مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

1 min read

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

سائيز: ڊيمي

صفحا: 294

قيمت: 70 روپيا

افساني جي پنهنجي شاندار تاريخ آهي. دنيا ۾ نثري ادب ۾ افسانو نه رڳو هڪ مقبول صنف آهي، بلڪه ادب ۾ افساني جي اثر انگريزي به اهم آهي. سنڌي ۾ افساني کي شاندار تاريخ آهي. اڻويهين صديءَ جي آخر کان

وٺي ڪن ڪهاڻين/ افسانن جا نالا ادبي تاريخن ۾ آيا آهن ۽ ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي تائين سنڌي ڪهاڻيءَ اهڙو روپ ورتو جو موضوع ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان اُن جي هڪڙي حيثيت بڻجي ويئي. لطف الله بدويءَ، امر لعل هنڱوراڻي ۽ مرزا نادر بيگ جا نالا به اچي ويا. امر لعل جو ”ادو عبدالرحمان“ ته وري شايع به ٿيو ۽ ٻيا تبصرن ۾ جاءِ والاريندا رهيا. تازو (1992) نادر بيگ مرزا  جون ڪهاڻيون سنڌالاجيءَ شايع ڪيون آهن ۽ اهي نصير مرزا جي ترتيب ۾ نيم انگريزي زبان واري چار درويشي انداز سان ”خاندان عزيز“ جي تذڪري واري مقدمي سان سينگارجي شايع ٿيون آهن. سواءِ چند ڪهاڻين جي ٻيون هندوستاني ماحول ۽ زبان جي ڏِکَ ٿيون ڏين ۽ ڪٿي انهن جي باري ۾ اردوءَ مان ترجمو هجڻ جو به شڪ پوي ٿو. نادر بيگ جي ڪهاڻين جو سهيڙيندڙ نادر بيگ کي امر لعل هنڱوراڻيءَ کان گنمڀير، نئون ۽ ورسٽائل ڄاڻي ٿو ۽ اُهو خدا کي گواهه ڪري چوي ٿو، ادبي پرک ڪندي نٿو چوي.

سهيڙيندڙ جي به هڪڙي مجبوري هوندي آهي. هو پنهنجي وکر جو هوڪو ته ڏيندو. هڪ ليکڪ جي مقابلي ۾ گهڻن مان چونڊ ڪرڻ وڌيڪ ذميداريءَ جو ڪم هوندو آهي، پر جڏهن هڪ خاص رسالي/ مخزن مان چونڊ ڪجي ٿي ته هڪڙي پابندي به عائد ٿي وڃي ٿي. زير نظر ڪتاب ”مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون“ جناب حميد سنڌيءَ چونڊ ڪري سهيڙي پيش ڪيون آهن. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب 1992ع ۾ شايع ڪيو آهي.

ٽه-ماهي رسالي مهراڻ کي هڪ حيثيت، هڪ معيار ۽ هڪ درجو حاصل آهي. پراڻي دؤر جي پرچن جو به اعليٰ معيار هو. بلند پايه اديب ان جا ايڊيٽر هئا 1955ع کان نئين دؤر جو آغاز ليکجي ٿو. محمد ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، شمشير الحيدري، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ امداد حسيني مهراڻ جا ايڊيٽر رهيا. مهراڻ رسالي ۾ شعرن، افسانن، مضمونن ۽ مقالن جو هڪ خزانو محفوظ ٿي ويو.

افسانن/ ڪهاڻين جو هي پهريون مجموعو آهي. حميد صاحب اُن مان 35 ڪهاڻيون چونڊي هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. چونڊ ظاهر آهي ته پنهنجي پسند جي ٿئي ٿي ۽ ٻئي ماڻهوءَ جو ٻيو خيال ٻي چونڊ ٿي سگهي ٿي. قابل چونڊيندڙ/ مرتب ۾ هڪ پڙهندڙ وانگر خلق ۾ پسند پيل شاهڪار چونڊي ٿو. اُن جو ثبوت مقبول ڪهاڻين جو هن مجموعي ۾ هجڻ آهي. جيئن بدمعاش (جمال ابڙو) مِٺي (زينت چنه) ململ جو چولو (عثمان علي انصاري) لوئي (تنوير عباسي) ڇوڏو (نجم عباسي) ۽ ڪاروتِر (غلام نبي مغل). هي انهن چند ڪهاڻين مان آهن جيڪي نه رڳو پنهنجي وقت ۾ مقبول ٿيون بلڪه انهن ۾ آيل موضوع اسان جي سماج مان هئا. ڪهاڻيڪارن انهن موضوعن تي فنڪارانه انداز سان لکيو، اُن سان گڏ اُهي ڪردار نشانبر ٿيا، جيڪي سماج ۾ موجود هئا. اُنهن جي اوک ڊوک سان ادب جو سماجي ڪارج به سِڌِو ٿيو. تنهن سان گڏ ڪهاڻين کي مستقل حيثيت ملي.

اهڙي ريت ٻيون ڪهاڻيون به پنهنجن موضوعن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان معياري آهن. مثال طور اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”مان انسان آهيان“ ورهاڱي وارن ڏکوئيندڙ ڏينهن جو عڪس آهي. جنهن ۾ صاف لفظن ۾ چيو ويو آهي ته انسان انسان سان ڇاٿو ڪري! مذهب جي بنياد تي ڪيئن انسانيت سوز حرڪتون ڪيون ٿيون وڃن. اهم ڪردار فقير بابا هي سڀ ڏسي ٿو، هُن لاءِ ماڻ ۽ مايو انسانيت آهي.

ورهاڱي وارن سالن کان وٺي زمينداري ظلم خلاف گهڻو لکيو ويو. هاري حقدار تحريڪ هڪ محاذ تي وڙهي رهي هئي ته ادبي محاذ به کليل هو. ابن حيات پنهور جو افسانو ”زن طلاق“ اُن جو چٽو پٽو ثبوت آهي. جنهن ۾ وڏيرڪي ڏمر جي رد عمل ۾ طبقاتي نفرت جو اُڀار ظاهر ٿئي ٿو.

بردي سنڌيءَ جي سرائڪي ڪهاڻي ”انڌير نگري“ پوليس جي ڏاڍ جي باري ۾ آهي. جي غريب وٽ ڪجهه به نه آهي ته پوليس اُن جي پڳ به لاهي وٺي ٿي.

اِهو صحيح آهي ته جناب حميد سنڌيءَ سهڻيون ۽ چونڊ ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيون آهن. جيئن ته هيءَ هڪ ماڻهوءَ جي پسند آهي، ٻئي کي اختلاف ٿي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ عبدالحق عظيم جي ”جنڙي“ ۽ زيب ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ”مبو چريو“ ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ معيار ۾ گهٽ آهن. شايد 35 جو انگ پورو ڪرڻو هو.

بهرحال مهراڻ رسالي جي چونڊ ڪهاڻين جو هي مجموعو هڪ معياري مجموعو آهي ۽ اُن ڪري به اهم ۽ وقت جي ضرورت آهي ته نئين ٽهيءَ وارا ۽ نوان ۽ پڙهندڙ گذريل دؤر جون چونڊ ڪهاڻيون هڪ ئي ڪتاب ۾ پڙهن ۽ اُنهن جي پرک ۽ ادبي ڪٿ ڪن.

ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۽ لاڙن جي باري ۾ هڪ تفصيلي مقدمو هجڻ کپي ها؛ جيڪو مصروفتين جي ڪري لکجي نه سگهيو.

ڄام شورو

15-2-1993ع                                                                      ـــ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

(مهراڻ 4/1992ع)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!