سڪ جو سمونڊ

سڪ جو سمونڊ

هي ڪتاب علي محمد مجروح جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مهاڳ شيخ عبدالحليم جوش ”رنگ، خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر“ جي عنوان سان لکيو آهي. نواز علي شوق ان تي ”محبتي مجروح“ سري سان ڪجهه قلمڪاري ڪئي آهي ۽ آخر ۾ خود شاعر ”عرضِ حال“ ۾ پاڻ بابت معلومات ڏني آهي. انهن ٽنهي لکڻين مان مجروح جي زندگي ۽ ادبي ڪاوشن جو قدري اندازو ٿي وڃي ٿو.

هن مجموعي ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، ڪافيون، گيت ۽ قطعا شامل آهن. غزل کي قديم ۽ جديد رنگ جي لحاظ کان ڌار ڌار ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

مجروح هڪ سريلو شاعر آهي، جيڪو شاعري ڪري به ڄاڻي ۽ ترنم سان پڙهي به ڄاڻي. مشاعري يا محفل ۾ جنهن به هن کي شعر پڙهندي ٻڌو هوندو سو هن جي ترنم کان ضرور لطف اندازو ٿيو هوندو. جيڪي ماڻهو ان ڳالهه جا قائل آهن ته شعر اهو جو ڳائي سگهجي سي به مجروح جي شعر کي سندس معيار تي پورو پورو لهندي محسوس ڪندا. بيشڪ هو پاڻ پنهنجو ڪلام ڳائي ٻڌائيندو آهي، پر هو ان کي ڪا خاص اهميت ڪونه ٿو ڏئي، بلڪه چوي ٿو:

سينگار پهرين شعر کي جذبي جي سونهن سان،

حسن بيان سان تنهنجي پوءِ ڇا ٿي نٿو سگهي.

اهائي جذبي جي سونهن ۽ بيان جو حسن هن جي ڪلام تي ڇانيل نظر اچي ٿو. هو اڃا به ٻڌائي ٿو:

اسان سچائيءَ کي سينگاري آندو شعرن ۾،

انهيءَ تي دوست ڪي آهن خفا ته ڇا ٿي پيو.

هن کي نه رڳو دوستن جي ان خفا ٿيڻ جو احساس آهي پر زماني سان به شڪايت اٿس، جنهن جو ذڪر ڪندي سهڻي نموني ۾ چوي ٿو:

غزل چوڻ جي مجروح کي ڪا ڏات آهي،

زمانو داد نه ڏيندو ڀلا ته ڇا ٿي پيو.

هو اصل ۾ غزل جو شاعر آهي، جنهن جو اظهار هن مٿئين شعر ۾ ڪيو آهي. اچو ته هن جي غزل جو ٿورو ساءُ وٺون.

غزل پنهنجي خوبيءَ ۾ تخصيص سان گڏ جديد کان جديد رنگ جون خوبيون ۽ خصوصيتون پاڻ ۾ سمائيندو اڳتي وڌندو، زماني جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي، ان ڪري اڄ به اهو شاعريءَ جي سگهاري صنف ٿي ڪم اچي رهيو آهي، هو چوي ٿو:

جيڪي به حسن يار تنهنجيون خوبيون هيون،

سي سڀ غزل ۾ پنهنجي مون آڻي جمع ڪيون.

يار هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا ماضيءَ ۾ به هئي، حال ۾ به آهي ۽ مستقبل ۾ به رهندي. اها علامت خوبين جو مظهر بڻجي مجروح جي شاعريءَ ۾ پيهي آئي آهي، هو لکي ٿو:

هر لفظ تنهنجي سونهن منهنجو ساهه گهري ٿو،

شعرن ۾ اهو رنگ ڀرڻ راند ته ناهي،

مجروح سان ملندين ته هي محسوس ڪندين تون،

انسان جو ٿي شمع ٻرڻ راند ته ناهي.

هو ڄڻڪ شمع وانگر ٻري، روشني پکيڙيندي حياتيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو آهي، جنهن جو هن کي احساس آهي ۽ ائين ڪرڻ هن جي خيال ۾ سولو نه پر دشوار گذار آهي. هن اهڙن دشوار گذار ماڳن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

ڪڏهن قفس، ڪڏهن مقتل، ڪڏهن فراز دار،

اسان جي ڀاڳ ۾ آهن هي بستيون يارو.

قفس، مقتل ۽ فرازِ دار تائين پهچڻ وارو شخص جنهن کي پنهنجي خوبين ۽ خامين جو احساس به هجي، جنهن دنيا ۾ رهي ڏکيا ڏينهن به ڏٺا هجن ۽ سک به ماڻيا هجن سو جي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ته بهتر ماڻهو ئي چئبو، پوءِ اوهان هن کي کڻي خود سر انسان سمجهو ته اها اوهان جي پنهنجي سمجهه آهي:

مجروح جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هو ڏاڍو دلبر ماڻهو هو،

خاميون به منجهس شايد ڪي هجن، پر پوءِ به بهتر ماڻهو هو.

خوشيون به ڏٺائين دنيا ۾ ۽ ڏک به اڪثر ڀوڳيائين،

پر ٻڙڪ نه ٻاهر ڪڍيائين هو اهڙو خودسر ماڻهو هو.

ان ريت هن سور به سانڍيا آهن:

رُئن اهي جي هجن سڌڙيا، سُکن جا سدا،

اسان ته پاڻ ٿا سورن کي سانڍيون يارو.

مجروح جي برباديءَ جا افسانا ڇڏي ڏي،

تون زنده رهين، اهڙا ستم روز ٿين ٿا.

هن نه رڳو پنهنجو تذڪرو ڪيو آهي پر پنهنجي پراڻن همسفر دوستن کي به ياد ڪيو آهي.

هئا دشت غربت ۾ جي همسفر،

خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويا دوستو.

گذري ويا جي قربت علويءَ ۾ ڏينهڙا،

اي گردش زمانا! ورائي نٿو سگهان.

بيخود، راز، گراميءَ جهڙا،

دوست وڃائي ويٺو آهيان.

پنهنجا دوست ۽ همسفر وڃايائين، پر هن پاڻ ڇا ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر هن ريت آندو اٿس:

واچوڙن جي واٽ سهي پر،

جوت جلائي ويٺو آهيان.

آس جي هڪ هڪ مکڙي ميڙي،

باغ بڻائي ويٺو آهيان.

کير پياريندي نانگن کي،

ڏنگ پرائي ويٺو آهيان.

ڇا ٿو گهري مجروح زمانو،

گهر ته لٽائي ويٺو آهيان.

انهن شعرن کي ذهن ۾ رکي جي ٿورو غور ٿو ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جيڪي ڀلايون ڪيون ۽ ان کي جيڪا ڪُڌي موٽ ملي، تنهن جو نقشو اڀرندي نظر ايندو. اهوئي سبب  آهي جو هن چئي ڏنو آهي:

سرفروش جي ڪهاڻين ۾ اهو پڻ آ لکيل،

ڪيترا جلاد آيا، منصفن جي ويس ۾.

صدقي تنهنجي راهبريءَ تان،

هر ماڻهو گمراهه ڏسان ٿو،

اسان بي نياز زمانه سهي،

اوهان کي ته پنهنجي به ناهي خبر.

چمن جو حسن ويو، گل ويا، بهار وئي،

ستم هي دورِ خزان جا ڀُلائي ڪير سگهي.

ڏکن جي اهڙي جيئڻ کان مري وڃان ته چڱو،

مون فيض تو مان اي زندگي! پرائي ڏٺو.

تغزل غزل جي جان ٿئي ٿو، اوهان به ان جو حظ حاصل ڪريو:

نور چانڊوڪيءَ جو وڌيو، گل ٽڙيا، غنچا کڙيا،

تنهنجي نظرن سان نظارن کي جوان ٿيندو ڏٺم.

ائين اچن اُڌما ٿا، تنهنجي پيار جا هن دل اندر،

جيئن پکيڙا شام آيا صبح جو اڏري ويا.

ڪنهن طرح زلفِ يار جي سرهاڻ آڻي ڏي،

مون تي ڪرم تون ايترو بادِ بهار ڪر.

تنهنجي زلفن جي خوشبو وانگر،

جيڏانهن ٿو وڻي، نڪري ٿا وڃون.

غزل ۾ تنهنجي جوانيءَ جو شوخ رنگ سهي،

مگر هي دل جي حقيقت جو تذڪرو آهي.

بدلي ۾ وفائن جي ملي ٿو ته پيون ٿا،

نه ته زهر به ڪو منهنجا سڄڻ! مرڪي پِئي ٿو.

آهن انهن ۾ پنهنجي جوانيءَ جون مستيون،

هي محفلون نه دوستو هرگز وسارجو.

هيستائين ته رڳو غزل جو جائزو وٺي ان تي مختصر تبصرو ڪيو ويو، ورنه مجروح شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيڪي هن مجموعي ۾ شامل آهن، تن ۾ به پاڻ خوب ملهايو آهي. ان ريت هي ”سڪ جو سمونڊ“، ”فن، فڪر ۽ جذبات جو سمونڊ“ بڻجي پڙهندڙن جي ذهن ۾ لهرن وانگر اڀرندو رهي ٿو.

ڏسجي ته ائين پيو ته هاڻي مجروح حياتيءَ جي هنن پوين ڏينهن ۾ ڏئي وٺي بيٺو آهي. اهو سبب آهي جو چيو اٿس:

ڏسندي وري نه پيارا، راهن تي زندگيءَ جي،

مجروح جهڙا ماڻهو، صدين ۾ ئي اچن ٿا.

تنهن هوندي به هن جي تمنا آهي ته:

منهنجي شعرن سان منهنجي پرک ٿئي،

شل اکين سان اهو مقام ڏسان.

خدائي عزوجل شال هن جي من جي اها مراد پوري ڪري. منهنجي خيال ۾ مجروح جي ”سڪ جو سمونڊ“ اهڙو آهي جو سنڌ جي هر هڪ لئبرريءَ ۾ موجود هئڻ گهرجي ته جيئن ههڙي پياري ڪلام جو وسيع پيماني تي اڀياس ممڪن ٿي سگهي.

هي ڪتاب سهڻي نموني ۾ اڇي پني تي، سهڻي ڪور سان، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. صفحا 256، سائيز ڊيمي ۽ قيمت سٺ روپيا اٿس.

— عبدالقيوم صائب

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!