سان شاهه حسن جي روش کي تفصيلي طرح بيان ڪيو آهي.(3)

7. شعر بلوچي: ترجمه از: لانگورٿ ڊمس.

هن ڪتاب ۾ بلوچي زبان ۾ چند قطعات، امير ذوالنون ارغون ۽ مير چاڪر خان بلوچ جي باري ۾ درج ٿيل آهن. هي اشعار اُن زماني جي واقعات تي مشتمل آهن، جي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ نٿا ملن.(1)

8. روضة السلاطين: تاليف فخري هروي (961هه-959هه)

هيءُ ڪتاب تذڪرو شعراء، فخري هروي، سنڌ ۾ پنهنجي قيام جي دوران، (961هه-959هه) ۾ تاليف ڪري شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪيو. هيءُ ڪتاب شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي ڪارنامن بابت وڏي اهميت رکي ٿو. هن سندن سوانح ۽ پڻ انهن جي مدح ۾ قصائد شامل ڪيا آهن. هيءُ واحد ڪتاب آهي، جيڪو شاهه بيگ جي شاعر هجڻ بابت تاريخي دستاويز ۽ عيني شاهد آهي.(2)

9. صنايع الحسن: تاليف فخري هروي (961هه- 959هه)

فخري هروي، هيءُ ڪتاب شعر گوئيءَ جي فن ۽ صنايع و بدايع ۾، ۽ سنڌ ۾ قيام جي دوران تاليف ڪري، شاهه حسن ارغون جي نالي ارپيو هو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ شاهه حسن جو ڪجهه تذڪرو پڻ ڪيل آهي.

10. مثنوي مظهرالاثار: تاليف شاهه جهانگير ”هاشمي“

تاليف جو سال (940هه)

هيءَ مثنوي، خمسه جي نهج ۽ بحر تي آهي ۽ شاهه حسن ارغون جي عهد ۾ لکي، شاهه حسن جي نالي سان ارپنا ڪيل آهي.(3)

11. قصائد حيدر ڪلوچ: حيدر ڪلوچ هروي

حيدر ڪلوچ هرات جو مشهور شاعر هو. هو شاهه حسن جي عهد ۾ هرات مان سنڌ ۾ آيو ۽ هتي وفات ڪري ”پاٽ“ ۾ مدفون ٿيو. هن چند قصيدا شاهه حسن جي مدح ۾ چيا، جي شاهه حسن جي حالات جمع ڪرڻ ۾ مفيد آهن.

12. مهمان خانه بخارا: تاليف فضل الله بن روزڀان خنجي

هي ملوڪي تاريخ آهي، جا محمدخان شيباني جي حالات تي مشتمل آهي، جيڪا نائين ۽ ڏهين صدي هجري جي وچ ۾ تاليف ٿي.(1)

( ب )

13. طبقات اڪبري: تاليف خواجه نظام الدين احمد هروي، سال تاليف، (1001هه)

هيءَ عمومي تاريخ آهي، جيڪا اڪبر بادشاهه جي عهد ۾ تاليف ٿي ۽ هي پهرين مفصل تاريخ آهي، جيڪا مغلن جي باري ۾ لکي وئي. هن ڪتاب ۾ عليحده ۽ مستقل باب آهن. جنهن ۾ سنڌ جو احوال ڏنل آهي. جنهن جي ذريعي ارغونن ۽ ترخانن جي حالات تي پڻ روشني پوي ٿي.

14. اڪبر نامه: تاليف علامه ابو الفضل بن شيخ مبارڪ سنڌي، سال تاليف، (10-1004هه)

هيءُ ڪتاب پڻ هندستان جي مغلن تي لکيل آهي، جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي حالات تفصيل سان درج ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح مختلف واقعن جي ذيل ۾ ان دؤر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جو پڻ ضمناً تذڪرو ڪيل آهي.

15. منتخب التواريخ: تاليف ملا عبدالقادر، بدايوني، سال تاليف (1004هه)

هيءُ ڪتاب عمومي تاريخ آهي ۽ هندستان جي مغلن بابت آهي. خصوصاً اڪبر بادشاهه جا حالات ۽ اُن زماني جو ذڪر پڻ ڪيل آهي ۽ هن ۾ ارغونن ۾ ترخانن جو به ذڪر ڪيل آهي. هن تاريخ مان اسان کي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا جاني بيگ، اڪبر بادشاهه جي دين الٰهي ۾ داخل ٿي چڪو هو.

16. تاريخ فرشته: يا گلشن ابراهيمي تاليف محمد قاسم هندو شاهه، سال تاليف (18-1015هه)

هيءُ ڪتاب به تاريخ عمومي آهي ۽ ان ۾ هڪ جدا باب سنڌ بابت لکيل آهي، جنهن ۾ سلاطينِ ارغون، ۽ ترخان جي حالات جو تذڪرو آهي.

اُهي واقعات جي تاريخ فرشته ۽ طبقات اڪبري ۾ محفوظ آهن، سي ڪنهن لحاظ کان پنهنجي اهميت جي اعتبار سان معتبر آهن. جيئن ته ڪن نسخن جا ماخذ، جيڪي انهن ٻنهي جي مؤلفين پنهنجي ڪتابن ۾ استفادو ڪيا آهن، سي اڄ موجود ڪونه آهن.

(17) طبقات: محمود شاهي: تاليف (؟)

هيءَ گجرات جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ارغون جو سنڌ تي حملو ۽ انهن جي تسلط جو ذڪر ڪيل آهي. ليڪن اڄ تائين هن جو ڪوبه نسخو نه مليو آهي.

18. ظفرالواله بمظفروآله: تاليف عبدالله بن عمر مڪي.

هيءَ عربي زبان ۾ گجرات جي تاريخ آهي. هن ۾ به سنڌ جي ارغونن جو ذڪر ڪيل آهي.(1)

19. ماثرِ رحيمي: تاليف خواجه عبدالباقي نهاوندي،

سال تاليف (1025هه)

هيءُ ڪتاب اصل ۾ ميرزا عبدالرحيم خان خانان جي ڪارنامن بابت تاليف ٿيو ۽ هڪ جلد ان مان تاريخ عمومي آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت به لکيل آهي ۽ ان ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو پڻ تذڪرو ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ اُنهن جنگين جو مفصل ذڪر آهي، جيڪي جاني بيگ ۽ خان خانان جي وچ ۾ ٿيون، هن ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ اُهي قصائد محفوظ آهن، جيڪي اُن وقت جي ڪن شاعرن سنڌ کي فتح ڪرڻ وقت چيا هئا.(2)

20. ذخيرة الخوانين: تاليف شيخ فريد بکري، سال تاليف (1060هه).

هن ڪتاب جو مؤلف سنڌي هو، هن پنهنجي سڄي عمر هندستان ۾ مغلن جي ملازمت ۾ بسر ڪئي. مغلن جي دربار ۾ هي مختلف عهدن تي هوندو هو، هي ڪتاب اڪبر بادشاهه، جهانگير ۽ شاهجهان جي اميرن جي حالات تي تاليف ڪيو ويو آهي ۽ معتبر، جاذبِ توجه آهي.

هن ڪتاب جي تذڪري ۾ مختلف هنڌن تي سنڌ جو به ذڪر ڪيل آهي. هيءَ تنها ڪتاب آهي جيڪو ميرزا جاني بيگ، ميرزا غازي بيگ ۽ ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جو مفصل احوال ڏئي ٿو. ميرزا عبدالرحيم خان خانان جو احوال ۽ سنڌ جي فتح جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي.(3)

21. ماثرالامرا: تاليف شاهنواز خان صمصام الدوله – سال تاليف (1155هه) کانپوءِ.

هيءُ مفصل تذڪرو آهي. اڪبر جي عهد جي اميرن کان محمد شاهه جي عهد تائين، الف، ب جي اکرن واري ترتيب سان لکيل آهي. هن جي مؤلف نه فقط ذخيرة الخوانين کي ماخذ طور ڪتب آندو آهي، بلڪ هن مذڪوره ڪتاب جي تقليد پڻ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سلاطين ۽ مختلف ترخان اميرن جا حالات جهڙوڪ ميرزا عيسيٰ (اول) ميرزا عيسيٰ (ثاني) جاني بيگ، غازي بيگ ۽ محمد صالح (ثاني) جو تذڪرو پڻ ڪيل آهي.(1)

22. تذڪره ميخانه: تاليف عبدالنبي فخرالزماني – سال تاليف (1028هه)

انهن شاعرن جو تذڪرو آهي، جن فقط ساقي نامه لکيا آهن. ميرزا غازي بيگ جو احوال ۽ هن جي درباري شعراء جا حالات تذڪري ۾ بيان ڪيل آهن، جيڪي ٻين تذڪرن ۾ نه آهن.(2)

23. ديوان طالب آملي: (متوفي 1035 يا 1036هه)

طالب آملي جهانگير جي دربار کان پهرين ميرزا غازي بيگ جي دربار سان قنڌار ۾ وابسته هو. غازي بيگ ۽ طالب آملي ڪي غزل پڻ هم طرح چيا آهن. ديوان ۾ چند قصيدا ميرزا غازي بيگ جي مدح ۾ چيل آهن.(3)

24. اويماق مغل: تاليف ميرزا عبدالقادر خان ساڪن سونڪره (هند)، سال تاليف (1900ع).

هيءُ ڪتاب ترڪن ۽ مغلن جي نسب نامن تي مشتمل آهي ۽ مؤلف نهايت محنت ۽ تحقيق سان مذڪوره قبيلن جي نسب نامن کي جمع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي صفحي 87 تي ارغونن ۽ صفحي 90 تي پڻ بحث ڪيل آهي(4) .

( ج )

25. تاريخ سنڌ: تاليف مير معصوم بکري (متوفي 1014هه) سال تاليف (1009هه)

هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو چچ نامه کان پوءِ سنڌ جي تاريخ تي تاليف ٿيو ۽ تاريخي حقيقتن تي حاوي آهي، جيڪو اسلام جي ابتدائي دؤر کان، اڪبر بادشاهه جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين لکيل آهي. هن ڪتاب جو مؤلف سنڌ جي فتح وقت خان خانان سان همراهه هو. جنهنڪري ارغون ۽ ترخان خاندان بابت هن ڪتاب ۾ آيل احوال نهايت اهم آهي. هن تاريخ ۾ جيڪا به معلومات ٻنهي خاندانن متعلق ملي ٿي، سا ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ايتري تفصيل سان ناهي. ايستائين جو ارغونن جا ابتدائي حالات، هن تاريخ وانگر ڪنهن به ٻئي ڪتاب ۾ محفوظ نه آهن. جيڪي ڪجهه ماثر رحيمي ۾ سنڌ بابت لکيل آهي، سو هن ڪتاب تان ورتل آهي، بلڪ اڪثر حقيقتون بجنسي نقل ڪيل آهن.

26. مثنوي چنيسرنامه: تاليف ادراڪي بيگلاري – سال تاليف (1010هه)

هي مثنوي سنڌ جي هڪ عشقي داستان تي مشتمل آهي. سلطان ابوالقاسم ابن شاهه امير قاسم بيگلار ارغونن ۽ ترخانن جو هم عصر هو. هي، ادراڪي جو ممدوح هو. تاريخي ۽ ادبي لحاظ کان هي ڪتاب نهايت اهميت وارو آهي.(1)

27. بيگلارنامه: تاليف ادراڪي بيگلاري – سال تاليف (1017هه)

ادراڪي هن ڪتاب کي، بيگلاري خاندان جي احوال تي تاليف ڪيو آهي ۽ جنگ جا واقعات، جيڪي جان بابا، ميرزا باقي ۽ شاهه قاسم جي جوانمردي کي واضح ڪن ٿا، سلطان ابوالقاسم ۽ ميرزا غازي بيگ جي اختلافات کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. خصوصاً هي ڪتاب ارغونن ۽ ترخانن جي عهد تي آهي.(2)

(28) تاريخ طاهري: تاليف سيد محمد طاهرنسياني (ٺٽوي)- سال تاليف (1030هه).

هيءُ ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ کان پوءِ جنهن جو ذڪر مٿي ٿيو، ارغونن ۽ ترخانن جي حالات تي بهترين ۽ مفصل ترين ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طرح سان ميرزا باقي، ميرزا جاني ۽ ميرزا غازيءَ جي زماني جو ذڪر ملي ٿو. ڪي معلومات، جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهي، سي ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل نه آهن. هي ڪتاب امير محمد بيگ ”عادل“، جي نالي سان ارپنا ڪيل آهي. مؤلف ميرزا غازي جو معاصر آهي، جيڪو قنڌار جي حڪومت وقت ميرزا غازي سان همراهه هو.(1)

(29) تاريخ مظهرشاهجهاني: تاليف يوسف ميرڪ سنڌي – سال تاليف (1044هه).

شاهجهان جي عهد ۾ هي ڪتاب سنڌ جي حالات تي لکيو ويو. دراصل هيءُ، سنڌ تي مرثيه آهي، اُنهن ظلمن جو جيڪي سنڌ جي باشندن تي مغلن روا رکيا ۽ ضمناً بطور مثال جي، ترخانن جي واقعن جو پڻ هن ۾ ذڪر ڪيل آهي. هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ترخانن جي لشڪر جي وضع و قطع کي واضح ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جنگين جو پڻ تذڪرو هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي.(2)

(30) ترخان نامو: تاليف سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي – سال تاليف (1065هه-1064هه).

هن ڪتاب تي آئينده سٽن ۾ تفصيل سان بحث ڪيل آهي(3) .

(31) مقالات الشعراء: تاليف مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي – سال تاليف (1174هه).

هن ڪتاب ۾ انهن شاعرن جو تذڪرو آهي، جن جو سنڌ سان تعلق رهيو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي آخري عهد جي شاعرن تائين حاوي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي حاڪم شاهه بيگ کان غازي بيگ جي زماني تائين، جيڪي شعراء ٿيا آهن، تن جا حالات هن ڪتاب ۾ درج ڪيل آهن. هي ڪتاب ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جي لحاظ سان وڏي اهميت رکي ٿو.(4)

(32) تحفة الڪرام: تاليف مير علي شير”قانع“ ٺٽوي – سال تاليف (1181هه).

سياسي تاريخ، ثقافتي اجتماعي طرح سان سنڌ لاءِ هي ڪتاب،
”دائرة المعارف“ جي مثل آهي ۽ منجهس ارغونن، ترخانن تي هڪ جدا باب لکيل آهي. اهڙيءَ طرح ان زماني جي اميرن جو پڻ ذڪر آيل آهي، شاعر، عالم ۽ صوفي، جي اُن زماني ۾ هئا، تن جو به هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي. مؤلف هن ڪتاب کي تاليف ڪرڻ وقت، خاص اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪو خاص اهم حوالو رهجي نه وڃي ۽ ڪي حوالہ پنهنجي معلومات مطابق به آندا اٿس(1) .

(33) فرمان ۽ سندون: ترخانن جي دؤر جون.

هنن فرمانن جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.

اِهي ڪتاب، جيڪي مٿي ڄاڻايل ذڪر ڪيل آهن ۽ اهي ڪتاب، جي استفاده جي قابل آهن يا تازو ظاهر ٿيا آهن. جهڙوڪ: مظهر شاهه جهاني، مهمان خانه بخارا، بدايع الوقايع ۽ چند مڪتوب ترخانن جي عهد جا. ليڪن انهن تي قوي گمان آهي، جي اُن دؤر سان تعلق رکن ٿا، جن مان ڪيترا اڃا تائين پوشيده آهن. جيڪي ظاهر نه ٿيا آهن يا ڪتبخانن ۾ موجود  آهن. ڪيترائي اهڙا ڪتاب ڪتبخانن ۾ مخطوطات جي صورت ۾ موجود آهن. جي اڃا تائين سينٽرل ايشيا ۽ خراسان قديم، تان جو ايران جي اڪثر ڪتبخانن مان منظرعام تي نه آيا آهن ۽ اسان کي به انهن ڪتابن جي ڪا پوري خبر ناهي، جيڪي انهن ڪتبخانن ۾ موجود آهن.

ارغونن جو ابتدائي دؤر تيمورين جي زرين دؤر کان شروع ٿئي ٿو، يعني شاهه حسين بايقراء ۽ هرات جي سلطنت ۽ مير علي شير ”نوائي“، مولانا جامي ۽ بهزاد، هي بي مثل فرد آهن، سي ان قلمي دؤر جي تاريخ ۾ مشهور آهن. مذڪور دؤر علم و فن جي اعتبار کان زرين دؤر جي نالي سان مشهور آهي ۽ اهڙي طرح هي دؤر تاليفي ۽ تصنيفي ڪتابن سان پڻ موسوم آهي.

بهرحال امير حسن بصريءَ جو خاندان اميرن تي مشتمل هو. ۽ هن خاندان جا فرد نهايت وڏي حيثيت رکندڙ هئا. هن خاندان مان هرهڪ ڪشور ڪشا ۽ اهل علم و هنر سان واسطو رکندڙ هو. اهڙي ماحول ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هن خاندان تي ڪو ڪتاب تاليف نه ٿيو هجي. قنڌار جي چاليهن سالن جي عهد (880هه-921هه) ۾ هو، امير ۽ حڪومت ڪندڙ هئا. شاعر ۽ مؤلف سندن نعمتن مان مستفيض ٿيندا هئا. ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي ته ان زماني ۾ جيڪو تاليف ۽ تصنيف جي ڪري مشهور آهي، ڪو ڪتاب جيڪو تاليف ۽ تصنيف جي ڪري مشهور آهي، ڪو ڪتاب ارغونن جي حالات ۽ ڪارنامن تي تاليف نه ٿيو هوندو؟

(1) ابوسعيد (855 هه-873 هه) بن محمد بن ميران شاهه بن تيمور.
(2) تاريخ 12 سومر ڏينهن عصر وقت. تاريخ سنڌ، ص.  192.
(3) ميرزا کي نياڻي، نالي ماه چوچڪ بيگم هئي، جا ميرزا ڪامران سان پرڻيل هئي، تاريخ سنڌ ص. 83.
(4) ربيع الثاني 962هه. تاريخ سنڌ، ص. 221
(5) جمادي الاول جي شروع ۾. تاريخ سنڌ، ص. 27
(1)  ٻن جلدن ۾ 1961ع ۾ ماسڪو مان شايع ٿيو.
(2) مطبوعه لوزاڪ لنڊن 1899ع
(3) متن ۽ انگريزي ترجمو 1902ع ۾ بورج (A. S. Beveridge) لنڊن مان شايع ڪيو.
(1)   Popiler poetry of the Baloches. M. Longworth  لنڊن مان 1907ع ۾ شايع ٿيو.
(2) سنڌي ادبي بورڊ مان 1968ع ۾ شايع ٿيو. (مترجم)
(3) سنڌي ادبي بورڊ مان 1957ع ۾ شايع ٿيو. ( مترجم)
(1) مطبوعه تهران باهتمام منوچهر 1341هه. ش.
(1) مطبوعه ليدن باهتمام سر دي لي سن – ٽن جلدن ۾ 1910ع-1919ع ۽ 1929ع.
(2) مطبوعه بپش مشن الواقع في ڪلڪته 1925ع (ٽن جلدن ۾ 6 حصا) (مترجم)
(3) مطبوعه پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي پهريون جلد 1961ع ٻيوجلد 1970ع ٽيون جلد 1974ع ۾ شايع ٿيا. (مترجم)
(1) مطبوعه مرڪزي اردو بورڊ لاهور (ٽن جلدن ۾) 1968ع-1969ع-1970ع. اردو ترجمو (مترجم)
(2) مطبوعه ڪپور آرٽ پرنٽنگ ورڪس لاهور 1926ع ّ“ (2) مطبوعه شرڪت نسبي حاج محمد حسين اقبال تهران، نوروز 1340 شمسي (مترجم)
(3) ڪتابخانه سنائي تهران 1346 شمسي.
(4) مطبوعه روز بازار امرتسر 1902ع.
(1) مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ 1959ع (مترجم).
(2) مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ 1959ع (مترجم).
(1) مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ 1964ع (مترجم).
(2) مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ 1962ع. (مترجم)
(3) مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ 1964ع. (مترجم)
(4) ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ 1957ع
(1) سنڌي ادبي بورڊ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ ”تحفـة الڪرام“ شايع ڪيو آهي. (مترجم)

صفحو ؛ 2
 

ترخان نامو

ترخان نامو: هن ڪتاب جو نالو مٿين فهرست ۾ 30 نمبر تي آيل آهي ۽ ڪتاب جو متن ايندڙ سٽن ۾ ايندو. ڪتاب جي ڪجهه ڀاڱن ۽ حصن تي ايندڙ سٽن ۾ بحث اچي ٿو.

سبب تاليف: هن ڪتاب جي آغاز ۾ مؤلف چوي ٿو ته ميرزا محمد صالح بيگ ترخان پٽ ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (ثاني) (جڏهن هو گجرات ۾ ترسيل هو) لکيو ته:

”ترخان نامو“ جيڪو هن جي ابن ڏاڏن جي زندگيءَ حالات تي مشتمل هو، سو سنڌ مان هٿ ڪري کيس موڪلي. مؤلف ميرزا محمد صالح جي باري ۾ هيئن ٿولکي:

”هو خاندان ۽ قبيله پروري جي محبت ۾ پنهنجي اسلاف عالي نسب جي مطالعي سان خواهش ۽ رغبت رکندو هو ته جيئن پنهنجي خاندان ۽ نسب کي معلوم ڪري، ته خوانين مان ڪير شرف ۽ عظمت جو حامل آهي.“

هي ڪتاب اهڙي وقت تاليف ٿيو، جڏهن سمورا ارغون مڪمل طرح سان ختم ٿي چڪا هئا ۽ عيسيٰ ثانيءَ جي وفات (1061هه) کان پوءِ، ترخانن مان فقط ميرزا محمد صالح ۽ چند فرد سندس عزيز و اقارب بطور آخري يادگار جي رهيل هئا.

سنڌ ۾ هي ٻئي حڪمران قبيلا اڌ صديءَ اڳ، ختم ٿي چڪا هئا. ميرزا غازي بيگ جي وفات بعد (1022هه)، ميرزا عبدالرزاق معموري، ڄاڻايل خاندان جي هڪ هڪ فرد کي سنڌ مان وٺي هندستان ۾ جهانگير بادشاهه وٽ پيش ڪيو. جيئن ته ڪتاب ذخيرة الخوانين جو مؤلف لکي ٿو:

”- هن سلسلي جو نالو نشان جهڙو رهيو ئي نه آهي بلڪ سمورن ارغونن ۽ ترخانن جا آثار هن شهر (ٺٽي) ۾ پڻ نه رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو هنن مان (سنڌ ۾) جيئرو هوندو ته اهو پڻ نه هئڻ جي برابر هوندو(1) .“

اها ڳالهه ظاهر آهي ته هنن ٻنهي خاندانن جي خاتمي سببان، ميرزا محمد صالح جي اها جبلي فطرت هئي، جنهنڪري هو ان فڪر ۾ رهندو هو ته پنهنجي عالي نسب بزرگن ۽ خوانين بلند مقامات جا حالات جمع ڪري. – جڏهن به ڪو خاندان زوال پذير ٿئي ٿو، ته انهن جو سعادت پذير اولاد زبون حال ۾ عروج و اقبال جي داستانن مان هڪ قسم جو دلي اطمينانِ ۽ ذهني سڪون حاصل ڪري ٿو. اهوئي تنها وسيلو آهي ذليل احساس جي علاج جو، جيڪو شڪست خوردگي، تنزل ۽ انحطاط کان پيدا ٿئي ٿو. ميرزا محمد صالح، خاص سنڌ سان تعلق رکندڙ هو، پر جيڪي هڪ ملڪ جا ناهن، سي پنهنجي طاقت جي زور تي ٻين جي ڪمزوريءَ مان بيجا فائدو وٺن ٿا، پوءِ جڏهن به انهن جي زوال جو وقت اچي ٿو،  تڏهن پنهنجي مقدر جي لکئي جي سامهون ٿين ٿا ۽ اهو فطرت جو قانون آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين هلندو اچي ٿو.

ميرزا محمد صالح بيگ رشته داري سببان سيد مير محمد جي ذريعي ٺٽي سان غير مستقيم لاڳاپو رکندڙ هو. اِهوئي سبب آهي، جو مرزا کانئس گهر ڪئي ۽ لکيو ته: ان ڪتاب (ترخان نامو) کي هٿ ڪري، کيس موڪلي. مؤلف خود ان جو تذڪرو ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته:

”- شفقت ۽ مهربانيءَ جي بنا تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي طريقه سلوڪ تي، انهيءَ سلسلهِّ فقرا جي بنياد تي توجه مبذول فرمايو. انڪري هن اقل العباد (سيد محمد) هڪ خط ۾ لکيو ته ”ترخان نامو“ موڪليان پيو.(1)“

اُن کان پوءِ وري مؤلف لکي ٿو ته:

”- جيتريقدر ٿي سگهيو، هن خادمِ فقراء ڄاڻايل ڪتاب جي تلاش ۽ جستجو ڪئي، پر اهو ڪتاب ڪٿان به ملي نه سگهيو ۽ نه ڪنهن اُن بابت ٻڌايو(2) .“

آخري حصي ۾ انهيءَ عبارت مان معلومات ملي ٿي، ته هڪ ڪتاب ”ترخان نامو“ جي نالي سان، ترخانن جي باري ۾ تاليف ٿيو هو ۽ ميرزا محمد صالح پڻ اُن ڪتاب جي ڳولا ۾ هو. اهو قول اسان جي گمان جي تائيد ڪري ٿو ته يقين سان ارغونن ۽ ترخانن جي بزرگن جا حالات و ڪوائف سندن فرمائش تي ڪتابي صورت ۾ تاليف ٿيا هوندا. پر زماني جي هٿ چراند کان محفوظ نه رهيا ۽ اهل تحقيق جي اکين اڄ تائين ان کي نه ڏٺو آهي.

بهرحال جڏهن اهو ڪتاب ”ترخان نامو“ سيد محمد کي هٿ نه لڳو، تڏهن هن هڪ ٻيو ڪتاب ساڳئي نالي سان تاليف ڪيو، جيڪو ساڳين حقيقتن تي حاوي هو. ان ريت ميرزا محمد صالح جو حڪم ۽ فرمائش پوري ڪئي وئي.

ڪتاب جا ماخذ: مؤلف چوي ٿو ته ”ترخان نامو“ جي تاليف وقت، جي ڪتاب استفادي جي جوڳا ڏٺا ويا، سي هن ريت آهن:

1. روضة الصفا (مير خواند)

2. ظفرنامه تيموري (شرف الدين علي يزدي)

3. تاريخ همايوني (؟ بايزيد بيات)

4. اڪبرنامه (ابوالفضل علامي)

5. نگارستان (احمد بن محمد غفاري)

6. تاريخ طاهري (سيد محمد نسياني ٺٽوي)

7. منتخب بي بدل يوسفي (يا منتخب التواريخ: محمد يوسف بن شيخ رحمت الله – سال تاليف 1056هه).(1)

8. تاريخ گزيده (حمدالله مستوفي)

9. مجمع الانساب (؟ محمد بن علي بن محمد شبانڪاره – سال تاليف 743هه).(2)

10. تاريخ طبري (محمد بن جرير طبري)

ڪتاب جي مطالعي بعد اهو اندازو ٿيندو ته فقط ڄاڻايل ڪتابن مان مؤلف استفاده ڪيو آهي ۽ جيڪا ان بعد اضافي عبارت آهي، سا تعارفي آهي، ٻيو بس. هن فهرست جي تذڪري بعد ڪتاب جي مؤلف لکيو آهي ته:

”- هن اقبال و اجلال جي دستگاهه کي جيڪو مرغوب ۽ مطلوب هو، سو انتخاب ڪري، سندس بزرگن جو شجرو حضرت نوح تائين… مرتب ڪيو ويو آهي ۽ سندس بزرگن جا حالات، جن تخت بادشاهيءَ تي حڪومت ڪئي آهي، برسبيل اجمال ۽ اختصار سان مسودي ۾ مشغول ٿيو، جنهن جو نالو ”ترخان نامو“ رکيو ويو-“

مؤلف ڪتاب جا ابتدائي ٻه باب، ميرزا محمد صالح جي نسب نامي ۽ نجي زندگي تي حضرت نوح تائين لکيا آهن، جي تحقيق ڪندڙن طبري، روضة الصفا، ظفرنامه ۽ تاريخ گزيده تان ورتل آهن. اهڙيءَ طرح حڪومت جي زماني وارا واقعا، قنڌار کان ترخانن جي سلطنت جي خاتمي تائين، لفظ به لفظ سنڌ جي تاريخ (تاليف مير معصوم بکري) تان نقل ڪيل آهن. حيرت آهي ته ڄاڻايل ڪتاب جي نالي کي پنهنجي ماخذ جي فهرست ۾ ذڪر نه ڪيو اٿس. ميرزا غازي بيگ جا حالات آغاز کان انتها تائين، تاريخ طاهريءَ تان نقل ڪيل آهن، باقي حقيقتون ”تاريخ سنڌ مير معصوم“ مان اخذ ٿيل آهن. درحقيقت ”ترخان نامو“ کي مير معصوم جو اڻ پورو انتخاب سڏڻ گهرجي. اسان جي قول جي ثابتيءَ لاءِ هن ڪتاب جي مختلف عبارتن کي، انهيءَ تي قياس ڪرڻ گهرجي.

ڪتاب تي هڪ نظر: ڄاڻايل سٽن مان ظاهر ٿي چڪو آهي ته ”ترخان نامو“ مير معصوم جو اڻ پورو خلاصو آهي. اهڙي طرح ڪو وڌيڪ مواد يا مطلب نٿو رکي ۽ ان ريت مؤلف ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني) جو همعصر هو ۽ هيءُ ڪتاب ميرزا محمد صالح جي فرمائش تي تاليف ڪيل آهي. انهيءَ ڪري ٿيڻ ائين گهربو هو، ته تحقيق ۽ جستجو کان پوءِ انهن حقيقتن کي، جيڪي اڳوڻن ڪتابن ۾ آيل آهن، تن ڳالهين ۾ اضافو ڪري ها. جيڪڏهن سندس راءِ مطابق ائين نه ٿي ٿيو، ته گهٽ ۾ گهٽ ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني) ۽ ان جي اولاد متعلق مفصل معلومات ڪتاب ۾ آڻي ها. پر افسوس آهي جو مؤلف ائين به نه ڪيو، ايستائين جو پنهنجي ممدوح ميرزا محمد صالح بابت به ڪا خاص حقيقت نه لکي اٿس. آخر ۾ ميرزا عيسيٰ (ثاني) جو ٽن صفحن ۾ احوال لکي، ڪتاب ختم ڪيو اٿس ۽ ميرزا محمد صالح جي احوال بابت ايترو به نه لکيائين، جيترو ”ذخيرة الخوانين“ ۾ مواد آيل آهي.

انصاف جي تقاضا پٽاندر مؤلف پنهنجا فرض پورا نه ڪيا آهن، جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ ۾ اهڙا ماڻهو به موجود هئا، جن کان ڪي حقيقتون، جي اڳوڻن ڪتابن ۾ آيل نه آهن، حاصل ڪري، ڪتاب ۾ واڌارو ڪري سگهيو ٿي. بلڪ انهن جي مدد سان ڪيترن ئي گذريل واقعن جي باري ۾ تحقيق ۽ قيمتي معلومات جو اضافو به ڪري سگهيو ٿي. جيڪڏهن مؤلف ٿورڙي تڪليف ڪري ها، ته هن خاندان جي احوال ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهيو ٿي. ليڪن هن ته پنهنجي وقت جو به تذڪرو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن هو، ميرزا غازي بيگ جي عهد کان ميرزا محمد صالح تائين، عيني شاهدن جي مدد سان معلومات جمع ڪري، ڪتاب ۾ درج ڪري ها، ته پوءِ هن ڪتاب جي پاڻ وڌيڪ اهميت ٿئي ها ۽ پڙهندڙن لاءِ غير معمولي ۽ وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿئي ها. حالانڪ اُن وقت خود مؤلف جي خاندان مان ڪي اهڙا به شخص موجود هئا، جي چاهي ها ته رڳو ترخانن بابت زياده معلومات ڪتاب ۾ آڻي ٿي سگهيو.

مؤلف جي هن آسان ڪارڪردگيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته جيڪي ڪتاب کيس سولائيءَ سان هٿ لڳا، تن جو مطالعو ڪري، هن خاندان جا حالات مختصر ڪري انهن ڪتابن مان لکيا اٿس ۽ انهيءَ اجائي اختصار جي ڪري، جيڪي حقيقتون هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهن، سي هڪ قاري جي معلومات کي اڳتي وڌڻ نه ڏينديون، بلڪ اُن جي بجاءِ سندس دماغ مان نوان نوان سوال اُڀرندا ۽ جن پڙهندڙن هن ڪتاب کان پهرين تاريخ معصومي، تاريخ طاهري ۽ بيگلارنامه جو مطالعو ڪيو هوندو، ته پوءِ هي ڪتاب سندن مطالعي ۾ ڪو اضافو نه ڪندو.

پاڻ مؤلف انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ته هن تاليف وقت سندس ڪيترائي رشتيدار، عزيز و اقارب ۽ ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي اولاد مان حيات هئا، جيئن هو پنهنجي تاليف ۾ چئي ٿو:

”- ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (ثاني) جا ننڍا ننڍا پٽ، ڏهٽا ۽ عزيز، جي ميرزا سان وابسته هئا، جن کي هن جداجدا منصبن ۽ مددِ معاش سان سرفراز ڪيو هو-“(1)

هي قصو شاهجهان جي آخري عهد جو آهي. هن کان اڳ جهانگير جي عهد ۾ مير عبدالرزاق معموري، ترخان قبيلي کي سنڌ مان ٻاهر هندستان وٺي ويو هو. اُهي ترخان به ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي حوالي رهيا، جيئن مؤلف خود لکي ٿو:

”- سمورا ارغون، ترخان ۽ سپاهه نواب ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي خدمت ۾ رجوع ڪيا ويا ۽ نواب نهايت ڪمال همت سان انهن جي خبر گيريءَ ۾ مشغول ٿيو. هرهڪ کي سندن علمي قابليت مطابق پنهنجي خدمت ۾ رکيائين-“(1)

مٿي ذڪر ڪيل سڀ ماڻهو مؤلف جي عهد ۾ جيئرا هئا، تڏهن به انهن جي زندگيءَ جا حالات گمناميءَ جي پردي ۾ رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ تاريخ طاهري ۾ جيڪو مؤلف پنهنجي طرفان احوال لکيو آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه احوال (ان بابت) هٿ نه ٿو اچي.

جيڪي تاريخي ڪتاب هندوستان ۾ تاليف ٿيا آهن، جن ۾ ميرزا عيسيٰ (ثاني) ۽ ان جي پٽن جا تذڪرا آهن، سي به اسان کي آسانيءَ سان لڀن نه ٿا. جنهن سبب اڄ تائين اسان هن نيڪوڪار امير (ميرزا عيسيٰ ثاني) جو تذڪرو ڳولي رهيا آهيون، جيڪو پنهنجي شاندار ڪارنامن سببان، نمايان شاهي عظمت وارو هو، تنهن بابت به ڪٿان، اسان کي پوري خبر نه ٿي ملي.

تاريخي شڪ، شبها: مٿي ڄاڻايل غلطين کانسواءِ زيرنظر ڪتاب ۾ هڪ ٻيو وڏو نقص به اهي، اُهو هيءُ آهي ته هن ڪتاب جي مؤلف تاريخ واقعن جي تاريخ يا سال جو ذڪر نه ڪيو آهي، ايتري تائين جو اڪثر سال، جيڪي ڪتاب ۾ آندا اٿس، سي به غلط ڏنا اٿس. مثال طور:

1. عبدالعلي ترخان تاريخ 9 – رجب سال 1040هه وفات ڪئي ۽ ان جي قبر، ڪتبي سان اڄ تائين موجود آهي، ليڪن مؤلف هن جي وفات واري سال کي 1039هه ڄاڻايو آهي. جيڪڏهن مؤلف ٿوري به زحمت گوارا ڪري ها ته هن جو ڪتبو مڪليءَ جي قبرستان ۾ اڃا تائين موجود آهي، جنهن جي آسانيءَ سان تحقيق ڪري سگهيو ٿي ۽ عبدالعلي جو سن وفات صحيح طور سان ٻڌائي ها.

2. مؤلف ميرزا غازي بيگ جي، وفات وارو سال 1020هه لکيو آهي. جڏهن ته تاريخ طاهري ۽ ذخيرة الخوانين ۾ 1021هه لکيل آهي.

3. ميرزا جاني بيگ جي وفات وارو سال، ڪتاب ۾ مؤلف، رجب 1011هه لکيو آهي. جڏهن ته هن جي وفات جي صحيح تاريخ 27-رجب سال 1009هه آهي. اهو سن هن جي مقبري جي محراب تي پڻ موجود آهي.

4. جان بابا، ميرزا عيسيٰ (ثاني) جو والد ميرزا محمد صالح جو ڏاڏو هو، جنهن جي قبر اڄ تائين مڪلي جي ٽڪريءَ تي موجود آهي ۽ قبر تي ڪتبو جڙيل آهي، جنهن ۾ وفات وارو سال ۽ شهادت جي تاريخ پڻ درج آهي. ميرزا باقي هن کي سال 978هه ۾ قتل ڪيو. ليڪن مؤلف ان واقعي جو سن، تاريخ 979هه لکيو آهي.

5. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (اول) 973هه ۾ وفات ڪئي، جنهن جي قبر اڄ تائين ڪتبي سوڌو موجود آهي. جڏهن ته مؤلف هن جي تاريخ وفات ۾ هڪ سال جو اضافو ڪري، مير معصوم جي تتبع تي 974هه کي سندس وفات جو سال سڏيو آهي.

6. همايون بادشاهه، شيرشاهه کان شڪست کائڻ بعد 947هه (28- رمضان) جي سنڌ ۾ پهتو. ليڪن مؤلف سندس هت اچڻ وارو سال 949هه (ٻه سال پوءِ) لکيو آهي.

7. ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني)، بروايت ماثرالامرا(1) ، محرم 1062هه ۾ وفات ڪئي. هي اُهو وقت هو، جڏهن پاڻ شاهجهان جي دربار مان پنهنجي جاگير راڌڻپور ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين، قصهءَ سانڀر ۾ ترسيو، جڏهن ته مؤلف پنهنجي ممدوح جي سال کي به درست نه لکيو ۽ سال 1062هه جي جاءِ تي سال 1061هه (ماهه محرم 1061هه) تحرير ڪيائين.

مطلب ته اهڙي قسم جون ڪيئي غلطيون، هن ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.

تاليف وارو سال: مذڪوره ڪتاب جي مؤلف، تاليف واري سال جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي. ظاهري طور تي هيءُ ڪتاب ميرزا عيسي! (ثاني) جي وفات بعد (1062هه) ۾ تاليف ٿيو. اهڙي عبارت هن ڪتاب ۾ آيل آهي، جنهن مان اها خبر پوي ٿي. جڏهن هي ڪتاب تاليف ڪيو ويو، تڏهن
ميرزا محمد صالح سنڌ ۾ نه هو ۽ شاهجهان، ميرزا محمد صالح کي سندس والد جي آخري زندگيءَ ۾ سورٺ (جهوناڳڙهه 1061هه) ۾ فوجدار مقرر ڪيو، جتي هو (1064هه) تائين رهيو(1) . ميرزا صالح جو 1065 ۽ 1066هه ۾ حڪومت سان ڪو واسطو نه هو ۽ هن اِهي ٻه سال گجرات ۾ گذاريا. محرم 1067هه ۾ پاڻ هتان کان سيوهڻ جو فوجدار ٿي، سنڌ ۾ اچي پهتو. مٿي ڏنل سندس احوال جي اُڀياس مان خبر پوي ٿي ته ميرزا صالح 1065هه  ۾ ”ترخان نامو“ جي ڳولا ۾ رهيو، جڏهن پاڻ پنهنجي ملازمت کان فارغ ٿي چڪو هو ۽ نهايت اطمينان سان پنهنجي جاگير قصبهِّ راڌڻپور ۾ رهندو هو. ان وقت پنهنجي ابن ڏاڏن جي زندگيءَ واري حالات کي جمع ڪرڻ جو فڪر ٿيس. انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته ”ترخان نامو“ 1065هه جي منڍ ۾ يا 1066هه جي شروعات ۾ تاليف ٿيو هوندو.

نسب نامه: مؤلف هن ڪتاب جي شروع ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي شجرهِّ نسب جو تذڪرو ڪيو آهي.

نسبي سلسلا حضرت نوح عليہ السلام کان تومنه خان تائين، اُهي آهن، جيڪي ڪتاب ”حبيب السير“، ”ظفرنامه“ ۽ ڪنهن حدتائين جامع التواريخ رشيدي ۾ آيل آهن. اهڙيءَ طرح تومنه خان کان امير اڪوتمر تائين به اُهي ئي آهن، جيڪي مختلف ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل آهن. جڏهن ته ڪن نالن جو اصل ماخذ، جيڪو هن مؤلف جو توسط سان امير اڪوتمر کان امير حسن بصري تائين ارغونن جي نسب نامي جي هيٺ ۽ اڪوتمر کان عبدالعلي تائين ترخانن جي هيٺ ڏنل آهي، اهو تسلسل ڪهڙي آڌار تي آهي، سو معلوم ٿي نه سگهيو. جيئن ته ڪن سلسلن جي نسب نامن کي جن کي اڪبر نامه ۾ ابوالفضل، عبدالعلي جي نالي تائين ذڪر ڪيو آهي، سا ڪڙي وچان غائب آهي.

انهيءَ آڌار تي جيڪي واڌارا مؤلف پڌرا ڪيا آهن، سو تسلسل مٿي ڄاڻايل جي نالن سان ٿيندو. ترخانن جي نسب نامن ۾ عبدالعلي کان عيسيٰ ثانيءَ تائين، مؤلف ٻيو سلسلو بيان ڪيو آهي. جڏهن ته افسوس آهي جو هن عيسيٰ (اول) کان عيسيٰ (ثاني) تائين ڪو اهڙو تذڪرو نه ڪيو اهي ۽ اهڙي ڪوتاهي نسب نامن ّجي ذيل ۾ امير ذوالنون جي نالي کان شاهه حسن تائين ٿيندي آئي آهي.

نسب نامي جو ٻيون حصو مؤلف، تومنه خان کان امير تيمور تائين ۽ امير تيمور کان بابر تائين ترتيب ڏنو آهي. افسوس آهي جو مؤلف هن تقسيم ۾ به ڪافي تحقيق ۽ محنت نه ڪئي آهي. ٻيو هي ته جهڙوڪ: تومنه خان کان امير تيمور تائين اُهي ئي نالا آهن جيڪي امير تيمور جي قبر تي اُڪر ٿيل آهن ۽ مختلف ڪتابن ۾ آيل آهن. ان ريت مؤلف تيمور جي اولاد جي سلسلي کي اڌورو ڇڏيو آهي.

اُهي نسب نامه جيڪي اسان هن ڪتاب ۾ درج ڪيا آهن، تن جي اصل صورت اُها ناهي. يعني مؤلف جيڪي نالا لکيا آهن، انهن جي اسان پڻ اصلاح ڪئي آهي، سمورن شجرن کي مختلف ڪتابن ۽ مختلف ڪتبن جي مدد سان (جيڪي قبرستان مڪلي ۾ آهن) ڀيٽ ڪري، نئين سري سان ترتيب ڏنا اٿئون ۽ حتي الامڪان انهن کي تڪميل تائين پهچايو ويو آهي. انهيءَ مقصد سان هنن ڪتابن: روضة الصفا، حبيب السير،(1) تاريخ مغول (تاليف عباس اقبال)، تاريخ سنڌ مير معصوم، بيگلارنامه، تاريخ طاهري ۽ مآثر رحيمي تان پڻ مدد ورتي وئي آهي. اهڙيءَ طرح ترخانن جي نسب نامن ۾ ميرزا عيسيٰ (اول) ۽ ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي وچ وارا نالا مڪليءَ جي قبرستان جي ڪتبن تان نقل ڪري، واڌارو ڪيو اٿئون ۽ انهن ڪتبن جي مدد سان هرهڪ جي وفات جي تاريخ پڻ نسب نامي ۾ ڄاڻائي اٿئون، جڏهن ته مؤلف کي ايتري ڄاڻ ۽ ايتري فرصت به هئي، ته گهٽ ۾ گهٽ هو ميرزا عيسيٰ (اول) جي اولاد جي مڪمل شجرو ڏي ها، ڇو ته هو ميرزا عيسيٰ (اول) جي مائٽن مان هو ۽ ڄاڻايل خاندان جا ڪيترائي ماڻهو اُن وقت پڻ جيئرا هئا. ايستائين جو خود مؤلف جو ممدوح ميرزا صالح پنهنجي قبيلي جي چند فردن سان پڻ جيئرو هو. مؤلف جي چاهي ها، ته انهن شجرن جي مڪمل ماخذن کي، جن جا نالا هن ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻائي سگهيو ٿي، ليڪن افسوس آهي ته هن ائين به نه ڪيو.

مؤلف ۽ ان جو خاندان: ترخان نامو جو مؤلف سيد مير محمد ٺٽوي آهي، جيڪو مشهور ”انجوي شيرازي“ خاندان مان هو. هن جو ڏاڏو، جنهن جو نالو سيد محمد المعروفبه سيد ميران محمد هو، تنهن ڪنهن نامعلوم سبب جي آڌار تي پنهنجي وطن شيراز کي الوداع چئي، پنهنجي فرزند سيد احمد سان گڏ اٺين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ڏي هجرت ڪئي(1) ۽ قصبه سيدپور ۾ اچي رهيو. اُن زماني ۾ ڄام صلاح الدين سمي جي حڪومت هئي.

سيد محمد جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد احمد ٺٽي ويو ۽ اُتي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ انهيءَ شهر ۾ قاضي نعمت الله عباسي، جيڪو هڪ بزرگ، عالم ۽ متحر هو، تنهن جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. ڄاڻايل بي بيءَ مان سيد احمد جي اولاد (وفات غره محرم 845هه) گهڻي زماني تائين سنڌ ۾ زندگي گذاري ۽ وري اُن جي اولاد نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪئي.

سيد مراد شيرازي: سيد احمد کي هڪ فرزند هو، جيڪو سيد محمد حسين، معروف به سيد مراد شيرازيءَ جي نالي سان (831هه-893هه) مشهور هو. هي پنهنجي وقت جو نهايت صوفي بزرگ ۽ صاحبِ طريقت هو. سندس مبارڪ وجود جي تقاضا هئي ته جيئن ماڻهو زياده کان زياده سندس احترام ڪن ۽ جوق درجوق سندس خاندان جي فردن کان رهنمائي حاصل ڪن. هن سلسلي جي رشد ۽ هدايت، جنهن جو هو مؤسس هو، تنهن جو هر سال وفات واري تاريخ تي عرس ٿئي ٿو ۽ هر روز عقيدتمند ۽ زيارت ڪندڙ گهڻي کان گهڻا سندس مزار تي اچن ٿا.

هن بزرگ جو جدا قبرستان ڪوهه مڪليءَ تي قائم آهي. مير علي شير قانع، پنهنجي خراج عقيدت کي ”مڪلي نامه“ ۾ هن طرح ظاهر ڪيو آهي:

”- جمله پاڪ مزارن مان، جنهن جو طواف ننڍا وڏا ڪن ٿا،سو روضه پرنور و ضيا، آئينه اسرار نما، شاهدِ مشاهدِ لي مع الله، مراد بخشِ هر بي مراد، سيد محمد حسين مشهور بقطبِ چهارم پير مراد جو آهي. هن پاڪ مرقد جي چؤطرف نسخهءِ اِرم هم آغوش اهي ۽ هن پاڪ زمين جي بياض جو هر صفحو، انوارِ اِلاهي جي گلشن جو راز آهي. خنده حور، هن آستان جو آهنگ آهي. تجليِّ طور هن مرقد جي سفيدي آهي. غزالِ حرم هن آستاني جا خاڪروب آهن ۽ روح الامين هن هنڌ جو پاسبان آهي-“

زبانِ سبزهِّ خود رويِّ ارضش
همين تابد برآن مضجع، چنان نور
دعا را استجابت خاکدانش
هرآن سائل که بر در گلشن تابد
 شهادت نامه از برکرده بيغش
که دروي شعشة مهر است مستور
هميشه روح قدسي ميهمانش
دهن ناکرده وا، مقصود يا يابد(1)
اهڙي طرح ”حديقة الاوليا“ جي مؤلف، هيٺ ڄاڻايل قصيدي ۾ سيد جي مدح ۾ چيو آهي ته:(2)

ملک سيرت، ان پير سيد مراد
فروزان چراغي ز آلِ رسول
سرا پردهِّ قربِ حق منزلش
سرِ حلقهِّ جمع قدوسيان
انيسِ سرا پردهِّ وجد و حال
زخمخانهِّ شوق سر مست بود
غريقِ فرو رفته دريايِّ عشق
حقائقِ شناسِ مقالات بود
بسي طالبان را، زفيضِ نظر
زهي آستانش، مسرت فزاي
مزارِ شريفش که در مکلي است
فضاي سرايش، فرح بخش روح
غبارِ مزارش، چو کحل البصر
ز اربابِ حاجت، هزاران هزار
کشدهر کسي در خورِ اعتقاد
کسي، گربپائي درش، سر نهد
درِ آستانش که بس دلکشاست
خدايا! بر اين خاکِ پاکِ مزار
خجستہ لقاؤ مبارک نهاد
گلِ گلشنِ مرتضيٰ و بتول
محلِ فيوضات غيبي دلش
شناسايِّ اسرار روحانيان
جليسِ درِ بارگاهِ وصال
زخود نيست ناحق همه هست بود
حريقِ شراري تجلاي عشق
خداوند کشف و کرامات بود
شده جانبِ وصلِ حق، راهبر
زمراة دل، زنگ غفلت زدائي
زمراة دل، زند غم منجلي است
صفاي درش، ماية صد فتوح
فزائندهِّ روشني در نظر
رسد در مزارش بليل و نهار
در آغوش وصلت عروسِ مراد
گلِ کام دلرا بسر بر نهد
کليدِ کشائندهِّ کارهاست
سحابي ز بارانِ رحمت ببار
برين مستمندِ دل آوارهء

ز فيضِ عميمش رسان بهرهء

هن سيد جي خاندان جا حالات تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، تحفة الطاهرين، حديقته الاوليا ۽ معيارِ سالڪانِ طريقت ۾ ذڪر ڪيل آهن، جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل ٽي ڪتاب سندس حالات ۽ سندس بزرگن جي حالات تي تاليف ٿيل آهن:

1. تذڪرة المراد، سيد علي ثاني

2. آداب المريدين، سيد علي ثاني

3. معارف الانوار (في فضائل سيد الابرار و آئمه اطهار و احوال قطب المختار) تاليف محمد صالح بن ملا زڪريا- سال 1149هه.

سيد مراد 63 سالن جي عمر ۾ 893هه ۾ وفات ڪئي(1) ، ۽ ”ساجداً و خالصاً“، سندس وفات جو مادهِّ تاريخ آهي.

سيد علي ثاني: سيد علي (اول) جو وڏو ڀاءُ سيد مراد شيرازي هو، جيڪو ان کان پوءِ سندس جاءِ نشين ٿيو. هن جو فرزند سيد جلال (متوفي 903هه) جيڪو پنهنجي وقت جو جليل القدر علماء ۽ ديندار هو. خصوصاً تفسير، حديث، فقه ۽ سمورن ديني علوم ۾ مڪمل دسترس هيس. هن آخري عمر تائين، عوام جي خدمت ۽ رشد و هدايت ۾ گذاري.

سيد علي ثاني (متوفي 981هه) مٿئين سيد جلال جو فرزند هو ۽ سيد مراد کان پوءِ خير و برڪت ۽ رشد و هدايت ۾ مذڪور خاندان ۾ بلند مقام حاصل ڪيائين. ڪيترائي سنڌ جا مشائخ هن جي تربيت سان فيضياب ٿيا ۽ پنهنجي وقت جو يگانهِّ روزگار هو. هن خاندان مان هڪ سيد عبدالڪريم (بلڙي) وارو به هو، جيڪو پنهنجي عهد ۾ صاحبِ ڪرامت ۽ صاحبِ ولايت هو ۽ سنڌ جي شعراء مان باڪمال هو. هن جو سلسلهِّ رشد و هدايت ان سرزمين تي رهيو، جنهن جو سرخيل، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جو مشهور قومي شاعر هو، سو هن بزرگوار جي اولاد مان هو.

حضرت سيد علي ثاني جي عهد ۾، ارغون سنڌ ۾ اچي وارد ٿيا ۽ ارغونن جو سمورو دؤر هن جي ئي زماني ۾ ٿي گذريو، بلڪ ايستائين جو ترخان حاڪمن مان هڪ عيسيٰ ٻيو باقي، سندس معاصر هئا ۽ هيءُ سيد پنهنجي وقت جو نهايت مڃيل بزرگ هو، نه فقط عوام الناس ڏانهس رجوع ٿيندا هئا، بلڪ ان زماني جا صاحبانِ اقتدار پڻ سندس خدمت ۾ پنهنجي اظهارِ ارادت کي وسيله سعادت ۽ پنهنجي اميري، دولتمندي جو ضامن سمجهندا هئا. جڏهن همايون بادشاهه راجپوتانه مان مايوس ٿي عمرڪوٽ ۾ وارد ٿيو، تڏهن مذڪوره سيد، ظاهراً شاهه حسن ارغون جي طرفان، همايون جي دلجوئي لاءِ وٽس ويو ۽ سيد اڃا اُتي ئي هو ته اڪبر بادشاهه (آرتوار جي رات تاريخ 5 – ماهه رجب المرجب 949هه) تولد ٿيو ۽ اهو ٽڪرو، جيڪو سيد علي ثاني جي پهراڻ مان حاصل ڪيو ويو هو ۽ هند جي مغل بادشاهه لاءِ رکيل هو، تنهن مان ننڍڙو چولو ٺاهي، سڀ کان پهرين تولد ٿيڻ بعد تبرڪاً اڪبر کي پارايو ويو. ان باري ۾ ترخان نامو، وارو هيئن ٿو لکي:

”- حضرت بادشاهه (همايون) فرزند ارجمند جي ولادت تي نهايت خوش خورم ۽ مسرور ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان پهرين نور وارو لباس (اڪبر بادشاهه) لاءِ برسيل تبرڪاً (سيد علي ثاني) جي پهراڻ مان تيار ڪيو ويو-“(1)

ميرزا شاهه حسن (961هه) ۾ وفات ڪئي ۽ ٻن سالن تائين سندس لاش امانتاً مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن بعد سيد علي ثاني جي مشوري ۽ ميرزا مرحوم جي زوجه جي چوڻ تي لاش کي مڪه معظمه ڏي کڻي سندس والد (ميرزا شاهه بيگ) جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد علي ثاني به تبرڪاً لاش سان گڏ هو. جيئن ته ارغونن جو قبيلو، هن ذات والاصفات سان نهايت عقيدت رکندڙ هو.

سيد علي ثاني، نه صرف شيخ طريقت هو، بلڪ وڏو عالم ۽ اديب پڻ هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي زبان تي ڪامل قدرت رکندڙ هو. هو سنڌي زبان جو نهايت قابل شاعر هو. هن ٻه ڪتاب- آداب المريدين ۽ تذڪرة المراد- پنهنجي ڏاڏي سيد مراد جي حالات تي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ تاليف ڪيا آهن. ظاهراً قاضي محمد اُچ واري کان پوءِ شيخ الاسلامي، سندس سپرد ٿي. هو نه فقط ديني مسئلن ۾ مداخلت ڪندو هو، بلڪ اجتماعي پيش رفت ۽ ٺٽي جي تمدن ۾ به حصو وٺندو هو. اهوئي موسيقي جي فروغ جو موجب ٿيو. سماع جو محفلون برپا ڪندو هو ۽ ماڻهن کي دعوتون ڏئي، اُنهن کي، آداب، رسومِ طعام ۽ مهمانيءَ جا طور طريقا سيکاريندو هو. هن جانورن جي کلن پائڻ وارن ملن جي طلسم کي ٽوڙي، ديني مسئلن کي اجتهادي رنگ ڏنو. مير معصوم سندس باري ۾ لکي ٿو ته:

”- ۽ ميان سيد علي (ثاني) نهايت علم، زهد ۽ سخاوت جو مالڪ هو. جيئن ته اڪثر فاضل ۽ مسافر سندس احسان جي دسترخوان تان پورو حصو حاصل ڪن ٿا. سندس گذران لاءِ جيڪو ٽڪر خاص ٿيل هو، انهيءَ جو اڌ هر سال جدا ڪري، فضيلت وارن ۽ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ ويندڙن کي ڏيندو هو. هر موسم ۾ انهيءَ موسم جا ميوا تقسيم ڪري، حقدارن کي پهچائيندو هو. جناب مير سيدعلي (ثاني) ٻارهن حج ڪيا هئا ۽ سندس پيشانيءَ ۾ بزرگيءَ جون نشانيون ظاهر هيون. هر سال ربيع الاول مهيني جي شروعات ۾ ٻارهن ڏينهن سيد المرسلين + جن جي روح پرفتوح جي نيت، فقيرن ۽ مسڪينن کي عمدا طعام کارائيندو هو ۽ مڪليءَ جي پيرن جي مزارن تي سماع ڪندو هو. اهڙو ته ذوق هوندو هوس، جو قاضين ۽ مفتين جي منع هوندي به سماع کان نه روڪبو هو-“(1)

حديقة الاوليا جو مؤلف، جيڪو سيد (ثاني) جو همعصر هو، تنهن هن طرح خراج ارادت پيش ڪيو آهي:(2)

آن والي کشورِ ولايت
صاحب دل عارفِ محقق
سيد علي آن بفضل ممتاز
گلدستهِّ بوستان طهٰ ها
مرآتِ جمال اسم اعظم
کشاف دقائقِ معاني
از آئينهِّ دلش هويدا
دريا دلِ قلزم سماحت
دستِ کرمش، چو ابر نيسان
فيضِ کرمش، که عام بودي
در راهِ خدا ببذل و ايثار
گر خود همه گنج شايگان بود
ميداد همه بتازگي روي
بودش بنظر هزار جوهر
صد گونہ سماطِ نزل چيدي
بنشتہ ببزمِ ميزباني
اخوان صفا زهر دياري
هر روز برسمِ ميهمانان
هر يک ز افاضهِّ نعيمش
بر چيده جواهرِ مطالب
دائم پيِّ ابتغا مرضات
هشتادويکي سنين نهصد(981هه)
کو، رخت ازين سراي فاني
آسود بخوش ترين مزاري
خورشيد زرويِّ صدق و اخلاص
خوش گنبذِ فيض بخش پرنور
از باغ گلي طرب شگفته
نزهتگه چشم اهل بينش
 
برهان ممالک هدايت
بيدار دليِّ ولي مطلق
سر دفترِ سيدانِ شيراز
فرخ ثمري ز نخلِ زهرا
بيناي رموزِ هر دو عالم
دانائي حقائق نهاني
اسرارِ جلال حق تعاليٰ
عيسيٰ دمِ يوسفي ملاحت
ميبود هميشه گوهر افشان
زو بهرهِّ صد کرام بودي
ميداشت دلي چو بحر و زخار
در حاصل جمله بحر و کان بود
هرگز نه فگنده چين بر ابروي
با قيمتِ يک شيشه برابر
خوانهاي نعم بران کشيدي
ميداد صلاي ميهماني
فلانِ وفا ز هر کناري
از شوق بخدمتش شتابان
و ز بحر کف يدِ کريمش
برگشته از آن حريمِ صايب
کوشيده در انقضاي حاجات
بگذشته ز هجرتِ محمد
بر بست، بملکِ جاوداني
مانند بهشت مرغزاري
در گنبذِ او چو ذره رقاص
رخشان ز فضا چو جرگهِّ حور
کز شبنم فيض روح شسته
پيرايهء باغ آفرينش
”رضائي“ ٺٽوي سنڌ جو هڪ مشهور فارسي گو شاعر آهي. جنهن منظوم عشقيه داستان، سسئي پنهونءَ بابت فارسي ۾ ”زيبانگار“ مثنوي تاليف ڪئي آهي. اُن مثنوي ۾ سيد علي (ثاني) کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو:(1)

که آن طغراي منشورِ سيادت
شه معنيٰ، جهانگيرِ ولايت
حقيقت چون مجازش جلوه گر بود
شرابِ عشق مي نوشيد هردم
دلِ پرجوش او، پيمانهِّ عشق
بسي عالي ست، نزدِ حق، مفامش
 
فروغِ ديده اي نورِ سعادت
جوان مردِ جهان، پيرِ هدايت
عجب صاحب دل و صاحب نظر بود
دلش چون باده مي جوشيد هردم
نگاهش عشق چشمش خانهِّ عشق
بود سيد علي در خلق نامش
مقامش تته و مشهور آفاق

چو خور در طاق گردون، شهرتش طاق

….        ….      ….      ….

همان سيد علي مردِ ولي بود
زهي فتحي که شق شد قبر ناگاه
قدِ خود تاميان بالا کشيده
برنگِ گل، تبسم کرد، بشگفت
طعامي را کشيد از مرقدِ خويش
 
مر او را فتح بابش رويِّ بنمود
ز شق بنمود زيبا، رويِّ چون ماه
ز خاکي سرو رعناي دميده
بمهمانان ثنا و مرحبا گفت
که از وي سيرشد هر مردِ درويش
سيد علي (ثاني) 981هه ۾ وفات ڪئي. هي اُهو زمانو هو، جو ميرزا باقي ترخان، سنڌ ۾ حڪومت ڪندو هو، هر قسم جو ظلم ۽ تعدي ٺٽي ۽ سنڌ جي عوام تي ٿيندو هو. جنهن سبب هو حياتيءَ کان تنگ ٿيا. مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ سيد علي ثاني جي وفات جو مادهِّ تاريخ ”فات العالم بجوده“ چيو آهي.(2)

صاحبِ معارف الانوار، سيد علي ثاني جي ولادت جو سال 891هه لکيو آهي. سيد مراد، سيد علي ثاني جي ولادت وقت حيات هو ۽ ان جي ولادت تي نهايت خوش ٿيو.

سيد جلال ثاني: سيد جلال ثاني، سيد علي ثاني جو فرزند هو. جيڪو پيءُ جي وفات بعد جانشين ٿي ۽ شيخ الاسلام مقرر ٿيو. هي بزرگوار به پنهنجي والد وانگر اهلِ دل ۽ صاحبِ رشد و هدايت هو، بلڪ جاذبِ شخصيت رکندڙ هو. سياسي ۽ ناموريءَ جي لحاظ کان عوام الناس ۽ غير معمولي شهرت جو مالڪ هو ۽ بلند مقام تي هو. ڪيترائي سياسي مسئلا سندس دانائيءَ سببان حل ٿيا.

جڏهن ميرزا باقي پنهنجي اعمالن سببان ڊنو، ته شايد اڪبر بادشاهه سنڌ تي حملو ڪندو، تڏهن هن کي شاهي دربار ۾ سفير ڪري، هندستان ڏي موڪليو ۽ پنهنجي هڪ نياڻيءَ کي حرم شاهي ۾ پڻ موڪليائين. اڪبر بادشاهه هن ظالم حاڪم جي تحفي کي رد ڪيو، ليڪن سيد جلال ثانيءَ جي سفارش تي سنڌ تي حملي ڪرڻ کان باز آيو ۽ بادشاهه کي اُهو وقت ياد ڏياريائين ته، پهريون ڪپڙو، جيڪو کيس تولد ٿيڻ بعد پهرايو ويو هو، سو سيد جلال ثاني جي والد سيد علي ثاني جي پهراڻ جو ٽڪر هو.

اهڙيءَ طرح ميرزا جاني جي عهد ۾ امير صادق خان، اڪبر بادشاهه جي حڪم سان سنڌ ۾ ٺٽي کي فتح ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ هن، بکر مان لنگهي، سيوستان تي حملو ڪيو ۽ فتح سيوستان جي خوشخبري، اڪبر بادشاهه کي لکي موڪليائين. سيد جلال ثاني، ميرزا جاني طرفان، اڪبر جي دربار ۾ پهتو هو، سو انهيءَ موقعي تي مذڪوره سيد جي ڪوششن سان اڪبر بادشاهه، دوباره صادق خان کي واپس اچڻ لاءِ حڪم موڪليو ۽ صادق خان 994هه ۾ سنڌ مان واپس ويو ۽ سنڌ وقتي طور ميرزا جاني جي قبضي ۾ ٿي.(1)

سيد جلال عادات و اخلاق ۾ پنهنجي والد وانگر هو. بلڪ بحر بي پايان هو. هو علم، تدبر ۽ فراست ۾ مسائلِ سياسي ۽ مهمانوازي ۽ سخاوت ۾ پنهنجو جواب نه رکندو هو، پنهنجي والد وانگر مرجعِ خلائق هو، مسڪين پرور هو. مير معصوم سندس معاصر هو، تنهن سيد جلال بابت لکيو آهي ته:

”- زهد و ڪمال جي زيورن سان آراسته هو ۽ پنهنجي والد وارو رستو اختيار ڪيائين. سمورن علمن ۾ يگانهِّ روزگار ۽ وحيدِ عصر هو. لطافت ۽ متانت ۾ بي نظير هو. جوان مردي ۽ مروت ۾ باوجود گهٽ معيشت جي، جيڪي به وٽس هو سو پنهنجي والد کان زياده خرچ ڪندو هو. عوام کانئس بهرمند ٿيندو هو. شريعت جي پابندي ۾ هو پنهنجي والد کان زياده هو-“(1)

سيد جلال کي، هندستان وڃڻ کان اڳ (994هه) ۾ ميرزا جاني، ميرزا صالح اول، (متوفي 970هه) جي دختر نڪاح ۾ ڏني.(2) هيءَ اُها دختر هئي، جڏهن ميرزا باقي ظلم ۽ جور شروع ڪيو، تڏهن هن کي به قيد ۾ رکيائين ۽ مذڪوره حاڪم جي مرڻ کان پوءِ، جڏهن ميرزا جاني بيگ زمامِ حڪومت سنڀالي، تڏهن هن خاتون کي ٻين قيدين سان گڏ آزاد ڪيائين.

مير سيد محمد، صاحبِ ترخان نامو: ”معيارِ سالڪانِ طريقت“ جي قول مطابق، عفت ماب خاتون جي بطن مان، مير سيد جلال ثاني کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سيد محمد هو، جيڪو هر حيثيت ۾ پنهنجي والد وانگر هو. صاحبِ تحفة الڪرام، ان باري ۾ هيئن ٿو فرمائي ته، پنهنجي وقت ۾ هنن جي بزرگي مشهور هئي ۽ ”ترخان نامو“ به، هن جي مؤلفات مان آهي.(3)

افسوس آهي جو سيد جلال جا حالات، ڪنهن به ڪتاب مان نه ٿا ملن، ايستائين جو ”ترخان نامو“ ۾، خود مؤلف به پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي.

اولاد: سيد مير محمد کي ٻه فرزند هئا: سيد مير بزرگ ۽ سيد عبدالله. سيد مير بزرگ جو پٽ مير زين العابدين معروف به، سيد لطف الله ٿيو، جيڪو مشهور فارسي گو شاعر هو، جنهن ”حرزالبشر“ جي نالي سان ڪتاب تاليف ڪيو آهي. مير قانع، مير زين العابدين متعلق لکيو آهي ته:

”- مير زين العابدين…صاحبِ ڪمال ۽ مرجعِ انام هو. پنهنجي وقت ۾ ساداتن جو گلِ سرسيد ۽ حميدالخصال هو. مذڪوره سيد اڪثر امرآء جو سردار هو. هن تي بزرگي ختم ٿي. پاڻ اهل دانش جو دماغ هو.“

علمي قابليت ۾ ڪثير هو. نسخه ”حرزالبشر“ سندس تاليف مان مشهور آهي ۽ ”قانع“ تخلص ڪيائين. هن جي ذات گرامي، سندس فطرت جي نتيجن ۽ عوام جي اکين کان پوشيده رهندي هئي. (1132هه) ۾ وفات ڪيائين. مير علي شير قانع،- ”رضواعنہ“ مان سندس تاريخ وفات ڪڍي آهي.(1)

مير زين العابدين کي ٻه فرزند هئا. هڪ جو نالو سيد غلام علي هو ۽ ٻئي جو نالو سيد عبدالولي هو. مير علي شير قانع، سيد غلام علي بابت لکي ٿو ته(2) :

”- (غلام علي) بدستور پنهنجي والد جو ۽ پنهنجي اجداد جو قائم مقام ٿيو. جيئن ته هاڻي (1181هه) آهي،هن جو فرزند مير لطف الله عرف سيد دره پيءُ جو متمڪن آهي.(3) “

اهڙيءَ طرح قانع، سيد عبدالولي جي حالات بابت لکي ٿو ته:

”-باوجود پنهنجي ڀاءُ جي سجادگي جي….جيسين هو حيات هو، بزرگن جي وضع کي نهايت عمدگيءَ سان قائم رکندو آيو، جنهن کي چند سال گذريا آهن. هاڻي هن جو فرزند نالي سيد ابراهيم باقي آهي.“

سيد مير محمد جو ٻيو پٽ سيد عبدالله هو، جنهن کي مير حسن علي نالي پٽ هو، تنهن کي به هڪ فرزند نالي سيد لعل مير هو، جيڪو (1181هه) تائين حيات هو. جيئن ته ان وقت مير قانع، تحفة الڪرام جي تاليف ۾ مشغول هو، سو اُن بابت لکي ٿو ته:

”- هاڻي مير سيد لعل مير….پنهنجي والد وارو بلند مقام رکي ٿو ۽ پنهنجي والد وانگر بزرگيءَ ۾ ان جي صفات سان آراسته آهي.“

قبرستان: هاڻي شايد هن خاندان مان ڪوبه فرد زنده نه آهي. ليڪن جيڪا ارادت هنن سان ماڻهو رکندا هئا، سا اڄ به اڳي وانگر آهي. ڪوبه ڏينهن اهڙو نٿو گذري،جو ماڻهو زيارت ۽ فاتحه خوانيءَ لاءِ هنن بزرگن جي مقبرن تي نه ايندا هجن. هن خاندان جو قبرستان، مڪلي تي موجود آهي. جيڪو ”قبرستان پير مراد شيرازي“ جي نالي سان منسوب آهي. سيد مراد جي قبر هڪ احاطي ۾ آهي، جا ٻين قبرن جي ڀيٽ ۾ نمايان ڏسجي ٿي. انهن مزارن تي ڪا عمارت نه آهي ۽ اُهي قبرون بهه واري گاري سان لتل آهي.

سيد علي ثاني جي مزار، مذڪوره مزار جي نزديڪ ٻئي احاطي ۾ هڪ وڏي گنبذ هيٺان آهي. هن جي مزار تي به ڪثرت سان زائرين اچن ٿا، جيڪو زائرين جو مرڪز آهي. هنن ٻنهي بزرگن جي وفات واري تاريخ مطابق، ٻنهي جو عرس ٿيندو آهي. گمان آهي ته سيد محمد جي مزار به زير گنبذ اُنهيءَ احاطي ۾ هوندي، جيڪو سيد علي جي احاطي ۾ آهي. جيئن ته ان جي قبر تي ڪو ڪتبو نه آهي، جيڪو سندس تاريخ وفات کي متعين ڪري سگهي.

*          *         *          *          *

ترخان نامو جو متن: ترخان نامو جا خطي نسخا نهايت ڪم دستياب ٿيا آهن ۽ ٻيو ڪوبه نسخو تيرهن صدي هجري کان اڳ جو موجود نه هو. هاڻي اسان ٽن نسخن جي معلومات فراهم ڪريون ٿا، جيڪي ٽيئي نسخا برٽش ميوزم برطانيه ۾ موجود آهن ۽ اسان ترخان نامو جي تصحيح ۽ ترتيب ٻن نسخن مان ڪئي آهي.

نسخہء الف: هن نسخي جو نمبر 1976 او.آر آهي ۽ نسخي جا 62 ورق آهن، جنهن جي سائيز 12.75”x8.50” آهي. هر صفحي تي 17 سٽون آهن، جيڪي خط نستعليق ۾ آهن. مؤرخ، 1850ع ۾ لکيو آهي ۽ ڪوبه ترقيمه (خاتمون با تاريخ) هن ۾ ناهي(1) .

اسان هن نسخي کي بنيادي قرار ڏيندي، هيٺين نسخن سان ڀيٽي، درست ڪيو آهي ۽ هيٺين نسخي سان هن نسخي جي اختلافن جو حاشن ۾ ”ب“ واري نشان مان ذڪر ڪيو آهي.

نسخہء ب: هي نسخو خطي نسخن جي فهرست ۾ برٽش ميوزم ۾ موجود آهي، جنهن جو نمبر 1814- او.آر آهي. هن جي ابتدائي صفحن تي بيگلارنامه (صفحي 5 کان 137) تائين ۽ بعد ۾ ترخان نامو، صفحي 139 کان صفحي 200 تائين نقل ڪيل آهي. هن جي سائيز 12.50”x8.50” ۽ هر صفحي تي 17 سٽون آهن. هي نسخو جمادي الثاني 1265هه/ 1849ع جو آهي.(2) جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته بنيادي نسخي جو هن نسخي سان مقابلو ڪيو ويو آهي.

نسخو ٽيون: هي نسخو فهرستهائي خطيءَ ۾ برٽش ميوزم ۾ آهي ۽ خطي نسخن جي شماره 1815- او.آر تي هن جو ذڪر ڪيل آهي(1) .اسان کي نهايت افسوس آهي، جو اسان هن نسخي مان استفادو نه ڪري سگهياسون. هي نسخو ڪو ايترو قديم ڪونهي، بلڪه هي اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو ۽ نه وري هي ڪا خصوصيت رکي ٿو.

”ترخان نامو“ ٽي سؤ سال پهرين تاليف ٿيو، ليڪن عجب آهي ته ڪوبه نسخو تيرهين هجري تائين جو موجود نه آهي هن ڪتاب جا نسخا به گهڻا گهٽ آهن. اسان جي تحقيق مطابق هن ڪتاب جو چوٿون نسخو دنيا جي ڪنهن به ڪتبخاني ۾ موجود ڪونهي.

ٻه مقالا: ڪتاب جي مؤلف، ديباچي کان پوءِ ٻه مقالا (ورق نمبر 4 الف کان 31 الف تائين) درج ڪيا آهن:

1. نسب نامه حضرت نوح کان سنڌ جي ارغونن ۽ ترخان تائين.

2. احوال حضرت نوح کان امير ايتلمش بن ايڪو تيمور تائين، هي ذڪر ٻن فصلن تي مشتمل اهي.

فصل اول: بيان احوال خانان والا شان ترڪستان، جيڪي چنگيز خان جي خروج ۽ ان جي اولاد نامدار جي حڪومت تائين ايران ۽ توران ۾ حڪومت تي پهتا.

فصل دوم: سلطان اسلام غازان خان بن ارغون خان بن اباقا خان بن هلاڪو خان.

نسب نامان ۽ حالات جي تحقيق، مختلف ڪتابن تان نقل ڪيل آهن. مؤلف وڌيڪ ڪا تحقيق يا اضافو نه ڪيو آهي. هن تقسيم جو شامل ڪرڻ، ٻن سببن کان غير ضروري هو. اسان ان کي موجوده متن مان خارج ڪيو آهي، جنهن جو پهريون سبب هي آهي ته تقسيم ڪا سنڌ سان ربط نه ٿي رکي ۽ ٻيو سبب هي آهي ته ان موضوع تي اڄ ايترا ڪتاب تاليف ٿي چڪا آهن، جيڪو تحقيق جو نتيجو لکڻ وارن ۾ هئڻ گهرجي. ازانسواءِ ڪي قديم ڪتاب، جن مان تفصيل سان معلومات انهي موضوع تي ملي ٿي، سي به ڇپجي چڪا آهن. انڪري اها تقسيم به تحقيق جي راهن ۾ گم گشته آهي، اهو اسان جي نظر ۾ غير ضروري ۽ بي فائدي هو، لهذا اسان مندرجه بالا تقسيم کي (جيڪا اصل متن ۾ ورق 4 الف کان 31 الف تائين ديباچي کان پوءِ آئي آهي) موجوده متن مان خارج ڪيو آهي.

ديباچي کان پوءِ جيڪو ورق 31 ب آهي، تنهن کي اسان موجوده متن ۾ شامل ڪري آندو آهي.

مقالي جو خاتمون: 1959ع ۾ جڏهن آءٌ دل جو مريض هيس ۽ منيلا (فلپائن) ۾ ڊاڪٽر جي سفارش تي ترسيل هوس، تڏهن ان وقت ڪتاب جي موجوده متن جي ڀيٽ ۾ تصحيح ڪئي هيم ۽ اڃان آءٌ منيلا ۾ ئي هيس ته ڪراچي ۾ هي ڪتاب طبع ٿي چڪو هو. مون گهريو ٿي ته هن ڪتاب جي متن ڇپجڻ کان پوءِ، مؤلف جي ڪيل غلطين ۽ واڌارن بابت، ڪتاب جي آخر ۾ تعليقات شامل ڪريان. منهنجي اها به مرضي هئي ته هڪ مفصل مقالو، ارغونن ۾ ترخانن جي مقبرن تي، جن جون قبرون ٺٽي ۾ موجود آهن، سي تصويرن ۽ نقشن سان هن ڪتاب ۾ ضميمي طور ڏيان، پر بي پناهه مصروفيتن اجازت نه ڏني ته ان ارادي کي علمي جامو پهرايان. جيئن ته پنج سال اڳ هي ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، تنهنڪري في الحال مون به انهي ۾ خوبي ڏٺي ته عملاً ساڳي صورت ۾ ڪتاب کي ڇپرايان. انشاع الله جي عمر اجازت ڏني ته نهايت ضروري معلومات کي جداگانه ترتيب ڏئي ڇپرائيندس.

موجوده متن ۾ ڪيترائي اشتباهات آهن، پر جيئن ته ان جي غلطين کي منهنجي غير حاضريءَ ۾، جهڙو حق هو، سو ممڪن نه ٿيو. تنهنڪري آءٌ قارئين کان ان بابت معذرت چاهيان ٿو ۽ پڻ اميدوار آهيان، ته اهي اشتباهات جتي به نظر اچن، تن جي ضروري اصلاح ڪري، انهن غلطين تي چشم پوشي ڪندا.

8- آگسٽ 1964ع

88- رابن سن روڊ،

6 منزل- ڪمرو-ڊي،                           حسام الدين راشدي

هانگ ڪانگ

(1) ذخيرة الخوانين قلمي، ص 169.
(1) رجوع ڪريو ڪتاب جو متن، ص 3.
(2) رجوع ڪريو ڪتاب جو متن، ص 3.
(1) ر.ڪ. ريو- ج 1. ص. 122 ب. اڪثر ماخذ منتخب بي بدل يوسفي جا اُهي آهن، جن جو مؤلف ترخان نامو، پنهنجي ماخذ جي فهرست ۾ ذڪر ڪيو آهي. مثلاً تاريخ طبري، تاريخ گزيده، مجمع الانساب، روضـة الصفا، نگارستان، تاريخ همايون ۽ اڪبر نامه.
(2)  ر. ڪ. ريو- ج 1، ص 83. ۽ نشريه دانش ڪده تبريز، شماره اول، تيرهون سال، ص 41.
(1) رجوع ڪريو ڪتاب جو متن، ص. 98
(1) رجوع ڪريو ڪتاب جو متن، ص. 94
(1) ماثر الامرا- ج 3، ص 488. بروايت مولف مراة احمدي: شاهجهان 1061هه ۾ ميرزا عيسيٰ کي طلب ڪيو، جنهن بعد ميرزا عيسيٰ- شاهجهان جي دربار مان سانڀر پهتو، ليڪن اتي هن جي حياتي پوري ٿي وئي.
(1) مراة احمدي، ص 243.
(1) ظفرنامه، جامع التواريخ، جهانڪشائي جوبني، اويماق مغول.
(1) صاحب معارف الانوار، مذڪور سيد احمد جو شجرو هن ترتيب سان ڏنو آهي: سيد احمد (متولد شيراز 757هه- وفات سنڌ ۾ 845هه) بن سيد محمدالحسيني شيرازي انجوي (وفات 10- محرم 800هه سيدپور ۾) بن سيد محمود (وفات 752هه، عمر 45 سال، دفن ٿيل، شيراز) بن سيد محمد (وفات 714هه، عمر 40 سال، دفن ٿيل شيراز) بن شاهه محمود (وفات 694هه، عمر 65 سال، دفن ٿيل، شيراز) بن سيد ابراهيم (وفات 645هه، عمر 55 سال، دفن ٿيل شيراز) بن سيد قاسم (وفات 620هه، عمر 39 سال، دفن ٿيل، شيراز) بن سيد زيد (وفات 609هه، عمر 36 سال، دفن ٿيل، مڪه مڪرم) بن سيد جعفر (وفات 595هه، عمر 61، سال، دفن ٿيل، مڪه مڪرم) بن سيد شاهه حمزه (وفات 549هه، عمر 42 سال، دفن ٿيل، ڪربلا معليٰ) بن شاهه هارون (وفات 532هه، عمر 42 سال، دفن ٿيل، ڪربلا معليٰ) بن سيد عقيل ثاني (وفات 412هه، عمر 60 سال، دفن ٿيل، ڪربلا) بن سيد جعفر برهان الله (وفات 492هه، عمر 60 سال، دفن ٿيل، سامره) بن سيد اسماعيل (وفات 439هه، عمر 79 سال، دفن ٿيل، سامره).
(1) رجوع ڪريو مڪلي نامه مجلد مهراڻ، شماره 2، سال 1956ع، ص. 183.
(2) حديقـة اوليا- تاليف سيد عبدالقادر ٺٽوي.
(1) معارف الانوار ۾ سيد مراد جي تاريخ وفات 12- ربيع الاول ڇنڇر ڏينهن ظهر جو وقت لکيل آهي.
(1) ر. ڪ. ڪتاب جو متن، ص 25.
(1) تاريخ سنڌ تاليف مير معصوم بکري، ص 216.
(2) حديقـة الاولياء نسخهِّ خطي، سنڌ يونيورسٽي، ص 76
(1) مثنوي زيبانگار- نسخه خطي.
(2) تاريخ سنڌ. تاليف مير معصوم، ص. 214.
(1) ر. ڪ. ڪتاب ترخان نامو جو متن، ص 69
(1)  تاريخ سنڌ، ص 216
(2)  تحفـة الڪرام خطي، ورق 123
(3) تحفـة الڪرام ذڪر سادات انجوي شيرازي ۽ مقالات الشعرا، ص 528
(1)  تحفـة الڪرام ۽ مقالات، ص 528.
(2)  تحفـة الڪرام ص 188، ج 3 ڇاپي.
(3)  ايضاً.
(1)  ريو، ج 3، ص 950.
(2)  ريو، ج 3، ص 949.
(1)  ايضاً، ص 950.

 
صفحو ؛ 3
 

ترخان نامو

بسم الله الرحمٰن الرحيم

رب يسر ولاتعسر   

وتمم بالخير و الظفر

حقيقي حمد، شڪر ۽ نياز، بلڪ عاجزي ڪيل شڪرئي سان، جيڪو، فڪر ۽ قياس جي انداز کان ٻاهر اهي ۽ اها (الله تعاليٰ) جي تعريف، جيڪا سراسر، عجز، نياز سان ڪرڻ کان پوءِ- پڻ بادشاهن جون تعريفون ۽ بادشاهي اوصافن کي مڪمل طور تي بيان ڪرڻ واريون خوبيون- جن کي الله تعالي پنهنجي قدرت ڪامله سان (ربع مسڪون) زمين تي يعني صاحبانِ اقتدار بادشاهن کي غلبو عطا ڪيوآهي. جن کي شجاع ۽ معدلت شعار بنايو آهي. تن مان جيڪي ڪثرت سان وحدت جي طرف رجوع ٿيا آهن. تن کي ڪثرت جي لازمي اختلافات کان رهائي بخشي آهي ۽ پوءِ وري انهن جي عالي مقدار وزيرن ۽ نامدار اميرن جي وجود سان نوازيو- جن، چمڪندڙ تلوارن سان وڍي، ڪٽي، امن و امان پيدا ڪيو- سو انهن جي ئي وجود کان پڻ بادشاهن کي تائيد بخشي وئي آهي- انهي نعمتِ بيڪران جو شڪريو ڪرڻ هر شخص تي لازمي ۽ فرض آهي. بس انهن نعمتن جي ئي ڪري فقط الله تعاليٰ جو حمد ڪرڻ واجب آهي.

۽ صلوات ناميات ۽ پاڪيزن تحيات جناب سرورِ ڪائنات فخرِ موجودات تي هجن، جيڪو سڄي مخلوقات ۾ ”لولاک لما خلقت الافلاک“ جي لقب سان ممتاز آهي ۽ پڻ جنهن کي سمورن نبين ۽ رسولن کان مٿي ڪري، ”وما ارسلناک الا رحمت للعالمين“ جي نويدي خطاب سان الله تعاليٰ سرفراز فرمايو آهي.

اُن تي صلواتون ۽ سلام هجن ۽ ان جي ڀائرن (انبياء ماسلف) تي ۽ ان جي طاهر ۽ طيب آل تي ۽ ان جي هدايت يافته اصحابن تي- جي صديق، شهداء- ”- صالحين آهن.

اما بعد – هن بياض جي تحرير جو باعث هي آهي ته، حشمت و اجلال واري خاندان، شوڪت و اقبال جي برگزيده خاندان، ۽ شان شوڪت واري قوم جي سردار، عظمت وارو نوراني روشن ستارو، سخاوت واري گلستان جو ميوو، شجاعت وارو شينهن، جنهن جي ناموري ۽ خوبين جي مشهوري، عالم ۾ چئوگرد ڦهليل آهي ۽ هي (خاندان) سخاوت و شجاعت ۾ مثل روشن آفتاب جي، جيڪو نصف النهار تي ظاهر ۽ باهر آهي. بيت:

ز تر خانيان مثل او گوهري
نياورده بود آسمان ديگري

ميرزائي ميرزا محمد صالح بيگ ترخان (ثاني): (سلمہ الله تعاليٰ) خلف الصدق نواب معليٰ القاب، قبله گاهه الواصل اليٰ رحمة ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني)(1) ترخان نور مرقده، اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده سان آراسته هو. ظاهري ۽ ذاتي ڪمالات سان پيراسته هو. ميرزا محمد صالح بيگ (ثاني) ترخان کي سندس والد بزرگوار جي جيئري ئي، حضرت اعليٰ خاقاني، ظل سبحاني، خليفة الرحماني، صاحبِ قران ثاني(2) . (شاهه جهان بادشاهه)

قطعہ

شهنشاهي که مهرش ناگزير است
چو صيتِ عدلِ او آفاق گير است
جهانداري که چشمِ روزگار است
جهان را چار فصل از وي بهار است

(خلد الله تعاليٰ ملڪہ) پنهنجي الطاف و اڪرام سببان ۽ بادشاهي عنايتن ۽ مهربانين سببان، ظاهر ظهور پنهنجي ويجهو ڪري، امرائي عظام جي صف ۾ آڻي ڇڏيو.

قطعہ

بر افراخت شاهنشهي قدردان      سر ميرزا صالح از فرقدان

بالطاف شاهانه اش سر فراخت     ميانِ گروهش سرفراز ساخت

نواب غفران پناهه (ميرزا عيسيٰ بيگ ثاني) جي رحلت بعد (بادشاهه جي) ڪمال مهرباني ۽ مرحمتِ شاهانه سان پيءُ جو قائم مقام ٿيو ۽ هي نؤجوان خوش نصيب، پنهنجي والد واري سرداري ۽ حڪومت تي متمڪن ٿي، پنهنجي قبيلي، خاندان، لشڪر ۽ رعايا کي انعام و اڪرام سان نوازيو ۽ اهل الله کي، جيڪي سادات ڪرام مان هئا، ۽ فضلائي عظام کي، ۽ فقراء صالحين کي ۽ گوشه نشينن کي، پنهنجي مهرباني ۽ خاص توجہ سان راضي ڪيو. قبيله پروري سببان، پنهنجي قبيلي جي مطالعي تي پڻ گهري نظر رکندو هو ته جيئن هر هڪ، قبيلي ۽ خاندان جي نسبي حقيقت کي معلوم ڪري ۽ پنهنجي عالي نسب کي به معلوم ڪري ته ڪهڙا ڪهڙا بلند مقام مڪان خان، مرتبي ۽ مقام تي پهتا.

سو شفقت ۽ مهرباني واري طريقي سان، جيڪو موصوف جي وڏن جو هن فقير گهراڻي سان هو، تنهن جي آڌار هن قليل بندي سيد محمد بن مير جلال الدين حسيني الشيرازي کي، هڪ خط لکيو ته ڪتاب ”ترخان نامو“ کي مون ڏي موڪل. هر چند هن خادمِ فقراء، سنڌ جي شهرن ۾ ڳولا ڪئي پر ڪٿان به ڪتاب نه مليو ۽ نه ڪنهن ڪتاب بابت ڪا خبر ڏني، جيتوڻيڪ مون تي فرمائش جي تعميل ڪرڻ لازم هئي، جنهنڪري مجبور ٿي هن انشا جو انتظام ڪيم ۽ باوجود تعلق خاطر جي، معتبر ڪتابن مثلاً، طبري، روضة الصفا، ظفرنامه تيموري، تاريخ همايوني، اڪبرنامه، نگارستان، تاريخ طاهري، منتخب بي بدل يوسفي، تاريخ گزيده ۽ مجمع الانساب، وغيره ڏي رجوع ٿي ۽ جيڪي ڪجهه هن اقبال و اجلال جي دستگاهه کي مطلوب ۽ مرغوب هو سو انتخاب ڪري، بلڪ هن بزرگ نزاد جو شجرو، حضرت نوح عليٰ نبينا عليہ السلام تائين مرتب ڪري ۽ ڪجهه احوال هن جي وڏن بزرگن جا، جن تخت سلطنت تي حڪمراني ڪئي آهي، سي اجمالاً ۽ مختصر بيان ڪري (ڪتاب کي) ”ترخان نامو“ جي نالي سان موسوم ڪيم. بالله التوفيق و عليہ التڪلان.

لفظ ”ترخان“ خطاب آهي (يعني تعريفي لقب، جيڪو حاڪم کان مليل هجي) ۽ بالفتح ان جي لغوي معنيٰ ”خون ريز“ پڻ آهي. اصطلاحي معنيٰ ”مطلق العنان“ آهي، جيڪي ڪجهه چاهي سو ڪري ۽ خدمت سببان معاف ٿئي ۽ نون (9) پشتن تائين جيڪو قصور هن کان صادر ٿيو هجي سو پڻ معاف آهي. خسروِ چنگيز خان هڪ جماعت کي ترخان جو خطاب ڏنو. جيئن مشهور آهي ته ٻه ”ڪوربان“ جا پٽ جيڪي اذبڪ خان جي لشڪر جي، چنگيز خان کي خبر ڏيندا هئا. ترخان قوم، ماوراء النهر ۽ خراسان ۾ انهن ئي ٻن ڇوڪرن جي اولاد مان آهي.

ٻيو گروهه جيڪو، اعظم السلاطين مان آهي. سو حضرت صاحبقران امير تيمور گورگان جي مذڪور خطاب مستطاب سان سرفراز ٿيو. هنن جا سڀ قبيلا، امير ايڪوتمر جو اولاد سي، ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان جي نسب مان آهن. ”ظفرنامه تيموري“ ۾ مسطور آهي ته جڏهن امير ايڪوتمر، تقتمش خان جي لڙائي ۾ جان نثار ٿيو، تڏهن حضرت صاحبقران، ان جي پوري قبيلي کي انهي موقعي تي، جيڪا هنن ثابت قدمي ۽ جرات اختيار ڪئي هئي، تن کي ”ترخان“ جي خطاب سان سرفراز فرمايو ۽ جن ترخانن سنڌ ۽ قنڌار تي حڪومت ڪئي سي به امير ايڪوتمر جي نسل مان آهن.(1)

انهن حالات جي بيان ۾، جيڪو ارغون خان بن ابقا خان بن تولي خان بن چنگيز خان جو اولاد، جن قنڌار ۽ سنڌ تي نهايت ڪامراني سان تخت نشين ٿي ۽ اُتي ترقي ڏياريائون:

روايانِ اخبار ۽ ناقلانِ آثار، نقل ٿا ڪن ته امير ذوالنون بن امير حسن بصري، ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان جي اولاد مان آهي. جيڪو شجاعت ۽ بهادري ۾ اڪثر شجاعانِ خاندان مان ممتاز هو ۽ ابوسعيد ميرزا جي وقت ۾ وٽس ملازمت ۾ زندگي بسر ڪندو رهيو. رزم و پيڪار واري زماني ۾، جوانمرديءَ وارا ڪم ۽ جنگي ڪارناما، مردانه وار کائونس وقوع پذير ٿيا. جنهن بعد هو سلطان ابوسعيد ميرزا جو منظورِ نظر ٿي ۽ عنايت، تربيت ۽ رعايت وارو ٿيو. تنهن سان گڏ پنهنجي همعصرن جي نظرن ۾ احسان وارن اضافن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو. سندس مرتبو اقربا ۽ ڀائرن کان پڻ زياده ٿي ويو. سلطان ابوسعيد ميرزا جي شهادت کان پوءِ جيڪو قراباغ ۾ واقعو ٿيو، تڏهن امير ذوالنون پنهنجي والد جي ملازمت ۾ هرات ڀڄي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن سلطان يادگار ميرزا جي خدمت به گذاريائين جڏهن خراسان جي ملڪن جي حڪومت، سلطان حسين ميرزا بايقرا کي ملي ته امير بصري وفات ڪئي، تڏهن ان وقت امير ذوالنون ولد امير بصري، سلطان حسين ميرزا وٽ نهايت قبول ٿيو. ان بعد ولايت غور، زمين داور ۽ قنڌار سندس حوالي ڪيا ويا. هن ملڪ ۾ هزاره ۽ تڪدري، شان و شوڪت سان رهندا هئا ۽ پنهنجن حدن  تي غالب هوندا هئا. جڏهن هن اها هنن جي بهادري ڏٺي تڏهن امير ذوالنون سال 884هه ۾ هڪ قليل لشڪر سان، مٿئين گروهه سان جنگ ڪئي ۽ چئن سالن جي مدت ۾ هر معرڪي ۾ ڪامياب ۽ فتح مند ٿيو ۽ مذڪوره ولايت کي پنهنجي قبضي ۾ڪيائين. جڏهن هزاره ۽ تڪدري جي سموري لشڪر هن جو مشاهدو ڪيو تڏهن سندس فرمانبرداري ۽ اطاعت کي پنهنجو شعار بنايائون. ازانسواءِ اردگرد هن جي مخالفت به ختم ٿي بلڪ امير ذوالنون جي خدمت کي پڻ نيڪي سان قبول ڪيو ويو. جنهن بعد سلطان حسين ميرزا بايقرا، ان ملڪ جي حڪمت جون واڳون يعني مملڪتِ قنڌار، فره ۽ غور کي سندس قبضئه اقتدار ۾ ڏنا ۽ امير ذوالنون ڪيتري مدت تائين مذڪور ملڪن جي والي ٿي رهيو. اتي جي نظم و نسق کي بهتر بنايائين. ايتري ۾ شال ۽ مستونگ ملڪن ۽ انهن جي آس پاس کي پڻ پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين، ۽ چئن سالن گذرڻ بعد، امير ذوالنون هڪٻئي پٺيان ڪافي لشڪر ڪٺو ڪيو، ۽ هزاره، تڪدري قبچاق ۽ قنڌار جي مغلن کي پاڻ سان متفق ڪيائين. جڏهن اها خبر سلطان حسين ميرزا بايقرا کي پهتي تڏهن هن امير ذوالنون جي حاضر ٿيڻ لاءِ، فوري فرمان جاري ڪيو ته هو بغير ڪنهن دير جي دارالسطنت ۾ اچي حاضر ٿئي. امير ذوالنون به بنا ڪنهن دير جي دربار ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ نهايت بيش قيمت تحفا پيش خدمت ڪيائين. جنهن تي سمورن دربارين سندس اخلاق ۽ خيرخواهيءَ جي تعريف ڪئي. جنهن بعد سلطان حسين ميرزا مذڪور امير کي خلعت فاخره، گهوڙو، جڙاؤ زين، نوبت، علم ۽ بادشاهي فرمان، ظفر سان ديوان اعليٰ مقرر ڪيو ۽ ان سان گڏ اهو به حڪم ڪيائين ته، امير ذوالنون پنهنجي فرزند کي درباري اميرن جي ملازمت ۾ ڇڏي قنڌار واپس هليو وڃي. ان وچ ۾ خبر پوڻ سان امير ذوالنون فرصت کي غنيمت سمجهي، پنهنجي پٽ ۽ اميرن کي ساڻ ڪري بطور چڙهائي ڪرڻ جي، عازمِ قنڌار ٿيو ۽ چند اميرن کي سامان ۽ سواريءَ سان منزل تي پهچايائين. ٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سلطان حسين بايقرا فرمايو ته ذوالنون کي کپندو هو ته نؤروز تائين ترسي ها ۽ عيد نؤروز گذاري پوءِ قنڌار وڃي ها. (بادشاهه جا) توبچي جڏهن امير ذوالنون واري منزل تي پهتا، تڏهن اهڙو ڪو لڙائي وغيره جو نشان نه ڏٺئون. ان کان پوءِ لشڪر جا حالات معلوم ڪري (بادشاهه) کي عرض ڪيائون ته ذوالنون ته هتان به هليو ويو آهي. جنهن تي فوراً بادشاهه جي به زبان مان هي لفط نڪتا ته، ”ذوالنون اهڙي طرح هليو ويو، ته جيئن مون سان هو ٻيهر نه ملي سگهندو.“ جنهن تي شهزادن ۽ اميرن عرض ڪيو ته هو وري واپس ايندو، ڇو جو تنبيلي ۾ گهوڙا، اُٺ ۽ فراش خاني وارو سامان ۽ ٻيو به ڪيترو سامان هتي پيو آهي. بادشاهه فرمايو ته هن نهايت عقلمندي ۽ فراست جو ثبوت ڏنو آهي. انڪري جو، هن بازي ۾ مون هارايو ۽ هو کٽي نڪري هليو ويو، واقعي ائين ئي ٿيو پر جيئن ته تير ڪمان مان نڪري چڪو هو، جنهنڪري ندامت ڪرڻ بيسود هئي، تان جو 911هه ۾ سلطان حسين ميرزا بايقرا وفات ڪئي ۽ مملڪتِ خراسان ۾ هرطرف کان پورو خلل پئجي ويو.

ماهه محرم 913هه ۾ محمد خان شيباني اوزبڪ، هڪ ڪثير لشڪر جيڪو تڏين ۽ ڪيولين وانگر هو، تنهن سان جيحون دريا عبور ڪري، خراسان کي تسخير ڪرڻ جو قصد ڪيائين(1) . بديع الزمان جيڪو سلطان حسين ميرزا بايقرا جو فرزند هو، تنهن جڏهن ٻڌو ته محمد خان شيباني(2)، مملڪتِ خراسان ڏي متوجهه  ٿيو آهي، سو ٻڌي نهايت ڊنو ۽ هڪ قاصد، امير ذوالنون ڏي موڪلي، واقعات کان آگاهه ڪيائينس. امير ذوالنون پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي مصاحبن سان مشورو ڪيو، هرهڪ جي مختلف راءِ هئي. ليڪن امير ذوالنون چيو ته مون کي وڃڻ لازمي آهي. ڇو جو هن ناگهاني مصيبت ۾ مروت سان ويهڻ مناسب ناهي، ليڪن وري منهنجو واپس اچڻ پڻ محال آهي، انڪري جو اوزبڪن جو لشڪر نهايت عظمت ۽ شوڪت وارو آهي بلڪ هن جي طاقت ۽ قوت غيرمعمولي آهي ۽ هيڏانهن سلطان حسين بايقرا جي خاندان جو رخ زوال ۽ مسمار ٿيڻ جي طرف آهي.

القصه، امير ذوالنون پنهنجي لشڪر سان جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو سپاهه هو، شهزاده بديع الزمان ميرزا جي طرف ويو. ٿوري ئي وقت ۾ شهزادي جي خدمت ۾ پهتو. دست بوسيءَ سان مشرف ٿي اعزازن، اڪرامن، تعظيمن ۽ عزت سان سرفراز ٿيو.

محمد خان شيباني به وڏي لشڪر سان آيو ۽ ان وقت اوزبڪ جو لشڪر ماوراءِ النهر جي درياءَ کي عبور ڪري، ميدانِ جنگ ۾ پهتو. شهزادو به لشڪر جي تربيت ۾ صفن کي درست ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو.  طرفين جي بهادرن جي شور و غل، نفيرن ۽ نقارن جي آوازن کان زمين و آسمان ڪنبڻ لڳا.
امير ذوالنون به هڪ ڪثير لشڪر سان جنگي معرڪي ۾ ڪيترن ئي بهادرن کي جوان مردي جي شمشير سان غرقابِ فنا ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي ڀيرا دشمنن جي لشڪر کي تهه و بالا ڪري ڇڏيائين، جو خراسان جو لشڪر درياءَ وانگر، موج در موج ۽ فوج در فوج هو ۽ هڪٻئي پٺيان لڳاتار پئي آيا. ليڪن شهزادي وارو لشڪر حملي کي روڪڻ کان عاجز ٿيو، جنهنڪري عنانِ عزيمت شڪست تي ٿي. لشڪر ۾ پريشاني ۽ بي سرو ساماني جا آثار ظاهر ٿيا. جنهن کان فوج ۾ ڀاڄ پئي. امير ذوالنون ثابت قدمي کي اختيار ڪيو. هن ڪڏهن ساڄي طرف ٿي حملو ڪيو ته ڪڏهن کاٻي طرف، بدن تي زخمن هوندي به تيغ، خنجر ۽ تلوار سان، زمين کي دشمنن جي خون سان پئي رنگين ڪيو. هن نهايت بهادري ۽ مبارزت جا جوهر پئي ڏيکاريا. آخرالامر اوزبڪ هر طرف کان حملا ڪرڻ لڳا ۽ هو شه سوار جيڪو ميدانِ جنگ جو مرد هو ۽ جيڪو ڪيترن ئي زخمن کان چور ٿي چڪو هو، سو هاڻي گهوڙي تان پيادو ٿيو. هنن جي مرضي هئي ته امير ذوالنون کي قيد ڪري محمدخان شيباني وٽ وٺي هلن. ليڪن دشمن ائين نه ڪري سگهيا، تان جو امير ذوالنون شهادت جي شربت کي پي، وادئي شڪست ۾ ڪري پيو.

**

*

شاهه بيگ ارغون

شاهه بيگ ارغون بن امير ذوالنون بن امير بصري پنهنجي والد امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، دربار جي اميرن ۽ مصاحبن جي اتفاق راءِ سان حڪومت تي ويٺو. هر اهو شخص جيڪو امير ذوالنون جي حياتيءَ ۾ پنهنجي منصب تي فائز هو، سو سابقه دستور مطابق، ائين ئي رهيو، تن کي خلعتون بخشي، عدل و انصاف ۾ لاثاني ٿيو. جنهن بعد سمورا اراڪين سلطنت، دل و جان سان ميرزا شاهه بيگ، جي خدمت ڪرڻ ڏانهن راغب ۽ مائل ٿيا. هاڻي لشڪر جا سپاهي به هن جي هر حڪم تي جانثار ٿيڻ لڳا. شاهه بيگ هميشه، علماء ۽ طلباء علم، جي صحبت ۾ گذاريندو هو.

جڏهن محمدخان شيباني، سموري ولايتِ خراسان تي قبضو ڪيو ۽ فرهه جي آسپاس پهچي، قنڌار کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن فرهه گرم سير، جي حد ۾ پهچڻ بعد، شاهه بيگ، ايلچين کي محمدخان شيباني ڏانهن موڪلي، پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو وعدو ڪيو. جنهن بعد محمدخان راضي ٿي واپس هليو ويو.

ڪجهه عرصي کانپوءِ 915هه ۾، شاهه اسماعيل صفوي ثاني، ولايت خراسان، کي قبضئه اقتدار ۾ ڪري ورتو ۽ محمدخان شيباني، انهي جنگ ۾ مارجي ويو ۽ مذڪور بادشاهه سموري ملڪ تي غلبو حاصل ڪيو پر ويجهي ۽ پري جي ماڻهن منجهس سواءِ غرور ۽ آڪڙ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو.

ان وچ ۾، قدس خان، فرهه جي آسپاس پهچي ۽ پنهنجي حڪومت جو جهنڊو کوڙيو. ميرزا شاهه بيگ کي هن جي ان حرڪت سببان انديشو ٿيو ۽ پنهنجي مصاحبن سان مشورو ڪيائين ته اسان، باهه ۽ پاڻي جهڙن ٻن خودمختار بادشاهن جي وچ ۾ ڦاٿل آهيون. هڪ طرف کان شاهه اسماعيل، خراسان کي پنهنجي تصرف ۾ ڪيو آهي ته ٻئي طرف بابر بادشاهه ڪابل ۾ تشريف فرما ٿيو آهي ۽ لڙائي جا ٻه دروازا طرفين کان کليل آهن، سو هاڻي اسان کي پنهنجي انجام جو فڪر ڪرڻ گهرجي. هڪ ڏينهن شايد قنڌار مان به رخصت ٿينداسين، پر آءٌ چاهيان ٿو ته ڪجهه ڏينهن هتي رهون.

آخرالامر، سيوي کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو، شاهه بيگ نڪتو ۽ قنڌار کان شال (ڪوئيٽه) جي طرف رخ ڪيائين، 917هه ۾ قنڌار کان شال جي طرف اڳتي وڌيو پر شال ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي وري شال مان ڪوچ ڪري سبيءَ ڏانهن وڌيو ۽ سبيءَ جي آسپاس پهچي قلعي کي پنهنجي گهيري ۾ ڪيائين. سلطان برولي برلاس، جو اولاد هتي جو حاڪم هو، تنهن ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر گڏ ڪري حملو ڪيو، شديد لڙائي لڳي. نيٺ شاهه بيگ جي فتح ٿي ۽ سيوي جي لشڪر کي شڪست آئي. ڪيترائي قتل ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌ ڏي هليا ويا.

شاهه بيگ سيوي ۾ آيو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي قيام ڪيائين. باغن ۾ عمارتن جو بنياد رکيائين. قلعي کي تعمير ڪرايائين ۽ پوءِ ڪجهه لشڪر سان، ميرزا عيسيٰ ترخان کي، جيڪو سندس وڏن اميرن مان هو، تنهن کي سبيءَ جي حڪومت سپرد ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو.

ڪجهه وقت کانپوءِ 919هه(1) ۾ حضرت محمد بابر بادشاهه قنڌار کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سموري فوجي ساز و سامان کي قنڌار روانو ڪيائين ۽ هوڏانهن شاهه بيگ، ان ڳالهه ۾ مصلحت سمجهي ته، قلعي داري جو ضروري سامان” قنڌار ّ“ ان جي آسپاس جيڪو ثمر پيل هو سو سڀ گڏ ڪري شهر ۾ اندر ڪري، قلعي ۾ بند ٿي ويهڻ جو فيصلو ڪيو. برج ۽ قلعي جي ديوارين جي حفاظت جو انتظام تجربه ڪار نوڪرن جي حوالي ڪيائين.

جڏهن حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه غازي قنڌار جي آس پاس بيمار ٿي پيو، تڏهن ضعف ان حدتائين پهتو جو سپاهين جون دليون ۽ هٿ ڪم ڪار ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا. شاهه بيگ کي جڏهن  اها خبر پئي تڏهن بيش قيمت تحفا، بارگاهِ بابر ۾ موڪلي صلح جو بنياد رکيائين. عقلمند بادشاهه،خواجه جلال الدين هٿان، شاهه بيگ ڏانهن گهوڙو ۽ سروپاء وغيره موڪلي واپس هليوويو.

شاهه بيگ به ٿورن ڏينهن بعد سبيءَ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت ملڪ ۾ رهي پنهنجي اميرن ۽ سپاهين کي چيائين ته حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه، هن دفعي تشريف فرما ٿي قنڌار جو رستو ڏسي ويو آهي ۽ پڪ ٻئي سال وري ان کي فتح ڪرڻ لاءِ ايندو، سو هاڻي جيسين اسان کي هتان بيدخل نه ڪندو تيسين آرام نه ايندس. تنهنڪري اسان کي پنهنجو فڪر ڪرڻ گهرجي، سو ڇا ڪيائون جو سياري جي شروع ۾، هزار سوار تيار ڪري سيوي کان سنڌ موڪيائون، ۽ انهي لشڪر تاريخ 7 ماه ذيقعد 920هه ۾ اچي، ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. چون ٿا ته هن حملي ۾ (مغل) هڪ هزار ته رڳو اُٺ ڪاهي هليا ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ وهندا هئا. ٻين شين جو يا انهيءَ ملڪ جي آبادي جو اندازو انهي مان لڳائڻ گهرجي. لشڪر انهي گردونواح ۾ هڪ هفتو رهي وري واپس هليو ويو.

921هه ۾ حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه قنڌار جي پسگردائيءَ ۾ اچي، قلعي جي سامهون ٿي، سرنگهه هڻڻ جو خيال ڪيو. محاصره نهايت سوڙهو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾، شهر ۾ اندر عجيب ڏڪار ۽ مهانگائي اچي پئي. جڏهن لشڪر ۾ تپ جو مرض پيدا ٿيو. حالات جي ضرورت موجب صلح ٿيو ۽ بابر ڪابل کان واپس هليو ويو.

ساڳئي سال، ميرزا شاهه حسن بيگ، پنهنجي والد (شاهه بيگ) کان ناراض ٿي، حضرت جمجاه بابر بادشاهه جي ملازمت ۾ پهچي ۽ بادشاهي نظرِ عنايت ۽ مهربانيءَ جو فخر حاصل ڪيو. ٻه سال درگاهه جي ملازمت ۾ رهيو. حضرت بادشاهه اڪثر فرمائيندو هو، ته شاهه حسن اسان وٽ نوڪري ڪرڻ نه آيو آهي، بلڪ اسان کان حڪومت دستور ۽ بادشاهيءَ جا قانون سکڻ آيو آهي. آخرڪار شاهه حسن پڻ اجازت حاصل ڪري قنڌار روانو ٿيو.

922هه ۾ راياتِ نصرت، حضرت بابر بادشاهه وري قنڌار ڏي رخ ڪيو ۽ اڃا پيدائش جهنگ ۾ ئي پيل هئي، ته قنڌار کي گهيرو ٿي ويو. بادشاهه جي اهڙي اچ وڃ کان شاهه بيگ نهايت تنگ ٿي، حضرت ابوسعيد پورانيءَ کي، صلح لاءِ موڪليو ته، ايندڙ سال قنڌار، بندگانِ خاقان جي غلامن جي حوالي ڪيو ويندو، سو انهيءَ عهد تي حضرت بابر بادشاهه وري ڪابل موٽي هليو ويو. شاهه بيگ انجام موجب 923هه ۾ قنڌار جون ڪنجيون، تاريخ ”حبيب السير“ واري مصنف خواند مير جي پوٽي ۽ مير ابوالمڪارم جي والد ۽ عبدالله سلطان جي ڏاڏي يعني مير غياث الدين جي هٿان ڏياري موڪليون. جن قبوليت جو شرف حاصل ڪيو. ٻيا به ٻه سال سبي ۽ شال جي آس پاس تنگي ۽ محنت ۾ گذاريائون. هڪ سال سپاهين ته، گوگڙن ۽ گجرن ۽ اهڙين ٻين شين تي پئي گذران ڪيو. آخرڪار شاهه بيگ 924هه ۾ سنڌ جي فتح جو ارادو، بلڪ پنهنجو سمورو توجهه سنڌ جي فتح ڏي ڪيائين. سلطان علي ارغون(1) ۽ زيبڪ خان ترخان کي، ميرزا عيسيٰ بيگ (اول) سان تبادله خيال سببان قلعه سيوي ۽ گنجابي جي محافظت لاءِ ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجي بهادر لشڪر مان ٻه سؤ سوار، مير فاضل ڪوڪلتاش سان گڏي، اڳڀرو روانا ڪري، پٺيان پاڻ به هڪ سؤ ٽيهن سوارن سان روانو ٿيو. سنڌ ملڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن ڳوٺ باغبان مان لنگهيا، تڏهن سمن جو لشڪر محمودخان ولد درياء خان جي هٿ هيٺ ٽلٽي ۾، جا سيوستان (سيوهڻ) کان ٽن چئن ڪوهن تي آهي، اُتي گڏ ٿي، مقابل ۽ جنگ جو خواهان ٿيو. پر جڏهن شاهه بيگ، ڳوٺ باغبان ۾ لٿو ته باغبان جا ملڪ (زميندار) ڊوڙي خدمت ۾ حاضر اچي ٿيا ۽ جان مال سان خدمت گذاري ڪري، مهربانيءَ جي نظر جا حقدار ٿيا.

آخر شاهه بيگ به لڪي جبلن واري رستي کان ٺٽي ڏانهن رخ ڪري، منزلون ڪندو روانو ٿي، درياء جي ڪناري تي لٿو. انهن ڏينهن ۾ درياءُ جو اڪثر حصو ٺٽي جي اتر طرف کان وهيو ٿي، تنهنڪري ڳڻتيءَ ۾ ٿيا ته درياء تان ڪهڙي طرح پار ٿجي. اوچتو (ڏٺائون) ته هڪ گڏهه وارو (دايو) تانگهو پاڻي لنگهي هن ڀر اچي رهيو هو. چوڪيدارن هن کي پڪڙي دڙڪا ڏنا، جنهن تي هن کين رستو ڏيکاريو. عبدالرحمن دولت شاهي، پنهنجو گهوڙو درياء ۾ گهيڙي هن طرف ويو ۽ وري موٽي اچي شاهه بيگ کي خبر ڏنائين.

المختصر، تاريخ 15 ماهه محرم الحرام 926هه جي، شاهه بيگ پنهنجي لشڪر سان درياء پار ٿي، ٺٽي جي نزديڪ پهتو. ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان، ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ ڇڏي وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي لاءِ آيو. فريقين ۾ آتشِ قتال ۽ جدال جي اهڙي ته سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم قاصر آهي. آخرڪار فتح ۽ ڪاميابي شاهه بيگ کي ٿي. درياء خان پنهنجي ساٿين ۽ سمن جي لشڪر سميت شهيد ٿيو(1) . ڄام فيروز کي جڏهن اها خبر ملي، تڏهن يڪدم ڀڄي ويو ۽ پيرار (پير پٺي) تائين غمگين صورت ۾ ڪٿي به نه ترسيو. تاريخ 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي، ڦري لٽي ۽ اتي جي رهاڪن کي ذليل ڪيائون. آيئه ڪريمه:

-”ان الملوک اذا دخلوا قرية افسدواها“- (بادشاهه جڏهن به ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهيءَ ملڪ کي ويران ڪندا آهن) جي مصداق، نهايت بليغ ترين فصاحت سان ظاهر ٿيو، بلڪ ڪيترن ئي ماڻهن جا اهل و عيال قيد ٿيا. آخر قاضي قاضن، جيڪو ان عهد جو فاضل هو، تنهنجي ڪوشس ۽ سفارش سان غضب جي باهه ٿڌي ٿي ۽ پوءِ منادي ڪرائي وئي ته ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ عيال کي ڪوبه هٿ نه لائي.

الغرض ڄام فيروز ڪن ٿورن ماڻهن سان ڳوٺ پيرار (پير پٺي) ۾ چند ڏينهن ترسيو جو هن جو اهل و عيال اڃا ٺٽي ۾ هو. هن شاهه بيگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪ شائسته ۽ مهذب سخن دان جي هٿان انڪساري ۽ عاجزي سان پيغام موڪليو ته جيڪڏهن احسان ڪري هن ناچيز جا گناهه معافي جي پاڻي سان ڌوئي صاف ڪندا ته توهان جي چاڪري ۽ فرمانبرداري جو طوق، تادمِ حيات پنهنجي گردن ۾ وجهيو ايندس. جيسين تائين باقي زندگي آهي تيسين تائين توهان جي جادهء اطاعت کان ٻاهر قدم نه رکندس. هي عهد، ايمان واري تاڪيد سان ڪيائين. شاهه بيگ به عنايت ۽ فطري شفقت سان هن جي عاجزي ۽ بيچارگي تي رحم ڪري قاصد کي خلعت سان نوازي، ڏانهس مهرباني ڀريا پيغام ڏياري موڪليا. جنهن بعد ڄام فيروز پنهنجي سڀني عزيزن سان، ماهه صفر جي آخر ۾ تلوار ڳچي ۾ وجهي نهايت عاجزي، نيازي ۽ نوڙت سان اچي، دست بوسي جو شرف حاصل ڪيو. شاهه بيگ جي پڇڻ تي هن پنهنجي زبان معذرت لاءِ کولي ۽ گذريل ڳالهين تي نهايت پشيماني ظاهر ڪيائين. تنهن تي شاهه بيگ کيس خلعتِ زردوزي سان، جيڪا سلطان حسين ميرزا بايقرا، امير ذوالنون کي ڏني هئي، سرفراز ڪري ٺٽي جي حڪومت سندس حوالي ڪئي. ان وقت شاهه بيگ پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن سان صلاح ڪئي ته مملڪتِ سنڌ وسيع آهي. جنهن جي ذميداري اسان کان نه ٿي سگهندي. تنهنڪري مناسب آهي ته اڌ ملڪ ڄام فيروز جي حوالي ڪريون ۽ ٻيو اڌ پنهنجن اعتماد جوڳن جي سپرد ڪريون. نيٺ سڀني جي راءِ اها ٿي ته لڪي جو جبل جيڪو سيوهڻ جي نزديڪ آهي، تنهن کان وٺي ٺٽي تائين، ڄام فيروز جي ماتحتي ۾ ڏنو وڃي ۽ باقي ڪوهه لڪي کان بالائي سنڌ تائين وارو حصو، شاهه بيگ جي حڪومت ۾ رهندو. انجامن ۽ اقرارن جي قائدن کي پوري ڪرڻ کانپوءِ، شاهه بيگ منزلون ڪندو سيوستان ۾ پهتو. جيڪي ماڻهو سيوستان ۾ هئا، سي شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ، ٽلٽي ڏي ويا. سهتن ۽ سوڍن جي ماڻهن، اُتي حاضر ٿي، جنگ جي صورت اختيار ڪئي. فريقين ۾ نهايت سخت لڙائي لڳي. جنهن ۾ سهتا ۽ سوڍا شڪست ياب ٿيا. سيوستان جو قلعو شاهه بيگ جي تصرف ۾ آيو.
شاهه بيگ اندروني ۽ بيروني قلعي جي مضبوطي کي ڏسي پنهنجي امرائي عظام مان، جهڙوڪ ميرعليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوستان جي قلعي تي متعين ڪري، هرهڪ امرائي عظام کي حڪم ڏنائين ته قلعي ۾ پنهنجون حويليون ٺهرايو. ان کانپوءِ بکر ڏي، رخ ڪري ۽ منزل به منزل سفر ڪندو سکر جي ميدان ۾ اچي لٿو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾ آيو ۽ قلعي کي ڏسي نهايت خوش ٿيو ۽ شهر جي جاين ۽ محلاتن کي ڏسي سپاهين ۽ اميرن ۾ تقسيم ڪيائين. قلعي کي ماپي حصا ڪري اميرن جي حوالي ڪري چيائين ته يڪدم الور جو قلعو جيڪو پهريون تختگاهه هو، تنهن کي به ڊهرائي، ان جون سرون بکر ۾ آڻي ۽ بکر جي آسپاس جيڪي ترڪن ۽ سمن جون جايون هيون سي به گهڻيون ڊاهي قلعي جي اڏاوت ۾ ڪم آڻجن ۽ نهايت ٿوري وقت ۾ قلعي جي عمارت کي مڪمل ڪيو وڃي. ميرزا شاهه حسن ۽ ٻين اميرن کي خاص جايون مليون. اهڙي طرح مير فاضل ڪوڪلتاش ۽ سلطان محمد مهردار وغيره کي به خاص جايون مليون.

هڪ سال گذرڻ بعد، قلعي جي ٺهرائڻ ۽ رعيت جي ضروري انتظام کان تسلي بخش ٿي، 928هه ۾ پائينده محمدخان کي بکر جي حڪومت تي مقرر ڪري، هڪ ڪثير لشڪر سان گجرات کي فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ منزلن تي منزلون طئي ڪندو، درياء جي ٻنهي ڪنارن جي پسگردائي کي ناپاڪ ماڻهن کان صاف ڪندو ويو. جڏهن هو چانڊڪي واري منزل تي پهتو تڏهن مير فاضل ڪوڪلتاش، هڪ مهلڪ مرض ۾ مبتلا ٿي، ٿورن ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. تعزيت جي رسمن کانپوءِ، شاهه بيگ جي زبان مان بي ساخته هي الفاظ نڪتا ته، مير فاضل جو موت اسان جي موت جو دليل آهي. اسين پڻ پٺيانئس وينداسون. ان وچ ۾ اوچتو خبر پئي ته حضرت بابر بادشاهه، بهره ۽ خوشاب جي آسپاس پهتو آهي ۽  کيس هندستان جي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. تنهن تي حاضرينِ مجلس کي چيائين ته بابر بادشاهه سنڌ ۾ به اسان کي پنهنجي حال تي ڪونه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ (سنڌ) به اسان کان يا اسان جي اولاد کان کسي وٺندو. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون. انهي ڳڻتي ۽ ويچار ۾ پوڻ ڪري سندس پيٽ ۾ ناگهاني درد ٿيو ۽ گهڻائي علاج ڪيائون ۽ دوائن ڏيڻ ۾ به ڪافي ڪوشش ڪيائون پر فائدو نه ٿيو. شاهه بيگ گجرات پهچڻ کان پهرين ماهه شعبان 928هه ۾ آخرت ڏي سفر ڪيو. ”شهر شعبان“(1) هن جي تاريخ وفات آهي. شاهه بيگ جي حڪومت جو سمورو عرصو پندرنهن سال آهي.

***

**

*

ميرزا شاهه حسن ارغون

پنهنجي والد شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ مسندِ حڪومت تي ويٺو. ان وقت سيد، قاضي، شريف ۽ ٻيا مکيه ماڻهو سڀئي تعريف ۽ مبارڪباد جي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سمورن کي انعام اڪرام سان نوازيو ويو. جيئن ته اها رسم ماهه رمضان المبارڪ جي آخر ۾ ٿي ۽ عيد جا آثار ظاهر هئا، تنهنڪري سمورن اميرن ۽ وزيرن عرض ڪيو ته توهان جي نام نامي سان، خطبو پڙهڻ زياده مناسب ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اها ڳالهه ٻڌڻ سان ڏکي لڳس ۽ زبان سان اسغفار پڙهي يڪدم چيائين ته جيسين صاحبقران جي اولاد مان ڪوبه موجود هوندو، تيسين اسان کي ائين ڪرڻ نه ٿو ٺهي. تنهن تي،
حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه جي نالي سان خطبو پڙهيو ويو ۽ عيد جا ڏينهن اتي (نصرپور ۾) گذاريائين.

ان وچ ۾ خبر پئي ته، شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ، ڄام فيروز ۽ ٺٽي جي ماڻهن خوشيءَ جا نقارا وڄائي جشن ڪيو آهي. جنهن تي ميرزا شاهه حسن جي غيرت ۾ جوش آيو ۽ سندس ڪاوڙ جي باهه اُلا هڻڻ لڳي. اميرن ۽ وزيرن گجرات هلڻ ۾ مصلحت نه ڏسي ٺٽي فتح ڪرڻ ۽ ڄام فيروز جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪري منزل به منزل اُن سفر کي طئي ڪيو. جڏهن ڄام فيروز، ميرزا شاهه حسن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ۽ شاهه حسن جي حشم و خدم جو اطلاع مليس ۽ لشڪر جي ڪثرت جي خبر پيس، تڏهن مقابلي جي طاقت ۽ لڙائيءَ جو تاب نه ساري ڀجي وڃڻ کي ترجيح ڏنائين. ٿوري ئي وقت ۾ ٺٽي جو شهر خالي ڪري، درياءَ ڏي رخ ڪيائين. ناڪام، ڪيچ جي ملڪ طرف وڃي رهيو. ميرزا شاهه حسن عنايتِ ذوالمنن سان فاتح ٿي، ٺٽي ۾ داخل ٿيو.

ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ ۾ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا سنڌي ۽ سمان گڏ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٺٽي جي شهر ۾ زلزلي جهڙو شور مچي ويو. جڏهن ميرزا شاهه حسن کي صورتحال جي خبر ئي تڏهن ڪجهه لشڪر ٺٽي شهر جي حفاظت لاءِ موڪلي ۽ ڪجهه درياءُ پار ٿي منزلون ڪندو، ڄام فيروز سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن انهن حدن کي ويجهو ٿيو تڏهن لشڪر کي تربيت ڏئي اڳتي وڌيو ته اوچتو مخالفن جو لشڪر سامهون ظاهر ٿيو. جڏهن انهن ماڻهن مغلن جو لشڪر ڏٺو، تڏهن هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن تان پٽڪا لاهي، چادرن جا پلاند هڪٻي سان ٻڌي جنگ شروع ڪيائون. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ، سرڌڙ جي بازي لڳائي ڪسجڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن گهوڙن تان لهي، ننگا سر ڪري، چادرون ۽ ڪمربند هڪٻئي سان ٻڌندا آهن. عاقبت الامر، ميرزا شاهه حسن صورتحال جو معائنو ڪري، پنهنجي اميرن کي فتح جي مبارڪ ڏني ۽ سپاهين کي تير و ڪمان هٿ ۾ کڻڻ جو ارشاد ڪيائين. اميرن ۽ سپاهين تراريون تيزي سان کڻي حملو ڪيو ۽ دشمن جي لشڪر ۾ زلزلو آندو. صبح کان شام تائين معرڪئه قتال و جدال گرم رهيو. اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ميدان ۾ مارجي ويا. آخر ڄام فيروز کي شڪست آئي ۽ هو ناڪامياب ۽ ذليل ٿي گجرات هليو ويو ۽ ملڪ الموت سان ملاقات ڪرڻ تائين گجرات ۾ ئي رهيو.(1)

ميرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن اتي منزل ڪري غنيمت وارو مال، گهوڙا ۽ سامان جيڪو هٿ آيو هوس، سو پنهنجي ماڻهن کي ورهائي ڏنو ۽ وڏن اميرن کي قسمين قسمين جي انعام و اڪرام سان نوازيائين. پوءِ اتان موٽي ٺٽي شهر ۾ منزل ڪري، فتح ۽ ڪاميابيءَ سان تغلق آباد ۾ قيام پذير ٿيو. ڇهن مهينن کانپوءِ، عازمِ بکر ٿي، منزل بمنزل سفر طئي ڪري، جڏهن بکر کان ٽيهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن بکر جا امراء، حڪام ۽ اڪابر، ميرزا شاهه حسن جي استقبال ۽ ملازمت سان شرفياب ٿيا. ميرزا به هنن ڏانهن خاص توجهه ڪري، کين انعام و اڪرام سان نوازيو. انهيءَ سال جناب شيخ ميرڪ پوراني، قنڌار مان سنڌ تشريف فرما ٿي، ميرزا شاهه حسن جي ملازمت سان منسلڪ ٿيو.

ٻن سالن کانپوءِ ميرزا شاهه حسن 930هه ۾ ملتان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري، حڪم ڪيائين ته لشڪر کي تعداد ۾ وڌايو وڃي. 931هه جي شروع ۾ ميرزا شاهه حسن ملتان جي طرف خاص توجهه ڏئي روانو ٿيو. جڏهن اُچ ۾ پهتو، ته بلوچ ۽ لانگاهه لڙائي ڪرڻ لاءِ آيا ۽ ملتان جو لشڪر ميرزا شاهه حسن جي لشڪر کان سئوڻو هو. ميرزا شاهه حسن، الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪري جنگ جي ارادي سان سوار ٿي، لشڪر جي ترتيب، تقدير تي ڇڏيائين. جڏهن ٻئي بهادر لشڪر هڪٻئي جي سامهون اچي بيٺا، تڏهن پهريائين هوڏانهن لشڪر آتشِ قتال جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ مشغول ٿيو. هوڏانهن لانگاهن ۽ بلوچن جي لشڪر تيرڪمان هٿن ۾ ڪري تير وسائڻ شروع ڪيا، سخت لڙائي لڳي. آخرڪار ميرزا شاهه حسن کي فتح ٿي ۽ لانگاهن جو ڪيترو لشڪر قتل ٿي ويو. اُچ جو قلعو فتح ٿيو ۽ ميرزا شاهه حسن اُچ جي عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم صادر ڪيو.

ميرزا شاهه حسن جي غلبي جو آواز، جڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جي ڪن تي پيو، تڏهن بلوچن، جتن، رندن، دودائين ۽ ٻين سپاهين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سڀني طرفن ۽ سرحدن ڏانهن ماڻهو موڪليائين، جنهن تي هڪ مهيني جي عرصي ۾، اسي هزار سوار ۽ پيادا ملتان ۾ گڏ ڪري هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو. سلطان محمود لانگاهه، نهايت غرور سان، ملتان مان نڪري جنگ جي ميدان ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ميرزا شاهه حسن، سلطان محمود لانگاهه جي لشڪر گڏ ڪرڻ جي خبر ٻڌي، گهاري واهه جي ڪناري تي لهي انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان محمود لانگاهه به ملتان جي ٻاهران هڪ مهينو رهي، گهڻوئي لڙائي جو ساز و سامان ۽ هٿيار تيار ڪري روانو ٿيو. اڃا هڪ منزل طئي ڪيائين ته سندس دماغ ۾ وڏائيءَ جي هوا ڀرجي وئي.

بيخبر زانکه نقشبند قضا
در پسِ پرده نقشها دارد

اتفاقاً شيخ شجاع بخاري،  جيڪو سلطان محمود لانگاهه جو نياڻو هو ۽ جنهن کي مالي خواهه ملڪي ڳالهين ۾ نهايت اقتدار حاصل هو، تنهن موقعو ڏسي، ٻانهين ۽ خاصخيلياڻين مان ڪنهن هڪ سان خيانت ڪئي، جنهن ڳالهه جي ٻڌڻ سان سلطان لانگاهه جي ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪجي پيئي، تنهنڪري شيخ مذڪور، پنهنجي حياتي کي سلطان محمود جي موت تي منحصر ڏسي، زهرِ هلاهل، جيڪو خزاني ۾ ٻين لاءِ سلطان محمود رکايو هو، سوئي سلطان محمود تي استعمال ڪيائين. جنهن جي اڌ ڍُڪ پيئڻ سان هو اهڙو بيهوش ٿيو، جو وري هوش ۾ نه آيو. هن قضيه کان پوءِ بلوچ، جن جي لشڪر ۾ اڪثريت هئي، سي ڪاوڙجي لشڪر مان نڪري ويا. لانگاهن، سلطان محمود جي پٽ سلطان حسين کي حڪومت جي گادي تي وهاريو ۽ صلح کانسواءِ ڪو ٻيو علاج نه ڏسي، مخدومزاده شيخ بهاؤالدين کي صلح جي غرض سان وچ ۾ آندائون. جڏهن شيخ، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ التماس ڪيائين ته يڪدم شيخ جي التماس کي قبول ڪيو ويو. ميرزا شاهه حسن واپس ٿيو ۽ اُچ ۾ ترسيو ۽ حڪم ڪيائين ته ٻيوقلعو تعمير ڪيو وڃي. ان وچ ۾ لنگر خان جيڪو سلطان محمود جي اميرن مان هو، سو به ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته سلطان محمود جو فرزند، سلطان حسين، جيڪو اڃا ننڍي عمر جو آهي، جنهن جي هٿان ڪوبه ڪم ٿي نه ٿو سگهي، جنهنڪري ملتان ۾ فتنا، فساد، ظلم ۽ زبردستيون شروع ٿي ويون آهن. تنهنڪري هاڻي مکيه ماڻهو، عام رعيت ۽ اڪابر سمورا ملڪ جي حاڪم جا ڳولائو آهن، سو لنگر خان جو عرض ٻڌي، ميرزا وري ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن تي لانگاهه ۽ هن جي لشڪر قلعه بندي ڪري ڇڏي.  ميرزا شاهه حسن قلعي کي، سوڙهي گهيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هر روز جنگ و جدال ٿيندي هئي. انهيءَ عرصي ۾ ملتان ۾ عظيم قحط رونما ٿيو. ايتريقدر جو ڍڳي جو گوشت، ڏهن تنڪن جي برابر ٿيو ۽ هڪ مڻ اناج جي قيمت سؤ تنڪن جي برابر ٿي. بهر نوع هڪ جماعت صبح جي وقت، دروازن کي ڀڃي ۽ گرزن سان حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي. ستن سالن کان وٺي ستر سالن تائين عمر جا ماڻهو قيد ٿيا. لانگاهن جو لشڪر اڪثر مارجي ويو. ان کان پوءِ ميرزا شاهه حسن کي رحم آيو ۽ حڪم ڪيائين ته باقي بچيل رعيت سان ڪوبه کنؤنس نه ڪري. مخدوم زاده شيخ بهاؤالدين، سلطان محمود جي پٽ، سلطان حسن ۽ ان جي ڀيڻ کي، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ وٺي آيو. شيخ زادي جي لحاظ  سببان، ميرزا هنن کي امان ڏئي، مارڻ کان درگذر ڪيو. ٻن مهينن تائين ميرزا شاهه حسن ملتان ۾ ترسيو. دوست ميرزا ۽ خواجه شمس الدين کي ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ پيادا، سؤ توبچي ڏئي، ملتان جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ هڪ عرضداشت حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ملتان جي پيشڪش ڪري، بکر واپس آيو ۽ پوءِ بکر کان ٺٽي روانو ٿيو. هر طرف کان مطمئن ٿي شهر ۾ داخل ٿيو.

پندرنهن سال فارغ البالي سان عيش و عشرت ۾ گذاريندي ماهه رمضان 949هه ۾ حضرت جنت آشياني نصيرالدين همايون بادشاهه، شير خان (شيرشاهه) کان شڪست کائي لاهور کان سنڌ ۾ آيو ۽ روهڙي ۾ ترسيو(1). بادشاهه پنهنجي سر اچي ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ لٿو، جنهن جي نزاڪت ۽ لطافت ۾ ڪابه جڳهه مٽ نه هئي. سلطان محمود، بکر ولايت کي ويران ڪري وڃي قلعي ۾ ويٺو. حضرت جنت آشياني، امير طاهر صدر ۽ سمندر بيگ جن کي، پهريائين ميرزا شاهه حسن ڏانهن ٺٽي موڪلي، ڏانهس خط لکيو. جنهن ۾ (شاهه حسن) ۽ حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه جن جي وچ ۾ جيڪي عنايت، اخلاص ۽ يڪجهتي جا واعدا ٿيا هئا، سي ظاهر ڪيائين. ميرزا شاهه حسن، بادشاهه جي قاصدن کي ادب ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي، تجويز ڪيو، ته جيڪڏهن حضرت بندگان گجرات جي تسخير جو ارادو ڪري ته پوءِ آءٌ عهدو پيمان  جي توثيق ڪري، سندس حضوري جي شرف کان مشرف ٿيندس بلڪ حشمء“ لشڪر سان پڻ همرڪاب رهندس ۽ هاله ڪنڊي کان دريائي شور تائين، بادشاهي خانه داري جو خرچ آءٌ ڪندس ۽ اُن ملڪ جي فتح کانپوءِ آءٌ واپس ٿيندس. هن قرارداد کانپوءِ، جناب شيخ ميرڪ پوراني ۽ ميرزا قاسم طغائيءَ کي لائق تحفا ڏئي، حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليائين. جن بادشاهه جي حضوري جو شرف حاصل ڪري، ميرزا شاهه حسن جي اخلاص ۽ عرض گذاري جي حقيقت، همايون بادشاهه کي ٻڌائي ۽ پڻ عرضداشت گذارش ۾ آندي.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ ايلچين کي رخصت ڪيو ويو. فرمان عالي خط جي صورت ۾ مزين ٿيو، جنهن جو مضمون هي هو ته، سلامن کانپوءِ (شاهه حسن کي) لکجي ٿو ته: جيڪو تو التماس ڪيو آهي سو قبول آهي، بشرطيڪ عقيدت سان خدمت ۾ حاضر ٿيندين والسلام:

ڪيترو وقت ميرزا شاهه حسن، سچي دل سان خدمت ۽ اطاعت جو عزم رکندو آيو ليڪن، ارغوني امير، ميرزا سان ان صلاح ۾ موافق نه ٿيا جو، کيس سندس حال تي رهڻ نه ڏيندا هئا. هنن مذڪوره مشوري تي عمل نه ڪيو ۽ حيلي، مڪر ۽ فريب سان جهيڙي جا دروازا کوليائون، بلڪ مذڪوره ارادي کي تاخير ۾ وجهي ڇڏيائون. حضرت بادشاهه باغ ۾ پنج مهينا بسر ڪيا ته، شايد ميرزا شاهه حسن خدمت جي توفيق سان بندگي بجا آڻي، اطاعت ۽ فرمانبرداري جا طريقا اختيار ڪري. جڏهن ارغونن جي نيت کان بادشاهه واقف ٿي و، تڏهن پهرين جمادي الاول 948هه جي بادشاهي لشڪر، سيوستان جي طرف روانو ٿيو. جڏهن لشڪر سيوستان جي ويجهو پهتو، تڏهن قلعي وارن کي سوڙهو گهٽيائون. ميرزا شاهه حسن جڏهن اها خبر ٻڌي تڏهن ٺٽي کان، سنَ ۾ اچي کاهي کوٽي اُتي ترسيو، جنهن تي حضرت همايون بادشاهه، حڪم ڪيو ته سرنگهه هڻو. سرنگهه کانپوءِ برج (ٺلهه) جو هڪ ٽڪرو اڏامي ويو پر قلعي وارن يڪدم ٻي ڀت تيار ڪري ورتي. ان بعد حضرت جنت آشياني کي محسوس ٿيو ته ارغونن جو انتظام مضبوط آهي ۽ قلعي کي فتح ڪرڻ جا هٿيار اسان وٽ پڻ موجود نه آهن. سو ستن مهينن تائين اهو محاصرو جاري رهيو. مخالف، هوائون، درياء جي اٿل سببان ۽ اناج جي گهٽ پهچڻ ڪري، اڪثر لشڪر تي تنگي ٿي، ان وچ ۾ راجا مالديو جوڌپوري جو پيغام پهتو ته آءٌ حضور جي غائبانه چاڪري قبول ڪري، برڪت ڀرئي بادشاهه جي اچڻ جو منتظر آهيان. جيڪڏهن توهان جي سواري مبارڪ، هن طرف مشرف ٿيندي، ته هي بندو ويهن هزارن راجپوتن سان، حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي، جيڏانهن به چڙهائي ڪندؤ تيڏانهن دل و جان سان، نوڪري بجا آڻيندو.

حضرت بادشاهه، ماهه ربيع الاول 949هه جي راجا مالديو، جي طرف روانو ٿيو. منزلن ۽ مرحلن جي طئي ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن راجا جي ملڪ وٽ پهتو، ته ڪي ماڻهو، جيڪي اُتي جي آسپاس جي رهڻ وارا هئا، تن حضرت بادشاهه جي ملازمن کي راجا جي غداري جو يقين ڏياري چيو ته، شير خان افغان جو غلبو ڏسي ساڻس ٺڳي وارن ڪيل وعدن سببان، راجا مالديو ڪئمپ جو رستو جهلي، دست اندازي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر بيهاري بيٺو آهي. بادشاهه ان خبر ٻڌڻ سان ڪاوڙجي ۽ پريشان ٿي، مشوري کان پوءِ فوراً ئي ساتلمير ڏي رخ ڪري اُتان تڪڙو تڪڙو جيسلمير جي طرف روانو ٿيو ۽ وري اُتان منزل بمنزل طئي ڪندو، عمرڪوٽ ڏي روانو ٿيو. پر نهايت تيزي سان ۽ پاڻيءَ جي قلت سببان عمرڪوٽ پهتو (راڻو) ناوير سال، جيڪو اتي جو حاڪم هو، سو خود استقبال لاءِ نڪري اچي، بادشاهه جي رڪاب بوسي جي سعادت حاصل ڪئي ۽ قلعي جو وچ بادشاهه لاءِ خالي ڪيائين. ڪجهه ڏينهن بادشاهه ان قلعي ۾ رهيو. ٺٽي جي ماڻهن مان، جناب سيادت مآب سيد علي شيرازي، جيڪو ان وقت، ”شيخ الاسلام“ هو، تنهن بادشاه جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي تحفا، نذر ۽ قسمين قسمين جا ميوا ۽ عطر وغيره پيش ڪيا. آرتوار جي رات ماهه رجب 949هه جي حضرت شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه تولد ٿيو. حضرت بادشاهه، فرزند ارجمند جي ولادت کان نهايت خوش ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان پهرين نور وارو لباس (اڪبر) لاءِ برسبيل تبرڪاً (سيد علي ثاني) جي پهراڻ مان تيار ڪيو ويو. جنهن صورت ۾ عمرڪوٽ لشڪر جي بار کڻڻ جهڙي جاءِ نه هو، تنهنڪري لاچار بادشاهه جي اميرن جو رايو سنڌ ڏانهن وڃڻ جو ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ جوڻ جي ڳوٺ ۾ پهتا، جيئن ته اهو ٽڪرو سنڌونديءَ جي ڪناري تي واقع هو. جنهن کي ريڻ به چون ٿا، باغات ۽ نهرن جي گهڻائي ۽ ميون ۽ ڦلن جي لطافت کان ساري سنڌ ۾ ممتاز آهي. اُتي مذڪور ڳوٺ ۾ باغن جي وچ ۾ قيام ڪيو ويو. ميرزا شاهه حسن پڻ درياء جي ٻئي ڪپ تي، سامهون پنهنجو لشڪر وٺي اچي لٿو. جوڻ جي آسپاس ۾ بادشاهي لشڪر ۽ ارغونن جي لشڪر ۾ جنگ پئي ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن تيمور سلطان، شيخ علي بيگ ۽ تردي بيگ خان  ۽ ٻيو لشڪر، اناج سان ڀريل قلعي تي حملي لاءِ تيار ٿيا، ته اوچتو سلطان محمود بکري کي خبر پئي، جنهن هڪ ڪثير لشڪر سان علي الصباح، هنن کي واپس ڪيو. يعني شيخ علي بيگ پنهنجي اولاد سميت ثابت قدم رهي جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿيو ۽ باقي لشڪر جي بهادرن ۽ دلاورن، ميدانِ ڪارزار مان، عالمِ بقا جي طرف رخ ڪيو. شاهه حسن جي ماڻهن مان به ڪيترائي قتل ٿيا. هن واقعي کان پوءِ بادشاهه جي دل نهايت غمگين ٿي ۽ ڪي ٻيا سبب پڻ پيدا ٿيا، جنهنڪري سنڌ تان دل کڻي قنڌار ڏانهن وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.

انهي عرصي ۾ تاريخ 7 ماهه محرم 950هه جي بيرم خان پڻ اڪيلو گجرات کان بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو. بادشاهه جي ڦٽيل دل تي مرهم رکي، صلح  جون ڳالهيون ڪيائين. ميرزا شاهه حسن موقعي تي غنيمت ڄاڻي ۽ راضي ٿي سؤ هزار مثقال نقد ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪرائي ٽي سؤ گهوڙا، ٽي سؤ اُٺ، خدمت موڪلي ۽ هڪ پل، همايون بادشاهه جي لاءِ تعمير ڪرايائين. جنهن جي تاريخ ”صراطِ مستقيم“ (950هه) مان نڪتي. تاريخ 7 ربيع الاخر 950هه جي همايون بادشاهه قنڌار ڏي رخ ڪيو ۽ ميرزا شاهه حسن ٺٽي ڏي واپس ويو.

چون ٿا ته حياتيءَ جي پوئين وقت ۾ ميرزا شاهه حسن فالج ۾ مبتلا ٿيو. تڏهن ڪمينا ۽ رزيل ماڻهو سندس محرم راز ۽ خاص خدمتگار ٿيا، جنهنڪري ارغون، ترخان ۽ ٻيا سمورا مخلص مغل، ملازمت کان محروم ٿي وڇي پنهنجن گهرن ۾ رهڻ لڳا، ڪميڻا ۽ رزيل روز بروز ترقي ڪندا ويا، بهرحال 960هه جي شروع ۾ ٺٽي شهر جي اربابي – عربي ڳاهي – جي حوالي ٿي ۽ رعايا جي ڪاروبار جي نگراني تي پڻ اسماعيل ٻهارو مقرر ٿيو. نيٺ مذڪوره سال جي آخر ۾، ميرزا شاهه حسن، عربي ڳاهي کي تغلق آباد ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. شهر جي حفاظت، پنهنجن زر خريد معتمد غلامن، شبيهه ۽ رفيق جي حوالي ڪري، مغلن، ارغونن ۽ ترخانن کي انهن جي تابع رکي پاڻ بکر ڏي روانو ٿيو. نوبت ايستائين ٿي جو عربي ڳاهي، جي پٽن ظلم جا هٿ اڳتي وڌايا ۽ مغلن کي تڪليفون ۽ آزار پهچائيندا رهيا. جنهن کان ارغون ۽ ترخان ٺٽي ۾ پريشان ۽ غمگين ٿيا. ٻئي طرف عربي ڳاهي، ميرزا شاهه حسن کي عرضداشت ڪئي ته ارغون ۽ ترخان تنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي طور طريقن کان نڪري چڪا آهن ۽ طرحين طرحين جا باطل خيال پنهنجي دلين ۾ پيا آڻين. جنهنڪري شڪ آهي ته هي ملڪ تنهنجي هٿن مان نڪري وڃي، تنهنڪري اڳواٽ ئي توکي آگاهه ٿو ڪجي. مذڪوره خبر ٻڌي ميرزا شاهه حسن، ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ جواب ۾ لکيائين ته اهو فتنو ارغونن مان مير فرخ، مر ڪيبڪ، مير تيمور، مير فاضل ۽ مير خلد وغيره وارن ڪيو هوندو. جن هن کان پهرين به اهڙيون حرڪتون ڪيون هيون. تنهنڪري مناسب آهي ته هنن مڙني کي قلعي ۾ قتل ڪرايو وڃي. باقي رهيل سمورا، توهان جا مطيع ۽ فرمانبردار ٿيندا. ان کانپوءِ مڪر ۽ فريب جي عنايتن سان هڪ فرمان جاري ڪري، سمورن مغلن کي آگاهه ڪيائين ته توهين سڀئي منهنجا ڀائر ۽ هم خاندان آهيو ۽ هي ماڻهو ڪنهن معنيٰ ۾ توهان جا نوڪر ۽ ٻانها آهن. مون سمن جي خلاف، هنن ذليلن کي ان مرتبي تي آندو آهي. جيڪڏهن توهان ماڻهو هنن کي عزت ڏيندا ۽ منهنجي حڪم مڃڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هنن جي اطاعت ڪندا، کين عزت جي نظرن سان ڏسندا ته پوءِ هي ماڻهو معزز ٿي ۽ توهان جون خدمتون به سرگرمي سان ڪندا ايندا. قصو مختصر، اهڙا به فرمان، مغلن جي هٿ چڙهيا ۽ بدعهدي، غداري سان پنهنجي قتل ٿيڻ بابت پڻ آگاهه ٿيا. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو سمورا مغل، ميرزا شاهه حسن کان منهن موڙي باغي ٿيا. ماهه محرم 961هه جي شروع ۾، عربي ڳاهو، رفيق، شبيهه ۽ اسمعيل قتل ٿيا. ٻئي طرف ميرزا شاهه حسن جي حرم ماهه بيگم کي، پنهنجن خاصخيلين سان قيد ڪيو ويو، پوءِ سڀني پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته هڪ سردار کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي ۽ هڪ ئي سردار جي سرداري کي قبول ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسين حڪومت کي اڳتي هلائي سگهون. ليڪن هنن سڀني ۾ اهو عيب هو يعني هرڪنهن سردار ٿيڻ جو گمان پاڻ ۾ ٿي رکيو ۽ ٻئي جي سردار ٿيڻ تي راضي نه ٿي ٿيا  ته اهو اهم عهدو ٻئي کي ڇو ملي؟ آخرڪار اهو طئي ٿيو ته اسان ارغون هڪٻئي کي سلام ۽ ڪورنش نه ٿا ڪريون، تنهنڪري مصلحت انهي ۾ آهي ته ترخان قوم مان ڪو پنهنجو سردار ڪريون. سو اهڙي امر تي آمادگي ۽ قابليت وارو، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان آهي، جيڪو هن وقت ڳوٺ فتح باغ جو حاڪم آهي ۽ پڻ مردانا، مدبر ۽ سردار زادو آهي ۽ اهو اسان جي چوڻ کان هرگز ٻاهر نه ويندو. جنهن بعد مذڪوره ميرزا کي فتح باغ مان سڏائي ساڻس پنهنجي مقصد جو اظهار ڪيائون ۽ مرزا عيسيٰ به خوش اخلاقي سان پيش اچڻ ۾ نهايت پختگي رکندو هو. تنهنڪري آمادگي جو اظهار ڪري ۽ حڪم وٺي ٺٽي جي مسندِ حڪومت تي ويٺو ۽ سمورا امير به سندس تابع ٿيا. درباري آداب ۽ ڪورنش ۽ سلاطين واريون تعظيمون بجا آڻي، اطاعت جي ڪمربند جان سان ٻڌائون. ميرزا عيسيٰ ترخان جي چوڻ تي پري پري، نوبتون ۽ نقاره وڄايائون. مذڪوره ميرزا خزاني تي قبضو ڪري ڪافي رپيا لشڪر کي ڏنا. جنهن بعد ڪثير لشڪر تيار ٿيو ۽ پنهنجي خاندان ۽ قبيلي جي ماڻهن تي، پنهنجي اثر کي قوي ڪيائين. بهرحال مٿئين خبر ٻڌي، ميرزا شاهه حسن تپي باهه ٿيو. ارغونن ۽ ترخانن جي هڪ جماعت جيڪا بکر ۾ هئي جهڙوڪ ميرزا جاني بيگ ترخان، مير احمد ترخان، مير حمزه بيگلار ۽ مير مراد حسين بيگ وغيره. هنن سڀني کي قيد ڪري ۽ وڏي لشڪر سان ارغونن ۽ ترخانن جي قتل و غارت جي ارادي سان ٺٽي روانو ٿيو. جڏهن ٺٽو ٻن ڪوهن تي ٿيو، تڏهن ساپاهه واهه جي ڪناري جي ويجهو، ٻنهي طرفن جو لشڪر جنگ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٻه ٽي دفعا لڙائي ۽ مقابلا به ٿيا، هردفعي ٻنهي طرفن کان، ڪيترائي لشڪر جا ماڻهو برباد ۽ تلف ٿيا. جنهن وقت ٻنهي طرفن ۾ لڙائي ڀڙڪي، ته ان وچ ۾ ميرزا شاهه حسن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو. سلطان محمود خان بکري، ميرزا شاهه حسن جي عظيم اميرن مان هو ۽ سندس لشڪر جو پڻ سپہ سالار هو. هي مير فاضل ڪوڪلتاش جو پٽ هو ۽ اهو پٽ، عادل خواجه بن احمد(1) ملوڪ حيز (؟) اصفهاني جو هو. جڏهن صاحبقران امير تيمور گورگان، عراق کي فتح ڪرڻ لاءِ آيو، تڏهن اصفهان جي بادشاهن، سرڪشي ڪئي ۽ اطاعت و فرمانبرداري جي دائري ۾ نه آيا، جنهن بعد صاحبقران، انهن کي قتل و تاراج ڪرڻ جو حڪم ڪري، قاهره جي لشڪر مان هڪ فوجي دستو، انهن جي سرانجامي لاءِ مقرر ڪيو. انهي حملي ۾ عادل خواجه جو والد، احمد خواجه، ميرزا ذوالنون جي والد مير حسن بصري کي هٿ لڳو، جنهن کانپوءِ احمد خواجه کي مير مذڪور پنهنجو ربيب (پٽيلو) ڪيو ۽ ان جي تعليم و تربيت تي خاص نظر رکندو هو. احمد خواجه، ٽن پشتن سان، ملڪ محمودخان تائين پهچي ٿو ۽ ملڪ محمود خان فياضي ۽ سخاوت جي ڪثرت سبب مشهور هو جنهن جو شجره نسب، اوڻينهن واسطن بعد، عدي بن حاتم تائين پهچي ٿو. حقيقت به اها آهي ته سلطان محمود خان بکري، پنهنجي فطرت ۾ فياضي ۽ سخاوت جي جوهر سان  ڀريل هو. هو شجاعت ۽ بهادري ۾ پڻ بينظير هو. هي مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ رهي متعدد جنگيون وڙهيون. پر جڏهن هن ڏٺو ته ميرزا شاهه حسن آخرت جي سفر ڏانهن راهي ٿيڻ وارو آهي، ازانسواءِ هر روز پيا مسلمان قتل ٿين ۽ ائين به سمجهيائين ته ميرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ، منهنجي حڪومت ۾ مشڪل رڪاوٽون پون ۽ پوءِ اُن گرداب مان نڪرڻ جي ڪا صورت نه ٿئي. تنهنڪري خفيه طور ميرزا عيسيٰ ترخان کي پيغام موڪليائين ته شاهه حسن چند ڏينهن جو مهمان آهي. مون کان ۽ توکانسواءِ ٻيو ڪو وچ ۾ نه آهي. تنهنڪري مناسب آهي ته صلح جا طريقا، اسان کي پيش نظر رکڻ گهرجن. ٻئي طرف پنهنجي وليِّ نعمت کان به منهن موڙڻ نه گهرجي. جيستائين ميرزا شاهه  حسن جيئرو آهي، تيسين اسان هن سان سرڪشي نه ٿا ڪري سگهون. هن جي وفات کانپوءِ، هي مملڪت اڌو اڌ، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تقسيم ٿيندي ۽ پوءِ لڪيءَ کان دريائي شور وارو پاسو تنهنجي تعلق ۾ رهندو ۽ لڪي جي ٽڪر کان بکر جي علائقي تائين، جو تعلق مون سان ٿيندو.

صبح جو سلطان محمود بکري جي اشاري تي، جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم بيگلار، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ آيا، جن پهرين معذرت ڪئي ته ارغونن جيڪا ميرزائن جي غلامن جي حق ۾ بي ادبي ڪئي آهي، تنهن کان ميرزا عيسيٰ ترخان شرمندو ۽ پشيمان آهي. جيڪڏهن سندس خطائون معاف فرمائي قيد ڪيل ارغونن ۽ ترخانن کي آزاد ڪرڻ فرمائيندا ته مهرباني جو اميدوار ٿي خدمت ۾ حاضر ٿيندو. ميرزا شاهه حسن کي رحم آيو، جنهن ارغونن ۽ ترخانن کي قيد مان آزاد ڪري، ميرزا عيسيٰ ڏي موڪليائين. ميرزا عيسيٰ به، ماهه بيگم کي ميرزا جي خاصخيلين سان ميرزا جي لشڪر ۾ پهچايو. ٻئي ڏينهن ميرزا قاسم بيگ، مرحمت جي نشان (خط) سان ميرزا عيسيٰ ترخان وٽ آيو. جنهن جو هي مضمون هو ته: تو هي ملامت خود اختيار ڪئي آهي ۽ طرفين جي بدنامي تي پڻ راضي ٿيو آهين. خير جيڪي ڪجهه ٿيو سو ٿيو، في الحال عنايت جو اميدوار آهيان ته، تون دل جمعي سان ملازمت ڪر يا پنهنجي پٽ کي موڪل ته آءٌ قصداً، پنهنجي مهرباني سان ٺٽي شهر جي حڪومت ان جي سپرد ڪريان، ۽ پوءِ آءٌ بکر واپس هليو وڃان.

جڏهن ارغونن ۽ ترخانن ۽ لشڪر، عاقبت انديشي ۾ مصلحت نه سمجهي ۽ ميرزا عيسيٰ کي به ڪا صلاح نه ڏنائون، تڏهن ميرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ محمدباقي ڏي منهن ڪري چيو ته توکي گهرجي ته تون وڃ. جنهن تي هن انڪار ڪري چيو ته جيڪڏهن بندي کي قتل لائق سمجهيو وڃي ٿو ته پوءِ توهان خود هٿ سان ماريو پر دشمن جي هٿ ۾ ڇو ٿا مون کي ڏيو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٻئي پٽ ميرزا محمد صالح جي طرف رخ ڪيو. هن اُٿي تسليم بجا ڪئي، ته جيئن پيءُ جي دل کي خاطري ٿئي ۽ پوءِ پيءُ کي چيائين ته هي بندو ويندو ۽ هيءَ ڳالهه ٻن ڳالهين کان خالي نه هوندي. يا هو وعدو پورو ڪندو يا انڪار ڪندو. جيڪڏهن پنهنجي وعدي کي پورو ڪيائين ته عين مراد آهي پر جي خدانخواسته ٻيو پهلو واقع ٿيو ته پوءِ مون کي پهرين تنهنجي سر جي سلامتي منظور آهي، آءٌ توتان قربان ٿي ويندس ۽ شهادت جي درجي تي پهچندس. ميرزا عيسيٰ ترخان پٽ جي شجاعت ۽ جرائت کي ڏسي، شفقت پدري سان بغلگير ٿي، کيس رخصت ڪيو. ميرزا محمد صالح اَٺن ڄڻن، آزمودگار جوانن ۽ پڻ ميرزا محمد قاسم بيگلار سان تاريخ 4 ماهه ربيع الاول 961هه جي، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ پهچي تحفا نذر ڪيائين. ميرزا شاهه حسن به هن کي شاهاڻي نوازش سان نوازيو ۽ هن جي حسن عقيدت ۽ جرائت تي آفرين چئي کيس پنهنجي فرزندي ۾ آڻي، هن کي خلعتِ فاخره، ڪمربند، جڙاؤ خنجر، گهوڙو زرين لغام سان، مرصع دستار،  علم طوق ۽ نقاره مرحمت ڪري، ٺٽي جي حڪومت به کيس سپرد ڪري، رخصت ڪيائين، ان بعد ميرزا صالح سلامتي سان، مال غنيمت ساڻ ڪري ۽ فتح جا نقارا وڄائيندو ٺٽي ۾ آيو. جيڪي ڪجهه هن کي مليو، سو پنهنجي نامدار پيءُ جي سامهون اچي پيش ڪري، پنهنجي والد جي چاڪري ۽ خدمتگذاري ۾ قيام ڪيو. ميرزا شاهه حسن انهي وقت بکر واپس هليو ويو، تان جو تاريخ 12 ربيع الاول 961هه جي ٺٽي کان ويهه  ڪوهه پري، علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. هن ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي. ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب لاش کي ٺٽي ۾ آڻي، مڪلي جي ٽڪري تي، ٻن سالن لاءِ بطور امانت جي، دفن ڪيو. ٻن سالن گذرڻ بعد ميرزا عيسيٰ ترخان جناب مير سيد علي شيرازي ۽ ماهه بيگم جي هٿان ميرزا شاهه حسن جي لاش کي مڪي معظم ڏانهن موڪليو، جتي پنهنجي پيءُ (ميرزا شاهه بيگ ارغون) جي قبر ڀرسان سپرد خاڪ ٿيو.

ميرزا عيسيٰ ترخان

ميرزا عيسيٰ ترخان بن ميرزا عبدالعلي ترخان بن ميرزا عبدالخالق ترخان بن ارغون خان (؟) بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان آهي. جيڪو ميرزا شاهه حسن ارغون کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت ۽ سلطنت تي ويٺو. ميرزا عيسيٰ، صفاتِ حميده ۽ پسنديده وصفن جي صفتن سان سينگاريل هو. هو اسلام جي اشاعت ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو. سادات عظام ۽ مشائخ ڪرام جي تعظيم و توقير ڪندو هو. اهل الله ۽ صلحا سان اخلاص ۽ اعتقاد وارو سلوڪ ڪندو رهندو هو، علماء، فضلاء جو دوست هو. لشڪر ۽ رعايا سان پڻ نهايت نرمي وارو برتاءُ ڪندو هو. هر ڪنهن سان سندس لائق رعايت ڪندو هو.

ميرزا عيسيٰ پنهنجن پٽن مان وڏي پٽ ميرزا صالح ترخان کي وليعهد مقرر ڪري، مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، ملڪي امور کي نبيرڻ لاءِ، مطلب ته سموريون حڪومت جون واڳون وغيره. وليعهد جي سپرد ڪيائين. بهرنوع رسمي بادشاهي کانسواءِ باقي پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکيائين.
ميرزا محمد صالح شجاعت ۽ فوجي پيشي ۾ بي نظير هو. اهڙو ڪو ٻيو نه هو، جيڪو ساڻس مقابلو ڪري سگهي. هو پنهنجي پيءُ جي اطاعت، خدمت ۽ بهتري، ڀلائي وارن معاملن ۾ پڻ دلچسپي رکندو هو. رعيت جو لشڪر جي رعايت جو نهايت خاص خيال رکندو هو. عوام جي ڀلائي ۽ باغين کي تنبيهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. جنهن کان سمورو قبيلو، لشڪر ۽ رعايا کانئس نهايت خوش هئي، بلڪ سندس اطاعت ۽ موافقت ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪندا هئا. ملڪ جو بندوبست ۽ نظم و نسق هن ٿوري ئي عرصي ۾ درست ڪري ڇڏيو.  جڏهن ميرزا صالح ترخان، ملڪ ۽ حڪومت کان مطمئن ٿيو، تڏهن ميرزا جان بابا جيڪو هن جي ڀائرن مان هو، تنهن کي پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي پاڻ تاريخ 14 ماهه شوال 961هه جي سيوستان جي قلعي کي محمود خان بکري جي ماڻهن کان خالي ڪرائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. جڏهن اها خبر سلطان محمود خان کي پئي تڏهن لشڪر ڪٺو ڪري، بکر مان نڪتو ته جيئن مرزا صالح ترخان سيکت ڏي. وري جڏهن اها سموري خبر ميرزا عيسيٰ ترخان کي پئي، تڏهن ٺٽي مان هڪ وڏي لشڪر سان نڪتو ته بکر کي فتح ڪري.

محرم الحرام جي شروع ۾ 962هه ۾ بکر جي آسپاس اچي وارد ٿيو. سلطان محمود به هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو. طرفين ۾ جنگ ٿي. ٻه ٽي دفعا جهڙپون ٿيون. جنهن ۾ طرفين جا ڪيترائي سپاهي قتل ٿي ويا. سلطان محمود کي جڏهن مقابلي جي باقي طاقت نه رهي، تڏهن هو بکر جي قلعي ۾ قلعه بند ٿي ويٺو ۽ هوڏانهن ميرزا عيسيٰ ترخان قلعي کي مضبوط گهيرو ڪري، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان قلعي ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۾ مشڪل ۽ خلل پيا. لاچار سلطان محمود خان بکري، مير معصوم بکري جي ڏاڏي سيد مير ڪلان کي، ميرزا عيسيٰ ترخان ڏي موڪليو. جنهن کيس حقوقِ آشنائي، دوستي ۽ اخلاص کان آگاهه ڪري، التماس ڪيو ته بکر سلطان محمود کي ڏي جو هندستان جي سرحد تي واقع آهي ۽ حقيقت ۾ آهي به هن جو، باقي سيوستان ماتحت نوڪرن ۽ رشته دارن سميت ميرزا عيسيٰ ترخان جو آهي.

ان وچ ۾ خبر پئي ته فرنگي ، لاهري بندر کان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي لشڪر جي مدد لاءِ آيا هئا پر ٺٽي شهر کي خالي ڏسي ڦرلٽ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ڪري شهر کي باهه ڏنائون. (1) جنهنڪري موقعي جي لحاظ کان ميرزا عيسي! ترخان، سلطان محمود بکري جو عرض قبول ڪري، نئين سر عهدنامو ڪيو. اهڙي طرح جهيڙي کي نبيري، منزل بمنزل وڃي ٺٽي پهتو. جتي ملڪ جي عمارتن جي مرمت ۽ آبادي جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهڙي طرح مسندِ ڪامراني تي فارغ البالي سان حڪومت ڪندو رهيو.

967هه جي شروع ۾ ميرزا محمد باقي پيءُ سان سرڪشي ڪري باغي ٿيو. هن جي دعويٰ هئي ته آءٌ پيءُ جو وڏو پٽ آهيان ۽ وليعهد. ميرزا صالح اصولاً وليعهد نه ٿو ٿي سگهي، بهرحال نوبت جنگ تائين پهتي، ميرزا محمد باقي لڙائي ۾ شڪست کائي سوڍن جي رهائشگاهه، وَنگي ڏانهن ويو. جتي ساڻس جيڪي ارغون ٻڌل هئا سي پڻ سندس سنگت ۾ گڏجي عمرڪوٽ ۽ جيسلمير جي رستي کان بکر آيا، هتي ميرزا باقي، سلطان محمود بکري جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. سلطان محمود به کيس مهرباني جي ڀاڪر ۾ وٺي مٿس نوازشون ڪري، سندس واجبي خاطر تواضع ڪئي. ميرزا عيسيٰ ترخان، فقط ميرزا محمد صالح ترخان جي دلداري خاطر، محمد باقي جي پٽ کي پڻ ٺٽي مان ڪڍي بکر ڏي موڪليو. جيتوڻيڪ ميرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود خان انهي خيال کان ته متان هندستان کان ڪو لشڪر هيڏانهن آڻي ۽ پوءِ اهو لشڪر بکر مان ئي لنگهندو ۽ ممڪن آهي ته ملڪ جي نظام ۾ ڪو خلل پوي، سو انهي ڪري کيس هندستان وڃڻ کان روڪيندو آيو. بهرحال ميرزا محمد باقي کي اهڙي نموني جي تسلي ڏئي، مذڪوره ڳالهه کان روڪيندو آيو.

970هه ۾ ميرزا محمد صالح ترخان، جيڪو پنهنجي وقت جي بهادرن مان هو ۽ ڪيترين لڙاين ۽ مقابلن ۾ بهادري ۽ همت جا جوهر ڏيکاري فتحون ڪري چڪو هو، تنهن کي هڪ مريد نالي بلوچ شهادت جو شربت پئاريو. ان ڪري جو مذڪوره ميرزا، هن جي قوم ۽ قبيلي کي ڌاڙا هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ سببان قتل ڪيو.

مٿيون واقعو هن ريت ٿيو، يعني بدبخت مريد، داد خواهي جي رسم مطابق، ميرزا جي اچڻ واري رستي تي بيهي، هڪ عريضي هٿ ۾ جهلي، فرياد فرياد چوڻ شروع ڪيو. ميرزا صالح هن کي پاڻ ڏي ويجهو سڏي ۽ گهوڙي تان جهڪي درخواست وٺڻ لڳو. جنهن تي هن بدبخت ميرزا جي گردن ۾ هٿ وجهي پيٽ ۾ خنجر هنيو، جنهن بعد موتمار ۽ ڪاري زخم کان هو وڃي رحمتِ حق سان مليو. مذڪور شهادت جي تاريخ لفظ ”ظلم“ (970هه) مان نڪتي.

ميرزا صالح جي شهادت کانپوءِ ميرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي پٽ ميرزا جان بابا کي پنهنجو وليعهد ڪيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، سلطان محمود بکري، ميرزا باقي جي خطائن معاف ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جا قبول نه ٿي. ڪي امير جيڪي امير محمد باقي جا طرفدار هئا، تن ميرزا عيسيٰ کي چيو ته، آدابِ گفتگو ۾ اها ڳالهه سٺي نه ٿي لڳي ته توهان جو فرزند، سلطان محمود جو ملازم هجي. ميرزا عيسيٰ غيرت کان ڪنڌ کي هيٺ ڪري، جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ مير يارمحمد، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان جو ڀاڻيجو هو، تن کي ميرزا محمد باقي کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليائين. هي ٻئي ميرزا محمد باقي کي وٺي اچي، ميرزا عيسيٰ جي خدمت ۾ مشرف ٿيا. ميرزا عيسيٰ، سيوستان سندس جاگير ۾ مقرر ڪري کيس رخصت ڪيو.

ميرزا عيسيٰ بيگ، نهايت متحمل ۽ بردبار هو پر ارغونن ساڻس بيوفائي ۽ سرڪشي ڪري، مخالفت ۽ لڙائي جي ميدان ۾ قدم رکيو. آخرڪار جڏهن صلح بعد ارغون درياء لنگهي رهيا هئا، تڏهن ميرزا عيسيٰ جي ماڻهن اوچتو آتشبازي ڇوڙي، جنهنڪري هنن جا ڪيترائي ماڻهو تلف ٿيا ۽ باقي جيڪي بچيا سي شڪست کائي، پريشان ٿي بري حال ۾ بکر ڀڄي آيا ۽ سلطان محمود کي مدد لاءِ عرض ڪيائون. سلطان محمود هرهڪ کي گهوڙي ۽ خلعت سان سرفراز ڪري، پنهنجا ڳپل نوڪر ساڻ ڏيئي سيوستان ڏانهن روانا ڪيائين. سلطان محمود جي ماڻهن ارغونن سان ملي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. هڪ ٻه دفعا قلعي تي چڙهيا به پر ڪجهه ڪري نه سگهيا. جنهن بعد ميرزا عيسيٰ ترخان به هڪ وڏي لشڪر سان ٺٽي مان نڪتو. هو پهريائين هڪ فوج کي موڪلي چڪو هو ته هو، دشمن جي فوج کي قلعي کان پري هڪالي ڪڍي ۽ پوءِ اُنهن جي پٺيان پون. ڳوٺ رفيان ۾ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي جي باهه ڀڙڪي ۽ سلطان محمود جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا ۽ فتح غيب کان ظاهر ٿي، ميرزا عيسيٰ ترخان پٺتي ٿي، ڳوٺ درٻيلي جي ويجهو قيام ڪيو، جتي قلعو ٺاهي جنگ ڪيائين. آخرڪار ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني جي معرفت صلح ٿيو. ان بعد ميرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي واپس ويو.

974هه ۾ ميرزا عيسيٰ ترخان، بقا جي عالم ڏي رخ ڪيو(1) . سڪرات کان ڪجهه وقت اڳ ۾، سندس مرضي هئي ته، ارغونن، ترخانن ۽ ملڪ جي امراء ۽ حڪماء کي روبرو گهرائي ته جيئن هو  ميرزا جان بابا جي وليعهدي جي فرمانبرداري ڪن پر ماهه بيگم منع ڪيس، جو هن نه ٿي چاهيو ته اهو حق ڪنهن ٻئي کي ملي ۽ ائين به چيائين ته وڏو پٽ ميرزا محمد باقي جيئرو جاڳندو ويٺو آهي. جنهن تي ميرزا عيسيٰ چيو ته هو نهايت ظالم شخص آهي، هو خلق خدا کي ايذاء ۽ تڪليفون رسائيندو بلڪ تون پڻ هن جي هٿان مرندين. خدا جي قدرت، ٿيو به ائين جيئن عيسيٰ بيگ ماهه کي چيو.

ماهه بيگم جلدي سان، ميرزا محمد باقي ڏي پنهنجو ماڻهو موڪليو ۽ تيستائين ميرزا عيسيٰ جي وفات واري خبر کي ڪجهه ڏينهن مخفي رکيائين.

جيستائين ميرزا محمد باقي، سيوستان کان ٺٽي آيو، تنهن کانپوءِ جيڪو ميرزا عيسيٰ لاءِ مقبرو تعمير ٿيل هو، تنهن ۾ کيس دفنايو ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان چوڏنهن سال حڪومت ڪئي.

* * *

(1) اهو اشارو ميرزا محمد صالح ثاني ۽ ميرزا عيسيٰ ثاني (المتوفي 1062هه) جي طرف آهي.
(2) اهو اشارو هن جي بادشاهه، شاهجهان جي طرف آهي.
(1)  1. نسب نامون، حضرت نوح کان ارغون ۽ ترخان تائين جيڪي سنڌ ۾ هئا.

2. حالات حضرت نوح کان ايلتمش بن ايڪو تيمور تائين جيڪو ارغون خان جي اولاد مان هو سو ٻن فصلن تي مشتمل آهي،

الف: خانان والا شان جا احوال، جيڪي ترڪستان جا هئا ۽ چنگيز خان جو خروج ۽ ان جي اولاد جي حڪومت، جن ايران ۽ توران ۾ حڪومت ڪئي.

ب: سلطان اسلام غازان خان بن ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان انهن دليلن جي بنا تي جيڪي اسان مقدمي ۾ بيان ڪيا آهن. ان ڪري مندرجه بالا مضمونن جي تڪرار کي لازم نه سمجهي حذف ڪيو ۽ نسخئه الف خطي ورق (31/2) هو، ان سموري کي اسان متن ۾ آندو آهي.
(1)  ميرزا بديع الزمان بن سلطان حسين بايقرا ميرزا، متوفي شوال 920هه (1514ع)
(2) محمدخان شيباني، ولادت: 850هه/1446ع، وفات: 917هه/1511ع
(1)  قنڌار ڏي بابر جي نقل و حرڪت 923هه/1517ع ۾ ٿي هئي.
(1) امير سلطان علي ارغون، امير ذوالنون ارغون جو وڏو ڀاءُ هو.
(1) درياء خان تاريخ 11 ماهه محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) جي شهيد ٿيو. (سمن جي سلطنت- از غلام محمد لاکو، ص 49).
(1)  ميرزا شاهه بيگ تاريخ 12 ماهه شعبان 930هه (26 جون 1524ع) ۾ وفات ڪئي. (تحفـة الڪرام فارسي طبع پير حسام الدين راشدي، ص 490).
(1) شاهه بيگ ارغون تاريخ 22 ماهه شعبان 930هه ۾ وفات ڪئي. شاهه حسن ارغون سنڌ جي آخري سمي حاڪم فيروز ناپيروز تي ماهه شوال ۾ حملو ڪيو. فيروز ٺٽو ڇڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. 931هه ۾ فيروز ڪڇ ۽ گجرات مان 50 هزار لشڪر گڏ ڪري موٽي اچي شاهه حسن سان مقابلو ڪيائين پر هي شڪست کائي گجرات ڏي هليو ويو.

ان بعد وري جمادي الثاني يا رجب 935هه ۾ گجرات مان فيروز، لشڪر سان سنڌ ۾ آيو ۽ شاهه حسن ارغون سان جنگ ڪيائين ليڪن وري به فيروز کي شڪست آئي. اِها سمي حاڪم فيروز جي، شاهه حسن ارغون سان آخري جنگ هئي، جنهن بعد وري به هي شڪست خورده ٿي  (گجرات جي حاڪم) سلطان بهادر وٽ واپس وڃي پناهه گزين ٿيو. (ظفرالواله ص 138، مراهِ سڪندري، ص 240)

سال 939هه ۾ فيروز پنهنجي نياڻي سلطان بهادر بن مظفر جي نڪاح ۾ ڏني. ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان بهادر جي مدد سان فيروز وري سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته 942هه ۾، مغل بادشاهه همايون ۽ سلطان بهادر گجراتي جي وچ ۾ جنگ لڳي.

صاحبِ تاريخ شاهي، کان منقول آهي ته، همايون بادشاهه جي لشڪر گجراتي لشڪر تي شب خون ڪيو ۽ گجراتين کي گهيري ۾ آڻي ڪيترن ئي کي قتل ڪري ڇڏيائون. ڄام فيروز (فيروز ناپيروز) ٺٽي جي آخري سمي حاڪم تنهن کي به سلطان بهادر جي شڪست خورده ٿيڻ وقت همايون جي لشڪر، گرفتار ڪيو. رات جو وقت هو، سو محافظن سندس روش مان سمجهيو ته پـَـڪ هي ڀڄي ويندو. تنهنڪري فيروز کي به قتل ڪيائون. (تاريخ شاهي، ص. 143. مرڪزي اردو بورڊ لاهور).
(1)  همايون بادشاهه، شير شاهه کان شڪست کائڻ بعد تاريخ 8 ماهه رمضان 947هه جي روهڙي (سنڌ) ۾ پهتو. (مطابق 6 – جنوري 1541ع.)
(1) نسخي ب ۾: ”احمد خواجه که از ملوڪ جيره اصفهان است“ تحرير ٿيل آهي شايد صحيح حويزه هجي جيڪو مغربي ايران جي سرزمين ڪنوني عراق ۾ واقع آهي. (رڪ: حبيب اليسر 498/4 عباس نامه، 178).
(1) پورچوگيزين پاران ٺٽي جي ڦرلٽ جو اهو واقعو 963هه/ 57-1556ع ۾ ٿيو. ان جو قصو هن ريت آهي ته: ميرزا عيسيٰ ترخان I بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش تي حملو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان مدد طلب  ڪئي. پورچوگيزين جو ايڪيهن ٻيڙن ۾ ست سو جنگي سپاهين/ڦورن جو لشڪر پيڊروبئيريٽو جي ڪمان ۾ لاهري بندر کان سنڌوءَ درياءَ وسيلي ٺٽي پهتو. پورچوگيزين جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ئي سلطان محمود ڪوڪلتاش ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان I ۾ ٺاهه ٿي ويو. اها ڳالهه ٻڌي پورچوگيزي ڪمان دار پيڊروبئيريٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن ٺٽي شهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ۽ قتلام شروع ڪيو، جنهن ۾ اٺ هزار ماڻهو قتل ٿيا، ٺٽي مان ٻن ملين پائونڊن (20 لک پائونڊن) جيتري ڦرلٽ ڪئي وئي. جڏهن ته سڄو شهر ساڙي خاڪ ڪيو ويو، ايشيا جي ملڪن ۾ ايڏي ڦرلٽ تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿي. جڏهن ته پيڊروبئيريٽو  جو هڪ ماڻهو به ڪونه مئو.

ڪتاب ٺٽي جا ڪاتب: از محمد عبدالغفور، پهريون ايڊيشن 2004ع ص. 12-13. سنڌي ادبي بورڊ، ع.ح. ق.
(1)  ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (اول) 973هه ۾ وفات ڪئي. جنهن جي قبر ڪتبي سميت اڄ تائين موجود آهي.

 
صفحو ؛ 4
 

ميرزا محمد باقي ترخان

ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ميرزا محمد باقي ترخان ويٺو. هو جابر حاڪم هو. حڪومت جي شروعات ۾ حڪومت جي اختياري جون واڳون مير قاسم بيگلار ۽ مير جوجڪ وغيره جي سپرد ڪيائين پر جيئن ته حڪومت جي ابتدا هئي ۽ هن جي سياست، قهر ۽ ظلم کي، اڃا ڪنهن نه سڃاتو هو ۽ نه وري هن جي رعب ۽ خوف هنن جي دلين ۾ ڪا جاءِ ڪئي هئي. ٻئي طرف ارغون نهايت بيباڪ هئا بلڪ بي پرواهي ۽ ڏاڍائي پئي ڪيائون. اهڙي حالت ۾ به ميرزا باقي غفلت ۾ پئي وقت گذاريو. ليڪن ارغون زباني نصيحت ۽ دڙڪن سان به پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن کان باز نه پئي آيا. تان جو نوبت ايستائين پهتي جو ميرزا محمدباقي جي شهر واري ڪوٽوال (ايس. پي) کي منع ڪندا رهيا ته هو، ميرزا محمدباقي جي ماڻهن کي محلئه مغلواڙه، محلئه ميرزائي ۽ محلئه اگر ۾ نه اچڻ ڏي. ڇو جو اڌ شهر جو ميرزا بازار ۾ شامل آهي ۽ اتر طرف جو تعلق ميرزا محمدباقي سان آهي ۽ ڏکڻ طرف جي بازار جو اسان سان واسطو آهي. هاڻي ته اشارا يا مخفي طرح به نه، بلڪ صاف صاف ظاهري طور، ميرزا محمدباقي ڏي پيغام موڪليائون ته، جيڪڏهن خزاني ۽ ملڪ مان، اڌو اڌ ڪري، اسان کي ڏيندي ته اسان به تنهنجي حاڪميت قبول ڪنداسين، ورنه جنگ لاءِ تيار ٿي. ميرزا محمد باقي ترخان حيران ٿي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ ملڪ جي نظام جي بهتري ان ۾ سمجهيائين ته ڪاوڙ ۾ باهه  جي ڀڙڪي سان مخالفن جي هلاڪت جوبلو ڪجي. هن پهرين پنهنجي مصاحبن ۽ خاصخيلين سان صلاح ڪئي، جهڙوڪ ميان خليل مهردار (1) ۽ خسرو خان وغيره جن سان طئي ٿيو ته، ٻه هزار جنگي جوان جيڪي سنڌي هجن ۽ ڳوٺن مان پڻ ميربحرن کي به آندو وڃي. جن کي پهرين قلعي ۾ پوشيده رهايو وڃي. ٻئي طرف نهايت معذرت ۽ تواضع سان نرم لهجي ۾ ارغونن کي جواب موڪليائين ته، خزانو ۽ ملڪ برابر توهان جو آهي. آءٌ پاڻ توهان جو محتاج آهيان، بلڪ آءٌ پنهنجي جان جي توهان کان امان ٿو گهران ۽ پوءِ سمورو خزانو ۽ ملڪ توهان جي حوالي ڪري سيوستان هليو ويندس پر جيڪڏهن خزاني مان ڪجهه مون کي به ڏيندا ته پوءِ اهو مون تي توهان جو وڏو احسان ٿيندو. ارغون هن تي اعتبار ڪري، ملازمت ۾ حاضر ٿي، خدمت ڪرڻ لڳا. ميرزا محمدباقي وري پيغام موڪليو ته توهان منهنجي لاءِ قدردان، وليِّ نعمت زاده آهيو ۽ آءٌ توهان جو نوڪر ۽ جانثار آهيان. خزانو ۽ ملڪ ڪم نه ايندو. درحقيقت خزانو ۽ ملڪ ڀائر آهن. انشاالله تعاليٰ، توهان جي خدمت لاءِ ٺٽي کان به ڏهونڻون وڌيڪ ملڪ حاصل ڪري سگهندس پر جيئن ته مغل نادار ۽ سڃا آهن. تنهنڪري اڌ خزانو انهن لاءِ موڪليو ته جيئن انهن کي به سڪون ۽ اطمينان ٿئي. ميرزا محمدباقي، خزاني جون ڪنجيون به هنن کي موڪليون ۽ چوائي موڪليائين ته منهنجي ڪهڙي طاقت آهي جو توهان کانسواءِ خزاني کي اک کڻي ڏسان. تنهنڪري ڪنهن به هڪ ڏينهن، ديوان ۾ اچي، پهرين خزاني جي ورهاست ڪريو ۽ پوءِ ملڪ جي به ورهاست ڪريو ۽ پنهنجي ماڻهن کي به حڪم ڏيو ته، سر بمهر صندوقن کي مخمل ۽ اطلس جي غلافن ۾ ويڙهي، ديوان خاني (دربار) ۾ آڻي رکن. جڏهن دربار جو ڏينهن ٿيو، تڏهن زر ۽ جواهر جي لالچ ۾ ۽ قيمتي لباس جي حرص ۾، سمورا ارغون سوار ٿي آيا. جڏهن قلعي جي نزديڪ پهتا تڏهن ميرزا محمدباقي پنهنجي اميرن ۽ خاصخيلين کي حڪم ڏنو ته قلعي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ ميان خليل مهردار کي حڪم ڪيائين ته دَري مان ٻاهر وڃي نهايت اطمينان سان هنن کي سمجهائي چئو ته، ميرزا کي جان جي خوف کان توهان جو تمام گهڻو ڊپ آهي، بلڪ هٿياربند هيڏي فوج ڏسي، هن جو پتو پاڻي ٿي ويندو، سو توهان جو فقط خزاني جي ورهاست سان ڪم آهي. تنهنڪري چند شادي شده ارغون اچي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن. ارغونن جي پاڻ ۾ گفت و شنيد ٿي ۽ هرهڪ ٿي چاهيو ته، پهرين مان وڃان. آخر طئي ڪيائون ته سمورا ارغون خزاني جي تقسيم وقت حاضر هجن ته جيئن هڪٻئي ڏي ڪا بدگماني نه ٿئي. ميان خليل چيو ته ڀلا جي هروڀرو فوج سان اچڻ چاهيو ٿا ته ڀلي اچو، پوءِ توهان ڪيترا به هجو، اچي سگهو ٿا. اتي ڪن عقلمند ارغونن ۽ ترخانن چيو ته بغير هٿيارن جي قلعي ۾ وڃڻ مناسب نه آهي. جنهن تي وري ٻين، اُنهن کي تڪبر سان چيو ته ڇا توهان هن سنڌي ٻچي (ميرزا  باقي) کان ڊڄو ٿا؟ اسين هن کي انهي عهدي تان هٽائينداسون. ڇو جو اها ڳالهه مصلحت جي خلاف آهي، ته زر ۽ جواهر جي ورهاست وقت ڀائر، بنا هٿيارن جي هجن؟ بهرنوع ان بعد تقريباً پنج سؤ ارغون، حرص و حوس جي طمع ۾ بنا هٿيارن جي قلعي ۾ گهڙي آيا ۽ ميرزا محمدباقي جي خدمت ۾ اچي، ڪورنش جا آداب ۽ سلام بجا آندائون، هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. جڏهن هنن صندوقن کي قلفن سان بند ٿيل ۽ سربمهر ڏٺو تڏهن نهايت بيتاب ٿيا ۽ چيائون ته رپين پئسن جي ڳڻڻ ۾ نهايت دير ٿي ويندي. تنهنڪري قرعئه اندازي ڪريو ته جيئن سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي نصيب جو ملي. ان بعد ميرزا محمدباقي چيو ته هاڻي سپ به تيار آهي. پهرين هڪ هڪ چمچو سڀڪو نوش فرمائي پوءِ جيڪا ڀائرن جي صلاح ٿيندي تنهن تي عمل ڪبو. بهرحال سوپ ۽ طعام آندا ويا ۽ طعامن ڏي سڀ ڪنهن پنهنجو هٿ وڌايو. پهرين ميرزا محمدباقي کائڻ شروع ڪيو ۽ چند لقما کائي، رومال سان چپن کي اُگهي اُٿيو، جو قئي اچڻ لڳس. سو انهي بهاني سان ميرزا محمدباقي ٻاهر آيو، سنڌي ۽ ميربحر جيڪي سڄي ۽ کٻي پاسي کان تلوارون هٿن ۾ کنيون بيٺا هئا، سو اشاري ملڻ سان، تن يڪدم قتل عام شروع ڪيو. پوءِ ته سوپ ۽ ارغونن جون خون گڏجي نالين مان وهڻ لڳو. هاڻي ته ظاهرظهور عام حڪم، ارغونن جي قتل جو ڪيو ويو  بلڪ ارغونن جي سرن کي قتل ڪرڻ لاءِ پنج سؤ اشرفيون پڻ مقرر ڪيون ويون. اهڙي طرح ڪيترائي ٻيا، غير ارغون اتي هئا، جيڪي مغلن جي صورت ۾ هئا سي پڻ قتل ڪيا ويا. چون ٿا ته اُن ڏينهن هڪ هزار ماڻهو قتل ٿيا ۽ تلوارون کان باقي جيڪي بچيا سي ڀڄي جداجدا ملڪن ۾ وڃي، منتشر ٿيا، جن مان اڪثر بکر هليا ويا، ان کانپوءِ ميرزا محمد باقي نهايت اطمينان سان مسندِ حڪومت تي ويهي فرمانروائي ڪرڻ لڳو، هاڻي کائونس لشڪر ۽ رعيت ڊڄي  مطيع ۽ فرمانبردار ٿيا.

ان وچ ۾ ناهيد بيگم پنهنجي والده ماهه بيگم سان ملاقات لاءِ، هندستان مان آئي. منقول آهي ته ماهه بيگم محمد مقيم جي دختر هئي، جيڪو شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ هو. تنهن کان اڳ حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه جي لشڪر سان قنڌار ۾ هو ۽ بادشاهه سندس شادي، ميرزا قاسم ڪوڪه جي گهران ڪئي، جنهن مان ناهيد بيگم تولد ٿي. ان کانپوءِ ماهه بيگم ڪابل مان نڪري قنڌار ۾ آئي، جتي ميرزا شاهه حسن ساڻس نڪاح ڪيو. ميرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ ميرزا جي لاش کي مڪه معظمئه تدفين ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي زيارت حرمين شريفين کان پڻ شرفياب ٿي ۽ پوءِ ٺٽي واپس آئي. تڏهن اُن ميرزا عيسيٰ ترخان، مذڪوره ماهه بيگم سان پنهنجو نڪاح ڪيو. ان وقت حضرت جلال الدين اڪبر بادشاهه هندستان کي فتح ڪيو. تڏهن ناهيد بيگم بادشاهه جي اجازت سان پنهنجي ماءُ، حاجياڻي ماهه بيگم سان ملڻ آئي. ليڪن ميرزا محمدباقي جي دل ۾، اهو گمان ٿيو ته هوءَ ضرور ڪا، ڪاروائي ڪرڻ آئي آهي. بهرحال هن حاجياڻي ماهه بيگم ۽ سندس ڌيءَ ناهيد بيگم جي وچ ۾ دشمني وجهي ۽ هن جي مارڻ پويان پيو ايستائين جو رائحه بيگم(1) جيڪا ناهيد بيگم جي ڌيءَ هئي ۽ ڪجهه عرصو اڳ، ميرزا محمد باقي جي نڪاح ۾ پڻ هئي. تنهن به هنن ٻنهي جي يعني ماءُ ۽ ناني جي وچ ۾ نفاق وڌو. المختصر ميرزا محمدباقي جي دل کي ناهيد بيگم جي طرفان تسلي ٿي وئي، تنهنڪري هن جي مارڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيائين.

ساڳئي سال سلطان محمود بکري، ارغونن جي ترغيب ۽ ڀڙڪائڻ تي ميرزا محمد باقي ترخان سان جنگ ڪئي. جڏهن هو نصرپور جي ويجهو پهتو ۽ اڃا طرفين جي لشڪر ۾ جنگ نه ٿي هئي، ته ايتري ۾ خبر پهتي ته حضرت بادشاهه، شيخ فريد جي پٽڻ ۾ پهتو آهي ۽ ملتان جي مشائخن جي زيارت جو ارادو اٿس. ليڪن کيس گمان ٿيو، جنهنڪري هن پنهنجون ٻيڙيون ۽ ڪيترو ساز و سامان ساڙي ڇڏيو ۽ خشڪي جي رستي منزل بمنزل ڪوچ ڪندو بکر ۾ واپس آيو. ميرزا شادمان جيڪو پنهنجي وقت جي بهادرن مان هڪ هو ۽ ميرزا محمدباقي جو ناٺي هو ۽ پيءُ جي طرفان سندس نسب جو شجرو، امير ذوالنون ارغون جي ڀاءَ سلطان قلي سان ٿي مليو ۽ 975هه ۾ ميرزا جان بابا جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان جو وليعهد هو، تنهن حڪومت جي دعويٰ ڪئي ۽ هر طرف کان خاصو لشڪر جمع ڪري ٺٽي جي ويجهو پهچي، ميرزا محمدباقي جي ڪئمپ جي سامهون، کاهي، کوٽي مورچا هڻي جنگ شروع ڪئي. جڏهن طرفين ۾ جنگ جي باهه جو ڀڙڪو روشن ٿيو، تڏهن ٻئي لشڪر ميدانِ جنگ ۾ دوبدو ٿيا. اتفاق سان ميرزا جان بابا جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ ميرزا جان بابا پاڻ لڪائي شب خون ڪيائين. ميرزا محمد باقي ان وقت، ڳوٺ الهه آباد ۾ مقيم هو. شاهه قاسم بيگلار هڪ وڏي فوج سان جا چونڊ ناليوارن بهادرن تي مشتمل هئي، تن سان ميرزا محمد باقي جي خاص ٻيڙي تي چڙهي هن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ميرزا محمد باقي به يڪدم سندس ارادو سمجهي ويو ۽ شمع کي وسائي، ان شمعدان جي تري واري رڪيبي شاهه قاسم جي منهن تي اهڙي ته زور سان اُڇلائي هنيائين، جو مرڻ تائين به هن جي منهن تان، اُن زخم جو نشان نه لٿو. رائحه بيگم پهريائين پاڻ خود وچ مان نڪري وئي ۽ پوءِ ٻيڙي جي بالاخاني وارو دروازو اندران زور سان بند ڪري، اندرين پاسي بيهي رهي. ميرزا محمدباقي، جان جي خوف کان پٺتي هٽي، ٻيڙي جي پاڇل کان درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وڃي هڪ ڊونڊي تي چڙهيو جا پٺيان بيٺل هئي. اهڙي ريت درياءَ کان پڻ ٻاهر نڪري آيو. هوڏانهن شاهه قاسم دروازي کي زور سان کولي، رائحه بيگم کي ميرزا محمدباقي سمجهي اُن جي پيٽ ۾ شمشير هنيائين. جيڪا اُن زخم کان ڪري پئي ۽ رات جي اونداهي هئي، جنهنڪري شاهه قاسم سمجهيو ته ميرزا محمد باقي قتل ٿي ويو(1) ۽ جان بابا جي همراهن کي ٻڌايائين ته ميرزا محمد باقي قتل ٿي ويو. پوءِ ته ميرزا محمد باقي جي مارجي وڃڻ جو شور پئجي ويو، جنهن کان ميرزا محمدباقي جي لشڪر ۾ پڻ عظيم تفرقو مچي ويو پر جڏهن ميرزا محمدباقي سلامتي سان درياءَ مان نڪتو تڏهن سندس لشڪر ۾ سندس سلامتي وارو نقارو وڄايو ويو، جنهن کان سڀني کي خبر پئجي وئي ته ميرزا محمد باقي جيئرو آهي. جنهن بعد اهل لشڪر وري پنهنجون تلوارون هٿن ۾ ڪري، ميرزا جان بابا جا ماڻهو ڪثرت سان قتل ڪيا ۽ اوترائي ماڻهو ميرزا محمدباقي جا به قتل ٿيا. ميرزا جان بابا لشڪر مان نڪري سميجن جي لشڪر طرف رخ ڪيائين ۽ هڪ سال اتي گوشئه تنهائي ۾ رهيو.

976هه ۾ ميرزا محمدباقي پنهنجي دختر جو سنڱ، حضرت ظل الٰهي شهنشاهه جي بيگمات جي زُمره ۾ آڻڻ جو انتظام ڪيو، حاجي ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم سان گڏي موڪلي ڏني. پڻ بادشاهي توشه خاني جي لائق هر قسم جا تحفه تحائف تيار ڪري روانا ڪيائين ۽ اها خدمت يادگار مسڪين خان ترخان(1)  جي ذمي ڪيائين. جڏهن هي سمورا ماڻهو لڪي جي نزديڪ پهتا، تڏهن ميرزا جان بابا سان هنن جي ملاقات ٿي. هن يادگار مسڪين ترخان ۽ ٻنهي بيگمن کي پاڻ سان متفق ڪيو ته توهان ڇالاءِ سنڌ مان نڪري ٿا وڃون، ته جيئن ميرزا محمد باقي ملڪ جي حڪومت جو مستقل مالڪ بنجي ويهي؟ سو هينئن ڪيائون، جو سمورا تحفا وغيره کولي، سپاهه ۽ ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، ان بعد ميرزا محمد باقي سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. حاجياڻي ماهه بيگم هاٿي تي سوار ٿي لڙائي جو جهنڊو بلند ڪيو، جنگ جي ميدان ۾ مقابلي جون صفون بيهاريائين. جڏهن ٻئي لشڪر هڪٻئي جي ويجهو ٿيا، تڏهن نسيمِ فتح ميرزا محمدباقي جي لشڪر ۾ آئي ۽ ان جي فتح ٿي. حاجياڻي ماهه بيگم جو لشڪر ڀڄي ويو. ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان، پهرين ئي حملي ۾ سمنڊ جي ڪناري ڪڪراله ڏانهن ڀڄي ويا، ناهيد بيگم به ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان وڃي بکر ۾ گوشه گير ٿي ۽ حاجياڻي ماهه بيگم به قيد ٿي،  ميرزا محمدباقي فتح کانپوءِ دارالسطنت ٺٽي واپس آيو. حاجياڻي ماهه بيگم کي سخت، عتاب ۾ آڻي ۽ پنهنجي ئي حفاظت ۽ نگراني ۾ رکيائينس. تان جو هن جو کاڌو پيتو به بند ڪري ڇڏيائين ۽ آخڪار حاجياڻي ماهه بيگم به، قيدخاني جي ڪوٺي مان نڪري وڃي قبر جي ڪوٺي ۾ آرامي ٿي.

باقي جيڪي ارغون بکر ۾ هئا سي، سلطان محمودبکري جي اجازت سان ناهيد بيگم سان گڏجي وڃي دربار شاهي ۾ پهتا. ميرزا محمد باقي کي گمان ٿيو ته حضرت جلال الدين محمد اڪبر  بادشاهه جو لشڪر مٿس نه حملو ڪري، سو ارغونن تي نوازشون ڪري هنن جي تربيت ڪيائين ۽ جيڪي ارغون ملڪن ۽ شهرن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا هئا سي وري سڀ اچي گڏ ٿيا، تن مان هرهڪ لاءِ انتظام ڪري شايانِ شان، اُنهن کي جاگيرن، منصبن ۽ وظيفن سان نوازيائين.

بيگه بيگي آغا بنت ميرزا عيسيٰ ترخان، جيڪا يادگار مسڪين ترخان جي نڪاح ۾ هئي، تنهن  آه و بڪا سان ميرزا محمدباقي تي ملامت ڪرڻ شروع ڪئي. جنهن تي ميرزا باقي، ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين خان جن کي پيغام موڪليائين ته اڃا به وقت اٿو، توهان اچو، جيئن ته ميرزا جان بابا جو لشڪر منتشر ٿي ويو هو، انڪري جو هو، جهنگلن ۾ مسافرن وانگر رُلندي، ملول ٿي چڪو هو. هن جو رفيق نالي هڪ غلام به هو، جيڪو ميرزا جان بابا جو محرمِ راز پڻ هو. تنهن هي پيغام خفيه طور، ميان سيد علي شيرازي کي موڪليو، جيڪو پنهنجي وقت جي ”اڪابرِ عظام“ مان هو ۽ ”شيخ الاسلام“ پڻ هو، ته جيڪڏهن ميرزا محمد باقي اسان جي گناهن کي درگذر ڪري ۽ قرآن مجيد تي قسم کڻي ته هو اسان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه رسائيندو ته اسين هن جي ملازمت ۾ اينداسين. سيد علي شيرازي، مختصر احوال، ميرزا محمد باقي سان ڪيو. جنهن تي ميرزا محمد باقي مڪر ۽ فريب جا ڳوڙها اکين ۾ آڻي چيو ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان منهنجا ٻه بازو آهن ۽ قرآن مجيد هٿ ۾ جهلي، ڪلام رباني جو قسم کڻي چيائين ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان سان ملاقاتي ٿيڻ بعد، هنن کي ڪنهن به قسم جو جاني ۽ مالي نقسان نه رسندو ۽ آءٌ هنن جي رعايت ۽ تربيت ۾ ذرو به ڪسر نه ڇڏيندس. آخر انهي نبيري بعد 979هه جي سيد علي شيرازي وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ ميرزا محمدباقي جي چوڻ تي ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان، اعتبار ڪري ميرزا محمدباقي جي ملازمت ۾ آيا، هن ٻئي جڏهن ميرزا باقي جي قابو ۾ آيا تڏهن وجهه وٺي هنن کي درجئه شهادت(1) تي پهچايائين.

جڏهن اهڙا قضيه ۽ واقعا، وقوع پذير ٿيا تڏهن بيگه بيگي آغا، گريه و زاري ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ميرزا محمدباقي تي اهڙي بڇڙي ڪم ڪرڻ سبب، لعنت ملامت ڪيائين، ڪنهن اها خبر ميرزا باقي جي ڪنن تائين پهچائي. جنهن تي هن پنهنجن  چرين دوزخي ڪتن يعني  ٻن مشهور جلادن ”هوتي ۽ نوتي“ کي حڪم ڪيو ته، بيگه بيگي آغا جي گهر رات جو چوري ڪرڻ لاءِ وڃو، پوءِ خود اُن کي ۽ ان جي ٻن صغيرن پٽن کي گهٽو ڏئي، ساهه ڪڍي ماري ڇڏيو.

جيئن ته ميرزا محمد غالب ابن ميرزا محمد صالح ابن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جڏهن هي ننڍو هو تڏهن هن جي پنهنجي ئي گهر ۾ پرورش ٿيندي هئي ۽ هن جي ڏاڏي ڪڏهن به هن کي پاڻئون پري نه ڪندي هئي. جڏهن ميرزا محمدغالب جوان ٿيو ۽ هن ميرزامحمد باقي جي، خاندان ڪشي ڏٺي، تڏهن پنهنجي جان جي خوف کان پنهنجي سپاهين ۽ غلامن کي تاڪيدي حڪم ڪيو ته، هر رات جو حويلي جي خاص طرح نگراني ڪن ۽ ٻئي پاسي جڏهن به دربار ۾ سلام لاءِ ويندو هو ته فوج سان ويندو هو. ڪن بدبخت ماڻهن ميرزا محمد باقي جي دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ته ميرزا محمد غالب بغاوت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ميرزا باقي هن سان پنهنجي هڪ ڌيءَ به منسوب ڪري ڇڏي هئي. سو مڪر ۽ فريب سان نهايت هن تي مهرباني ۽ شفقت به ڪندو رهندو هو. ميرزا محمد غالب به پاڻ کي محفوظ سمجهي بي خوف ٿي ڪڏهن ڪڏهن ميرزا محمد باقي جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ميرزا محمدباقي هن کي سڏايو ۽ نهايت محبت ۽ اخلاص سان ڀاڪر پائي مٿي تي ۽ منهن تي چميون ڏئي، چيائينس  ته تنهنجي جاگير نهايت خراب ۽ تباهه ٿيل آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اها جاگير تنهنجي سپاهه جي خرچ لاءِ تننجي ماڻهن لاءِ ناڪافي ٿيندي. تنهنڪري جيڪا به ديهه توکي پسند هجي ته اُها آءٌ تنهنجي جاگير لاءِ مقرر ڪريان؟ پوءِ مقدمن وغيره کي حڪم ڪيائين ته ميرزا محمد غالب خاطر، سمورين ديهن جي حقيقتن کان کيس آگاهه ڪيو وڃي. ان کانپوءِ ملا منشي کي اشارو ڪري ميرزا صالح کي چيائين ته آفيس ۾ وڃي ديهن بابت صحيح صورتحال معلوم ڪن. اهڙن فريبن، دلاسن ڏيڻ بعد ميرزا محمد  غالب کي ديوانخاني ۾ اندر وٺي وڃي، پنهنجي ڪتن ”هوتي ۽ نوتي“ نالي جلادن جي حوالي ڪيائين ته هن کي به گهڻو گهٽو ڏئي ساهه ڪڍي، شهادت جو شربت چکايونس. ان کانپوءِ ميرزا باقي هنن کي اهو به حڪم ڏنو ته ميرزا محمدغالب جي گهر جو سمورو مال اسباب ضبط ڪري، سرڪاري خزاني ۾ رکيو وڃي. ميرزا محمد غالب جي ضعيف ڏاڏيءَ کي ۽ هن جي ننڍڙي صغير ڀيڻ کي پڻ قيد ڪيو وڃي ۽ سڀاڻي انهن جون ڳچيون ۽ ڪن زيورن کان خالي ڪري، قلعي واري حويلي ۾، انهن جي سڪونت جو انتظام ڪيو وڃي. ان کانپوءِ هنن لاءِ فقط روزينو بقدرِ ”قوت لايموت“ مقرر ڪيو وڃي.

ان زماني ۾ ميرزا محمدباقي جي حرمن جي معلم، ملا جان محمد شڪايت ڪئي ته منهنجو پاڙيسري ميرزا جوهر بن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) پنهنجي طاقت جي زور تي، هن جي ڪنواري ڇوڪري کي کڻي ويو آهي پر ميرزا جوهر کي ماڻهو رشوت جي لقمي تي قيدخاني مان ڇڏائي، فرار ٿي ويا آهن. جنهن تي ميرزا محمد باقي پنهنجي لشڪر کي متعين ڪيو. تان جو هن کي گرفتار ڪري وٺي آيا ۽ هن جي قتل جو حڪم ٿيو. پوءِ ته پنهنجي ڀائرن ۽ ڀائيٽن مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيائين. ٻيا ته ٺهيو پر ميرزا ناصر ولد ميرزا عيسيٰ جيڪو لولو لنگڙو توتلو ۽ هن جو سارو جسم شل ٿيل هو، تنهن به ميرزا محمد باقي جي ڊپ کان پاڻ کي وڌيڪ گونگو ڪيو هو. اشارن تي ڳالهائيندو هو ۽ هميشه بستري تي پيو هوندو هو. تنهن کي به امتحاناً بار بار، ميرزا باقي اٿاريندو ۽ ويهاريندو هو ۽ پوءِ چوندو هو ته ڀلا ڇڏي ڏيوس ته ائين پيو هجي، پر ميرزا ناصر، باقيءَ جي ڊپ کان پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي ٻاراڻي حرڪت ۾ وڌو جنهن کان سندس هلاڪت واقع ٿي.

جناب ميرڪ عبدالرحمان بن شيخ ميرڪ، جيڪو شريفن ۽ اڪابرن ۾ مڃيل شخصيت  هو، ميرزا باقي تنهن تي به شراب پيئڻ جي تهمت لڳائي، پنهنجي فوج کي حڪم ڪيائين ته، عيدگاهه تان واپس ٿيڻ وقت سندس حويلي کان جيڪو رستو نزديڪ هجي، اُتي هن کي شمشير جي ضرب سان شهيد ڪيو وڃي.

ٺٽي جي شاگردن ۽ ملن تي جادوگري جي تهمت هڻي هنن لاءِ ٺٽي مان، شهر بدري جو حڪم ڪيائين. ٺٽي شهر جي ٻاهران خندق کوٽائي ماڻهن کي قيد ڪري، نظربند ڪيائين. هن جي ظلمن کان نوڪر، چاڪر، دوست، احباب، سپاهه ۽ رعايا ۽ ٺٽي جو عوام نهايت تنگ ٿيا، جو نه اُنهن کي ڏينهن جو قرار هو ۽ نه رات جو چين هو.

حياتي جي آخري ڏينهن ۾ مٿس وهم طاري ٿيو ته، جلال الدين اڪبر بادشاهه جو لشڪر مٿس ڪاهي پيو ايندو هوندو ۽ ائين به پيو چوندو هو ته افسوس صد افسوس، جو، مون پنهنجن هٿن ۽ ٻانهن (ڀائرن) کي پاڻ ڪپائي ڇڏيو. ان بعد حڪم ڪيائين ته قلعي ۾ رسد جمع ڪئي وڃي، توبخاني ۽ چنگيز خان جي قانون کي، لشڪر جي تربيت لاءِ پنهنجو رهبر بنايو وڃي. آخرلامر، ميرزا باقي جي تخيل جي قوت، چريائي جي حدن تي پهتي. ڪيتري مدت تائين بي خواب ۽ بي آرام رهيو. گهڙي گهڙي پيو دانهون ۽ رڙيون ڪندو هو ته، هي ميرزا جان بابا آهي، هي ميرزا يادگار مسڪين ترخان آهي، هي ميرزا محمدغالب آهي، هي ميرزا جوهر آهي ۽ ارغون جيڪي هن جي ظلم جو نشانو بنيل هئا ۽ هن هٿان مارجي چڪا هئا، تن کي به نالي به نالي ياد ڪري پيو چوندو هو ته، هو صفون آراسته ڪري مون تي پيا چڙهائي ڪن، جنهنڪري هر هر ڍالون اُنهن جي آڏو ڪري، اُنهن جي سامهون پيو خم ٿيندو هو.

اها حالت ڏسي سندس خدمتگار ۽ امير کيس عرض ڪري چوندا هئا ته، سلطان عالم! توهان اطمينان ڪريو اهي سڀ مري چڪا آهن. انهن مان ڪوبه جيئرو نه آهي. اهي شيطاني وِس واس آهن جن کي دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. جنهن تي ميرزا محمدباقي، تمام ڏاڍيان دانهون ڪري پيو چوندو هو ته ڇا توهان انڌا ٿي ويا آهيو؟ ڇا توهان نه ٿا ڏسو؟ ته ميرزا جان بابا قلعي جي دروازي کي ڀڃي گهرن ۾ آيو آهي ۽ مون کي زخمي ڪيو اٿس، جنهن کان پنهنجو پاڻ کي ڍال جي هيٺان پيو لڪايان.

آخر 993هه ۾ تلوار ۽ خنجر سان پاڻ کي زخمي ڪري پنهنجو ساهه قابضِ ارواح جي سپرد ڪيائين. هن جي حڪومت ۽ سلطنت جي مدت سترنهن سال هئي.

ميرزا پائينده بيگ ترخان

ميرزا محمدباقي جي وفات کانپوءِ، دولت ۽ سلطنت جو ڍارو ميرزا محمد پائينده بيگ جي نالي تي پيو پر جيئن ته ميرزا پائينده، مجذوب ۽ دنياؤمافيها کان بيخبر هو. ان ڪري حڪومت هلائڻ جهڙو نه هو.

ميرزا محمد جاني بيگ ترخان

پنهنجي پيءُ  (ميرزا پائينده بيگ) جي جيئري ئي مسندِ سلطنت ۽ حڪومت تي ويٺو. جيئن ته ميرزا جاني بيگ، ميرزا محمدباقي جو پوٽو هو، تنهنڪري سمورن ارغونن ۽ ترخانن يعني حڪومت جي اميرن ۽ مصاحبن، ميرزا جاني بيگ جي فرمانبرداري مڃي. ازانسواءِ هو ڦوهه جواني ۾ ئي اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده سان سنواريل هو. قبيله پرور ۽ علماء، فقراء جن جو دوست هو. هن جي مجلس علماء  ۽ فقراء کان ڪڏهن به خالي نه رهي. سادات عظام ۽ مشائخ ڪرام جي تعظيم و توقير، نهايت ڪوشش سان ڪندو هو. بهار ۽ نؤروز جي مينهن وانگر زر ۽ جواهر جيڪا سندس وڏن سالن جا سال خزاني ۾ گڏ ڪئي هئي، سا پنهنجي خاندان، سپاهه، اهل الله، عوام ۽ رعايا جي مٿان قربان ڪندو هو. هاڻي خدا جي مخلوق سندس شفقت ۽ مهرباني واري پاڇي ۽ حڪومت ۾نهايت خوشحالي بي فڪري واري زندگي گذارڻ لڳي آهي. ٺٽي جو انتظام نهايت سهڻي نموني بدلايو اٿس. سنڌ جي مملڪت جا ماڻهو، جيڪي ميرزا محمدباقي جي ظلمن کان تنگ ٿي، سک سان نه سمهي سگهيا، سي هن جوان بخت جي امن و امان واري پينگهي ۾، راحت ۽ آرام جي ننڊ سان ستا آهن.

ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) بن جان بابا ترخان، جيڪو ميرزا محمدباقي جي خوف کان سميجن جي لشڪر ۾ وڃي لڪو هو، تنهن کي ميرزا جاني بيگ هزارن حيلن ۽ دلاسن سان نهايت عزت ۽ احترام سان ٺٽي ۾ آندو ۽ پنهنجي پڦي جو هن سان نڪاح وڌائين ۽ هن لاءِ جاگير، منصب جدا مقرر ڪيائين. ميرزا شاهه بابا ابن ميرزا جان بابا ترخان کي به هندستان وڃڻ کان روڪي، هن تي نوازشون ۽ ڪرم نوازيون ڪري هن کي سندس لائق تحفا ڏئي، ٺٽي روانو ڪيائين ۽ حڪم ڪيائين ته سندس ننڍي پڦيءَ سان شاهه بابا جو نڪاح ڪيو وڃي.

جلوس کانپوءِ، ٿوري مدت ۾ ماهه ربيع الاول 994هه جي،
حضرت شهنشاهه اڪبر بادشاهه، صادق محمدخان کي بکر جي حڪومت تي متعين ڪري، پڻ ٺٽي جي فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مذڪوره خان، چند مهينا بکر جي معاملات ۾ مصروف رهيو ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان، تحفا تحائف جيڪي بادشاهه جي شايانِ شان هئا، سي پنهنجي معتبر ماڻهن هٿان موڪليا. جناب سيادت مآب، مير جلال الدين بن امير سيد علي شيرازي، جيڪو ان وقت مملڪتِ ٺٽي جو ”شيخ الاسلام“ هو، ظاهر ۽ لڪل ڪمالات ۽ فضائل سان سينگاريل هو، تنهن جي معرفت تبرڪاً دربار شاهي ۾ تحفا موڪليائين. ازانسواءِ ميرزا محمد صالح بن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جي دختر جيڪا ميرزا جاني جي سڱ ۾ پڦي هئي، جنهن جو به سيد جلال الدين سان نڪاح ڪيائين.

جڏهن صادق محمد خان، ذي الحج 994هه ۾ سيوستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ميرزا جاني ترخان، ان خبر جي ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي فوجي بهادرن جي لشڪر کي هن جي استقبال لاءِ موڪليو. ڳوٺ پاٽ ۾ ٻئي لشڪر دوبدو مليا ۽ سخت جنگ لڳي، طرفين جا ڪيترائي ماڻهو جنگ ۾ مارجي ويا، ميرزا جاني بيگ ترخان جي طرف کان چند مشهور نوجوان جهڙوڪ: سلطان محمود پربندق ۽ مير ڪوچڪ بن سبحان قلي وغيره مقتول ٿيا ۽ رستم بدر دستم قيد ٿيو. محمد صادق خان کي فتح ٿي. سبحان قلي ارغون لشڪر جو سپهه سالار هو ۽ درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو قلعو ٺهرايائين ۽ مذڪوره قلعي کي پڻ جنگي هٿيارن سان سينگاريائين. ان قلعي جي هيٺان ڪيتريون ئي ڊونڊيون (ننڍيون ٻيڙيون) بيٺل هيون. سو موقعو ڏسي، سبحان قلي خان ارغون هڪ ڊونڊي ۾ سوار ٿي، ٻيو دفعو جنگ جي ارادي سان نڪتو.نهايت بهادري ۽ جوان مردي سان وڙهيو، ٻنهي طرفن جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا. سبحان قلي ارغون، سپهه سالار کي ٻن ڊوندين سميت، صادق محمدخان جي ماڻهن گرفتار ڪيو، انهيءَ فتح کانپوءِ، صادق محمد خان سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪيو. جڏهن محاصره کي چڱو وقت گذريو، تڏهن قلعي جي ديوار ۾ شگاف ڪري کوٽي، فصيل واري دروازي کي قلعي جي اڳيان بيهاريائون. جنهن بعد قلعي ۾ رهندڙن يڪدم، تڙ تڪڙ ۾ ٻي ديوار ٺاهي ورتي ۽ توبن ۽ بندوقن جي لڙائي اهڙي ته شروع ٿي، جنهنڪري صادق محمد خان جو لشڪر هڪ ڪوهه پٺتي هٽيو. ان وچ ميرزا جاني بيگ ترخان بري ۽ بحري فوج سان سنبري تيار ٿي، سيوستان کان ڇهه ڪوهه پري مهراڻ درياهءَ وٽ اچي منزل انداز ٿيو. صادق محمدخان، ميرزا جاني بيگ سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. ميرزا جاني بيگ ترخان، جڏهن لڪي جبل جي محاذ وٽ پهتو ته ننڍين ٻيڙين (ڊونڊيون) رستي اچي، صادق محمدخان جي لشڪر کي نزديڪ ٿي، اُنهن تي توبن ۽ بندوقن جو وسڪارو ڪيائين. صادق محمدخان جا اڪثر ڪري ماڻهو تلف ٿي ويا. مطلب ته چند ڏينهن هڪٻئي جي مقابل ٿي لڙائي جون تدبيرون سوچيندا رهيا. ليڪن ان وچ ۾ سخت لڙايون به ٿينديون رهيون ۽ هڪٻئي کي مردانگي جا داد به پئي ڏنائون. پر باربار ميرزا جاني بيگ ترخان جي فوج، صادق محمد جي لشڪر تي پئي حملا ڪيا ۽ ڏينهن ڏٺي جو مير ابوالقاسم بيگلار، صادق محمد خان جي لشڪر ۾ وڃي هن جي خاص خيمي جون طنابون وڍي ڇڏيائين. جنهن بعد ميرزا جاني بيگ ترخان کي ڪيتروئي غنيمت جو مال هٿ آيو. ان کانپوءِ وري طرفين ۾ جنگ جي باهه ڀڙڪي. صادق محمدخان نه ٿي چاهيو ته لڪي جبل کان پير ٻاهر ڪڍي، پر ميرزا جاني بيگ جي لشڪر کي زير و زير ڪرڻ جي فڪر ۾ رهيو، ايتري ۾ صادق محمدخان جي به عرضداشت  دربار شاهي ۾ سيوستان جي قلعي جي فصيل ۽ دروازي بابت پهتي. جنهن جو هي مضمون هو ته: ”سيوستان جي قلعي کي مون فتح ڪيو آهي، هاڻي جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بادشاهي اقبال سان اڄ يا سڀاڻي، هن کي گرفتار ڪندس يا ماري ختم ڪندس.“

جڏهن حضرت بادشاهه جي خدمت ۾، صادق محمدخان جي اها عرضداشت پهتي، تڏهن سمورن اميرن تسليم بجا آندو ۽ مبارڪباد ڏنائون، جنهن تي حضرت بادشاهه ميرزا جاني بيگ جي ايلچين کان پڇيو ته ڇا، توهان کي به ڪا اهڙي تازي تحرير پهتي آهي؟ تنهن تي مير جلال الدين شيرازي عرض ڪيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا تحرير اسان کي نه پهتي آهي. البت ايترو ڄاڻا ٿو ته جيڪي ڪجهه صادق محمدخان لکيو آهي، جيڪڏهن اهو سچ جي قريب آهي ته پوءِ ٻنهي طرفن جا هزارين ماڻهو ضايع ٿيندا.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ اها حقيقت الامر معلوم ٿي ته جيڪي ڪجهه صادق محمدخان لکيو آهي سو واقعي جي خلاف آهي، جنهن مان حسب دلخواه ڪوبه مطلب نه ٿو نڪري سگهي. انهي بناتي ميرزا جاني بيگ جي ايلچين کي رخصت ڪيو ويو ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان لاءِ، سروپا فاخره ۽ هاٿي لاءِ زنجير پڻ هنن کي عنايت ٿيا. صادق محمدخان لاءِ، فرمان عاليشان صادر ڪيو ويو ته ميرزا جاني بيگ جيڪي تحفا تحائف اخلاص ۽ کليل عجز واري زبان سان موڪليا آهن سي شاهي دربار جي شايانِ شان آهن. هاڻي توکي مناسب آهي ته جنگ تان هٿ کڻ ۽ واپس اچ، جڏهن هي فرمان واجب الاطاعت و الاذعان، صادق محمدخان کي مليو تڏهن هو بکر واپس هليو ويو. ميرزا جاني بيگ ترخان بادشاهي هاٿي ۽ خلعتِ سان نوازيو ويو ۽ سابق دستور مطابق ٺٽي ولايت تي ڪامران ۽ فرمانروا ٿيو.

998هه ۾ حضرت جلال الدين محمداڪبر بادشاهه دارالسطنت لاهور ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مطلبي دشمنن، ميرزا جاني بيگ بابت هي حقيقت عرض مقدس ۾ رسائي ته هو مستقل بادشاهت جو ارادو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو بادشاهي لشڪر کي شڪست خورده بڻائيندو. جنهنڪري ان وقت بادشاهي غيرت ۾ جوش آيو ۽ نواب خان خانان کي هڪ ڪثير فوج سان ٺٽي ولايت جي فتح ڪرڻ لاءِ متعين ڪيو ويو. نواب خان خانان پهرين بکر ۾ اچي، ٺٽي ۾ جنگ جي سامان ۽ جنگ جي ذخيره وغيره کي گڏ ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. ازنسواءِ گرم هوائن ۽ درياءَ جي ٻوڏن سبب ڪجهه ڏينهن بکر ۾ قيام ڪيائين. جڏهن هوا  ۾ اعتدال ٿيو، تڏهن ٺٽي ولايت ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين.

جڏهن هو سيوستان جي نزديڪ پهتو تڏهن هن پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، پهرين جاني بيگ سان مقابلو ڪريان يا پهرين آءٌ سيوستان جو انتظام ڪريان؟ يا آءٌ سيوستان مان لنگهي وڃان؟ سمورن اميرن متفق ٿي راءِ ڏني ته، سيوستان اسان کي رستي ۾ پئي ٿو ۽ اسان جون ٻيڙيون به اُتي ئي آهن، لشڪر کي به اُتان ئي درياءُ پار ٿيڻو آهي. تنهنڪري مناسب ۽ بهتر آهي ته اسان پهرين سيوستان کي فتح ڪريون ۽ پوءِ اڳتي وڌون. سڀني جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ۽ پوءِ هو درياءَ پار ٿيا. ايتري ۾ سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪري ديڳيون پڻ تقسيم ڪيائون. ان وچ ۾ اها به خبر پئي ته ميرزا جاني بيگ ٺٽي مان سٺ هزار فوج سان اچي پيو ۽ ساڻس ڪيتريون ئي ٻيڙيون ۽ ٽيهه سؤ ڊونڊيون آهن جيڪي سموريون جنگي ساز و سامان سان ڀريل آهن. ازانسواءِ فوج ثابت قدم، عالي حوصله، جوان بهادرن تي مشتمل آهي، مطلب ته توبخاني ۽ جنگي اسلحه سان ٺٽي مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. ان خبر جي ٻڌڻ سان، خان خانان محاصري کي ترڪ ڪري، ميرزا جاني بيگ ڏي رخ ڪيو. هوڏانهن ميرزا جاني بيگ به نصرپور مان ٿيندو، بالائي سنڌ روهڙي ۾، درياءَ جي ڪناري تي هڪ نئون قلعو ٺهرائي مستحڪم ٿي ويٺو. جڏهن خانخانان مذڪوره قلعي جي ڇهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن ميرزا جاني بيگ، ترخانن ارغونن ۽ پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو ته بادشاهي لشڪر جي ڪثرت سان فتح ڪرڻ آسان نه آهي. ليڪن هاڻي اها صلاح آهي ته اسين خدا تعاليٰ تي ڀروسو ڪري يڪدم خان خانان جي لشڪر تي هڪ دفعو بري ۽ بحري حملو ڪريون، پوءِ جيڪي خدا کي منظور هوندو سوئي ٿيندو. سڀني جي اها راءِ صواب، ميرزا جاني بيگ کي پسند آئي. درحقيقت اهو مشورو پڻ درست هو. حڪم ٿيو ته سڀاڻي خسرو خان چند اميرن سان ۽ ڊونڊين، ٻيڙين جن تي آزمودگار  جنگي تجربيڪار جوان چڙهي درياءَ جي رستي روانا ٿين ۽ اسين خشڪي جي رستي هلون. پر ٻئي لشڪر درياءَ جو ڪنارو ڏئي گڏ هلن. ٻنهي فوجن ٻنپهرن جي وقت خان خانان جي لشڪر تي حملو ڪيو.

جڏهن صبح ٿيو تڏهن خسرو خان پنهنجي اميرن سان ۽ ڪيترين ٻيڙين ۽ ڊونڊين سان، توبون ۽ بندوقون ساڻ ڪري ۽ جنگي اسلحه سان تيار ٿي روانو ٿيو. ٻئي فوجون درياءَ جي ڪناري تي منزل انداز ٿيون. خسرو خان بحري ڪمان سنڀالي.

ڪن منافق اميرن، مڪر ۽ فريب جي غرض سان ميرزا جاني بيگ ۽ خسرو خان کي اها ڳالهه دل ۾ ويهاري چيو ته، سلطاني جنگين ۾ تڪڙ نه ڪبي آهي. هوڏانهن لشڪر ۽ جنگي صلاحيت اسان کان زياده آهي، پڻ قابليت به ۽ دريائي جنگي سامان جيڪو آهي تنهنجي به اسان کي سموري خبر آهي. تنهنڪري پهرين بحري جنگ هنن سان ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ خشڪي جي جنگ وڙهڻ گهرجي. اڄ توهان جا امير جيتري صلاحيت سان وڃي رهيا آهن، تن جي مقابلي ۾ ٽيڻي ته ڇا بلڪ چئوڻي صلاحيت به خان خانان ۾ نه آهي ۽ انشاالله تعاليٰ، خسرو خان فتح ڪري واپس ايندو. انهي صلاح تي خشڪي وارو لشڪر موقوف ٿيو ۽ حسب وعده ٻنپهرن جي وقت خسرو خان، خان خانان جي لشڪر جي نزديڪ پهتو، پر خبر رکيائين ته خان خانان اڌ ميل تي درياءَ جي ڪناري تي پنجن ڇهن ايڪڙن ۾ قلعو ٺهرايو آهي. ميرزا محمدمقيم بخشي کي چند اميرن سان اتي مقرر ڪري رکيو اٿس ۽ اهو قلعو ان هنڌ آهي، جتي مقابلي ۾ درياءَ جي پاڻي جون عظيم ڇوليون آهن ۽ اُتان ننڊين ۽ وڏين ٻيڙين جو گذر نهايت مشڪل آهي، جنهنڪري مجبوراً قلعي جي سامهون لنگهڻو پوندو. خسرو خان قلعي جي سامهون ترسيو ۽ ملاحن جي ٻيڙي جي ڊگهي ڪاٺي، جنهن کي تير چون ٿا، تنهن تي چڙهي خان خانان جي خشڪي واري لشڪر کي ڏٺائين. ليڪن خشڪي واري لشڪر جو مٿس ڪو اهڙو خاص اثر نه پيو، ته ائين قلعي مان توب ڇٽي. اهو سڄو ڏينهن ۽ رات خسرو خان انتظار ۾ رهيو. مگر سندن خشڪي وارو لشڪر اڃا تائين نه آيو. جنهن تي خسرو خان به توب جي جنگ شروع ڪئي، جيتوڻيڪ خسرو خان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا، پر ثابت قدمي رهي، سڄي رات اُتي ئي قيام ڪيائين ۽ اڳتي موڪلڻ واريون جنگي ٻيڙيون ۽ ننڍيون ٻيڙيون درياءَ جي ڪناري تي آڻائي، اُنهن ۾ واريءَ سان ڀريل ٻوريون فوراً رکائي، قلعي جي ويجهو ڪيائين ۽ توب جي منهن تي نگاهه رکي سڄي رات انهن جنگي وڏين ۽ ننڍين ٻيڙين جي حفاظت ڪيائين، مجبوراً جڏهن سندن خشڪي وارو لشڪر مدد لاءِ نه آيو، تڏهن پهرين پهر جي وقت ننڍين ۽ وڏين جنگي ٻيڙين تي نظر ڪندو تير (وڏي ڪاٺي) تان لهي آيو ۽ پوءِ واپس ٿيو. جنهن تي خان خانان جي جنگي ننڍين ٻيڙين هن جو پيڇو ڪيو ۽ هوڏانهن خشڪي وارو لشڪر درياءَ جو ڪنارو ڏئي، خان خانان جي لشڪر تي اوچتو اچي ٽٽو. ليڪن خسرو خان سپهگريءَ جي فن کان بخوبي واقف هو، سو پنهنجي جنگي ننڍي ٻيڙي تي نگاهه رکندو ۽ ٻين ننڍين وڏين جنگي ٻيڙين کي اڳتي ڪيائين، پر ڪن چند ننڍين جنگي ٻيڙين ۾ فرنگي ۽ ڪجهه سپاهي ويٺل هئا، جي خان خانان جي ماڻهن جي هٿ لڳا ۽ پوءِ خسرو خان جي جنگي ٻيڙي، جنهن جو زنجير (ٻلي) ڪناري تي لڳل هو، تنهن کي ميان سائين ڏني چرڪس، شمشير جي ضرب سان اُن لوهي قلاب کي وڍيو پر اتفاق سان خان خانان جي ننڍي ٻيڙي کي باهه لڳي، جنهن کان هن جون ٻيون ٻيڙيون به سڙي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ خسرو خان جي جنگي ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين کي نجات ملي.

اُن ڏينهن عظيم فتح، خان خانان جي ٿي ۽ خسرو خان پنهنجا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرائي، وڃي ميرزا جاني بيگ جي لشڪر ۾ پهتو. ٻئي ڏينهن خان خانان ڪوچ ڪري ميرزا جاني بيگ جي قلعي کي ڏٺو، جيئن ته ميرزا جو قلعو مضبوط ٺهيل هو پر هيٺاهين زمين قلعي کان گهڻو پري هئي، جنهنڪري قلعي کي هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل هو. بهرحال قلعي کي گهيرو ڪيائين. جڏهن گهيري جي مدت طويل ٿي ۽ هر روز توبن ۽ بندوقن سان طرفين ۾ لڙائي ٿيندي هئي، پوءِ خان خانان ۽ هن جي اميرن ڏٺو ته ڪو کڙتيل نه ٿو نڪري، تڏهن سڀئي پاڻ ۾ ملي، هم صلاح ٿي، ميرزا جي قلعي کي چئني طرفن کان گهيرو ڪري حملو ڪيائون. پر جيئن ته قلعو مضبوط هو، سو قلعي ۾ رهندڙن به کڻي دشمنن تي آتشبازي کي سر ڪيو، جنهن کان خان خانان جي لشڪر جا ڪيترائي ماڻهو سڙي ويا ۽ نيٺ ناڪام ٿي واپس پنهنجي لشڪر ڏي آيا.

انهي کانپوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته في الحال مذڪور قلعي جو وٺڻ مشڪل آهي، هر روز طرفين جا مسلمان به پيا مرن ۽ برسات، ٻوڏن جو به زمانو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ڪنهن هڪ هنڌ جو انتخاب ڪريون ته جيئن ٻوڏون وغيره ختم ٿين، انشاءالله تعاليٰ سرءُ جي شروع ۾ وري انهي مهم کي شروع ڪنداسون.

ان وچ ۾ گوريو (مهتو) جيڪو ميرزا جاني بيگ جو مدارالمهام هو، سو نمڪ حرام ٿي، خفيه طور ڪنهن کي خان خانان جي خدمت ۾ موڪليائين، ته جيڪڏهن تون اهو چاهين ٿو ته ميرزا جاني بيگ ۽ هي ملڪ تنهنجي تصرف ۾ اچن ته پوءِ توکي صلاح ٿو ڏيان ته هن قلعي جي وٺڻ کان، جنهن جو وٺڻ نهايت مشڪل آهي، تنهن کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي لشڪر کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏ، تنهن کانسواءِ خاطري ڪر ته سنڌ جا سمورا سپاهي هتي موجود آهن. سنڌ ۽ ان جي پرڳڻن ۾ ڪٿي به ڪا فوج موجود نه آهي. فوج فقط هتي آهي. اسان ميرزا جاني بيگ کي ڪنهن به بهاني سان ڪڍنداسون، ڪنهن به حيلي سان هن کي ميدان ۾ پڻ آڻينداسون ۽ انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ جڏهن هن کي ميدان ۾ آڻينداسون ته پوءِ هو تنهنجو ڪڏهن به حريف نه ٿي سگهندو. خان خانان ۽ ان جي اميرن کي اها صلاح نهايت پسند آئي.

ان بعد خان خانان اڌ لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي ڏي ويو ته اتي تغلق آباد واري قلعي کي فتح ڪري. جنهن ۾ ميرزا جاني بيگ هن جا سڀئي پٽ ۽ اهل و عيال ۽ امراء مطلب ته سمورا مذڪور قلعي ۾ موجود هئا. لشڪر جي ٻئي اڌ مان ڪجهه لشڪر بدين ۽ جوڻ ڏي موڪليائين. شاهه بيگ خان کي پڻ ڪافي فوج سان شاهه ڳڙهه واري قلعي تي متعين ڪيائين. جنهن کي شاهه قاسم بيگلار ٺهرايو هو ۽ ان قلعي جي ويجهو ميرزا جاني بيگ پڻ هو. باقي لشڪر کي بختيار بيگ ۽ ٻين اميرن سان سيوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن بختيار بيگ سيوستان ۾ پهتو تڏهن قلعي کي گهيرو ڪري، اُن ۾ رهندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيائين. قلعي ۾ رهندرن ميرزا جاني بيگ کي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن توهان هتي اچو ته فبها، ورنه اسين مري وينداسين ۽ قلعو به توهان جي هٿن مان نڪري ويندو. جنهن تي ميرزا جاني بيگ فرمايو ته، مير ابول ۽ سلطان فاضل ارغون ۽ ڪجهه ٻيا امير، ڏهه هزار فوج ساڻ ڪري سيوستان مدد لاءِ وڃن. هيڏانهن گوريو مهتو ۽ ڪن ٻين نمڪ حرام، مڪر فريب سان ميرزا جاني بيگ کي تسلي ڏئي دلجاءِ ڪري چيو ته، تغلق آباد ۾ پنهنجي پٽن طرفان تون اطمينان ڪر. ازانسواءِ ٺٽي شهر کي به اسان ويران ڪري ڇڏيو آهي. پرڳڻن جا ماڻهو هر طرف ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. باقي قلعي ۾ رهندڙن لاءِ، سو تن وٽ به، ٽن چئن سالن جو کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو گندي موجود آهي. ان کانسواءِ توب خانو ۽ مڪمل جنگ جو اسلحه اهو پڻ اُتي موجود آهي ۽ ٻن ٻن ڪوهن جي فاصلي تي، ويجها ۽ پري جا ماڻهو سي به هڪٻئي کان جدا نه ٿا ٿي سگهن. سيوستان جو قلعو هن شهر کان ڏهوڻو آهي، سو جي پنهنجي هٿن مان نڪري ويندو ته گويا هن شهر جو دروازو دشمن لاءِ کلي ويندو. تنهنڪري هن قلعي کي پنهنجن هٿن مان ڪڏهن به ڇڏڻ نه گهرجي. ٻيو ته برسات ۽ ٻوڏن جي موسم ويجهي آهي. هتي برسات جي موسم ۾ رهڻ نهايت مشڪل ٿيندو. هي فوج جيڪا تون موڪلي رهيو آهين سا اجائي آهي، ڇاجي لاءِ ٿو موڪلين. جيئن ته خان خانان جو لشڪر به ڇڙوڇڙ ٿي چڪو آهي. تنهنڪري اسان جو مشورو هي آهي ته، تون خود پنهنجي سر سيوستان ڏي هل ته جيئن سيوستان جي قلعي ۾ سڪونت اختيار ڪريون. تنهن کانسواءِ قلعي جي هيٺان درياءُ پيو وهي، سو به پنهنجي نظر هيٺ هوندو، يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته لڪي جبل تي بهادري سان تنها ٿي ويهون ۽ اُتي قلعو به ٺهرايون ۽ پوءِ
خان خانان جو لشڪر جيڪو هيٺان پوءِ لنگهندو، سو قيد پيو ٿيندو. جنهنڪري وري اُتان نه لنگهندو ۽ نه وري ڪو هندستان مان ان جي مدد لاءِ اتي پهچندو.

اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻڌي ميرزا جاني بيگ يڪدم سيوستان ڏي رخ ڪيو. گهڻوئي پنهنجي اميرن سمجهائي روڪيس، جهڙوڪ شاهه قاسم بيگلار ۽ خسرو خان. ليڪن هن ڪنهن جي به نصيحت نه ٻڌي.

جڏهن ميرزا جاني بيگ روهڙي مان نڪتو ته ان وقت شاهه بيگ خان، شاهه ڳڙه کان واپس اچي رهيو هو ۽ روهڙي جي قلعي کي ويران ڪيائين. اها خبر خان خانان ۽ ٻين اميرن کي به لکيائين، جيڪي چوڌاري پرڳڻن ۾ منتشر ٿي ويٺا هئا. ان بعد امير خان خانان ۽ ٻيا امير، ميرزا جاني بيگ سان جنگ لاءِ آماده ٿيا ۽ خان خانان اميرن کي هڪ وڏي لشڪر سان بختيار خان جي مدد لاءِ موڪليو. هوڏانهن جڏهن ميرزا جاني بيگ، سيوستان کي ويهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن بختيار خان سيوستان جي قلعي جو محاصرو ترڪ ڪري، ميرزا جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ متوجه ٿيو ۽ خان خانان جو موڪليل لشڪر سو به لڪي واري جبل جي ويجهو پهتو. ميرزا جاني بيگ سان سٺ هزار سوار هئا، تن مان ڏهن هزار جوانن جو ۽ پڻ ٻين ڪيترن پيادن سپاهين جو انتخاب ڪري سمورا لڪي جبل وٽان،درياءَ جي رستي ننڍين ٻيڙين ۽ توبن سميت تيار ٿي، ڇهن ڪوهن جي ويجهو پهتا. هيڏانهن بختيار خان ۽ ٻين اميرن پنهنجي فوجن جون صفون تيار ڪري، ميرزا جاني بيگ ڏانهن رخ ڪيو. ميرزا جاني بيگ به پنهنجي لشڪر جون صفون تيار ڪيون. انهي وقت ٻئي فوجون هڪٻئي جي مقابل ٿيون. بادشاهي لشڪر جي ثابت قدم نه هئڻ سبب ان ۾ ڀاڄ پئي جنهن تي جاني بيگ جو لشڪر اُن جي پٺيان پيو. بادشاهي اقبال سان، ميرزا جاني بيگ جو هڪ مست هاٿي، ميرزا جاني بيگ جي فيلبان کي ڪيرائي، اُن جي ئي لشڪر ۾ وڃي پيو جنهن کان ميرزا جو لشڪر درهم برهم ٿي ويو. پر ان هوندي به ميرزا جاني بيگ تقريباً ٻن هزار سوارن سان جگن جي ميدان ۾ شجاعت جو داد ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي ذاتي جوان مردي سان بهادري جا ڪرتب ڏيکاريائين. ٻئي طرف راجا داروجي، جيڪو پنج هزاري منصب تي هو ۽ پنهنجي وقت جو نهايت بهادر ۽ شجاع هو سو سخت زخمي ٿي پيو. بلڪ هن کي جنگ جي ميدان ۾ ٽي چار ٻيا به ڪاري زخم رسيا. هاڻي بادشاهي لشڪر، فوج در فوج ٿي، ميرزا جاني بيگ تي زبردست گهمسان وارو حملو ڪيو. ليڪن هر دفعي ميرزا جاني بيگ پنهنجي لشڪر ۾ ثابت قدم رهيو. باربار هرهڪ سان جوان مردي سان پئي جنگ ڪيائين. بهر نوع ٽي چار دفعا عظيم جنگ واقع ٿي. باهه واري خونريز، گهمسان جي جنگ ۾ طرفين جا ماڻهو سج لهڻ تائين مشغول رهيا. ٻنهي طرفن جا سپاهي ۽ ڪيترائي نالي وارا امير ۽ منصبدار، بيشمار قتل ٿيا. المختصر اُن ڏينهن اٽڪل اَٺَ هزار ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلف ٿي ويا. آخر فتح ۽ ڪامراني بادشاهي لشڪر کي ٿي. جنهن بعد ميرزا جاني بيگ پاڻ کي جنگ جي ميدان مان هٽائي درياءَ جي طرف پهچايو. جتان اُنڙپور جي ڳوٺ پهتو. جيڪو جنگ جي ميدان کان ويهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. ميرزا انهي رات يڪدم اُتي قلعو ٺهرائي، مستحڪم ٿي ويٺو. بادشاهي  لشڪر ۽ اميرن به ان قلعي جو اچي محاصرو ڪيو. چند ڏينهن کانپوءِ نواب خان خانان پڻ مورچا ٺاهيا. جنهن بعد هر روز فريقين ۾ باهه جي اُلن ۽ چڻنگين واري جنگ پئي ڀڙڪندي هئي. جنهن ۾ به ڪيترائي طرفين جا ماڻهو مارجي پئي ويا.

آخر الامر، ميرزا جاني بيگ مسلمانن تي رحم کائي صلح جي منزل تي آيو. پنهنجن ايلچين کي خان خانان ڏي موڪليائين ته آءٌ صلح ڪريان ٿو ۽ في الحال ٽيهه ننڍيون ٻيڙيون (ڊونڊيون) ۽ سيوستان جو قلعو توهان جي حوالي پڻ ڪريان ٿو. آءٌ ٺٽي پهچي توهان سان صلح جو معاملو طئي ڪندس. نواب خان خانان پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو.  جنهن تي سمورن اميرن متفق ٿي چيو ته، جڏهن هو سڀني ڳالهين کان تنگ ٿي مشڪل ۾ پيو آهي، تڏهن ٿو صلح ڪري؟ اسان اڄ يا سڀاڻي تائين جنگ کي ختم ڪنداسين، سو اسان کي اهڙي صلح ۾ شڪ آهي ته ميرزا جاني بيگ ٺٽي پهچي، پنهنجي راءِ تان ڦري ويندو. جنهن تي خان خانان چيو ته طرفين جا نيڪ ۽ خيرخواهه ماڻهو ماريا پيا وڃن. تنهنڪري آءٌ هن سان صلح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهڙي قسم جو پيغام بندگانِ حضرت کي پڻ پنج هزاري جي معرفت موڪليون ٿا. ان وچ ۾ ايلچين انجام ۽ اقرار ڪيا ۽ ننڍين ٻيڙين کي آندائون ۽ ڪنهن هڪ ماڻهو کي پڻ سيوستان موڪليائون ته هو قلعو حوالي ڪري ڏي. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ ٺٽي ويو. خان خانان برسات جي موسم ڳوٺ ”سن“ ۾ گذاري، سياري جي شروع ۾ ميرزا ڏي متوجهه ٿيو.

جڏهن هو هڪ وڏي نهر جي نزديڪ ٺٽي کان ٽيهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن ميرزا جاني بيگ به پنهنجي هڪ وڏي اجتماع سان آيو. خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ هڪ ٻئي سان ملي ملاقات ڪري نهايت خوش خرم ٿيا. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ هن جي هڪ وڏي دعوت ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن خان خانان به پنهنجن اميرن سان ميرزا جي دعوت تي ويو. سمورا شاهي امير ساڻس گڏ هئا. وري اُن جي ٻئي ڏينهن امير خان خانان به وڏي دعوت ڪئي، ميرزا جاني بيگ به خان خانان وٽ آيو. جنهن ۾ سمورا بادشاهي امير حاضر هئا جن ساڻس ڪچهري ڪئي.

قصو اهو ته امير خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ ۾ گرم ۽ نيڪ صحبتون ٿيون. ٻنهي عهدو پيمان ڪيا ته جيستائين اسين جيئرا آهيون تيسين هڪٻئي جا خيرخواهه ۽ جاني دوست ٿي رهنداسين ۽ ان سان گڏ خان خانان پڻ واعدو ڪيو ته هي ملڪ حضرت بادشاهه جو آهي، جيڪو توکي وري واپس ڪري عنايت فرمائيندو. ان کانپوءِ هو ٺٽي ۽ تغلق آباد جي قلعن کي ڏسڻ لاءِ ويو. وري لاهري بندر تان شڪار ۽ سير ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو. درياءَ جو سير، دل سان ڪري، منهوڙي کي ڏسڻ لاءِ ويو جيڪو کاري پاڻي جي وچ ۾ ويهه ڪوهه، بندر کان پري آهي. هو ٻيڙين ۾ويهي روانا ٿيا. ان دوران نهايت تيز هوائون لڳيون ۽ درياءَ به وڏيون ڇوليون هڻڻ لڳو. جيئن ته خان خانان جي ماڻهن هن کي اڳ پهرين اهڙو منظر نه ڏٺو هو ۽ ٻيڙين نهايت لڏڻ لڳيون. جنهنڪري هنن کي به قئي اچڻ شروع ٿيون. نواب خان خانان کي پڻ انديشو ٿيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته اهو طريقو اختيار ڪرڻ عقل کان بعيد هو.

اهڙي موقعي تي ڪن ميرزا جاني بيگ کي عرض ڪيو ته هن کان بهتر ٻيو ڪو موقعو اسين حاصل ڪري نه سگهنداسين يعني اسان خان خانان جي ٻيڙي کي غرق ڪريون، ميرزا جاني بيگ بلند آواز سان ”استغفار“ پڙهي چيو ته خدانخواسته ائين نه ٿئي جو آءٌ پنهنجي عهد جي خلاف ورزي ڪريان، منهنجي جان پڻ خان خانان سان آهي. هاڻ منهنجي ٻيڙي هن جي ٻيڙي جي ويجهو ڪريو. جڏهن ميرزا جاني بيگ جي ٻيڙي کي هن جي ويجهو ڪيو ويو تڏهن خان خانان جو وهم شڪ پاڻ زياده پختو ٿيو. آخر جڏهن ٻئي ٻيڙيون اچي گڏيون، تڏهن ميرزا جاني بيگ پنهنجي خدمتگارن سان پنهنجي ٻيڙي مان لهي خان خانان جي ٻيڙي ۾ آيو. اچڻ سان لطيفا، آکاڻيون ۽ مناسب حال تي اشعار ٻڌايائين ۽ ڏاڍي سٺي محفل ٿي. مطلب ته ميرزا عبدالرحيم خان خانان کي اهڙي قسم جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائي هن کي پاڻ ڏي محو خيال ڪيو. تان جو درياءَ جي ڇولين لهرن ۽ لوڏن مان پار ٿي، اچي ڪناري تي پهتا. ان ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات قيام ڪيائون. ان وچ ۾ اُتي به محفلون سٺيون ٿيون. ازانسواءِ سمنڊ جي وير جي لهڻ ۽ چڙهڻ ۽ درياءُ جي ڇولين ۽ لهرن جا  پڻ تماشا ڏٺائون. ٻئي ڏينهن ٻيڙين ۾ چڙهي بندر تي پهچي ٺٽي واپس ويا.

ان وچ ۾ شاهي فرمان پهتو ته امير خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ پنهنجي اهل و عيال ۽ خاصخيلين سميت ٺٽي مان نڪري عازمِ بارگاهه ٿين، ۽ ملڪ کي بادشاهي ڪامورن جي حوالي ڪيو وڃي.

ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت جو دؤر بالاستقلال 1000هه ۾ ختم ٿيو. سنڌ ۾ اهو سمورو حڪومت جو دؤر 94 سالن جو هو. جنهن مان 74 سال حڪومت ۾ برقرار رهيا ۽ ويهن سالن تائين ملڪ جي اميرن حڪومت ڪئي. ”البقاءلله الملڪ المجيد و الحميد.“

بهر نوع جڏهن ميرزا جاني بيگ ترخان، بکر ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي پٽن ۽ اهل و عيال کي رخصت ڪيائين، ۽ پاڻ خان خانان سان گڏ مقرر تاريخ تي قدم بوسيءَ جي شرف کان مشرف ٿيو ۽ حضرت بادشاهه به ميرزا جاني بيگ جي طرف نهايت عنايت سان توجهه ڪيو. جنهن بعد ڪمال شفقت ۽ عاطفت سان ظهور پذير ٿيو، ۽ کيس پنج هزاري منصب سان سرفراز ڪيائين. سموريون جاگيرون وري ميرزا کي مقرر ڪري ڏنيون ويون. بادشاهه اهو به حڪم ڪيو ته ميرزا جاني بيگ پنهنجن ماڻهن پٽن ۽ اهل و عيال کي ٺٽي وڃڻ لاءِ رخصت ڪري ۽ پوءِ پاڻ خود پنهنجي سر، حضور موفور السرور جي خدمت ۾ مسرور ٿي رهي. ميرزا، شاهي ملازمت ۾ ايتري قدر ته قابلِ اعتماد هو جو، شهزادو خسرو سندس دامادي ۾ ٿيو. جڏهن حضرت بادشاهه دکن جي طرف متوجه ٿي، احمد ننگر ۽ اسير جا قلعا فتح ڪيا، تڏهن ميرزا جاني بيگ، سرسام جي عارضي ۾ مبتلا ٿي، ماهه رجب 1011هه ۾ دائمي جهان ڏي روانو ٿيو(1) . ٺٽي ۾ ميرزا جاني بيگ جي حڪومت جو عرصو مجموعي طرح ارڙهن سالن جو هو. جنهن مان ست سال حڪومت تي برقرار رهيو ۽ باقي يارنهن سال امير جي حيثيت ۾ بسر ڪيائين.

(1) خليل خدمتگار: هي هڪ غير معروف ماڻهو هو پر جيئن ته هن ميرزا باقي کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، تنهنڪري اعليٰ خدمت تي فائز ٿي مهردار ٿيو، هن جي قبر مڪلي تي آهي. (تحفـة الڪرام)
(1) رائحه بيگم جا پهرين ميرزا نجابت خان جي نڪاح ۾ هئي ۽ پوءِ هڪٻئي کان جدا ٿيا هئا، تنهن کي ميرزا باقي پنهنجي نڪاح ۾ آندو ۽ پوءِ سندس وچ ۾ چڱي محبت پيدا ٿي. ان کانپوءِ ميرزا باقي جي دل کي ناهيد بيگم جي طرفان تسلي ٿي. (از تاريخ معصومي)
(1) بيگلارنامه ۾ مٿيون احوال هن ريت تحرير ٿيل آهي:

ميرزا جان بابا- امير شاهه قاسم خان زمان کي چيو ته اسان جي ۽ ميرزا محمدباقي جي وچ ۾ قيامت تائين  به صلح نه ٿيندو، توکي جيڪڏهن منهنجي مرضي رکڻي آهي ته ميرزا باقي جي لشڪر تي وڃي ”شب خون“ ڪر. اهو ڪم ضرور توکي ڪرڻو آهي. آخر ميرزا جان بابا جي زور رکڻ تي خان زمان مذڪوره ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. پر انهيءَ شرط سان ته ميرزا جان بابا به سندس پٺيان مدد لاءِ ايندو. ميرزا جان بابا چيو ته تون جڏهن ميرزا باقي جي رهڻ واري خاص ٻيڙي، جنهن کي ”لاهرو“ سڏين ٿا، تنهن تي جڏهن قبضو ڪندين ۽ قبضي ڪرڻ جي نشاني اسان کي ملندي، تڏهن اسين به اچي توسان همراهه ٿينداسون.

خان زمان پنهنجي عملي مان فقط چاليهه ماڻهو چونڊي پاڻ سان کنيا. جن مان ڪي سندس خاص جهونا همراهه به هئا ۽ ڪي انڙ جوان به هئا. جهڙوڪ: دودو انڙ، غازي انڙ، طالب انڙ وغيره. ميرزا جان بابا پنهنجي بهادري واري خاص پوشاڪ، خان زمان کي ڍڪائي. خان زمان زره پائي، خود مٿي تي رکي، شڪيلو (خنجر) چيلهه سان ٻڌو. جيتوڻيڪ شب خون جي ڪارروائي ۾ تيرڪمان کڻن جو ڪم ضرور نه ٿيندو آهي، پر ڪمان سان دل هوندي هيس ۽ ان کي ڪنهن به حالت ۾ پاڻ کان جدا نه ڪندو هو، تنهنڪري اها به پاڻ سان کنيائين. جمع جي ڏينهن پنهنجن همراهن سميت گهوڙن تي چڙهي، ريل پرڳڻي مان روانو ٿيو. برسات پوڻ ڪري رستي تي گپ چڪ تمام گهڻي هئي، ته به هي پهلوان بي پرواهه ٿي گپ چڪ لتاڙي هليا ويا. آچر جي رات انهيءَ زبردست ۽ مضبوط قلعي کي ويجها ٿيا، جنهن قلعي جي دروازي مان لنگهي انهن کي ميرزا باقي جي رهڻ واري خاص ٻيڙي ”لاهرو“ تائين پهچڻو هو.

خان زمان کي اهوئي فڪر ٿيو، ته آءٌ ميرزا جان بابا سان وعده ڪري آيو آهيان، ته مون کي ڪنهن به لاهرو ٻيڙي تي وڃي قبضو ڪرڻو اهي ۽ حال اهو آهي، جو مذڪور ٻيڙي جي آس پاس ٻيون به هزارين ٻيڙيون بيٺل هونديون، پوءِ انهن جي وچان اها خاص ٻيڙي آءٌ ڪيئن سڃاڻي سگهندس؟ انهيءَ ويچار ۾ هو، ته ايتري ۾ ميرزا باقي جي لشڪر مان هڪڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گهڻي وقت کان خان زمان جو ڄاڻ سڃاڻ وارو هو. تنهن خان زمان کي خاطري ڏني، ته اها خاص ٻيڙي آءٌ توکي ڏيکاريندس. پوءِ خان زمان ۽ ان جي همراهن، گهوڙا کڻي اتي ڇڏيا ۽ ٻه ميل پيرين پنڌ هلي قلعي جي دروازي وٽ پهتا. صبح جو سويل اڃا قلعي جو دروازو کليو ته خان زمان پنهنجي همراهن سميت قلعي ۾ گهڙي ويو ۽ اڳيان پاڻ ۽ پٺيان ٻيا همراه بي ڌڙڪ اندر هليا ويا. خان زمان کي ميرزا باقي وٽ ايندر ويندڙ اميرن جا نالا ياد هئا، تنهنڪري چپي چپي تي چوڪيدارن پڇيو ٿي ته  ڪير اهين؟ ته ڪنهن کي چيائين ٿي، ته گوله ترخان آهيان ۽ نواب صاحب (ميرزا باقي) گهرايو اهي، سو تڪڙو تڪڙو ان وٽ حاضر ٿيڻو اٿم ۽ ڪنهن کي وري چيائين ٿي، ته آتش خان آهيان وغيره. ائين ڪندي وڃي ٻيڙي جي ٿڙ وٽ پهتو ۽ واٽهڙو دوست کان مليل نشانين تي لاهرو ٻيڙي سڃاڻي، ان تي وڃي چڙهي بيٺو.

ٻيڙي جا چوڪيدار ساري رات پهرو ڏيئي ان قت ستا هئا. باقي هڪڙو چوڪيدار ويٺل هو. تنهن اڃا پڇا جو آواز زبان مان ڪڍيوئي  ڪين، ته خان زمان تلوار جي هڪڙي ڌڪ سان سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس. پوءِ ٻين همراهن کي ستل چوڪيدارن مٿان بيهاري پاڻ چڙهي ويو ٻيڙي تي ۽ ٻيڙي جي چوڌاري جيڪو پردو ڏنل هو، تنهن کي تلوار جي چهنب سان پاسي ڪري اندر گهڙي ويو. ڏٺائين ته ٻن نوڪرياڻين، ميرزا باقي جي غسل لاءِ پئي پاڻي گرم ڪيو. خان زمان جي هٿ ۾ اگهاڙي تلوار ڏسي. نوڪرياڻين خوف وچان تلوار! تلوار! ڪري پڪاريو. ميرزا باقي جيڪو ٻيڙي جي آڳيل واري ڪوٺي ۾ ستل هو. سو اهو آواز ٻڌي اٿيو ۽ در کولي ڏٺائين ته هٿيارن سان ڍڪيل هيبتناڪ مرد تلوار هٿ ۾ کنيو ٻيڙيءَ ۾ بيٺو آهي. پهريائين جنهن ٿالهي ۾ منهن کي ملڻ لاءِ اُٻٽڻ پيو هو، سا خان زمان کي اڇلائي هنيائينس.  پوءِ بدنو، جنهن سان وضو پئي ڪيائين، سو ۽ چلمچي به اڇلائي هنيائين. ايتري ۾ خان زمان ٻيڙي جي آڳيل تي چڙهي ويو ۽ ميزا باقي جي سامهون بيهي چيائينس ته مير هاشم ۽ مير ڪوچڪ ارغون منهنجا عزيز جيڪي تو وٽ قيد ۾ آهن، تن کي آزاد ڪر. تون عالي درجي وارو بادشاهه آهين ۽ آءٌ هڪڙو سپاهي پنهنجن ڀائرن جو بدلو وٺڻ آيو آهيان. پنهنجا پير پختا جهلج، متان دنيا ۾ بدنام ٿين.

ميرزا باقي هڪ ڪوٺيءَ جو در بند ڪري ۽ تلوار جو نيمچو هٿ ۾ کڻي اندر ئي ڦريو. ۽ خان زمان ڪوٺيءَ جي ٻاهران پئي ڦريو. آخر هڪڙي ڪنڊ وٽ لڪي بيٺو. ڇاڪاڻ جو ڏٺائين ته ميرزا باقي ٻه- ٽي دفعا ڪوٺي جي سوراخن مان تلوار لنگهائي، خان زمان کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. خان زمان به پنهنجي تلوار ڪوٺيءَ جي سوراخ مان لنگهائي ڌڪ هنيو، پر اهو ڌڪ ميرزا باقي کي لڳڻ جي بدران ان جي بيگم کي لڳو، جا اُتي ئي مري وئي ۽ ڪوٺيءَ جو در کلي پيو. جنهن تي ميرزا باقي سياڻپ ڪري ڪوٺيءَ ۾ ٻرندڙ شمع کي يڪدم وسائي ڇڏيو. جنهن ڪري ڪوٺيءَ ۾ اوندهه ٿي وئي. جيتوڻيڪ خان زمان، در کلڻ شرط ڪوٺي ۾ گهڙي ويو، اوندهه هئڻ سبب ان کي ميرزا باقي جي خبر پئجي نه سگهي. ان بعد خان زمان رام ڀٽي کي هڪل ڪري چيو، ته ٽانڊو کڻي ٻيڙي کي باهه ڏي ته سوجهرو ٿئي. رام ڀٽي يڪدم ٻيڙي کي باهه ڏني، جنهن جي سوجهري تي ڏٺائون ته ميرزا باقي جي بيگم قتل ٿي پئي آهي. خان زمان چيو، ته بيگم جو لاشو ڪوٺيءَ مان ڪڍي ٻاهر تختي تي رکو متان سڙي وڃي. بيگم جو لاش ڏسي نوڪرياڻين ماتم ڪيو ۽ خان زمان کي چيائون ته توهان جو وير هو ته ميرزا باقي سان هو، هن ويچاري بيگم توهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو، جو هن کي قتل ڪيو اٿو؟ خان زمان چيو، ته اسان ڄاڻي ٻجهي بيگم کي قتل نه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن قتل ٿي آهي، ته اها ماهه بيگم جي خون جي عيوض سمجهڻ گهرجي، جيڪا مير سلطان قلي بيگلار جي زال ۽ منهنجي چاچي هئي ۽ تنهنجي پٽ مير محمد علي بيگلار سان گڏ قتل ٿي هئي.

خان زمان پوءِ پنهنجي همراهن کي حڪم ڪيو، ته ٻيڙيءَ جو سامان لٽيو. ميرزا باقي ڪوٺيءَ ۾ اوندهه ٿيڻ سبب ۽ ٻيڙيءَ کي باهه لڳڻ وقت ڪوٺيءَ جي کـُـڏ تان درياءَ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ خليل نالي پنهنجي نوڪر جي مدد سان پاڻيءَ ۾ تري هڪڙي ڊونڊيءَ ۾ چڙهي گم ٿي ويو.

خان زمان ڇا ڪيو، جو ٻيڙيءَ ۾ نوڪرياڻين جي راند ڪرائڻ لاءِ جيڪو دهل پيل هو سو پنهنجن ماڻهن هٿان زور سان وڄرائڻ شروع ڪيائين. ارادو هوس ته جان بابا پنهنجي انجام موجب سندس مدد لاءِ ضرور ويجهي ڇڪ ۾ آيل هوندو، سو دهل جو آواز ٻڌي هت اچي نڪرندو. ميرزا جان بابا، انجام موجب قلعي جي ٻاهران اچي پهتو هو ۽ قلعي وارن ماڻهن ساڻس جنگ شروع ڪري ڏني هئي، سو دهل جو آواز ٻڌي سمجهڻ لڳو ته شايد خان زمان گرفتار ٿيو آهي. ميرزا باقي جو لشڪر نغارا وڄائيندو اسان تي ڪاهيندو پيو اچي. تنهنڪري ميرزا جان بابا پٺتي واپس ٿي، اچي ريل پرڳڻي کان نڪتو. ميرزا باقي جيڪو ڊونڊيءَ ۾ چڙهي پئي ويو، سو انهي دهل جي آواز کي ميرزا جان بابا ۽ خان زمان جي فتح جو نقارو سمجهي ڊونڊي کي تکو هلائيندو ڀڄندو ويو.
(1) يادگار مسڪين خان ترخان، هي شاهه بيگ ۽ ميرزا شاهه حسن جي ممتاز اميرن مان هو. جڏهن ميرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪيو تڏهن ملتان جي حڪمران سلطان محمود لانگاهه جي پٽ ۽ نياڻي کي يادگار مسڪين خان جي حوالي ڪيو ويو. (تحفـة الڪرام)
(1) ميرزا جان بابا بيگ، ميرزا عيسيٰ ثاني جو والد ۽ ميرزا صالح ثاني جو ڏاڏو، جنهن جي قبر اڄ تائين ڪوهه مڪلي تي موجود آهي ۽ قبر تي ڪتبو پڻ ڪنده ٿيل آهي جنهن ۾ وفات وارو سال ۽ شهادت جي تاريخ پڻ مندرجه آهي، ميرزا باقي هن کي 978هه ۾ قتل ڪرايو. قطعه تاريخ وفات هي آهي:

هاتف از غيب گـــــــفـــت تـــاريخش      ورنه عقل از جنون بصحرا رفت

طرح ميم(40) است يايکي تاريخ      ”جـــان بـــابـــا ز دار دنيا رفت“

                                                                 977=40-1017  هه (؟)
(1)  ميرزا جاني بيگ تاريخ 27 ماهه رجب 1009هه ۾ وفات ڪئي. اهو سن ميرزا جي مقبري جي محراب تي پڻ اڄ تائين اُڪريل آهي.

 
صفحو ؛ 5
 

ميرزا غازي بيگ ترخان

ميرزا جاني بيگ جي وفات کانپوءِ، حضرت اڪبر بادشاهه، امير خان خانان جي التماس تي ميرزا غازي بيگ کي غائبانه پيءُ واري منصب تي سرفراز ڪيو. سابق دستور مطابق ٺٽي ولايت جي سموري جاگير کيس مرحمت ڪئي. بشرطيڪ پهرين ملازمت ۾ حاضر ٿئي.

ميرزا جاني بيگ، اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده جو مظهر هو. سترهن سالن جي عمر ۾، آغازِ جواني ۾ پيءُ جي مسندِ حڪومت تي متمڪن ٿيو. پنهنجي فياضي ۽ سخاوت واري هٿ سان  بهار جي ڪڪر وانگر خاص و عام جي سرن تان، زر ۽ جواهر کي گهوريندو هو. قبيلو، خاندان، لشڪر ۽ رعايا سندس عام انعام سان بهره مند هئا. نهايت خوش حال ۽ بي فڪري واري زندگي بسر ڪندو هو. فضلاء ۽ علماء جو دوست هو. هميشه انهن جي صحبت ۾ رهندو هو. اڪثر علمائن کي پنهنجي حضور ۾ سڏي، علم معقول سان بحث ڇيڙيندو هو. بلڪ انهن مان استفادو حاصل ڪندو هو. پاڻ خود ڪمالِ سمجهي فهم ۽ صلاحيتن سان انهن جي صحبتن مان، جيڪي ڪجهه طرفين جا علماء چوندا هئا ته تن جي اصل مدعا سمجهي منصف ٿيندو هو. سادات عظام، مشائخ ڪرام، درويشن ۽ گوشه نشينن تي پورو اعتقاد رکندو هو ۽ انهن جي حيثيت مطابق حسب حال هنن جي تربيت ۽ پرورش ۾ مشغول رهندو هو.

جيئن ته سندس طبيعت موزون هئي. سخن جي مشق ڪندو هو، يعني شعر چوندو هو ۽ پوءِ صاحبِ ديوان ٿيو. شاعرن جي عزت افزائي ڪندو هو. جنهنڪري پري پري کان هر طرف کان، صاحب طبع شاعر سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. ازانسواءِ ان وچ ۾، ملا اسد ۽ ملا رشيد وغيره فقيراڻي لباس ۾ ايران مان وٽس آيا. ملا اسد وجيهه، قصئه خوان ۽ فصيح هو. ميرزا غازي بيگ هنن سڀني جي صحبت کان محظوظ ٿيو. هنن کي منصب ۽ جاگيرن سان سرفراز ڪيائين، ملا اسد کي پنهنجي معلمي لاءِ ممتاز ڪري، بادشاهانه، شان و شوڪت سان گذاريائين ۽ پنهنجن ڪن قديم اميرن کي جيڪي دلسوزي ۽ گستاخي سان کيس عرض ڪندا هئا، جي اُهي پوءِ کيس ناگوار لڳندا هئا، ميرزا غازي بيگ انهن جي روبرو، نون اميرن کي، ”خان“ جي خطاب سان نوازي، اميرن سان منسلڪ ڪري ڇڏيو. جهڙوڪ، خواجگي احمد سوداگر فرنگ کي، ”اعتماد خاني“ جي خطاب سان، سرفراز ڪري، پنهنجو وزيراعظم ڪيائين. شهبازي کي جيڪو ڪبوتربازي جي خدمت تي مامور هو تنهن کي ”شهباز خاني“ جي خطاب سان سربلند ڪري پنهنجو مهردار ڪيائين. بولي هندو خدمتگار کي ”دولترائي“ جو خطاب ڏنائين ملا مرشد کي ”مرشد خاني“ جي خطاب سان نوازيائين. هاڻي اِنهن نون اميرن جي مرضي تي اَسين پراڻن اميرن ۽ خانن تي فوقيت کڻون. خسرو خان جي ملاحظي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هو اميرن مان نامدار، باوقار ۽ زبردست هو. جنهن کي ڪير به هٽائي نه ٿي سگهيو. نتيجي ۾ جديد اميرن، ميرزا غازي بيگ جي دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ته هي قديم امير، نهايت بي ادب آهن. انهن جي هوندي اسين پنهنجن ڪمن ڪارين کان مطمئن نه ٿا ٿي سگهون، جن جو سردار خسرو خان آهي. جيڪڏهن خسرو خان اهڙي روش نه هلي ته سمورا امير توکان ڊڄن به ۽ توکان خوف به ڪن. جنهن تي ميرزا غضبناڪ ٿي فرمايو ته جڏهن خسرو خان سلام تي اچي ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جيڪو ان وقت دربار ۾ موجود هو، تنهن نه ٿي چاهيو ته اهڙي قسم جا امير ختم ٿين، سو اُتان اُٿيو. اتفاق سان قلعي کان ٻاهر در وٽ خسرو خان کيس مليو. جنهن کي ميرزا عيسيٰ (ثاني) اشاري ۾ مٿئين ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهنڪري هو واپس هليو ويو. ميرزا عيسيٰ ثاني کي نهايت ڳڻتي ٿي ته متان ڪير وڃي ميرزا غازي بيگ کي اها ڳالهه ٻڌائي، سو ميرزا عيسيٰ ثاني به ٺٽي مان نڪري سڌو دربار شاهي (دهلي) ڏي روانو ٿيو. ميرزا عيسيٰ ثاني جا باقي واقعات آئينده لکيا ويندا.

1012هه ۾ سلطان ابوالقاسم بن شاه قاسم بيگلار، مخالفت جو علم بلند ڪري باغي ٿيو. سوڍن وغيره مان لشڪر تيار ڪيائين ۽ نواب ميرزا غازي بيگ به ڪثير لشڪر سان هن ڏي رخ ڪيو. جڏهن ميرزا غازي بيگ وڏي نهر جي ويجهو پهتو، تڏهن ميرزا ابوالقاسم اُن وڏي نهر ۾ هو. هن ڏٺو ته، ميرزا غازي بيگ جي لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهندس. تنهنڪري ڪوچ ڪري، شاهه ڳڙهه جي قلعي ڏي رخ ڪيائين. جڏهن ميرزا جو لشڪر اُتي پهتو تڏهن مقابلي ۾ ويهي رهيو. جلدئي قلعي جي محاصري کان تنگ ٿي اَمان گهريائين. امان ملڻ بعد ملازمت ۾ داخل ٿيو. ميرزا غازي بيگ پنهنجي وزير شاهه قاسم خان سان صلاح ڪئي. جنهن بعد ابوالقاسم جي اکين ۾ تتل سرايون ڦيرائي، هن کي انڌو ڪيائين ۽ پوءِ هن کي پاڻ سان وٺي فتح و نصرت سان ٺٽي ۾ آيو ۽ عيش و عشرت ۾ مشغول ٿيو. ان وچ ۾ سعيد خان، دربار شاهي مان، ميرزا غازي بيگ کي وٺڻ لاءِ آيو. ميرزا غازي به ان سان گڏ روانو ٿيو.

1013هه ۾ درگاهه عالم پناهه جي طرف متوجهه ٿيو ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه ۽ شهزادي جي قدم بوسيءَ کان مشرف ٿيو. جلدئي حضرت اڪبر بادشاهه، عالمِ بقا ڏي راهي ٿيو ۽ حضرت نورالدين محمد جهانگير بادشاهه، سلطنت ۽ خلافت جي مسند تي متمڪن ٿيو. اهڙي خوشي جي موقعي تي جنهن سڀني اميرن کان پهرين مبارڪباد جي سعادت حاصل ڪئي سو ميرزا غازي بيگ هو، هن ئي کانپوءِ، ٻين اميرن مبارڪباد جو شرف حاصل ڪيو.

ان زماني ۾ سلطان خسرو، اميرن جي گروهه جي اتفاق سان اڪبر آباد جي قلعي مان فرار ٿيو. جنهن تي حضرت جهانگير بادشاهه به هن جي پٺيان پيو ۽ ٻاهر اچي وڏن وڏن اميرن مان هڪ هڪ کي جداجدا سڏي هنن سان صلاح ڪيائين ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ مون کي خود وڃڻ گهرجي يا لشڪر کي موڪلڻ گهرجي؟ لائق اميرن واري واري سان عرض ڪيو ته، حضرت بدولت دارالسطنت ۾ رهي ۽ شهزادي جي پٺيان لشڪر کي موڪلجي. حضرت ظل الله، ميرزا غازي کي ياد ڪيو ته آءٌ هن کان به پڇان، جو هو سردارزادو آهي. هو ڪڏهن به غلط راءِ نه ڏيندو. تڏهن اميرن مان ڪنهن هڪ چيو ته اڃا هو ناتجربيڪار نينگر آهي، سو اهڙي نازڪ معاملي ۾ ڪهڙي صلاح ڏيندو؟ پر جڏهن ميرزا حاضر ٿيو تڏهن بادشاهه هن کان پڇيو ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ جنهن تي ميرزا عرض ڪيو ته دراصل مشورو اهو آهي، جيڪو توهان جي مبارڪ دل ۾ آهي پر جيئن ته هن بندي کان توهان پڇو ٿا، ته پوءِ حضور جن پاڻ وڃن. حضرت جهانگير، مرزا غازيءَ تي شفقت ۽ مرحمت جي نظر ڪئي ۽ پنهنجي سمورن اميرن ڏانهن منهن ڪري چيائين ته مون نه چيو هو ته هي سردارزادو آهي ۽ غلط صلاح نه ڏيندو؟ ان کانپوءِ حضرت بادشاهه سوار ٿيو ۽ خسرو کي گرفتار ڪيائين.

ان وچ ۾ شاهه بيگ خان جي قنڌار کان عرضداشت پهتي ته قزلباش جي لشڪر، قلعي جو محاصرو نهايت تنگ ڪيو آهي. سو جيڪڏهن مدد لاءِ لشڪر نه موڪليندا ته قلعو هٿن مان نڪري ويندو. جنهن تي حضرت بادشاهه، قرابيگ خان بهادر کي چند ٻين اميرن جو سردار ڪري موڪليو ۽ ميرزا غازي بيگ پڻ ان سان گڏ متعين ڪيائين. جڏهن هو ملتان پهتا ته قضائي الٰهي سان قرابيگ خان اوچتو مرگ مفاجات ۾ وفات ڪري ويو. اميرن جي مرضي هئي ته حضرت بادشاهه کي عرضداشت موڪلي، جواب جا منتظر ٿيون. ليڪن ميرزا غازي بيگ، حڪم ڪيو ته ڪوچ جو نقارو وڄايو وڃي. ان کانپوءِ پاڻ خود درياءَ پار ٿي، قرابيگ جي سپاهه کي دلاسا ڏئي چيائين ته، توهان جي پگهار ۾ ڏهونڻون، پنڌرهونڻون اضافو ڪيو ويندو، اهڙي طرح هنن کي پنهنجو ملازم بنائي روانو ٿيو. جنهن تي سمورا امير لاچار ٿي، سندس پٺيان روانا ٿيا. بهرنوع منزلن تي منزلون ڪندا قنڌار پهتو پر جڏهن قنڌار کي پنجن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن ميرزا غازي بيگ، قزلباش کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجن فوجن کي تيار ڪيو. قزلباش جو لشڪر به جوش ۾ اچي تيار ٿيو. جڏهن طرفين ۾ لڙائي ٿي، تڏهن جهانگيري اقبال سان، قزلباشن جي دلين ۾ دهشت ۽ خوف پيدا ٿيو. بلڪ ميرزا غازي بيگ جي فوج کي ڏسي قزلباش جو لشڪر ڀڄي ويو. ڪيترائي گهوڙا، ساز و سامان قزلباش ڀڄڻ مهل ڇڏي ويا جيڪي ميرزا غازي بيگ جي لشڪر کي هٿ آيا ۽ ٽن چئن ڪوهن تائين، قزلباشن جو تعاقب ڪيائون. آخر ميرزا غازي بيگ، قلعي جي اندر سميت، فتح فيروزي سان آيو. ميرزا شاهه بيگ خان ۽ ٻيا امير جيڪي قلعي ۾ هئا، تن اچي ميرزا غازي بيگ سان ملاقات ڪئي ۽ نهايت خوش ٿيا. بالاتفاق، فتح جي مبارڪبادي جي عرضداشت دربار شاهي ڏي موڪلي وئي. جنهن ۾ هي ٻه شعر مرقوم ٿيا، جيڪي ميرزا غازي بيگ جي تصنيف مان آهن.

آناکه دعوئي لمن الملک داشتند
چون يافتم ز لطفِ تو بر قندهار دست
از هول جان گريزان گشتند آن چنان
بر اسپ شان نيافت تو گوئي غبار دست

حضرت جهانگير بادشاهه، ميرزا غازي بيگ جي جرائت ۽ بهادري کي پسند ڪيو. ميرزا کي عنايت ۽ شفقت سان، فرزندي جي خطاب سان ۽ پنج هزاري جي منصب کان ٻارهن هزاري جي منصب تائين سرفراز ڪيائين. ٺٽي جي ولايت ۽ مملڪتِ قنڌار ۾ اضافو ڪري کيس جاگير ۾ ڏنائين. قنڌار جي حڪومت به اضافو ڪري سندس سپردگي ۾ ڏنائين ۽ پنهنجي خاص دستخط سان فرمان جاري ڪيائين ته:

”– ڄاڻڻ گهرجي ته ”فرزند غازي“ جيڪو هن خطاب جو اميدوار هو، تنهن بابت، خاص و عام کي خبر هجي ته، اسان هن کي فرزندي جي خطاب سان سرفراز ڪيو آهي. جيڪي به شهزادن جي (احترام) لاءِ، ضروري حقيقتون آهن، جهڙوڪ سلام، ڪورنش ۽ جنگي هاٿي وغيره، سي هن (غازي) لاءِ بجا آڻين. ازانسواءِ اهو پڻ حڪم ڪيو وڃي ٿو ته ديوان جي ڏينهن، اسان جي ملازمن مان هزاري تائين، هن (غازي بيگ) جي سامهون دست بسته بيهي رهن، هڪ هزاري کان مٿي وارا امير، سندس مسند کان پري ٿي ۽ هيٺ باادب ويهي رهن. پڻ هنن اختيارات جون واڳون جهڙوڪ، مشڪل فيصلا، معزولي، مقرري، تبادلو ۽ ترقي سندس (غازي جي) اقتدار ۾ ڏنا ويا آهن، ته جيئن ان کانپوءِ هاڻي جيڪڏهن اَحدي کي هزاري ۽ هزاري کي احدي ڪري ڇڏي، ته اسان کي پڻ منظور آهي.“

قصو مختصر روز بروز ميرزا غازي بيگ جو شان و شوڪت زياده ٿيندو ويو، جو هو جوان بخت پڻ سخاوت، فياضي ۽ همت جو هٿ ڪشادو رکندو هو. جنهنڪري فاضل ۽ شاعر ايران ۽ توران مان ڪهي اچي وٽس حاضر ٿيندا هئا. ميرزا جون مجلسون بهشت آئين ٿينديون هيون. هميشه فاضلن جو مجموعو ۽ يگانه روزگار شاعرن جو ساٿ، ساڻس گڏ هوندو هو. ازانسواءِ دائما عيش و طرب ۾ پڻ رهندو هو. هن جوان بخت دولت جي عهد ۾ هرڪو ڏينهن، لشڪر ۽ رعيت لاءِ عيد جو ڏينهن هو ۽ هرڪا رات، شبِ برات سمجهي ويندي هئي. ايران جي اڪثر غائبانه مدرسن، شاعرن ۽ گوشه نشينن لاءِ نالي به نالي ساليانو وظيفو مقرر ڪيائين. جيڪو هر سال هنن کي پهچايو ويندو هو. جنهنڪري اُتي جا ماڻهو سندس مداح هئا. ميرزا جي دربار، بادشاهن جي دربار جو نمونو هئي. ٻين ملڪن سان دوستي جا تعلقات ۽ نظم و ضبط اهڙي قسم جا هئا جو ايران جا ماڻهو ته ميرزا غازي بيگ جا مطيع ٿي ويا. ايران جو والي کائونس خوفزده رهندو هو ۽ ايلچين جي وچ ۾ آمد و رفت ٿيندي رهندي هئي. ازانسواءِ ميرزا غازي کي ايران جو والي (شاهه عباس صفوي اول) پڻ فرزند ڪري سڏيندو هو.

ڪن اميرن حسد ۽ خود غرضي سببان حضرت جهانگير بادشاهه کي عرض ڪيو ته ميرزا غازي، باغي ٿي ويو آهي ۽ ايران جي بادشاهه سان مخفي تعلقات جوڙيا اٿس. هو اڄ سڀان ئي سرڪشي شروع ڪندو. جنهنڪري امتحاناً ميرزا غازي جي نالي فرمان جاري ٿيو ته، هو پنهنجو پاڻ کي بداڪ چوڪي مان بارگاههِ شاهي ۾ پهچائي. فرمانِ معليٰ پهچڻ شرط، ميرزا به نهايت اخلاص سان انهي ساعت دربار شاهي ڏي روانو ٿيو. سترنهن ڏينهن جي مدت ۾ قنڌار کان آيو ۽ لاهور جي آسپاس شڪارگاهه ۾ پهچي، اعليٰ حضرت جي قدم بوسي جو شرف حاصل ڪيائين. ميرزا غازي جي حاضر ٿيڻ سببان حضرت بادشاهه نهايت مطمئن ٿيو. جن بدگماني سبب بادشاهه کي عرض ڪيو، تن جا گمان ختم ٿيا. بادشاهه ميرزا غازي بيگ کي طرحين طرحين ۽ قسمين قسمين جا انعامن سان پنهنجي شهنشاهي شايان شان سان نوازيو. بلڪ قنڌار جي عيوض ڪجهه پنجاب جا پرڳڻا به سندس جاگير ۾ بطور تنخواهه جي مقرر ٿيا. ازانسواءِ مملڪتِ قنڌار بطور انعام جي کيس جدا ڏنو ويو ۽ پوءِ قنڌار ڏي رخصت ڪيو ويو.

ميرزا غازي ستن سالن تائين، بالاستقلال قنڌار جي حڪومت تي متمڪن رهيو ۽ ڪامياب حڪومت ڪيائين. پنهنجي جودوسخا،  مروت، شجاعت ۽ مردانگي جو داد ڏنائين. ان ٿوري ئي عرصي ۾ هر ڪنهن تي مهربانيون ۽ احسان ڪرڻ سببان ملڪ جي هر طرف کان ايران ۽ توران بلڪ هندستان جي چؤطرف ۾ سندس نيڪنامي سان نالو مشهور ٿي ويو. جمع جي رات ماهه صفر 1020هه ۾ وڃي حق جي رحمت سان مليو(1) . هن جي عمر ستاويهه سال هئي ۽ ڏهه سال حڪومت ڪيائين. ٽي سال ٺٽي ۾ ست سال قنڌار ۾ رهيو. سواءِ نيڪنامي جي پٺيان ٻيو ڪجهه به نه ڇڏيائين. باغي، ڀائي خان ولد خسرو خان، ميرزا جي رحلت بعد اهو فاسد خيال دل ۾ ڪيو ته هو سندس قائم مقام ٿيندو. جنهنڪري عوام ۾ هي بدنام ٿيو ته نمڪ حرامي ڪري، هن پنهنجي آقا کي گهٽو ڏئي ماريو آهي. والله اعلم بالصواب و اليه المرجع و الماب.

ميرزا غازي وفات کان اڳ، خسرو خان جي ٺٽي مان بدلي ڪري کيس قنڌار طلب ڪيو. جڏهن خسرو خان، ميرزا غازي جي وفات جي خبر ٻڌي، تڏهن هو اڌ تان موٽي ٺٽي واپس ويو. ميرزا عبدالعلي بن ميرزا فرخ بن ميرزا شاهه رخ بن ميرزا محمد باقي، (جي پوٽي) کي، فقط گفت و شنيد لاءِ ٺٽي جي مسندِ حڪومت تي ويهاري، خسرو خان، ملڪ ۽ حڪومت جو نظام پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.

حضرت بادشاهه جي بارگاهه ۾ اها خبر پهتي ته ميرزا غازي بيگ جي غلام خسرو خان، بغير حڪم اقدس جي ميرزا محمدباقي جي اولاد مان جيڪو اڃا خورد سال نينگر آهي، تنهن کي حڪومت تي ويهاري باغي ٿيو آهي. جنهن تي حضرت بادشاهه جهانگير، ميرزا رستم قنڌاري کي چند اميرن سان، ٺٽي جو صوبدار بنائي، خسرو خان کي سزا ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري موڪليو ۽ مير عبدالرزاق معموري کي بخشي ۽ ديوان ڪيائين، هن کي حضرت بادشاهه، ميرزا رستم کان پهرين ٺٽي موڪليو ته هو خسرو خان کي تسلي ۽ تشفي ڏئي، ٺٽي ملڪ تي پنهنجو قبضو ڪري. حڪم مطابق مير عبدالرزاق معموري ٺٽي ۾ پهچي، پهريون ڪم هي ڪيو يعني خسرو خان لاءِ پانصدي منصب تجويز ڪيو. ماهه محرم الحرام 1021هه جي مير عبدالرزاق کانپوءِ، ميرزا رستم به ٺتي ۾ آيو. حڪم مطابق پيروي ڪندڙ مير عبدالرزاق معموري سمورن ارغونن، ترخانن ۽ سندن لشڪر وغيره کي انهن سان گڏ ميرزا عبدالعلي، خسرو خان ۽ سندن اهل و عيال وغيره مطلب ته هنن سمورن کي ٺٽي مان پاڻ سان وٺي دربار شاهي (دهلي) ڏي روانو ٿيو. جڏهن هي سڀ اُتي پهتا، تڏهن مير عبدالرزاق کي مذڪوره صلي ۾ ”مظفرخاني“  جو خطاب مليو.

جيئن ته عبدالعلي خان ترخان ۽ خسرو خان وغيره جن جي ميرزا غازي بيگ سان نسبت هئي، جيڪي هن سان ٺٽي ۽ قنڌار ۾ به هئا، سي نظر اقدس مان گذري مشرف ٿيا. تنهن کانپوءِ حڪم ٿيو ته عبدالعلي، خسرو خان ۽ ان جي پٽ کي قيد ۾ رکيو وڃي. فقط ميرزا غازي بيگ جي اعليٰ منصبن وارن ملازمن ي سرفراز ڪيو ويو. ميرزا غازي بيگ جي به اهل و عيال کي معاش جي مدد سان نوازيو ويو. باقي سمورن ارغونن، ترخانن ۽ سپاهه وغيره کي، نواب ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي حوالي ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ، ڪمال همت سان هنن جي پرورش وغيره ڪئي ۽ هرهڪ جي مناسب حال ۽ هنن جي صلاحيتن ۽ قابليت مطابق، نگهداشت ڪيائين. خسرو خان قيد خاني ۾ ئي فوت ٿيو. ميرزا عبدالعلي ۽ لطف الله عرف ڀائي خان ولد خسرو خان جن کي نورجهان بيگم جي سفارش تي قيد مان رهائي ملي. عبدالعلي ترخان لاءِ روزينو مقرر ڪري، آصف خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ جڏهن جوان ٿيو  تڏهن جزوي منصب سان نوازيو ويو. نيٺ 1039هه ۾ وڃي حق جي رحمت سان پيوست ٿيو(1) . هاڻي ميرزا محمد باقي جي اولاد مان ڪوبه  باقي نه رهيو ان جو سلسلئه آخرت تي پهتو. البقائلله الباقي المجيد.

***

**

*

نواب ميرزا عيسيٰ ترخان

ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) بن ميرزا جان بابا بيگ بن ميرزا عيسيٰ بيگ (اول)، هن جا حالات ضمناً مٿي اچي چڪا آهن. هر مرد خليق، اديب ۽ نهايت بردبار هو. بلڪ صاحبِ همت، غيرتمند ۽ قبيله پرور، سپاهه دوست ۽ وسندي وارو هو. جواني ۾ ڪمالات جا جوهر ڏيکاريائين. علوم ۾ ڪافي دستگاهه هيس. اخلاق جي خوبين سان سينگاريل هو. عدالت جي شوي کي ۽ شجاعت کي پنهنجو طريقئه ڪار بنايائين. ازانسواءِ شجاعت ۽ دلاوري ۾ پڻ بينظير هو.

جڏهن 1012هه ۾ حضرت اڪبر بادشاهه جي قدمبوسي کان مشرف ٿيو. تڏهن اعليٰ حضرت هن تي نهايت عنايتون ۽ مهربانيون ڪيون بلڪ ان وقت قانون جي خلاف، ازراهِ شفقت ۽ عنايت، دهه سي کان به زياده هن کي منصب عطا ٿيو ۽ اميرن جي قطار ۾ هن جو شمار ٿيڻ لڳو.

جڏهن حضرت جهانگير بادشاهه سلطنت ۽ خلافت جي مسند تي ويٺو تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) پڻ شاهاڻي عنايتن ۽ شفقتن سان نوازيو ويو. جهانگير بادشاهه جي عهد ۾، سلطنت جي هر شعبي سان مذڪور ميرزا واسطو رکندڙ ۽ وسيلو هو. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) اهو باهمت انسان، خوددار ۽ غيرتمند هو، جنهن سواءِ بادشاهه جي ٻئي ڪنهن جي به اڳيان سر نه نمايو، ۽ سلطنت جي اميرن مان ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو وسيلو نه ڪيائين. جنهن کان مجبوراً سلطنت جا امير ساڻس نزاع ڪرڻ جي فڪر ۾ ٿيا. جنهنڪري ميرزا کي نهايت ڏکين هنڌن تي بدلي ڪري جاگير ۽ تنخواهه ڏيندا هئا. ميرزا عيسيٰ به پاڻ سان بهادر ۽ وسيع لشڪر رکندو هو. جنهن به صوبي ۾ ويندو هو ته شجاعت ۽ دليري سان فرض ادائي ڪندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ انعام و اڪرام ۽ منصب ۾ اضافن سان نوازيو ويندو هو. بلڪ سربلندي حاصل ڪندو هو.

ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي شاهجهان بادشاهه جي شهزادگي واري زماني ۾ ان جي خدمت ڪرڻ ۽ اخلاص جو موقعو حاصل ٿيو. جڏهن جهانگير بادشاهه ڪشمير ۾، حق جي رحمت سان پيوست ٿيو، تڏهن ان وقت حضرت شاهجهان بادشاهه، بيجاپور دکن ۾ تشريف فرما هو ۽ ميرزا عيسيٰ (ثاني) صوبئه گجرات ۾ پنهنجي جاگير تي هو. اُن وقت ڪمال اخلاص ۽ دانائي سان، صوبيدار جي بغير اجازت ۽ مشوري جي، احمدآباد جي عيدگاهه ۾، همايون حضرت صاحبقران (ثاني) شاهجهان بادشاهه جي نالي خطبو پڙهي، اُن جي خدمت ۾ روانو ٿيو. احمدآباد کان ٽيهه ڪوهن جي فاصلي تي ڳوٺ جي ڀرسان، بادشاهه جي قدمبوسي کان مشرف ٿي، صوبي جي سمورن اميرن کان پهرين، مبارڪبادي جو شرف ۽ ڪورنش جي سعادت حاصل ڪيائين. حضرت بادشاهه ظل الله به ميرزا عيسيٰ (ثاني) تي ڪمال عنايتون ۽ مرحمتون ڪيون. جنهن وقت حضرت بادشاهه احمدآاباد کان اڪبرآباد ڏي رخ ڪيو تڏهن ڪمال عنايت ۽ مهرباني سان ٺٽي جو صوبو ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي مرحمت ڪري ۽ حڪم ڪيائين ته، ميرزا، ٺٽي وڃي (شريف الملڪ) شرير الملڪ کي قيد ڪري دربار قيد (دهلي) ڏي روانو ڪري، ته جيئن هو پنهنجي ڪيل بڇڙن ڪمن جي سزا ڀوڳي، پر جي جنگ ڪري ته هن کي قتل ڪري ڇڏي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) پنهنجو وڏو پٽ ميرزا عنايت الله هڪ هزار سوار سميت شاهي رڪاب ۾ روانو ڪيو. شريف الملڪ جا سپاهي نهايت دلير ۽ پنهنجي وقت جا بهادر هئا. اها فوج پڻ وسيع هئي، ليڪن بادشاهي اقبال سان چؤطرف کان لشڪر ڪٺو ٿيو ۽ مقابلو ٿيو. آخر جنگ و جدال کانپوءِ شريرالملڪ کي قيد ڪري دربار شاهي ڏي روانو ڪيو ويو. مذڪور لڙائي کانپوءِ شاهجهان بادشاهه ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي صاحبِ نوبت ڪري، هڪ لک رپيا نقد ۽ هزاري منصب جي اضافي سان سرفراز ڪيو. اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي ڪيل نيڪ خدمتن کي ساراهيو ويو. بهرنوع بادشاهه قدردان، ميرزا جي تربيت ڪئي، اولاَ ميرزا کي امراء عظيم الشان مان شمار ڪيائين ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي منصب کي سندس پٽن سميت هشت هزاري ذات ۽ هفت هزار سوار ۽ دو اسپه و سه اسپه تائين پهچايائين. ان کانپوءِ گجرات ۽ سورت جي گورنري واري خدمت به سندس متعلق ٿي.

جڏهن تاريخ 12 ماهه محرم الحرام 1061هه ۾ ميرزا عيسيٰ (ثاني) حق جي رحمت سان وڃي مليو(1) تڏهن ميرزا صالح محمد خلف الصدق ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي سندس والد جو قائم مقام ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جا ٻيا ننڍا پٽ، پوٽا، ڏهٽا ۽ عزيز و اقارب جيڪي مجبوري جي حالت ۾ هئا، تن کي جداجدا منصبن ۽ مددِ معاش سان سرفراز ڪيو ويو.

ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي عمر پنجانوي سالن جي هئي ۽ سڄي عمر اطاعتِ الٰهي ۾ صرف ڪيائين. اميرن وانگر عيش و عشرت ۾ پڻ گذاريائين. ميرزا عيسيٰ (ثاني) جو نام نامي هندستان جي هر گوشي ۾، عدالت ۽ شجاعت ۾ مشهور آهي.

تمت بالخير

مايلوح الخط في القرطاس دهرا
و کاتبہ رميم في التراب
غرض نقشي ست کز ما ياد ماند
که هستي را نمي بينم بقائي
 

***

**

*

(1) ميرزا غازي بيگ 1021هه جي وفات ڪئي.
(1) ميرزا عبدالعلي ترخان تاريخ 9 – رجب المرجب 1040هه تي وفات ڪئي، هن جي قبر ڪتبي سان اڄ تائين مڪلي تي موجود آهي.
(1) ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (ثاني) ماهه محرم 1062هه جي وفات ڪئي.
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

صفحو ؛ 6
واڌارا ۽ اضافا                   ميرزا عباس علي بيگ

رب يسر ولاتعسر        وتمم بالخير الظفر

سنڌ

خوش کشوري ست دائم بادا لقائي سندهه

کشمير آبديده ز آب و هوائي سندهه

تقرير عاقبت شود ابکم ز گفتگو

کس رامجال نيست که زد او ثنائي سندهه

يارب ز رخم ديده حاسد نگاه دار

دايم بود به امن ز لطفِ خدائي سندهه

خورشيد هر سحر به ثنايش کشائي او

چرخ از شفق حنائي به بندد بپائي سندهه

دريائي سندهه را صفت از حد فزون بود

آئينه آبديده ز موجِ صفائي سندهه

توفيق بسته هائي در دهر وا کند

اطراف دل به لرزه ز فتح و لوائي سندهه

بي بهره کس ز خوان کريمان نميرود

عالم به بهتر از درِ دولت سرائي سندهه

ماهِ نوشت بوسه زن اندر رکاب او

هر شام خور ز عجز بود جبه سائي سندهه

معمار کارخانئه قدرت ز دست لطف

خوش وضع دارد اين همه رنگين بنائي سندهه

شاهان چار سـُـو قسم از رتبه اش خورند

خورشيد يوزه زر بکند از گدائي سندهه

فغفور چين ز بندگيش باج بدهد او

قيصر خراج تحفئه فرستند برائي سندهه

ايران ز دولتش متحير بسانِ روم

هندوستان به فخر تو بختِ رسائي سندهه

هر گوشه نهر جاري و هر سو شگفته باغ

رضوان به دل بهشت چه سازد بجائي سندهه

هر گوشه د کان ملاحت نمک کشاد

شوخ ست غمزهءِ نگه سرمه سائي سندهه

ترکان گرفته پشئه ترکي ز چشم شان

خوبان به حسن قايم باز از ادائي سندهه

چشمِ بد فلک شود از هيبتش سياه

از تيغ روشن آئينئه خوش جلائي سندهه

هر گاه باش بزهد ز منصور بيشتر

نزديک بر اجابت باشد دعائي سندهه

مردم همئه پسند و نکو کار هر طرف

خوش خلقي زبان ست ز دل غمزه وائي سندهه

تا گردشِ فلک بود از دؤرِ مشتري

يارب به فتح تازه بود مدعائي سندهه

”مير“ از درت هميشه به اميد اين دعا ست

گردان ستاره برسرِ کامِ رضائي سندهه

خداداد خان مملڪتِ پاڪستان جي صوبه سنڌ ۾، اسلامي تاريخ جو آغاز سال92هه (710ع) ۾ محمد بن قاسم جي فتحِ سنڌ کان ٿئي ٿو ۽ انتها 1259هه (1843ع) ۾ ٽالپور حڪومت تي ٿي. جنهن جو باني مباني، فاتحه سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور هو. معلوم هجي ته مندرجه بالانظم، فاتحه سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور جي فرزند مير صوبدار خان المتخلص به ”مير“ جو، پنهنجي وطن سنڌ ملڪ تي چيل آهي. جيڪو هن 1843ع کانپوءِ نظربندي واري زماني ۾ ڪلڪتي ۾ يعني غريب الوطني جي عالم ۾ چيو.

وطن کان دور، اهل و عيال، عزيز و اقارب ۽ هم وطن دوستن کان پري، ازانسواءِ قيد و مصيبت، سو اهڙي عالم ۾ وطن جي حب ۽ اُڪير يقيناً کيس ستايو، جنهن بعد جيڪي کيس سنڌ بابت ۽ اُن جي ياد ۾ چوڻ گهربو هو سو چيائين. مير صوبدار خان 1846ع ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. جيتوڻيڪ مير صاحب موصوف سنڌ جو پڻ سابق ڏيهي حاڪم هو، سو پنهنجي وطن سنڌ ملڪ جي تعريف ۾، اهڙي نظم چوڻ ۾ حق بجانب هو. ليڪن اڄ کان هڪ هزار سال اڳ يعني چوٿين هجري ۾ محمود غزنوي جي متواتر حملن ۽ ان جي، سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سببان، سنڌ ۾ ايراني اثرات ۽ ان جي فرهنگ ۾ هڪ تازگي پيدا ٿي وئي. تنهن کي به ان وقت جي ڪيترن ئي فارسي گو شاعرن، سنڌ ملڪ کي پنهنجي دواوين ۾ متعدد صورتن ۾ ياد ڪيو آهي. جيڪي سنڌ ملڪ ۽ ان ۾ رهڻ وارن سان ۽ اُنهن سان گهري واقفيت ۽ دلچسپي جي خبر ٻڌائن ٿا. بلڪ حسب ذيل اشعار مذڪور سلسلي ۾ مطالعي ڪرڻ جي قابل آهن.

(دقيقي، وفات قبل 384هه)

شه بر برستان و شاهانِ هـــند

گزنيش بدادند و ســاهانِ سند

ديوان: ص. 80

(فرقي: محمود جو همسفر – وفات 429 هه)

شيده ام که فرامرز رستم اند سند
يڪشت مار و بدان فحر کرد پينس تبار

ديوان: ص. 53

به سند و هند ڪسي نيست مانده گان آرزد

کز آن تـــــو شـــــود آنـــــجا بجنگ يک چاکر

ص. 73

زنده پيلان کز در دريائي سند آورده اي

ســــال ديگر بگزراني از لبِ دريائي نيل

ديوان: ص. 221

رايتِ تو سـايه افگنده است بر دريائي سند

کي بود شاها که ســـــايه افگند بر کوه شام

سند و هـــــنـــد از بـــــــت پرستان کرد پاڪ

رفــــته زيـــــن ســـو تـــــا بـــــدريـــائـــي روان

ديوان: ص. 263

(عنصري: وفات 431هه)

به سند و هند ز عکسِ رخِ هزيتيسان

مزارغوان را نتــــــوان شناختن ز زرير

ديوان: ص. 73

به سند و ناحيتِ هند شهر يار آن کرد

کجا بمـــــــردمِ خيبر نکرده بـُـد حيدر!

ديوان: ص. 111

هم اندر اين مه کاين حرب کرد و رفت به سند

قحرب کــــــوره و تــــارا چــه گـــير کانِ کبر

ديوان: ص. 112

(قطران تبريزي: وفات بعد 466هه)

اگرچه زادِ تو اين جا و گرچه جـــــاي تو ايدر

بتو ترسانند اندر سند و چين اطفال را مادر

ديوان: ص. 174

(ناصر خسرو: وفات 481هه)

از پارسي و تازي و از هندي و از ترک

وز سندي و رومي و زعبري همه يکسر

ديوان: ص. 174

به پيغمبر عــرب يکسر مـــشرف گشت و فراًد

ز ترک و رومي و هندي و سندي گيلي و ديلم

ديوان: ص. 269

بعلــــمِ هندسه ســـر بر کشيدي

به سند و هند و اطرافِ خراسان

ديوان: ص. 213

به سند انداخت گاهم گهه به مغرب

چنين هــــرگــــــز نديدستم فــــــلاخن

ديوان: ص. 371

من همي نـــــازش به آلِ حيدر و زهــــرا کنم

تو همي نازش به سند و هند بد گوهر کني

بنده اي را سند بخشي پيشکاري را طراز!

کهــــتري را بــــر زمينِ خــــاو ران مهتر کني

ديوان: ص. 423

بخواهد خورد مر پروردگانِ خويـــش را گيتي

فخواهد رستنِ از چنگال او سندي و نه هندي

ديوان: ص. 493

چو فصلِ دين احمد را ز فضلِ خويش بفگندي

چه باشد فضل ســـــــوي اوترا بر هندي و سندي

(عسجدي مروزي، سومناٿ ۽ سنڌ ۾ محمود سان گڏ هو، وفات: 514هه)

تا شاهه خسروان سفر سومنات کرد

کردار خويش را علمِ معجزات کرد

ديـوان، بتصحيح طـــــاهـــري شهاب:

(مسعود سعد سلمان وفات: 515هه)

رايانِ هند را و هز بـــرانِ ســــنـــد را

در بيشها بياب و بيک جانثار کن

ديوان: ص. 437

(امير معزي، وفات: 518هه)

بر زمينِ هند و سند از هيبتِ شمشير او

شير غرند نگردد يکزبان غائب ز غاب

ديوان: ص. 66

از ناحيه سند کـــــنـــــون تــــا بــــدرِ هــــــــنـــد

بس کس که ازين رنجه بدرد است و بتيمار

ديوان: ص. 202

خصم ملک از گرنري صد لشکر آورده بهم

از حــــــد کالنجر و قــــنـــوج و سند و مولتان

ديوان: ص. 520

(مختيار غزنوي، جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سليمان جي ملاقات وقت سنڌ ۾ آيو هو. وفات: 535هه مقدمه 95)

ترا به حاڪمي سند تهنيت چه کنم

کر گشت از هنرن پند در زمانه سمد

همه ممالک مشرق سپرده گــــير بتو

چو هند بر تو نوشتند سند را چو نظر

ديوان: ص 139

(ز قصيده در مدح بهرام شاه سلجوق: از الحڪيم شهاب الدين شاهه علي ابي رجاءِ الغزنوي 567ه)

چو هنـــــــد و سنــــد گــــرفتي مثال ده به سپاه

که تاز چين و يمن سوئي مصر و شام کشند

(لباب الالباب: ص 280، جلد: 2)

(رباعي از ضيا ء الدين ابوبڪر بن احمد الجامي وزير، ”محمد خوارزم شاهه“ 608هه)

اي دوست مرا درد تو از درمان به
يڪ ساعت ديدار تو از صد جان به
از سيب انخد ان تو يڪ شفتالو
نزديڪ من از مزار سوستان به

(لباب الالباب: ص. 112، جلد: اول)

(از ڪتاب ديوان تحفة الصغر تصنيف امير خسرو دهلوي سال
 وفات: 725هه)

سرو چو تو در اُچهه و در تته نباشد

گل مثل رخِ خـــوب تــو البته نباشد

مندرجه بالاشعراء ڪرام جي اشعار مان اهو ثابت ٿيندو ته انهن سنڌ کي هرگز نه وساريو بلڪ هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا تاثرات پنهنجن دواوين ۾ دائما، بطور يادگار جي ڇڏيا. بهرحال هن ضمناً تمهيد بعد هاڻي اسين وري پنهنجي اصل موضوع تي اچون ٿا.

ڏهين صدي هجري جي پهرين چوٿائي ۾ بخارا، ماوراء النهر، خراسان، ايران ۽ دهلي، ان سان گڏ سنڌ ۾ پڻ اهڙا ته واقعات ۽ حادثات يعني وڏا وڏا انقلابات ۽ نشيب و فراز رونما ٿيا، جن جي ڪري انهن مختلف سرزمينن جي دنيا يڪسر بدلجي وئي. پريشاني، بربادي، ڪشت و خون ۽ درهمي و برهمي جو عجيب و غريب عالم ٿيو. ڪيترائي خاندان ختم ٿي مٽجي ويا، ڪيتريون ئي حڪومتون زير ۽ زبر ٿيون. پراڻن حڪمرانن جا تخت ۽ تاج اُلٽ پلٽ ٿي ويا ۽ ڪيترين ئي نئن سلطنتن جو آغاز ٿيو، ڪيتريون ئي نيون قوتون اُڀري آيون، نوان خاندان پيدا ٿيا، نئن حڪومتن جي تشڪيل ٿي.

شيبانين جو اُڀرڻ (906هه/1500ع) محمد خان شيباني پنهنجي خون آشامين ۽ لشڪر ڪشين سببان ان زماني ۾ ايران، تورن ۽ خراسان جي سرزمين کي لتاڙيندو پامال ڪندو باربار خون سان پـُـسائيندو رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ ساڳي چوٿائي جي اندر اندر پاڻ خود پنهنجي محنت تي پاڻي ڦيري پنهنجي جان وڃائي ويٺو.

صفوي سلطنت جو بنياد پوڻ (907هه/1502ع) يعني شاهه اسماعيل صفوي پنهنجي نئين سلطنت جو بنياد ساڳي چوٿائي ۾ وڌو. هرات وارن تيمورين جي ازدواج ۽ اولاد جي ڪثرت سببان، سلطنت جي چراغ جي گل ٿيڻ (913هه/1506ع) يعني آل تيمور جي سلطنت جو آخري چراغ ساڳئي عهد ۾ هرات جي اندر هميشه لاءِ وسامي ويو. ڪيترائي شهزادا قتل ٿي ويا ۽ پوءِ باقي جيڪي ڪجهه بچيا، سي اهڙا ته هڪٻئي کا وڇڙجي ويا جو جيسين جيئرا هئا تيسين وري ڪڏهن به هڪٻئي جي شڪل ڏسڻ نصيب نه ٿين. ساڳيو ئي حال آل تيمور جي ٻي شاخ جو فرغانه ۾ ٿيو. بابر جو فرغانه مان آواره ٿي ڪابل ۽ قنڌار تي تسلط پيدا ڪرڻ لاءِ (928هه/1522ع) يعني بابر پيءُ واري مسند وڃائي ويٺو. توران کان وٺي دره خيبر تائين وادين ۽ پهاڙن جي نشيب و فراز ۾ پنهنجي قسمت جي پستي ۽ بلندي سان کيڏندو ڪڏندو ۽ تماشا ڏسندو رهيو. نيٺ هندستان ۾ هڪ وڏي سلطنت جو بنياد رکيائين. (932هه/ 1526ع).

ساڳيو حال سنڌ ۾ وقوع پذير ٿيو. يعني سنڌ ۾ سمه خاندان جو ختم ٿيڻ. صدين جي سمه سلطنت ۾ سلطان ڄام نظام الدين جي اک بند (914هه/ 1508ع) ڪرڻ سان خانه جنگي شروع ٿي. سلطان حسين بايقرا ميرزا، جي اميرن مان ڪجهه فردن تي منحصر ارغونن جو خاندان جنهن جو سرڪرده شاه بيگ ارغون هو، سو جڏهن قنڌار ۾ بابر کان شڪست خورده ٿيو، تڏهن سڌو سنڌ ۾ پهچي، پنهنجي حڪومت جو نئين بنياد وڌائون، (928هه/1522ع). همايون کي، شير شاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ جائي پناهه نه ملڻ سبب، (ربيع الاخر 950هه/11 جولائي 1543ع کان 7 محرم 952هه/12 مارچ 1545ع)، ايران ۾ وڃي پناهه گزين ٿيڻ ۽ شاهه طهماسپ جي همدردي ۽ مدد سان وري هندستان جي تخت و تاج کي حاصل ڪرڻ، هي سمورا واقعا ڏهين صدي هجري جي پهرين ٽن چوٿائين ۾ رونما ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ قديم ايران جي سرزمين کان وٺي ننڍي کنڊ جي خاڪ تائين پورو سياسي سماجي ماحول ۽ ثقافتي صورتحال بلڪل تبديل ٿي ويو. جنهن کان هڪ ٻي خاص ڳالهه جا اسان وٽ رونما ٿي، سا هي آهي ته آئينده ڪيترين صدين تائين جاگيرافيائي حدون، جيتوڻيڪ بظاهر قائم رهيون، ليڪن سياسي ۽ سماجي معاملات ۽ مسئلن ۾ برصغير تي هميشه ايران جي هڪ قسم جي بالادستي رهي. ڇو جو سماجي يا سياسي معاشري جي جن اميرن  ۽ اهلِ فڪر وارن، هتي اچي تشڪيل ڪئي سي سمورن جا سمورا ايراني ۽ توراني هئا.

امان و امان، اطمينان ۽ آرام پڻ يا آبرومندانه گذربسر، توران ۽ خراسان ۾ نه ڏسي، امن پسند شهري جن ۾ وڏا وڏا علماء، فقها، مذهبي پيشوا، اهلِ علم ۽ قلم پڻ حضرات هئا، سي قافله در قافله جي صورتن ۾ اتان نڪري سنڌ جي طرف اچڻ لڳا. پهرين انڪري آيا جو شيبانين جي غارتگري اتي جهنم جهڙو سمان پيدا ڪري ڇڏيو. ليڪن ان جي مقابلي ۾ هتي سنڌ ۾ بهشت جهڙو امن و امان وارو گهوارو هو. پر جڏهن ايران ۾ صفوي سلطنت قائم ٿي، تڏهن ڪي تشدد جا ستايل ۽ ڪن جو ارغونن سان تعلق هئڻ سبب، هنن جي آمد جو سلسلو جيڪو ڄام نظام الدين سمي بادشاهه جي عهد کان ئي شروع ٿي چڪو هو، سي هاڻي رڪجڻ جي بجائي پاڻ وڌيڪ تيز ٿي ايندا ويا. جيئن ته ارغونن جي دؤر ۾ تاريخ جي اندر اسان کي بيشمار نامور علماء، شعراء ۽ اهلِ قلم حضرات جن جا اسمائي گرامي ملن ٿا ۽ جي سنڌ ۾ اچي اهڙي طرح پناهه گزين ٿيا جو وري ڪڏهن به واپس وڃڻ جو نالو نه ورتائون.

ساڳئي دؤر ۾ سنڌ ۾ پنهنجن بزرگن جي مقبرن ۽ قبرن تي فارسي ڪتبا ۽ تاريخِ وفات جا اشعار ڪنده ڪرائڻ جو پڻ رواج پيو.

معلوم هجي ته اڪثر ايراني شعراء يا علماء هندستان وڃڻ لاءِ پهرين سنڌ مان لنگهندا هئا ۽ پوءِ هتي ڪجهه وقت قيام ڪري، سنڌ جي باشندن مان استفادو حاصل ڪري پوءِ بکر ۽ ملتان واري رستي کان لاهور مان ٿيندا، مغل سلطنت دهلي ڏي ويندا هئا.

زير بحث دؤر ۾، ڪتاب تحفة الڪرام، مقالات الشعراء،
حديقة الاولياء، تحفة الطاهرين ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي تذڪرن ۽ تاريخن ۾ سنڌي عالمن، مشائخن محدثن، شاعرن ۽ بزرگن جا اسمائي گرامي ملن ٿا، جن مذڪور سلطان جي دؤر ۾ سنڌ اندر اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون.

اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراعت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن ڏورانهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي مشاهيرن به قطار در قطار، ٿي سنڌ ڏي پنهنجو رخ ڪيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ته خاص طرح ايران، خراسان خواه ماوراء النهر مان ڪيترا ئي گهراڻا سنڌ ۾ ايڏيءَ ڪثرت سان اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت ننگر ٺٽي ۾ علحدا محلا مخصوص ڪرڻا پيا. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو هو.

انهيءَ ڀاڇڙ ۾ گهڻا ته خس و خاشاڪ جي مثل هئا. ليڪن ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو اچڻ سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو، مثلاً مولانا عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا اثيرالدين پنهنجي سموري خاندان سميت ايران مان لڏي اچي،  سنڌ ۾ مستقل طور مقيم ٿيا. علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، هنن ستونِ علم جي طالبن جي آس ۽ پياس کي پورو ڪيو. 901هه ۾ مشهد مقدس مان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيا. جن جو اولاد اڃا تائين سادات مشهدي جي نالي سان مشهور آهي. وري 906هه ۾ سيد محمد عابد مشهدي جا ٻه فرزند سيد احمد ۽ سيد محمد سي به ايران مان لڏي سنڌ ۾ آيا. ان زماني ۾ ايران جي ڪيترن ملڪن تي تيموري مغل، راڄ ڪندا هئا. تنهنڪري ايرانين لاءِ خاص لفظ ”مغل“ يا ”ولايتزا“ استعمال ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڄام نظام الدين جي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي ۾ سندس يادگار ”مغلپوره“ سرڪاري خرچ تي تعمير ٿيو ته جيڪي به ايراني عالم، فاضل ۽ شاعر سنڌ ۾ اچن ته اچي اُتي مغلپوره (ٺٽي) ۾ پنهنجو مسڪن ڪن.

ڄام نظان الدين، پنهنجي دربار ۾ حسب عادت گهڻو وقت عالمن سان علمي بحث، مباحثه ۾ صرف ڪندو هو(1) علامه جلال الدين محمد دواني (المتوفي 908هه) شيراز کان سنڌ ملڪ ۾ اچڻ جو ارادو ڪري، پنهنجن ٻن شاگردن مير شمس الدين ۽ مير معين کي ٺٽي موڪلي، اتي اچي رهڻ جي استدعا ڪئي. جنهن تي ڄام نظام الدين شايان شان حويليون تعمير ڪرائي گذران وغيره جا اسباب ڪيا ۽ هنن ٻن شاگردن هٿان، راهه خرچ به ڏانهس موڪليائينس پر قاصدن جي پهچڻ کان اڳ، مذڪوره مولانا وفات ڪري ويو. جيئن ته مير شمس الدين ۽ مير معين کي ڄام نظام الدين جي صحبت وڻي وئي، تنهنڪري موٽي اچي ٺٽي ۾ رهيا، جتي هنن ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بهرو ورتو.

مذڪور خاندان جو آخري تاجدار ڄام نظام الدين المعروف به ڄام نندو (866هه کان 914هه) ۽ خراسان جو آخري تيموري سلطان شاهه حسين بايقراء (863هه کان 912هه) هي ٻي همعصر ۽ دوست بادشاهه هئا. جنهن سبب ٺٽو ۽ هرات هڪڙي ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو مرجع بنيل هو. خدا جي قدرت جڏهن ايران ۾ تيموري سلطنت جو خاتمو ٿيو، تڏهن عين انهي وقت سنڌ ۾ به سمه حڪومت ختم ٿي.

ڄام نظام الدين به پنهنجي وقت جو اعليٰ شاعر هو حسب ذيل رباعي سندس چيل آهي:

اي آنکه ترا ”نظام دين“ ميخوانند

تو مفتخري مرا چنين ميخوانند

گر در رهِ دين ز تو خطائي اُفتد

شک نيست که کافر لعين ميخوانند

بهرنوع  شاهه حسين بايقرا جي هڪ امير شاهه بيگ ارغون قنڌار ۾، بابر کان شڪست کائي سنڌ ۾ پهتو ۽ خانئه جنگي مان فائدو وٺي پنهنجي حڪومت جو از سرِ نـَـؤ بنياد وڌائين. شاهه بيگ ارغون جي خاندان جا ٻيا به فرد هئا، جيڪي مذڪور صدي جي آغاز ۾ آيا ۽ ساڳي صدي جي آخري چوٿائي تائين هرات، ڪابل، قنڌار ۽ پوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ردوبدل ۾ نهايت وڏو ڪردار ادا ڪندا رهيا. امير ذوالنون ارغون ۽ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون جي هٿان، ڪابل، قنڌار، بست ۽ داور جي زمين وارن علائقن تي جيڪي ڪجهه ٿي گذريو، تنهن ۾ هنن ٻنهي پيءُ پٽن جو وڏو هٿ هو ۽ پوءِ جڏهن هي سڀ اُتان نڪتا، تڏهن سنڌ ۾ وارد ٿي پنهنجو تسلط ڪيائون. هتي جي ملڪي امور ۽ معاملات ۾ جيڪا ردوبدل ٿي، تنهن ۾ به مذڪور خاندان، خاص ڪري شاهه بيگ ارغون جو ڪردار نهايت اهم هو. جنهن جو قدري اختصار سان احوال هن ريت آهي.

*

ميرزا شاهه بيگ ارغون

ميرزا شا بيگ، لقب شاهه شجاع ابن امير ذوالنون،(1) سنڌ جو پهريون ارغون بادشاهه هو. امير ذوالنون شروع کان ئي، ميرزا شاهه حسين بايقرا هرات جي حاڪم پاران (884هه-913هه) قنڌار جو گورنر هو ۽ ان کان پوءِ شال (ڪوئيٽا)، مستونگ، سيوي تي سندس قبضو رهيو.

ميرزا شاهه بيگ ارغون هرات ۾ ڄائو هو ۽ اتي پنهنجي والد جي تربيت ۾ علم حاصل ڪيائين. ڦوهه جواني ۾ علمي ڪمالات ۽ آداب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ڪافي وقت عبادت ۽ طاعت ۾ گذاريندو هو. شروع ۾ جڏهن پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ هرات جي تختگاهه ۾ رهندو هو، تڏهن هميشه هرات جي عالمن جي مجلس ۾ ويندو هو ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا علمائن کي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪري گهرائيندو هو. مطلب ته هي بذات خود پاڻ به عالم هو ۽ سندس دربار هميشه عالمن، شاعرن سان مزين هئي.

تاريخ طاهري ۽ مقالات شعراء ۾ منقول آهي ته، مير علي شير ”قانع“ جو ڏاڏو مير شڪرالله، شاهه بيگ جي عهد حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو، هن کيس ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو. هن صاحب، شريعت جي پيروي ۾ عدل، انصاف ۽ شاهي خدمتون سرانجام ڪيون. مشهور آهي ته ميرزا شاهه بيگ هن قاضيءَ جي آزمائش جي ارادي سان ڪنهن سوداگر وٽان گهوڙو خريد ڪيو ۽ هروڀرو ان کي پئسا نه ڏنائين ته، جيئن هو قاضي وٽ دانهين ٿي وڃي. آخر ائين ئي ٿيو ۽ سوداگر جڏهن قاضي وٽ ويو ته هن يڪدم ميرزا شاه بيگ کي گهرايو. دل ۾ چيائين ته جيڪڏهن ميرزا شاهه بيگ شريعت جي فيصلي کان منهن موڙيو ته سندس سر جو به خير نه هوندو. هوڏانهن ميرزا شاهه بيگ به سوچ ڪئي ته جيڪڏهن قاضي انصاف کان ڪم نه ورتو ته سندس سر قلم ڪيو ويندو. ائين ڪندي عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي. ميرزا شاهه بيگ ايندي ئي قاضي کان پنهنجي مان مرتبي مطابق ويهڻ لاءِ جاءِ جي گهر ڪئي پر قاضي هن جي ان گهر کي ليکي ۾ ئي نه آندو. وري قاضيءَ کان ٻن گهڙين لاءِ گهر وڃڻ جي مهلت گهريائين ته به قاضي کيس ڌيان ۾ ئي نه آندو. ان تان ميرزا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ان کان اڳ، شاهي رعب ۾ پاڻ ڪي ڪجهه ڪري، قاضي مٿس ٻه چار چهبڪ وهائي ڪڍيا ۽ تيسين ماٺ نه ڪيائين جيسين حقدار کي پنهنجو حق نه مليو. جيئن ئي فريادي کي حق مليو، قاضي صاحب وڏي آڌر ڀاءُ سان ميرزا شاهه بيگ کي سڏي شايانِ شان جاءِ ڏنائين. ميرزا جيئن ئي آرام سان ويٺو ته کيس قاضي، پنهنجي مسند هيٺان ترار ڪڍي ڏيکاريائين ته اجهو مون هيئن دل ۾ رٿيو هو. جيڪڏهن تون شريعت جي معاملي ۾ ڪا ٿوري به مداخلت ڪرين ها، ته تنهنجو سر سلامت نه هجي ها! اهو ٻڌي ميرزا شاهه بيگ جواب ۾ چيو ته، آءٌ به خنجر چيلهه سان ٻڌي عدالت ۾ آيو هوس، انهيءَ ارادي سان ته توکان رسول اڪرم + جن جي راهه ۾ جيڪڏهن ڪا خطا سرزد ٿي، ته توکي هڪ ئي ڌڪ سان دنيا مان رخصت ڪريان.

مٿيون حوالو شاهه بيگ جي حيثيت، فطرت ۽ رجحان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. هي صاحبِ علم و فضل فرمانروا هو. ميرزا شاهه بيگ، صاحبِ تصنيف بادشاهه هو. هن جي تصانيف ۾، ڪافيه جي شرح، ۽ شرح مطالع جو حاشيه، مير سيد شريف جي فرائض جي شرح جو حاشيه. علم نحو تي ڪتاب متخذالعجاله ۽ ڪن ٻين رسالن جا حاشيه پڻ مشهور آهن، جي سندس طبع جا نتيجا آهن. سرڪاري مصروفيت سان گڏ عبادت ۽ اطاعتِ الـــٰــهي ۾ مشغول رهندو هو. شاهه بيگ هڪ سال جو مختصر عرصو، سنڌ تي حڪومت ڪئي. تاريخ 11 ماهه محرم الحرام 927هه/1520ع  جي، هي سنڌ داخل ٿيو ۽ تاريخ 22 ماهه شعبان 930هه/1523ع جي وفات ڪيائين. ڪنهن شاعر سندس وفات تي حسب ذيل قطعه تاريخه چئي آهي:

چون به تقديرِ خدائي ذوالجلال
گشت راهي شد شجاع سوئي جنت
سال تاريخهِ وفاتش از خرد
شـــدعـــيــــــان ”بشـــهــر شعبانِ“ شـــــدت

930هه

شاهه بيگ جي دربار، وقت جي عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جي آماجگاهه هئي، جتي اُنهن جي شايانِ شان قدرداني ٿيندي هئي. شاهه بيگ جي درباري شاعرن مان غياث الدين ۽ شيخ عبيدالله ”آهي“، مشهور ۽ قابل ذڪر آهن. ذڪرِ روضة السلاطين کان منقول آهي، ته ميرزا شاهه بيگ ارغون شاعر هو. مولانا محمد طالب جي ارشاد تي پنهنجو تخلص ”نفسي“ ڪيائين. سندس چيل هڪ شعر، هن هيٺ ڏجي ٿو:

بکسل و پيوند کن خود را به از خود رستئه
ميوهءِ کز شاخ پيوندي بود شيرين ترست
* * *

 

(1) مولانا جلال الدين محمد دواني ابنِ اسعد دوان شهر جي ڳوٺ، گازرون ۾ ڄائو هو. شيراز ۾ تحصيل علوم حاصل ڪرڻ بعد سيد شريف کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري، علامه دهر ٿيو. ”سلطان يعقوب بايندري“ جي حڪم سان، فارس ۾ قاضي القضاه جي عهدي تي فائز هو. عراق، فارس، آذربائيجان ۽ خراسان جا سمورا علماء، مذڪوره مولانا جا شاگرد هئا. مولانا جلال الدين جي متعدد تاليف و تصنيف، عربي ۽ فارسي ۾ آهي، اسي ورهين جي عمر ۾، اڱاري ڏينهن تاريخ 9 ربيع الثاني 908هجري ۾ وفات ڪيائين.

مولانا جلال الدين دواني شاعر به هو. سندس شعر و شاعري ۾ ڪمال پرکڻ لاءِ هن هيٺ سندس هڪ چيل رباعي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ پنهنجي قادرالڪلامي سان، دعويٰ ٿو ڪري، ته لفظ ”اسلام“ بحساب بينه، حضور پر نور حضرت ”محمد“ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نالي جي هم عدد آهي. اهڙي طرح لفظ ”ايمان“ پڻ بحساب بينه حضرت علي جن جي نالي جي هم عدد آهي ۽ پوءِ چوي ٿو ته جيڪڏهن سندم انهن سخن لاءِ گواهي طلب ڪرين ٿو، ته بينات جو قاعدو لڳائي ڏس، ته جيئن توکي وڌيڪ معلوم ٿئي.

رباعي

خورشيد کمال است نبي ماه ولي
اسلام محمد است و ايمان علي
گر بينتي- برين سخن مي طلبي
بنگر کز بينات اسما است جلي

مذڪور مولانا کان، جيئن ڄام نظام الدين متاثر هو، تيئن گجرات جو حاڪم ”سلطان محمود“ به سندس صحبت جو شائق هو. بقول صاحبِ مجالس المومنين، علامه دواني رساله ”انموذج العلوم“ جيڪو مسئله مطالب اصليه و فرعيه تي مشتمل هو، سو لکي، سلطان محمود گجراتي جي نالي سان معنون ڪري، مير شمس الدين محمد جي معرفت کيس موڪليائين ۽ سلطان محمود علامه کي هر سال هزار درهم موڪليندو هو.
(1) سلطان ابو سعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن تيمور (855-872هه) سنه 872هه ۾ اوزون حسن آق قيونلي سان جنگ ڪرڻ بعد شڪست خورده ٿي ۽ ميانه جي نزديڪ اوزون حسن جي هٿ چڙهيو. جنهن ٽن ڏينهن گذرڻ بعد کيس ميرزا يادگار محمد جي حوالي ڪيو. ميرزا هن کي پنهنجيءَ ڏاڏي گوهر شاد خاتون جي قصاص ۾ قتل ڪيو. (تاريخ ادبيات، فارسي، تاليف. پروفيسر براؤن، جلد: 3، ص 389).

صاحبِ معصومي کان منقول آهي ته شاهه بيگ ارغون جو والد امير ذوالنون – سلطان ابوسعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن تيمور جي عهد ۾ ان جي ملازمن ۾ شامل هو. آهستي آهستي هن پنهنجي شجاعت ۽ جوانمردي سان سلطان ابوسعيد جي نظر ۾ اهڙو امتياز حاصل ڪيو جو سندس معاصرين امراء مٿس رشڪ ڪرڻ لڳا. قراباغ واري واقعي بعد امير ذوالنون پنهنجي والد امير حسن بصري ڏانهن هرات ويو. ڪجهه ڏينهن سلطان يادگار ميرزا وٽ به رهيو، اتان پوءِ سمرقند ويو، جتي هن کي سلطان ميرزا پنهنجي نوازشن سان سرفراز ڪيو. وري اتان ٻن سالن گذرڻ بعد، ترخان ۽ ارغون اميرن جي تنازع سببان ٻيو دفعو خراسان ۾ آيو، جتي سلطان حسين بايقرا ميرزا جو منظورنظر بنجي ويو. سلطان حسين ميرزا، غور ۽ داور جي حڪومت سندس حوالي ڪئي، جتي هزاره ۽ تڪدري قبائل وارن نهايت زياده غلبو حاصل ڪيو هو.

صفحو ؛ 7
 

ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون

سنڌ ۾ ارغون خاندان جو ٻيو بادشاهه ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون هو. جيڪو 928هه ۾ پنهنجي پيءُ شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ نصرپور ۾ تخت حڪومت تي ويٺو. هن چوٽيهه سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هي بهادري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. ننڍپڻ کان وٺي بيماري جي وقت تائين هر ميدانِ ڪارزار ۾ فتحمند رهيو. لڙاين ۾ بهادري وارا ڪرتب ڏيکاريائين.

ننڍي هوندي کان ئي کيس علم حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو. علم منقول ۾ ڪافي دسترس هوندي هيس. حڪومت جي ڪاروبار سان جيڪو سبق استاد وٽ پڙهندو هو، تنهن کي فارسي ۾ لکي ڇڏيندو هو.

صاحبِ تاريخه معصومي کان منقول آهي ته، ميرزا شاهه حسن جون فارسي ۾ لکيل اهڙيون ڏهه جزون، قاضي ڏتي سيوستان جي ڪتبخاني ۾ ڏٺائين، جڏهن سندس درس جي حلقه ۾ علم حاصل ڪري رهيو هو.

سمورا فيصلا شرع مطابق ڪيائين. سيدن، مشائخن ۽ علمائن جو نهايت ادب ۽ احترام ڪندو هو. سندن وظيفن ۽ پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪندو هو. بلڪ هرڪنهن سان سندس لياقت موجب رعايت ڪندو هو. ميرزا شاهه حسن اڃا ننڍو هو ته (921هه) ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي والد شاهه بيگ کان ڪاوڙجي، بابر بادشاهه ڏي ڪابل هليو ويو. جتي هن جي ملازمن ۾ داخل ٿيو. بابر جهڙو تجربيڪار ۽ عقلمند بادشاهه، شاهه حسن جي هوشياري ۽ عقلمندي کي ڏسي پنهنجي مصاحبن کي اڪثر چوندو هو ته:

”- شاهه حسن اسان وٽ ملازمت لاءِ نه آيو آهي بلڪ هو انهي ڪري آيو آهي ته هو اسان کان حڪومت هلائڻ جا آداب ۽ قوائد سکي.-“

بادشاهي، نظم و نسق کي برقرار رکندي ظالمن جا هٿ مظلومن تي، ظلم ڪرڻ کان بند ڪري ڇڏيائين. ملڪي سياست، مڪمل نموني تي هلائيندو هو.

ميرزا شاهه حسن ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي پنهنجي چاچي ميرزا محمدمقيم(1) جي دختر ماهه بيگم سان ڪيائين، جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي. هن مان هڪ نياڻي چوچڪ بيگم ٿيس جا ميرزا ڪامران سان پرڻايائين. جڏهن ميرزا ڪامران حرمين شريفين ويو تڏهن چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ هئي، مڙس جي وفات جي ستن مهينن گذرڻ بعد چوچڪ بيگم به اُتي وفات ڪئي ۽ دفن به اُتي ئي ٿي. شاهه حسن ٻي شادي بابر بادشاهه جي امير، مير خليفي جي دختر ۽ محب علي خان جي همشيره گلبرگ بيگم سان ڪئي. ليڪن زال مڙس جي وچ ۾ اڻبڻت هئڻ سبب ٻن سالن گذرڻ بعد ٻنهي جي وچ ۾ جدائي ٿي. جنهن بعد گلبرگ بيگم همايون بادشاهه سان شادي ڪئي ۽ تادمِ حيات هن سان گڏ هئي. سندس قبر دهلي ۾ آهي. ميرزا شاهه حسن کي، ميرزا ابوالمنصور نالي هڪ فرزند ڄائو جيڪو ٻن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

ميرزا شاهه حسن 896هه ۾ تولد ٿيو. 66 سال جيئرو رهيو. 34 سال حڪومت ڪري سومر ڏينهن تاريخ 12 ربيع الاول 962هه جي سومهڻي وقت علي پوٽي پتڻ، تعلقه سيوهڻ وٽ ٻيڙي ۾ لاولد ٿي وفات ڪيائين. ميرزا شاهه حسن جو لاش ٺٽي کڻي ويا، جتي دريا جي ڪناري تي مير احمدولي جي حويلي ۾ بطور امانت جي دفنائي، ٽن مهينن گذرڻ بعد مڪلي جي ٽڪري تي هڪ عمارت تعمير ڪرائي وري اتي دفن ڪيائون. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ۽ ٻيا سمورا ارغون، خواهه ترخان امير، ماتمي لباس پهري ميرزا جي تابوت پويان دفن گاهه تائين پياده پا گڏجي هليا. ٻن سالن جي گذرڻ بعد وري اُتان، لاش کڻائي مڪه معظمه ۾ سندس والد شاهه بيگ جي ڀرسان اتر طرف دفن ڪيائون ۽ اتي مڪي شريف ۾ سهڻي عمارت تعمير ڪرايائون جا مشهور هئي. (تاريخ معصومي، ص 231)

ان وقت جي ڪيترن شاعرن ميرزا شاهه حسن جي وفات تي قطعات چيا، جن مان چند حسب ذيل پيشِ خدمت آهن:

قطعه تاريخه از ”قاسم کاهي“
چون شاهه حسن پادشهه ارغوني
زين بحربر آمد چو دُرِ مکنوني
تاريخه وفاتش ز خرد جستم گفت
دردا که بـــــرون رفـــت ”شـہ ارغوني“

1267-305=962

ڪن تاريخ نويسن ميرزا جو نالو، جهڙوڪ فرشته ۽ ماثرِ رحيمي وغيره وارن، ميرزا شاهه حسين ڪري لکيو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. صحيح نالو ميرزا شاهه حسن آهي. ليڪن غلام سرور لاهوري به پنهنجي چيل قطعي ۾ ميرزا شاهه حسين نالو ڪتب آندو آهي:

چون منزل گزين شد بخلد برين
ازين دهر برچيد دامانِ حسين
بصد حسين تاريخهِ وصلش بگو
”اميرِ جهان تاج احسانِ حسين“

962هه

ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس، ڏهين صدي هجري جي ٽين چوٿائي جي شروع ۾ سنڌ ۽ هند ۾ پهتو، جنهن بابت هن پنهنجو سفرنامو لکيو آهي. هي سنڌ ۾ ان وقت پهتو، جڏهن شاهه حسن ارغون جي اوج جو ستارو غروب ٿي چڪو هو. ازانسواءِ علي رئيس، حاجي ماهه بيگم تي الزام لکيو آهي ته هن پنهنجي مڙس ميرزا شاهه حسن کي زهر ڏنو هو ۽ عدت گذرڻ بعد جلدئي ميرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيو. بهرنوع هي ترڪي اميرالبحر تاريخ 20 ربيع الاول کان 15 شعبان 962هه تائين جمله پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن سنڌ ۾ رهيو. هن ميرزا شاهه حسن، ميرزا عيسيٰ ترخان، ميرزا سلطان محمود ۽ ٻين سمورن اميرن سان روبرو ملي ڳالهايو ۽ ڏٺو، علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي قطعه تاريخ وفات، ترڪي ٻولي ۾ چئي جا بکر ۾ ميرزا مرحوم جي وزير ملاياري ۽ ميرزا سلطان محمود بکري کي ٻين تحفن سان ڏنائين. هي اميرالبحر هئڻ سان گڏ ترڪي ۽ چغتائي ٻولين جو پڻ شاعر هو ۽ تخلص ”ڪاتبي“ ڪيائين.

علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي وفات سومر ڏينهن تاريخ 9 جمادي الاول 962هه (1- اپريل 1555ع) ٻڌائي ٿو، جا نهايت گهڻي ڀاڱي زياده درست آهي. جيئن ته مير معصوم بکري پنهنجي تصنيف ۾ سومر ڏينهن 12 ربيع الاول 962هه لکي آهي.

(ترڪي) قطعئه تاريخ وفات ميرزا شاهه حسن بيگ،

شاه حسن سند که شه ايردي ولي
جيکتي اجل جا ميني تاپتي فنا
هاتفِ غيب ايستي تاريختي
”جنت فردوس مکاني اولا“

962هه

ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون، فارسي ٻولي جو نهايت اعليٰ شاعر هو. هن کي جيڪا شجاعت ۽ بهادري سان مناسبت هئي، انهي بنا تي هن پنهنجو تخلص ”سپاهي“ رکيو. هن جي عدل انصاف ۽ علم پروري جو اواز ايران، خراسان تائين پهچڻ لڳو، جنهنڪري جداجدا ملڪن جا ڪيترائي وڏا وڏا عالم، فاضل ۽ شاعر سنڌ ۾ پهچي ميرزا مرحوم جي نوازشات مان مالامال ٿيڻ لڳا. هن جي ڪيترائي مداح شاعر هئا، جن مان مشهور درباري شاعر هي آهن، جيڪي سندس دربار جي زينت هئا. جهڙوڪ: آگاهه، انوار، اول، ميرابوالمڪارم، احمدمڪراني، بيرم خان، مجرم، حيدر هروي، سريرام، سيار، صفائي طاهرعلي بيگ جلاير، غلام علي، فخري هروي، فيروزهه، مولانا قاسم کاهي، قطب الدين، مسعود، ميران، ميرڪ، نيازي، هاشمي، ياري ۽ يونس.

ميرزا شاهه حسن هڪ ڪامياب مجاهد ۽ ناليوارو بادشاهه هو. هڪ طرف ميدان جنگ ۾ رڌل هوندو هو ته ٻئي طرف عالمن جي مجلس ۾ به مشغول رهندو هو.

سلطان محمد المتخلص به ”فخري“ بن محمد اميرالهروي، هن جا ممدوحين ايران جا بادشاهه هئا. جهڙوڪ: شاهه اسماعيل صفوي (906-930هه) شاهزادو سام ميرزا (932-975هه) امير درميش خان واليءِ هرات (927-931هه) اعتماد الدوله ميرزا ڪمال الدين شاهه حسين اصفهاني (وزيراعظم شاهه اسماعيل) جنهن جو قتل (929هه) تبريز جي عمارت هشت بهشت ۾ مهتر شاهه قلي جي هٿان ٿيو ۽ خواجه ڪريم الدين حبيب الله ساوجي (متوفي 936هه) هئا.

دراصل حقيقي قدردان ۽ فخري جو اهم ترين محمدوح خواجه
ڪريم الدين حبيب الله هو، جنهن جي نالي- لطائف نامه ۽ تحفة الحبيب، موشح ڪيائين. فخري، مذڪور پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ ڪيترائي مدحيه اشعار چيا آهن ۽ خواجه کي هميشه وليءِ نعت چيو آهي.

فخري جي ممدوح خواجه حبيب الله (936هه) ۾ وفات ڪئي ۽ جيئن تيئن 8-10 سال وطن ۾ گذاري، جيئن ٻيا ايراني جيڪي بظاهر حج جي ارادي سان وطن کي خيرباد چئي نڪتا هئا، ليڪن مڪه معظمه پهچڻ کان اڳ سنڌ جي زيارت کان مشرف ٿيا ۽ هتي رهي پنهنجو پاڻ کي آسوده حال ڪيو.

فخري به انهن مان هڪ هو. يقيناً هي 946هه-947هه کان پهرين پنهنجي وطن هرات مان نڪري ڪابل ۽ قنڌار جي سرزمين ۾ امن و امان ۽ سڪون کي محسوس نه ڪندي، سڌو سنڌ ۾ اچي نڪتو. هي اهو زمانو هو، جڏهن ميرزا شاهه حسن ارغون سنڌ ۾ پنهنجي قوت سان هيبت ۽ دهشت جو هڪ عالم پيدا ڪري ۽ پوءِ اطمينانِ خاطر سان فرمانروائي ڪندو رهيو. ازانسواءِ همايون بادشاهه وارا، اڍائي سال گردشِ روزگار به هن پنهنجي اکين سان ڏٺا. شاهه حسن جي جن مجلسن جو ذڪر هن پنهنجي تصنيفات جي ديباچن ۾ ڪيو آهي، سي يقيناً دارالحڪومت جون صحبتون ۽ مرڪز جون درباري مجسلون هيون.

توران ۽ خراسان وارا دوست احباب، لاتعداد اهلِ زبان ۽ اهلِ وطن، هتي پهرين کان ئي موجود هئا. فخري جو دوست ۽ هن جو وليءِ نعمت خواجه حبيب الله ساوجي جو، ٻيو وڏو مداح يعني، حبيب السير جو مؤلف خوند مير، ان زماني ۾ جڏهن فخري اڃا هرات ۾ خواجه حبيب الله جي مداحي ۾ مصروف هو ته سنڌ ۾ پهچي ۽ پوءِ هتان هندستان هليو ويو. ليڪن هن جي خاندان جا ٻيا ڪيترائي فرد ۽ قريبي عزيز خويش هتي ميرزا شاهه حسن وٽ وڏن وڏن منصبن تي فائز هئا. هرات جو پوراني خاندان سو به هتي موجود هو. مشهور شاعر، شاهه حسين تڪدري المتخلص به ”مجرم“ سو به هتي جي امارت تي مامور هو. مخدوم محمود، سيد مير ڪلان، مولانا مصلح الدين لاري، مولانا يوسف سمرقندي، شيخ الاسلام شاهه قطب الدين خراساني، شيخ الاسلام سيد مير صفائي، شيخ الاسلام قاضي محمد هروي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا اڻ ڳڻيا حضرات، جن ۾ ڪيترائي فخري جا دوست ۽ آشنا هوندا، سي سمورا موجود هئا. هرات جو مشهور ڪليجه پـُـز شاعر ”حيدر هروي“ سو به پهرين کان ئي شاهه حسن ارغون جي مداحي ۾ هتي مصروف هو. شاهه جهانگير ”هاشمي“ پنهنجي مثنوي، مظهرالاثار- (940هه) شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪري ٺٽي ۾ لکي چڪو هو. جنهن جي ”سبب تاليف“ مان چند بند حسب ذيل پيش ڪجن ٿا:

اين چمن از گلشنِ جان آمده

تازه بهاري به جهان آمده

باد مبارک به سپهدار عهد

آنکه سبق برد ز اقران بجهد

”شاهه حسن“ خسروِ شيرين سخن

اَنبتـہ اللهُ نباتاً حسن

صبح صفا طلعتِ موزون اوست

سايئه حق ذاتِ همايون است

فطرتِ او مظهرِ احسان و حلم

حضرتِ او مرجعِ اصحاب علم

هرچه باصحابِ خرد مبهم است

راهِ صوابش بهمه ملهم است

بر ظفر در دمِ رهگير اوست

صرصرِ فتح از نفسِ پير اوست

گلشنش از بادِ خزان خم مباد

سايئه او از سرِ ماکم مباد

ديد رخش ”هاشمي“  و بر شگفت

اين دوسه بيت از سرِ اخلاص گفت

اي ز جمالِ تو جهان غرق نور

چشمِ بد از روئي نکوئي تو دور

هست رخت مهرِ سپهرِ جمال

طبعِ تو در غايتِ حسن و کمال

طبعِ خوش و جوهرِ ادراک تو

دال بود بر گهرِ پاک تو

ناظمِ آبادئي عالم توئي

آنکه مسيحا ست درين دم توئي

بود جهانرا ز فلک صد خطر

چتر تو شد برسرِ دوران سپر

تيغِ تو سر دفترِ لشکر کشان

گرزِ تو، گردن شکنِ سر کشان

اوجِ فلک رو بزمينِ تو باد

روئي زمين زيرِ نگينِ تو باد

اين سخن از نامِ خوشت ارجمند

شعر مرا پايه ز نامت بلند

(ص. 40)

اهڙي سازگار ماحول ۾ فخري جڏهن هتي پهتو تڏهن يقيناً غريب الوطني، جو احساس هن کي نه ٿيو هوندو. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن  نه هن جي لاءِ ديارِ فرخندهءِ آثار ٿئي.

تحفة الحبيب ۾ ميرزا شاهه حسن جي مدح ۾ چيل سندس اشعار جيڪي فخري بعد ۾ به شامل نه ڪيا آهن. جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته فخري جي ميرزا شاهه حسن سان واقفيت اُتان سڌي هرات مان ٿي هئي.

فخري جڏهن هتي پهتو ته فضا ۽ ماحول سازگار هو. شاهه حسن جي دربار آراسته هئي. جنهن ۾ هراتي شعرا نغمه سرا هئا. اُتي جي علمي ۽ ادبي محلفن جو، جا ڪالهه جي ڳالهه هئي، تنهن بابت ذڪر اذڪار وقتاً فوقتاً ٿيندو رهندو هو. ڪتاب ۽ شعراء جا دواوين هتان اچڻ وارا، پاڻ سان تحفتاً آڻيندا هئا. جهڙوڪ: روضة السلاطين جي تاليف کان پهرين شاهه حسين بايقرا ميرزا جو ديوان ميرزا شاهه حسن وٽ پهچي چڪو هو ۽ پوءِ اهوئي ديوان، تذڪره روضة السلاطين جي تاليف جو باعث ٿيو.

فخري، ميرزا شاهه حسن سان تقريباً پنڌرنهن سال (947هه-962هه) يا اُن کان به زياده عرصو وابسته رهيو. انهي دؤر جي اندر هن ڇا ڇا ڪيو؟ سو ته منڪشف نه ٿو ٿي سگهي، ليڪن فخري، انهي عرصي ۾ شاهه حسن جي نالي سان معنون ڪيل ٻه ڪتاب روضة السلاطين ۽ صنايع الحسن، تاليف ڪيا جيڪي اڄ تائين اسان کي ان دؤر جي ياد ڏيارين ٿا.

روضة السلاطين

روضة السلاطين (56-958هه). ميرزا شاهه حسن ارغون، مغل بادشاهه هو. جنهنڪري فطرتاً هن جي طبيعت ۾ سختي ۽ تندي هئي. سنڌ تي تسلط ڪرڻ بعد سياست جي بنا تي هن سنڌ ۾ هرهنڌ پنهنجا امير ۽ قبيلن جا ماڻهو مسلط ڪيا ته، جيئن ڏيهي ماڻهو سامهون نه ٿين. ليڪن جيسين تائين شعر و سخن، علم ۽ ادب جي فروغ ۽ اهلِ علم ۽ فن جي پرورش ۽ سرپرستي جو تعلق آهي، سا هن اُهائي روش قائم رکي، جيڪا مرڪزي ايشيا ۾ ٻين مغل حڪمرانن جي رهي هئي، يعني هڪ هٿ تلوار جي هيٺان نڪتل انسان جو خونچڪان سر! ۽ ٻئي هٿ ۾ مثنوي شريف حضرت مولانا روم جا ڇهئي دفتر! هڪ طرف انساني کوپرين جا مينار بنجي رهيا آهن ته ٻئي طرف درباريون آراسته آهن، جتي اهل علم ۽ فن، انبوهه درانبوهه پرورش پائي رهيا آهن.

ميرزا شاهه حسن ارغون انهن سمورين مغليه خصلتن جو پورو پورو مظهر هو. اهڙي ستم پيشه فطرت سان گڏوگڏ هـُـو ادب پرور، علم دوست هو، فن جو قدردان هو ۽ خود به شاعر ۽ شعراءَ نواز هو. سام ميرزا تحفئه سامي ۾ ميرزا شاهه حسن جو نقاش (چترڪار) هجڻ پڻ بيان ڪيو آهي.

”بحدتِ ذهن و دوام عيش مشعول بوده و
گويند: در تصوير گاهي دستي دارد و گاهي
بگفتن نظم خاطر ميگمارد-“

فخري جڏهن ميرزا شاهه حسن جي علم نواز دربار ۾ پهتو تڏهن قصائد سان گڏ، هن ڪتاب به لکي سندس نالي معنون ڪيا. سڀ کان پهريون ڪتاب ”روضة السلاطين“ آهي. ڪتاب کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته مذڪور ڪتاب جي تاليف 26 ربيع الاول 957هه ۽ 21 ذيقعده 958هه جي وچ ۾ ٿي. ان کانپوءِ ڪتاب ۾ ڪجهه اضافا به ڪيا اٿس.

فخري جو هي تذڪرو نه فقط ان ڪري اهم آهي ته، پنهنجي موضوع جي لحاظ کان اولين تذڪرو آهي، بلڪ مطالب جي لحاظ کان به ان جي اهميت ۽ قدر و قيمت بيش از بيش آهي. روضة السلاطين جي شروعات هن ريت ٿو ڪري:

حمد ۽ نعت کانپوءِ، اما بعد هي حقير فخري ابن محمد اميرالهروي، اعظم و جم جاه سڪندر وقار، ابوالفتح ميرزا شاهه حسن غازي خلدالله ملڪـہ جي مجلس ۾ ويٺو هو.

اَن بحر بيکرانه آن گوهرِ يگانه

آن سرورِ زمانه آن قبلئه قبايل

آن افتخارِ آدم آن نامدارِ عالم

آن شهر يارِ ملهم آن کامگارِ کامل

آن دافعِ مخالف آن نافعِ موافق

آن قاطعِ منافق آن جامعِ فضايل

رشکِ جم و فريدون نقدِ شجاع دوران

چشم و چراغ ارغون شاهِ حسن خصائل

در بزم کامراني سر حلقئه سلاطين

در باب نکته داني سر دفترِ افاضل

ميرزا سلطان حسين بايقرا جي ديوان کي ڏسڻ بعد، ميرزا شاهه حسن ارغون جي ارشاد تي، سمرقند، خراسان جي چغتائي، اوزبڪ، امير تيمور جي ابن ڏاڏن بادشاهن، ازانسواءِ هندستان، عراق ۽ روم جي سلاطين جي ڪلام جي انتخاب ۽ احوال سميت ستن بابن ۾ تذڪري جي صورت ۾ لکي مٿس ”روضة السلاطين“ نالو رکيم. هن ۾ بادشاهن ۽ انهن جي وزيرن، اميرن جو ذڪر ڪيل آهي. تذڪري جي آخر ۾ فخري پنهنجي ڪرم گستر ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ قصيده چئي لکيو، جيڪو حسب ذيل آهي:

قصيده

در مدح ميرزا شاهه حسن بيگ از سلطان محمد

”فخري“ بن محمد امير هروي

ساقيا! خيز، که آمد شهِ انجم به حمل

باده در ده، که به عشرت به ازين نيست عمل

قد بر افراز پئي عشرت و بردار قدح

رخ بر افروز روان، از مي و بگذار قبل

بتئه پيرهن از خانه، سوئي سبزه خرام

کز شقايق شده پر دامن صحرا و جبل

بجمالِ تو، که نبود چو تو، در حسن کسي

اي تو! درحسن و جمال، از همه خوبان اجمل

سرِ تسخير خيال تو، غزاتم خوانيست

شب که، برکرد خود از هاله نه مايد منزل

گر تو باز آئي و پيرانه سرم پرسي حال

ماضئي عمر گرانمايه شود مستقبل

عوضِ جان عزيزي، و ترا نيست عوض

بدل عمر شريفي، و ترا نيست بدل

عکس ابروي تو، در جام گرافتد چو هلال

چه شود گر شود آئينه جانرا صيقل

رند را درد سري، گذ بود از رنج خمار

گر بمالد سر از لاي تـہ خم صندل

دست کوتاه نسازد ز مي بيغش صاف

هيچگه غم نخود از روش چرخ دغل

خاصه وقتي که چمن را ز بهار ست خريد

در شگوفه همه بستند درختان ململ

گرچه، يکچند شد از باد درختان سرسبز

عور بي برگ و نوا همي فقيران قبل

از زمستان سخن سرد صبا بس که رساند

شد گره در دل باغ و چمن آويزه خلل

هرچه مي بود نهان، در چمن از بهمن و دي

باز از بازئي دؤرِ حمل آمد به عمل

باز در صحن سرا پرده گلزار شدند

نو عروسان رياحين بحلي و بحلل

از چمن باردگر چهچئه بلبل برخاست

هر طرف قهقهئه کبک بر آمد ز قلل

باز قمري ز سرِ سرو بر آورد آواز

تا مسجع کند آغاز همه صوت و عمل

بس که شد چون پرطاؤس ز گل روئي زمين

پر زنان حمد خدا عزوجل گويد جل

سبزه نوخيز و چمن خرم و گل ريز نسيم

عندليبان، بسر شاخ سراينده غزل

غنچه بنمود صراحيءِ زمرد در باغ

جام زر کرد برون نرگس رعنا ز بغل

بس که آمد رشحاتِ کرم از ابر بهار

گشت از کثرتِ نم پوششِ خارا ز عمل

چار لوحي شده گويا چمن از نقش و نگار

هر طرف آب روان راست چو سيمين جدول

ورق مصحف حسنست گلستان و برو

هر گلي آيتي از خامئه قدرت منزل

برسر باغ سفيدار ازان ميلرزد

که بسد ديده ز چشمِ بد ايام خلل

باغ زينسان که بنو خلعت نو روزي ساخت

اطلسِ چرخ نپوشد که بود مستعمل

درچنين فصل که بستان، ز لطافت بنظر

همچو گلزار خليل آمده خالي ز خلل

داد فرمان دهِ گل يار و بر آمد بر تخت

بر درِ بارگهش لاله فروزان مشعل

در بساطِ چمن افکنده صبا بهر نثار

هرچه از سرخ و سفيدش بکف آمد دستل

نسترن برسرِ گل خرکه کافور زدي

راست چون بزمگهِ پادشهِ ملک و ململ

اخترِ اوج جلال و گهر بحر کمال

شهِ جمشيد مثال و مهِ خورشيد مثل

غيرتِ جملئه سلطان زمان شاه حسن

محض لطف و کرم حضرتِ حق عزوجل

اي! در انديشهءِ بزمت همه ارباب کمال

وي! کمر بستئه عزمت، همه اصحاب دول

حارسِ ملک ترا، هست قضا حکم پذير

فارسِ عزم ترا، ابلقِ ايامِ کسل

ابر را صرصر تقدير بر آورده نگون

يا کتل برده جنيبت کشِ عزمت بکتل

اخترِ دولت و اقبال ترا خاصيت است

که برد نحسيت از فطرت مريخ و زحل

اي! تو اسکندر و دارا فرو خورشيد ضمير

هست آئينهءِ تو، چرخ و مهِ نو صيقل

ضبط ملک تو چنانست که درکل امور

غير تقدير محالست کسي را مدخل

جهته سوختن خصم همانا که يکيست

لمعئه تيغ تو و شعلهءِ شمشير اجل

عقل اول که، بردنام شهان بر منبر

اول آنست که القاب تو خواند اول

از سپاه تو، قضا و قدر آيد بجدال

با تو در رزم، کرا زهرهءِ يارائي جدل

وصف شمشير تو، در گردن مريخ فتاد

تا بود راست چو در گردنِ طفلان هيکل

دست و تيغ تو کند روي زمين را گلگون

ميل رمسح تو، شود چشم فلک را مکحل

کرد ميدان قتال تو، گر اکسير نبود

ورقِ چهرهءِ دشمن، ز چه روشد زر حل

گر نهيب تو زند بانک بدوران ز عتاب

همچو طفلان چه عجب حادثهءِ گردد احول

کوه اگر وقت خطابِ تو نيابد بجواب

صرصرِ قهر تو اش، زود کند مستاصل

قاف قدر تو، چنانست برفعت که ازو

ماند صد پايه تماشا که کيوان اسفل

سرکشان جمله به پيکار تو گردن به نهند

ساربانانِ تو، دربار چو آرند جمل

گر نه تدبير تو، در حفظ ممالک باشد

کار عالم، شود از فتنهءِ سراسر مختل

هر کرا شحنهءِ عدلِ تو گريبان گيرد

از نهيب تو، زند دست بدامان اجل

خرم و تازه چمن در قدمت باغ مراد

پر برد باز ز دستِ کرمت شاخِ امل

پيش احسان تو دست کرم حاتم چيست

قلم زنبق پر غنچهءِ سر پنجهءِ شل

قطرهءِ گر فتد از شبنم لطفِ تو بخاک

چه عجب گر بچکد آب حيات از حنظل

هاديءِ لطف تو از هرکه عنان بر تابد

ماند از کعبهءِ مقصود بچندين مرحل

تو بنزديک همه اهل سعادات اسعد

تو بنزدِ همه اصحاب فضايل افضل

مشکلي را که خرد پيش تو خواهد، گويد

حال ناگفته، شود از نظرِ لطف تو حل

يک حديثِ تو، شود عالم جانرا فياض

يک نگاهِ تو، دهدکار جهانرا فيصل

خواستم، پيش تو از بخت خمي، گويم باز

خردم گفت: که باز اي ازين رائي گسل

هست بر آئينهءِ راي منيرش، روشن

تا ابد هرچه مصور شده از روز ازل

همچو ”فخري“ بدعائي تو سخن ختم کنم

صورت حال نگويم که دعا راست محل

بحق و حرمتِ آياتِ مبينِ و ناطق

بحقِ جمله رسولان امينِ مرسل

دارم اميدکه، تا هست جهان عمر تو باد

بمرادِ تو، بود بخت بوجه اکمل

هرکه، فرمانِ خداوندئي تو نپذيرد
اجلش باد، بفرمانِ خداوند اجل

تذڪره روضة السلاطين ۾ ڪن سلاطين ۽ امراء جا اهڙا حالات ڏنا اٿس جي ڪنهن ٻئي تذڪري يا ڪتاب ۾ نه ٿا ملن. ازانسواءِ تاريخي لحاظ کان خاص اهميت رکي ٿو. ڪي ته اهڙا به بادشاهه ۽ امراء آهن، جن متعلق پهريون دفعو مذڪور ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته هنن به شعر چيو هو. فيروزشاهه بحيثيت شاعر، ابوالحسن لانگاه، ملڪ شمس الدين پوز خان، ملڪ فخرالدين ۽ ملڪ حسام الدين وغيره پهريون دفعو سامهون آيا آهن.

ڪتاب لکڻ وقت فخري جي سامهون، تذڪره دولت شاهه سلسلة الذهب جامي، ظفرنامئه يزدي، تاريخ حبيب السير ۽ مجالس النفائس ماخذ جي طور تي هئا، فخري، ”لطائف نامه“ ۾ پنهنجي طرفان اضافو ڪيل مجلس نهم جي قسم هشتم ۽ نهم کان ڪافي مدد ورتي آهي. بلڪه ڪن هنڌن تي ساڳيائي حالات ۽ اشعار نقل ڪيا اٿس جيڪي لطائف نامه، ۾ لکي چڪو هو. ڪتاب جي زبان سادي ۽ سليس آهي.

سنڌ جي سلسلي ۾ ”روضة السلاطين“ جي ذريعي بلڪل نوان انڪشاف ٿين ٿا، مثلاً:

(الف) شاهه حسن ارغون جي علمي مجلسن طرف اشارا.

(ب)    خراسان مان ڪتابن جا تحفا آڻڻ.

(ج)    شاهه حسين بايقرا ميرزا جو ديوان جڏهن دربار ۾ آندو ويو تڏهن شاهه حسن جو ادب ۽ احترام سان اٿي بيهڻ.

(د)     پهريون دفعو معلوم ٿيو اهي ته شاهه حسن ارغون جو والد ميرزا شاهه بيگ ارغون به شاعر هو ۽ نفسي تخلص ڪيائين. نموني طور شعر به ڏنل آهي.

(هه)    ميرزا شاهه بيگ نحو تي هڪ ڪتاب، موسوم به ”متخذالعجاله“ لکيو.

(و)     ميرزا شاهه حسن جا ڪي حالات ۽ ان جا اشعار ڏنل آهن، جيڪي پهريون دفعو اسان جي سامهون آيا آهن.

صنايع الحسن

فخري ٻيو ڪتاب، صنايع الحسن (بعد از 958هه) سنڌ ۾ لکي
ميرزا شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪري، انهي مناسبت سان ڪتاب جو نالو ”صنايع الحسن“ رکيو، مذڪور ڪتاب جي شروعات به هن ريت ٿو ڪري.

حمد ۽ نعد کانپوءِ امابعد، هي قليل البضاعة فخري، ابن محمد اميري الهروي، هڪ ڏينهن، سپهرِ مهر عظمت و جلال ميرزا شاهه حسن ارغون جي مجلس ۾ حاضر هو.

رشکِ جم و فريدون نقد شجاع و ذوالنون

چشم و چراغ ارغون شاهه حسن خصايل

در بزم کامراني، سر حلقه سلاطين

در باب نکته داني، سر دفترِ افاضل

او بحر بيکرانه، او گوهر يگانه

او سرورِ زمانه، او قبلئه قبايل

او افتخارِ اعلم، او نامدار عالم

او شهريارِ ملهم، او کامگارِ کامل

او واقع مخالف، او نافع موافق

او قاطعِ منافق، او جامع فضايل

دائمي علم و ادب جي مجلس ۾، مبارڪ ۽ نيڪ ساعت ۾، علم بيان ۽ علم صنايع و بدايع تي گفتگو ٿي، جنهن بعد علي الخصوص، نوجوان شاعر جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ علم بيان جون خوبيون ۽ صنايع و بدايع جون صنعتون مختلف اشعار جي مثالن سان بيان ڪيل آهن. مذڪور ڪتاب جي لکڻ وقت فخري پنهنجي وقت جي استادن، خواجه نصير طوسي، رشيد و طواط، وحيد تبريزي، شرف بن محمدالرامي، مولانا قطب الدين، علامه شمس قيس، صاحبِ مفتاح، اخفش نحوي، خصوصاً امير عطاء الله مشهدي، مولانا حسين واعظ، امير سيد حسين اردشير جي ڪتابن جهڙوڪ: بدايع الصنايع، بدايع الافڪار ۽ صنايع الاشعار وغيره جيڪي ماخذ جي طور تي هئا، تن تان مدد ورتي وئي آهي.

فخري، مذڪور ڪتاب ۾ صنايع شعري کي بيان ڪندي سند ۽ مثال جي طور تي، جتي ٻين اساتذه جا اشعار آندا آهن، اُتي هن پنهنجا اشعار به مثال طور آندا آهن، جي گهڻو ڪري اُنهن قصيدن مان ڏنل آهن، جيڪي هن ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ چيا آهن ۽ هتي اسان هن جا اهڙا اشعار ڏئي رهيا آهيون. جهڙوڪ هي شاهه حسن جي مدح ۾ آهن:

شجاع دولت دين، کافتاب همت او

برون ز چرخ برين، ميکند هميشه مدار

مدار مرکزِ ملکست و از محيط کفش

نرفت ز ورق انديشهءِ دلي يکبار

هي ذوالقافيتين ۽ ردالعجز علي الصدر جي صنعت ۾ چيو اٿس.

تا گذر کرد بر آن سلسلهءِ مشکين، باد

گفت، برنافهءِ آهوئي خطا نفرين باد

ياد جاويد خر اميد نت، اي آب حيات

کاتش جان من سوخته را، تسکين داد

داد از روز جدائي شب تنهائي را

که نداد است کسي جور و ستم چندين ياد

ياد کن از دل غمگين من، اي جان عزيز

که بود نيز، بيادِ تو دلِ غمگين شاد

شاد مانم بدعائي تو و گويم، که مدام

يارب! اين شاهه حسن خلق فلک تمکين باد

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل قصيدي جا بند آهن:

ز هي رخ تو، گل تازه، ز گلشن جان

قد تو، سرو رواني، ز بوستانِ روان

بخواب غمزه آن چشم مست، شيخ و مريد

اسير حلقهءِ آن زلف است، پير و جوان

منم، فتاده بکنج غم تو، زار و نزار

سر شکم از مزه، هر گوشهءِ دري تو روان

ز جان، بمحبت عشق تو، رفته صبر  و قرار

بتن، ز رنج فراقت، نمانده تاب و توان

به بين! که بادل صد پاره، هر شبي تا روز

ز ديدهءِ، پي روي توام، ستاره فشان

چنين که بي تو مراشد بباد خرمن عمر

سترد که، آتشِ آهم رسد بکاهکشان

رقيب چند کشد ساغر وصال ترا

چه شد، مراهم ازين باده، جرعهءِ بچشان

تو کامياب شهي، بر سرير کشور حسن

تو آفتاب منيري، ميانِ ماه و شان

بر آستان تو، شاهان دور، خاک نشين

براي، خاک نشين در تو، شاهه نشان

برون خرام، سهي سرو من! شگفته چوگل

گذر بجانب بتان و کاسهءِ بستان

بنوش، جام ميءِ لاله گون، و از رخسار

چو لاله، آتش ديگر فروز، در بستان

چرا ز دست نهدکس قدم، که مرغ چمن

حديث رافت شه، ميکند بصد دستان

جهان پناه و عدالت شعار، شاهه حسن

که اوست خسرو دارومدار امن و امان

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل بيت آهن:

ايا سپهر جلالت امير شاهه حسن

که حسن راي تو در سلطنت بود دستور

توئي! که صفحئه تيغت، بخط آيهءِ فتح

بود ميانهءِ شاهان، صحيفهءِ منشور

فگنده مار بصحرا، ز بيم قهر تو، زهر

بچشم مار، در آيد بدور عدل تو، مور

شاهه حسن جي تعريف ۾:

اي غم! بدار دست زمن، ورنه داد من

نصرت قرين تهمتن صاحب قرآن دهد

گردون جناب شاهه حسن، آنکه راي او

نور و ضيا، بمهر و مه آسمان دهد

شاها! ظهير اگرچه به ممدوح خويش گفت

اين بيت را، که ياد  باهلِ زمان دهد

نه کرسئي فلک نهد انديشه زير پاي

تا بوسه بررکاب سمندب بجان دهد

يارب بحق روح رسولي، که از درش

کردي فروغ ناصيئه سرکشان دهد

بادت جهان بکام، که در پاس مملکت

عدلت شبان بگرگ طريق شبانه دهد

شاهه حسن جي لاءِ دعائيه لکي ٿو:

شه يکتاي، روشن اي، ملک آراي، دين پرور

حسن نام و حسن خلق و فلک قدر و ملک منظر

محمد خوي، يوسف روي، يحييٰ قدر و صالح وش

سکندر جاه، و خضر الهام و موسيٰ دست و عيسيٰ دم

ذوالبحرين جي صنعت کي بيان ڪندي، مندرجه ذيل اشعار بطور مثال جي ڏئي ٿو:

حامي دين، والي کشور کشاي

گرهرِ او، مظهر، لطفِ خداي

مملکت آراي، چو نوشيروان

کشور او، مسکن امن  و امان

شيوهءِ او، خدمتِ آلِ رسول

ديدنِ او، شادي جان ملول

پنجئه او، است چو شاخِ ثمر

ريخته در دامن سايل گـُـهرَ

ديده جان نوروز، از روي او

سايهء دل بهره بر، از کوي او

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل قصيدي جا چند بند آهن:

گويا که رسم خسروِ صاحب قرآن گرفت

زانرو که قافت هر همه بحر و بر آفتاب

گردون جناب شاهه حسن آنکه در شرف

از آستان اوست يکي چاکر آفتاب

شاها! سرِ سپاه همه خسروان، توئي

زان سانکه، بر سپاه کواکب، سر آفتاب(1)

بقول پير حسام الدين راشدي، فخري جو ڪتاب صنايع الحسن نهايت ئي نادر الوجود آهي. اڃا تائين ته فقط ان جي ٽن قلمي نسخن جي خبر پئي آهي.

(1-2) برلن جي ڪتبخاني ۾ ”صنايع الحسن“ جا ٻه خطي نسخا موجود آهن.

پهريون نسخو (3171) نمبر تي آهي، جنهن جي ڪتابت سال (981هه) ۾ ٿي.

(ورق 9 کان 60 ب تائين) اهو نسخو ايلٽ (Elliot) جي ذخيري ۾ هو.

ٻيو نسخو شماره (1372) تي آهي. جنهن جي ڪتابت دهلي ۾ سال (1169هه) ۾ ٿي.

(ورق 182 کان 245 تائين) هي نسخو اوسلي (Ouseley) جي ملڪيت ۾ رهيو آهي.

(3) ڪتبخانئه باڪيپور پٽنه: شماره (848) تي موجود آهي. ڪتاب تي نواب سيد ولايت علي خان ۽ نواب خورشيد (1282هه) نواب پٽنه جون مهرون اول ۽ آخر ۾ ثبت آهن.

قصيده

در مدح ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون

از حيدر کلوچ هروي

پرده ز رخ بر گرفت، لعبت سيمين بدن

چهره ز ساغر نمود يوسفِ گل پيرهن

ديدهءِ گردون بريخت اشک شفق گونه ساخت

دامنِ افلاک را، پر ز عقيقِ يمن

خسروِ خاور رسيد، صبحدم از گرد راه

بر ز بر کوه زد، خيمهءِ زرين رسن

صبح چو مشاطگان طرهءِ مه تاب داد

مه، ز پسِ سر فگند، گيسوي عنبر شکن

نسترن از برگ ساخت، چتر زمرد سفيد

باد سحرگه بريخت،برگ گل از نسترن

شد ز تب و تاب مهر، رويءِ فلک خونفشان

بود اگر شبنمي، ريخت ز برگِ سمن

آتشِ موسيٰ نمود، صبحدم از کوه طور

مايهءِ دل بيستون سوخته بر کوه کن

آئينهءِ مهر را، بهر عروسِ جهان

صيقليءِ صبح ساخت، پاک بوجه حسن

بسته فلک بر ميان، قرص زر جعفري

يا پئي تيرِ شهاب، ساخته از زر مجن

گر نفروزد چراغ، مشعله دار فلک

از پئي بزم تو چيست، اين همه شمع و لگن

من که سراسر سخن، در صفت خور نهم

کي بود اين گفتگو، درخور احوال من

از همه کاري که کرد، دل بجهان اختيار

درهمه چيزي که هست، داخلِ سر و علن

به که برد بر زبان، نام سپهر آستان

شاهِ حسن در جهان، شهره بخلقِ حسن

شمع منور ضمير، غيرتِ مهرِ منير

اخترِ گردون سرير ماه سپهر انجمن

باعثِ امن و امان، صاحب دؤرِ زمان

داد ده جم نشان، رستمِ لشکر شکن

هم بشجاعت علم، هم بسخا و کرم

صاحبِ سيف و قلم، حامئي دار و رسن

برسرِ کوئي مصاف، آمده بي کذب و لاف

تيغ تو خارا شگاف، تير تو مرد شکن

بختيءِ گردون کشد، بهرکمين خادمت

روز و شب از مهر و ماه، بارکش و بلعزن

فطرتِ احباب تست، لايقِ جاه و جلال

طينتِ اعدائي تست، در خورِ دارِ محن

از پسِ حشمت خدا، داده سليمانيت

از پئي فقر و فنا حال اويس قرن

اي حبش و زنگبار، هندويءِ هندويءِ تو

هم ز کمر بستگان، ترک و خطا و ختن

با تو ز احوال خود، يک دو سخن ميکنم
يک نفس، از لطف کن، گوش بر احوال من

عشق و ملامت مرا، راه غريبي نمود

کس چو منِ ناتوان، دور مباد از وطن

ز آتش هجران مرا، بود بدل داغها

باز ز سرِ تازه شد، اين همه داغِ کهن

باغمِ هجران يار، عمر چسان بگذرد

خسته دلي را که ماند، جانِ جدا از بدن

مطلع

آهِ جهان سوز عشق سوخت سراپائي من

وز دل و جان شعله زد، آتش آن سيمتن

شوقِ وصالم ربود، اين غزلم رو نمود

شب چو ز هجران فزود، درد منِ ممتحن

مطلع

اي خجل از عارضت، برگ گل و نسترن

وي ز خطت منفعل، نافهءِ مشکِ ختن

پيش خطت چون کسي، دم زند از مشکناب

با رخت از آفتاب، کيست که گويد سخن

بخت بلند اخترت، پايه بگردون رساند

تافت بر اهل جهان، همچو سهيل از يمن

خوش دمِ صبحي بود، کز سرِ مهر افگند

سايه بر اطراف باغ، سرو گل و نارون

تازه رهِ دلبري، سروِ خرامانِ تو

گشته بجلوه گري، مايلِ طرفِ چمن

غنچه و سوسن ترا، ديده و بکشوده اند

اين بثنايت زبان، و آن بدعايت دهن

هست چو حيدر مرا، ذوق دعا گوئيت

شايد اگر بر دعا، ختم نمايم سخن

تا دهد از روي مهر مشعلِ مه روشني

تا بمه و مشتري، ماه شود مقترن

کوکبِ بختِ ترا، هيچ زوالي مباد

شمع مرادِ تو باد، دؤر ز باد محن

هاڻي اسان ميرزا شاهه حسن بيگ، تخلص ”سپاهي“ جي ڪلام مان چند غزليات ۽ ڪجهه رباعيون پيش ڪريون ٿا ته جيئن قارئين، ميرزا مرحوم موصوف جي شاعري ۾ تغزل جو انداز ۽ رنگ ڏسي پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهن. حسب ذيل ڪلام ڪتاب روضة السلاطين، تحفة الحبيب ۽ خلاصة الاشعار وغيره تان نقل ڪيل آهن.

غزل

مقيم ميکده بودن مرا بموي شرابست

درين مقام نباشد مقيم حال خرابست

گذشت روز بيا ساقيا که ماه نو آمد

بگير باده که ميخانه را مفتح البابست

ز آب روي خودم دست و سينه در رهِ عشق

وفا و مهر تصور ز تو مثال سرابست

کجائي اي زمي افروخته جمال تو گل گل

بيا که مرغ دل من بر آتش تو کبابست

ز دوزخ و ز عذابش که گفت واعظ نادان

فراق تو سقر و ديدن رقيب عذابست

برخ نقاب گرفتي چو جام باده کشيدي

بيا و پرده برافگن ز چهرن اين چه حجابست

0ازان بکار جهان دل نه بسته است ”سپاهي“

که ديده است يقين سربسر جهان خرابست

ايضاً

هر که در سلسلئه دست تمنا زده است

دلِ ما دست دران زلف سمن سا زده است

بي گلِ روئي تو امسال رياحين چمن

ز آه سردم همئه پز مرده و سرما زده است

نه گل ست آنکه شگفت ست درين باغ بهار

شعلئه روئي تو آتش به چمنها زده است

لاله با داغ دل و خونِ جگر فصلِ بهار

چون ”سپاهي“ علمِ خويش بصحرا زده است

ايضاً

ز آتشين رخِ او خط عنبرين برخاست

بجان زد آتش و دودِ دلِ حزين برخاست

فشاند زلف معنبر بروئي چون مصحف

شعار کفر ازان روز اهل دين برخاست

بناز و عشوه نشستن ميان مه رويان

هزار فتنه و اشوب از کمين برخاست

اگرچه سرو سهي خاست در چمن بسيار

ولي يکي نـُـه چو قد تو نازنين برخاست

هر آن خدنگ که بر دل زدي ”سپاهي“ را

نشست تير و ز شصت تو آفرين برخاست

ايضاً

چه تير بود که آن چشم نيم خواب انداخت

که مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت

از ان سبب شده عالم بچشم من تاريک

که يار بر رخِ خورشيد خود نقاب انداخت

چو وصف آن درِ دندان شنيد روزِ ازل

گـُـهرَ ز شرم روان خويش را در آب انداخت

ز آفتاب تفِ من مگر حجاب نمود

و گرنه پرده جرا پيش آفتاب انداخت

بلطف خواند سگِ خويشتن ”سپاهي“ را

ز لطف خويش چو در گردنش طناب انداخت

ايضاً

دلِ ديوانه چنان در خمِ زلفِ تو نشست

که بزنجير بجائي دگرش نتوان بست

خلق گويند درين شهر مسلماني نيست

روي چون قبله نما تاهمه گويند که هست

گفتئه بي رخِ ما حال تو چون است؟ مپرس

آنچه شبها گذرد در دلِ خورشيد پرست

سر بپايت نهم از زلف بدستم نرسد

هر کجا بر نتوان جست فروبايد جست

گرچه صد چاک شد از هجر رخت دامنِ گل

دامنِ وصل تو نگذاشت ”حسن شاهه“ ز دست

ايضاً

عشقت که بود مايئه اسباب سلامت

مارا نبود حاصل ازو غير ملامت

آن کس که شود کشته بشمشير جفايت

نبود هوسِ زندگيش تا به قيامت

عمريست که اي سرو خرامنده گذشتي

غايت نشد از ديدهءِ من آن قد و قامت

اي شاه تو در بارگهِ ناز مقيمي

مارا بسرِ کوئي نياز است اقامت

بکشا گرهءِ از طره هندوئي خود اي مه

تا خسروِ خاور شود از مهر غلامن

پابوسِ سگت گر به ”سپاهي“ ندهد دست
تا زنده بود ميگزد انگشت ندامت

ايضاً

اگرچه بود دلم از هوائي غم رنجور

ولي پيام تو اش کرد عاقبت مسرور

کسي که مئي ز سفالِ سگِ تو نوش کند

نه ياد جام جمِ آرد نه ساغرِ فغفور

بباغ دهر گهي گل گهي خزان باشد

که نيست کارِ جهان هيچگه بيک دستور

چو روز و شب بيخيالِ تو بوده ام نزديک

اگر تو نيز کني ياد من نباشد دور

”سپاهي“ است هوا هائي گرم سرد اکنون
چه جائي بادهءِ انگور و جامهائي سمور
ايضاً

تيغ تو تيز و سنانت تيز و مزگان تو تيز

بهر خونِ بيدلان گويا تو داري اين ستيز

باد گويا دوش همدم بود با آن زلف و خال

زانکه آمد صبحدم عنبر فشان و مشک و بيز

سير در گلزارِ حسنت پـُـر حذر اي سر و ناز

جلوه کن در عالم و هر جانب افگن رستخيز

ساکنانِ نـُـه فلک بودند در هنگام صبح

هم دُر افشان شد بثابت هم براهت اشک ريز

اي ”سپاهي“ گر بدست افتند صراهي و مئي
بابتي در پاي گل بنشين و مئي در جام ريز

رباعيات

خورشيد محمدي که خود نور خداست

هر نور که هست پيش اين نور فناست

گر سايه نداشت نور پاکش چه عجب

بي سايئه نور به عالم پيداشت

پيغمبر ما که حق سايئه اوست

معراج نشان کمترين پايئه اوست

گر سايئه نداشت نور پاکش امروز

فردا که هست، هر که در سايهءِ اوست

چشمم همه روز با خيال تو نم است

گر باز آئي غايت لطف و کرم است

عينک بنهيم که چار گردد چشمم

زانرو که دو ديده بر جمال تو کم است

گر ديدهءِ من منور ز ابروئي تو نيست

ور شامه ام معطر از بوئي تو نيست

هر چند رهم بکعبئه کوئي تو نيست

هرگز کشش دلم بجز سوئي تو نيست

اي آنکه ترا خبر ز راهم نبود

پرواي جفائي عمر گاهم نبود

گر نيکم اگر بد بتو دارم اميد

حقاکه بجز درت پناهم نبود

ابيات

دامن به ميان برزده جانانه ام امروز

من بندهءِ آ نظور يتيمانه ام امروز

به مسجدي که روم در فراق دلبرِ خويش

بهانه سجده کنم بر زمين نهم سرِ خويش

***

**

*

(1) ميرزا محمد مقيم، وفات 914هه (1507ع).
(1) از مير علي رضا ”آگاه“

خلقِ حسن از نقشِ جبينت روشن
زيبد بولائي عليت نــــــــام حسن

                                                              مقالات. ص. 15.

درڪتيبئه جامع فرخ تته:

بدور شاه عادل آن حسن خلق و حسين آئين
که آمد خنگ گردون باوجودِ سرکشي رامش

 
صفحو ؛ 8
   

ترخان *

ترخان جو وجه تسميه بيان ڪندي، مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ پير حسام الدين راشدي، جن کان منقول آهي ته هڪ دفعي حضرت صاحبِ قرآن امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجن مصاحبن سان شڪار تي نڪتو، رستي ۾ بارش ۽ طوفان اهڙو لڳو جو تيمور ۽ ان جا ساٿي ان طوفان ۽ بادوباران سبب رستو ڀلجي پيا. ازانسواءِ سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي. بهرنوع رستي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا پئي ڦريا ته اوچتو هنن کي جهنگ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جا چند گهر ڏسڻ ۾ آيا. امير تيمور ۽ ان جا ساٿي جڏهن انهن گهرن کي ويجهو پهتا، تڏهن اتي جي رهاڪن کين چور سمجهي، هنن سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا. پر جلدئي هنن امير تيمور کي سڃاڻي ۽ پوءِ پرچائي پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد زمين تي ويهاري ۽ باهه ٻاري پنهنجي طاقت کان مٿي خدمت ڪري کين راضي ڪري مهمانداري جا حق بجا آندائون.

صاحبِ قرآن امير تيمور جڏهن 34 سالن جي عمر ۾ بادشاهي جي تخت تي ويٺو، تڏهن انهن ماڻهن کي گهرائي مٿن نهايت نوازشون ۽ مهربانيون ڪري کين ”ترخان“ جو خطاب ڏنائين، جنهن جي معنيٰ آهي ”نوڪري کان معافي ڏنل“ يا ”مطلق العنان“ يا ”بهادر“.

ان کانپوءِ ڄاڻايل قبيلو ”ترخان“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ ترخان قوم انهن جي ئي اولاد مان آهي.

روايت آهي ته جڏهن امير تيمور جي، تقتمش خان سان لڙائي ٿي، تڏهن ساڳئي مٿئين قبيلي جو هڪ سردار ايڪوتمر نالي، امير تيمور جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو. ان کان بعد امير تيمور جي نظر ۾ ڄاڻايل قبيلي جي وقعت وڌي وئي. جنهنڪري هنن کي ”ترخون“ جو لقب مليو، جيڪو رفتي رفتي ”ترخان“ ٿي پيو. سنڌ جا ترخان فرمانروا انهيءَ ”ايڪوتمر“ جي اولاد مان آهن.

صاحبِ ترخان نامو: کان منقول آهي ته امير ايڪوتمر، صاحبِ قرآن امير تيمور جي اميرن مان هو ۽ تقتمش خان واري جنگ ۾ امير تيمور جي طرفان وڙهندي قتل ٿيو. انهيءَ قرباني جي طفيل تيمور سندس اولاد کي ”ترخان“ جو خطاب ڏنو.

(1) ظفرنامه جي مؤلف لکيو آهي ته انهيءَ معرڪي ۾ جن مردانگي ڏيکاري، تيمور انهن سڀني کي ترخان ڪري ڇڏيو. وري اڳتي لکي ٿو ته:

… ۽ انهيءَ گهمسان واري لڙائي ۾ جيڪي ثابت قدم رهي سر ڌڙ جي بازي لڳائي وڙهيا، تن کي طرح طرح جي عنايتن ۽ نوازشن سان سرفراز ڪري هنن کي ”ترخاني“ جو لقب ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته هن جماعت کي بارگاهه شاهي ۾ اچڻ کان نه روڪيو وڃي ۽ جيڪي ڏوهه هنن کان ٿيا هجن، بلڪ نـَـوَ (9) ڏوهه ٿيا هجن يا هنن جي پٽن کي، تن بابت ڪابه پڇاڳاڇا هنن کان نه ڪئي وڃي.

چنين داد پاسخ که تانـُـهه نزاد
هر آنکس که از تخم ايشان بزاد
گنه شان نپرسند ابنائي ما
کزين پس نشينند برجائي ما

” امير ايڪوتمر جا عزيز و اقارب ۽ رشتيدار جيڪي شهادت جي اعزاز سان شهيد ٿيا، تن تي تمام گهڻيون عنايتون ۽ شاهاڻيون نوازشون ڪيائين.

بقول حبيب السير: سندس عزيزن مان شاهه ملڪ بن قلحغائي کي پنهنجي دربار ۾ امير ايڪوتمر وارو مرتبو بخشي، مـُـهر ڪلان ۽ مهر پروانه پڻ ان جي حوالي ڪيائين. حبيب السير واري اڪوتمر ڪري نالو لکيو آهي.

جن ترخان سنڌ ۽ قنڌار تي حڪومت ڪئي، سي به امير ايڪوتمر جي نسل مان آهن.

جهانگير بادشاهه کان منقول آهي ته: ميرزا جاني بيگ ۽ ميرزا غازي بيگ جا آباؤ اجداد، خراسان جي بادشاهه، سلطان حسين ميرزا بايقرا جي اميرن مان هئا. دراصل هنن جي نسب جو سلسلو صاحبقران امير تيمور جي هڪ امير سان وڃي ملي ٿو. (توزڪ جهانگيري جلد اول، ص 152)

بهرنوع، لفظ ترخان(2) خطاب آهي، جنهن جي حاصل ٿيڻ بعد ڪيل ڏوهه يا قصور، مواخذي ۾ نه ايندا آهن. ترخان جنهن وقت چاهي سواءِ اطلاع جي شاهي حضور ۾ پهچي سگهي ٿو. ڍلن خواه ٻين سرڪاري طلبن کان آزاد رهي ٿو. غنيمت جي مال مان کانئس حصو نه ورتو ويندو آهي. نـَـون (9) ڏوهن تائين سندس خطائون معاف آهن ۽ نـَـون (9) پشتن تائين ساڻس اها رعايت قائم رهندي.

اگر صد خون بيک غمزه بريزي، کس نمي پرسد
مگر ير ليغ ترخاني ز سلطان ايلخان داري

(نزاري، جهانگيري)

کنون باشد که، برخوانم به پيشِ شعر تو اندر
هر آنچه تو بخاقانان و طرخانان و خان کردي

(مجلد گرگاني، لغت فرس)

خط ترخاني و جاويد، بعالم ندهند
بگذر از عالم و منشور اماني بمن آر

(نظيري)

به شگر آن دو هفته ماهِ تابان
سپه را کرد چندين سال ترخان

(يحييٰ بن سيبک نيشاپوري)

کند ز حيله براي گزيدنِ مردم
بگاه مستي از و التماس ترخاني

(عرفي)

خراساني لهجي ۾ رئيس ۽ شريف(1) کي ترخان چيو وڃي ٿو، ٻاراڻي راند جي سرپنچ کي به ترخان چئبو آهي. (لغت شوستر)

بيباڪ لاءِ به ترخان جو لفظ ڪتب آيو آهي.

تو ترخون و ترخان، ز جورِ تو خواجو
دل از غم چو خاني و رخ زر خاني

(خواجو ڪرماني، انندراج)

يونان ۾ پنهنجن هزارن سپاهه جي سردار کي به ترخان چيو ويندو هو. ترخان (2) (اسم خاص): اقليم هفتم جي هڪ سرزمين جو نالو آهي.

– الاقليم السابع: اين اقليم که بقمر منسوب است و…. از آنجا ببلاد ياجوج و ماجوج گذرد، پسر بر بلاد کيماک و شمال بلاد خلخ و جنوب بلدان ترخان گذرد… (حبيب السير ج: 4، ص. 659، تهران.)

ترخان آباد(3): دهستان اورامان جي ديهه آهي. شهرستان، سندج جي زراب واري علائقي ۾ (فرهنگ جغرافيائي، ايران، ج: 5.)

ترخاني(4): هڪ قوم جو نالو آهي، جيڪا ايلات ڪرد مان آهي ۽ راوند جي حد ۾ رهي ٿي. (جغرافيائي سياسي ڪيهان ص. 57.)

ترخان، طرخان(5): ماڻهن جا نالا به هئا. مثلاً: (1) ابونصر فارابي جي ڏاڏي جو نالو ابونصر مهر بن اوزلغ بن طرخان. (عيون الانباء، ج: 2، ص. 134.)

(2) محمد بن علي بن طرخان بن عبدالله المشهور ابوعبدالله بلخي متوفي رجب 278هه (معجم البلدان ج: 1، ص. 264)

(3) محمد بن جعفر بن طرخان الاستر آبادي. (جواهر المضيـہ 38/2)

(4) حڪام بن طرخان بن نفي الحموي متوفي 665هه (جواهر 179/2)

(5) سليمان بن طرخان، صوفي خيل 430هه (حليـہ ج: 3، ص. 27 قاهره)

(6) طرخان حڪمران طالقان (البلدان، يعقوبي، ليدن  300)

(7) امير ترخان، شاهرخ ۽ ابوسعيد جي دؤر جو امير (حبيب السير 618/4)

(8) ترخان بيگم، سلطان احمد ميرزا جي ڇهن زالن مان هڪ جو نالو هو. (حبيب السير 96/4)

(9) خديجه سلطان ترخان، سلطان ابراهيم خان جي زال يعني سلطان محمدخان جي چوٿين جي والده، (قاموس الاعلام، ترڪي، ج: 3.)

(10) مولانا ترخاني، سپاهي سيرت ۽ صورت هو. مولانا جامي جي هيٺين مطلع تي بيت چيو اٿس:

اي ز مشکين طره ات بر هر دلي بندي دگر
رشتهءِ جان را بهر مويءِ تو پيوندي دگر

(جامي)

مرغ دل پرکندم و از سينه بريان ساختم
تا کشم پيشِ سگرت هر لحظ برکندي دگر

(مجالس النفائس، 41-214)

(1) ترخان لقب

ترخان لقب چنگيز خان ٻن نوجوان ڀائرن کي ڏنو، جن کيس لونگ خان جي چڙهائي جو اطلاع وقت کان اڳ ڏئي سندس جان بچائي، ورنه بي خبري واري حالت ۾ حملي وقت سندس مرڻ يا گرفتار ٿيڻ لازمي هو. چنگيز خان انهن ڇوڪرن کي نـَـون (9) پشتن تائين ترخان ڪري ڇڏيو.

سنگلاخ (ص 155) جو قول آهي ته ماوراء النهر، خراسان جا خان، انهن ڀائرن جي نسل مان هئا.

شيبڪ خان، عبدالوهاب مغل کي پالي منصب ”شعاولي“ ڏئي ترخان ڪيو. (مجالس النفائس)

جهانڪشائي جويني ۾ آهي ته…. وکسک را ترخان کرده و از اموال دو چندان فرمود.

تاريخ غازاني ۾ آهي ته….و اتفاق را که دلالت امير اينقول کرده بود، و آن جماعت را ميشناخت، او را ترخان فرمود و يرليغ فرمود تا همواره به تفحص مشغول باشد… (تاريخ غازاني، ص. 280)

هندستاني مغل بادشاهه اڪبر اعظم، نورالدين محمد کي ترخان جو لقب ڏنو، جنهن تي هن هيٺيون شعر چيو:

که غير از خان خشکي مي نماند
ز ترخاني تري گردد چو حاصل

غالباً تاريخ ۾ اهو آخري ماڻهو هو، جنهن کي ترخان لقب حاصل ٿيو.

(2) ترخاني اميرن جي خونريزي

تيموري سلطان ميرزا ابوالقاسم، بابر جي انتقال بعد (861هه)
ميرزا جلال الدين شاهه محمود ۽ ميرزا سلطان ابراهيم جي وچ ۾ تخت ۽ تاج تي اختلاف پيدا ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي معرڪا ۽ مجادلا ٿيا. مذڪور جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ شاهه محمود جي وزير مختار امير شير حاجي، هرات جي ترخاني اميرن کي،سلطان ابراهيم جو طرفدار سمجهي تاريخ
30 – جمادي الاخر 861هه جي هرات جي باغ زاغان جي محل ۾ ڌوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيو. اها وڏي تباهي هئي، جنهن ترخاني قبيلي کي عظيم نقصان پهچايو ۽ ڪيترائي بي مثل بهادر ۽ امير ڪبير قتل ٿي ويا. مثلاً امير اويس ترخان ۽ سندس پٽ يوسف ترخان، اميرمحمد ترخان، امير خسرو خان، امير نظام الدين احمد ترخان (جنهن جو ڀاءُ سلطان حسين، تـُـون جو حاڪم هو) ۽ ٻيا.

انهيءَ ڪارزار ۾ امير اويس ترخان، امير شير حاجي کي پيٽ ۾ ڇـُـري هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. امير غياث الدين محمد ترخان ۽ مولانا احمد يساول (چوبدار) انهيءَ مقتل مان پاڻ بچائي، سلطان ابراهيم ميرزا وٽ پهتا، جنهن سندن دردناڪ ماجرا ٻڌي هرات مان لشڪر ڪشي ڪئي ۽ تاريخ 7 – رجب صبح جو هرات جي باغ مختار ۾ پهچي هن سلطنت تي قبضو ڪيو. سلطان محمود پاڻ بچائي مشهد ڀڄي ويو ۽ امير شير حاجي، حصارِ نيره تو، طرف گـُـم ٿي ويو. ٿوري وقت بعد سلطان ابراهيم، شاهه محمود تي ٻيهر ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ امير نظام الدين احمد ترخان ۽ سندس ڀاءُ يعقوب ترخان شديد انتقامي جذبي سان ويڙهه ڪئي، جنهن مان محمود بمشڪل جان بچائي ميدان مان کسڪي هليو ويو. (مطلع السعدين، ص. 1123-1139).

سنڌ جا ترخان انهن ئي اميرن جي ڪنهن فرد جي اولاد يا خاندان مان آهن، ڇاڪاڻ ته امير حسن بصري جو به اهوئي زمانو هو.

* ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جا وڏا

ميرزا عيسيٰ جي والد، ميرزا عبدالعلي کان مٿي ڪي پيڙهيون کٽل آهن، جيڪي معلوم ٿي سگهيون سي هن ريت آهن:

عبدالعلي بن عبدالخالق….؟ بن مير حسين ترخان بن عبدالعلي ترخان بن نور الله ترخان بن فضل الله ترخان امير اتلمش بن امير اڪوتمر بن امير الچي بن الجائتو خدا بنده (703-716هه) بن ارغون خان (683-690هه) بن اباقا خان (663-680هه) بن هولاڪو (654-663هه) بن تولي خان بن چنگيز خان
(562-664هه).

سنڌ جي ارغونن ۽ ترخان جي باهمي رشتو اميراڪوتمر کان هيٺ بروايت ”ترخان نامو“ هن ريت هلي ٿو:

اميراڪوتمر

(1) امير اتلمش بيگ                  (1) امير شنڪل

(2) فضل الله ترخان بيگ             (2) برتق بيگ

(3) ميرزا نورالله ترخان بيگ          (3) امير شيخو بيگ

(4) ميرزا عبدالعلي ترخان بيگ      (4) محمود بيگ

(5) مير حسين ترخان بيگ           (5) يار بيگ

(6)    ؟                               (6) مير فرخ بيگ

(7)    ؟                               (6) ميرم بيگ

(8)    ؟                               (8) احمدولي بيگ

(9)    ؟                               (9) فرخ بيگ

(10) ميرزا عبدالخالق ترخان بيگ    (10) امير حسن بصري

(11) ميرزا عبدالعلي ترخان بيگ     (11) امير ذوالنون بيگ

(12) ميرزا عيسيٰ ترخان بيگ        (12) ميرزا شاهه بيگ ارغون ترخان نامو جي مؤلف، عبدالخالق کي مير حسين ترخان جو پٽ ڄاڻايو آهي. ليڪن از روءِ زمانه اهو غلط آهي ۽ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، مير حسين کان وٺي عبدالخالق تائين وچ جون ڪم و بيش 4-5 پيڙهيون غائب آهن. بلاخمن (ص 390) ۾ پڻ اڪبرنامه تان شجرو نقل ڪندي، انهيءَ انديشي جو اظهار ڪيو آهي. کيس ارغون ۽ اڪوتمر جي وچ ۾ پڻ چئن پيڙهين جي غائب هجڻ جو گمان آهي. بهرحال ڏيکاريل نسب نامو ناتمام يا مشڪوڪ آهي.

امير اڪوتمر جي اولاد جو ترخان ٿيڻ، هنن صفحن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ميرزا عيسيٰ ترخان جو والد ميرزا عبدالعلي، سلطان محمود (899هه) بن ميرزا ابوسعيد (قتل 873هه) جي دؤر ۾ بخارا جو صوبدار هو، شيبان خان جي جنگ ۾ پنهنجي پٽن سميت قتل ٿي ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان ان وقت ٻار هو،  جنهن کي مير ذوالنون ارغون، پالي وڏو ڪيو. جيسين مير ذوالنون جيئرو هو، تيسين پاڻ سان رکيائينس (بلاخمن، ص 389) امير ذوالنون جڏهن پاڻ شيباني واري جنگ (913هه) ۾ قتل ٿيو ته ميرزا عيسيٰ ترخان سندس پونيرن سان ڳنڍيو آيو.

ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان

ميرزا شاهه حسن جي زندگي جا آخري چند سال نهايت پريشاني ۾ گذريا. هو خود معذور ٿي چڪو هو. فالـج جي حملي سببان حڪيمن هدايت ڪئي ته ميرزا ٻيڙي ۾ سوار ٿي درياءُ ۾ زندگي بسر ڪري. جنهنڪري ميرزا شاهه حسن اڪثر اوقات مرڪز بدران سفر حضر ۾ بسر ڪندو هو. نتيجي ۾ جتي ٺٽي جي يڪجهتي ختم ٿي، اتي سندس دربارون ۽ محفلون به درهم برهم ٿي ويون. هن جي پنهنجي ئي نوڪرن ۾ انتشار پيدا ٿيو ۽ (959-960هه) کان عام بغاوتون ٿيڻ لڳيون. اميرن پاڻ ۾ جهيڙا ڪرڻ شروع ڪيا. جنهنڪري هن جي پنهنجي قبيلي جا ماڻهو ۽ هن جا آورده ساٿي کانئس بيزار ٿي ويا.

اهڙي بدامني جي عالم ۾، ماهه محرم (962هه) جي شروع ۾ ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان دارالسلطنت ٺٽي ۾ (Cotat upde) آڻي شهر تي قبضو ڪيو، جيتوڻيڪ بعد ۾ بظاهر ميرزا عيسيٰ ترخان، شاهه حسن ارغون سان (ربيع الاول 962هه) صلح ڪيو. ليڪن ميرزا عيسيٰ جو اڃان ٺٽي تان ئي قبضو ختم نه ٿيو هو ته ميرزا شاهه حسن (بروز سومر 12 ربيع الاول 962هه) ۾ پنهنجي جان، جانِ آفرين جي سپرد ڪري هر خرخسي ۽ خدشي کان نجات حاصل ڪئي. ارغونن جي حڪومت جي آفتاب غروب ٿيڻ بعد ترخانن جي حڪومت جو بنياد پيو. هن خاندان جو پهريون فرمانروا ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان هو، جيڪو غره ماهه جمادي الاول (962هه) جي تخت نشين ٿيو.

تاريخ طاهري ۾ لکيل آهي ته، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد، اُهي ارغون امير، جيڪي ميرزا شاهه حسن جا دست راست هئا ۽ جن عيسيٰ بيگ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو هو، سي هاڻي ميرزا جي مخالفت ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. ڪيبڪ خان، فرخ تيمور ۽ ٻيا امراء شراب پيئڻ کانپوءِ مست ٿي، ميرزا عيسيٰ جي حويلي جي در تي ايندا هئا ۽ در جي اڳيان قالينن کي گهوڙن جي سنبن سان پامال ڪري گهوڙن تان لهندا هئا. ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿيندو هو، جو هو ميرزا عيسيٰ جي حويلي واري دروازي کي، تيرن ۽ نيزن سان پروڻ وانگر نه ڪندا هئا. چوندا هئا ته ميرزا شاهه حسن جو خزانو تو وٽ آهي، سو هاڻي اسان کي ورهائي ڏي. ليڪن ميرزا عيسيٰ بيگ انهن
بي وقارن کي نهايت حلم ۽ بردباري سان سمجهائي جواب ڏيندو هو ته منهنجو مال ۽ خزاني سان هرگز ڪو واسطو ناهي. بلڪ اهو منهنجي تحويل ۾ هڪ امانت جي صورت ۾ آهي. ليڪن اهو به ته سوچيو ته سلطنت جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اها تقاضا آهي ته جيڪڏهن آءٌ توهان کي اهو خزانو ورهائي ڏيان ۽ توهان سمورا پنهنجو پنهنجو حصو شراب ۽ عيش و عشرت ۾ ضايع ڪريو ۽ جي ان بعد ڪو دشمن ملڪ تي حمله آور ٿئي ته پوءِ ياد رکو آءٌ ملڪ جي مدافعت لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندس؟ توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ملڪ جي استحڪام ۽ بقا جو دارومدار خزاني تي ئي ٿيندو آهي. تنهنڪري توهان پنهنجي ان نعمتِ عظميٰ (خزاني) کي ڇو ٿا پاڻ ۾ ورهائي ختم ۽ برباد ڪريو. ڀلا توهان هن پنهنجي ملڪ کي دشمنن جي تصرف ۾ آڻن چاهيو ٿا ڇا؟ بهرحال اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري ۽ هنن کي سمجهائي مطمئن ڪندو هو.

ميرزا عيسيٰ بيگ، ارغونن جي برهمي کان بچڻ خاطر ايتريقدر ته احتياط ڪندو هو، جو جيڪڏهن شهر ۾ ڪڏهن ڪا منادي ڪرائڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ته ميرزا عيسيٰ خود ”صدر ڪام سنڌي“ منادي ڏيڻ واري کي چوندو هو ته هر ارغون جي محلي ۾ جڏهن تون منادي ڏين ته حڪومت سان گڏ ان جو نالو وٺندو ڪر ته جيئن آءٌ هنن جي آزار کان محفوظ رهان. مطلب ته هو نهايت تدبر ۽ احتياط سان پنهنجي حڪومت کي هلائيندو رهيو.

ايستائين جو ميرزا عيسيٰ جا فرزند، ميرزا محمدباقي، ميرزا محمد صالح، ميرزا جان بابا ۽ ميرزا غالب وڏا ٿيا ته انهن جي تربيت ملا بهبود(1)، شيرنگ خان صالح ۽ فتح خان وغيره ڪندا هئا. جڏهن هي نينگر پيءُ جي سلام لاءِ حويلي ۾ ويندا هئا ته ارغون هنن کي ڏسي اندرئي اندر ۾ پيا سڙندا هئا ۽ خار ۾ پيا چوندا هئا ته اسان ميرزا عيسيٰ کي پنهنجي ملڪ جو فرمانروا ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. ليڪن تيرڪمان مان نڪري چڪو هو ۽ هاڻي سوائي ندامت جي ٻيو ڪو چارو نه هو. پر ارغون انهي ڪوشش ۾ هوندا هئا ته ڪهڙي به حالت ۾ انهي وڻ کي پاڙؤن پٽي ڇڏين. ليڪن جيتريقدر هي مخالفت ڪندا هئا اوتري قدر ميرزا عيسيٰ بيگ جي حڪومت جو وڻ مضبوط ٿيندو ويو.

ان زماني ۾ ميرزا عيسيٰ بيگ پنهنجي حويلي جي نزديڪ هڪ قلعو تعمير ڪرايو، ميرزا عيسيٰ جا پٽ جيڪي شهر ۾ منتشر طور تي رهندا هئا، تن سڀني کي سڏي، هاڻي ان قلعي ۾ گڏ ويهاريائين.

ميرزا شاهه حسن جي لاولد ٿي وفات ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن بعد فيصلي مطابق، اُترئين سنڌ تي (بکر ۾) سلطان محمود حڪمران ٿيو ۽ ڏاکڻين سنڌ (ٺٽي) تي ميرزا عيسيٰ ترخان جو مستقلاً تسلط رهيو. ان بعد ميرزا شاهه حسن جي بيوهه حاجياڻي ماهه بيگم پنهنجي عدت جي مدت ختم ڪري ڪم و بيش، پنجن مهينن بعد ميرزا عيسيٰ ترخان سان عقد ڪيو. ميرزا عيسيٰ به ارغون قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ خاطر اهو عقد ڪيو.

نئين حڪومت قائم ٿيندي ئي، ٺٽي ۽ بکر جي ٻنهي رقيبن ۾ جهيڙا ۽ جنگيون شروع ٿي ويا ۽ (963هه) جي شروع ۾ ئي ميرزا عيسيٰ سلطان محمود بکري جي مقابلي ء“ هن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي پورچوگيزن کان ڪمڪ گهريائين ۽ ٻئي طرف خود بکر ۾ پهچي هن سان لڙائي شروع ڪيائين.

بکر ۾ اڃا جنگ جي ابتدا هئي ته ميرزا عيسيٰ ترخان جا سڏايل پورچوگيز ٺٽي ۾ اچي پهتا. جن ميرزا عيسيٰ کي شهر ۾ نه ڏسي اتي جا باشندن کي اهڙي ته بيدردي سان ختم ڪيو  جو پورو شهر، گنجِ شهيدان بنجي ويو، سنڌ جو هي شاندار دارالسطنت اهڙي طرح برباد ۽ تباهه ٿيو جو ڪيترن سالن تائين ان تباهي جا نشان مٽجي نه سگهيا.

ميرزا عيسيٰ ترخان جي فرزندن مان، ميرزا محمدصالح پيءُ سان نهايت وفادار هو، جنهنڪري هن کيس پنهنجي جيئري ئي ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن تان بدقسمتي سان ميرزا عيسيٰ جي وڏي فرزند ميرزا محمدباقي ۽ سندس ڀاءُ ميرزا محمد صالح جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي لڙائي تائين وڃي نوبت پهتي. بهرنوع ميرزا محمد صالح کي، مريد جت نالي ماڻهو کيس قتل ڪيو(1) . هن وحشت اثر خبر ٻڌڻ بعد ميرزا عيسيٰ ترخان اڪثر غمگين رهندو هو.

ميرزا محمد صالح (اول) پيءُ وانگر علم دوست ۽ شاعر هو. سندس چيل هڪ غزل جو مطلع هن هيٺ ڏجي ٿو. (معصومي، ص 251)

بران عزمم که در ملکِ جنون از سرقدم مانم
متاعِ هوش و دانش را ببا زارِ عدم مانم

۽ ان کان پوءِ ميرزا جان بابا (ٽئين فرزند) کي پنهنجو ولي عهد ڪيائين. ميرزا عيسيٰ ترخان سنڌ تي تقريباً ٻارهن سال حڪومت ڪئي.

ليڪن ميرزا عيسيٰ ترخان جي وفات کان پهرين سندس زال حاجياڻي ماهه بيگم ڪوشش ڪئي ته جيئن وڏو فرزند ميرزا محمدباقي آهي، تنهنڪري اهوئي ولي عهد ٿئي. ميرزا عيسيٰ گهڻو ئي زال کي سمجهائي چيو ته، هو هڪ ظالم، فاسد شخص آهي. هن کان خلق خدا کي نقصان رسندو. بلڪ تون به هن جي ئي هٿان مرنديءَ. جيڪا اڳتي هلي اها پيشن گوئي صحيح ثابت ٿي.

ميرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي اجل طبعي سان (973هه) ۾ وفات ڪئي. ميرزا عيسيٰ جي لاش کي مڪلي(1) تي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو اڳي ئي سندس جيئري، سندس لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. ڪنهن شاعر ميرزا جي قطه تاريخ وفات حسب ذيل چئي آهي.

ميرزا عيسيٰ که والئي تته
آفتابِ سپهرِ دانش و خوان
سالِ نقلش بعزت و تمکين
”رشک جنت“ و اهل رضوان بدان

973هه

ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جو مقبرو پٿر جي چوديواري اندر آهي. جنهن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.

احاطي جي ٻاهران ديوار اندر قبرن جا مختلف ٿلها آهن جن مان ڪيتريون قبرون زبون ٿي ويون آهن. جيئن ته ٻاهرين ديوار سان ملحق ٻن ٿلهن ۽ اولهه واري ٿلهي خواهه ڏکڻ واري ٿلهي جي قبرن جا فقط نشان باقي آهن. اوڀر کان ڪنڊن ۾ زنانيون چؤديواريون آهن جن ۾ قبرون ناهن. ايوان ۾ ڏکڻ کان هڪ چؤکنڊي آهي. داخلي دروازن جي پيشانين تي قرآني آيتن جي اُڪر ٿيل آهي. احاطي واري ديوار جي چوڌاري هي آيتون آهن:

ٻاهرين طرف کان ديوار جي ڪناري تي:

بسم الله الرحمن الرحيم…..تبارڪ الذي بماءِ معين. (الملک 1-30)

بسم الله الرحمن الرحيم…. والضحيٰ والليل…فلماربک فحدث. (الضحيٰ 1-11)

بسم الله رلرحمن الرحيم……..انا انزلنـہ في… مطلع الفجر (القدر 1-5)

صدق الله العلي العظيم و صدق حضرت رسولـہ النبي المختار الڪريم. و نحن عليٰ ذالک من الشهدين والشاکرين. والحمدلله رب العالمين.

ڪاتب مقبول عنـہ عبرالرحيم بن حافظ رشيد صديقي. اندرين طرف کان ديوار تي:

بسم الله الرحمن الرحيم – اذا وقعت الواقعة…باسم ربک العظيم. (الواقعه 1-97)

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولـہ النبي الڪريم و نحن عليٰ ذالک من الشاهدين و الشاڪرين و الحمدلله رب العالمين.

محراب جي پيشاني تي:

قال سبحانـہ تبارک و تعليٰ: فنادتـہ الملائکة و هوقائمـہ يصلي في المحراب (آل عمران 39)

فالله خير حافظ و هو ارحم الراحمين قال الله تعليٰ: شهدالله انـہ….بصير العباد. (آل عمران 18-20)

ڏکڻين مصلي مٿان:

قال الله سبحانـہ تبارک و تعليٰ: وسيق الذين اتقوا ربهم اليٰ الجنة زمرا…الحمدلله رب العالمين (الزمر 73)

سبحان رب العزة عما يصفون و سلام علي المرسلين و الحمدلله رب العالمين. صدق الله العلي العظيم و صديق الرسولـہ النبي الڪريم.

قبر جا ڪتبا:

ميرزا عيسيٰ جي قبر جي لوڙهه تي چوڌاري اشعار ۽ آيتون اُڪريل آهن. پيراندي کان تاريخ جو ڪتبو آهي.

اولهه کان:

افسوس که دؤر کامراني بگذشت
دوران نشاط و شادماني بگذشت
سرمايئه عمر و زندگي رفت ز دست
شد عمر و زندگاني بناداني بگذشت

——-

دهريست که، صد هزار عيسيٰ ديد ست
طوريست که، صد هزار موسيٰ ديدست
قصريست که، صد هزار قصرا ديدست
طاقيست که، صد هزار کسريٰ ديدست

ڏکڻ  کان:

ميرسد بيداد صد، هر لحظه از دست اجل
داد از دستِ اجل فرياد از دستِ اجل

——-

يارب توکه داري بايمان مرا
باقول شهادت ببري جان مرا
خشنود کني جمله خصمان مرا
پـُـر نور کني تربتِ تاريک مرا

——-

گرمن گناهي روئي زمين کرد ستم
اميد بلطف توکه، گيري دستم
گفتي که: بروز غم دست گيرم
عاجز تر ازين مخواه که اکنون هستم

تربت جي مٿان چئن طرفن کان:

اي چرخ! فلک را سيرت کينئه تست(؟)
بيداد گري شيوهءِ ديرينئه تست
اي خاک! اگر سينئه تو بشگافند
بس گوهرِ قيمتي که در سينئه تست

——-

تا در رگِ من، خون بود و پوست
از دوست مراد خود نخواهم جز دوست
بستن باين جهان متاعِ دل نه نکوست
که آنها، همه فاني ست باقي همه اوست

——-

اي ديدنِ رويت آرزوئي مردم
گاهي نظرت، بود بسوئي مردم
تا چشم ازين جهان فاني بستي
شد بسته در فيض بروئي مردم

——-

اي! آنکه هميشه از قضا بر حذري
بشنو از  من اين حديث، گر باخبري
از سوئي قضا نباشدت راهِ گريز
گر در حضري مقيم، و در سفري

——-

سالها اي چرخ! تخم درد، در دل کاشتي
عاقبت کردي بخاکم جائي در دل داشتي

تربت جي مٿن کان چوڪور:

وچ ۾ ڪلمو ۽ چئن طرفن کان چئن خانن ۾ هي اشعار آهن:

لا الـہ الا الله محمد رسول الله
غرض نقشي ست کزما ياد ماند
که دنيا را نمي بينم بقائي
مگر صاحبدلي، روزي برحمت
کند در کار درويشان دعائي

تربت جي اوڀارين پهلو تي:

دوستان ذکر حق و فکر مزار خود کنند(؟)
عاقبت مرگست، ياران! فکر کار خود کنند
بگذرند از فکر خط و ذکر رخسار بتان
بعد ازين انديشئه ليل و نهار خود کنند
نامئه طاعت، که از دودِ گنه، آمد سياه
شست و شوئي ابن، بچشم اشکبارِ خود کنند
بارخِ همچون خزان چون گر آيد پر بهار(؟)
اين خزان خويش بادئي و از بهاري خود کنند

ٻنهي سرن تي:

تني که بود ويرا لباس حرير و کتان
ببين که جائي چسان کرده زير سنگ گران
مانه داشت دو عيسيٰ و هر دو شان رفتند
يکي بچرخ و دگر در زمين گرفته مکان
دهانِ خاکِ چو شد پر، ز لقمئه تنِ او
نهاد دست فلک حسرتش بدهل سنان(؟)
”بال نـہ صد و هفتاد و سه ز هجر نبي“

973هه

جهان گذاشه بگرفت، ملک جاويدان

لا الـہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليـہ وآلـہ و اصحابـہ وسلم. قال سبحانـہ و تعاليٰ: شهدالله انـہ….عندالله السلام (سوره آل عمران، آيت 18-19)

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولـہ الڪريم.

يبشرهم ربهم…اجر عظيمـہ (سوره التوبـہ، آيت 21-22)

بسم الله…الله لا الـہ الا هو الحي القيوم…العظيم (سوره البقره، آيت 255)

صدق الله…الڪريم.

بسم الله… تبارک الذين… بماءِ معين (سوره الملک، آيت 1-30)

پيراندي کان تاريخي ڪتبو:

چؤڪور ڪتبي جي چئن پاسن کان هي اشعار آهن:

مشتاق آفتاب جمالِ محمديم

ما بندهءِ محمد و آلِ محمديم

پروانه وار سوخته از آتشِ فراق

در آرزوئي شمع جمالِ محمديم

صافِ شراب عشق زلالِ محمد است

ما تشنهءِ شراب زلالِ محمديم

خالي شده تمام ز فکر و خيالِ خود

شام و سحر بفکر و خيالِ محمديم

”صالح“ شد است شفيته هرکس بحالتي

خوش حال ماکه شيفته خالِ محمديم

وچ ۾ هي ڪتبو آهي يعني ميرزا عيسيٰ جي قبر جي لوحِ مزار تي حسب ذيل ڪتبو ڪنده ٿيل آهي.

”وفات يافت، حضرت جنت مکاني بندهءِ آلِ محمد ميرزا محمد عيسيٰ بن عبدالعلي ترخان في سنه 973هه“.

مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ميرزا عيسيٰ بيگ کي ساراهيندي لکي ٿو ته هو پنهنجي اعليٰ اوصاف، سنجيدگي ۽ فڪر راسع جي اعتبار کان، خاندان ۾ ممتاز ۽ منفرد هو، نهايت شجاعت ۽ جوانمردي ۾ وڏن وڏن ارغونن اميرن کان بازي کڻي ويو.

هي رحمدل ۽ رعايا پرور هو. هي ملڪ جي دفاع ۾ اهم حيثيت رکندڙ هو. ميرزا جي اهم ڪارنامن مان هڪ اهو به ڪارنامو آهي، ته پورچوگيزن جي قتل و غارتگري ۽ آتشزني کانپوءِ هن پنهنجي دارالسلطنت جي محافظت لاءِ ۽ ملڪ کي بيروني خطري کان بچائڻ لاءِ، حويلي ۽ قلعي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ۽ شهر کي چئني طرفن کان شهر پناهه (ديواريون) تعمير ڪرائي ڇڏيائين. ازانسواءِ لاهري بندر جي اپسمنڊ کان بندرگاهه ڪناري تائين، اپسمنڊ مان نڪرڻ واري نهر ”نارقي واهه“ اونهون ۽ ڪشادو هو. جنهنڪري وڏا وڏا غوراب، کاري کان بندرگاهه جي ڪناري تائين آسانيءَ سان اچي وڃي سگهندا هئا. ميرزا عيسيٰ ان نهر کي، ماهرين جي مشورن سان وڏن وڏن پهڻن ۽ پٿرن  سان ڀرڻ جو حڪم ڏنو، ته جيئن ڪوبه اوچتو غوراب يا جهاز اندر اچي نه سگهي. تنهن کانسواءِ ڪناري ۽ اپسمنڊ جي وچ ۾ بندرگاهه جي حفاظت لاءِ هڪ ننڍو قلعو تعمير ڪرائي ملڪ کي بيروني خطري کان وڏي حد تائين محفوظ ڪيائين.

ميرزا عيسيٰ ترخان، جهانباني ۽ سياست سان گڏ شعر و شاعري کي نهايت پسند ڪندو هو ۽ پاڻ به شاعر هو ۽ شعر چوڻ تي طبع آزمائي پڻ ڪندو هو. سندس درباري شاعرن مان علي الخصوص، اميدي، دانش ۽ معتصم مشهور معروف شعراء هئا، ميرزا صاحب موصوف، دريا دل، سخي، عالمن فاضلن ۽ شاعرن جو قدردان هو. سابقه دستور مطابق ڪيترائي ايران، هندستان ۽ سنڌ جا شعراء، علماء، ادبا سندس دربار ءجي رونق هئا.

سلطان فخري هروي پنهنجي تاليف ڪيل ڪتاب ”جواهرالعجائب“ ۾ رقم طراز آهي ته ميرزا عيسيٰ شاعر هو ۽ حسب ذيل عبارت سان سندس شعر ڏنو آهي:

”- و امير عيسيٰ بيگ يکي از امرائي ترخان بوده و در نظم چيزهاي خود دارد و اين گوشه را گفته و نيک واقع شده و شهرت دارد-“

(1) ز هشياران عالم هرکه را بينم غمي دارد
دلا! ديوانه شو، ديوانگي هم عالمي دارد

جواهر العجائب کانسواءِ، علي قلي ”واله“ داغستاني به پنهنجي تاليف، تذڪره ”رياض الشعرا“ ۾ ساڳي عبارت سان ساڳيو شعر ميرزا مرحوم جو ڏنو آهي. مذڪور ٻنهي تذڪرن کانسواءِ ڪنهن به ٻئي تذڪري ۾ ميرزا عيسيٰ جي شعر ۽ شاعري بابت ذڪر ڪيل نه آهي.

هاڻي اسين ڪتاب جواهرالعجائب متعلق ڪي ڪجهه لکون ٿا، جيڪو فخري هروي، ميرزا عيسيٰ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد سنڌ ۾ لکيو.

جواهرالعجائب

تذڪره ”جواهرالعجائب“: (شعبان 962هه). فخري جو هي ٽيون ڪتاب آهي، جيڪو هن سنڌ ۾ لکيو. فخري مذڪور ڪتاب، ميرزا شاهه حسن ارغون جي بيوه ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي سان معنون ڪري تاريخ 12 ربيع الاول (962هه) جي، جڏهن هوءَ عدت جي مدت ختم ڪري ميرزا عيسيٰ جي عقد ۾ آئي، تنهن وقت فخري هي ڪتاب تاليف ڪيو آهي.

ظاهر آهي ته فخري ٺٽي ۾ هو ۽ هن به فطري طور تي نئين حڪمران يعني  هنن لفطن ۾:

– اميرڪبير عالمگير آفتاب نظير، سلطان نشان، سايئه لطف رحمتِ رحمان، ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان خلدالله ملڪـہ، جي دامنِ دولت سان وابستگي پيدا ڪيائين.

جواهرالعجائب جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿو ته فخري جو شاهه حسن ارغون جي حرم حاجياڻي ماهه بيگم وٽ، جنهن کي هو حاجي بيگم ايد الله تعاليٰ عمر ها و دولتها لکيو آهي، تنهن وٽ سندس اچڻ وڃڻ هو ۽ هاڻي حاجياڻي ماهه بيگم سان شاهه حسن جي وفات بعد رڳو ارغون قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ خاطر ميرزا عيسيٰ ترخان عقد ڪيو.

شاهه حسن جي وفات کانپوءِ، سنڌ ٻن حصن ۽ ٻن حڪومتن ۾ ورهائجي چڪي هئي. اُترئين سنڌ تي سلطان محمود بکري حڪومت ڪري رهيو هو. هو پڻ صاحبِ دربار هو، ۽ اتي به خراساني علماء ۽ ادباء جو وڏو گروهه، سلطان محمود جي سرپرستي مان استفاده ڪري رهيو هو. قوي احتمال آهي ته هن دربار جي مقابلي ۾ هـُـن جو ميرزا عيسيٰ ترخان جي دربار کي ترجيح ڏيڻ ۽ ان سان وابسته رهڻ جو زياده تر بلڪ اولين سبب، حاجياڻي ماهه بيگم جي شخصيت هئي، جيڪا خود پڻ پنهنجي طور تي، مشهور تيموري خواتين وانگر خاص شخصيت جي مالڪ ۽ نهايت شهرت واري خاتون هئي. ظاهر آهي ته شاهه حسن سان تعلق جي بنا تي، هن فخري کي ٺٽي ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪيو هوندو. جيڪڏهن براهِ راست ميرزا عيسيٰ ترخان سان وابستگي پيدا ڪيل هجي ها، ته حاجياڻي ماهه بيگم جي بجائي ڪتاب، ميرزا عيسيٰ بيگ جي نالي سان معنون ڪري ها. فخري ميرزا عيسيٰ جي سرڪار سان وابسته ته ٿي ويو هو. ليڪن هن کي سڪون نصيب نه ٿي سگهيو.

هي واقعات (963هه) جا آهن. جيئن ته فخري ٺٽي جي حڪومت سان وابسته هو ۽ غالباً چند مهينا پهريائين يعني (962هه) ۾ ئي يا چند مهينا پوءِ (963هه) ۾ ”تقريب واري ملاقات“ جي طور تي، جنس جي مناسبت سان حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي خواتين شعراء جو تذڪرو ”جواهر العجائب“ تاليف ڪري چڪو هو.

جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ سنڌ ۾ اچڻ ۽ رهڻ بابت ته ذڪر ڪيل آهي ليڪن شاهه حسن ارغون سان 16 سال تائين وابستگي بابت ڪوبه اهڙو اشارو ڪيل نه آهي. بهرنوع هي فخري جي آخري تصنيف آهي، جيڪا هن سنڌ ۾ لکي ۽ جنهن کان پوءِ هن سرزمين کي، جنهن هن کي سورهن سترهن سالن تائين پاليو، خوش وقت ۽ آسوده حال رکيو. تنهن کي الوداع چئي هندستان جي طرف هليو ويو.

نيشنل ميوزم ڪراچي واري خطي نسخي جي ديباچي ۾ صاف طور تي هي عمارت تحرير ٿيل آهي:

”- بلقيس زمان رفيع مڪان و همان دوران و
دلشاد زمان و قدافئه عاليشان، ظل رحمت ابزد
بيچون و چراغ، اقبال قبايل ارغون حاجي
ماهه بيگم ايدالله تعاليٰ عمر ها و دولتها، جي
خدمت ۾ هي فخري پيو ويندو هو. هڪ
ڏينهن اُتان واپس ايندي کيس جهت انبساط
خاطر، اشرف آنحضرت هن ڪتاب جي تاليف
ڪرڻ جو خيال ٿيو-“

ائين ته نه ٿو چئي سگهجي ته فخري ڪتاب پيش به ڪيو يا پيدا شده خطرناڪ صورتحال جي سببان هن جو نسخو اڃان وٽس هو، ته هندستان مان اڪبر بادشاهه جي تخت نشيني (2 ربيع الاول 963هه) جي خبر سنڌ ۾ پهتي. گويا ميرزا عيسيٰ ترخان جي مسندنشيني (ربيع الاول 962هه) ۽ اڪبر جي تخت نشيني تائين پورو هڪ سال جو عرصو وچ ۾ گذاري چڪو هو. وڏو ملڪ جنهن جو بادشاهه به وڏو، سنڌ ۾ زندگي جا سورنهن سترنهن سال گذاري، ممڪن آهي ته فخري جي سنڌ مان دل ڀرجي به وئي هجي. ازانسواءِ حالات اهڙا هئا جن جو احوال مٿي ٿي چڪو آهي، نه حال نه مستقبل، ڪا خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. جنهنڪري گمان آهي ته فخري ”جواهرالعجائب“ جو مسودو ٺٽي ۾ ڇڏي ۽ مبيضه ساڻ ڪري اهڙي ذهني ڪشمڪش جي ڪيفيات ۾ هندستان ڏي هليو ويو، ته جيئن هڪ نئون ۽ تازو دم کڻي، وسيع تر دنيا ۾ پهچي بخت آزمائي ڪري.

جهڙي طرح سنڌ ۾ ماهه بيگم جو رعب تاب هو، تهڙي طرح هندستان ۾ به اڪبر بادشاهه جي دايه جيجي بيگم يعني ”ماهم انگه“ جو پڻ ڏهڪو هو. بادشاهه تائين پهچڻ ۽ پهچائڻ جو ذريعو اهائي ”جيجي بيگم“ هئي. هن جو چوڻ بادشاهه مڃيندو هو.

فخري جڏهن پايئه تخت (دهلي) ۾ پهتو، تڏهن ان وقت اًهائي- ”تقريب بهر ملاقات“ استعمال ڪيائين. جيڪو مسوده حاجياڻي ماهه بيگم لاءِ تيار ڪيائين، تنهن ساڳئي جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ نالي ۽ نظم جي ردوبدل ڪري، بلڪ پورو ديباچو بدلائي، ان ۾ اڪبر جي تخت نشيني تي چيل قصيدو لکي ۽ آخر ۾ هڪ ٻيو قصيدو ماهم بيگم جي نالي جو شامل ڪيائين. مطلب ته جواهرالعجائب جو نسخو جيڪو فخري، حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي سان معنون ڪري تيار ڪيو هو، سوئي ماهم انگه جي نالي دلشاد زمان و گوهرِ شاد دوران، مسند نشين بلقيس نشان، مهد عليا حضرت ماهم بيگم مدظلها جي نالي سان معنون ڪيائين.

فخري لاءِ اهڙي قسم جو تغير و تبدل ڪا نئين ڳالهه نه هئي. اهڙا شاهي دربارين جا شعراء، هميشه غير مستقل مزاج هوندا آهن يعني اهڙي قسم جي ڪمزوري هن جي مزاج ۾ شروع کان ئي موجود هئي. جيئن ته:

فخري پنهنجي تاليف ”لطائف نامه“ جي ديباچي ۾ درميش خان جي لاءِ ٻه مدحيه اشعار لکيا آهن. (ص 68 تي)

اُهي ساڳيا ٻئي اشعار ”روضة السلاطين“ ۾ ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ ٿوري تبديلي ڪري لکيا اٿس.

اهڙي طرح ساڳئي ڪتاب يعني تذڪره لطائف نامه ۾ ٻه اشعار شاهه اسماعيل جي مدح ۾ آهن پر جڏهن شاهه اسماعيل فوت ٿيو ۽ ان جو پٽ شاهه طهماسپ جو عهد شروع ٿيو ته انهن ئي اشعار کي جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ بدلائي طهماسپ جي مدح ۾ ڪري لکيائين، ڇو جو اها ايراني شاعرن جي پراڻي عادت هئي.

بهرنوع جواهرالعجائب جو ديباچو اڪبر جي سلسلي ۾ بدلايائين، تنهنڪري شاهه طمهاسپ جو ذڪر ڪرڻ هن لاءِ مقابلةً ۽ مصلحةً ضروري هو.

جواهرالعجائب جي نئين ديباچي ۾ سنڌ ۾ اچڻ ۽ رهڻ جو ته ذڪر موجود آهي. ليڪن ميرزا شاهه حسن ارغون سان سورنهن سال تائين وابستگي جي طرف هڪ اشارو به ڪيل نه آهي. بظاهر ان جو سبب فقط اهوئي ٿي سگهي ٿو ته شاهه حسن ارغون، اڪبر جي والد همايون سان ناروا سلوڪ ڪري چڪو هو. تنهنڪري مناسب نه هو ته پيءُ سان بدسلوڪي ڪرڻ واري جو ذڪر ان جي پٽ جي سامهون ڪيو وڃي؟

جواهرالعجائب، تذڪرن ۾ انهي ڪري اهم آهي جو فارسي ادب ۾ پهريون تذڪرو آهي، جيڪو شاعر عورتن جي لاءِ مختص آهي. هن کان اڳ پهريائين فقط عوفي، هڪ شاعره (رابعه خضداري) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ دولت شاهه، مهستي ۽ جهان خاتون جا ضمناً نالا ڏنا آهن. فخري پهريون ماڻهو آهي جنهن جواهرالعجائب لکي پهريون دفعو دنيا کي 31 شاعرات سان روشناس ڪرايو. گويا مابعد جي تذڪره نويسن لاءِ دروازو کولي ڇڏيائين. جيئن ته ان کانپوءِ رازي، تقي ڪاشي، تقي اوحدي، واله داغستاني، شير خان لوڌي ۽ لطف علي خان آذر، فارسي ۾ شعر چوڻ وارين عورتن کي پنهنجن پنهنجن تذڪره ۾ آندو. انهن مان شير خان ۽ آذر پنهنجن تذڪره جي خاتمي تي عورتن لاءِ علحده باب قائم ڪيو. آذر اَٺ ۽ شير خان پنڌرنهن عورتن جو ذڪر ڪيو آهي.

جواهرالعجائب، جيتوڻيڪ روضة السلاطين وانگر مختصر آهي ليڪن جيڪي ڪجهه هن ۾ تحرير ٿيل آهي سو نهايت قيمتي ۽ گرانقدر آهي. جيڪڏهن فخري، جدت کان ڪم وٺي عورتن جو جدا تذرو نه لکي ها ته بقول شمس الله قادري مرحوم:

”- انهن شاعر عورتن جا حالات، جيڪي ان
۾ مذڪور آهن نه فقط ناپيد ٿين ها بلڪ
انهن عورتن جا نالا نشان پڻ صفحئه هستي تان
محو ٿي وڃن ها-“

جواهرالعجائب ۾ ڪـُـل 31 شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي.

***

**

*

* مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي.
(1) مڪلي نامه. از: پير حسام الدين راشدي
(2) مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي
(1) کان (3) تائين مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي
* مڪلي نامه. از: حسام الدين راشدي
(1) ملا بهبود: هي ميرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو. ميرزا باقي محلسرا جي هڪ ڪنيز هن کي عطا ڪئي هئي، جنهن جي بطن مان، مير علي نالي فرزند پيدا ٿيو هو. ميرزا باقي جي زماني ۾ ميرزا جان بابا سان جنگ جي دوران سخت حملن کان پوءِ هي ڪم آيو. هن جي پٽ، خود ارغون خاندان جو فرزند تصور ڪري، مرايم علي سلطان جو لقب اختيار ڪيو هو. (تحفة الڪرام)
(1) تاريخ طاهري جي حاشيه تي قصي سان، قتل جي سلسلي ۾ هي شعر آيل آهي:

گگهيلي جي گار تان، ڪريان ڪٽاري گهاءِ

ميرزا صالح ماريــــان، ٻــــي نه ڪريان ڪاءِ
(1) مڪلي: ٺٽي جو مشهور قبرستان، جنهن ۾ وڏا وڏا علما، صوفيا، شعرا، بادشاهه، وزراء  ۽ اهل ڪمال مدفون آهن، منقول آهي ته ان نالي جي هڪ پاڪدامن خدا رسيده خاتون، مسجد مڪلي جي محراب جي زير سائي جيڪا شيخ حماد جمالي ولد شيخ رشيدالدين جمالي 93-793هه/90-1389ع ڄام تماچي جي عهد ۾ اتي تعمير ڪرائي هئي، سا مسجد جي ڀرسان اولهه طرف دفن ٿيل آهي. سندس چوڻ تي ان مسجد جو نالو ”مسجد مڪلي“ رکيو ويو هو. مگر آهستي آهستي اهو نالو مذڪور قبرستان تي پئجي ويو. هن مسجد جون چارئي ڀتيون ڄام نظام الدين جي مقبري جي سامهون نهايت خسته حالت ۾ موجود آهن. شيخ حماد جمالي هن مسجد جي تعمير ٿيڻ بعد سمن کي حڪم ڪيو ته آئينده لاءِ هن مسجد جي آسپاس پنهنجا مقبرا تعمير ڪرايو. ان کانپوءِ سمه حڪمران ۽ ٻيا ڪيترا اهل ڪمال هتي دفن ٿيڻ لڳا. جڏهن ته ان کان پهرين سمن جو قبرستان ”پيرپٺي“ تي هو. (تحفة الڪرام)
(1) تذڪره جواهر العجائب ۾ دختر قاضي سمرقند کان، ساڳئي بحر تي چيل غزل جو مطلع هي آهي:

رسوائي عشق، از مردم عالم، غمي دارد
که عاشق کشتن و رسوا شدن، هم عالمي دارد

ساڳئي تذڪره جي ص 135 تي ڪنهن ٻئي شاعر جي غزل جو هي مطلع ڏنل آهي:

مگر نو روز عالم بهر مي هرکس غمي دارد
که بنگ ساده، هرگم باده نبود عالمي دارد

صفحو ؛ 9
 

ميرزا محمد باقي ترخان

ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ ميرزا محمدباقي ترخان (973هه-993هه) تخت نشين ٿيو،

ميرزا محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سمورن ترخانن ۽ ارغونن فرمانروائن مان هن جو سڀ کان زياده ظالمانه دؤر حڪومت هو. هن سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن کي جيڪي اذيتون ڏنيون تن کي پڙهڻ سان انسان لزره براندام ٿئي ٿو. هو پنهنجي ظالمانه طينت جي آسودگي لاءِ ظلمن جا نوان نوان بهانا گهڙيندو هو. جاهلن، خوشامدڙين ۽ چاپلوسي ڪندڙن کي پنهنجي حڪومت ۾ وڏا وڏا منصب ڏئي ظلم جي چڪي کي پاڻ وڌيڪ تيز تر پيو ڪندو هو. مال ۽ دولت کي جمع ڪرڻ جي هوس، هن کي انصاف ۽ رعايا پروري کان بلڪل بي بهره بنائي ڇڏيو. خدا جي قدرت سندس آخري ايام پڻ، قدرت جي قانون مطابق، سورن ۽ چريائي جي عالم ۾ گذريا. آخرالامر قدرت به کيس چيچلائي چيچلائي مٿس پنهنجو قهر نازل ڪري مرگ مفاجات جي ذريعي ماريو.

ميرزا محمدباقي سڀ کان پهرين ارغونن جي قتل جو عام حڪم جاري ڪيو ۽ پڻ اهو به حڪم ڪيائين ته هنن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ بعد هنن جي ٻارن ٻچن سان جيڪو وڻيو سو برتاءُ ڪجو. ان قتل عام کانپوءِ جيڪي ارغون باقي بچا سي جلاوطن ٿي هميشه لاءِ بکر ڏي ڀڄي ويا.

تاريخ طاهري ۾ اسان کي ارغونن جي قتل جا تفصيلات ٻي طرح ملن ٿا. تاريخ طاهري ۾ آهي ته ميرزا محمد باقي جي تخت نشين ٿيڻ بعد ارغونن متفقه طور تي هڪ لشڪر ڪٺو ڪري طئي ڪيو ته جيڪڏهن هو اسان کي ميرزا شاهه حسن ارغون وارو خزانو ڏيندو ته فبها ورنه نوبت جنگ تي ٿيندي.

جڏهن ميرزا باقي کي مذڪور شورش جي خبر پئي تڏهن هن فيصلو ڪيو ته، هاڻي حڪمت عملي جي ڳالهين مان ڪجهه به نه ورندو. تنهنڪري هاڻي اهڙو ڪو طريقئه ڪار اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪو هميشه لاءِ ان فتني کي ختم ڪري ڇڏي.

بهرنوع هن ارغونن کي سڏائي چيو ته فڪر نه ڪريو آءٌ فلاڻي ڏينهن توهان کي خزانو ورهائي ڏيندس. ان کانپوءِ پنهنجي خاصخيلين، حبش خان، شيرنگ خان ۽ ملا صالح کي سڏائي خفيه طور تي حڪم ڪيو ته آءٌ جڏهن ارغونن کي ديوان خاني (دربار) ۾ خزاني جي ورهاست لاءِ سڏائيندس، تڏهن توهان مان هرهڪ، ٿورن ٿورن جوان بهادرن سان ديوان خاني جي فلان فلان صفحن ۾ لڪي ويهه جو پر اهڙي تياري سان جو، جيئن وجهه ملي ته يڪدم اُنهن تي حملو ڪري ختم ڪجو.

مقرر تاريخ تي قاضي خميسو(1) ۽ ٻين کي حڪم مليل هو،سي ديوان خاني ۾ هٿيارن سان لڪي ويهي رهيا. ميرزا باقي جنهن دري وٽ بيهي ماڻهن کان سلام وٺندو هو، تنهن وٽ اچي بيهي، خزانيدارن کي حڪم ڪيائين ته هو رپين ۽ اشرفين جون صندوقون توشه خاني مان ڪڍي  هڪ هنڌ رکن ۽ عام و خاص ارغونن کي عام دعوت ڏنائين ته هو سمورا ننڍا وڏا اچي حاضر ٿين ته جيئن ان جهڳڙي کي ختم ڪيو وڃي. جيڪو ڪيتري مدت کان پنهنجي وچ ۾ اهو مابه النزاع هليو پيو اچي. بيخبر ارغون انهي خوشخبري کي ٻڌي شادان، فرحان و خندان ٿي، رپين ۽ اشرفين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇي گهوڙن تي سوار ٿي ۽ فاخره لباس پائي، ديوان خاني (دربار) ۾ قاضي خميسي وٽ اچي گڏ ٿيا. جڏهن سمورا ارغون اچي گڏ ٿيا تڏهن ميرزا باقي انهن کي چوائي موڪليو ته ڪيتري وقت کان وٺي، توهان سمورن کي ڏسڻ لاءِ منهنجي دل ۾ تمنا آهي ۽ خصوصاً جو هينئر توهان سڀ اچي گڏ ٿيا آهيو. آءٌ به هينئر اڪيلو ۽ هٿيارن کانسواءِ بالاخاني تي ويٺو آهيان. تنهنڪري توهان به بغير ڪنهن خوف ۽ هراس جي مون وٽ هليا اچو. ڇو جو توهان به منهنجا ڀائر آهيو. ساده لوح ارغون به اشرفين جي لالچ ۾ بغير هٿيارن جي هن وٽ هليا ويا ۽ صفون ٻڌي اچي هن جي سامهون ويٺا. جڏهن سمورا اچي ويٺا، تڏهن ارغونن کي مخاطب ٿي چيائين ته: اي عزيزؤ، آءٌ پاڻ هن خزاني مان بيزار ٿي چڪو آهيان تنهنڪري خزاني جي رپين ۽  اشرفين کي توهان سمورن ۾ ورهائي، توهان سمورن کي پنهنجو عزيز بنائڻ چاهيان ٿو ۽ آءٌ هاڻي ئي توهان کي ورهائي ڏيان ٿو. توهان کي خبر آهي ته اڄوڪو ڏينهن به عجيب آهي. دولت اهڙي شيءِ آهي جو پيءُ کي پٽ جو ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ٿي. مون کي فڪر آهي ته دولت جي ورهائڻ وقت جيڪو عموماً شور ۽ شر ٿئي ٿو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿئي ٿو، تنهن گڙبڙ کان مون کي جيئن آزار نه پهچي. جنهنڪري آءٌ پري ٿي وڃي ويهان ٿو. ائين چئي هو پري ٿي وڃي ويٺو ۽ پنهنجي پٽ کي حڪم ڪيائين ته، هو اشرفيون وغيره تقسيم ڪري. ان اڃا صندوقن جا تالا به نه کوليا هئا ته لڪل ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، جن کي پهريائين اهڙي قسم جو حڪم مليل هو ته، ارغونن مان هڪ به جيئرو نه ڇڏجو. سو نڪرڻ سان ئي هنن، ارغونن تي اهڙو ته سخت حملو ڪيو ۽ اهڙو ته هنن جو قتل عام ڪيو جو هنن مان هڪ به باقي جيئرو نه رهيو. ان کانپوءِ قتل ٿيل ارغونن جي سرن کي ڌڙن کان ڌار ڪري ديوان خاني جي دري مان پئي ٻاهر اڇلايو ويو. باقي ارغون عوام جيڪي قاضي خميسي جي چؤگرد ديوانخاني کان ٻاهر بيٺل هئا تن کي به هن قتل ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايستائين جو هڪ به ارغون قلعي مان ٻاهر صحيح سلامت وڃي نه سگهيو. انهي کانپوءِ ميرزا باقي پنهنجن خاصخيلين کي وري حڪم ڪيو ته هو ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي هنن جو قتل عام ڪن. ڀلي کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي تنهن کي به جيئرو نه ڇڏين. ان بعد سندس حڪم مطابق جلادن جي هڪ خاص جماعت، ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي اُتي جيڪو به ٿي هنن کي هٿ چڙهيو تنهن کي سواءِ قتل ڪرڻ جي نه ٿي ڇڏيائون. آخرالامر اهڙي موت جي گرداب مان باقي جيڪي ارغون بچيا سي گجرات ڏانهن هليا ويا. شاهه قاسم ارغون ۽ علي شير ارغون، سميجن ۾ وڃي پناهه ورتي.

دريائي ارغون ولد علي شيرارغون، هن قتل عام کانپوءِ ارغونن جي تباهه حالت کي بيان ڪندي پيو چوندو هو ته، مذڪوره حادثي کانپوءِ ارغونن جي اها حالت وڃي ٿي، جو نه کائڻ لاءِ ماني ۽ نه پائڻ لاءِ ڪپڙو ميسر هو. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو گهوڙو هو ته اُهو به بک ۾ پاهه ٿي ڏٻرو ۽ ضعيف ٿي ويو هو. پراڻين تلوارن کانسواءِ جيڪي مياڻن ۾ هونديون هيون ۽ پراڻين نڪمين ڪمانن کانسواءِ باقي هنن وٽ ڪجهه به نه رهيو. فقط شڪار تي هنن جي گذربسر پيو ٿيندو هو ۽ بدنصيبي کان هنن تي اهڙو به وقت اچي ويو، جو پيءُ پٽ کان ۽ پٽ پيءُ کان جدا ٿي پريشان حال زندگي پيو گذاريندو هو.

آمدم برسرِ مطلب، ترخان نامو جي متن ۾ ميرزا باقي جي احوال ۾ پڙهي چڪا آهيون، ته هن ڪهڙي ڌوڪي ء ۽ دغا سان ڪيترائي دفعا قرانن تي هٿ رکي ۽ مٿي تي رکي، پنهنجن ڀائرن، عزيزن، قريبن، حتاڪه پنهنجي ناٺين کي به ”هوتي ۽ نوتي“ جهڙن جلادن هٿان ڪهڙي نه بيدردي سان قتل ڪرايو! بلڪ پنهنجي ماءُ حاجي ماهه بيگم جنهن جي ڪوششن ۽ عاجزين سان ميرزا باقي وليعهد ٿي تخت نشين ٿيو. ورنه ميرزا عيسيٰ ته پنهنجي ٻئي نمبر پٽ ميرزا محمدصالح جي مرڻ کانپوءِ پنهنجي ٽئين نمبر پٽ ميرزا جان بابا کي ولي عهد ڪري تخت نشين ڪرڻ ٿي چاهيو پر ماهه بيگم، ميرزا عيسيٰ جي مرڻ وقت، خفيه پيغام محمدباقي ڏي موڪلي کيس تاڪيدن سان گهرائي تخت نشين ڪيو، جيتوڻيڪ ميرزا عيسيٰ ماهه بيگم کي چيو ته تون هن کي ولي عهد ڪرڻ چاهين ٿي، پر ياد رک تنهنجو خود موت هن ظالم جي هٿان ٿيندو. خدا جي قدرت ٿيو به ائين جو ميرزا باقي، ماءُ (ماهه بيگم) کي قيد جي ڪوٺڙي ۾ بند ڪري هن جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏيائين، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ کـُـڙيون گهرڙي گهرڙي، بک ۽ اُڃ وگهي پاهه ٿي قيد ۾ ئي مري وئي.

قاضي خميسو، جيڪو ميرزا باقي جي پريشانين وقت ساڻس گڏ هو، تنهن کي ”وڪيل ڪل“ مقرر ڪيائين. هي اهڙو اهم عهدو هو جو، ملڪ جو مدار ئي انهي عهدي تي هو. قاضي خميسي جي خوشنصيبي کيس ان بلند مرتبي تي رسايو جو ڪيئي هزار سوار ۽ پيادا ساڻس همرڪاب رهندا هئا. هن جي شان و شوڪت جو اهو عالم هو جو جيترن به رنگن جا هن وٽ گهوڙا هئا، اوترائي جداجدا انهن گهوڙن لاءِ طنبيلا ٺهرايائين. هن جا طنبيلا عراقي، ڪڇي، ترڪي، تازي ٻين انيڪ نسلن جي گهوڙن سان ڀريل هوندا هئا. جيتوڻيڪ هو بذات خود جاهل هو. ليڪن هڪ طرف زماني جي ستم ظريقي ۽ ٻئي طرف خميسي جي خوشنصيبي، اها هئي جا سندس دؤر جا جيد علماء پنهنجي ضرورتن سبب، خميسي کي پنهنجو وسيلو بنائڻ تي مجبور ٿيندا هئا ۽ هن جي  جاهلانه گفتگو ٻڌي برداشت ڪندا هئا. مطلب ته ايڏي اوج هوندي به سندس اخلاقي حالت اها هئي جو هڪ ڏينهن شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ سيد علي شيرازي ڪن ٻين بزرگن سان گڏجي خميسي جي جاءِ تي ويا ته بنا کيڪارڻ جي عالم کي ٽوڪيندي، حقارت ۽ ٺٺولي جي انداز ۾ چيو ته: اَچو ملئو! ڪيئن آيا آهيو؟ عالمن هن جي اها بي مروتي ڏسي نهايت پشيمان ٿيا پر قاضي نعمت الله جيڪو مذڪور علمائن ۾ نهايت تيز ۽ ذهين طبيعت وارو هو، تنهن خميسي کي چئي ڏنو ته قاضي! اسان کي ٻڌاءِ ته ملا جي ڇا معنيٰ آهي؟ جيئن ته خميسو مطلق جاهل ۽ اڻپڙهيل هو انهيءَ ڪري جواب نه ڏئي سگهيو، جيڪا سراسر سندس لاءِ بيعزتي جهڙي ڳالهه هئي، سو چالاڪي ڪري، علمائن جو قطع ڪلام ڪري، هڪ گول دائري جي شڪل زمين تي ڪڍي پڇيائين ته ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟ علمائن جو وفد، جنهن ۾ سمورا اهل ڪمال علماء هئا، سي هن جي سوال تي حيران ٿي چوڻ لڳا ته اسان کي ته ان باري ۾ ڪابه خبر نه آهي. تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته هي ڇا آهي؟ خميسي جواب ۾ چيو ته ميان هي کائڻ واري ماني جي شڪل آهي، جو توهان جهڙا بزرگ به هن جي چڪر ۾ ڦرندا وتن. وري يڪدم ٻيو دفعو خميسي زمين تي پنهنجي آڱر سان نانگ ۽ بلا جو ور وڪڙ جهڙي شڪل  تي ليڪو ڪڍي چيو ته، هي هن کان به سولو سوال آهي، ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟ وري هنن بزرگن جواب ۾ چيو ته اهڙي شڪل بابت به اسان کي ڪا خبر نه  آهي. جيتوڻيڪ اسان علم هئيت، حڪمت، رياضي، ڪيميا، ريميا، سيميا، توحيد ۽ تسخير سڀ پڙهي چڪا آهيون. بهرنوع تون ئي ان تي روشني وجهي ٻڌاءِ! خميسي خان چيو ته توهان ايتري وڏي علم وارا ٿي ڪري مذڪور شڪل کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا آهيو، سو رعبدار آواز ۾ چيائين ته: ڇا توهان اڄ ڏينهن تائين به ڍڳي کي پيشاب ڪندي نه ڏٺو آهي؟ جنهن تي عالم چيو ته ها، برابر هاڻي اڄ ڏٺوسين. خميسي جي صحبت ناجنس کان، هي سمورا علماء متنفر ٿي، بغير پنهنجي ضروري بيان ڪرڻ جي يڪدم اُٿي کڙا ٿيا. قاضي خميسي جڏهن ڏٺو ته هي علماء ناراض ٿي وڃي رهيا آهن، تڏهن يڪدم شرمسار ٿي معافي وٺي کانئن اچڻ جو سبب پڇي، پوءِ اُهو ڪم ڪري وڏي عزت سان کين وڃڻ ڏنائين.

مٿئين واقعي مان اندازو ڪري ڏسو ته، ميرزا باقي ڪهڙي قسم جي نااهل ماڻهن کي ملڪ جي حڪومت جون واڳون سپرد ڪيون؟

جيڪي مسافر نوان نوان شهر ۾ ايندا هئا، تن کي سڏائي ظاهري هنن سان نهايت خنده پيشاني سان پيش ايندو هو ۽ هنن سان نهايت همدردي جو برتاءُ ڪندو هو. جنهن بعد هو ڌوڪي ۾ اچي، ميرزا باقي جي تعريف ڪري چوندا هئا ته هن کان وڌيڪ همدرد ۽ مسافر نواز، دنيا ۾ ٻيو ڪو ورلي هوندو. المختصر پوءِ انهن مسافرن کي درياءَ جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان، مرادئي ميربحر جي حوالي ڪبو هو ته، جيئن هو هنن کي درياءَ جو سير ڪرائي. مراديو به انهن کي بناوٽي ٻيڙي ۾ درياءَ جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان چاڙهي ويندو هو ۽ جڏهن وچ درياءُ ۾ ايندو هو ته تڏهن ڪشتي جو هيٺيون تختو ڪڍي،  هنن مسافرن جي، ڪشتيءَ حيات کي گردابِ اَجل ۾ غرق ڪري ڇڏيندو هو.

هنن بيروني سياحن ۽ مسافرن کي غرق ڪرائڻ کان، ميرزا باقي جو مقصد اهو هوندو هو ته جيئن ڪوبه مسافر ملڪ جا حالات ٻاهر نه پهچائي سگهي يا ٻئي ڪنهن بيروني ملڪ ۾ ميرزا جي خلاف متان ڪو آواز پهچائي سگهي. اهڙي طرح جنهن شخص کي ملاقات ڪرڻ جي لائق نه سمجهندو هو ته ان کي ٻاهر ئي ختم ڪرائي ڇڏيندو هو.

مطلب ته ميرزا باقي جي ناشائسته حرڪتن ۽ ظلمن کان عوام ايتري قدر ته تنگ ٿيو جو رات ڏينهن هن کي پيا بددعائون ڪندا هئا. 992هه ۾ اوچتو ميرزا باقي کي سندس وڏي پٽ ميرزا شاهه رخ جي مرڻ جي خبر پئي، جيڪو ان وقت سرڪار نصرپور جو حاڪم هو. ميرزا باقي کي، وڏي پٽ جي مرڻ جو وڏو صدمو پهتو. جنهن بعد هن پنهنجي حرم سرا ۾ ٻانهنين جي شلوارن ۾ ٻليون وجهرايون ۽ ان سان گڏ هنن جا سينا پڻ ڪپائي ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌي رستن تي گهل رايائين ۽ پوءِ پيو چوندو هو ته هنن ئي منهنجي پٽ کي مون کان جدا ڪيو هو! هن جي ظلمن ۽ رعايا جي بددعائن آخر رنگ لاتو. ميرزا باقي کي آخري عمر ۾ پنهنجي جان جو خوف ٿيڻ لڳو. ته متان کيس زهر نه ڏين. تان جو هن جي کاڌي پيتي جي شين تي جيسين هن جي متعدد خاص، ملڪ احمد خان، جنهن کي پٽيلو ڪيائين، تنهن جي مهر نه لڳل هوندي هئي، تيسين هرگز نه کائيندو هو ۽ نه پاڻي پيئندو هو. هاڻي سندس  ظلمن خود کيس ڏنگڻ شروع ڪيو. ميان حسن، (سيد طاهر محمد نسياني جو والد) روايت ٿو ڪري ته: مرڻ واري رات ميرزا باقي پنهنجي خاص خدمتگارن ”مار قدم قورچي“ (هٿياربند سپاهي) ۽ ”ڇتي هندو“ ۽ ”دريائي آبدار“ جن سان محو استراحت هو. ٻاهر سندس پٽيلي ملڪ احمد جي چؤنڪي هئي ته، اوچتو اڌ رات جو ميرزا باقي جي اک کلي ۽ پنهنجي پلنگ تان اُٿيو ۽ کيس اهو به خوف ٿيو ته سندس پهريدار متان بيدار ٿين. سو اُٿڻ سان پهرين چراغ وسائي ڇڏيائين. ان کانپوءِ پنهنجي خاص تلوار مياڻ مان ڪڍي ۽ ان جي چهنب پنهنجي پيٽ تي رکي، تلوار جو قبضو يعني مـُـٺ، درِي جي طاق ۾ اڙائي اهڙي طرح زور سان دٻايائين، جو تلوار جي چهنب سندس پيٽ مان ٿيندي، پـُـٺي کان ٻاهر نڪري آئي. جنهن بعد هن جا آنڊا ٻاهر نڪري آيا. هن پنهنجن آنڊن کي هڪ هٿ ۾ جهليو ۽ ٻئي خون آلوده هٿ سان اونداهي ۾ رستو ڳولهيندو، ڀتين کي ويو خون سان رنڱيندو. جڏهن هو پنهنجي پلنگ تائين پهچي نه سگهيو ته ايتري ۾ سندس هلڻ جي آواز کان ستل خدمتگار، ننڊ مان سجاڳ ٿيا. ڏسن ته ميرزاباقي سڄو خون ۾ تر ٿيو پيو آهي ۽ مرغ بسمل وانگر پيو تڙپي ۽ چراغ وساڻل آهي. سو پهرين ته هن کي پلنگ تي ليٽائي، چراغ روشن ڪري ڏسن ته ميرزا باقي نزع جي عالم ۾ آهي ۽ هن جي زخمن مان تيزي سان خون پيو وهي. خدمتگار پٽڪا لاهي زمين تي اُڇلائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ پٽڻ لڳا. هنن جي روڄ پٽجي جي آواز تي، چؤنڪي وارا پهريدار پڻ هوشيار ٿيا. اهڙي حالت ۾ ميرزا باقي، پنهنجي پٽيلي ملڪ احمدخان کي ياد ڪري سڏايو. هن وٽ ماڻهو ويا پر هو نه ٿي آيو. ليڪن وري به هن وٽ نوڪر ويا ۽ کيس ٻڌايائون ته ميرزاباقي تي نزع جو عالم طاري آهي ۽ هن کي پنهنجي  آخري ديدار جي سڪ ٿي آهي. جنهن تي ملڪ احمد لاچار ٿي، ميان حسن کي ساڻ ڪري ويو، ڏٺائين ته ميرزاباقي نزع جي حالت ۾ پيو هو. ملڪ احمد جي اچڻ بعد ميرزاباقي جي جيئن مٿس نظر پئي، تيئن کيس يڪدم، ”پٽم پٽم“ چئي پاڻ ڏي ڪري کڻي ڀاڪر وڌائينس. المختصر ميرزاباقي پنهنجي آخري وقت ۾ سڀني کي مخاطب ٿي چيو ته توهان منهنجي هن ڳالهه جا شاهد رهجو ته: مون خود پنهنجو پاڻ کي قتل ڪيو آهي. متان ڪنهن ٻئي تي منهنجي خون جي تهمت لڳائي وڃي. سڀاڻي منهنجي پٽن ۽ اميرن کي به اصل حقيقت کان آگاهه ڪجو.

ليڪن پوءِ به ڪيترن ماڻهن کي بي گناهه ميرزاباقي جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري مارايو ويو. ميرزا محمد باقي خميس ڏينهن تاريخ8 شوال 993هه جي وفات ڪئي. لب تاريخ سنڌ ۾، مادهءِ تاريخ وفات حسب ذيل ڏنل آهي:

ز غيب آمد ندا تاريخه او گفت
”که گوئي سرور و سردار“ باقي
              993هه

ميرزا باقي کي مڪلي واري قبرستان ٺٽي ۾ دفنايو ويو. هن جو مقبرو سمورن ترخانن جي دفن گاهه کان جدا ۽ پنهنجي والد ميرزا عيسيٰ جي مقبري جي ڏکڻ اتر طرف، ٽن سؤ قدمن جي فاصلي تي واقع آهي. جنهن جي چار ديواري ۾ چند قبرون آهن. ان چار ديواري جي وچ ۾ هڪ ٻي ننڍي چار ديواري آهي، جنهن ۾ پنج قبرون آهن. انهن مان ٻيو نمبر قبر ميرزا باقي جي آهي، جنهن تي حسب ذيل ڪتبو نصب ٿيل آهي، جيڪو پيراندي کان آهي:

وفات يافت حضرت جنت

مکاني الواصل الي جوارالملک

الرحمان ميرزا محمدباقي بن ميرزا

محمدعيسيٰ ترخان در تاريخه

روز پنج شنبه هشتم

شهر شوال سنه 993هه

مذڪوره ننڍي چوديواري جي اندرين خواهه ٻاهرين پيشاني تي چوڌاري، آيات اُڪريل آهن، محراب تي پڻ آيت جي اُڪر آهي. اندر آيتن کانسواءِ ديوار جا ڪنارا ۽ پاوا نقشيدار آهن. ديوار ۾ هوا لاءِ ڄاريدار جارا آهن. مٿان ڇت ناهي(1) .آيتون هن ريت آهن:

ٻاهرين ڪناري تي:

بسم الله….تبارک الذي….بماء معين. (سوره الملک، آيت 1 تا 20)

بسم الله….قل هو الله احد……ڪفواً احد. (سوره الاخلاص، آيت 1)

صدق الله…. و الحمد الله رب العالمين،

مشقـہ العبد الفقير الي الله الملک المتين، حسن بن رڪن الدين(2).

(3)  ساڳي چوديواري ڀرسان ميدان تي ميرزا باقي جي ٻين عزيزن جون پڻ قبرون آهن. اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان عالم پناهه ۾ دروازو آهي.

(4)  اندرين ڪناري تي:

بسم الله…..اذا وقعته الواقعة….فسبح باسم ربک العظيم. (سوره الواقعه، آيت 1)

مشقـہ العبد الفقير الي الله الملک المتين حسن بن رڪن الدين.

محرام تي اندرين پاسي:

فنادتـہ الملائکة…في المحراب. (آيت آل عمران)

قبر جي لوڙهه تي پاسن کان:

قال الله سبحانـہ تبارک و تعليٰ.

شهدالله انـہ لا الـہ الاهو الملائکة…بصير بالعباد. (سوره آل عمران)

صدق الله….النبي الڪريم.

بسم الله….تبارک الذين…بماء معين. (سوره الملک)

بسم الله…الله لا الـہ الاهو الحي القيوم….هو العلي العظيم. (سوره البقره)

قال الله….کل شيئا هالک…ترجعون. (سوره القصص)

صدق الله يبشرهم ربهم…..عنده اجر عظيم (سوره التوبه)

صدق الله….رسولـہ النبي الڪريم.

ميرزا محمد باقي ٽيهه (30) سال مسلسل سنڌ تي حڪومت ڪئي. ميرزا باقي جي والده، سنڌ جي سوڍن مان هئي. جنهنڪري ارغون ۽ ترخان کيس طعني طور ”سندي بچه“ ڪري سڏيندا هئا. ليڪن افسوس جو هن سنڌي ٻچي، سنڌ اندر جيڪي ظلم ڪيا تن جو مثال، ڌاري تسلط جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهي.

ارغون ۽ ترخان سؤ ورهن کان مٿي سنڌ ۾ رهندا آيا ۽ هميشه پاڻ کي برتر ۽ بالا سمجهندا رهيا. هو فاتح هئا ۽ سنڌي محڪوم. حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ جيڪو فرق ٿئي ٿو سو، شدت ۽ وڏي شدمد سان، زير بحث دؤر ۾ قائم رهيو.

ياد رهي ته هر دؤر جي سياست ۽ معاشري جا نقيب پنهنجي ان دؤر جا شعرا ۽ اديب ٿين ٿا. ان دؤر جو ادب ۽ شاعري هڪ آئينو آهي. جيڪو پنهنجي دؤر جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهي شعر و ادب جي وسيلي، اُن جي معاشري، سماج ۽ سياست جا نقشا اُڀري اسان جي سامهون اچن ٿا.

ميرزا باقي جي دؤر جي شاعرن کي مطلع ڪرڻ سان هنن جي ڪلام ۾ نهايت واضح ۽ شعوري طور تي ميرزا جي ظلمن ۽ ان دؤر جي بدحالي ۽ تاريڪي جو نقشو اکين جي سامهون اچي ٿو. ان زماني ۾ ميرزا تي ڪيترن شاعرن هجويه شعر جوڙيا جن مان ڪي محفوظ آهن.

صاحبِ مقالات الشعرا، ترخاني دؤر جي، ”رنگين“ تخلص واري شاعر جا ٻه اشعار ڏنا آهن، جيڪي ميرزا باقي متعلق آهن.

در زماني ميرزا باقي نماند
امتيازِ نيک و بد اندر جهان
قدر دولت را ندانست تاکه شد
شهر کاسه ليس يا جمعي سگان

غضنفر بيگ جيڪو ميرزا باقي جي دؤر جو شاعر هو ۽ ارغون خاندان مان هو. ميرزا باقي جي ظلمن جي بجلي جڏهن ارغونن جي سرن تي اچي ڪڙڪي، تڏهن هي غريب به ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ ميرزا باقي هن کي پنهنجي وطن ٺٽي مان جلاوطن ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ميرزا باقي جي حڪومت جو بقيه دؤر جلاوطني جي عالم ۾ ڪيچ مڪران ۾ گذاريائين. هن جي جيئري، هي غريب ڪڏهن به پنهنجي وطن کي ڏسي نه سگهيو. ميرزا باقي جي مرڻ بعد جڏهن ميرزا جاني بيگ تخت سلطنت تي ويٺو، تڏهن ميرزا خسرو خان چرڪس(1) جي توسل ۽ سفارش سان ميرزا جاني بيگ جو مقرب ۽ ملازم ٿي اچي شامل ٿيو. هو پنهنجي جلاوطني جو شڪوه ڪنان ٿي ميرزا باقي جي متعلق چوي ٿو ته:

نمود آواره ام ميرزائي باقي
نيا سايد دمي بر جائي باقي
ز حق است عنقريب اين آرزويم
که گوشم بشنود: اي هائي باقي!

”فراقي“ جيڪو ميرزا باقي جي دؤر جو شاعر هو تنهن، باقي جي وفات کانپوءِ جڏهن ميرزا پاينده ۽ پٽس جاني بيگ مسند نشين ٿيا تڏهن فراقي شاعر چيو ته:

بزرگانِ زمانِ شاه ”باقي“
ندانستند احوالِ ”فراقي“
کنون، پاينده چشمِ مهرباني
همي دارم من از ياران ”جاني“

مٿين شاعرن کانسواءِ رافت، علي خان ۽ نعمت الله، ميرزا باقي جي دربار جا مشهور شاعر هئا. ميرزا محمدباقي کي پنهنجي جهانباني ۽ سياسي بصيرت سان گڏ شاعري جو به شعور هو ۽ چڱو شاعر هو. تخلص باقي ڪيائين ميرزا باقي جي شاعريءَ متعلق، تذڪره مقالات الشعراء ۾ پڻ ذڪر آيل اهي.

ڪتاب محڪ فخري، جيڪا صوبدار خان جي حڪم سان 1257هه/1841ع جي لکيل آهي، تنهن ۾ ميرزا باقي جي نالي ٻه غزل تحرير ٿيل آهن. جي ٻئي غزل هن هيٺ پيش ڪن ٿا:

غزل

نه آرامي نه دردش نه اميدِ زيستن دارم

بمرگِ خود شدم راضي چه عمر است اين که من دارم

چه سان شرحِ گرفتاري دلِ گويم که در هجرت

نه پروائي گلستانِ نه سر و برگ چمن دارم

نه جورش را بود حدي نه صبرم را بود پايان

چه جور است اين که او دارد چه صبر است اين که من دارم

چه سان حالِ دلِ خود گويم آنمه را اگر بينم

شوم لب بسته گاهِ ديدنش گرصد سخن دارم

چنين گر دل شدم ”باقي“ اسيرِ عشق بد خوئي
نه دل دارم بلائي بهر جانِ خويشتن دارم

ايضاً

منم و ساغرِ عشرت ز مئي سودائي

عاشقِ سوختهءِ دل شدهءِ رسوائي

نه نصيبم ز عقل و نه ز خويشم خبري

نه بکس گفت و شنيدي نه ز خود پروائي

مال و جاهي که درين عالم پر درد و غمست

اندک و بيش نديديم چو بي غوغائي

از جهان دست کشيديم و شديم آسوده

بنهاديم روان برسرِ عالم پائي

بهتر از ملک و جهان است سراسر ”باقي“
بفراغت نظري بر رخِ مه سيمائي

فرد

تلاشِ منصبِ دنيا فزوده درد سرم
کنون کلاهِ نمد اختيار بايد کرد

* * *

(1) قاضي خميسو: تحفة الڪرام ۾ آهي ته هي هڪ آواره شخص هو، قاضي واري لقب جي برعڪس، نهند نام زنگي ڪافور جي مصداق هو. ميرزا باقي جي رفاقت ۽ پنهنجي قسمت جي ياوري سببان، نالائق هئڻ جي باوجود، ميرزا باقي جي عهد ۾، اُن جي ڀاءُ ميرزا محمدصالح (اول) جي سڀني جاگيرن تي قبضو ڪري پوري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدارالهام بنجي ويو. هن جو عروج ان حدتائين ٿيو جو هو هزارين گهوڙن ۽ ملازمن جي جلوس ۾ نڪرندو هو. ليڪن نهايت ذليل انسان هو.
(1)  کان (4) مڪلي نامه
(1) خسرو خان چرڪس: هي چنگير خان جي اولاد مان ان چرڪس خان سان منسوب آهي. جيڪو قبچاق جي ميدان تي حڪومت ڪندو هو. شروع ۾ هي ملاجاني بندري وٽ هو، جنهن کان ميرزا عيسيٰ (اول) وٺي آيو ۽ پاڻ وٽ پهرين ”آفتابه بردار“ يا ”آفتابچي“ ڪري رکيو. سندس حسن اخلاق ڏسي ٿوري عرصي کانپوءِ کيس چند پرڳڻن جي حڪمراني عطا ڪيائين. ميرزا باقي جي زماني ۾ به هن ترقي ڪئي تان جو ميرزا جاني بيگ جي عهد ۾ خسرو خان ان جو وڏو معتمد امير بنجي ويو. منقول آهي ته هن جهڙو باتوفيق ۽ صاحبِ خير انسان هن سرزمين تي ٻيو پيدا نه ٿيو. خسرو خان جي حڪومت ۾ چرڪس خاندان جي فردن ۽ ان جي ڏهٽن وڏا ظلم ڪيا. جنهنڪري هو ميرزا غازي جي دل تان لهي ويو ۽ غازي بيگ، خسرو خان جي موقوفي جو حڪم جاري ڪري سندس جاءِ تي هندو خان کي مقرر ڪيو هو. ليڪن جلدئي ميرزا غازي وفات ڪئي ۽ سنڌ، تيموري مغل حڪمران جي تصرف ۾ آئي. (تحفة الڪرام)

سيڪشن؛  تاريخ
ڪتاب: ترخان نامو
 
صفحو ؛ 10
  ميرزا محمد پائينده بيگ

ميرزا محمد باقي جي وفات کان پوءِ، قرعئه سلطنت هن جي فرزند ميرزا محمد پائينده بيگ جي نالي تي پيو. هي مجذوب الحال، مخبوط العقل ۽ دنياؤ مافيا کان بي خبر هو. جنهنڪري اميرن، ميرزا پائينده جي بجائي ان جي فرزند يعني ميرزا باقي جي پوٽي، ميرزا جاني بيگ کي مسند نشين ڪيو.

ميرزا پائينده، پي جي زماني ۾ پٽس ميرزا جاني بيگ ۽ مصاحب شمس ڪشميري سميت سيوهڻ جو حاڪم هو. 982هه ۾ بکر جو به حاڪم ٿيو.

جڏهن ميرزا جاني بيگ سنڌ جي مفتوح ٿيڻ بعد هندستان وڃڻ لاءِ تيارين ۾ هو تڏهن پائينده بيگ ماهه صفر 1000هه جي ٺتي ۾ وفات ڪئي. هن جي قبر ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) سان گڏ (نمبر 5) آهي ۽ ڪتبو پنجن چؤڪور خانن ۾ پيراندي کان اُڪريل آهي:

(1) قد وصل الي جوار

رحمت حضرت الملک

السبحان ميرزا محمد پائينده بن ميرزا محمد باقي ترخان…الله تعاليٰ

تاريخ ماهه صفر 1000هه

هي آيتون قبر جي لوڙه تي آهن

قال الله تعاليٰ: شهدالله انـہ…الحکيم. (سوره آل عمران) صدق الله.

الله لا الـہ الا هوالحي القيوم….فيها خالدون. (سوره البقره)

بسم الله….تبارڪ الذين…بماء معين. (سوره الملک)

قال الله تعاليٰ: يا ايتها النفس… ادخلي جنتي (سوره الفجر)

فيها نعيم مقيم خالدين فيها ابداً.

صدق الله….العظيم. ياالله. و صدق الڪريم.

وچ ۾ باري تعاليٰ جا اسماء گرامي آهن:

يا رحمــٰـن يا رحيم يا ڪريم يا حي يا قيوم يا لايموت ابداً.

انهن اسماء گرامي جي سڄي پاسي کان:

ربنا آتنا في الدنيا….عذاب النار.

کٻي پاسي کان:

ربنا و تقبل….يوم يقوم الحساب. (سوره ابراهيم)

هيٺين پاسي کان:

وارحمنا برحمتک يا ارحم الراحمين.

ٻئي پاسي کان:

وقال ان الذين آمنو…بعبادة ربـہ احداً. (سوره الڪهف)

والذين آمنوا و عملو الصالحات….وعدالله حقاً. (سوره النسا) صدق الله.

قال الله سبحانـہ و تعاليٰ: ان الذين قالو ربنا… السميع العليم. (فصلت)

صدق الله تعاليٰ.

بهر نوع، ميزا پائينده مجذوبيءَ جي عالم ۾ به پنهنجي شاهي خانداني ماحول کان متاثر ٿي، شعر و شاعريءَ سان شغف رکندي، شعر چوندو  هو. حسب ذيل اشعار، ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس نالي سان تحرير ٿيل آهن:

فلک بکام که گرديد کاخرش نفگند،
ترا ز سنگِ فلاخن قياس بايد کرد.

——-

ميروم نعره زنان تا بدرِ دوست ولي،
ترسم آن يار شود آگـہ و برهم گردد.

* * *

 

ميرزا محمدجاني بيگ ترخان

سيد مير محمد ”ترخان نامو“ ۾ لکيو آهي ته ميرزا محمدباقي ترخان خودڪشي ڪئي. ان بعد حڪومت جو حق ميرزا پائينده بيگ ترخان کي مليو. پر هو مجذوب هو، انڪري اميرن سندس فرزند ميرزا محمد جاني بيگ ترخان کي ڏاکڻي سنڌ جو حڪمران بنايو. هي واقعو سن 992هه برابر 1585ع ۾ ٿي گذريو.

ميرزا جاني بيگ جي حڪمرانيءَ جا ٻه دور آهن: هڪ دور 993هه/1585ع کان شروع ٿي سن 1000هه / 1592ع تي ختم ٿئي ٿو، جڏهن هيٺينءَ سنڌ  کي اڪبر جي لشڪر فتح ڪيو ۽ سڄي سنڌ مغل شهنشاهت جو حصو بنجي وئي. هتان کان ميرزا نيم خودمختيار ۽ مغل امير جي حيثيت ۾ سنڌ جو اڳواڻ بنيو. سندس هي ٻيو دور سڄي جو سڄو سنڌ کان ٻاهر گذريو، تان جو هن سن 1009هه/ 1601ع ۾ هندستان ۾ فوت ٿيو ۽ اتان سندس لاش کڻي اچي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.

جاني بيگ جو پهريون دور صرف ستن سالن تي محدود آهي. ان دور ۾ هو هيٺينءَ سنڌ جو حقيقي معنيٰ ۾ آزاد حڪمران هو، ليڪن هن زماني ۾ سيوهڻ کان سنڌ جو مٿيون اڌ اڳ ۾ ئي مغلن جي حوالي ٿي چڪو هو. اتر سنڌ جو بدنام حاڪم سلطان محمود بکري جڏهن وڏيءَ عمر ۾ اٺين صفر 982هه بمطابق ٽيهين مئي 1574ع تي فوت ٿيو(1) ، تڏهن هي عمل مڪمل ٿيو ۽ اپر سنڌ مغلن جي حوالي ٿي وئي. جڏهن جاني بيگ ٺٽي ۾ مسند نشين ٿيو، تڏهن هيٺينءَ سنڌ تي به مغلن جون نگاهون هيون، پر اهي مناسب موقعي جي تلاش ۾ هئا. ان ريت جاني بيگ کي اٽڪل روءِ ست سال آزاد حيثيت ۾ ٺٽي تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

ميرزا جاني بيگ اِهي ست سال ارغونن ۽ ترخانن اميرن جي دلجوئي ڪندي گذاريا. ميرزا باقي ترخان جيڪي ظلم ڪيا، هن انهن جي ازالي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اهڙا تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهن. ميرزا نهايت عقلمند، ملڪي معاملن کان باخبر ۽ هڪ زيرڪ سياستدان هو، کيس ننڍيءَ عمر ۾ ٺٽي جي حڪمراني ملي هئي. سنڌ جي سطح تي جن حالتن سان کيس منهن ڏيڻو پيو، ان حالت ۾ واقعي هو هڪ خوشقسمت انسان هو. محمود بکري فوت ٿي چڪو هو، جنهن سان هر وقت ترخانن جا جهيڙا ۽ لڙايون جاري هونديون هيون. ان ريت هـُـو بکر جي طرف کان مطمئن هو. ميرزا عيسيٰ هو ته مضبوط حاڪم، پر کيس هميشه محمود بکريءَ سان منهن ڏيڻو پوندو هو. ٻئي طرف ميرزا عيسيٰ جي دور ۾ خود سندس پٽن جون لڙايون به هلنديون ٿي رهيون.

ميرزا جان بابا، ميرزا محمد باقي ۽ ميرزا محمد صالح پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا(1) . ان ريت باقي ترخان جو سڄو دور خونريزين سان ڀريو پيو آهي(2) . ميرزا جاني بيگ واقعي ڀاڳ وارو حاڪم هو، جنهن کي انهن حالتن کان فراغت ملي هئي. پاڻ دلجمعيءَ سان ترخانن کي آباد ڪيائين. سندن منصب بحال ڪري، کين جاگيرون ڏنائين ۽ وري پنهنجن عهدن تي مقرر ڪري سرفراز ڪيائين. سنڌي عوام به وڏيءَ حدتائين سڪون جو ساهه کنيو. ان امن ۽ سڪون واري دور ۾ جاني بيگ سنڌ جو پنهنجو سڪو جاري ڪيو ۽ ان جو نالو ”ميري“ رکيو. انهيءَ سڪي جي قيمت البت ميرزا عيسيٰ جي سڪي ”عيسائي“ کان گهٽ هئي(3) . ان هوندي به جاني بيگ جو پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ، خود سندس حڪومت جي استحڪام جي علامت ڏسجي ٿو.

ميرزا جاني بيگ حڪومت جا ست سال مس پورا ڪيا هئا جو اڪبري لشڪر اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندي مغل روزبروز پنهنجيءَ سلطنت کي وڌائي رهيا هئا. بکر اڳ ۾ ئي مغلن جي قبضي ۾ هو. وقت اچي ويو هو ته سنڌ جو رهيل حصو به مغل والارين. اڪبر بادشاهه سن 998هه ۾ لاهور ۾ هو، جو حڪم ٿيو ته ميرزا جاني بيگ تي حملو ڪيو وڃي ۽ ٺٽي کي مغلشاهي حدن ۾ شامل ڪيو وڃي. ان جي پس منظر ۾ مير معصوم لکيو آهي ته ”ايتري ۾ بادشاهه جي غيرت واري رڳ جنبش ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن بادشاهي بخت جي هماءَ لاهور جي تختگاهه تي پنهنجيءَ منزل جو پاڇو وڌو، تڏهن ميرزا جاني بيگ، ميرزا شاهه حسن جي دستور جي پيروي ڪري، اطاعت جا فرض بجا نه آندا، بلڪ خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو“(1) .

هن مهم لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي مقرر ڪيو ويو. بکر جو علائقو کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو مير معصوم کي مليا. مير معصوم هن مهم ۾ شريڪ ٿيو. خان خانان 14- صفر 999هه/1590ع تي سنڌ لاءِ روانو ٿيو. ان کان اڳ بادشاهه محمد صادق خان کي مقرر ڪيو هو، جو شڪست کائي موٽيو هو(2) . خان خانان ضروري تيارين بعد 999هه ۾ لاهور مان نڪتو، جنهن جي تاريخ فيضيءَ ”قصدتته“ مان ڪڍي، مغلن کي جاني بيگ جي طاقت ۽ سنڌ ۾ مقبول هجڻ جو احساس هو، انڪري ٺٽي جي فتح لاءِ وڏي پيماني تي تياري ڪئي وئي هئي. خان خانان عبدالرحيم ۽ مير معصوم کان علاوه ڪم از ڪم پنجاهه نامور امير، بهادر سپاهي ۽ جنگي جوڌا، سنڌ جي فتح لاءِ چونڊيا ويا. انهن جا نالا ڪتابن ۾ محفوظ آهن(3) . ان کان علاوه ڪجهه روحاني بزرگن جي دعا ۽ مدد به حاصل ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا. هڪ سال تائين مقابلا ٿيندا رهيا. ٻنهي طرفن جا جوڌا مارجي ويا. وڏي پيماني تي مال ۽ ملڪيت جي بربادي ٿي. ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي. نه ته ڪو کٽي پيو سگهي ۽ نه وري ڪو هارائي پيو سگهي. ان حالت ۾ ميرزا جاني بيگ تنگ ٿي صلح لاءِ هٿ وڌايو. هيءَ صلح انڙپور ۾، 26- محرم 1000هه برابر 17-آگسٽ 1591ع تي ٿي. ان بعد خانخانان فوجي محاصرو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان ٺاهه کي فتح سان منسوب ڪري، ٺٽي ۾ چراغان ڪرايو ويو. جشن منعقد ڪيا ويا ۽ موجوده شاعرن قصيدا چيا ۽ تاريخون ڪڍيون(4) . ٺاهه موجب، ميرزا جاني بيگ 24- جمادي الثاني 1001هه مطابق 1592ع تي وڃي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو. سندس روانگيءَ جي تاريخ هن طرح ڪڍي ويئي:

کرده للکم نام تاريخش رقم: ”بستان فتح“،
باغِ اقبالِ تو بادا داغِ گلزارِ جنان(5) .

بادشاهه جــــو خيــال هـــو تـــه سنڌ تـــي پنهنجو گورنـــر مقرر ڪـــري. البت خان خانان جي سفارش تي اڪبر ٺٽو جاني بيگ جي حوالي ڪيو. سيوهڻ ۽ لاهري بندر مرڪزي ڪنٽرول ۾ ڏنا ويا. جڏهن ته جاني بيگ کي بادشاهه پاڻ وٽ رکيو ۽ ميرزا حڪومت جي سنڀال لاءِ ٻين ترخاني اميرن سان گڏ ميرزا خسرو چرڪس کي ٺٽي جي انتظام لاءِ روانو ڪيو(1) . جاني بيگ باقي زندگي، اڪبر بادشاهه جي حڪم موجب، ساڻس گڏ رهيو. مير معصوم لکيو آهي ته ”خان خانان جي عرض ڪرڻ تي حضرت، جاني بيگ سان نهايت لطف ۽ مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ ٺٽي جو ملڪ سندس حوالي ڪيو ۽ جاني بيگ حضرت جي خدمت ۾ رعايت ۽ اعتماد حاصل ڪري، پنج هزاري منصب سان سرفراز ٿيو. مٿس حضور جي ڏاڍي مهرباني ۽ توجهه ٿيو. ان حدتائين جو خسرو شاهه کي سندس داماديءَ لاءِ مقرر ڪيائون“(2) .

مرزا جاني بيگ جي وفات 27 – رجب 1009هه/1601ع تي، دکن ۾ ٿي ۽ سندس لاش آڻي ٺٽي جي تاريخي قبرستان ”مڪليءَ“ تي دفن ڪيو ويو(3) . اسير (دکن) خانديش جي فتح لاءِ مغلن جو وڏو لشڪر موجود  هو. موقعي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، بادشاهه اڪبر به پنهنجي سر اسير جي مهم تي نڪتو هو. تاريخي تقاضا تحت ۽ شاهي حڪم موجب سنڌ جا ٻه امير، مير معصوم بکري ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان به موقعي سر اڪبر بادشاهه سان گڏ هئا. 22 – رجب 1009هه تي اسير فتح ٿيو. جاني بيگ قلعي جي مضبوطي ۽ بهادر خان فاروقيءَ جي بزدلي ۽ ڪاهلي ڏٺي، تڏهن کيس ايترو ته خوف ۽ پڇتاءُ ٿيو جو 27- رجب 1009هه تي مري ويو. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته خواجه محمد قور بيگي برهانپور مان جاني بيگ جو لاش کڻائي ٺٽي آيو، جيڪو مڪليءَ تي هڪ خاص مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. هي مقبرو اڄ به سلامت ۽ درست حالت ۾ موجود آهي(4) . اڪبر وري به ڏاکڻي سنڌ ترخانن کي مرحمت ڪئي ۽ ٺٽي جو انتظام ميرزا غازي بيگ جي حوالي ڪيو ويو.

سنڌ جي مشهور  تاريخدان سيد حسام الدين راشدي صاحب هن حاڪم تي ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته جاني بيگ طبعاً نرم ۽ مهربان مزاج حڪمران هو. ازانسواءِ سنڌي قبيلن سان مٽين مائٽين ۾ ڳنڍجي، سنڌ کي اباڻو بنائي چڪو هو، ۽ سنڌ جي باشندن کي ڌاريو نه بلڪ پنهنجو هڏ رت سمجهي، ساڻن پنهنجائيءَ وارو سلوڪ ڪندو ٿي رهيو. جڏهن هو اسير (خانديش) ۾ فوت ٿيو  ته وصيت مطابق سندس لاش آڻي مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو. ارغونن وانگر نه ڪيائين، ته سنڌ جو رت چوسيندي ۽ خون وهائيندي جڏهن موت آين، ته ايتري به هن سرزمين سان دلچسپي ڪانه ڏيکاريائون جو هتي کڻي پاڻ پورائين(1) . ان هوندي به جاني بيگ ۾ وڏيءَ حد تائين اخلاقي ڪمزوريون موجود هيون. سيد طاهر محمد لکي ٿو ته ميرزا جاني بيگ سٺا لڇڻ ۽ ڪم ڇڏي، ان حد تائين غلط ۽ شرمناڪ ڪم شروع ڪيا جو کلم کلا ڇوري بازيءَ تي لهي آيو. سهڻن ڇوڪرن کي غلطڪاريءَ لاءِ پاڻ وٽ موجود رکندو هو، ڪيترن وڏن خاندانن بلڪ سيدزادن جي گهرن مان، جن جي نالن جي ظاهر ڪرڻ کان شرم اچي ٿو. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي انهن افعالن جي سڌ آهي. انهن ڇوڪرن کي ڪنگڻ ٻانهن ۾، زالاڻا ڪپڙا پارائي، پنهنجيءَ ريجهه لاءِ زنانخانن ۾ رهائيندو هو. ماڻهن اهو بدافعال ڏسي توبهه ٿي ڪئي ۽ استغفار پڙهندا رهيا(2) .

ميرزا جاني بيگ مغل توسيع پسنديءَ جو شڪار ٿيو. حالانڪ تذڪره نويسن ان لاءِ سندس بدافعالن کي ذميدار سڏيو آهي. هو علم ادب جو شيدائي هو. هڪ شاعر جي حيثيت ۾، ”حليمي“ تخلص رکندو هو. ڪجهه شعر تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن:

تخم ديگر بکف آريم و بکاريم ز تو،
آنچـہ کشتم بخجالت نتوان کرد درو.

خوش آن و قتيکـہ عشق غمخوارم بود،
آهِ شب و گريـہ سحر کارم بود.

بد کرديءِ چرخ بين کـہ بامن بگذاشت،
کالاي غمي که زيبِ بازارم بود.

عشقي خواهم که از خودي پاک کند،
اَبي مزه اي که دهر نمناک کند.

پاي که بيابانِ عمل را سپرد،
دستي که گريبانِ هوس چاک کند(1) .

ميرزا غازي بيگ ترخان

سن 1009هه ۾ جڏهن ميرزا جاني بيگ ترخان فوت ٿيو،تڏهن اڪبر بادشاهه حڪم جاري ڪيو ته ميرزا غازي بيگ بدستور ٺٽي جو حاڪم ٿي رهندو(1) . غازي بيگ ان وقت ننڍو هو، تنهنڪري حڪومت جا سڀ ڪاروبار پراڻا امير، خاص ڪري خسرو چرڪس هلائيندو رهيو. ٻئي طرف نصرپور صوبي ۾ بيگلارن جو خاندان صحيح معنيٰ ۾ طاقتور هو. آهستي آهستي ٿي غازي بيگ ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ويو ۽ هن هڪ هڪ ڪري پراڻن اميرن کي ختم ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انهن ۾ خان زمان جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان بيگلار جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. خان زمان جيتوڻيڪ ڪراڙو هو، پر اڃا زندهه هو. غازي بيگ جڏهن پراڻن اميرن مان جند ڇڏائڻ جي رٿابندي ڪئي، تڏهن سندس گهڻو ڌيان مير ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏي ويو. آخر ڳالهه اتي  وڃي پهتي جو ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه جي نوبت اچي پهتي. ان وقت هر طرف ماڻهن ۾خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. خاص طرح ٺٽي ۾ ته ماڻهن جا هوش حواس خطا ٿيويا. سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو:

”پوڙهو خان زمان زندهه هو. هڪ طرف پٽ هو، ٻئي پاسي سندس ولي نعمت ميرزا جانيءَ جو پٽ ميرزا غازي هو. ڪنهن جو طرف وٺي، ڪنهن کي چوي. وڏيءَ مشڪل ۾ اچي ڦاٿو! آخر نصرپور جي قريب قلعي شاهه ڳڙهي جي ويجهو ٻئي لشڪر آمهون سامهون اچي منزل انداز ٿيا. لڙائي اڄ سڀان تي اچي بيٺي. ان وقت صورتحال جي نزاڪت ڏسي، خان زمان خلوت مان نڪري، ميرزا غازيءَ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. صلح جي ڪوشش ڪري، ٻنهي ڌرين کي ويجهو آندائين. پٽ لاءِ جان جي امان حاصل ڪري، مصحف شريف تي واعدو وٺي، کيس اچي ميرزا غازيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيائين(2) .“

ميرزا غازيءَ رسمي طرح صلح ڪيو مگر دل ۾ اڃا غير هوس. راشدي صاحب لکي ٿو: ان صلح بعد، اڃا ميرزا غازي اتي ئي منزل انداز هو، جو هڪ ڏينهن ڏانهنس لکي موڪليائين ته ”چنير نامه“ کڻي اچ ته مجلس ڪريون.
مير ابوالقاسم مصحف وچ ۾ آڻڻ سبب ڌوڪي ۾ اچي ويو. هن اعتماد ڪيو ۽ تن تنها ڪتاب کڻي روانو ٿيو. جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نديءَ جي وچ ۾ پهتو، تڏهن اوچتو مٿس حملو ڪري، کيس قابو ڪري، سندس اکيون ڪڍيون ويون. ان کان پوءِ کيس قيد ڪري ٺٽي بنديخاني ۾ موڪليو ويو(1) .اڳتي هلي اهو انڌو مڙس جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر وري به گرفتار ٿيو ۽ پوءِ خسرو چوڪس جي سفارش تي آزاد ٿيو ۽ سموري زندگي نصرپور ۾ گذاري، سن 1039هه ۾ وفات ڪري ويو.

ميرزا غازي بيگ جو ٻيو معرڪو ۽ زورآزمائي خسرو چرڪس سان ٿي، ليڪن ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي سگهي. ميرزا ٺٽي ۾ بغاوتن کي منهن ڏئي رهيو هو ته اڪبري درٻار مان بابا طالب اصفهاني کيس وٺڻ لاءِ پهتو. هڪ سال جو وقت گذريو، مگر غازي بيگ کي شاهي دربار ۾ رواني ٿيڻ جي وٿي نه ملي. مٿان وري ويهه هزار لشڪر ڏئي، سعيد خان چغتائيءَ کي موڪليو ويو. گڏوگڏ ابوالقاسم نمڪين کي به حڪم ٿيو ته سعيد خان جي مدد ڪئي وڃي(2) . بادشاهه درٻار ۾ ميرزا خسرو (چرڪس) کي به ساڻ وٺي اچڻ جو تاڪيد ڪيو هو، مگر حالات جي تقاضا تحت ائين نه ٿي سگهيو(3) . ميرزا غازي بيگ 1012هه ۾ شاهي درٻار ۾ پهتو. اڪبر 13-جمادي الثاني 1014هه (25-آڪٽوبر 1605ع) تي فوت ٿيو. بادشاهه جهانگير تخت نشين ٿيو. ٺٽو بدستور ترخانن جي حوالي ٿيو. ستت ئي قنڌار ۾ شورشون ٿيون، جنهن لاءِ ميرزا غازي بيگ کي مقرر ڪيو ويو. ميرزا غازي اتي سن 1021هه تائين رهيو جو اتي وفات ڪيائين ۽ سندس لاش ٺٽي پهتو. ان ريت ٺٽي تي ۽ پڻ سنڌ تي ترخانن جي سڌي ۽ اڻ سڌي حڪمراني ختم ٿي. ان کانپوءِ سموري سنڌ، هندي مغلن جي قبضي ۾ اچي وئي.

غازي بيگ ترخان جو دؤر اصل ۾ ميرزا خسرو چرڪس جو دور آهي، جنهن کي خسرو خان ۽ خسرو بيگ به سڏيو وڃي ٿو. ميرزا قنڌار ۾ هو جڏهن وفدن جا وفد شڪايتون کڻي، خسرو جي بيدخليءَ لاءِ ٻاڏائيندا رهيا. سندس فرزند لطف الله ڀائي خان ته ابتدا کان ميرزا سان گڏ ٺٽي مان نڪتو ۽ سڄو وقت قنڌار ۾ هن سان موجود رهوي. خسرو ذاتي طرح سان ٺيڪ ٺاڪ انسان هو، مگر مختلف پرڳڻن تي پنهنجا پٽ ۽ پوٽا توڙي ڏوهٽا مقرر ڪيائين، جن ملڪ کي ٻاري ڇڏيو هو. آخرڪار ميرزا غازي بيگ سندس معزوليءَ جا حڪم ڪڍي، کيس قنڌار پهچڻ جو تاڪيد موڪليو. جيسين هو قنڌار پهچي، ميرزا غازي پاڻ سن 1021هه ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو. ڪجهه تذڪري نويسن جو خيال آهي ته ڪثرت شراب نوشيءَ سبب فوت ٿيو. ڪن لکندڙن جو رايو آهي ته هن کي لطف الله ڀائي خان زهر وگهي مارايو هو(1) .

ميرزا غازيءَ جو دؤر ڪجهه ادبي خوبين سببان اهميت رکي ٿو. هن دؤر ۾ ادراڪي بيگلاري سن 1010هه ۾ سنڌ ۾ هڪ عشقيه داستان بابت فارسيءَ ۾ ”مثنوي چنيسرنامه“ لکي، جا مير ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏي منسوب ٿي. اها مثنوي ”سنڌي ادبي بورڊ“ 1956ع ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جي تعاون سان ڇپي آهي. ساڳئي مصنف فارسي نثر ۾ ”بيگلارنامه“ سن 1017هه ۾ لکيو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ مکيه دستاويز آهي. اصل ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ 1980ع ۾ ڇپيو آهي. سيد عبدالقادر ٺٽوي سن 1016هه ۾ سنڌ جي اوليائن بابت هڪ ڪتاب ”حديقة الاوليا“  فارسيءَ ۾ لکيو ۽ خسرو چرڪس کي معنون ڪيو(2) . هيءُ ڪتاب سال 1967ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ سيد حسام راشديءَ جي ڪوششن سان شايع ڪيو آهي.

ميرزا غازي بيگ خود به شاعر ۽ اديب هو. ابتدا ۾ ”غزالي“ ۽ ”وقاري“ تخلص رکيائين. هن فارسيءَ ۾ هڪ ديوان مڪمل ڪيو هو. رباعيون به چيائين ۽ ”ساقي نامه“ به لکيائين. سندس ادبي ذوق ۽ شعر سخن سان محبت ۽ عشق جو تذڪرو، هندي تذڪري نويسن سان ايراني ليکڪن تائين، سوين مصنفن ڪيو آهي. سيد حسام الدين راشدي هن جا متفرقه شعر گڏ ڪري ڇپايا آهن(3) . قنڌار ۾ هو، ته شعر سخن جون مجلسون ڪيائين. هندستان کان وٺي ايران ۽ وچ ايشيا تائين، وڏي تعداد ۾ شاعرن سندس محفل ۾ شرڪت ڪئي، قصيدا چيا ۽ انعام اڪرام وصول ڪيا. راشدي صاحب جو ان بابت هڪ مڪمل ڪتاب ”ميرزا غازي بيگ ترخان اور اسکي بزم ادب“ سال 1970ع ۾ شايع ٿيو آهي. ادب نوازيءَ ڪري راشدي صاحب کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي: ”ميرزا غازيءَ کي نظر کائي وئي ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. اگر طبعي عمر نه، تڏهن به ٿوري مهلت مليس ها، ته ادب جي جاءِ ڪري کيس ساهتي تاريخ ۾ اڪبر ۽ جهانگير جي درٻار جيترو رتبو نه به ملي ها، تڏهن به پڪ آهي ته علم ۽ هنر جي پرورش سبب سندس مرتبو پڪ آهي ته خان خانان جهڙي  علم دوست ۽ ادب پرور کان ته مٿي هجي ها.“ پير صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ پنجٽيهن شاعرن جو احوال ۽ شعر ڏنو آهي، جي ميرزا غازي بيگ جي درٻار سان وابسته هئا.(1)

ميرزا غازي بيگ سٺو سياستدان ۽ ڪامياب سفارتڪار هو. هڪ طرف جهانگير کيس نهايت قريب رکندو هو ۽ ٻئي طرف ايران جو صفوي بادشاه شاهه عباس (985-1038هه) به مٿس وڏو اعتماد ڪندو هو. ان هوندي به والد جاني بيگ وانگر اخلاقي طور تي نهايت پست هو. شراب نوشي ۽ زناڪاريءَ جا تفصيل به ڪتابن ۾ موجود آهن. ان لاءِ هن پنهنجي ماءُ کي به ڪتب آندو ٿي(2) ۽ ان ۾ ڪوبه شرم حياءُ محسوس نٿي ڪيائين. راڳ رنگ ۽ موسيقيءَ جي محفلن جو به شوقين هو. ميرزا غازي قنڌار ۾ فوت ٿيو ته سندس لاش آڻي پنهنجي والد جي مقبري ۾ سندس ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان ريت سنڌ ۾ ترخانن جو دؤر حڪومت پورو ٿيو.

تاريخدانن جو رايو آيه ته سنڌ ۾ غازي بيگ جو دور حقيقي معنيٰ ۾ خسرو چرڪس جو دور هو. هو صحيح طور تي خودمختيار حاڪم هو. ميرزا کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان ۾ ناڪام ٿيو. کيس بيدخل ڪرڻ جو جتن ڪيائين ته ان ۾ به ڪامياب نه ٿيو. وري آخري مرحلي تي قنڌار مان سندس معزوليءَ جو حڪم جاري ٿيو ته مورڳو ميرزا غازي بيگ جي زندگي پوري ٿي وئي. آخرڪار جڏهن غازي بيگ فوت ٿيو ته وري به سنڌ تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين. ميرزا باقي جي پڙپوٽي عبدالعلي ترخان کي حاڪم بنائي، پاڻ اصل معنيٰ ۾ عملدار ٿي ويٺو، ليڪن جهانگير هڪدم ميرزا رستم کي ڪثير لشڪر سان ٺٽي موڪليو، جنهن عبدالعلي ترخان ۽ خسرو کي گرفتار ڪري هندستان روانو ڪيو. هاڻي مڪمل طور تي سنڌ مغلن جي اثررسوخ ۾ اچي وئي. خسرو داناء، دلير ۽ دانشمند انسانن هو. علم پرور ۽ عالمن جو قدردان هو. ٺٽي ۾ اڄ به دابگير مسجد سندس ياد کي تازو ڪري ٿي(1) . خسرو سن 1022هه ۾ قيد ٿيو ۽ سن 1028هه ۾ اجمير ۾ فوت ٿي، خواجه معين الدين چشتيءَ جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ٿيو. قبر تي ڪتبو هن طرح آهي:

آن خسرو خان که دست جودش،
از دل، غمِ فقر و فاقه ميشت.

از خطهءِ سند بود عمري،
بس گوهر عدل و داد را صفت.

آخر، بگذاشت اين جهان را،
خود رفت و بعالمِ بقا خفت.

از دل جستم چو سالِ فوتش،
”جايش به بهشت“، هاتفم گفت(2).

* * *

ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ثاني

سيد مير محمد چئن ترخان حاڪمن کان پوءِ ميرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ کي ذڪر جي لائق سمجهي، ان جو پنهنجي ڪتاب ۾ جداگانه احوال ڏنو آهي. ان کانپوءِ ترخانن ۾ ڪوبه وڏو نالي وارو امير ٿي نه سگهيو. هي امير ميرزا عيسيٰ وڏي جو پوٽو، ميرزا جان بابا جو پٽ، ميرزا باقيءَ جو ڀائيٽو ۽ ميرزا جاني بيگ جو چاچو هو. ان ريت ميرزا غازي بيگ جو پاڻ سڱ ۾ وڃي ڏاڏو ٿيو. سندس والد ميرزا جان بابا سنڌ جي سميجن مان شادي ڪئي هئي، سي ميرزا عيسيٰ جا ناناڻا هئا. راشدي صاحب جو خيال آهي ته هو سن 976هه ۾ پيدا ٿيو هوندو(1) . جڏهن ميرزا باقي ارغونن ۽ ترخانن جو قتل شروع ڪرايو، تڏهن ميرزا عيسيٰ کي ماءُ کڻي وڃي پنهنجن مائٽن ۾ لڪايو. جاني بيگ جي دور ۾ هو ٺٽي موٽي آيو ۽ سڄو وقت خير خوبيءَ سان ڪڍيائين. ليڪن جڏهن 1009هه ۾ جاني بيگ جي وفات کانپوءِ غازي بيگ ترخان ٺٽي جو حاڪم بنيو، تڏهن سندس لاءِ ڏکيا ڏينهن  اچي ويا. غازي بيگ پراڻن اميرن مان جند ڇڏائڻ ٿي گهري. ان ريت درٻار ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي. مير ابوالقاسم سلطان بيگلار انڌو ڪيو ويو. ميرزا خسرو چرڪس صلح ڪري درٻار ۾ ويٺو رهيو. ان دور ۾ ميرزا عيسيٰ ثاني به عتاب ۾ آيو. ليڪن هن وري به ناناڻن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان غازي بيگ کيس هٿ نه ڪري سگهيو. آخري طور تي هو سن 1012هه ڌاري سنڌ مان مايوس ٿي هندستان پهتو، جتي اڪبر بادشاهه کيس ڀليڪار چيو ۽ منصب به ڏنائين(2) . جهانگير جي دور ۾ سندس ترقي ٿي ۽ هن اڪثر وقت دکن ۽ گجرات ۾ گذاريو. بادشاهه فوت ٿيو ته ان وقت به هو گجرات ۾ هو. سن 1012هه ۾ ميرزا غازي فوت ٿيو، عبدالعلي ترخان ۽ خسرو چرڪس گرفتار ٿي هندستان پهتا، تڏهن جهانگير ميرزا عيسيٰ کي گجرات مان طلب ڪيو. کيس ٺٽي تي مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، مگر بعد ۾ ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪري، عيسيٰ ترخان کي راڌڻپور جو جاگيردار بنايو ويو. ان طرح ارغونن ۽ ترخانن جي سموري لشڪر کي به ٺٽي مان بيدخل ڪيو ويو هو، سي سڀ شاهي حڪم موجب ميرزا عيسيٰ جي حوالي ڪيا ويا. ان مان سندس درست مالي حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

ميرزا عيسيٰ سن 1035هه ۾ گجرات ۾ هو، جڏهن مستقبل جو بادشاهه شاهجهان بغاوت ڪري ٺٽي پهتو، پوءِ اميد ۽ اجهي جي آسري ۾ گجرات روانو ٿيو. عيسيٰ پاڻ شاهي عتاب جي خوف کان پاسيرو ٿي ويو، البته سموري گهربل مدد شهزادي خرم کي پهچايائين. ان ريت عيسيٰ جو مستقبل محفوظ ٿي ويو(1) . شاهجهان تخت نشين ٿيو، ان وقت هو سنڀل جو عملدار هو. هاڻي کيس منصب ”چهار هزار ذات و دو هزار و پانصد سوار“ تي فائز ڪري ٺٽي جي صوبيداري تي مقرر ڪيو ويو. افسوس ته هن عهدي تي کيس اڍائي مهينا رهڻ جو موقعو مس مليو (سن 1037هه-1038هه). عهدو ڇڏڻ بعد به پاڻ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو. ان دور ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي والد جان بابا جي مقبري ۽ رانڪ ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ رٿابندي ڪيائين(2)  .

راشدي صاحب جي تحقيق آهي ته ٺٽي مان ڪڍي ميرزا عيسيٰ کي سن 1038هه ۾ مٿرا جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. سن 1045هه ۾ کيس ٽيون ڀيرو سورٺ جهونا ڳڙهه بدلي ڪري، منصب ۾ واڌارو ڪيو ويو. اڳ چهار هزاري ذات ۽ سه هزاري سوار منصب هيس ۽ هاڻي پنج هزاري ذات ۽ چهار هزاري سوار جي منصب تي فائز ٿيو، يعني ته هڪ هزار جو اضافو ذات ۾ ۽ هڪ هزار جي واڌ سوارن ۾ ڪئي وئي(3) . سن 1049هه ۾ شاهجهان راضي ٿي سندس منصب ۾ وري به هڪ هزار سوار جي واڌاري جو حڪم ڪڍيو(4) . مطلب ته هاڻي ميرزا عيسيٰ پنج هزاري ذات سان گڏ پنج هزاري سوار به بنجي ويو. همعصر مؤرخن لکيو اهي ته سن 1052هه ۾ گجرات جي صوبيدار اعظم خان کي معزول ڪري، شاهجهان، ميرزا عيسيٰ کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو. سندس پٽ ميرزا عنايت الله والد جي جاءِ تي سورٺ جو حاڪم بنيو. راشدي صاحب هن دور ۾ عيسيٰ جي حاصلات کي نهايت سهڻن لفظن سان ياد ڪيو آهي. گجرات جو صدر مقام احمد آباد هو. ميرزا عيسيٰ، اعظم خان کي شاهي درٻار ڏانهن اماڻي، پاڻ ملڪ جو انتظام ۽ اصلاح ۾ لڳي ويو. زمينون غيرآباد ٿي ويون هيون، انهن کي آباد ڪرايائين. ڳوٺ ويران ٿي چڪا هئا، انهن کي وسايائين. ماڻهو دربدر هئا، انهن کي جائيتو ڪيائين. ملڪ اندر بدنظمي ۽ انتظامي خرابي حد کان ٽپي چڪي هئي، وڏيءَ جاکوڙ بعد ميرزا انهيءَ کي دور ڪري، نظم و نسق کي دوباره رائج ڪيو.(1) ان بعد به کيس ڪيئي واڌارا مليا. آخرڪار عزت ۽ خير جي ملازمت ڪري، وڏي آبرو ماڻي، ميرزا، شاهجهان جي دور ۾ سن 1061هه ۾ رٽائرمينٽ ورتي. هڪ سال پوءِ سن 1062هه ۾ فوت ٿيو. کيس مڪليءَ تي آڻي پنهنجي ٺهرايل خوبصورت رانئڪ ۾ دفن ڪيو ويو.(2) هڪ سٺي منتظم کان علاوه پاڻ راڳ رنگ جو شوقين، ساز سرود جو ڪوڏيو، نظم ۽ نثر ۾ ڪامل، سنڌي سرن ۽ آلاپن مان واقف، عياش، آزاد منش ۽ خوش باش شخص هو. ڪيف ۽ سڪر جي چاٽ پڻ هيس. سندس تحرير جو ڪوبه نمونو دستياب ڪونهي.

ميرزا عيسيٰ کي هي پٽ هئا: ميرزا عنايت اذلله، جو سن 1058هه ۾ فوت ٿيو ۽ پهريون لاش سندس هو جو ميرزا عيسيٰ جي رانڪ ۾ دفن ٿيو. ميرزا فتح الله عرف ميرزا فتحي، جو سن 1093هه ۾ فوت ٿيو. هي پڻ رانڪ عيسيٰ ترخان ۾ دفن ٿيو. ميرزا محمد صالح ثاني، جو سن 1076هه کان پوءِ فوت ٿيو. سندس تحرڪ تي ڪتاب ”ترخان نامو“ سيد مير محمد سن 1065هه ۾ لکي تيار ڪيو. ان کان علاوه ٻه پٽ ٻيا به ٿيا، پر اهي ايترو مشهور ڪونهن، يعني ميرزا محمد عاقل ۽ جان بابا ترخان ثاني. ان کان علاوه هڪ نياڻي صالحا بيگم به هيس. ميرزا عيسيٰ جا پٽ ۽ پڙپوٽا، گجرات ۽ سنڌ ۾ وڏن عهدن تي رهيا. تاريخ ۽ تذڪرن ۾ سندن احوال موجود آهي.

ميرزا عيسيٰ جي رانڪ، مڪليءَ جي خوبصورت عمارت آهي. هن تي ارڙهن سال ڪم هليو، يعني 1037هه ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ 1054هه ۾ ڪم ختم ٿيو. پٿر جي فراهمي، گهاڙيٽو، فن تعمير، رازا ۽ ڪاريگر وغيره سڀ گجرات کان آندا ويا. ان ريت ميرزا عيسيٰ جي روپ ۾ سنڌ ۽ گجرات جو تاريخي تعلق توڙي ثقافتي ميل ميلاپ وري جڙيو. ڄام نظام الدين جو مقبرو، سمن ڄامن ۽ گجرات جي لاڳاپن تي بهترين روشني وجهي ٿو. ان طرح وري ميرزا عيسيٰ جي دور ۾ ذاتي دلچسپيءَ سان اهي تعلقات قائم ٿيا. هي تاريخي رانڪ اڄ به ان خوبصورت دور ۽ هڪ بهترين منتظم جي ياد ڏياري ٿي. ميرزا جي مزار تي هي ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان سال وفات 1062هه نڪري ٿو:

چو رحلت کرد از دارِ فنا، آن سرورِ ترخان،
به بستانِ جنان، آسوده شد در منزل اعليٰ،

بپرسيدم چو سالِ رحلتِ او از خرد، گفتا:
نموده ميرزا عيسيٰ بگلزارِ ارم ماوا.

1061هه(1) .

(1) مڪلي نامه.
(1) سيد حسام الدين راشدي: ”سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ جا لاڳاپا“- مترجم: غلام محمد لاکو، ”مهراڻ“، 1-2/1988ع.
(1) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، ص. 408
(2) ”مڪلي نامـہ“، از سيد حسام الدين راشدي.
(3) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، ص. 433
(1) مير معصوم: ”تاريخ معصومي“، ص. 294، مترجم مخدوم اميراحمد.
(2) سيد حسام الدين راشدي: ”مير معصوم بکري“، ص. 160
(3) ايضاً- ص. ص. 174-176.
(4) اهڙو سمورو مواد راشدي صاحب ”تحفة الڪرام“ جي حاشين ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي (ص. ص. 219-312)، طبع ”سنڌي ادبي بورڊ“، 1971ع.
(5) سيد حسام الدين راشدي: مير ”محمد معصوم بکري“، ص. 18.
(1) سيد حسام الدين راشدي: ”مڪلي نامه“، ص. ص. 196-197.
(2) مير معصوم: ”تاريخ معصومي“، ص. ص. 303-304.
(3) سيد حسام الدين راشدي: ”ميرزا غازي بيگ ۽ سندس بزم ادب“ اردو، ص. ص. 18-19، ڪراچي، سال 1970ع.
(4) سيد حسام الدين راشدي: ”ميرزا غازي بيگ ۽ سندس بزم ادب“، ص. ص. 8-19، ڪراچي، 1970ع.
(1) سيد حسام الدين راشدي: ”مير محمد معصوم بکري“، ص. ص. 168-170، سنڌي ادبي بورڊ 1979ع.
(2) سيد طاهر محمد نسيائي: ”تاريخ طاهري“، ص. 174-175، سنڌي ادبي بورڊ. 1964ع.
(1) مير علي شير قانع: ”مقالاهِ الشعرا“، ص. 144، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.
(1) مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“، ص. 304، سنڌي ادبي بورڊ.
(2) ادراڪي بيگلاري: ”چنيسر نامه“، ص. 45، از: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.
(1) ايضاً- ص. 47.
(2) سيد حسام الدين راشدي: ”تذڪره اميرخاني“، ص. 31، 1961ع.
(3) ”مڪلي نامه“، ص. 198.
(1) ”مڪلي نامه“، حاشيه بر خسرو چرڪس.
(2) اولين تذڪرو، سن 980هه ۾ قاضي محمود ٺٽي واري لکيو هو، مگر هن وقت اهو عدم موجود آهي.
(3) ”ميرزا غازي بيگ اور اسکي بزم ادب“، ص. ص. 151-164.
(1)        ”ميرزا غازي بيگ اور اسکي بزم ادب“ ص. ص. 175، 603.
(2) ايضاً، ص. ص. 172-173.
(1) ”مڪلي نامه“، ص. ص. 195-232.
(2) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص. ص. 411-412.
(1) ”مڪلي نامه“، ص. 243، حاشيه از: سيد حسام الدين راشدي.
(2) ”مڪلي نامه“، ص. ص. 257-260.
(1) ايضاً- ص. ص. 286-287، حاشيه از: سيد حسام الدين راشدي.
(2) ”مڪلي نامه“، ص. 297.
(3) ”مڪلي نامه“، ص. 305.
(4) ايضاً، ص. 306.
(1) ”مڪلي نامه“، ص. ص. 311-312.
(2) ”مڪلي نامه“، ص. 323.
(1) ”مڪلي نامه“، ص 323.

نوٽ: ميرزا عيسيٰ ثانيءَ بابت، سنڌ جي مشهور مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ نهايت تفصيل سان ڪم ڪيو ۽ ڪتاب ”مڪلي نامه“ جي حاشين ذريعي شايع ڪيو. ان کان علاوه جداگانه ڪتاب پڻ ”ميرزا عيسيٰ ترخان“ جي نالي سان پڌرو ڪيو. هي ڪتاب دولهه دريا خان کي منسوب ٿيل آهي.

صفحو ؛ 11
 

مقالات

1. آثار هرات جو نقشو، از: مولانا محمد شفيع مرحوم، رسالو اورنٽئيل ڪاليج، مئي 1947ع

2. هرات جا قديم آثار، مترجم: مولوي عصمت الله پاني پتي، رسالو برهان، اپريل و مئي 1941ع

3. امير علي شير نوائي، از: سلجوقي، رسالو آريانا ڪابل نمبر 37-38-39.

4. مينا تورهاي عصر نواي، مترجم: مير غلام محمد رسالو آريانا ڪابل نمبر 39.

5. Mohammadan Dynasties S. Lane-poole          Paris 1925.

6. History of the Mongols        4 Vols        London 1876-88.

7. The Mongols and Russia                   London 1953.

8. Four Studies on the History of Central Asia 3 Vols   Leiden 1956:62.

9. The Mongol Empire              M. Prawdin London 1961.

10. The Rise of Chingis Khan and His Conguest of North

11. China H.D. Martin Baltimore 1950.

12. The Secret History of the Mongols A. waley
London 1963.

13. The Secret History of the Mongol Dynasty W.K. Sun Aligrah 1957.

14. The Earth Shakers (Tamerlane)   H. Lamb Double day

15. Babur                                    H.Lamb London 1962.

16. Ain-l-Akbari            Blochmann   Calcutta 1927.

17. Notes on the city of Hirat                   C.E. yate 1887.

——–

 

نسب نامه    ( A )

پيغمبر نوح عليه السلام کان تومنه خان تائين  (A-I)

ترخان نامه

حضرت نوح نجي الله، يافث ترڪ، (ترڪ هن کي يافث اغلان چون ٿا ۽ سمورا ترڪ هن جي ئي نسل مان آهن). النجـہ خان، ديب باقو خان،(1) ايلجـہ خان، مغل خان، قراخان، اغوز خان، (مسلمان ٿيا ۽ اسلام جي نشر و اشاعت ۾ ڪوشش ڪندا هئا. هنن جو اولاد ايتري ته ڪثرت سان ٿيو، جنهن جون چوويهه شاخون ٿيون. ترڪ اڪثر انهن جو اولاد آهن).

ايل خان، يلدوز خان، منڪلي خان، چنگيز خان، ايل خان، قيان،(2) منڪلي خان، يلدوز خان، جومنـہ خان(؟)- الانقويٰ- بوذنجر- (جڏهن بالغ ٿيو ته سندس ماءُ هن کي تخت و تاج سپرد ڪيو)، بوقا خان، تومنين خان، قايدو خان، بايسنقر خان، تومنـہ خان.(3)

نسب نامه    ( A )

پيغمبر نوح عليه السلام کان تومنه خان تائين  (A-II)

جامع التواريخ:

حضرت نوح يافث، ابوبجـہ خان يا ابولجـہ خان(1)، ديب باقوي،(2) قراخان اوغوز،(3)، ذينگيز خان(4)، آلان قوا (دوبون بايان جي زال) (5)، بوذنجر (يابودو نجر خان، جيڪو چنگيز خان جو اٺون ڏاڏو آهي)، دوتوم منين(6)، (دوتا قون مغل هو ۽ چنگيز خان جو ستون ڏاڏو هو) قايدو خان (بورقو مغل هو ۽ ڇهون ڏاڏو هو)، باي سنقور، (مغل هو، مگر انڌو هو، پنجون ڏاڏو هو) تومنـہ خان (هي مغل هو، توڪو مشهور آهي. هي چوٿون ڏاڏو آهي) (7).

——-

(1) ترڪ يافث کي ابوبجـہ خان چون ٿا ۽ محقق نه ٿا ڄاڻن ته اهو ابوبجـہ خان حضرت نوح عليه السلام جو پٽ هو يا پوٽو هو. سمورن مغلن ۽ ترڪن جون شاخون ۽ صحرانشين هن جي ئي نسل مان آهن (ص 29) جڏهن هن تي هڪ طويل زمانو گذري ويو ۽ اهو هڪ اصول آهي ته طويل زمانو گذشته حالات کي وسارڻ جو سبب ٿئي ٿو، خصوصاً ترڪن جو ته ڪو ڪتاب يا خط نه هو، چئن پنجن هزار سالن کي، هو محفوظ نه ٿي رکي سگهيا ۽ نه پنهنجي ڪا صحيح تاريخ رکيائون، مگر ڪي تاريخي واقعات جيڪي زمانه حال کي لاڳيتو ويجها آهن ۽ پڻ جيڪي انهن تائين پهتو، سو هنن پنهنجي اولاد کي تلقين ڪيو آهي. (ص. 113).

(2) ديب: منصب ۽ تخت جو هنڌ باقوي: پنهنجي قوم جو بزرگ هو. ديب باقوي کي چار پٽ هئا. قرا خان، اورخان، ڪرخان، ڪز خان. (ص. 30).

(3) هي خداپرست ٿي ويو. ڪز خان يا ڪرن خان جي ڌيئن کي هڪ ٻئي پٺيان نڪاح ۾ اندو ويو، پر جيئن ته هن جون ڌيئون خدا پرست نه هيون. اورخان جي ڌيءَ کي ازدواج ۾ آندو ويو، جو هن خداپرستي قبول ڪئي. ( 30-31) ۽ هن زال مان ڇهه پٽ پيدا ٿيا… ڪون خان، آيءِ خان، يولدوز خان، ڪوڪ خان، خاف خان، دينگيز خان. پهريائين ٽي پٽ بوزوق جي نالي سان سڏجڻ لڳا ۽ آخري ٽن پٽن کي اوجوق جي نالي سان ياد ڪبو هو. (ص. 25، 38، 43) اوغوز کي اوي غور جو لقب ڏنو ويو، جو ترڪي ۾ ان جي  معنيٰ آهي ته پاڻ ۾ ملڻ ۽ مدد ڪرڻ ۽ پوءِ اهو نالو انهيءَ قوم، قبيلي ۽ شاخن تي رکيو ويو ۽ اهو نالو هنن سڀني طايفه، شعب ۽ ان جي پٽن ۽ اروغ تي پڻ رکيو ويو.

(4) جامع ايستائين به لڳاتار آهي ۽ ائين به چيو ويو آهي ته طويل مدت جي سببان قوم ۽ قبيلن ۽ انهن جي شاخن کي، اصل، مفصل معلوم ٿي نه سگهيو. (ص 105)

(5) الانقوا کي هن مڙس مان ٻه پٽ پيدا ٿيا: بالڪونوت ۽ بوڪونوت هن جو مڙس جواني ۾ ئي مري ويو هو ۽ پوءِ هو مڙس کان سوا رهڻ لڳي. جڏهن هڪ دفعي جو پنهنجي گهر ۾ ستل هئي، تڏهن خيمي جي روشندان مان هڪ نور آيو ۽ هن جي پيٽ ۾ ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ هوءَ حاملا ٿي ۽ هن مان ٽي پٽ پيدا ٿيا. (ص. 170-171) بوقون قتقي هي ننڍو پٽ آهي. سموري قوم قتقي هن جي نسل مان آهي، بوسون سالجي جيڪو قوم سالجيوت جو ڏاڏو آهي ۽ هن جو پراڻو نالو بوذنجر خان آهي (1) جيڪو هن شجر جي ثمر مان منتخب شده آهي ۽ وڃي چنگيز جي نسب سان ملي ٿو. (ص 171 تا 176)

مغل قوم (لفظ مغول دراصل مونڪ اول هو، يعني حلم وارو ۽ سادي طبعيت وارو) هي ٻن قسمن جا آهن. مغول درلڪين ۽ مغول نيرون- مغول درلڪين هي عام مغل آهن ۽ مغول نيرون کان مراد آهي، اصل کان ئي طاهر هجي يعني نسل ۽ صلب کان الان قوا جي اولاد مان هجي ۽ اهي قومون ٽن پٽن مان آهن، جيڪي نور مان پيدا ٿيا. اُهي هي ٽي قومون آهن.

(اول) نيرون: جيڪي الان قوا جي نسل مان آهن ۽ قبل خان جي ڇهين پشت مان آهن. هي سڀئي ۽ هن جا پٽ پوٽا ۽ اروغ پڻ نيرون چوائين ٿا ۽ قبل خان ۽ اروغ پڻ سمورا نيرون سڏائين ٿا.

(دوم) قيات: اهو هڪ گروهه اهي، جيڪو قبل خان جي نسل مان پيدا ٿيو.

(سوم) قيات بورجقين: هي قبل خان، يسوڪاي بهادر جو اولاد آهي. (جيڪو چنگيز جو پيءُ هو) ٿنهن مان وجود ۾ آيو آهي. (ص 11-112)

(6) چون ٿا ته  بوذنجر کي ٻه پٽ هئا. پهريون بوقا ۽ ٻيو ناجين (يابوقتائي ص 173) ۽ دوتوم منين، بوذنجر جو پٽ نه هو بلڪ بوقا جو پٽ هو. ٻئي روايتون بيان ڪيون ويون آهن ته جيئن مهمل نه ٿين. (ص 218) دوتوم منين کي 9 پٽ هئا جن مان اَٺ قتل ٿيا 7 جن جي نالن جي ڪا خبر ناهي. باقي جيڪو هڪ بچو، تنهن جو نالو قايدو خان هو. (ص 176) هنن سڀني پٽن جي ماءُ مونولون خاتون هئي، جنهن کي مونولون ترغون پڻ چوندا هئا يعني بدن ۾ ڀريل. (ص 177) قايدو خان کي ٽي پٽ هئا: بايءِ سنقور ۽ جاور جين ۽ جرقـہ لينڪقوم. (ص 180)

(7) رڪ: جامع 218 ۽ 173 کان 176- ترخان نامـہ ۾ آهي ته، ان کي بايدو خان پڻ چوندا هئا. هي مغلن جو چوٿون ڏاڏو آهي. هن کي توڪو (يا بوداتو) به چوندا هئا ۽ هن کي 9 پٽ هئا. جاقسو، باريم شير بوقا، قاجولي، (برلاس قوم انهي مان آهي)، سسم قاجيون، بات ڪلڪي، (هي پنجئي پٽ هڪ ئي ماءُ مان پيدا ٿيا). قبل خان، (چنگيز خان جو ڏاڏو) هي آخر ۾ پيدا ٿيو. بوذنجاره، دوقلان، جنتائي هنن کي جوجي ناغو به چوندا هئا. (ص 85-186).

نسب نامه    ( A )

پيغمبر نوح عليه السلام کان تومنه خان تائين  (A-III)

روضة الصفا: (ظفرنامه جي مقدمه جي روايت سان ۽ سيد جمال الدين عرب جو ڪتاب).

نوح، يافث، ترڪ، (يافث اغلان يعني يافث جو پٽ) املنجـہ خان، ديب باقوي خان، گيوڪ خان، آلنجـہ خان، مغول خان، قرا خان، آغوز خان، الا نقويٰ، بوذنجر، بوقا خان، دومين خان، قايدو خان، باي سنقور، تومنـآ خان. (ص 3 کان 27 تائين جلد پنجون).

____________

حبيب السير: (بروايت: ظفرنامه جو مقدمو، جامع اعظم، روضة الصفا ۽ اها تاريخ، جيڪا اولوغ بيگ جي نالي سان لکي وئي).

نوح، يافث، ترڪ (يافث جو پٽ)، المنجہ خان(؟) ديب باقوي، (ديب: تخت ۽ جاه ۽ منصب، باقوي: بزرگ) ڪيوڪ، النجـہ خان، مغول، (مونک اول يعني حليم طبع، ساده لوح)، قرا خان، اغوز، (خدا تي ايمان آندائين ۽ هن جي ماءُ به مسلمان ٿي(؟) جڏهن هن جو پيءُ، هن جي خداپرستي کان آگاهه ٿيو، تڏهن هن سان جنگ ڪري قتل ڪيائينس)، آي خان، (يعني: چنڊ) يلدز خان، (يعني: ستارو)، منڪلي خان، تنڪرا خان، (يعني: رياست) ايل خان، قيان، (يعني: وڏو سيلاب ۽ قيان جي اولاد کي قيات چون ٿا). تيمور تاش، منڪلي خواجه، يلدز خان، (قيان جي نسل مان)، جونيہ- (عورت)- الاتقوا، (جونيـہ جي ڌيءُ، ظفرنامـہ جي مقدمي جي روايت مطابق هن عورت کي نور مان 3 پٽ پيدا ٿيا، جن جي اولاد کي نيرون چون ٿا ۽ نيرون ان کي چون ٿا، جيڪو پاڪ نسل مان پيدا ٿيو هجي)، بوزنجر قان، (هن ٻه پٽ يادگار ڇڏيا)، بوقا، (جيڪو چنگيز خان جو اٺون ڏاڏو آهي ۽ قراچان نويان) ۽ ٻيو توقيا، (جنهن کي ماچين نالي پٽ هو)، بوقا خان، دوتومنن، (هن جي زال منولون نهايت عقلمند هئي ۽ هن 9 پٽ ڄڻيا، جن مان اَٺ قتل ٿيا ۽ باقي هڪ بچيو). قايدو، (هن کي 3 پٽ هئا، 1. بايسنقر، چنگيز خان ۽ قراچان نويان جو ڏاڏو هو. 2. جرقـہ لنڪوم، تايجوت قوم جو ڏاڏو آهي. 3. جارچين، سنجوت قبيلي جو ڏاڏو آهي). باي سنقر، تومنہ، (هن کي ٻه زالون هيون، هڪ زال مان هن کي ست پٽ پيدا ٿيا ۽ ٻي زال مان ٻه پٽ پيدا ٿيا. قبل خان، جيڪو ٽيون ڏاڏو چنگيزجو آهي ۽ قاچولي بهادر، جيڪو اَٺون پيءُ آهي امير تيمور گورگان جو. (ص 4 کان 13، جد سوم جزو اول).

(1) حبيب السير: ديب ۽ ايلجه جي وچ ۾ ڪيوڪ نالو ثبت آهي.
(2) حبيب السير: قيان ۽ منڪلي جي وچ ۾ تيمور تاش درج آهي.
(3) نالن جي ترتيب مان ظاهر آهي ته مؤلفِ ترخان نامه، نسب کي عيناً حبيب السير تان ورتو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!