سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

باب: —
صفحو :1
مورڙو ۽ مانگر مڇ
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڇپائيندڙ پاران

”مورڙو  ۽ مانگر مڇ“  لوڪ ادب سيريز جو ڇٽيهون نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1967ع ۾ جناب محمد ابراهيم جويي تڏهوڪي اعزازي سيڪريٽريءَ جي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جي پريس منجهان ڇپجي پڌرو ٿيو. هينئر هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو هن سال يعني سال 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. 39 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هيءُ ڪتاب سنڌ جي مختلف ڪتاب گهرن تي موجود رهيو ۽ عام و خاص جي دلچسپيءَ جو سبب بڻيل رهيو. گذريل ڪجهه وقت کان عوامي حلقن پاران مارڪيٽ ۾ هن ڪتاب جي نئين ڇاپي وڪامجي وڃڻ جا اطلاع مليا ۽ گڏوگڏ نئين ڇاپي شايع ڪرڻ جي به گهُر ٿي. انهيءَ گهُر کي مدِنظر رکندي مانواري پبليڪيشن ڪاميٽيءَ کان هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جي منظوري ورتي وئي ۽ ڪتاب نئين سونهن ۽ خوبصورتيءَ سان ڇپائي لائق پڙهندڙ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي ڪتاب جي مرتب جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن مهاڳ ۽مقدمي ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. ان تي وڌيڪ ڪجهه لکڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي.

اميد ٿي ڪجي ته هيءُ نئون ڇاپو پڙهندڙ حلقن ۾ اڳ کان به وڌيڪ مڃتا ماڻيندو.

ڄام شورو، سنڌ                                                               اعجاز احمد منگي

خميس 4-  شعبان المعظم 1427هه                                           سيڪريٽري

بمطابق 31- آگسٽ 2006ع                                                    سنڌي ادبي بورڊ

مهاڳ

سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سن 1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جيڪا 1956 جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي،  ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بندهه جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌيونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صَرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهُربل ڳالهيون هٿ ڪيون. مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بندهه ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪه جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1969ع کان شروع ڪيو ويو.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان. هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينه ’فوڪ لور‘ (Folklore) جي مغربي مفهوم سا ن تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃان ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمند جو يا ’معياري ادب‘ جوسرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃان تائين ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهي ءَڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نه ٿي سگهجي.

ٻيو، ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ، سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اُميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بندهه جي طرفان پيش ٿي، مگر اُن جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جَسُ جُڳائي، جن هن تجويز کي سن 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهُربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بندهه لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

مجموعي طور سان هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب سلسلي‘ جو ڇٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد ڊسمبر 1964ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي ترتيب ڏيئي مئي 1965ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ جون 1965ع ۾ مسودي جي آخري تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

 مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ پڻ مسودي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

خادم العلم

نبي بخش

سنڌ يونيورسٽي

حيدرآباد سنڌ

10- فيبروري 1967ع

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :2
باسم تعاليٰ

ام للانسان ماتمنيٰ فـللہ الاخرة و الاوليٰ

مقدمو

’مورڙي ۽ مانگرمڇ جو داستان‘ سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. هيءُ هڪ جنگي داستان آهي، پر جنگ سامونڊي جانور سان آهي. هيءُ داستان سنڌ جي ملاحن جي همت ۽ حڪمت عملي توڙي سنڌ ۾ ڪلن جي اعليٰ هنر ۽ حرفت تي شاهد آهي. مجموعي طور سان هيءُ سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان آهي.

مورڙي جي ڀائرن جي خود اعتمادي، جو ٻيا تانگها ۽ تار ڀيلي آخر وڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ڪاهيائون، سندن همت ۽ مردانگي، جو هڪ ٻئي جي مدد لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا ۽ وڃي مانگر جي منهن پيا پر قدم پوئتي نه هٽايائون، مورڙي جي دورانديشي ۽ دانائي، جو هُوڙهه ٿي ڪُن ۾ ڪاهي ڪو نه پيو، پر مانگر مڇ سان سهي سنڀري وڙهيو ۽ دلوراءِ بادشاهه کان مدد وٺي اهڙو ڪو ڪَل وارو ڪائو جوڙايائين، جنهن ۾ ويهي اونهي ۽عميق ۾ لٿو ۽ مانگر مڇ سان مقابلو ڪري ان کي ماريائين. ’ڪائي جي ڪَل‘ ذريعي، اُنهي ۽ اوڙاهه سمنڊ ۾ ماڻهو جي هيٺ لهڻ واري تخيل جي تاريخ جانچبي ته سنڌ جو هيءُ داستان ان جي آڳاٽن اهڃاڻن مان نظر ايندو. دلوراءِ جي دﺂر ۾ سنڌ ۾ ڪلن جو هنر ۽ حرفت انهيءَ پايي تي پهتل هو، جو اهڙو ڪو اوزار ٺاهيائون جنهن کي مورڙي استعمال ڪيو. ائين ٿي سگهي ٿو ته قصي ۾ پوءِ ان واقعي کي وڌائي پيش ڪيو ويو هجي. پر بنيادي طور ڪا اهڙي ڪَل هئي، جنهن کي استعمال ڪيو ويو. جيڪڏهن ان ’ڪَل‘ کي محض تخيل قرار ڏجي، ته به اهو تخيل بذات خود قابل قدر آهي. موجوده دﺂر ۾ سامونڊي ٽوٻن جو ڪائي ۽ ڪلن وارن پڃرن ۾ هيٺ لهڻ ڄڻ مورڙي جي تخيل جي تعبير آهي.

قصي جي قدامت

مورڙي جو داستان دلوراءِ جي دﺂر سان وابسته آهي، دلوراءِ غالباً عربن جي دﺂر جي آخر ۽ سومرن جي شروعات واري دﺂر ۾ اندازاً پنجين صدي هجريءَ جي نصف اول ۾ ٿي گذريو، انهيءَ لحاظ سان هيءُ داستان پنجين صدي هجري يعني يارهين صدي عيسويءَ ۾ اُسريو، ۽ سومرن جي رومانوي دﺂر ۾ ڳايو ويو. سمن جي دﺂر ۾ هيءُ داستان ايترو ته مقبول عام هو جو چوڏهين – پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ان بابت اهڙا ته پُر معنيٰ بيت چيا ويا جو ڳائيندڙن انهن کي اهل دل صاحبن جي مجلسن ۾ ڳايو. مثلاً هيٺيون بيت سنڌي ذاڪرن شيخ الشيوخ عبدالجليل جي سماع جي محفل ۾ پڙهيو[1]ته:

جو گهڙي سو ني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾،

خبر ڪو نه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.

شيخ عبدالجليل سن 910هه/1504ع ۾ وفات ڪئي، اهو بيت سندس وفات کان اڳ ڳايو ويو ۽ بلڪل ممڪن آهي ته بيت اڃا به ڪنهن آڳاٽي شاعر جو چيل هجي.

ان بعد ٻارهين صدي هجري (ارڙهين صدي عيسوي) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دﺂر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف رحه ’سُر گهاتو‘ ۾ هن داستان جي خاص نُڪتن کي ورجايو.

هن ڪتاب جي سلسلي ۾ اسان کي هن قصي جون جيڪي عام روايتون مليون، تن ۾ سڀ کان اول غالباً ’امين‘ شاعر جا چيل بيت آهن ۽ اهو شاعر پڻ غالباً ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دﺂر جو هو.

امين جا بيت هن ڳالهه جي تفصيلي سٽاءَ تي آڳاٽا شاهد آهن، جي اسان تائين پهتا آهن. پر امين ڪير هو، ان بابت مختلف رايا آهن. صفحي 59 تي روايت ]1[ ’امين کٽي‘ جي نالي سان مشهور آهي، جو چون ٿا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دﺂر جي مشهور سالڪ ۽ سگهڙ جلال کٽيءَ جو ڀاءُ هو. ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنل منظوم روايت (ص 191) امين چارڻ ڏانهن منسوب آهي. جيئن ته اها روايت اسان دادو ضلعي جي مشهور چارڻ سگهڙن جي بياض تان نقل ڪئي، انهيءَ ڪري قدري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته اهي بيت امين چارڻ جا چيل آهن.

روايت ]1[ ۾ امين کٽي ڏانهن منسوب بيت ۽ هن ضميمي واري روايت ۾ امين چارڻ جا بيت هڪ ٻئي سان ملن ٿا، مگر تنهن هوندي به پڙهڻين ۾ ڪافي فرق آهي. صفحي 68 تي روايت]2[ جا بيت مير ٻگهيي ڏانهن منسوب آهن، ۽ صفحي 85 تي روايت ]3[ وارا بيت ’ونڊير‘ شاعر ڏانهن منسوب آهن، حالانڪه مير ٻگهيي توڙي ونڊير وارا بيت، شاعر امين جي بيتن جو نقل آهن. شاعر ’ونڊير‘ وارن بيتن مان، هڪ ۾ ته ’امين‘ جو نالو اچي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته ’امين‘ وارن بيتن کي ئي پوءِ ٻين شاعرن پنهنجي نالي منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بهرحال امين جا بيت آڳاٽا آهن، جن ۾ مورڙي جي سڄي ڳالهه بيان ٿيل آهي.

ڳالهه جا ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ

نظم ۽ نثر ۾ مليل روايتن جي بناءِ تي هڪ تفصيلي ڳالهه مرتب ڪري هن ڪتاب جي شروع (ص 8-58) ۾ ڏني ويئي آهي، ان ڳالهه جي ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن مان ڪي اڃا تائين موجود ۽ معلوم آهن. مثلاً ٻاچو ۽ ٻالاچ ذات جا ’بهليم‘ هئا ۽ اڃا تائين اها ذات موجود آهي. ’ڪلاچ‘ يا ’ڪلاچي‘ جو ڪُن نه معلوم ڪهڙي جاءِ تي هو، مگر ’ڪلاچي‘ غالباً موجوده ’ڪراچي‘ واري ڀيڻي جو نالو هو ۽ جي ’ڪُن‘ سان مراد اُونهو ۽ عميق سمنڊ وٺجي ته اهو غالباً ڪراچيءَ کي سامهون هو. پر جيئن ته ملاح ٻيڙيون ’ڪراچيءَ‘ کان هاڪاريندا هئا، انهيءَ ڪري اهو ڪُن پڻ انهيءَ نالي پويان ’ڪلاچيءَ جو ڪُن‘ سڏجڻ ۾ آيو.

مورڙي جي ڀائرن جو مقام

جنهن آفت سان مورڙي جو مقابلو ٿيو، اها ڪهڙي آفت هئي؟ ان بابت عام روايتن ۾ ٻه اشارا آهن. هڪڙين ۾ ان کي ’مانگر مڇ يا مڇ‘ ۽ ٻين ۾ ’ڪڇون يا ڪَڇئون‘ سڏيو ويو آهي. لاڙ وارين روايتن توڙي ٺٽي ۽ ڪراچي جي ساحلي باشندن ۽ ملاحن جي راين موجب اهو ’ڪَڇئون‘ هو. چون ٿا ته سمنڊ ۾ وڏا ڪڇئان ٿين ٿا ۽ ٻيڙايتن سان وڙهن ٿا. ٻين روايتن ۾، جي وڌيڪ مشهور ۽ مقبول آهن، ان آفت کي ’مڇ‘ يا ’مانگر مڇ‘ سڏيو ويو آهي. ’مانگر مڇ‘ جي معنيٰ وڏو منگرو، ويلڙو ۽ ويسر جنسون انهن وڏن منگرن ۾ شامل آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ وهيل،(Whale) چئجي ٿو. ’شارڪ‘ (Shark) جو شمار پڻ مانگر مڇن ۾ آهي ۽ اهو ماڻهو کي کائي ٿو. هن قصي جي روايتن موجب هن آفت مورڙي جا ڇهه ڀائر ڳڙڪائي ڇڏيا هئا، اهو ٽاڻو صرف ’مانگر مڇ‘ سان ئي لڳي ٿو.

هيءُ قصو دلوراءِ جي دﺂر جو آهي، جو غالباً پنجين صدي هجريءَ جي نصف اول ۾ ٿي گذريو. دلوراءِ جي ڪاريگرن اها ”ڪائي واري ڪَل‘ جوڙي، جنهن ۾ ويهي، مورڙو هيٺ سمنڊ ۾ لٿو ۽ وڃي مڇ کي ماريائين ۽ ان جو پيٽ چيري ڀائرن جا لاش ڪڍيائين.  شهر ڪراچيءَ ۾ کَڏي کان ماڙيپور ڏانهن ويندڙرستي تي (موجوده ’وزير مينشن‘ نالي سرڪيولر ريلوي اسٽيشن جي سامهون) وچ تي هڪ چـﺂ سول اندر سَتن  قبرن جو هڪ خاص مقام آهي، جن مان ڇهه مورڙي جي ڀائرن جون ۽ سَتين سندن ڀيڻ جي چئي وڃي ٿي. انهيءَ مقام کان ڪافي پنڌ اڳتي ۽رستي کان هڪ پاسي ٽڪريءَ تي هڪ اڪيلي قبر ’مورڙي جي قبر‘ نالي سان مشهور آهي.

[1]ڏسو اسان جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (قديم دﺂر کان سمن جي دﺂر تائين) مطبوع حيدرآباد،  1962ع، ص 116-117.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :3
مورڙي ۽ مانگر مَڇ جي تفصيلي ڳالهه*

’ٻاچـُو‘ ۽ ’ٻاراچ‘ نالي ٻه ننڍڙا يتيم ٻارڙا هئا، سندن پيءُ گذاري ويو هو. سندن وڏا ذات جا ’بَهليم‘ هئا. پيءُ جي گذارڻ بعد هي ڇورا ڇنا ٻارڙا پيا پنهنجي ڳوٺ ۾ ڀٽڪندا هئا[1].

انهيءَ زماني ۾ ’ڦلوند‘ نالي ’ڪلان ڪوٽ‘ جو بادشاهه هو، جو اولاد جو سڪايل هو. هڪ ڀيري شيل شڪار ڪندو درياءَ جو ڪنارو وٺيو پئي آيو ته ڳوٺڙي لڳ درياءَ جي ڪناري سان ٻاچو ۽ ٻاراچ کي راند ڪندي ڏٺائين. ٻارڙن جي هوشياري ڏسي پڇا ڪرايائين ته ڪنهن جا ٻارڙا آهن. ڳوٺ وارن مان ڪنهن عرض ڪيو ته، سندن پيءُ مري ويو آهي. هي ڇورا ڇنا آهن ۽ ڌڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو سندن اوهي واهي ڪونهي. تڏهن بادشاهه لشڪر کي چيو ته: اسان شڪار جو خيال لاٿو، اهي ٻارڙا وٺي هلو پوئتي. بادشاهه، ٻاچو ۽ٻاراچ کي ڪلان ڪوٽ وٺي آيو ۽ پٽن وانگر سندن پرورش ڪيائين. ماڻهن ۾ ٻئي بادشاهه جا پٽ پيا سڏبا هئا ۽ بادشاهه جو پڻ مٿن ڏاڍو راض هو. اڄ ننڍا، سڀان وڏا ۽ آخر اچي سمجهه ڀريا ٿيا ته گز ڪمانون کڻي شڪار تي وڃڻ لڳا. روزانو شڪار ڪري اچي کوهن وٽ بيهندا هئا، ۽ مايون جڏهن دلا کڻي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون ته گز هڻي سندن دلا ڀڃندا هئا.

اتي رعيت ڀڄي اچي بادشاهه وٽ دانهيو ته، تنهنجي پٽن اسان جا دلا ڀڃي سُڃ ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي هي حال آهي جو گهر ۾ پاڻي پهچي ئي ڪو نه ٿو ۽ اُڃ پيا مرون. بادشاهه چيو ته، منهنجا هي نيپاج آهن، پٽن کان وڌيڪ پيارا آهن، کين آءٌ ڪڍي ته نه ٿو سگهان، اوهان کي ٽامي جا دلا گهڙائي ٿو ڏيان جي نڪي ڀڄن نڪي ڀُرن، پيا ڀرجو.

جڏهن سڄي شهر کي ٽامي جا دلا گهڙجي مليا ته ٻاچو ۽ ٻاراچ ڇا ڪيو جو لوهار وٽ ويا ۽ چيائونس ته، اسان کي رُڪ جون ڪمانون ۽ رُڪ جا گز گهڙي ڏي مڙس هئا سگها، سو اهي رُڪ جون گز ڪمانون کڻيو اچي گس جهلين. جيئن ئي مايون ٽامي جا دلا کنيو اچي لنگهن ته ٺڪاءَ جو گز ڪن ته دلن مان آرپار نڪريو وڃن. ڀلا رُڪ جي گزن کي ٽامي جا دلا ڇا جهلين! رعيت وري وڃي بادشاهه وٽ دانهيو. سندن فرياد ٻڌي بادشاهه چيو ته: ”ڇوڪرن خاطر آءٌ رعيت ڪو نه لڏائيندس. باقي هاڻ ڇوڪرن کي موڪل ڏبي ته جيڏانهن وڻين اوڏانهن وڃن.“ پوءِ ٻانهيءَ کي چيائين ته: اڄ جنهن مهل شڪار ڪري اچن ته جُتين جا مُنهن ڦيرائي ڇڏجان ۽ ٿيري مڇيءَ جي ڳَڀي ۽ جَوَن جي ماني ڏجانِ. پوءِ ٻانهيءَ ائين ڪيو، ته سهي ڪيائون ۽ پاڻ ۾ چيائون ته: اڄ ابي پاڻ کي لوڌيو آهي. تڏهن ٻانهيءَ کي چيائون ته: ”هي مڇي ماني وڃي ابي کي ڏي، اسان جي الله واهي.“

ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا، ذات ڀلي بهليم،

تن جو گهارڻ ’ڪلان ڪوٽ‘ تي، ماڳ مَيا محليم،

پر بديءَ کڻي بدنام ڪيا، چوريءَ ڪيا به سقيم[2].

پوءِ هي موڪلائي روانا ٿيا. ڳچ پنڌ وڃي وري آيا. چيائون ته هيڏي خزاني مان پاڻ کنئي ته پائي به ڪا نه هينئر رات ٿي ويئي آهي ۽ خزانو ڪَڙجي ويو هوندو، باقي امان جي نٿ هلي کڻون، جنهن ۾ سوا لک جي لعل آهي. محل ۾ آيا ته راڻي سـُتي پئي هئي، نٿ ان جي نڪ ۾ پئي هئي. اها لاٿائون، راڻي جاڳي پئي، سڃاتائين پر ڪڇي ڪا نه. چيائين: ڀلي وڃي پنهنجو ڪم ڪن.

پوءِ هو اُتان پنڌ پيا ۽ ڪهندا آيا ته واٽ تي ڏسن ته هڪڙو باغ آهي. جيڪو سُڪو پيو آهي. هڪ جوڳي ستو پيو آهي. کَٿي جي جهولي، پاڻهي ڀاڻ پئي کڻي ۽ پاهوڙي ڀاڻ پئي ميڙي ڀائرن چيو ته، هن فقير وٽ گُن آهي. انهيءَ مان ڪجهه پرايون، وٺو ته نار کي ڳيرا ڏيون، جيسين اُٿي، الائجي ڪڏهن اٿي! باغ کي جو پاڻي آيو، سو سائو ٿيو، جڏهن جوڳي اٿيو ته هو ڊوڙي وٽس ويا. چيائين: ڇوڪرا، اوهين هتي ڪيئن آيا؟ منهنجو باغ پياريو اَٿوَ، جيڪي گهرو سو لهو. ڇوڪرن چيو ته: اسان وٽ خدا جو ڏنو سڀڪي آهي، اسان کي پنهنجي گُن مان ڪجهه سيکار. ائين چئي اها سوا لک لعل واري نٿ به سندس آڏو نذر رکيائون. جوڳي خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”منهنجو نالو ’راول زين‘ آهي[3]. آءٌ اوهان کي جادو سيکاريندس پر انهيءَ شرط سان ته هڪڙو منهنجي خدمت ۾ رهندو ۽ هڪڙو علم سکندو.“

وڏي سبق ياد ڪيو، ننڍو خدمتگار،

عقلوند اڳي هئا، وهم وڏي ويچار،

ساڌو تنهن ساميءَ کان، ٿيا هوش ڀريا هشيار[4].

ننڍي ٻاچـُو وڏي ڀاءُ ٻاراچ کي چيو ته آءٌ ننڍو آهيان، خدمت ٿو ڪريان، ۽ تون وڏو آهين، سو ويهي پڙهه. اهڙيءَ طرح ننڍي خدمت ڪئي ۽ وڏو پئي پڙهيو. پر ننڍو نهايت هوشيار هو، سو جيڪي اکر ڪَن تي پئي پيسي ويو ياد ڪندو. اها خبر نڪا وڏي کي پئي ته نه ڪا ساميءَ کي. هو اهڙيءَ طرح ٻارنهن ورهيه جوڳي ’راول زين‘ وٽ جادوءَ جو علم پڙهيا.[5] ۽ پوءِ کانئس موڪلائي روانا ٿيا.

موڪلائي ٻارهين ورهيه هليا سـُوڌي ساميءَ کاءُ،

ٻاچو سڏ ڪيو ٻاراچ کي، ادا! اوري آءُ،

آهي اوچو وڻ تي، ڪو آکيرو اڳياءُ،

آنا ڳيريءَ کاءُ، تون سيري آءُ سبق سان[6].

هلندي هلندي ڪنهن هنڌ هڪڙو ڊگهو وڻ نظر آين، جنهن تي ڳيريءَ جو آکيرو هو. آکيري ۾ ڳيريءَ جا آنا پيل هئا. ٻاچو، وڏي ڀاءُ کي چيو؛ ادا! ٻارنهن ورهيه جادو سکيو آهين، اڄ ته ڪو مشاهدو ڏيکار!

تڏهن وير چڙهيو وڻ تي، ڪامل قوت ساڻ،

ڪڍيئين ڪوڙي هيٺان، آنا ڳيريءَ کان،

کڻيو تن ڪکن مان، هن پهس لڪايو پاڻ،

پکيءَ پيو نه گمان، ته ڪو وڃي چور چوري ڪريو[7].

ٻاراچ هائوڪار ڪئي. تڏهن ٻاچو چيس ته: سامهين وڻ تي آکيري ۾ پيل آنا، اهڙيءَ طرح کڻي آءُ جيئن ڳيريءَ کي خبر نه پوي. ٻاراچ مٿي وڃي، اکر جي زور تي آنا ڳيريءَ هيٺان سورڻ لڳو. آنا کڻندو ڪُڻٺ ۾ هڻندو ويو. ننڍو وري اهڙو هوشيار هو جو هيٺان ئي جادو هڻندو، آنا هن کان ڪڍندو پنهنجي ڪُڻٺ ۾ هڻندو ويو.

دانَهه درخت تان لهي، جان وٽ آيو ڀاءُ،

وير نهاري وُر ٿو، ڪامل ڪوڏ منجهاءُ،

يَر! ڪو جو وريو واءُ! جو آنا اُڏامي ويا [8]

ٻاراچ هيٺ لهي آنا ڳوليا، پر اهي نه ڏسي حيران ٿي ويو. ننڍي کلي چيو ته:

جان تون سبق نه سکئين، جان ڪَل پکيءَ پيئي،

نڪو ڪُوڪٽ وچ ۾، نڪا بلا ڀي ماريئي

تڏهن ڌتاري سامي، ڪڍيو آهي پاڻ کي[9].

توکان آنا ويا ڪيئن، تو آکيري مان آنا کنيا هئا يا نه؟ جي آنا کنيئي ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟ شايد توکي جوڳيءَ جادو سيکارڻ بدران ڌتاري ڇڏيو آهي. اهو ٻڌي ٻاراچ ڏاڍو ڏمريو ۽ چيائين ته:

سامي پاڙهيس سڦري، جوڳي پاڙهيس جوان

پر متان تهتائي تو ڪڍيا، ٿو خوشيون ڪرين خان.

مون آکيري مان آنا پڪ سان کنيا آهن، پر خبر ناهي ته ويا ڪيڏانهن! جي توکي اعتبار نه ٿو اچي ته بيهه ته توکي انهيءَ ڳيريءَ جا پر به ڪتري آڻي ٿو ڏيان. سو به اهڙيءَ طرح جو خبر ئي ڪا نه پونديس. ائين چئي اڃا وڻ ڏانهن وڌيو ته ٻاچو چيس ته: ادا!‘ جوڳيءَ وٽ پڙهيو تون آهين، پر ڪي اکر جادو جا آءٌ به پنهنجيءَ پر ۾ سکيو هوس. تو آنا برابر کنيا، پر مون وري اهي آنا جادوءَ جي زور تي تنهنجي گوڏ مان ڪڍيا آهن. ائين چئي آنا کيسي مان ڪڍي ڀاءُ کي ڏنائين. اهو ڏسي ٻاراچ ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ته کلندا ڪُڏندا، جادو هڻندا ۽ هڪ ٻئي کي آزمائيندا ڪلان ڪوٽ ڏانهن روانا ٿيا. ڪلان ڪوٽ ڏانهن ويندي، انهيءَ وچ تي ’ٻانڀڻ واهه‘ جو شهر هو. واٽ تي کين ڪن خبر ڪئي ته ’ٻانڀڻ واهه‘ ۾ پريون ٻاڻ ٿيون هڻن، سو چيائون ته ٻيلي ’ٻانڀڻ واهه‘ کي ڏسي پوءِ ڪلان ڪوٽ هلنداسون.

کلن ڪُڏن پاڻ ۾، ٻئي وير وريُون،

ٻهڳڻ ’ٻانڀڻ واهه‘ جو، هلي شَملي شيل ڪريون،

سـُڄن ٿيون اِن پار ڏي، پوشيديون پريون،

گامون گهوٽ ڀريون، اُٿي پـُريا انهي پار ڏي[10].

هي اڃا ٻانڀڻ واهه کان ميل کن پري هئا ته کين باهه جو شهاءُ ڏسجڻ ۾ آيو. ننڍي چيو وڏي کي ته سج اُڀري ويو. وڏي چيو ته: نه، سج جي هيٺان ماڻهو پيو اچي، پَريون جيڪي ٻڌيون اٿئي سي اهي آهن. چيائين: ڀلا هلون ته خبر پوي ته ويجها آيا ته ڏٺائون ته ڪا حُسن وند هندو سوناري مائي، سويل پاڻي ڀرڻ آئي هئي ۽ دلو اچي هيٺ پاڻي ۾ ورايو هئائين[11]. مائيءَ کي حمل هو. ٻاچو، وڏي ڀاءُ کي چيو ته: ادا! جادوءَ جي زور تي ڏٺو اٿم ته سوناري پيٽ سان آهي، ان کي ڌيءَ ڄمندي، جنهن جو لکيو توسان آهي. تنهن ڪري ڇو نه اڳو پوءِ کانئس سڱ مڃايو هلون. تڏهن ٻاراچ، سوناريءَ کي ٻاڻ هنيو ته هوءَ دلي سميت اتي ئي سـُڪ ٿي بيهي رهي. مائيءَ گهڻئي زور لاٿا پر وريو ڪي ڪين.

پريا انهيءَ پار ڏي، دانهه ديکڻهار،

ڏٺئون سوناري شهر ۾، ڪا مَت ڀري موچار،

پوشيدي ٿي پاڻي ڀريو، جُهلي منجهه جهالار،

هن کي ٻاڻ ٻاراچ هنيو، وهلو تنهين وار

تڏهن نيڻ ٽمائي نار، هئي ڪراڙي قليل ٿي[12].

مائيءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ ٻاچو ۽ ٻاراچ کي ڏسي سهي ڪيائين ته اها حرڪت انهن جي آهي. ٻاچو ۽ ٻاراچ اٿي هلڻ لڳا. تڏهن مائي روئي کين چيو ته، مون کي هيئن قابو ڪري نه وڃو، ڀلائي ڪري مون کي ڇڏايو.

ڪراڙي قليل ٿي، زال ڪري زاريون،

لاڙيو لڙڪ اکين تان، هَئي وجهي هاريون،

ڀرو تان ڀيڻي ڪريو، وڃو نه ماريون.

هنن صلاح ڪئي ته مائي بلائتي آهي، هاڻي سڱ گهرونس. سو موٽي مائيءَ وٽ آيا ۽ مائيءَ  چين ته: منهنجي جند ڇڏايو. تڏنهن ٻاچو چيس ته: مائي! تنهنجي پيٽ ۾ ڌيءَ آهي، اُن جو لکيو منهنجي وڏي ڀاءُ سان آهي. جيڪڏهن سڱ ڏيڻ جو انجام ڪرين ته توکي انهيءَ آزار کان ڇڏايون.

ڀروُن، ڀيڻي تان ڪريون، جي تون باسين هيءَ،

ڏي سڱ سوناري! جا اٿئي پيٽان ڌيءَ،

نه ته جوکو اٿئي جيءَ، بهڳڻ مرندئين ٻَيڙي[13]

تڏهن مائيءَ ڳالهه ڳڻي خيال ڪيو ته ’الائي ڌيءَ ڄميم يا پُٽ، سو به الائجي مري يا جيئي! تنهن ڪري في الحال سڱ باسي جند ڇڏايان.‘

ڳڻيو توريو ڳالهڙي، بيٺي ڌيان ڌري،

ته هي وسن ڪنهن ولات ۾، جن جو پنڌ پري،

ڌيءَ ڄمي يا پُٽ ڄمي، ڪي ڄاپندي مري،

اِها ڳالهه ڳڻي، باسي سڱ ڀَري هلي [14].

مائي، سڱ باسي، دلا ڀري اُٿي هلي. ٻاچو ۽ ٻاراچ به اُٿي هليا. ننڍي وري به هڪل ڪئي وڏي کي ته، ادا! زالن جي ڳالهه تي ڀروسو ڪهڙو! ڇو نه مائيءَ جي پـُٺ وٺي هلون، سندس گهر به ڏسون ۽ سندس مرد کان به هلي سڱ جي پڪ وٺون!

ٻاچو چئي ٻاراچ کي، سڻ ڪو عرض سهي،

ته زالن سندس ڳالهڙي، حيلي ڪنهن نه هلي،

ڏسون گهر رتول جو، هلون ڪَڍَ ڪَهي.

سو ٻاچو ۽ ٻاراچ، مائيءَ جي پويان لڳا آيا، مائيءَ دير ڪئي هئي، تنهنڪري سندس مڙس ”رامو“ سونارو، گهر کان ٻاهر نڪري انتظار ۾ بيٺو هو. مائيءَ کي ايندو ڏسي، سوناري ڊوڙي اچي مائيءَ کان دلو جهليو. اتي ٻاچو هڪل ڪئي ٻاراچ کي ته: هاڻي مهل اٿئي، ٻاڻ هڻ، ٻاراچ ٻاڻ هنيو ته دلو ڪڇ ۾ قابو ۽ سوناري جا هٿ دلي ۾ قابو. سوناري، دلي لاهڻ لاءِ ڏاڍا زور لاتا، پر وريو ڪي ڪين. تڏهن حيران ٿي سوناريءَ کان پڇيائين ته: هي ڪهڙو اسرار آهي جو هٿن ۾ ڄڻ ته ڏاڻ پئجي ويا آهن؟ تڏهن هُن ٻاچوءَ ۽ ٻاراچ جو سمورو بيان ڪري ٻڌايس ته ڪهڙي طرح آءٌ پڻ ڌيءَ جو سڱ باسي آئي آهيان. سوناري ڪاوڙ ۾ چيو ته: نه نه، آءٌ انهن کي سڱ ڪو نه ڏيندس. ائين چئي جند ڇڏائڻ لاءِ وڌيڪ زور لائڻ لڳو، پر نه سندس هٿ دلي مان نڪرن ۽ نه وري دلو مائيءَ جي ڪڇ مان نڪري. ٻاچو ۽ ٻاراچ به ڏٺو ته سونارو ڳالهه نه ٿو مڃي، سي اٿي هلڻ لڳا. تڏهن سوناريءَ مڙس کي چيو ته: جن پاڻ کي ٻاڻ هنيو آهي، سي اِهي جوان اٿئي. جيڪڏهن هائوڪار ڪندين ته جند ڇٽندي. سونارو به اچي عاجز ٿيو هو، سو لاچار سڱ باسي، زال کان پڇيائين ته، نالا ڇا اَٿن؟ هن ٻڌايو ته: ٻاچو ۽ ٻاراچ، پوءِ سوناري سڏ ڪري چين ته:

سونارو سڏ ڪري، ٻاچو ۽ ٻاراچ!

مون سان مٿي تي مَني، جنهن هلي آيئو حاج[15]،

نيڪئو! ڪو نظر ڪريو، اوهان جا ڪامل ٿيندا ڪاج..

سوناري کي چيائون ته، جي سڱ نه باسين ها ته سڄي عمر اتي قابو بيٺو هجين ها، پوءِ سوناري تان جادو لاٿائون. تڏهن جند آزاد ٿيس. سونارو کين سڏي گهر ۾ وٺي آيو، ۽ مانيءَ جي دعوت ڪيائين:

ويهاري تن ويرن جا، طعام ڪيائين تازا،

پوءِ صبحئون ساڄا، وڃي چڙهيا ڪلان ڪوٽ تي[16].

ماني ٽڪي کائي چيائون ته: اسين ٻارهين ورهيه سڱ وٺڻ اينداسين ۽ پوءِ ڪلان ڪوٽ ڏانهن روانا ٿيا.

پوءِ گڏين ’ماموئي‘ ملڪ ۾، جي لهن تارن تي ترڀاءُ،

’واگهه‘ گڏيو هون واٽ تي، همت جو همراهه،

هونِ شوق شڪار جو، وَدائون سهڙ بي سجهاءِ،

کڻي پچائي پاڻ سان، ٿيا راهي انهي راهه[17]

اڃان اڳتي هليا ته ٻه ”ماموئي“ ڀائر گڏين، جي پڻ جادو ۽ حڪمت ۾ خبردار هئا. چارئي ڄڻا هڪ ٻئي کي خبرون چارون ڏئي خوش ٿيا، ۽ پوءِ پاڻ ۾ سنگت ڪري اڳتي روانا ٿيا. وري به ڪجهه پنڌ ڪيائون ته ”واگهه“ نالي هڪ شخص ڏيکائي ڏنين. واگهه به ٺڳي ۽ حرفت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ان کي پنهنجي سنگت ۾ آڻي پنجئي ڄڻا پنڌ پيا. واٽ تي شوق شڪار ڪندي. هڪڙو سهو شڪار ڪري، سيخ ۾ پچائي ڪباب ڪري کنيائون، ۽ خيال ڪيائون ته ڪنهن وسئن کي ويجهو هلي کائينداسين ۽ ٿڪ به ڀڃنداسين.

هلندي هلندي واگهه خيال ڪيو ته ٻيلي، سهو هڪڙو، مڙس پنج، پتيءَ ۾ ڇا ايندو؟ هاڻي جي اٽڪل ڪندس ته ڦٻندس، نه ته سڄو ڏينهن بک به مرندس، ۽ هنن چئني سان به ڪين پڄندس. سو ڇا ڪيائين جو وجهه وٺي سهي مان ذرو ذرو ماس پٽيندو کائيندو هليو. کائڻ جي آواز جي ڪري متان ٻين سنگتين کي شڪ پوي، سو هُنن سان ڳالهيون به ڪندو هليو. تان جو سَهي جي هڪڙي ٽنگ کائي ويو. آخر جڏهن پنڌ ڪري ٿڪا ۽ بُک به اچي تپاين، تڏهن هڪڙي هنڌ ويهي ٿَڪ ڀڳائون، ۽ ڪباب کائڻ لاءِ هڙ کوليائون ته ڏسن ته سَهي جي هڪڙي ٽنگ آهي ئي ڪا نه. عجب ۾ پئجي ويا. هُئا به حرفتي پر ڪري ڇا سگهن! نيٺ رٿ رٿيائون ته سڀني کان ساک وٺڻ گهرجي، پر پهرين واگهه کان ساک وٺجي. جيڪڏهن سچي ڪيائين ته وهواهه، نه ته وري ڪا ٻي اٽڪل ڪبي.

وين چوري کائي چاري ۾، ويو ڪندو انهن سان الاءُ

پتيون ڪيائون پاڻ ۾ ]جڏهن ٿي[ ونڊ وراهه،

چيٺ ڪيائون چوٿينءَ جي، وٺو واگهه ڪنان ويساهه،

صحبت سندو ساءُ، ڀائر ڀڃن ڪينڪي.[18]

اها صلاح ڪري واگهه کي چيائون ته: ساک ڏي واگهه چيو ته: ”ادا! سهڙ ڄنگهون ٽي، چوٿين ڪير چوي؟“ ڪير ٿو چوي ته آءٌ ڪوڙ ٿو ڳالهايان. واهه جو سنگت جو اُجورو ٿا ڏيو! جيڪڏهن منهنجي ڳالهه تي پَت نه ٿي اچيوَ ته آءٌ پنهنجي واٽ وٺيو هليو ويندس. تنهن تي سنگتين چيس ته: ادا! اسان کي ساک ڏيئي، پوءِ بلاشڪ جيڏانهن وڻئي، اوڏانهن هليو وڃ. واگهه چيو ته: ادا! اڳتي هلو، اڳيان ڪنهن مسجد ۾ هلي، مُلي کان فيصلو ٿا ڪرايون. الله سان ڪم پوندم، توهان سان ڪوڙ اصل نه ڳالهائيندس. هنن دل ۾ چيو ته: ٻيلي، هن ڪئي آهي دغا، تنهن جي ڪيئن به سزا ملڻ کپيس. پهريائين ڪنهن به طرح ڳالهه اڇي ٿئي. جيئن سنگتين جو هڪ ٻئي تان شڪ لهي، پوءِ هر ڪنهن جي مرضي، وڻيس ته گڏجي هلي، وڻيس ته واٽ وٺي. اها ڳالهه ڳڻي وري به واگهه کي چيائون ته: ادا، دوستن سان ڪا دغا ٺهي ٿي؟ جي ڪجهه کائجي ته سَلجي، سَلجي نه ته پاڻ کڻي پلجي. هاڻي جيڪڏهن کاڌي اٿئي ته کڻي سچي ڪر ته جهيڙو لهي ۽هر ڪو خوش ٿئي. چئي: ادا، دوستن سان دغا ڪا نه ڪئي اٿم، پر جي اوهان کي هرو ڀرو مون کي ڏوهي ڪرڻو آهي ته پوءِ مرضيءَ جا مالڪ آهيو.

جڏهن واگهه ڪنهن به طرح نه مڃيو، تڏهن چئني ڄڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اڳيان جيڪو ڳوٺ آهي، تنهن مان هلي چوري ڪريون ۽ واگهه کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيون. پوءِ سڀ سچي ڪرائينداسونس. نيٺ اها رٿ ڪري وڃي چوري ڪيائون، ۽ چوريءَ جو مال کڻي ڳوٺ کان ٻاهر اچي واگهه کي چيائون ته: ادا، هينئر به مهل اٿئي، جي سچ نه ٿو ٻڌائين ته سڀاڻي هن ڳوٺ جا ماڻهو اهڙي ڪار ڪندئي جو سڄي عمر ياد ڪندين. چئي:

سهڙ ڄنگهان ٽي، چوٿين ڪير چئي،

جي اوها ن پت نه پئي، ته وڃو انهيءَ واٽ سان[19].

پر تڏهن به واگهه چيو ته: ادا، سهي ٽنگون ٽي، چوٿون ٿئيس پڇ. شايد اوهان اڳي سهو نه ڏٺو آهي. هاڻي جي اعتبار نه ٿا ڪريو ته پنهنجي واٽ وٺي هليا وڃو. اڄ کان وٺي پنهنجي ياراني ٽُٽي. هنن به ورائي کڻي واگهه کي وڻ سان ٻڌو ۽ چوريءَ جو مال سندس ڀَر ۾ رکي، پريان وڃي لڪي ويهي رهيا.

صبح جو مال جي مالڪن کي سجاڳي ٿي، اُٿي ڏسن ته گهر کي ٻُهارو آيو پيو آهي. چورن جا پير کڻي اچي واگهه تي بيٺا. ڏسن ته مال به سلامت ۽ چور به هٿيڪو. سو ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ واگهه کان پڇيائون ته:  تون ڪير آهين، ڪٿان ٿو اچين؟ واگهه چيو ته: الائجي ڪير مڙس هئا، جيڪي مون کي ٻڌي، اوهان جو مال منهنجي ڀرسان رکي هليا ويا آهن. مال جي ڌڻين سمجهيو ته اهي ضرور هن جا سنگتي هوندا، تن سچي ڪرائڻ لاءِ اچي ورتس. ڏاڍي مار ڪڍي، مال کڻي، واگهه کي اتي ئي ٻڌل ڇڏي ڳوٺ ڏانهن ويا ته وڃي چڱي مڙس کي ڄاڻ ڪريون. اِتي چئني يارن واگهه کي هڪل ڪئي ته: جي سچي نه ٿو ڪرين ته هِن کان وڌيڪ جُٺ ٿيندئي. پر جي سچي ڪندين ته انهيءَ مصيبت کان به ڇُٽندين ۽ پنهنجي سنگت به رهجي ايندي. اتي واگهه ڏٺو ته چون سچ ٿا، هنن حرفتين سان اڪيلو پڄي ڪو نه سگهندس.

ڇا سهڙ، ڇا صفت، نڪي اوهان واگهه به وڃايو،

اوهان چئني ڪڍ چوريءَ جي، ڪيترو ئي ڪاهيو

پَڪي کاڌي خير ٿيو، ڪيو ٻيءَ جو سعيو

جي وچ ۾ ويهاريو، نه ته وڃي واگهه وطن تي[20].

تنهنڪري لاچار ٿي چيائين ته: ادا، ڇا لڳي سَهو، ڇا ايتري جُٺ، توهان سهي جي هڪڙيءَٽنگ لاءِ وٺي هيتري ڇِڪ ڇڪان ڪئي آهي. هاڻي ٺهيو، پَڪي کاڌي خير ٿيو، ٻيءَ سيخ جو سعيو ڪريو. هاڻي مرضي توهان جي، پاڻ سان وٺي هلو ته واهه، نه ته وٺان پنهنجي راهه! تڏهن چئني صلاح ڪئي ته، ”ڪوڙ سچ جو پتو پيو، هاڻي مٿو ڇو هڻون؟“ سو چيائونس ته:

توسان پيچ پريت جا، ڪئيسون کِل رڳي خالي،

هاڻي نشا پي نوان ٿيو مست موالي.[21]

پوءِ پنجن ئي سنگتين اڳين ڳالهه وساري، خوب خوشيون ڪيون ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. ان بعد واگهه کانئن موڪلائي پنهنجي وطن روانو ٿيو.

قصو ڪوتاهه- واگهه جي وڃڻ کانپوءِ چار ئي سنگتي اڳتي روانا ٿيا. واٽ تي ’ماموين‘ جو ڳوٺ آيو. موڪلائڻ وقت ماموين، ٻاچو ۽ ٻاراچ جي مهماني ڪئي. ماموين وٽ ڪَنجهي جي هڪڙي برڪتي ٿالهي هئي، جنهن کي ڌوئي صاف ڪري، وچ تي رکي صدا ڪيائون ته طعام سان ڀرجي ويئي. ٿالهيءَ مان هنن ڍﺂ ڪيو. پوءِ پاڻ ۾ ڪچهري ڪري وڃي سُتا. ٻاچو ۽ ٻاراچ، ٿالهيءَ جي ڪرامت ڏسي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڪيئن به اها ٿالهي کڻجي. هوڏانهن وري ماموين خيال ڪيو ته مڙس ٻئي آهن اڙٻنگ، متان ٿالهي چورائي وڃن، تنهن ڪري اهڙي اٽڪل ڪريون، جو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. سو ڇا ڪيائون جو ٿالهي پاڻيءَ سان ڀري، ڇِڪي ۾ رکي، هيٺان پاڻ سمهي رهيا. انهيءَ لاءِ ته هي جي ٿالهي ڇڪي تان کڻندا ته پاڻيءَ جا ٽيپا ضرور هاربا، تنهن ڪري سجاڳي ٿي پوندي ۽ ٿالهي سلامت رهندي.

ڀري رکي ڀـﺂ کان، مٿئون ماموئن،

متان کڻي ڀي وڃن، ته ٿئي جاڳائي جَر تي.[22]

ٻاچو ۽ ٻاراچ به اڳيان وڏا حرفتي هئا، تن اِها اٽڪل سمجهي، اڌ رات جو اُٿي، نڙ سان ٿالهيءَ جوسمورو پاڻي ڦوڪي ڪڍيو، ۽ پوءِ ٿالهي ڇڪي تان لاهي، خيال ڪيو ته جي ٿالهي پاڻ وٽ رکنداسين ته ظاهر ٿي پوندي، تنهن ڪري اُها درياءَ جي وچ سير ۾ لڪائي آيا ۽ چيائون ته ماموين کان موڪلائي روانا ٿينداسين ته ڪڍي کڻي وينداسين. اهو ڪم ڪر ي وري اچي سمهي رهيا.

اڌ رات جو اوچتو ماموين جي به اک کُلي، ڏسن ته ٿالهي آهي ئي ڪا نه. صلاح ڪيائون ته هنن کانسواءِ ڪنهن کي مجال ناهي، جو اسان کي ٺڳي سگهي. پوءِ آهستي آهستي اُٿي، ٿالهيءَ جي ڳولا شروع ڪيائون ۽ گپ جي نشانن مان سهي ڪيائون ته ٿالهي درياءَ ۾ لِڪل آهي. اُها اُتان ڪڍي، پاڻيءَ سان ڀري وري به آڻي ڇِڪي تي رکيائون ۽ سمهي رهيا. صبح جي وقت سڀني جا سامان سلامت هئا. پر هڪ ٻئي جي حڪمت به ڏسي ڇڏيائون.[23]

قصو ڪوتاهه –  ٻاچو ۽ ٻاراچ، ماموين کان موڪلائي ڪلان ڪوٽ ۾ آيا. چون ٿا ته ٻارنهن ورهيه ڪلان ڪوٽ ۾ ڪَٽيائون، پر ڪنهن ڪو نه سُڃاتا. جڏهن ٻارنهن ورهيه پورا ٿيا، تڏهن صلاح ڪيائون ته ٻارهين ورهيه ته غريب جو ٻار به ٿو سامائجي، سو پاڻ وارو سڱ سامايو ويٺو هوندو، هلو ته هلي گهرون.

ڪَيئون ڪلان ڪوٽ تان، ٻارهين ورهيه وُر،

گهريئون سڱ سوناري کان، جو پڇي پنهنجيءَ پَر،

هاريا! هيئن نه ڪر، نه ته ڏيان ٿو دانهن دَلوءَ کي.[24]

ٻاچو ۽ ٻاراچ کي سڱ باسڻ کان پوءِ، سوناري کي ڌيءَ ڄائي هئي. ڇوڪري سدا ملوڪ هئي ۽ اُن جو نالو ”سونَ“ رکيو هئائون. ٻاچو ۽ ٻاراچ جي ڊپ کان سوناري گهر ۾ هڪڙو بـُهرو ٺهرائي، ڇوڪريءَ کي ان ۾ لڪائي ڇڏيو، جا بـُهري ۾ اندر ئي نپجڻ لڳي. ماڻهن کي ائين ٻڌايئون ته ڇوڪري مري وئي.

نڪري ڄائي ڄرم مون، ٻي ڪل ناهي ڪائي،

دختر تنهن ديوار ۾، نيئي لوڪئون لڪائي،

جوڙي جاءِ جنسار سان، وچ ۾ وهائِي،

هنن کي به عين هئا اندر ۾، عطا اَلاهِي،

بام تنهين بُهري ۾، هُنن کي لِکئي لَهائي.[25]

تان جو ٻارنهن ورهيه گذري ويا. ڇوڪري اچي جوان ٿي هئي ۽ ٻاچو ۽ ٻاراچ به وري نه موٽيا هئا، تنهن ڪري انهن جي اچڻ جو آسرو لاهي، ڇوڪريءَ کي پرڻائڻ جو ارادو ڪيائون ۽ خيال ڪيائون ته جي هو سڱ گهرڻ آيا ته به ڇوڪري پرڻيل ڏسي موٽي ويندا. اهو خيال ڪري ڇوڪريءَ جي سڱ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. پر ڊپ کان ڪو به سوناريءَ جو سڱ قبول ئي نه پيو ڪري، انهيءَ ڪري جو چيائون ته سوناري کي ڌيءَ هئي ڪانه، هيءَ ڇوڪري ڪٿان آئي؟ تان جو ٻاچو ۽ ٻاراچ به اچي رسيا.  سوناري کان سڱ گهريائون، پر هن چيو ته، ڇوڪري ننڍي هوندي ئي گذاري وئي. هنن جادو هڻي ڏٺو ته ڇوڪري سامائي، هڪڙي بُهري ۾ ويٺي آهي، تڏهن سوناري کي چيائون ته: اسان سان ڪوڙ ڪيو اٿئي، جيڪڏهن سڱ نه ٿو ڏين ته اسين زوري به کڻي وينداسين. سوناري چيو ته: مون سڱ لاچار کان باسيو هو. انجام ته برابر ڪيو هئم، پر آءٌ هندو توهين مسلمان، سو  توهان کي سڱ ڪيئن ڏيندس؟ ماٺ ڪري هليا وڃو، نه ته دلوراءِ کي خبر ڏئي، شهر مان تڙائي ڪڍندو سانوَ. هاڻي هنن کي جواب به مليو ۽ دلوراءِ جو دڙڪو به مليو. سو ماٺڙي ڪري موٽيا ۽ شهر کان ٻاهران جهنگ ۾ لڪي، دونهون دکائي ويهي رهيا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون، ٻاچو، ٻاراچ کي چيو ته: ادا، پاڻ وٽ ايترو اکر آهي جو سڱ پاڻ کنيو هلنداسون. هاڻي وڃ، رات جو سڄي شهر جي ننڊ ٻڌي آءُ، ۽ انهيءَ مائيءَ تي به ٻه اَکا رکيو آءُ، جيڪا کڻنداسون.

کنيئون سوناري شهر مان اُٿي آڌي رات،

پرور! تون پت رهاءِ، اِها وائي ويرن وات،

پرهه ڦٽي پرڀات، دانهه پهتا ٻيءَ دِس ۾.[26]

ٻاراچ ويو سو سڄي شهر جي ننڊ پڙهي آيو. جو ماڻهو جتي هو، اُتي سمهي رهيو. سڄي شهر ۾ ڄڻ ته راڪاس گهمي ويو.

پوءِ مائي کي اڌ رات جو اهڙيءَ طرح کنيائون، جو اُن کي سار ئي نه ٿي. جڏهن مائي سجاڳ ٿي ته چيائين: هاڻي آءُ اوهان جي آهيان. ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته پاڻ وٽ پريءَ جو ٻچو آهي. پاڻ ڪنهن ڳوٺ گام ۾ رهڻ جهڙا نه آهيون، هلو ته جهنگل ٻيلو وسائي ويهون، پوءِ اچي جهنگل وسائي، لوڙهو تار ٺاهي ويهي رهيا. وڏي (ٻاراچ) ننڍي (ٻاچو) کي چيو ته توکي پرڻائيندس. تنهن تي ننڍي چيو ته: منهنجي ماءُ ٿئي، تون وڏو آهين، تون پرڻج، پوءِ ٻاچو وڃي مـُلون وٺي آيو ۽وڏي ڀاءُ سان نڪاح پڙهايائينس.

ٻنهي ڀائرن جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي. چيائون ته هڪڙو شڪار تي وڃي ته هڪڙو گهر ۾ ويٺو رهي. هڪڙو ويٺو هوندو هو، ٻيو جڏهن شڪار ڪري ايندو هو ته ويٺل سـﺂ وکون ڀري هن کي سامهون ويندو هو. جيڪو به ويٺو هوندو هو، سو گهر ۾ نه ويهندو هو. نڪري ٻاهر ويهندو هو. پوءِ ٻئي ڀائر ڳرهاٽي ڏئي گهر ۾ ايندا هئا.

قدرت خدا جي سان ڪو بادشاهه شڪار تي چڙهيو ۽ شڪار ڪندو ڪندو انهن جي گهر وٽ آيو. گهر کان پري هو ته حڪم ڪيائين ته: ٽانڊو ڳوليو ته شڪار لاءِ جامڪين کي باهه ڏينداسين. هيڏانهن هوڏانهن ڳوليندي هڪڙو همراهه اچي هنن جي گهر تي بيٺو ته مائي ڪنهن ڪم ۾ هئي. گهر کان ٻاهر نڪتي. ڪم ڪري هڪڙي گهڙيءَ ۾ وري گهر ۾ هلي ويئي. ڀاءُ جيسين اُٿي، تيسين همراهه هن جي حسن جو اُهاءُ سهي نه سگهيو، سو آنهر جي گهوڙي تان ڪري پيو. تنهن تي ٻاچو اُٿيو، هن جا ڏندڻ ڀڃي کيس اُٿاري سنئون ڪيائين. ٻاچو پڇيس ته: ڪيئن آيو آهين؟ چيائين: مون کي ٽانڊو آڻي ڏي. هن ٽانڊو آڻي ڏنس، اهو کڻي بادشاهه کي آڻي ڏنائين. بادشاهه چيس ته: دير ڪيئي؟ چيائين: دير ڪيم، پر هُتي هڪڙو ماڻهو ويٺو آهي، آءٌ ان وٽ هڪڙو ٻار ڏسي آيو آهيان. تُنهنجي گهر ۾ کائڻ جون کَريون، ۽ اَن جا وڻاءَ ويٺيون آهن. جي سڱ ڏني سڱ ملئي ته سڱ وٺ. ٽَڪن ڏني ڏين ئي ته ٽڪا ڏيئي وٺ. پر جي تون بادشاهه آهين، حڪم ڪري کڻين ته اسين تنهنجا ماڻهو آهيون. هلو ته هلون. تنهن تي بادشاهه چيو ته: حڪم ڪري ڪين کڻنداسون، هلي گهر ڪريو. ائين چئي بادشاهه گهوڙرا ڪاهي اُتي آيو. ٻاچو نڪري آيو. پري کان بيهي سلام ڪيائين ۽ چيائين: ڪريو خبر، هي لشڪر هتي ڪيئن آيو آهي؟ چيائون ته: بادشاهه آيو آهي، تو وت جيڪو سڱ ويٺل آهي اُن جي گهر ڪرڻ سو ڏي ٻاچو چيو ته: خبردار! جيڪي اوهان کي چوڻو هو سو چيوَ، متان وڌيڪ چئجو. پوءِ بادشاهه کي چيائين ته: بادشاهه آهين، توکان ڪو نه ٿو ڊڄان، پر خدا جي خوف کان ٿو ڊڄان، سڱ تو گهريو، هاڻي موٽي وڃ. بادشاهه جڏهن روانو ٿيو، تڏهن هڪل ڪيائين ته: بيهي رهه. هو بيهي رهيو. پاڻ ويو گهر. هڪڙي بصر جي پتي کنيائين ۽ چاقو هٿ ۾ ڪيائين. بادشاهه جي روبرو بصر جي ڏُنڊ چاقو سان لاهي ورتئين. چيائين ته: هاڻي بصر ڪو تو وٽ آهي. بادشاهه چيو ته: آهي. چيائين: هاڻي هيءَ بصر ۾ اُڇلي، مِلائي، پوءِ بصر جي خبر وٺج.

بادشاهه موٽي آيو ۽ اهو بصر ڪوٺيءَ ۾ اڇلائي نظر ڪيائين ته ذات بصر جر سري لٿي پئي هئي. بادشاهه ڏٺو ته منهنجو هن سان ٻيو ڪو به زور ڪو نه هلندو، سو هڪڙي ڌوتيءَ کي وڃي هٿ ڪيائين، ۽ اُن کي چيائين ته: ماڻهو ڏٺو اٿم، اُهو آڻي ڏينم ته ٽَڪن سان ڍَئي ڇڏيئين. ڌوتيءَ چيو ته: ماڻهو گڏي ڏيوم، جيڪو انهيءَ گهر ۾ ڇڏي اچيم. پوءِ هن کي آڻي ٻاچو ۽ ٻاراچ جي گهر وٽ ڇڏيئون. مائي رڙهي اچي سڏ ڪيو. ٻاچو ويٺو هو، سو نڪري آيو. چيائين: مائي، تون ڪهڙي ڪم سان آئي آهين؟ جواب ڏنائين: آءٌ بيواهه آهيان، هتي رهنديس. ٻاچو، مائيءَ کي لوڌي ڪڍيو، چئي: تون اسان جي ڪم جي ناهين. اتي ڀاڄائيس هن کي اندران سڏ ڪيو، ته: ادا، تون ٿو وڃين شڪار تي ته به تنهنجو ڀاءُ ٻاهر ويٺو آهي، آءٌ اڪيلي ويٺي آهيان. هاڻي اوهين ٻئي ناهيو ته به زائفان آهي، مون سان گڏ ويٺي ڳالهائيندي. ٻاچو چيو ته: مائي، هن زال مان پاڻ کي چڱائي ڪا نه رسندي، تون وڏي آهين، ماءُ جي برابر آهين، چئين ٿي ته پوءِ تنهنجو چيو ڪو نه ٿو موٽايان.

خير، هن ڌوتيءَ کي سڏي ويهاريو.ڌوتي اچي ويٺي، تنهن کي اچي بادشاهه جي تـُندي لڳي ته: هاڻي همٿ ڪر. سوناريءَ ڏٺو ته جي ڳالهه ڪنديس ته هن کي ماري وجهندا، ڀلي ويٺي هجي. سو دل جي دل ۾ رکي ويٺي. هنن سان ڳالهائي. ڌوتيءَ ڏٺو ته مو ٻه – ٽي مهينا مٿو هنيو، هيءَ رن ته نه ٿي مڃي، باقي آءٌ به ڀائرن کي ته ويڙهائي وڃان. سو ٻاراچ جي اچڻ جي مهل ٿي ته هيءُ رستو وٺي بيهي رهي. ٻاراچ جڏهن وٽس آيو، تڏهن پڇيائينس ته: ماسي! ڪيڏانهن؟ چيائين ته: وڃان ٿي ته سُـُٽ پَٽ آڻيان ته ويٺي ڪم ڪريان، پر اَبا ٻاراچ، مون کي خبر ڏي ته اها مائي جيڪا گهر ۾ ويٺي آهي. سا زال تنهنجي يا ٻاچو جي؟ تنهن تي هن چيس ته: مائي، ڊڄ خدا ڀر، هيترا ڏينهن توکي ويٺي ٿيا آهن، توکي خبر ئي ڪانهي. چيائين: ابا هڪڙيءَ چَٺ ۾ ٻه ڪُتا ئي نه چٽين! تنهن تي ٻاراچ کي اها ڳالهه دل ۾ ٿي ته ڀلا ڀائي، هيءَ ڳالهه ڪيئن ٿي؟ ٻاچو دستور موجب سـﺂ وکون ڀري وٽس ويو. ٻاراچ جڏهن وٽس آيو، تڏنهن اڳي ڳرهاٽي پائيندا هئا، پر هينئر ڦري پـُٺي ڏئي بيهي رهيو.

ڪنهن جنهن ڪوڙيءَ ڳالهه تان، وڏُ وڻا هي وير،

ٻاچو مٿي، ٻُگهيو چئي، آندي ڀاءُ مٿي ڀُلگير،

هن چيس ته: ادا، منهنجي من جي اڳين ڪا نه اُڪير،

هُنَ چيس ته مُئو سڻندين منهنجو، ويندي چس وير.

ٻاچو، وڏي ڀاءُ ٻاراچ جو رخ بدليل ڏسي، اتان ئي ڀاءُ کان موڪلايو ۽ چيائين ته: تو مون تي شڪ آندو آهي، هاڻي جيئري منهنجو منهن نه ڏسندين. ائين چئي ٻاچو ويندو رهيو ۽ ٻاراچ گهر اچي ويٺو.مائي ڇٽيهه لکڻي هئي، تنهن هن کي اڪيلو ايندو ڏسي چيو ته: ادو ٻاچو ڪو نه آيو، ڪيڏانهن ويو؟ چيائين: اچي ٿو. هن نٽايو گسايو پر مائي اچي کنيس ته: ٻاچو پيدا ڪر. اتي ڳالهه ڪيائين ته هيءَ ڳالهه هئي، جنهن تان اسين ڪاوڙياسون. چيائين: تون مرد هئين، پڇين ها، ڳاڇين ها، تنهنجو ڪلهي ڀائي هو. بس، پوءِ ته ٻاراچ گهر ۾ ويهي رهيو. شڪار تي به ڪو نه ويندو هو. ڀاءُ جو اچي ڳاراڻو لڳس. ڏينهون ڏينهن ڳرندو ويو. آخر هڪڙي ڏينهن زال کي چيائين ته: مون اُٿڻ کان بس ڪئي. هاڻي ڪو اهڙو بلو ڪر، جيئن تنهنجو مَڙهه به ڪُتا ڪانگ نه کين، ۽ مون کي به هلي ماڻهن ڀيڙو ڪر. تنهن  تي مائي کارو ٺاهي، اُن ۾ مڙس کي وجهي، کڻي اُٿي هلي. اچي ته مهندان مهاڻن جي هڪڙي مياڻ هئي. اُتي هڪڙي هنڌ سامان لاهي ويهي رهي. مهاڻا مائي سهڻي ڏسي، وٽس ڊوڙي آيا. هنن کي چيائين ته: ادا، ڇا ٿا ڏسو؟ آءٌ به اوهان جهڙو انسان آهيان. منهنجي مڙس جو هي حال آهي. هاڻي مون کي ڪا جهوپڙي ٺاهي ڏيو، تنهن ۾ آءٌ پنهنجو مڙس رکي ويهي رهان. مهاڻن دل ۾ خيال ڪيو ته مڙس هن جو مئو پيو آهي، اڄ مُئو ته سڀاڻي مرندو. مائي اسان کان ڪيڏانهن ويندي. هُو چوي آءٌ ٺاهيان، هو چوي آءٌ ٺاهيان. آخر جُهڳي ٺاهي ڏنئون.

جڏهن ٻاراچ جوسـﺂ ورهين پورو ٿيڻ لڳو، تڏهن زال کي چيائين ته:

پـُٽ کڻي توکي الله ڏئي، مولو مهر منجهان،

نالو تنهن نينگر جو، کڻي اوباهيو رکجان.

ٻاراچ جي مرڻ کان پوءِ قدرت سان مائيءَ کي پُٽ ٿيو.

اوباهيو ٻاراچ کي، ڏنو پُٽ خداءِ،

بيٺو طرحين تعظيمون ڪري، سُتت من ساماءِ،

اُت به وچان رضا رب جي، وڻي ويئي ساءِ،

پر پيءُ مئي ٿيو ڇورڙو، پيو ٽڪر لاءِ واجهاءِ[27]،

ڄرڪا ڄراڙئي ڍنڍ جا، ڪُرڙا پنيو کاءِ،

ڪار سکيو ميئڪي، هنر سرس سواءِ،

پوءِ ملاحَن پرڻاءِ، کڻي وير ويهاريو وچ ۾.[28]

مڙس جي چوڻ موجب نالو  ’اوباهيو‘ رکيائينس. اوباهيو اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي رڙهڻ جهڙو ٿيو. سو هن گهر وڃي، هُن گهر وڃي، ٽُڪر ڀور پني اچي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏئي. اتي مهاڻن مائيءَ کي چيوته: هاڻي شادي ڪر ته توکي مڙس ڏيون. چئي: ابا، هڪڙا منهنجا اَبا ٿيو، هڪڙا ادا ٿيو، پاڻهي منهنجو پُٽ وڏو ٿيندو، مون کي کٽي کارائيندو. نيٺ اوباهيو به اهڙو اچي ٿيو، جومهاڻا مڇيءَ جي شڪار تي وڃن ته هو به ساڻن گڏ جيو وڃي.

هڪڙو ڏينهن الله جو ٿيو. صلاح ڪيائون ته اڄ هلو ته شڪار لاءِ سون مياڻي ڍنڍ تي هلون. اتي اچي رَڇ هنيائون ته نالي لاءِ مڇي هڪڙي به نه مُئي. چيائون ته: اڄ هي پاڻ سان نڀاڳو گڏجي آيو آهي. هاڻي وري هر ڪو پنهنجي پنهنجي نصيب جو رَڇُ اُڇلي ڏسي، ڏسون ته پنهنجي نصيب ۾ ڇا ٿو اچي! مهاڻا سڀيئي هئا، سڀني پنهنجي نصيب جورڇ اُڇليو پر مڇي هڪڙي به ڪنهن کي هٿ نه آئي. اوباهيي چيو ته: آءٌ سڀاڳو هجان ها ته مائٽ منهنجا مرن ڪين ها، پر هاڻي منهنجي نصيب جو به ته رڇ اُڇلي ڏسو. هُن جي نصيب جورَڇ اُڇليئون. چُوندل ائين ٿا چون ته ڏاڏي آدم جي زماني جا مڇ به رڇ ۾ نڪري آيا. ايتري مڇي نڪتي جو گهوڙن وارن گهوڙا ڀريا، اُٺ ڀريا، گاڏين وارن گاڏيون ڀريون. گهر اچي مهاڻن صلاح ڪئي ته هن ۾ ايتري مڻيا آهي جو هيءَ سون مياڻي هٿ ڪري ويندو. ڇو نه کيس ماري ڇڏيون. اها صلاح ڪري، ڇَڙون کنيائون ۽ ڇڙن جي چوٽين ۾ ڦاهيو ٻڌائون. اوباهيي چيو ته: ڇڙن جي چوٽين ۾ ڦاهيون ڇو ٻڌيون اٿوَ؟ چيائون ته: مڇيءَ جي شڪار تي هلڻو آهي، اسان ۾ آهين ڀاڳ وارو تون، سو توکي لاهينداسين ڍنڍ ۾، پوءِ تون هڻندين پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا ته مڇي ايندي مٿي، اها هنن ڦاهين ۾ جهلينداسين. اها صلاح ڪري، ست ڄڻا گڏجي اوباهيي کي وٺي، جڏهن مياڻ تي آيا، تڏهن هو ڪاهي پيو پاڻيءَ ۾، ۽ وٺي جو ٿاڦوڙا هڻي ته هو هتان وريو، هو هُتان وريو. چيائين: ٻيلي! ڇا ٿا ڪريو؟ جواب ڏنائون ته: توکي ماريون ٿا. چئي: منهنجي ماريي مان توهان کي هٿ ڇا ايندو؟ پوءِ هن کي خدا ايتري مڻيا ڏني، جوانهن جي هٿن مان ڦاهيون کسيندو، انهن جي ڪنڌن ۾ وجهندو، انهن کي ئي پاڻيءَ ۾ هيٺ هڻندو آيو. ستن ئي کي ماري صحيح سلامت ڳوٺ آيو. مهاڻن هن کي اڪيلو ايندو ڏسي پڇيو ته: ٻيا ڪيڏانهن ويا؟ چئي: سون مياڻي ڍنڍ ۾ مون ڇڏيا، ٻي مون کي خبر ڪانهي. چيائون: ٻيلي، مڙسن جي خبر وٺو، الائي ڇو دير ڪيائون. پوءِ ته هڪلي آيا ڍنڍ تي. اچن ته همراهه ڍنڍ ۾ مئا پيا آهن. هر ڪنهن کي ڦاهي ڳچيءَ ۾ پيل ۽ اها وڻ ۾ ٽنگيل آهي، ۽ ڌڙ پيا پاڻيءَ ۾ ترن. پوءِ انهن کي جاءِ بجاءِ ڪري، پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هن ۾ ايتري مڻيا آهي، جو سون مياڻي ڍنڍ هٿ ڪندو. سو پٽيل وٽ آيا، ان کي چيائون ته: هن کي پنهنجي ڌيءَ پرڻاءِ، پوءِ من سون مياڻي پنهنجي هٿ ۾ رهي. پٽيل هن کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي.

ڪي چون ٿا ته ٻاچو ۽ ٻاراچ، سوناريءَ کي کڻي، ڪلاچيءَ لڳ سمنڊ جي ڪپ تي، مهاڻن جي هڪڙي ڳوٺڙي ۾ اچي رهيا. ڇوڪري مسلمان ٿي، سندس ”سون“ نالو رکيائون، ۽ ٻاراچ اُن سان شادي ڪئي. ٻئي ڀائر چوريءَ کانسواءِ ٻيو ڪو ڌنڌو ڪو نه ڄاڻندا هئا، تنهن ڪري آسپاس مان چوريون ڪري پيا پيٽ گذر ڪندا هئا. ٻه – ٽي سال گذرڻ بعد ننڍو ٻاچو مري ويو. ڀاءُ جي موت، ٻاراچ کي ڏاڍوصدمو رسايو. ڏکيءَ سکيءَ جو ٻانهن ٻيلي  هئس .ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ دلشڪستو ٿي پيو. اڪيلو ڄڻو، زال کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃڻ مناسب نه سمجهي، خدا جي خوف کان ڊنو ۽ چوري ڇڏي، گناهن کان توبهه ڪري، مهاڻن وٽ مزوري ڪري پيٽ گذر ڪرڻ لڳو.

هِڪو رسيو رحمت رب جي، تنهن مان ننڍو پاس،

ٿيو ٻيلي هڪڙو، رت رنائين راس،

موٽي مداين کان، دهلي دل سندياس،

پوءِ توبهه تُرت ڪياس، چوري ويس چِت مان.[29]

ان بعد ٻاراچ کي پٽ ڄائو، جنهن جونالو اوباهيو رکيائين. اوباهيو اڃا ننڍڙو ئي هو ته ٻاراچ به مري ويو.باقي رهيا ”سون“ ۽پٽس ’اوباهيو‘. مهاڻن جي چڱي مڙس، مائيءَ تي هٿ رکيو ۽ کيس پنهنجي نياڻي ڪيائين. اوباهيو اڄ ننڍو سڀان وڏو. آهستي آهستي مهاڻن جي ٻارن سان گڏجي سمنڊ سان نينهن رکيائين. ٿوري ئي وقت ۾ هو پاڻيءَ جو اهڙو گهيڙو ٿيو، جو ذات مهاڻو ساڻس پڄي نه سگهي.

اوباهيو اڪيلي سر مڇي مارڻ ويندو هو. سندس ڀاڳين مڇي تمام گهڻي مرندي هئي. ٻيا مهاڻا به سندس ڀاڳ ڏسي، ساڻس اچي ڀيڙا ٿيا. ٿوري ئي وقت ۾ اوباهيو تمام شاهوڪار ٿي ويو. ڪلاچيءَ جي مياڻ جو مقاطعو، مهاڻن جي پٽيل کي مليل هو، تنهن اوباهيي کان  مياڻ جي ونڊيءَ جي گهر ڪئي، پر اوباهيي نه ڏني. ٻين مهاڻن به ڏٺو ته اوباهيو ٿوري گهڻي ڏينهين مياڻ کانئن کسي ويندو، تن ڊوڙي وڃي دلوراءِ کي دانهن ڏني ته: اوباهيو ڇورڙو هو، جو اسان ننڍو ڪري نپايو.

ٿي دانهين در دلوءَ جي، وڃي ميئن ٻڌايو،

ته هڪڙو ڏئي ڪونڪو، ٻيو وڃي کڳ کايو،

نه ڄاري ڀائي ڄار جو، ڪٿان اوچتو آيو،

ڇورو مائٽن ڇني ڇڏيو، اسان ننڍو نپايو،

هاڻي ڪنجڪي ڪڏايو، تان وهلوئي وٺي اچي.[30]

هڪڙو ته اسان مهاڻن مان ڪونهي، ٻيو ته جيڪا مڇي ماري، سا پاڻ کايو وڃي ۽ محصول به ڪو نه ڏئي. تڏهن دلوراءِ ڪوٽارن کي حڪم ڪيو، جي گهوڙي تي چڙهي ويا ۽ اوباهيي کي وٺي آڻي درٻار ۾ حاضر ڪيائون.

دلوراءِ کانئس پڇيو ته: توکي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته بنان محصول وڃي مڇي مار؟ جواب ڏنائين ته: توکي خدا پنهنجي مهرباني سان بادشاهه بنايو آهي. تنهنجي بادشاهيءَ ۾ ڪئين لکين پيا پلجن ۽ کڳ ويٺا کائين. هاڻي تو جهڙي سخي کي آءٌ رائُر ڇو ڏيان! اوباهيي جي جواب تي واهواهه ٿي وئي. دلوراءِ به هن جي هوشياريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندس ڏوهه معاف ڪري، کيس موڪل ڏنائين ته ڀلي پيو مڇي مار. اوباهيو بادشاهه کي سلام ڪري موٽي آيو. ملاحن، مورڙي تي بادشاهه جو راض ڏسي کڻي ماٺ ڪئي ۽ پٽيل جو به اوباهيي تي اهڙو اچي خيال ٿيو، جو دل ۾ چيائين ته موٽ وٽ ٻه – ٽي نياڻيون ويٺيون آهن، ڇو نه کڻي کيس پنهنجو ناٺي ڪريان. اهو خيال ڪري پنهنجيءَ برادر کان پڇيائين. برادر وارن چيو ته: هن ڇوڪري جو نالو نه نيشان، تنهن کي ڪيئن سڱ ڏيندين! پر جي ڇوڪرو لائق آهي ته انهيءَ شرط سان سڱ ملندس ته ڪلاچيءَ جي ڪُن واري مانگر مڇ جو آنو ڦيهي اچي.

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڪن ايامن کان هڪڙو خوني مانگر مڇ رهندو هو. ايڏو ته وڏو هو، جو وات پٽيندو هو ته هزارين مڇيون، ڪُميون ۽ ٻيا ساهوارا اچي وات ۾ پوندا هئس ۽هو رڳو ڳيت ڏيئي ڳڙڪائي ڇڏيندو هو. ڪئين پهر اندر پاڻيءَ ۾ ٽُٻي  هنيو ويٺو هوندو هو. ڀُلجي ڪو ٻيڙو انهيءَ طرف ويو ته وري نه موٽندو هو، تنهن ڪري مهاڻا اُن طرف مڇي مارڻ اصل نه ويندا هئا. خيال ڪيائون، مڇ ته مارڻ جو ڪونهي، باقي جي سندس آنو ڦيهي ڇڏبو ته ڪاوڙجي، ڪُن ڇڏي ٻئي ڪنهن پاسي هليو ويندو ۽ اها مصيبت اسان تان هميشه لاءِ ٽري ويندي. اوباهيي کي جڏهن اِهو شرط ٻڌايئون، تڏهن هو هائوڪار ڪري، سَهي سنبري ڪُن ڏانهن هليو. اوباهيي جي ٽُٻيءَ جو مدو ٽي پهر هو. ڇا ڪيائين جوسوئو هٿ ۾ کڻي، پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو ۽ يڪي ٽُٻي هڻي، وڃي مڇ جي مٿان بيٺو. قدرت سان ان مهل مَڇ سُتو پيو هو. هن به نه ڪئي هم نه تَم، سُئي سان آنو ڦيهي موٽي آيو. اوباهيو شرط پورو ڪري آيو. راڄ ۾ واهه واهه ٿي ويئي ۽ سڀني ماڻهن سندس بهادريءَ کي ساراهيو. چڱي مڙس به خوش ٿي انجام موجب کيس پنهنجي وڏهر ڌيءَ پرڻائي.

وير وهاريائون وچ ۾، ٿيو سُهاڳي سوءِ،

ڇهه پٽ پهرينءَ مان، ٻي جا پرڻيو جوءِ،

تنهن مان مانجهي مورڙو، پر ڏر ڄائو پوءِ،

لوڪ مڙوئي چوءِ، اَٺين ڀيڻ ’سيرهين‘.

اوباهيي کي اُن زال مان ڇهه پُٽ ٿيا: پَنهير، اڱاريو، مانجهاندو، لَلو، سانئر ۽هنجهه، ان پهرينءَ زال جي مرڻ کان پوءِ چڱي مڙس کيس وري پنهنجي ٻي نياڻي ڏني، جنهن مان هڪ  پُٽ ”مورڙو“ ۽ هڪڙي ڌيءَ ”سيرَهين“ ڄايس.[31] پُٽ جڏهن کٽڻ ڪمائڻ جهڙا ٿيا، تڏهن اُهي به مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳا. اوباهيي سڀني کي پرڻايو ۽ پوءِ روزگار سانگي سمنڊ جي ڪپ تي جدا ڳوٺ ٻڌي وڃي اُتي رهڻ لڳو. ڳوٺ جو نالو پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان ”سون مياڻي“ رکيائين.

راڄ ٻڌائون پانهنجو، بنائي بَئنتَر،

مڏي ملاحن سين، هئي تيرهن سـﺂ تر،

نَو سـﺂ نَتَر ٻيڙيين، جُنبيو بيهن جر،

تن جو مَٿو ناهه ڪو، جي جهلين ڀَن هن ڀَر،

هڪڙا کڳ کاڌائون پاڻ ۾، ٻيو جاڦو اڳرو جَر،

تن سين سانبوين جي، هئي واهه گهڻي ويتر،

پر پاڻيءَ سندي پَر، مُور نه سکيو مورڙو [32]

قدرت سان سون مياڻيءَ  ۾ مڇيءَ جو ايترو مار ٿيو، جو دلوراءِ کي سالياني لک رپيا رڳو آنڪي اُڳڙندي هئي. اهو ڏسي آسپاس کان ٻيا به ڪيترائي مهاڻا لڏي، سون مياڻيءَ ۾ اچي ويٺا. سون مياڻيءَ جي بندر تي نَو سـﺂ  ٻيڙيون ۽ تيرنهن سؤ مڇي مارڻ لاءِ هڪيا هوندا هئا. ڀَن ڇڪڻ ۽ رڇ اڇلڻ وارن جو ته ڪاٿو ئي ڪو نه هو. ٻين ماڻهن جڏهن اوباهيي ۽ سندس پُٽن کي جاوا ڪندي ڏٺو، تڏهن حسد وچان دلوراءِ کي وڃي دانهن ڏنائون ته اوباهيو، سرڪاري محصول ڏيڻ کانسواءِ سموري پيدائش کايو وڃي.

ڪستئون ڪوٽارن هٿئون، تنهن سالڪ سڏايو،

دلوءَ پنهنجي ديهه ۾، پاڻئون آڻايو،

رائر راجا کي نه ڏئين، تو ڪٿان لکايو،

چئي: رائر راجا کي نه ڏيان، توکي واحد وڌايو،

تنهنجا وڃن ڪيترا، کڻيو کڳ کايو،

رَسين رحمت رب جي، پرور پڄايو،

هن ڳوڌي ڳالهايو، اُت راءِ گهڻو راضي ٿيو.[33]

دلوراءِ هڪدم ماڻهو موڪلي اوباهيي کي پاڻ وٽ گهرايو.

هن دلوراءِ اڳيان اهڙي ته هوشياريءَ سان ڳالهايو، جودلوراءِ سندس خطا معاف ڪري، اڳتي لاءِ سون مياڻيءَ جو مقاطعو کيس ڏنو، ساليانو لک رپيا محصول مقرر ڪري ڏنائين.

اوباهيي جا وڏا ڇهه پُٽ ته ڌڱ مڙس هيا، باقي ننڍو پُٽ مورڙو ٽنگ کان منڊو ۽ تمام ڪمزور هوندو هو. تنهن ڪري اُهو نڪي ترڻ سکيو، ۽ نڪي مڇي مارڻ ويندو هو.

پاڻيءَ سندي پَر، مور نه سکيو مورڙو.

ڀائرن کيس چيو ته: تون رڳو اوطاق تي ويٺو آئي وئي جي سار سنڀال لهه. اسين توکي ونڊي گهر ويٺي پُڄائي وينداسين.

مور نه سکيو مورڙو، ڪار نه سکيو ڪاءِ،

جوڙي ڏني جُنگ کي، ڀائرن ڀلي جاءِ،

چيئون: چڱي دستور سين، ويٺو وانٽا کاءِ.[34]

هو به مَڳُ ٿيو اوطاق تي ويٺو هوندو هو. ڀائرن کان جيڪي پتي ملندي هيس، سا مهمانن کي کارايو پياريو ويٺو هوندو هو. انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي ”سخي مورڙو“ هئا.

مورڙي جي ڀاڄاين کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي ته کٽين ڪمائين اسان جا مڙس ۽ هي ٻئي ڄڻا، مورڙو ۽سندس زال، نڪما ٿيو ويٺا کائين. سي مورڙي جي زال کي، شام جو جڏهن اها پتي وٺڻ ايندي هئي، تڏهن طعنا مهڻا ڏينديون هيون ته ”اهڙي نڪمي مڙس کان ٻڏي وڃي مَر.“

ڪانئر ور جي ڪامڻي، تنهنجو ڪم جوناهي ڪانڌ

ڪانڌ ته تنهنجو ڪامڻو، پيند جهلي ٿو پابند،

کٽئي ري وڙواند، اهو کيڻ خواري گاڏئون.[35]

هوءَ ويچاري نڻانن جون جُٺيون سهي به پتي وٺي ايندي هئي ۽ ڪڏهن به مورڙي سان اهو ذڪر نه ڪيائين. هڪڙي ڀيري مورڙي جون ڀاڄايون پاڻي ڀرڻ پئي ويون ته ڪن واٽهڙن، انهن کان سخي مورڙي جو ڏس پڇيو. هُنن لاچار ڏس ته ڏنو، پر هيڪاري اچي ڪاوڙيون، چئي: ڪمائين. اسان جا مڙس ۽سخي سڏجي مورڙو! اڄ اچي ته سهي سندس زال پتي وٺڻ ته سڌيون سڻايونس. شام جو دستور موجب مورڙي جي زال پتي وٺڻ وئي ته هن کي طعنا مهڻا ڏنائون.  هُن ويچاريءَ روئي وڃي مڙس کي دانهن ڏني ته: مورڙا! تنهنجي ڀاڄاين، طعنن سان منهنجو اندر ئي ساڙي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ مڇيءَ کان ته پنڻ ڀلو  آهي. مورڙي خيال ڪيو ته زالون اسان ڀائرن کي پاڻ ۾ ٿيون ويڙهائين، سو دڙڪو ڏئي چيائينس ته: توکي ڪهڙو اهنج آهي؟ زالون ئي راڄ ڦٽائينديون آهن، سو تون ماٺ ڪري ويٺي هُج. منهنجا ڀائر مون تان ساهه ٿا ڇڏين ۽ تون وري اسان ڀائرن کي ٿي ويڙهائين، وڃي پتي وٺي آءُ!

آءٌ ڀَرُ ڀائرن جو، آئين جويون ماريو جَک

هو ڪڏهن سَهن ڪينڪي، مون تي ڪَهه ڪَتر ڪَک

هاڻي لوڪ پوندي لَک، متان واتئون ڪا وائي ڪرين.[36]

ٿوري گهڻي ڏينهين، مورڙو پنهنجي گهر ڏانهن پئي آيو ته ڀاڄاين جو ڳالهائڻ ٻڌائين، جن سندس زال کي مهڻا طعنا پئي ڏنا ته: تنهنجو مڙس معذور آهي، ڪمائي نه ٿو سگهي. ته پوءِ تون ڪاپو ڪري کيس کاراءِ، يا ته وهه ڏيئي ماري ڇڏينس.

ڏنا ڏيراڻين مهڻا، مڙي وارو وار

ته جان وهه ڏيئي ور مان، جان ڪر ڪاپو ڪامڻي.[37]

اتي پڪ ٿيس ته منهنجي زال سان ڪهڙي ويڌن آهي.

کوءِ کنڊون ڀَتِ اَنهنجا، کوءِ اَن جا کيڻ،

مُنهن تي چـﺂ مَ ويڻ، پٽڻ پاهت ناهه ڪو.[38]

کيس ڏاڍو ارمان ٿيو. مٿان وري جا سندس زال روئندي آئي، تنهن ته هيڪاري ڏک ۾ وجهي ڇڏيس. خيال ڪيائين ته سچ ٿيون چون، جو آءٌ  به نڪمو ٿيو ڀائرن جي ڪمائي تي ويٺو آهيان، ڇو نه پنهنجي مڙسي ڪري ڪجهه ڪمايان، جنهن مان پنهنجو ۽ پنهنجي زال جو پيٽ پاريان.

اِهي پنهنجي ڪنن سين، آيو سڻندو مانجهي مور،

مَڏي تنهن ملاح جي، هينئون لپٽيو هور،

ڪري دل ۾ دور، رُسي هليو مورڙو. [39]

 (وڌيڪ پڙهو)

* هيءَ تفصيلي ڳالهه سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي ۽ سگهڙ سليمان جهانجهڻجيءَ جي مکيه روايتن ۽ ٻين شامل نثر ۽نظم ۾ ڏنل روايتن جي بناءَ تي قائم ڪئي وئي آهي.

سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي بلوچ (عمر 65 ورهيه، ويٺل لڳ سامارو ضلعو ٿرپارڪر) جي زباني، هيءَ ڳالهه ڪن بيتن جي ميلاپ سان اوباهيي کي پٽ ڄمڻ تائين قلمبند ڪئي وئي. ڌڻي بخش چيو ته مون اها ڳالهه مڱرين فقيرن کان ٻڌي، جيڪي ’مکڻاڻي مڱريا‘ سڏجن، اهي سڄي ڳالهه کڻندا هئا. سگهڙ سليمان جهانجهڻجي (عمر 70 ورهيه، ويٺل لڳ هوسڙي تعلقو حيدرآباد) 1958ع ۾ هن ڳالهه جون ٻه روايتون قلمبند ڪرايون، هڪ نثر ۾ مڪمل روايت ۽ ٻي منظوم روايت]نمبر ]4[، امين ونڊير؟جا چيل بيت]. انهن مختلف روايتن جا اختلاف حاشين ۾ نروار ڪيا ويا آهن.
[1]  روايت]19[ موجب ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ جي ڪناري لڳ”گنڊا سنگ“ شهر جا رهندڙ هئا.ان شهر جي غرق ٿيڻ بعد ڪڇ جي ”نَرئي“ شهر ۾ آيا ۽ جڏهن جوان ٿيا، تڏهن سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي پريان ”سوناريءَ جي جبل“ وٽ اچي رهيا.
[2]روايت (2) موجب.
[3] روايت (3) موجب، جادوگر جو نالو ”جوڳي راول ريم.“

”حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ راول جوڳي ريم.“
[4]روايت (2) موجب.
[5]روايت (4) ”ويٺا چوڏهن چاليها، ۽ پڙهيا مَنڊ مُهاءُ“
[6] روايت (3) موجب.
[7] روايت ]3[ موجب.
[8] روايت ]2 [ موجب.
[9] روايت ]3[ موجب.
[10] روايت ]2[ موجب.
[11] روايت ]2[ موجب ’ڪلان ڪوٽ‘ ۾ سوناريءَ کي پاڻي ڀريندي ڏٺائون.
[12] روايت ]3[ موجب.
[13] روايت ]3[ موجب.
[14] روايت ]3[ موجب.
[15] مَني  = مڃي.
[16] روايت ]3[ موجب.
[17] روايت ]7[ موجب.
[18] روايت ]7[ موجب.
[19] روايت ]7[ موجب.
[20] روايت ]7[ موجب.
[21] روايت ]7[ موجب.
[22] روايت ]7[ موجب.
[23] ماموين ۽ واگهه جي گڏجڻ جو بيان فقط روايت ]7[ موجب آهي.
[24] روايت ]3[ موجب.
[25] روايت ]7[ موجب.
[26] روايت ]3[ موجب.
[27] ٻيءَ روايت موجب ”پر پيءُ مئي ٿيو ڇورڙو، مري ويڙس ماءُ“
[28] روايت [2] موجب.
[29] روايت [2] موجب.
[30] روايت [1] موجب.
[31] روايت [1] موجب پهرئين پُٽ جو نالو ”پڙهيار“ هو. روايت [7] ۾ فقط چئن پُٽن جا نالا آيل آهن: پنهور، اڱارو، مانجهاندو ۽لاڏڪو. روايت [12] موجب اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مينهون ۽ لـَکـُو. [1]، [4]، [7]، [10] ۽ [17] روايتن ۾ ڌيءَ جو نالو ”جُمڙي“ اچي ٿو: ”اٺين ڀيڻ جُمڙي، لوڪ مڙوئي چوءِ.“
[32] روايت [1] موجب.
[33] روايت [1] موجب.
[34] روايت [2] موجب.
[35] روايت [1] موجب.
[36] روايت [2] موجب.
[37] روايت [3] موجب.
[38] روايت [2] موجب.
[39] روايت [3] موجب.
[40] روايت [2] موجب.
[41] روايت [3] موجب.
[42] روايت [17] موجب مورڙي دلوراءِ کي سلام ڪري چيو ته: آءٌ تو وٽ نوڪر بيهندس ۽ ڪم به ڪو نه ڪندس. پر پگهار پنجن ڄڻن جو وٺندس. جڏهن اوکي پئي تڏهن سِر قربان ڪندس.
[43] روايت [3] موجب.
[44]  هڪ روايت  موجب دلوراءِ شڪار تي چڙهيو ۽سون مياڻيءَ وٽ اچي پهتو. شينهن اوچتو جهنگ مان نڪري دلوراءِ تي حملو ڪيو، پر مورڙي يڪدم تلوار ڪڍي شينهن جو سِر لاهي وڌو.
[45] روايت [2] موجب.
[46] روايت [6] موجب.مورڙو ڪاوڙجي دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ ويو. اتي هڪڙو شينهن پيدا ٿيو هو، جنهن ڪيترو ئي نقصان ڪري ملڪ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو. دلوراءِ پڙهو گهمارايو ته جيڪو شينهن کي ماريندو، تنهن کي هيرا جواهر انعام ڏيندس. مورڙو به نوڪريءَ جي سانگي دلوراءِ جي درٻار ۾ آيو، اتي شينهن جي خبر ٻڌائين. مورڙي شينهن کي ماريو. بادشاهه انعام ڏيئي چيس ته: گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. چيائين ته: سون مياڻي تان محصول معاف ڪر.
[47] روايت [1] موجب.
[48] روايت [2] موجب.
[49] روايت [2] موجب.
[50] روايت [2] موجب.
[51] روايت [1] موجب.
[52] روايت [3] موجب.
[53] روايت [3] موجب.
[54] روايت [3] موجب.
[55] روايت [2] موجب.
[56] روايت [2] موجب.
[57] روايت [3] موجب.
[58] روايت [3] موجب.
[59] روايت [4] موجب.
[60] روايت [6] موجب.مورڙي جا ڀائر مڇي مارڻ لاءِ ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ويا. ڪُن ۾ ڪنهن مانگر مڇ ٻچا ڏنا هئا. پاڻيءَ جي ڇاڇول تي اُهي ٻچا رڇن ۾ ڦاسي پيا، جن کي هنن وڍي ٽُڪي ماري ڇڏيو. مڇ اُن مهل شڪار تي ويل هو، موٽي اچي مُئل ٻچا ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙجي سندن ٻيڙن تي ڪاهيائين ۽ٻيڙيون ۽رَڇ ڇني، ڇهن ئي ڀائرن کي ڳهي ڇڏيائين.

                        روايت [7] موجب.مورڙي جا ڀائر ٻيڙيون ڪاهي مڇي مارڻ ويا ۽ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڄار وڌائون جي مڇ ورائي کڻي وات ۾ڪيا. واري واري سان ڇهئي ڀائر لٿا جن کي مڇ ڳيهي ڇڏيو. جمڙيءَ کي اها خبر پيئي سا پاڻ مورڙي وٽ ويئي ۽کيس ڀائرن جي موت جي خبر ٻڌايائين.
[61] روايت [2] موجب.
[62] روايت [2] موجب.
[63] روايت [1] موجب.
[64] هڪ روايت موجب مورڙو اُن وقت دلوراءِ سان گڏ شڪار تي هو.
[65] روايت [2] موجب.
[66] روايت [10] موجب.
[67] روايت [10] موجب.
[68] روايت [12] موجب. مورڙي پاڻ لوهر کان ڪات ۽ ڪائو ٺهرايو۽ڪائي ۾ ڪئين هنر ۽ هٿيار رکيائين.
[69] روايت [2] موجب.
[70] روايت [2] موجب.
[71] روايت [1] موجب.
[72] روايت [6] موجب.مورڙو مڇ جي ڀانڊي ۾ گهڙيو ته ڀائرن جا لاش سلامت ڏسجڻ ۾ آيس. اُنهن جي دل تي هٿ رکيائين ته اڃا منجهن ساهه هو. روايت [7] موجب مورڙو سڄي رات مڇ سان وڙهيو ۽ مڇ کي ماريائين.
[73] روايت [2] موجب.
[74] روايت [6]، [13] ۽ [16] موجب.مڇ کي ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ ڍڳن جون سـﺂ جوڙيون آندائون. جن کي پاڃاريون وجهي. انهن ۾ ريشم جا مضبوط رسا ٻڌي ،وري مڇ سان ٻڌائون. پوءِ ڍڳن کي هڪليائون، پر مڇ ايڏو هو، جو چُريو ئي ڪو نه، تڏهن وري سـﺂ پاڏا آڻي ٻڌائون. اُنهن کان به مڇ ٻاهر نه نڪتو. آخر دلوراءِ جي حڪم سان سڄي ملڪ مان نَوَ سـﺂ گهوڙيون ڦرن سميت اچي ڪٺيون ٿيون. پوءِ گهوڙين کي رسن سان جوٽي. ڦر پري ٻڌائون. جنهن مهل ڦرن دانهون ڪيون، ته گهوڙيون مڇ کي ڪُن مان ڇڪي ٻاهر آندو. روايت [7] موجب.سانن کي پاڃارين ۾ ٻڌي، سانن جي پٺيءَ تي ٽانڊا اڇلايائون ته اُهي مڇي کي ڪُن مان ڪڍي آيا. روايت [10]

پاتائون پاڃارين ۾، سوڌا سانن سـﺂ،

ڪڇئون چريو ڪينڪي، جيڏا ڏنئون جـﺂ.
[75] روايت [2] موجب.
[76] روايت [10] موجب.
[77] روايت [6] موجب.لاشن کي وهنجاري سهنجاري، کٽن تي کڻي گهر آندائون ۽ پوءِ وڃي دفن ڪيائون.
[78] روايت [7] موجب.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :4
رات جيئن تيئن گذاريائين. صبح ٿيو ئي مس ته رَڇ ڪُلهي تي رکي، مڇي مارڻ لاءِ روانو ٿيو.

سڻي سور جهلي هليو، ڏاڍي ساڻ ڏکن

رات گذري ڏينهن ٿيو، ڪيائين رَڇ ڪُلهن

مورڙو مڇيءَ تي هليو، پرس انهن پارن.

سيرهين کي جا اها خبر پئي ته مورڙو، ڀاڄاين جي طعنن کان مجبور ٿي، رڇ کَنيو مڇي مارڻ پيو وڃي، تنهن ڊوڙي وڃي ڀائرن کي ٻڌايو ته: اوهان جي زالن مورڙي کي طعمنن سان تائي کنيو آهي، سو وڃي پيو مڇي مارڻ، ڀائرن کي خبر هئي ته مورڙي کي مڇي مارڻ جو ڍنگ ڪو نه اچي. تن يڪدم ”هنجهه“ کي ڀڄايو ته ڪيئن به ڪري مورڙي کي موٽائي وٺي اچ. هنجهه ڊوڙي اچي مورڙي کي رسيو ۽ چيائينس ته: توکي سڀني ڀائرن سڏايو آهي. مورڙو موٽي آيو. سڀني ڀائرن گڏجي کيس ڳل ڳرهاٽيون پائي پرچايو. پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ زالن کي به سڏيائون، جن پڻ مورڙي کي پرچايو. اوباهيي، مورڙي کي چيو ته: مورڙا! ڀاڄايون ڀلي پيون جَک هڻن ۽ وات وڃائين، پر توکي مڇيءَ مارڻ لاءِ ڪڏهن به نه ڇڏينداسين.

اُهو وقت گذريو، پر سندس ڀاڄايون پنهنجي عادت کان باز نه آيون. نيٺ هڪ ڏينهن، هُن سون مياڻي ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ گهوڙي تي سنج وجهي، گز ڪمان کڻي، زال کي ساڻ ڪري اُٿي هڪ پاسي روانو ٿيو.

جڏهن اوڀاهيي کي مورڙي جي وڃڻ جي خبر پئي، ته ڊوڙندو پُٽن وٽ آيو ۽ ٽن اُنهن کي چيائين ته: مورڙي کي پرچائي وٺي اچو. ڀائرن به جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن زالن کي ڏاڍي جٺ ڦٺ ڪري، مورڙي جي پٺيان ويا، ۽ گس تي وڃي کيس جهليائون.

هنن پليون جويون پانهنجون، ويا ڀائر ميڙ ڪري

ميڙ مڃيائين ڪينڪي، اُماڻيائين ڀيري

ڳالهيون سڱن بَدن جون، نَر ويو نبيري

پوءِ دلوءِ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.[40]

مورڙي کي واپس ورڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ڪيائون، پر هو نه موٽيو. چيائين ته: ٻه–ٽي ڏينهن گهمي، دل وندرائي ، موٽي ٿو اچان. ائين چئي اڳتي روانو ٿيو ۽ وڃي دلوراءِ جي شهر ”ٻانڀڻ واهه“ ۾ نڪتو، ۽ هڪ جاءِ ڀُون – ڀاڙي تي وٺي ويهي رهيو.

ٻن چئن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪ ڏينهن هي شڪار تي نڪتو. هڪڙي کوهه جي ڀرسان اچي گز ڪمان سان شڪار ڪرڻ لڳو، جتي شهر جي ڪن زالن پاڻي پئي ڀريو. اتفاق سان دلوراءِ به گهوڙي تي چڙهي، اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هڪڙي ڌارئي ماڻهوءَ کي بيٺل ڏسي، پڇيائين ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، هت ٿو ڪُڏائين ڪيڪان

چئي: پُٽ اوباهيي ملاح جو، مور منهنجو نام

سون مياڻي گام، شهر اسان جو پڌرو.[41]

ڪير آهين،جو بنان ڊپ اِتي پيو ڪانَ هڻين ۽ بهادري ڏيکارين؟ مورڙي جواب ڏنو ته: اوباهيي ملاح جو پٽ آهيان ۽ مورڙو منهنجو نالو آهي. روزگار جي سانگي تنهنجي ملڪ ۾ اچي نڪتو آهيان. مورڙي، ڀائرن کان ڪاوڙجي اچڻ جي ڳالهه لڪائي ڇڏي. دلوراءِ، اوباهيي کي سڃاڻندو هو ۽ هن جي بهادريءَ جي به گهڻي تعريف ٻڌي هئائين. سو مورڙي کي پاڻ وٽ آيل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ته: مورڙا! اجائي دل لاٿي اٿئي. تون معذور ماڻهو، منهنجي بادشاهي ڇڏي، ڪٿي وڃي ٻئي هنڌ تڪليفون سهندين! مون کي خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. جيڪي وڻئي سو مون کان وٺ. تون مون وٽ ئي ويهي رهه. پوءِ تمام گهڻي عزت ڏئي، کيس درٻار ۾ پنهنجو خاص نوڪر مقرر ڪيائين ۽ معمولي ڪم سندس حوالي ڪيائين.[42]

دلوءَ ڏئي دلاسو، کڻي ويهاريو وير

مڇڻ ماندو ٿين مورڙا! هينون ڪر سڌير

کيڻ کنڊون ۽ کير، توکي مولو ڏيندو مورڙا![43]

هڪڙي ڏينهن دلوراءِ وٽ درٻار لڳي پيئي هئي. ڪئين امير امراء ۽ پهلوان ويٺا هئا ته ”ڪَڙوَل“ نالي باغائي اچي دانهن ڪئي ته: بادشاهه سلامت! اوهان جي باغ ۾ هڪڙو ڪيهر شينهن ساماڻو آهي، جنهن سڄو باغ اجڙ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪَئين سپاهي به ماري ڇڏيا اٿس. هاڻي ڪي پهلوان ڏيو، جي هلي شينهن کي مارين.[44] دلوراءِ يڪدم پنهنجا پهلوان صوبا ۽ سردار گهرائي، شينهن کي مارڻ جو حڪم ڏنو، پر ڪَڙول چيس ته: بادشاهه سلامت! تنهنجي صوبن ۽ سردارن جي ڀيڻي ڪانهي جو شينهن کي ماري سگهن. اڳ به تيرنهن سورهيه سپاهي شينهن ماري کپائي ڇڏيا آهن، ڪنهن هڪڙي جي به ترار شينهن تي نه وهي. بادشاهه درٻارين کي چيو ته: اهڙو ڪو آهي جو شينهن جو مقابلو ڪري! جيڪي ٻوڙ پلاءُ کايو ويٺا هئا، تن مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو، پر مورڙو اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: سائين! جي مون کي اجازت ملي ته شينهن سان مقابلو ڪريان. بادشاهه چيس ته: تون ويهي رهه. بادشاهه ٽي ڀيرا ويٺلن کي چيو، پر ڪير به ڪو نه اُٿيو. تڏهن مورڙي وري به موڪل گهري آخر بادشاهه موڪل ڏنيس. هيءَ به تلوار هٿ ۾ کڻي گهوڙي تي چڙهي، ڪَڙوَل سان گڏ روانو ٿيو. شاهي باغ ۾ پهچي، ڪَڙول پريان ئي اشاري سان شينهن ڏيکاريو. شينهن به هن کي ايندو ڏسي، ڪاوڙ مان گجگوڙ ڪري، پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍي، مٿس جُلهه ڪئي. شينهن کي ايندو ڏسي، مورڙي سپر سامهون جهلي. گهنگهرو ڇڻڪائي مٿي اُڇليا. شينهن ڏٺو گهنگهرن کي ۽ مورڙي ٺڪاءُ ڪرايس تلوار ته ٻه اڌ ٿي پيو. اهڙيءَ طرح شينهن کي ماري موٽي آيو.

مڄاڻ بادشاهه دلوراءِ خود گهوڙي تي چڙهي، مورڙي جي شينهن سان ويڙهه جو تماشو ڏسڻ آيو هو ۽ پريان بيٺي سمورو لقاءُ ڏٺائين. جڏهن مورڙي شينهن کي ماري اچي بادشاهه جو سلام ڪيو، تڏهن دلوراءِ کيس پنهنجو گهوڙو ۽پنهنجا هٿيار انعام طور ڏنا، ۽ اُتان گڏجي موٽي درٻار ۾ آيا. اِتي دلوراءِ وري به کيس آفرين ڏيئي چيو ته: مورڙا! جهڙا تنهنجا مائٽ بهادر ۽ نالي وارا آهن، تهڙو تو به پاڻ ملهايو. ڀلي مائٽن کي ڄائين، جن جو تو نالو ڪڍايو. هاڻي گهر جيڪي گهُرڻو هجيئي:

تڏ ڪاهي گهوڙو، هن کان دﺂڙي دلوراءِ

جوان تنهنجي جنگ جي، آڏ وڏائي آءِ

پيءُ ملهايئي پانهنجو، مَر مَرڪي سندي ماءِ

گهرين جيڪي گهر، اٿئي سورهيه مهل سندياءِ

چئي: لاهي ڏن ڇڏاءِ، سون مياڻي سڀ جو.[45]

مورڙي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! الله جو ڏنو تنهنجو ڏنو سڀ ڪجهه اٿم. باقي هڪڙو عرض اٿم، اهو هيءُ ته سون مياڻيءَ جو ڏن اسان تان معاف ڪر.[46]

بادشاهه کلي چيس ته: بس، ڳالهه به ايتري پوءِ يڪدم ٽامي جي ڀڙڇ تي، سون مياڻيءَ جي محصول جو معافي نامو لکي دلوراءِ کيس ڏنو.

راجا گهڻو راضي ٿيو، ٿيو مالڪ مهربان

ڏنائينس ڏيهه کڻي، سون مياڻي ڏان

لکي مُڪو لاڏڪي، اهو ڀائرن ڏي فرمان

کائو هي انعام، جو دعويٰ راءِ ڇڏي ڏني.[47]

مورڙي اهو حڪم يڪدم پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ڏياري موڪليو ۽کين نياپو موڪليائين ته: هاڻي ڀلي ستن پيڙهين تائين سون مياڻيءَ جي ڪمائي پيا کائو ۽ اُڏايو. اِتي اوڀاهيي پٽن کي چيو ته: ڏِٺوَ، مورڙي اسان تان محصول معاف ڪرايو، پر اوهان هن کي ڪڍي ڇڏيو:

خط اوباهيي پڙهيو، پر ۾ پروانو

لکيو ڏسي مور جو، ٿيو تن ۾ توانو

چئي: ڏوهه ڪنهن جو ڪو نه ڪو، هيءُ حڪم ربانو

هاڻي ڀائر ڀري جانو، وري وٺي اچو وريام کي.[48]

پوءِ ته ڇهئي ڀائر شرمندا ٿي، پنهنجي زالن کي جُٺ ڪري، ٻانڀڻ واهه ڏانهن روانا ٿيا. اُتي پهچي ڀائرن مورڙي کي ڳراٽي وجهي پرچايو ۽ چيو ته: ادا! هاڻي سون مياڻي هلي رهه، جو اسان جو توکان سواءِ نٿي سري ۽ اوباهيو به تو لاءِ آهون ٿو ڪري. هاڻي ڪيئن به ڪري سون مياڻي هل ۽ پنهنجي پيءُ سان هلي ڳلي لڳ. مورڙي جواب ڏنو ته: ادا! آءٌ سون مياڻي هلي ڇا ڪريان؟ مون کي ڀاڄاين جا طعنا اڃا تائين نه وسريا آهن. پاڻ منهنجي وانٽي وٺڻ جو بار اوهان تان گهٽيو. ڀائرن چيو ته: ادا! زالن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجي. تون اسان جو ڀاءُ آهين، زالون اسان کي توکان وڌيڪ ڪينهن. اهي ڀلي پيون سڙن پچن،تون اسان سان گڏجي هل.

جوين سندي ڳالهڙي، ڪاڪا ڪجي نه ڪن

تون ادو اسانهنجو، اسين جويون وجهون ٻن

اهي مر پيون پسرن، کِليو ويٺو کاءُ تون.[49]

ان بعد وري به ڀائرن مورڙي کان ٿيل ڳالهين جي معافي ورتي. مورڙي به سڀ ڳالهيون وساري، ڀائرن سان انجام ڪيو ته: اوهين موٽي وڃو، آءُ جلد ئي ايندس. ڀائر موٽي ويا، تن وڃي اوباهيي کي خوشخبري ڏني ته مورڙي اچڻ جو واعدو ڪيو آهي. سگهوئي ايندو. اوباهيو ڏاڍو خوش ٿيو. مورڙي جي اچڻ جو ٻڌي، سڄي سون مياڻيءَ ۾ خوشيون ٿي ويون. آخرڪار مورڙو به سهي سنبري دلوراءِ کان موڪل وٺي، اٺين ڏينهن اچي سون مياڻيءَ ۾ پهتو. پيءُ ڀاڪر پائي مليس. ڀاڄاين به کانئس بخشايو ۽ کيس ڏاڍيءَ حـُب مان مانُ ڏئي، سوين سوکڙيون پاکڙيون ڏنائون. جُمڙيءَ به ڊوڙي اچي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس چيائين ته: ادا! جن کي تو انعام سان اڏي ڇڏيو، ۽ جيڪي تنهنجو کٽيو ويٺا کائين، انهن مان ته ڪو به توکي وٺڻ ڪو نه آيو. جنهن هنڌان توکي ڀاڄاين مهڻا ڏئي لڏائي ڪڍيو، اُتي تون اجايو آيو آهين. خير، هاڻي جي آيو آهين ته هيءَ سموري ڪمائي تنهنجي آهي. هاڻي موٽي نه وڃ، هتي ئي ويهي پنهنجي هٿن سان سمورو ڌنڌو هلاءِ.

مورڙي کي اوباهيو ۽ ڀائر به ڇڏين ئي نه. چون ته: هاڻِ هتي ئي رهه. پر مورڙي چيو ته: جنهن دلوراءِ بادشاهه ايتري عزت ڏني اٿم، ان کي ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي. آخر جڏهن گهڻا ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کان موڪلائي، اچي دلوراءِ جي درٻار ۾ پهتو.

لائي گهڻا ڏينهڙا، وري ويو دلوءَ لوءِ

چئي: مون وڏو وهم ٿيوءِ، جو گهڻا لاتئي ڏينهڙا.[50]

مورڙي کي سون مياڻيءَ ۾ گهڻا ڏينهن لڳي ويا هئا. دلوراءِ کي مورڙي جي اچڻ جو ڏاڍو انتظار هو. هن جي اچڻ تي کيس چيائين ته: مورڙا! ڏاڍا ڏينهن وڃي لاتئي؟ اسان ڀانيو ته موٽي ڪو نه ايندين. مورڙي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀائرن جي مون سان ڏاڍي پريت آهي. انهن ايترا ڏينهن ترسائي ڇڏيم.

هڪڙو ماڻهو مياڻي شهر جا، ڏور گڏيم ڏيهي

ٻيو ماءُ پيءُ موڪل نه ڏين، جن کي هئي اُڪنڊ اڳيئي

ٻي ڳالهه ڪريان ڪيهي، توسان قبلا عالم ڪوڙ جي.[51]

وري جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ ڀائن ڏٺم، سي ڇڏينم ئي نه. جيئن تيئن ڪري اُنهن کان موڪلائي، هتي پهتو آهيان. پوءِ دلوراءِ وري به کيس انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪيو.

مورڙي جو پيءُ ۽ ڀائر اڳيئي شاهوڪار هئا، ويتر جو محصول معاف ٿين، سو ٿوري ئي وقت ۾ وٽن دولت جا انبار لڳي ويا. هن کان اڳ هو فقط سون مياڻي وٽ مڇي ماريندا هئا، پر جڏهن کان دلوراءِ جو پروانو ملين، تڏهن ٻيڙا اونهي سمنڊ ڏانهن ڪاهيائون. اوباهيي کين چيو ته:

پُٽ! ڍنڍون ۽ ڍورا، آهن ڪئين ڍير

ڪلاچيءَ جي ڪُن جو، اٿو وڳر مٿان وير

پـُت نه پائجو پير، جو ڪڇئون سُڄي ٿو ڪُن ۾.[52]

اوباهيي جا پٽ، پيءُ جي ڳالهه مڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ڪين ٿي ويا، باقي ٻيو سڄو سمنڊ گهورڻ لڳا. ايتري ته مڇي ماريندا هئا، جو ٻيڙا ڀرائي ٻين ملڪن ڏانهن موڪلي ناڻو ڪمائيندا هئا.

پُٽ اوباهيي پڌرا، جيئن ٿي ساماڻا

تيئن مارين گهور اگهور ۾، ڀُڻا مَرڪن مهاڻا

ماريو تنهن مڇيءَ جا، ڪن ٿَڙم وڏا ٿاڻا

تن کان سوين ساٽيا، ڪريو وڻج واڻا

پوءِ نيڪ ٻڌيو ناڻا، ٿا پتيون ورهائين پاڻ ۾.[53]

ٿوري ئي وقت ۾ اوباهيي جي پٽن وٽ بي انداز ناڻو گڏ ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ سندن همت ۽شاهوڪاريءَ جي ڌاڪ هئي. اونهي کان اونهي سمنڊ تي به سندن اک ڪا نه ٿي ٻڏي کانئن سمنڊ جو ڪو حصو رهيل هو ته اُهو هو ”ڪلاچيءَ جو ڪُن“. جنهن ڏانهن وڃڻ کان پيءُ منع ڪئي هئن.

ايتري ڌن دولت هوندي به سورهيائي ۽ سخا جي ناموس رڳو مورڙي جي ٿيندي هئي. هر ڪنهن ننڍي وڏي جي وات ۾ ”مورڙي“ جو نالو هو. اها ڳالهه ڀائرن کي به ڏکي لڳندي هئي، تنهن ڪري هو هميشه انهيءَ وجهه ۾ رهندا هئا ته اهڙو ڪو ڪم ڪجي، جنهن ۾ اسان جي به ناموس ٿئي. اها اڳئي خبر هئن ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ هڪڙو قهري مانگر مڇ رهي ٿو، جنهن ڪئين ٻيڙا سمنڊ داخل ڪري ڇڏيا آهن. آخر اها صلاح ڪيئون ته ڇو نه انهيءَ مانگر مڇ کي ماري ناموس ڪڍائجي! ۽پوءِ لڪ چوريءَ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن سانباهو ڪرڻ لڳا.

اوباهيي جي پٽن، مڇ کي مارڻ جو ارادو ته ڪيو، پر اها خبر ئي ڪا نه هئن ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ڪٿي آهي ۽ مڇ ڪيڏو آهي .چيائون ته هلو ته هلي بابي کان پڇون. لنگهي آيا اوباهيي وٽ ۽ مانگر مڇ جي خبر پڇيائون. اوباهيي چين ته: ڪلاچيءَ جي ڪُن جي مون کي سموري سڌ آهي، پر اوهانکي ڏس نه ڏيندس. آخر پٽن جو ضد ڏسي چيائين ته: انهيءَ ڪُن ۾ ايڏو ته وڏو مانگر مڇ رهي ٿو، جنهن جو رڳو وات ئي سورنهن گز آهي. اهو ٻڌي هنن کي اعتبار ئي نه آيو. چيائون ته: بابا! ڪوڙ ڳالهائي اسان کي مانگر مڇ کان ڊيڄار نه. ايڏو مانگر مڇ، اسان ٻُڌو نه سُئو. پوءِ چيائون ته: ڀلا، اهو مانگر مڇ ڪنهن اکين سان ڏٺو به آهي يا رڳو ٻڌل ڳالهيون آهن. تڏهن اوباهيي چيو ته: اَبا آءٌ اوهان کي سچ ٿو ٻڌايان. ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ٻيو ته ڪير ئي ڪو نه گهڙيو آهي، باقي آءٌ عمر ۾ هڪڙو ڀيرو گهڙيو آهيان ۽ مانگر مڇ پنهنجي اکين سان ڏٺو اٿم.

اوباهيو پُٽن کي، ٿو چڱيءَ ڀت چئي

انهيءَ مانگر مڇ جي، ٿي ڳري ڳالهه سـُڄي

جيڪو پئي مُنهن مڇ جي، تنهن جو موٽڻ مَس ٿئي،

رکيو چنبا ڀَن تي، هُو واريو وات وجهي

خاوند خير ڪري، جو ٻيڙا اچن ٻاجهه سين.[54]

ڇهن ئي ڀائرن پيءُ جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. چيائون ته: بابو هروڀرو اسانکي ڪُوڙا پار ٻڌائي، ڪُن ڏانهن وڃڻ کان جهلي ٿو. وري وڏڙن ۽ جُهونن ملاحن کان پڇيائون ته: اوهان ڪڏهن ٻڌو ته ڪوڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ گهڙيو؟ اُنهن چيو ته: اسان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو ته ڪو ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ويو، يا ڪُن ۾ گهڙيو.

مورڙي جي ڀائرن پـُڇي پڪ ڪئي، ۽ سمجهيائون ته مانگر مڇ ڏٺو ڪنهن به ڪونهي، رڳو اجايو ڊپ آهي. سو موٽي پيءُ وٽ آيا ۽ اُن کي چيائون ته: بابا! اسين وڃون ٿا ڪلاچيءَ جو ڪُن گهورڻ، جنهن جي مَڇ جو ملڪن ۾ ڏهڪاءُ آهي. اسان کي شاباس ته ڪا نه چيئي مُرڳو روڪين ٿو. هاڻي ته اسين به ڪلاچيءَ جو ڪُن گهوري، مڇ کي ماري ڏيکارينداسين.

سيرهين کي جو اها خبر پئي سا ڊوڙي ڀائرن وٽ وئي ۽ کين منٿون ڪرڻ لڳي ته: انهيءَ قهري مڇ واري پاسي نه وڃو. پر ڀائرن ڀيڻ جي ڳالهه تي ڪَن ئي ڪو نه ڏنو. تڏهن ڊوڙِ وڃي اوباهيي کي ٻڌايائين. وري جو ماءُ کي خبر پئي ته انهي به پٽن کي گهڻئي منٿون آزيون ڪيون، ۽ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن وڃڻ کان جهليو ته: ابا! ان پاسي جيڪو ويو سو وري نه موٽيو. اوهين به انهيءَ طرف نه وڃو. ٻين مهاڻن به گهڻو ئي سمجهاين، پر هنن مڙسن جو شوق مقابلي تي جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳو.

پٽ تنهن پڙهيار جا، آتائي آهين

ٻيڙا ڪڍيو ٻاهر ڪريو، بيٺا ملاح مکائين

ريشم منجهان راس ڪيو، پيا واڍيون وٽائين

اولا سندن عاج جا، بيٺا جوهر جڙائين

ڪشتيون ڪوڏ ڪلاچ ڏي، لهواريون لاهين

هاڻي لکيو لوڙائين، اڄ ڪِ سڀاڻي انگ جو.[55]

پوءِ ته ٻيڙين جي نئين سر مرمت ڪرائي، پَٽ جا رسا وٽائي، انهن مان رَڇ ٻڌائي، ٻيڙين ۾ رکيائون، ۽ مڇ کي مارڻ جا هٿيار پنوهار ٺاهڻ لڳا.

اوباهيي جڏهن ڏٺو ته مڙس ڪنهن به طرح نه ٿا مُڙن، تڏهن مورڙي ڏانهن ماڻهو اُماڻيائين ته من ان جي چوڻ سان مُڙي وڃن. قاصد، مورڙي کي سموري حقيقت کان واقف ڪري، اوباهيي جو نياپو ڏنو. مورڙي ان مهل ئي ڀائرن کي چوائي موڪليو ته: ادا! جي مون کي ڀاءُ ڪري ڀانيو، ته پوءِ منهنجي هيءَ صلاح ياد رکجو. سمنڊ جا ٻيا ٽيئي پاسا اوهان لاءِ کليل آهن، پر ڀُلجي به انهيءَ ڪُن ڏانهن مُنهن نه ڪجو. جي اوهان ڌن دولت لاءِ ايڏانهن سنبت ڪئي آهي ته اهو به آءٌ اوهانکي ڏيان. باقي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ڪاهي، پاڻ کي هروڀرو موت جي مُنهن ۾ نه وجهو. ڀاءُ جي نياپي ملڻ تي هنن بهانو ڪري پيءُ کي چيو ته: اسان جوسانباهو ڪُن ڏانهن نه، پر ٻئي پاسي آهي. آخر سهي سنبري، ٻيڙا هاڪاري اچي ڪُن تي پهتا. هنن همراهن کي خبر ڪا نه هئي ته مانگر مڇ ڪهڙي هنڌ ويٺو آهي.

سون مياڻيءَ جي مهاڻن کي جڏهن خبر پئي ته اوباهيي جا پٽ ڪلاچيءَ جو ڪُن گهورڻ ٿا وڃن، سي به ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٻيڙيون سنبرائي ساڻن گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿيا.

گهاتو گهورڻ هليا، ڇڏيائون اوطاق

نو سـﺂ ٻيڙو گام جو، هونگ پوي پئي هاڪ

پڳهه کڻي پُريا، مٿي ڪُن قزاق

دانهه ساڻ دِماڪ، بيٺا اولا ڏين عميق ۾.[56]

اوباهيي جو چوڻ نه مڃي، ڇهه ئي جوان ٻيڙا ڪاهي وڃي سير ۾ پهتا. ويچارو اوباهيو، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پٽن جي خير سلامتيءَ سان موٽي اچڻ جون دعائون گهرڻ لڳو ته: شال اُتر جو سڻائو واءُ نه لڳي، جيڪو ٻيڙن کي اونهي سمنڊ ۾ ڌڪي وڃي، پر ڏکڻ جي هير لڳي، جيڪا ٻيڙن کي سون مياڻيءَ موٽائي آڻي پر جن جي قدرت جي طرفان مڇ جي هٿان موت لکيو هجي، سي ڪٿي ٿا اُن کان بچي سگهن!

قصو ڪوتاهه – ٻيڙا تِک تار لنگهي اچي ڪُن تي پهتا. لنگر هڻي پڳهه ڪيائون. مهاڻن رڇ ۽ ڀَن کڻي ڪُن ۾ اُڇليا. مڇي هئي تمام گهڻي، سو ٻيا مهاڻا تهمڇيءَ سان ٻيڙيون ڀري، خوشيون ڪندا مياڻيءَ ڏانهن موٽڻ لڳا. پر اوباهيي جي پٽن جا رڇ قدرت سان وڃي مانگر مڇ جي ڀر ۾ پيا. مڇ به ڪُن جي پاسي ۾ ويٺو هو، تنهن ورائي کڻي رَڇن تي چنبا رکيا. رڇ قابو ٿي ويا، ڇهئي ڄڻا واري واري سان زور لڳائڻ لڳا، پر رڇ اصل نه چُريا. رڇن سان گڏ ٻيڙا به قابو ٿي ويا. هاڻي موٽن سي ڪيئن موٽن! چيائون ته مڇيءَ جي ڪري ڄار ايڏو ڳروڪين ٿيندو. خبر ناهي ته رڇ ڇا ۾ رنڊيا؟ اِتي خيال آين ته لاشڪ جنهن مڇ جون ڳالهيون ٻڌيون هيونسين، متان اُن جي ور اچي چڙهيا آهيون؟ اهو خيال ايندي ئي دهلجي ويا. اُن هنڌ پاڻي به ايڏو وڏو هو جو ونجهه به نه لڳي سگهي. نيٺ چيائون ته: آيا آهيون ته موٽي ڪين وينداسون، پوءِ ته خدا کي ياد ڪري ڇهن ئي ڀائرن گڏجي وٺي رڇ ڇڪيا، ته به رڇ نه چُريا. اها خبر ئي ڪا نه هين ته رڇ ڇا ۾ اٽڪيا آهن. هنن جي ڇڪ ڇڪان تي مڇ کي به جا آئي ڪاوڙ، تنهن رڇن ۾ وات وجهي ڌونڌاڙ ڏئي، رڇن ۽ ٻيڙن کي ڌڪي، وڃي ڪُن جو تر ورتو ۽ رڇ سوگها ڪري ويهي رهيو.

وجهي وات رڇن ۾، ديو ڏني ڌونڌاڙ

پاڻي پاڇيليون ڪري، ۽ مڇ ڏڪن ڏهڪار

پوءِ منهن ڪڍي منهن ڪار، وڃي پيو پاڻيءَ تار ۾.[57]

پاڻيءَ ۾ وڃڻ کان اڳ مڇ منهن ڪڍي ظاهر ٿيو، جنهن تي هنن کي هيڪاري پڪ ٿي ته اچي مڇ جي ور چڙهيا آهيون، رڇن ڇڏڻ تي به دل نه ٿي چين، جو اهي پٽ مان ٺهرايا هئائون ۽ سندن دلپسند هئا. پوءِ ته مڪڙيون موڙي اچي ڪُن تي بيٺا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ڪنهن به طرح مڇ کي ماري کانئس رڇ ڇڏائجن. ساڻن جيڪي ٻيا مهاڻا هئا، سي به سڀ پنهنجون ٻيڙيون هاڪاري هليا ويا هئا. هي ڏاڍا دلگير ٿيا. آخرڪار وڏي ڀاءُ کان پڇيائون ته: پنهنجي زور جو ڪو آزمودو ورتو هجنئي ته اسان کي خبر ڏي ته تو ۾ زور ڪيترو آهي. تڏهن وڏي چيو ته: جي وڻ کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو هجي ۽ ان جي انگهن سان رڇ اٽڪيو هجي ته آءٌ ٽٻي هڻي، انهيءَ وڻ کي پاڙئون ڪڍي ڇڏيان ۽ ڄار کي ڪڍي اچان.

ننڍو وڏي ڀاءُ کان، پڇي ڳوڌو ڳَر لائي

ته توکي ظاهر زور جو، ڪو آزمودو آهي؟

چئي: ورائي ورک کي، پاڻي جي ٻوڙي

اَڙي رَڇ اَنگهن ۾، تنهين سان توڙي

سو پاڙان پتوڙي، ڄـﺂڙي ڪڍان ڄار کي.[58]

انهن مان هڪڙي ڀاءُ جي ٽٻيءَ جو مدو اَٺ پهر هو، تنهن ڀائرن کي چيو ته: آءٌُ ڪُن ۾ گهڙان ٿو. جيڪڏهن اَٺن پهرن تائين آءٌ موٽي نه آيس ته ٻيڙن جا واجهه وڍي موٽي وڃجو. منهنجي جيئڻ جوآسرو نه ڪجو. ائين چئي، پاڻيءَ ۾ ٽٻي هنيائين. مانگر مڇ به وات پٽيو ويٺو هو، تنهن ورائي کڻي وات ۾ وڌس.

پهر اٺون ئي آئيو ويٺا ڪن وائي

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي

کاهوڙي کائي، ڪنهن راوت رِپ رهائيو.[59]

اٺن پهرن تائين انتظار ڪيائون پر هو نه موٽيو. تڏهن وري ”هنجهه“ پاڻيءَ ۾ گهڙڻ لاءِ تيار ٿيو. چيائين ته: منهنجي ٽٻي ٽن پهرن جي آهي، جيئرو هوندوس ته موٽي ايندس، نه ته واجهه وڍي، ٻيڙيون ڇڏائي توهين هليا وڃجو. ائين چئي اُهو به لٿو پاڻيءَ ۾، مانگر مڇ ان کي به ڳيهي ڇڏيو. ٽي پهر ڀائرن اُن جو به انتظار ڪيو. جڏهن اهو به نه موٽيو، تڏهن آسرولاٿائون. اُتي ”مانجهاندو“ اُٿي کڙو ٿيو. ڀائرن کي ڀاڪر پائي چيائين ته: ادا! هاڻي جي حياتي هوندي ته وري ملنداسين. ائين چئي اُهو به اوڙاهه ۾ اَهلي پيو.۽ وڃي مڇ جي وات ۾ پيو. وري ”اڱاريو“ اُٿيو. ڏٺائين ته ڀائر ڪين وريا، سو به ٻين ڀائرن کان موڪلائي ڪُن ۾ ڪاهي پيو. مڇ انهيءَ کي به ورائي کڻي وات ۾ ڪيو، اهڙيءَ طرح اُهو به وڃي ڀائرن سان ڀيڙو ٿيو. تڏهن وري ”پڻهيار“ پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو، جيڪو سڀني ۾ وڏو هو، پر اُهو به ٽٻي هڻي مڇ تائين پهتو ئي مس ته اُن کي به مڇ ورائي کڻي سوگهو ڪيو. اهڙيءَ طرح پنج ئي ڀائر وڃي مڇ جي پيٽ پيا هئا. باقي بچيو ”ويڌو“ سو به رڇ ۽ ونجهه اُڇلائي، ڀائرن جي جدائيءَ ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيو ۽ اُهو به وڃي ڀائرن ڀيڙو ٿيو.[60]

ڪڇئون مارين ڪُن ۾، رات مٿان پيئي

اوليون اُجهڻ لڳيون، ويڙن واجهه وهي

ڪلاچئون ڪهي، ماري مڇ نه موٽيا.[61]

رات گذري وئي، صبح ٿيو، پر ڇهئي جوان نه موٽيا. اوباهيو ويچارو پُٽن کي نه آيل ڏسي غمگين ٿي ويو ۽ چيائين: اڳي سويل موٽي اچن، اڄ الائي ڇو دير ڪئي اٿن. ڊوڙي سمنڊ جي ڪپ تي وڃي ۽ اُتي بيهو پُٽن کي سڏي آخر پڪ ٿيس ته ڪلاچي جي ڪـُن واري مانگر مڇ جي منهن ۾ وڃي پيا. پوءِ ته مهاڻا ان جاءِ تي ٻيڙيون ڪاهي ويا، ڏسن ته هنن جا ٻيڙا سمنڊ ۾ پيا ٽـُلڪن. سندن مولهيا، ٻيڙين ۾ پيا اهن. اوليون ڀڳيون پيون آهن، جي مَڇ ۽ رَڇن جي ڇڪ ڀڃي ڇڏيون آهن. اهو سامان ۽ ٻيڙا اوباهيي کي ڏنائون. اوباهيو پٽن جي موت جي خبر ٻڌي واويلا ڪرڻ لڳو. اِها خبر جڏهن سون مياڻيءَ ۾ پئي تڏهن ماتم مچي ويو.

هن حادثي جو ٻڌي سون مياڻيءَ ۾ ماتم پئجي ويو. مورڙي جي ڀاڄاين چُوڙا ٻيڙا لاهي کڻي سَٽيا، وار ڇوڙي، ڪارا ڪپڙا پائي اوڍي ورلاپ ڪرڻ لڳيون.

ملاحين ڪيا مُنهن رتڙا، ڪـُٽي ڪانڌن لاءِ،

مهاڻيون رهيون ماتام ۾،سوڙهي هڪ ٻه جاءِ،

ماڻهو مُنجو مور ڏي، وڃي سُڌ سُڻائيس ساءِ،

ڀڙ! تنهنجا ڀاءُ، ڪڇئون ماري ڇڏيا ڪُن ۾.[62]

سيرهين ۽ اوباهيو ڊوڙي سمنڊ جي ڪپ تي آيا، ٺلها ٻيڙا ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳا. آخرڪار سيرهين اوباهيي کي چيو ته: ماڻهو موڪلي مورڙي کي گهراءِ ته اُهو اچي خوني مانگر مڇ کي ماري، ڀائرن جو وير وٺي. اوباهيي يڪدم مورڙي ڏانهن ماڻهو موڪليو، جنهن اهو حادثو وڃي مورڙي کي ٻڌايو.

وَٽي وير هَٿاءِ، ڪري پٽ پٿُون ٿي

مانجهي پڇيو مورڙي کان، دلبر دلوراءِ

ڏي ڪُنَ ڪَل ڪاءِ، جا آيئي مانجهي مورڙا.[63]

مورڙي اُن وقت دلوراءِ جي درٻار ۾ شراب پئي ورهايو. پيالا ڀريندي دلوراءِ ۽ ٻين اميرن وزيرن کي پئي ڏنائين ته پيءُ جو پيغام مليس.[64] ڀائرن جي موت جو ٻڌي اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. شراب سان ڀريل پيالو هٿ مان ڇڏائي پَٽ تي وڃي ڪريو ۽پُرزا پُرزا ٿي ويو. تڏهن دلوراءِ پڇيس ته: مورڙا! قاصد ڪهڙو نياپو ڏنئي جو هوش ڇڏائي ويو اٿئي؟ تڏهن اکين ۾ پاڻي آڻي، ڀائرن سان ٿيل حادثي جي خبر ٻڌايائين.

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏئي دلوءَ کي دانهون

ڪالهه ڪري ويا ڪُن تي، سورهيه سٽائون

نڪو موٽي آئيو، نڪي ماڻهو مُڪائون

ڏسو سُڃا گهر گهاتن جا، ڪري اوباهيو آهون

اَدن ري آئون، ڏک گذاريان ڏينهڙا.[65]

دلوراءِ کي به ڏاڍو ڏک ٿيو، تنهن کيس موڪل ڏني ته ڀلي وڃي سون مياڻيءَ ۾ رهي ۽ ڏکويلن سان حال ڀائي ٿئي.

مورڙو، سون مياڻيءَ ۾ آيو ته پيءُ، ڀاڄايون  ۽ڀيڻ ويڙهي ويس. چيائونس ته: مانگر مڇ کي ماري ڀائرن جو وير وٺ. مورڙو هڪ ته منڊو، ٻيو پاڻيءَ جو گهيڙو ڪو نه هو، سو ماٺ ۾ اچي ويو ته اهڙيءَ آفت کي ڪيئن مارجي، جنهن جو رڳو وات ئي سورنهن گز هو.

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏسي ڀاڄايون

نڪي نٿون نڪن ۾، نڪي ڪلهن ۾ ٻانهيون

هن وٽ ڀاڄايون، آيون ڪارا ڪري ڪپڙا.

پوءِ گهڻن ئي گهاتوئن کي هوڪاريائين، پر ڪنهن به ڪُن ڏانهن هلڻ جي هام نه هنئي.

مورڙي جي ڀائرن جو موت سانوڻ جي مهيني ۾ ٿيو هو. اُن وقت سمنڊ ۾ طوفان ۽ ڇولين جي چاڙهه سببان ٻيڙيون ڪاهڻ ئي ناممڪن هو. انهيءَ ڪري هو به سمنڊ جي ماٺي ٿيڻ تائين ماٺ ۾رهيو. تان جو مٿان اسوءَ جو مهينو اچي سهيڙيو. پاڻيءَ ۾ ڇينهرو آيو، سمنڊ ۾ جتي ڪٿي ٻيٽاريون ظاهر ٿي پيون. وڏي ۽ اونهي پاڻي ۾ خبر ئي ڪا نه پوندي هئي ته مَڇ ڪٿي ويٺو آهي. پر هاڻي مڇ به اونهي سمنڊ ڏانهن ورڻ جي ٿي ڪئي. تل ترايون سڀ ريٽ سان ڀرجي چڪا هئا. هاڻي ڀاڄاين کان به سَٺو نه ٿيو، سي سڀئي ڪارا ڪپڙا ڪري، مِڙي مورڙي وٽ آيون ۽کيس طعنا مهڻا ڏيئي چوڻ لڳيون:

ڏکين، ڏير ڏسي چيو، هي تو وُڙ ڀاﺂ ناهه

اچي اوڍج ڪنجرو، پڳ مٿاهين لاهه

ڪر زالاڻا ڪپڙا، ڪَت پُوڻين جو پاءُ

سڄڻن ريءَ سُڃ ۾، اچئي ڪيئن ٿو ساءُ

مردن بنان مهل ۾، ڪونهي ڪو همراهه

اُٿي تُرت تيار ٿيءُ، ترس نه، ڪر ڪجهه تاءُ

ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، تڏهن ٿو ترسين تار کان.[66]

ڀاڄايون، مورڙي کي چوڻ لڳيون ته: تون شايد ويريءَ کان وير انهيءَ ڪري نه ٿو وٺين جو هو تنهنجا سڳا ڀائر نه هئا. تو جهڙي ڀاءُ کان ته ڀينگ ڀلي هئي.

قسم کائي اُٿيو، شان وڏي سان شير

کڻندس کاهوڙين جو، پاڻيءَ منجهان پير

ماري ڪندس ڍير، لاهيندس مئي مَڇ جي.[67]

وَر- ولهين ڀاڄاين جي طعنن ۽ ورلاپن هاڻي هن کي ويهڻ نه ڏنو. مانگر مڇ سان مقابلو به کيس اڪيلي سر ئي ڪرڻو هو، سو سوچ ويچار ڪري دلوراءِ وٽ ويو ۽ چيائينس ته: مون کي رُڪ مان هڪڙو ڪائو ۽ هڪڙو فانوس ٺهرائي ڏي. فانوس ۾ اندران وَر وَر تي تِکا ۽مضبوط ڪات اهڙيءَ طرح رکيل هجن. جو ڪَل چورڻ سان وَر وَر تي ٻليءَ جي نُنهن وانگر  اندر ٻاهر ٿي سگهن. تنهن ڪري مون کي ڪاريگر لُهار ۽ گهربل سامان موجود ڪرائي ڏيو ته آءٌ اُهو بُن بنايان. دلوراءِ يڪدم اهڙا ڪاريگر گهرائي ورتا، جن رات وچ ۾ ڪائو ۽ فانوس ٺاهي ڏنو.[68] مورڙو صبح سان اهي سامان کڻي سون مياڻي پهتو، جتي سندس ڀاڄايون ڇَتا ڇوڙي، ننڍڙا ٻار ڪَڇن تي کنيو، سندس واٽ ڏسي رهيون هيون.

دلوراءِ کي جڏهن مورڙي ٻڌايو ته: آءٌ ڪنهن به طرح مڇ ماري ڀائرن جو وير وٺندس، سو حيران ٿي ويو ته مورڙو ڪمزور ۽ ٽنگ کان جڏو، سو ڪيئن مڇ جهڙي آفت سان مقابلو ڪندو! پر جڏهن مورڙي کيس ٻڌايو ته ڪيئن نه هٿيارن جي حرفت سان مڇ کي ماريندس: تڏهن اهو مقابلو ڏسڻ لاءِ پاڻ به لشڪر سميت ڪوچ ڪري ڪلاچيءَ جي ڪُن تي آيو ۽ طنبو طولان هڻي ويهي رهيو.

سڻي مصلحت مور جي، چڙهيو دلوراءِ پاڻ

سنبري چڙهيو شير سان، ڪڇون مارڻ ڪاڻ

اچي لٿا آهن، جواڻ، طنبو تاڪي تڙ تي.[69]

مورڙي کي مڇ سان وڙهڻ لاءِ سنبرندو ڏسي اوباهيو هنجون هارڻ لڳو ۽مورڙي کي چيائين ته: مورڙا! اڃا هنن ڇهن پٽن جو درد ئي نه وسريو آهي ته وري تون به ٿو سندن پٺيان وڃين!

اوباهيو آهون ڪري، دانهون درد منجها

گهوٽن مُـُئي گهٽون ٿيون، سڙيو وڃي ٿو ساهه

سٽون ڏئين سر سِير ۾، ڪوهه ڪڄاڙيءَ لاءِ؟[70]

هو ڇهه ڄڻا ته وڃڻ کي ويا، خدا جي مرضي ائين هئي، پر باقي تون ئي وڃي منهنجي جيءَ جو آڳانڍو رهيو آهين، تون ته مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ. اِتي ٻيا به کيس منع ڪرڻ لڳا، پر مورڙي کين جواب ڏنو ته: ڀائرن کانسواءِ ڪهڙو جيئڻ؟ ڀائرن جي وڇوڙي اندر ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي، سا تيسين نه وسامندي، جيسين مانگر مڇ کي ماري ان جو رت نه پيئان. پوءِ ڀاڄاين ۽ ڀيڻ کي چيائين ته: جيئرو موٽي آيس ته وهواهه، نه ته بابي جو پارت هجيوَ. سون مياڻي سڄي اوهان جي آهي. ائين چئي مورڙي کانئن موڪلايو.

مورڙي يڪدم پنج سـﺂ سانَ ۽ پنج سـﺂ تازيون ويايل گهوڙيون ڦرن سميت آڻايون. پوءِ ڪُتن جي لوڌ گهرائي، ڪائو ۽ فانوس کڻي جڏهن ڪُن ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪو به ماڻهو ساڻس گڏجي هلڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڳيئي مڇ جي هيبت ڏٺي هئائون. مورڙي چين ته: مون کي رڳو اهو هنڌ هلي ڏيکاريو، جتي مڇ رهي ٿو. ملاحن لاچار اهو  گهيڙ اچي ڏيکاريس. اتي ڪُن ڏانهن مُنهن ڪري چيائين ته: ٻليءَ جا ٻچا، خبردار ٿيءُ تو منهنجا ڀائر کاڌا آهن، پر آءٌ به جيسين توکي نه ماريان، تيسين سُک نه سمهان. پوءِ مضبوط رسا ۽ زنجير آڻي فانوس ۾ ٻڌائين ۽ انهن جو ٻيو ڇيڙو سانَن جي ڳچين ۾ ٻڌائين. ڪي رَسا وري گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌايائين. اهوسڀ بندوبست ڪري، ماڻهن کي چيائين ته: جنهن وقت زنجيرن کي لوڏو اچي، ان وقت گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪُتن کي بَڇ ڪجو، ۽ سانن جي پُٺيءَ تي تيل هارائي، هٿيار پنوهار کڻي فانوس ۾ ٿي ويٺو. ماڻهن فانوس کي کڻي ڪُن ۾ اڇلايو. فانوس اڃا ڪُن ۾ ڪريو ئي مس ته مڇ کڻي وات ڦاڙيو ۽ فانوس سندس وات ۾ هليو ويو. مورڙي يڪدم ڪائو کڻي مڇ جي پٽيل وات ۾ ٻنهي ڄاڙين جي وچ ۾ اُڀو ڏنو ته جيئن مَڇ وات نه پوري. فانوس جڏهن مَڇ جي نڙيءَ ۾ آيو، تڏهن مورڙي به ڪَل کي ڦيرايو ته فانوس ۾ لڪل ڪات ٻاهر نڪري آيا.

دُز وڏي دماڪ سان، اُٿيو مڇ به مستانو

ڏيئي ڪات ڪلين کان، ڪيس راوت روانو

پوءِ دسيو ديوانو، گهاتو پهرئين گهاوَ سان.[71]

مَڇ جيئن جيئن فانوس کي ڳيهڻ جي ٿي ڪئي، تيئن تيئن ڪات ويا ٿي سندس نڙيءَ ۾ کُپندا ۽ ڪائي جون چهنباريون پڇاڙيون ڄاڙين ۾ گهڙنديون ويس.

اهڙيءَ طرح مورڙي وارو فانوس ويو اندر پيهندو ۽ رفته رفته ٻيا ڪات اُن مان نڪرندا ٿي ويا، جي مڇ جي ڪلين، آنڊن ۽ جيرن کي ڪپيندا ٿي ويا.[72] مڇ کي اچي لوڇ پوڇ لڳي. سمنڊ ۾ ڇاڇول پئجي وئي ۽ سارو پاڻي رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. مڇ جي ڊپ کان جيڪي ڪنارن تي ماڻهو بيٺل هئا، سي وٺي ڀڳا ۽ گپ ۾ ڪرندا، مرندا، جهرندا وڃي ڪناري تي بيٺا. جڏهن مڇ ساڻو ٿي پيو، تڏهن مورڙي زنجيرن کي زور سان لوڏيو. ٻاهر بيٺل ماڻهن به يڪدم سانن جي پٺيءَ تي کڻي اُماڙيون اُڇليون، ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪَڍ ڪتا لاٿا. ڦر ڊڄي زور سان ڀڄڻ لڳا ته گهوڙيون وري بيتاب ٿي ڦرن جي ڪڍ هڻڪنديون ڀڄڻ لڳيون. سانن کي جو باهه تپايو، سي به سمورو زور لائڻ لڳا. هوڏانهن فانوس کي جا ڇِڪ آئي ته اُن سان گڏ مڇ به ٻاهر کڄڻ لڳو، تان جو گهلبو اچي ڪناري تي پيو. مورڙو پوءِ فانوس مان نڪري آيو ۽ واهه واهه ٿي وئي. پوءِ ته مهاڻا ڪات ڪهاڙا کڻي اچي مڇ کي لڳا ۽ ان جي پيٽ کي چيري، ڇهن ئي ڀائرن جا لاش ان مان ڪڍي ٻاهر ڪيائون.[73]

دلوراءِ بادشاهه، مورڙي جي مڇ سان مقابلي لاءِ پنهنجي لشڪر ۽ اميرن وزيرن سميت اتي موجود هو، جو مورڙي کي آفرينون ڏيئي روانو ٿيو. ساڳئي وقت ان موقعي تي سون مياڻيءَ جا سڀ مهاڻا، مورڙي جو پيءُ اوباهيو، سندس ڀيڻ سيرهين ۽ سندس ڀاڄايون، سڀ موجود هئا، جي مورڙي کي صحيح سلامت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کيس مڇ جي مارڻ جون مبارڪون ڏنائون.[74]

گهاتو پهرئين گهاوَ سان، ڪيو خونيءَ کي کيرو

وڍيائين ويريءَ جو، جيءُ بُڪيون جيرو

آفرين دلوراءِ چيس، تو ماريو مٿيرو

ارڏا! ڪيئي اهڙو، ڀائرن تي ڀيرو

اِهو ڪـُوپا! ڪم تيرو، جو ورتئي وير وقوف سين.[75]

مورڙي ڀائرن جا لاش ڏسي، جوش مان مڇ کي ڪات هڻي، رت جو ڍُڪ ڀري پيتو.

گهلي ڪڍيو گهير مان، مانجهي مڇ مٿير

چيري ڪڍيئين چاهه مان، ڇهئي نر ڇڳير

وڍي ٽُڪي مڇ جا، هڏا ڪيئين ڍير

صبح جو کڻي هليا، سورهيه سرس سوير.

ڀريون سُرڪيون رت جون، مڇ مان مورڙي شير

ڀالو ماڻي ڀير، سڀ ملهايا پانهنجا. [76]

پوءِ ڀائرن جا لاش اُتي ئي دفن ڪري سون مياڻي موٽي آيو.[77] اوباهيي وري مڇ جي کل لهرائي، رڱائي، اُن مان جوراب ٺاهي پيرن ۾ پاتا.

لاهي کل خونيءَ جي، رڱ ۾ رڱيائين،

جورابا جزيد جا، پيرين پاتائين.[78]

مورڙو ڪجهه عرصو اُتي رهي اچي دلوراءِ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس گهڻو انعام ڏنو ۽ سون مياڻي هميشه لاءِ سندس خاندان کي جاگير ڪري ڏني. پر مورڙي کي چيائين ته: مور! مون کي خبر پهتي آهي ته تو مردار مڇ جو رت پيتو آهي، تنهن ڪري هاڻي تون منهنجي ڪم جو ناهين، ۽ ڀلي وڃي سون مياڻي وساءِ. جڏهن به توکي ڪا ضرورت پئي ته اسان وٽان توکي ضرور مدد ملندي. ان بعد مورڙي باقي حياتيءَ جا ڏينهن ڀائرن جي مقام تي مجاور ٿي گذاريا، جڏهن پاڻ وفات ڪيائين ته کيس به انهيءَ مقام ۾ دفن ڪيائون. اهو مقام اڄ تائين ڪراچيءَ لڳ اتر – اولهه طرف مورڙي جي نالي سان مشهور آهي.

­———

* هيءَ تفصيلي ڳالهه سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي ۽ سگهڙ سليمان جهانجهڻجيءَ جي مکيه روايتن ۽ ٻين شامل نثر ۽نظم ۾ ڏنل روايتن جي بناءَ تي قائم ڪئي وئي آهي.

سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي بلوچ (عمر 65 ورهيه، ويٺل لڳ سامارو ضلعو ٿرپارڪر) جي زباني، هيءَ ڳالهه ڪن بيتن جي ميلاپ سان اوباهيي کي پٽ ڄمڻ تائين قلمبند ڪئي وئي. ڌڻي بخش چيو ته مون اها ڳالهه مڱرين فقيرن کان ٻڌي، جيڪي ’مکڻاڻي مڱريا‘ سڏجن، اهي سڄي ڳالهه کڻندا هئا. سگهڙ سليمان جهانجهڻجي (عمر 70 ورهيه، ويٺل لڳ هوسڙي تعلقو حيدرآباد) 1958ع ۾ هن ڳالهه جون ٻه روايتون قلمبند ڪرايون، هڪ نثر ۾ مڪمل روايت ۽ ٻي منظوم روايت]نمبر ]4[، امين ونڊير؟جا چيل بيت]. انهن مختلف روايتن جا اختلاف حاشين ۾ نروار ڪيا ويا آهن.
[1]  روايت]19[ موجب ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ جي ڪناري لڳ”گنڊا سنگ“ شهر جا رهندڙ هئا.ان شهر جي غرق ٿيڻ بعد ڪڇ جي ”نَرئي“ شهر ۾ آيا ۽ جڏهن جوان ٿيا، تڏهن سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي پريان ”سوناريءَ جي جبل“ وٽ اچي رهيا.
[2]روايت (2) موجب.
[3] روايت (3) موجب، جادوگر جو نالو ”جوڳي راول ريم.“

”حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ راول جوڳي ريم.“
[4]روايت (2) موجب.
[5]روايت (4) ”ويٺا چوڏهن چاليها، ۽ پڙهيا مَنڊ مُهاءُ“
[6] روايت (3) موجب.
[7] روايت ]3[ موجب.
[8] روايت ]2 [ موجب.
[9] روايت ]3[ موجب.
[10] روايت ]2[ موجب.
[11] روايت ]2[ موجب ’ڪلان ڪوٽ‘ ۾ سوناريءَ کي پاڻي ڀريندي ڏٺائون.
[12] روايت ]3[ موجب.
[13] روايت ]3[ موجب.
[14] روايت ]3[ موجب.
[15] مَني  = مڃي.
[16] روايت ]3[ موجب.
[17] روايت ]7[ موجب.
[18] روايت ]7[ موجب.
[19] روايت ]7[ موجب.
[20] روايت ]7[ موجب.
[21] روايت ]7[ موجب.
[22] روايت ]7[ موجب.
[23] ماموين ۽ واگهه جي گڏجڻ جو بيان فقط روايت ]7[ موجب آهي.
[24] روايت ]3[ موجب.
[25] روايت ]7[ موجب.
[26] روايت ]3[ موجب.
[27] ٻيءَ روايت موجب ”پر پيءُ مئي ٿيو ڇورڙو، مري ويڙس ماءُ“
[28] روايت [2] موجب.
[29] روايت [2] موجب.
[30] روايت [1] موجب.
[31] روايت [1] موجب پهرئين پُٽ جو نالو ”پڙهيار“ هو. روايت [7] ۾ فقط چئن پُٽن جا نالا آيل آهن: پنهور، اڱارو، مانجهاندو ۽لاڏڪو. روايت [12] موجب اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مينهون ۽ لـَکـُو. [1]، [4]، [7]، [10] ۽ [17] روايتن ۾ ڌيءَ جو نالو ”جُمڙي“ اچي ٿو: ”اٺين ڀيڻ جُمڙي، لوڪ مڙوئي چوءِ.“
[32] روايت [1] موجب.
[33] روايت [1] موجب.
[34] روايت [2] موجب.
[35] روايت [1] موجب.
[36] روايت [2] موجب.
[37] روايت [3] موجب.
[38] روايت [2] موجب.
[39] روايت [3] موجب.
[40] روايت [2] موجب.
[41] روايت [3] موجب.
[42] روايت [17] موجب مورڙي دلوراءِ کي سلام ڪري چيو ته: آءٌ تو وٽ نوڪر بيهندس ۽ ڪم به ڪو نه ڪندس. پر پگهار پنجن ڄڻن جو وٺندس. جڏهن اوکي پئي تڏهن سِر قربان ڪندس.
[43] روايت [3] موجب.
[44]  هڪ روايت  موجب دلوراءِ شڪار تي چڙهيو ۽سون مياڻيءَ وٽ اچي پهتو. شينهن اوچتو جهنگ مان نڪري دلوراءِ تي حملو ڪيو، پر مورڙي يڪدم تلوار ڪڍي شينهن جو سِر لاهي وڌو.
[45] روايت [2] موجب.
[46] روايت [6] موجب.مورڙو ڪاوڙجي دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ ويو. اتي هڪڙو شينهن پيدا ٿيو هو، جنهن ڪيترو ئي نقصان ڪري ملڪ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو. دلوراءِ پڙهو گهمارايو ته جيڪو شينهن کي ماريندو، تنهن کي هيرا جواهر انعام ڏيندس. مورڙو به نوڪريءَ جي سانگي دلوراءِ جي درٻار ۾ آيو، اتي شينهن جي خبر ٻڌائين. مورڙي شينهن کي ماريو. بادشاهه انعام ڏيئي چيس ته: گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. چيائين ته: سون مياڻي تان محصول معاف ڪر.
[47] روايت [1] موجب.
[48] روايت [2] موجب.
[49] روايت [2] موجب.
[50] روايت [2] موجب.
[51] روايت [1] موجب.
[52] روايت [3] موجب.
[53] روايت [3] موجب.
[54] روايت [3] موجب.
[55] روايت [2] موجب.
[56] روايت [2] موجب.
[57] روايت [3] موجب.
[58] روايت [3] موجب.
[59] روايت [4] موجب.
[60] روايت [6] موجب.مورڙي جا ڀائر مڇي مارڻ لاءِ ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ويا. ڪُن ۾ ڪنهن مانگر مڇ ٻچا ڏنا هئا. پاڻيءَ جي ڇاڇول تي اُهي ٻچا رڇن ۾ ڦاسي پيا، جن کي هنن وڍي ٽُڪي ماري ڇڏيو. مڇ اُن مهل شڪار تي ويل هو، موٽي اچي مُئل ٻچا ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙجي سندن ٻيڙن تي ڪاهيائين ۽ٻيڙيون ۽رَڇ ڇني، ڇهن ئي ڀائرن کي ڳهي ڇڏيائين.

                        روايت [7] موجب.مورڙي جا ڀائر ٻيڙيون ڪاهي مڇي مارڻ ويا ۽ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڄار وڌائون جي مڇ ورائي کڻي وات ۾ڪيا. واري واري سان ڇهئي ڀائر لٿا جن کي مڇ ڳيهي ڇڏيو. جمڙيءَ کي اها خبر پيئي سا پاڻ مورڙي وٽ ويئي ۽کيس ڀائرن جي موت جي خبر ٻڌايائين.
[61] روايت [2] موجب.
[62] روايت [2] موجب.
[63] روايت [1] موجب.
[64] هڪ روايت موجب مورڙو اُن وقت دلوراءِ سان گڏ شڪار تي هو.
[65] روايت [2] موجب.
[66] روايت [10] موجب.
[67] روايت [10] موجب.
[68] روايت [12] موجب. مورڙي پاڻ لوهر کان ڪات ۽ ڪائو ٺهرايو۽ڪائي ۾ ڪئين هنر ۽ هٿيار رکيائين.
[69] روايت [2] موجب.
[70] روايت [2] موجب.
[71] روايت [1] موجب.
[72] روايت [6] موجب.مورڙو مڇ جي ڀانڊي ۾ گهڙيو ته ڀائرن جا لاش سلامت ڏسجڻ ۾ آيس. اُنهن جي دل تي هٿ رکيائين ته اڃا منجهن ساهه هو. روايت [7] موجب مورڙو سڄي رات مڇ سان وڙهيو ۽ مڇ کي ماريائين.
[73] روايت [2] موجب.
[74] روايت [6]، [13] ۽ [16] موجب.مڇ کي ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ ڍڳن جون سـﺂ جوڙيون آندائون. جن کي پاڃاريون وجهي. انهن ۾ ريشم جا مضبوط رسا ٻڌي ،وري مڇ سان ٻڌائون. پوءِ ڍڳن کي هڪليائون، پر مڇ ايڏو هو، جو چُريو ئي ڪو نه، تڏهن وري سـﺂ پاڏا آڻي ٻڌائون. اُنهن کان به مڇ ٻاهر نه نڪتو. آخر دلوراءِ جي حڪم سان سڄي ملڪ مان نَوَ سـﺂ گهوڙيون ڦرن سميت اچي ڪٺيون ٿيون. پوءِ گهوڙين کي رسن سان جوٽي. ڦر پري ٻڌائون. جنهن مهل ڦرن دانهون ڪيون، ته گهوڙيون مڇ کي ڪُن مان ڇڪي ٻاهر آندو. روايت [7] موجب.سانن کي پاڃارين ۾ ٻڌي، سانن جي پٺيءَ تي ٽانڊا اڇلايائون ته اُهي مڇي کي ڪُن مان ڪڍي آيا. روايت [10]

پاتائون پاڃارين ۾، سوڌا سانن سـﺂ،

ڪڇئون چريو ڪينڪي، جيڏا ڏنئون جـﺂ.
[75] روايت [2] موجب.
[76] روايت [10] موجب.
[77] روايت [6] موجب.لاشن کي وهنجاري سهنجاري، کٽن تي کڻي گهر آندائون ۽ پوءِ وڃي دفن ڪيائون.
[78] روايت [7] موجب.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :5
روايت[1]*

بيت امين کَٽيءَ جا چَيَل

1-                  ٻاچو ۽ ٻالاج هئا، ذات ڀلا ڀَوَ دين

بديءَ کـﺂن بدنام هئا، چوريءَ کـﺂن به چين

حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ جوڳيءَ راول زين

هڪ کڙو ٿيو خدمت ۾، ٻيو اُڀو اُت امين

پاڙهي تن کي پرت منجهان، جوڳي جيارين

تنهان پوءِ تنين، موڪل گهري مهنت کان.

2-                  هڪڙو سبق سکيو، ٻيو کڙو خذمتدار

پاڙهي تنهين پرت منجهان، جوڳيءَ ڪيا جُهار

تنهان پوءِ تڪرار، ڪامل گهڻو قراريا.

3-                  موڪل وٺي هليا، سوڌي ساهيءَ کانءُ

عقلوند اڳي هئا، ٻيو پڙهي پين سماءُ

ويندي ڏٺائون واٽ تي، ڪو آکيرو اڳيانءُ

وير چڙهي ويو وڻ تي، سو ورنه ڪنهن واٽاءُ

آندئين آنا ڳيريءَ جا، پـﺂنس لڪائي پانءُ

پکيءَ پيو نه گمانءُ، ته ڪو چور ڪري ويو چورئي.

4-                  تنهان پوءِ تڪراري، ڪامل ڪـﺂنس ڪڍي ويو

ڪِ چڙهندي وڻ چُري پيو، ڪِ ڪَلَ پکيءَ پيئي

ڪِ آنا اتيئي، تون ايهين موٽي آئيين!

5-                  چئي: ڪا بلا کائي ويئي، هت ناهي ڪ هڪڙو يَر!

پکي جهلي سين پَرَ، آکيري مان آڻي ڏيين.

6-                  ٿي دانهين در دلوءَ جي، وڃي ميئن ٻڌايو

ته هڪڙو ڏئي ڪونڪو، ٻيو وڃي کڳ کايو[1]

نه ڄاري ڀائي ڄار جو، ڪٿان اوچتو آيو

ڇورو مائٽن ڇني ڇڏيو، اسان ننڍو نپايو

هاڻي ڪنجڪي ڪڏايو، تان وهلوئي وٺي اچي.

7-                  ڪستئون ڪوٽارن هٿئون، تنهن سالڪ سڏايو

دلوءَ پنهنجي ديهه ۾، پائڻون آڻايو

راُئر راجا کي نه ڏئين، تو ڪٿان لکايو؟

رائُر راجا کي نه ڏيان، توکي واحد وڌايو

تنهنجا وڃن ڪيترا، کڻيو کڳ کايو

رسين رحمت رب جي، پرور پڄايو

هن ڳوڌي ڳالهايو، اُت راءِ گهڻو راضي ٿيو.

8-                  راءُ گهڻو راضي ٿيو، اُت واهه وري وائي

ڪلانتريءَ جي ڪم جي، پڳ مٿس آئي

ميءَ مڙيئي موٽي ٿيا سندس سپاهي،[2]

دهوڙيا دروازن تي، واهه وري وائي

ملاحن پرڻائي، کڻي وير وهاريو وچ ۾.

9-                  وير وهاريائون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سوءِ

ننڍيءَ پيٽان مورڙو، پرڏر ڄائو پوءِ

اَٺين ڀيڻ ”جُمڙي،“ لوڪ مڙوئي چوءِ

پَنهير، اڱاريو ٻه ڄڻا، ٽيون مانجهاندو هوءِ [3]

چوٿون لَلُو لاڏڪو، پنجون سانئل نام سندوءِ

ڇهون هٺ ڪراڙيو هنجهه هو، ستون مور ڪنواٽوءِ[4]

سون مياڻي سوءِ، راڄ ٻڌائون پانهنجو.

10-            راڄ ٻڌائون پانهنجو، بنائي بَئنتر

مڏي ملاحن سين، هئي تيرهن سـﺂ تر

نَوَ سـﺂ نتر ٻيڙيين، جُنبيو بيهن جَر

تن جو مٿو ناهه ڪو، جي جهلين ڀَنَ هن ڀَر

هڪڙا کڳ کاڌائون پاڻ ۾، ٻيو جاڦو اڳرو جَر[5]

تن سين سانبوين جي، هئي واهه گهڻي ويتر

پر سندي پاڻيءَ پَر، مور نه سکيو مورڙو.

11-            مُور نه سکيو مورڙو، ڄاڻي لاڏ ڄمار [6]

ان سين مور ملاح جا، هئا خاصا خبردار

مٿان ڇانئي ڇَٽ جي، هئي چورنگ کي چوڌار

کِيو ڪنهن به خمار، ڀَڙَ ڀُلَ ڀائرن جي.

12-            جوڙي ڏنو جنگ کي، ڀائرن ڀلي ڀاءُ

ته ڪارڻ ڪنهن ترتيب سين، تون ويٺو وانٽا کاءُ

جوڻس ٿي جاڙون ڪري، ڪانڌ ڏنو ڪهڪاءُ[7]

ته ڏيراڻين ڪنهن ڏاءُ، ويڻ ڏنا هن ونجهلي [8]

13-            ڪانئر وَرَ جي ڪامڻي، تنهنجو ڪم جو ناهي ڪانڌ

ڪانڌ ته تنهنجو ڪامڻو، پيند جهلي ٿو پاند

کٽئي ري وڙواند، اهو کِيَڻ خواريءَ گاڏئون.

14-            ڪر ڪو ڪاپو ڪامڻي، يا وهه ڏئي وَر مار

پلي سا نه پُرس جو، وڃي پئس پاسي گهار [9]

اِنهين مرم کان نار،[10] وڃِ ٻُڏي مَر ڙي ٻُپڙي!

15-            اتي روئي روئي رت، ڪيائين معلم اڳيان مور جي،

تون ڀائين چوڻ جو، ٿوڪ نه ڀانيين ڳٽ [11]

اڄ ايڏوئي اَپٽ، مون سان ڏيراڻين ڏاڍو ڪيو.

16-            آءٌ ڀاءُ ڀائرن جو، ائين جويون ماريو جک

ڪاڪا سَهن ڪينڪي، مون تي ڪَتر جيڏو ڪک[12]

لوڪ پوندي لک، ائين وائي واتان مَ واريو.

17-            آءُ ڀاءُ ڀائرن جو، ڀائر منهنجا هڏ

اوکيءَ ويل آڪرو، ڏيندا سڏ ورندو سڏ

جان ڪو جيئان ڏينهڙو، تاسين آهيان گڏ

سوپرس نه چئجي پهڏ، جو نر چئي لڳي نار جي.

18-            کوءِ کنڊو ڀَت آنهنجا، کوءِ آن جا کيڻ

منهن تي مَ چـﺂ ويڻ، پٽڻ پاهت ناهه ڪو

19-            ڪانئرو ور جي ڪامڻي، تنهنجو ڪانڌ ڪم جو چور

ويٺن وانٽو ناهه ڪو، ڪبس ڀاڱو ڪور

اي سڻندي ڳالهڙو،ڪن نيائين مور [13]

پوءِ شرط ٻڌائين شور، وڃي گڏيو دلبر دلوراءِ کي.

20-            گڏيو دلبر دلوراءِ کي، وٽ دلوءَ جي ديري

سَرڻِ جا ڀائرن جي، سا پار پهتي پيري

ميڙ نه مڃيو مورڙي، مڪائين ڀيري

ساڃاهه جا سنگت جي، هليو نر نبيري

دلوءَ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

21-            دلوءَ دلاسي اُتي، ويهاريو سو وير

ته ماندو ٿي نه مورڙا! ڪر تون ساهه سڌير

کنڊ، مصريون، کير، هِت مولو ڏيندءِ مورڙا!

22-            دلوءَ دلاسي اتي، ويهاريو وريام

ٽَڪن ڪَمي ناهه ڪا، ڪر اسان وٽ آرام

پوءِ سرهري سلام، وڃي ڀائرن پهتو ڀاءُ جو.

23-            اکر پڙهي اوڀايو، ٿيو تن منجهه توانو

اُڀريو ايءُ ساهه جو، جنهن کي خوش نه اچي کانو [14]

چئي: جوان ڀري جانو، وڃي ڀاءُ پرچايو پانهنجو.

24-            ڀاءُ پرچائي پانهنجو، وري آيا وير

ٻيٽن اتي ٻاپ سين، ڪئي سڌ سڌير

سگهو ايندو مورڙو، پرچايو ڪنهن پير

کنڊ، مصريون ۽ کير، ات مولي ڏنا مور کي.

25-            هڪڙا ماڻهو مياڻي شهر جا، ڏَڙَ گڏيم ڏيهي

ٻيو ماءُ پيءُ موڪل نه ڏين، جن کي هئي اُڪنڊ اڳيئي

ٻي ڳالهه ڪريان ڪيهي، توسان قبلا عالم ڪوڙ جي.

26-            اُت دُنگ ڏنائينس دست ۾، ته درس دارون پيار

حاجتُ تن هٿن جي، تون وَنڪا ڪيم وسار

سانکَ ڏنائينس هٿ ۾، ٿيو بادشاهه پاڻ قرار

پوءِ دلوءَ کي دٻار، وڃي ڪَڙول ڪُوڪي آئيو [15]

27-            اٿي سڏيائين پانهنجا، صوبا ۽ سردار

ته مڙس ماريا آهن مامري، نَوَ پورا ۽ چار

گجي تنهن گوجار، شيرَ گهڻا ئي سٽيا.

28-            شيرَ گهڻا ئي سٽيا، جو وڙهي شينهن ويو

تون پاڇاين ۾ پڌرو، توکي ڪوهه ٿيو

ڪِلو جن ڪيو، سي مڙس مڙوئي ماريا.

29-            مڙس مڙوئي ماريا، جن مروڙيون ماريون [16]

شينهن انهن کي سامهيون، اکيون ڏيکاريون

تيرهن تراريون، سي سر نه وهيون شينهن جي.

30-            اُت مانجهي اٿيو مورڙو، ڪمڇڏي سڀ ڪار

جهاڳي ويو جهر جهنگ ڏي، جت هئي ڪِلي جي ڪار

سپر اُپاڙي سامهين، ڪيئين تياري ترار

وڃي پهتو پار، لنگهي لاهي ليث کـﺂن.

31-            لنگهي لاهي ليث کـﺂن، ان دائم ڌريو ڌيان

راجا گهڻو راضي ٿيو، ٿيو مالڪ مهربان

ڏنائينس ڏيهه کڻي، سون مياڻي ڏان

لکي مڪو لاڏڪي، اهوڀائرن ڏي فرمان

کائو هي انعام، جو دعويٰ راءِ ڇڏي ڏني.

32-            پٽ اوڀائي پڌرا، ڏيهه سندن ڏاني

ٿيڙا انعامي، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه تي.

33-            مون کي ڀانيو ڀاءُ، ته مصلحت منهنجي ڪن ڪجا

ڪِلو ڪو مَ ڪجا، ڪلاچيءَ جي ڪُنَ سان [17]

34-            ڪِستيون ڪست ڪلاج ڏي، ٿا مانجهي مکائين

اولن مٿي عاج جا، اچيو جنهور جڙائين

ريشم رنگ رنگيلا، ٿا لاڄن تي لاڙين [18]

ڪِيرا ڪُن ڪلاچ تي، وڃيو کاهه منجهان کوڙين

اڄ سڀان لوڙين، اکر ايرادت جو.

35-            ڪالهه  ڪلاچي ڪُن تي، ويا هئا مَل مڙي

جنگن سندي جنگ جي، ٻڌي ڀائرن خوب ڀُڙي

ويا سڀ گهوٽ گهڙي، پر وري وريو ئي ڪونڪو.

36-            ڪالهه ڪلاچي ڪُنَ تي، ويا ڄولي ڄار کڻي

رنڊين رڇ ”اَمين“ چئي، ويين وَم وڻي

اکر ايرادت جي، وڌا هول هڻي

گهاتوئڙن گهڻي، ٿي دلگيري دل ۾.

37-            پهريائين  ’پنيِهر‘ چيو، گهاتو آءُ گهڙندوس.

ترو تانگهي ڪُنَ جو، وڃي سنجن سار ڪندوس

ٽاڻو آهيم ٽٻيءَ جو،پهر اٺين ايندوس

پوءِ سڀ خبر ڏيندوس، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا.

38-            اُت ’اڱاري‘ ڀائرن کي، ڏنو ڏس کرو

ست پهر سَيل ڪري، ڏسان ڪُن ترو

هن قهري ڪلاچ جو، آءٌ پائيندس پَرو

ان کـﺂن پوءِ ذرو، منهنجي جيئڻ مَ ڪجا آسرو.

39-            ڀڙ سخن ڀائرن سين، ڪيو ’مانجهاندي‘ مذڪور

ٽاڻو آهيم ٽُٻيءَ جو، ڇهون پهر پُور

ان کـﺂن پوءِ ضرور، منهنجي جيئڻ مَ ڪجا آسرو

40-            ڀڙ سخن ڀائرن سين ’ليليٰ‘ آکيو لال

ٽاڻو آهيم ٽٻيءَ جو، پنجون پهر ڪمال

ان کـﺂن پوءِ في الحال، منهنجي جيئڻ مَ ڪجا آسرو.

41-            ڀڙ سخن ڀائرن سين، ’سانئل‘ آکيو سوال

ته ٽاڻو آهيم ٽٻيءَ جو، چوٿون پهر ڪمال

ان کـﺂن پوءِ في الحال، منهنجي جيئڻ مَ ڪجا آسرو.

42-            هميشه ’هنجهه‘ جي، ٽٻي پهر ٽي

جتان تارو اُڀري، جنگ جهان ئي ڏي [19]

گهاتو ڀائرن کي چيو، اَئين وهم نه پئجا ٻئي

آءٌ هوندس جئيرو جي، ته سڀ ڪَلَ ڏيندس  ڪُن جي.

43-            پهريائين پَنيهَر گهڙيو، مٿان اُهريو اڱارو

مانجهاندي مذڪور سين، ڪيو اتي امارو [20]

للو تن ۾ لاڏڪو، جيئن ترت کڙي تارو

سانئل سنڍيو ڪينڪي، جوهو پاڻيءَ پاسارو

هٺ ڪراڙو هنجهه هو، قوت قرارو

هاڻ آيو تو وارو، ڪرهيين ڇو  نه ڪلاچ تي.

44-            وٽِي وير هٿاءِ، ڪري پٽ پٿون ٿي

مانجهي پڇيو مورڙي کان، دلبر دلوراءِ

ڏي ڪُن ڪل ڪاءِ،[21] جا آيئي مانجهي مورڙا!

45-            چئي: ڪالهه ڪلاچي ڪُن تي، قهر ٿي گذريو[22]

جُنگن سندي جَنگ جو، مون کي پرو ڪو نه پيو

هاڻي ڪائو ڪات ڏيو، ته وڃِ مامرو ڪريان مڇ سين.

46-            تنهن مهل تکو ڏنئين،[23] کڻي ڪائو ڪات

ٻارهن گز ٻجهي ٿو، اڳيان واڳونءَ وات

ايها ڳالهه اثبات، ٿي معلوم مانجهي مورڙي

47-            سون مياڻيءَ مور جو، وڳو نغارو

سر ويريءَ وارو، ڪندو ڪوپو ڪُن ۾.

48-            ڏنس ڏيراڻين مهڻا، سرتين سچيتا

ته گڏ ٿي ٻڌيئي پاڳ، ۽ اوڍيئي ٿي ڪپڙا

پيءُ سڀن جو هيڪڙو، شت ماٽيجي تو ماءُ

تون ڄائين ٻيءَ پيٽان، تڏهن ٿو ترسين تار کان.

49-            چئي جن جي هڏ لڳي آهي وير، ننڊ نه هوندي تن کي

مون ري ڪُن ڪلاچ ۾، ٻيو گهڙندو ڪير؟

ڪٽي ڪندس ڍير، ايندس ڀڃي مئي مڇي جي.

50-            ڪَل ڍڪي ڪائي جي، ڪيو بانڪي بهانو

ڌنڌا گير دماڪ سين، اٿيو مڇ به مستانو

ڏيئي ڪات ڪلين کان، ڪيس راوت روانو

دسيو ديوانو، سو گهاتوءَ پهرئين گهاءَ سين.

51-            گهاتوءَ پهرئين گهاءُ سين، ڪيو کاهوڙيءَ کيرو

مانجهي نڪتو مورڙو، ڏئي دل کي اي ڌيرو

هي ڪم ڪُوپا تيرو، پر وٺڻ وير وقوف سين.

52-            نو سـﺂ ٽهاڻيون اينهُيون، تن کي آرا وڌائون

سُئائن کي سامهون، ڦرڙا ڪيائون

ڪڇئون ڪڍيائون، ڪُنڍين کڻي ڪر پانهنجو.

——

* هيءَ روايت سگهڙ حاميد خان رند (عمر اَسي ورهيه)، ويٺل ڪڪرانڊ، تعلقو ميرپور ساڪرو جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. حاميد خان جي چوڻ موجب شاعر امين، مشهور سگهڙ جلال کٽيءَ جو ڀاءُ هو. اڄ (19 جنوري، 1964ع) ٻيهر حاميد خان کان هي بيت چوائي ڀيٽيا ويا. (ن – ب)
[1]  ٻي پڙهڻي: ته ڪڙو ڏئي ڪو نه ڪو، وڃي کڳ کايو.
[2] ٻي پڙهڻي……… سندس سراهي.
[3] ٻيءَ روايت موجب:

اڱارو پرهياڙ، ٽيو مانجهاندو منجهن

چوٿون للو لاڏڪو، پنجون شاهو منجهن

ڇهون هنجهه ڪراڙيو هٺ سين، ستون قيصر مور ڪنوار

سون مياڻي گام، لوڃي راڄ ٻڌائون پانهنجو.
[4] ٻي پڙهڻي: ستون مور ڪنوارو.
[5] ٻي پڙهڻي: جافو اڳرو جر.
[6] ٻي پڙهڻي ڄاڻي لاڳ ڄمار.
[7] ٻي پڙهڻي: ڪانڌ ري ڪنهن ڪا.
[8] ٻي پڙهڻي: اڄ مون کي ويڻ ڏنا آهن وجهه لهي.
[9] ٻي پڙهڻي: پلي سـﺂن پـُرهه جو وڃِ پيئس پاسي گهار.
[10] ٻي پڙهڻي: انهيءَ وَر کان نار.
[11] ٻي پڙهڻي: نڪي تون ڀانئين چوڻ جو، ٿوڪ نه ڀانئين گهٽ.
[12] ٻي پڙهڻي: قط جيڏو ڪک.
[13] ٻي پڙهڻي: اي سُئائين ڳالهڙي، تيسين ڪڻن آيو مور.
[14] ٻي پڙهڻي: اُڀريو ئي شاهه جو، جوخوش اچي خانو.
[15] ڪڙول = دلوراءِ جو نوڪر. ڪُوڪي = سڏي – هوڪاري
[16] مروڙيون = فوجون
[17] ٻي پڙهڻي:

مان جا چوان ڳالهڙي، سا ڀائر سڻيجا

ڪلاچي جي ڪن سان، ڪل وڪو مَ ڪجا

سجي ٿو هن پار جو، ڪو ڊپ سڻائو ڊاءُ

مون جي ڀانيو ڀاءُ،ته اها مصلحت لائجو من سان.
[18] ٻي پڙهڻي: ريشم رنگيلا، بيٺا چوتيلا چاڙهين.
[19] جتي ٽٻي هڻندو اتان ئي نڪرندو هو.
[20] ٻي پڙهڻي: مانجهاندو مذڪور سين، للو تن ۾ لاڏڪو، جيئن ترت کڙي تارو.
[21] ٻي پڙهڻي: ته ڪهڙي ڪَل ڪاڪن پاران.
[22] ٻي پڙهڻي: ڪِلو ٿي گذريو.
[23] ٻي پڙهڻي: ڏنائونس مهل تنهين.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :6
روايت[2]*

بيت چيل مير ٻگهيي جا

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي، رازق رب رحيم

هڪ الله جوآسرو، حڪمت جو حڪيم

موچارو محمد ڪيو، قادر نبي ڪريم

’ٻاچو‘ ۽ ’ٻاراچ‘ هئا، ذات ڀَلي بَهليم

تن جوگهارڻ ’ڪلان ڪوٽ‘ تي ماڳ ميا محليم[1]

بديءَ کڻي بدنام ڪيا، چوريءَ ڪيا چَڪيم [2]

حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ راول جوڳي ريم

سبق سيکاريو سيم، جنهن مان گن گهڻو ٿئي.

2-                  وڏي سبق ياد ڪيو، ننڍو خدمتگار

عقلوند اڳي هئا، وهم وڏي ويچار

ساڌوءَ تنهن ساميءَ کان، ٿيا هوش ڀريا هوشيار[3]

سامي سيکاري سڦرا ڪيا، جوڳيءَ ڪيا جُهار

ڪامل گهڻو ڪڪوريا، تنهين کان تڪرار

ويندي ڏٺائون وڻ تي، ڪو آکيرو اظهار

چئي: اهڙو ڪري اسرار، آنا ڳيريءَ کان ڳنهون.

3-                  وڏو چڙهيو وڻ تي، ڪامل قوت ساڻ

ڪڍي آنا ڪوڙيءَ کان، اچي لڪايئن پاڻ

پکيءَ پيو نه گماڻ، ته ڪو چور اچي چوري ڪئي.

4-                  ننڍو ڀاءُ وڏي کان، وير پڙهيو هو وڌ

سورهيه ڏيئي سڌ، ڪڍيس آنا گوڏ مان.

5-                  چور ڪري چوري، جڏهن لهي آيو آءِ

ننڍو پڇي ٿو وڏي کان، آنا ڪي آنداءِ

اتي هنيوهٿ گوڏ ۾، بيٺو ورن ۾ واجهاءِ

چئي: آهي سُنهن الله، مون هُتان لاهي هت ڪيا.

6-                  وير! چڙهندي وڻ تي، وڄا تو ويئي

تَو چڙهندي وڻ چُري پيو، ڪ ڪَل پکيءَ پيئي

رهيا آنا اتي ئي، هت ماڳهون موٽي آئين.

7-                  اتي ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، ڌُٻي مٿي ڌر

کلڻي پکيءَ جو آنهرو، ٿو کوهيان پکيءَ پَر

پکي پوئي نه ڪَر، تو ڪو ويٺو رهي وڻ تي.

8-                  پَر ننڍو ڀاءُ وڏي جي، ٿو وٺي هيٺين وٽ

چئي: شابس تنهن ساميءَ کي، ڪانهي تو ۾ گهٽ

هي ڏس آنا مون وٽ، مون ٿي پرکا لڌي پانهنجي.

9-                  کِلن ڪڏن پاڻ ۾، ٻئي وير وريون

ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه جو، هلي شَملي شيل ڪريون

سجن ٿيون ان پار ڏي، ڪي پوشيديون پريون

ڇڏي گهوٽيا گام دريون، اٿي پُريا انهي پار ڏي.

10-            پُريا انهيءَ پار ڏي، دانهه ديکڻ لاءِ

جانب انهيءَ جاءِ، آيا ڪَهي ”ڪلان ڪوٽ“ تي.

11-            ڪهي ”ڪلان ڪوٽ“ تي، آيا او اظهار

پوشيدي پئي پاڻي ڀريو، جهليو منجهه جهالار

ٻاچوءَ پاڻ سنڀائيو، وهندي تنهين وار [4]

سوناريءَ جو سک ڦٽو، بيٺي نيڻ ٽمائي نار [5]

گهَڙي تي گلزار، هنجا هٿ اڙي رهيا.

12-            تڏ پايو پاند ڳچيءَ ۾، بيٺي زال ڪري زاري

اديون اِن تَڙا منهنجي عمر لنگهي ساري

ڪا جا ٿيس ڪاري، منهنجو دلو ڌرتيءَ ڊوهيو.

13-            چئي:سهيءَ مرندينءَ ٻه– ٿڻي، توکي جوکو آهي جيءُ [6]

توکي ديو دٻائيو، اچي ڪنهن تي قويءَ

پيٽ اٿئي جا ڌيءَ، تنهنجو باسين سڱ ته بچاءُ ٿئي.

14-            اتي ڳڻي توري ڳالهڙي، بيٺي ڌيان ڌري

هي وَسَن ڪنهن ولات ۾، هنن جو پنڌ پري

ٻئي مهيني ٻالڪي، متان پئي مري

اَيها ڳالهه ڳڻي، هوءَ باسي سڱ ڀَري هَلي.

15-            موٽِ پنهنجي مڙس سان، ڪامڻ ڪري پئي ڳالهه،

ته پوڄڻ پير خضر کي، ميان ويس في الحال

مانگر اڙيو ”مير“ چئي لالڻ دلو لال [7]

ڪَيم سائينءَ الڳ سوال، ته ميان! کڻايو مون اچي.

16-            ميان کڻايو مونکي، آءٌ ٻَڌي ويٺيس ٻول

ڏسي لڇڻ لال جا، ڪري ويٺيس قول

ڍڪج تون ڍول، ڏيئي پاند پناهه جو.

17-            ڏيئي پاند پناهه جو، رامون رکيو راز [8]

اسان اونهون پاڻ ۾، سهجان ڪيو ساز

نميو ساڻ نياز، ٿا مانيون ڪن ملوڪن جون

18-            وريا وير وطن ڏي، دلڙي جاءِ ڪَري

ايندا نيٺ انجام تي، اوڏا خواهه پَري

هُن ساعت ڪين سري، جن اُٿڻ ڪيوهو اوچتو.

19-            آيا ٻانڀڻ واهه تي، قادر لڳ ڪريم

چائي سوناري ويا اتان، فڪل ساڻ فهيم

ترت ڏيئي تعظيم، اچي وڏو پرڻي ونار کي.

20-            هڪو رسيو رحمت رب جي، تِنهان ننڍو پاس

ٿيو ٻيلي هيڪڙو، رت رنائين راس

موٽي مداين کان، دهلي دل سندياس

پوءِ توبهه ترت ڪياس، چوري ويس چت مان.

21-            چوري ويس چت مان، دل سچيءَ سين داءِ

’اوڀايو‘ ’ٻاراچ‘ کي، ڏنو پاڻ خداءِ [9]

بيٺو طرحين تعظيمون ڪري، ستت من ساماءِ

ات به وچان رضا رب جي، وڻي ويئي ساءِ

پر پيءُ مُئي ٿيو ڇورڙو، پيو ٽڪر لاءِ واجهاءِ

ڄرڪا چراڙيءَ ڍنڍ جا، ڪُرڙا پنيو کاءِ [10]

ڪار سکيو ميئڪي، هنر سرس سواءِ

پوءِ ملاحن پرڻاءِ، کڻي وير ويهاريو وچ ۾.

22-            وير ويهاريائون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سو

ڇهه پٽ پهرينءَ مان، ٻي جا پرڻيو جوءِ

تنهن مان مانجهي مورڙو، پَر ڏَر ڄائو پوءِ

لوڪ مڙيوئي چوءِ، ته اٺين ڀيڻ ”سيرهين“.

23-            ”پڙهيار“ ”اڱاريو“ ٻه ڄڻا، ٽيو ”مانجهاندَهه“ ساڻ

چوٿون ”للو“ لاڏلو، پنجون ”سانئر“ ڄاڻ

ڇهون هنجهه ڪراڙو هٺ جو، ستون ”مور“ سڃاڻ

پوءِ سوجهي ”سون مياڻ“، راڄ ٻڌائون پانهنجو.

24-            راڄ ٻڌائون پانهنجو، بَنائي بَئنتر

مَڏي تن ملاحن جي، هُئي تيرهن ويهون تَر

نَوَ سـﺂ ٻيڙو گام مان، جُنبيو گهِڙي جَر [11]

اول مٿن عاج جا، سڙهه ڪراڙا سَر

رَڇ سانبوهيون تن سان، واڌو هئا ويتر

ماري ڪُن مٿو ڪري، ڀَنَ ڀيري ڪَيئون ڀَر [12]

خوش ٿي خاطر پانهنجي، سڀ ڪوموٽي گهر

ڀاڱو موڪلين ڀاءُ کي، وانٽو ويٺي گهر

کائين کڳل پاڻ ۾، ضافو اُڳڙي زر

اٺين ڏينهن آنڪي، لک دلوءَ جي در [13]

پر پاڻيءَ گهڙڻ جي پَر، مُور نه سکيو مورڙو.

25-            مور نه سکيو مورڙو، ڄاڻي ساڻ ڄمار

ڀائر مانجهي مور جا، هئا خاصا خدمتگار

چڱي ڇانءَ ڇَٽن جي، هئي چـﺂ رنگ تي چوڌار

کِيو منجهه خمار، هئو ڀَرُ پرين ڀائرن جو.

26-            مور نه سکيو مورڙو، ڪار نه سکيو ڪاءِ

جوڙي ڏني جُنگ کي، ڀائرن ڀَلي جاءِ

چيئون: چڱي دستورسين، ويٺو وانٽا کاءُ

جاڙون تنهنجي جوءِ ڪري، گندري وڏي گاءُ

سٽيو شريڪن تي، سهمن ساڻ ستاءِ

ڏيراڻيون ڪنهن ڏاءُ، وڙهيون سَجهه سهي ڪري

27-            ڏنا ڏيراڻِن ميهڻا، ساهيڙين ستت

ته: ڪانئر وَرَ جي ڪامڻي، هاري هورين وت [14]

اسان تو پاڻ ۾، ڪانهي شريڪت

لاهي لاڳاپا وڙهيون، وڃي پري پيون پهت [15]

هن معلوم ڪيو مور سان، روئي روئي رت

ايڏو پاڻ اَپت، مون سان ڏيراڻين ڪيو. [16]

28-            چئي: آءٌ ڀَرُ ڀائرن جو، ائين جو يُون ماريو جک [17]

هو ڪڏهن سهن ڪينڪي، مون تي ڪهه ڪتر ڪک [18]

هاڻي لوڪ پوندي لک، متان واتئون ڪا وائي ڪڍين.

29-            ڪيائين چُپ چوڻکان، ٻولڻ ساڻ ٻهار

تنهن کي ويا نبري، ڏينهن ٻه ٽي ڪي چار

چيائونس: ڪت ڪاتو ڪامڻي، تون وهُه ڏيئي وَر مار

پلي آسرو پُرسَ جو، وڃي مائٽن گهر گهار

انهيءَ نر سان نارَ ٻڏي نه مرين ٻپُڙي!

30-            ڪانئر ور جي ڪامڻي! ڪانڌ تنهنجو ڪم چور

ويٺن ونڊي ناهه ڪا، ڀاڱو نه ڪو ڀور

اهي ويڻ ڪنن سان، ٻڌندو آيو مور

مَٽي تنهن ملاح جو، ويو هنيون لَپٽي هور

وير پيو وماس ۾، دانهه رکي دور

ترت رکيائين طور، ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي. [19]

31-            هنن پليون جويون پانهنجون، ويا ڀائر ميڙ ڪري

ميڙ مڃائين ڪينڪي، اماڻيائين ڀيري [20]

ڳالهيون سڱن بَدن جون، نَرويو نبيري

پوءِ دلوءَ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واه تي.

32-            دلوءَ پڇيس:ڪير آهين،ڪاڏي وڃين،ڪهڙوسندءِ نانءُ؟

چئي: پٽ اوباهي ملاح جو، مور منهنجو نانءُ

نوڪر بيهندس آنءُ، جي سائين! سڏايين پانهنجو.

33-            دلوءَ ڏيئي دلاسو، کڻي ويهاريو وير

مڇڻ ماندو ٿين مورڙا! هُنيون ڪر سُڌير

کيڻ کنڊون ۽ کير، توکي مولو ڏيندو مورڙا.

34-            لکي موڪو لاڏلي، ڀائن ڏانهن پيغام

”سون مياڻي“ سڀ کي، ساري جو سلام

نٿو ڇڏيم بادشاهه، ڏئيم اِنعام ۽ اِڪرام

لاهجو غيرت تـﺂن غلام، ٻابا! مون تان روح رنج جو.

35-            خط اوباهي پڙهيو، پَر ۾ پروانو

لکيو ڏسي مور جو، ٿيو تن ۾ توانو

چئي: ڏوهه ڪنهن جو ڪونڪو، هي حڪم ربانو

هاڻي ڀائر ڀري جانو، وري وٺي اوچو وريام کي.

36-            آيا ٻانڀڻ واهه تي، ڀائر ميڙ ڪري

هل سون مياڻي سپرين، تون ادا پير ڀري

تو ڌاران مياڻ ۾، اسان ڪين سري

اوباهو آهون ڪري، ٿو تو لئي مور! مري

هَلي لڳ ڳري، ٻيٽا! پنهنجي ٻاپ کي.

37-            سون مياڻي سپرين، آءٌ هلي ڪريان ڪوهه

سڻي سُهما ڀاڄاين جا، مون کي اندر ٿيو اندوهه

لٿو راڄن تان روڪو، منهنجي ويٺي وانٽي وٺڻ جو.

38-            جوين سندي ڳالهڙي، ڪاڪا ڪجي نه ڪَن

تون ادو اسانهجو، اسين جويون وجهون ٻَن

اهي مَر پيون پسرن، کليو ويٺو کاءُ تون.

39-            ڏمر ڪڍي ڏيل مان، ڪيائين ڀائرن سان پرچاءُ

آءٌ ڪريان ٿو ڳالهڙي، ادا آئين سڻجاهه

ڪلاچيءَ جي ڪُنَ سين، قلعو ڪو مَ ڪجاهه

پرين پريين پار جو، سُڄي ڊپ سٽاڻو ڊاءُ

مون کي ڀانيو ڀاءَ، ته اها مصلحت لايو من سين.

40-            پرچي تن پرين سين، هو ڏينهن اٺين آيو

ڀاڄاين پيرين پئي، گوڌو ڳر لايو

پوءِ سهجان ڪري سعيو، ان کي سَوَ ڏنائون سوکڙيون.

41-            لائي گهڻا ڏينهڙا، وري ويو دلوءَ لوءِ

چئي: مون وڏو وهم ٿيوءِ، جو گهڻا لاتئي ڏينهڙا.

42-            چئي: گهڻا لاتم ڏينهڙا، مائٽن ۾ ويهي

ماءُ پيءُ ڇڏين ڪينڪي، جن کي اڪنڊ اڳيئي [21]

ماڻهو ”سون مياڻ“ جا، ڏڍ گڏيم ڏيهي

ڳالهه ڪريان ڪيهي، حاڪم اُني جي حب جي.

43-            سُنهاڻو سڀني ۾، دانهه منجهه دربار

دُنگ ڏنائينس دست ۾، ويٺو ماڻهن موڪ پيار

قاصد چڙهي آئيو، چئي: چڙهو شوق شڪار

ڪو نه ڪري ٿو ڪيهر تي، سندو اچڻ آر

مڙس ماري مات ڪيا، هن نَو پورا ٻيا چار [22]

شينهن سان سامهون ٿيڻ آهي، سڀ ڪنهن کي لاچار

تڏ سڀئي وڙهيا شينهن سان، صوبا ۽ سردار

پر ڪنهين ڪا نه ترار، وهي سر مٿي شير جي.

44-            تڏ واهي مير مورڙي، تائُوءَ کي تلوار

لهي ليث ڏانهن هليو، لنگهي لڪن پار

کٽي موٽيو مورڙو، جنهن کي سوڀ ڏني ستار

اهو گهوڙو ۽ هٿيار، هئا ان کي بخشبا بادشاهه.

45-            تڏ ڪاهي گهوڙو پڇيو، هن کان دوڙي دلوراءِ

جوان تنهنجي جنگ جي، اها آڏ وَڏائي آءِ

پيءُ ملهايئي پانهنجو، مَر مَرڪي سندءِ ماءُ

گهرين جيڪي گهر کڻي، اٿئي سورهيه مهل سندياءِ

چئي: لاهي ڏن ڇڏاءِ، ”سون مياڻي“ سڀ جو.

46-            تڏ دَلُو دِلاسو ڏيئي، ويهاريو وريام

ٿيءُ داروغو در جو، ڏيئين هٿ ۾ ڪُل ڪمام

هن کي راجا رائر بخشيو، ملڪ معاف مدام

وڃي کڻي ڏيهه انعام، سون مياڻي سڀ جو.

47-            هڪ انعامي اڳي هئا، ٻيو ناڻو هڙ ۾ روڪ

ماني ٿين موڪ، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه تي.

48-            هڪ انعامي اڳي هئا، ٻيو ڏيهه ملين ڏاني

ڦري فهميدن سان، ٿي دولت ديواني

موڪ ٿين ماني، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه تي.

49-            اوباهيو پٽن کي، پاڻ پلڻ آيو

ايڏانهن وڃڻ جو، ابا اَئين پهه لاهيو

اُت خوني وجهي کايو، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾.

50-            ماءُ جهلي پٽن کي، جيجل ڪري آهون

جي وڃن ڪلاچيءَ ڪن ڏي تنجا ڪَلها ڪن دانهون

اهڙيون ملاحيون، ورن ري ولهيون نه ٿين.

51-            ماءُ جهلي پٽن کي، ڳاڙي لُڙڪ اکياءِ

الله! ان ٻچن کي ڪوسو لڳي م واءُ

ماءُ چوي، پُٽاءُ! آئين ڪـﺂنر ڪلاچي نه وڃو.

52-            ڀيڻ جهلي ڀائرن کي، ڪري زبانئون زاري

ڪامل انهيءَ ڪنڌيءَ تي، ڪو مَڇ سُڄي ماري

اهو ڪُن آهي قهري، ائين ڪـﺂنر ڪلاچي مَ وڃو.

53-            پٽ تنهن پڙهيار جا، آتائي آهين

ٻيڙا ڪڍيو ٻاهر ڪريو، بيٺا ملاح مکائين

ريشم منجهان راس ڪيو، پيا واڍيون وٽائين

اولا سندن عاج جا، بيٺا جوهر جڙائين

ڪشتيون ڪوٽ ڪلاچ ڏي، لهواريون لاهين

پهٽا ڪريو مهراڻ ڏي اُڀائي آهين

هاڻِ لکيو لوڙائين، اڄ ڪ سڀاڻي انگ جو.

54-            هڪ انعام اڳهين، ٻيو کنيا پاڻ اجل

اچيو پڇن اوباهي کان، مهاڻا ۽ مَل

ڪلاچيءَ جي ڪُن جي، گهاتو! ڏي ڪا ڪل

بابا! ڪر نه جهَل، سندي ڪُنَ ڪلاچ کان.

55-            ڏس ته ڏيندس ڪو نه جي هونديم سڌ سرير ۾

انهيءَ کانچ خيال کي، لاهي عاقل ڇڏيو ڇو نه

آن کي ڏس ڏيندس ڪو نه،جو اَٿوَ ڪرڳل انهيءَ ڪُن ۾.

56-            مهاڻي ملاح وٽ، آيا وير وري

ڪامل! انهيءَ ڪوڙ جي، ٻَڌج ڪامَ ڀري

ڏي ڪا سُڌ سري، ته ڪُن گهڙيو ڪو ڪڏهين؟

57-            اتي ساڳين ساڻ سچي ڪئي، پهريندي پڙهيار

ته وڏا مهاڻا ملاح هئا، دانهن دعوادار

پاريئون شرع رسول جي،سنت سچي سردار

پر ڪلاچيءَ تڪرار، ڪو نه گهڙيو ڪو ڪڏهين.

58-            ڪلاچيءَ جي ڪُن کي، ڪيئن ٻهڳڻ وجهون ٻن!

دانهه ديواني مڇ جي، شابس نه وڌيئي ڪن!

ماري مڇ مڇن، وڃي ڪڍون ڪُن ڪلاچ مان.

59-            توبهه جا تنهن ڪئي، پرچي ڪين پڙهيار

ازل کنين اوچتو، اچيس ڪين اعتبار

گهوري ڪُن ڪلاچيءَ تان، مڇ ڏينداسون مار

مڇ ماريون، مير چئي، شملا ڪري شڪار

هاڻي ڪڇـﺂن سان واپار، ڪندا ڪـﺂنر ڪلاچ ۾.

60-            گهر ۾ گهاتوئڙن جا، پيا رڇ سونهن

مَٽ ملوڪن رکيا، رڇ به راڇاڙن

حڪيم ٿين حڪيم جو، ڪونهي ڏوهه ڪُنن

پوءِ پُٽن پوشيدن، ويهي وياچي ڳالهڙي [23]

61-            گهاتو گهوڙڻ هليا، ڏيئي رڇن کي رڱ

ڪلاچ نه ڏسي مهندئون، سياڪا ۽ سڱ

ڌوڃ هئا جي ڌڱ، سي ڪـﺂنر ڪلاچي جهليا.

62-            گهاتو گهورڻ هليا، ڏيئي رڇن کي پاهه

اهڙائي ملاح، ڪـﺂنر ڪلاچيءَ جهليا.

63-            گهاتو گهورڻ هليا، ڇڏيائون اوطاق

نَو سـﺂ ٻيڙو گام جو، هُونگ پوي پئي هاڪ

پڳهه کڻي پُريا، مٿي ڪُن قزاق

دانَهه ساڻ دماڪ، بيٺا اولا ڏين عميق ۾.

64-            اولا ڏين عميق ۾، سڙهه ڪيائون سَر

سانبو هيون ۽ رڇ هئا، واڌو ٻيا ويتر

سڀ ڪو موٽيو گهر، خوش ٿي خاطر پانهنجي.

65-            خوش ٿي خاطر پانهنجي، موڙيون مڪڙيون ملاحن

ورندي ٻيڙي وير تان، ڪا ايرادي آندن

اُت ڪَڇئين جي ناڀن، رڇ کڻي هو روڪيو.

66-            جهليو جوان زور ڏيئي، بيٺو ”لَلو“ ڪرارو

ڄولي ڪڍان ڄار سين، جي هجي وڻ سڄو سارو

ڀائرا! ورو، ڪري وارو، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.

67-            تڏهن ان کي اُتهين، پهرين چيو ”پڙهيار“

چار پهر ٽٻي منهنجي، آهي هٿيڪي هڪوار

ان وعدي نه وران، ته رهيس منجهه پاتار

پوءِ ڄيري وجهي ڄار، اَئين موڙي وڃجو مڪڙيون.[24]

68-            ٻيو چئي ادن کي، ”سانئر“ ڳالهه ڪر

ٽپهري ٽٻيءَ جو، منهنجو واجهه وري

ڪندس وس ورڻ سان، ٻيو ادا ڪو م گهڙي

پوءِ اهڙا ڪم ڪري، ائين موڙِ وڃجو مڪڙيون.

69-            ٽيو ادن کي چئي، ”مانجهاندو“ مذڪور

پهرن ٻن ٽٻيءَ جو، آءٌ ڄاڻان ٿو دستور

انهيءَ وعدي نه وارن، ته ٻيو گهڙي ڪو مَ ضرور

پاهون ورائي پُور، آئين موڙي وڃجو مڪڙيون.

70-            چوٿون چوي ادن کي، ”للو“ لاڏ منجهاءِ

پهر ڏيڍ ٽٻيءَ منهنجي، اٿوَ هٿيڪي ساهه

انهيءَ وعدي نه وران، ته پورا ڏينهن ٿيا

تنهان پوءِ منهنجا ڀاءَ، اَئين موڙي وڃجو مڪڙيون [25]

71-            پنجون اُت ادن کي، ”هنج“ چئي ٿو هيئن

پهر هيڪ ٽٻيءَ جي ساعت ڄاڻان سينءَ

ان وعدي نه وران، ته پوءِ پورا ٿيڙا ڏينهن

اڃا سڄ نه مٽي سيئن، ائين موڙي وڃجو مڪڙيون[26]

72-            ڇهون ادن کي چئي، اڳيان ”اڱاريو“

ڪندس وس ورڻ سان، جي واليءَ ڏنو وارو

مُنو پهر ماٺ ڪجو، اتي ائين ڀائرو!

تنهان پوءِ يارو! ائين موڙِ وڃجو مڪڙيون.

73-            ڪِري پيڙو ڪُن ۾، ”پڙهيار“ پهريائون

وٺي رس رمي رهيو، سٺ پُرهين تائين

ڪڇئون هو ڪُن ۾، ڪو انت نه اُتائين

ترت گهڙڻ تائين، کڻي ويريءَ ڪيڙو وات ۾.

74-            ٻيو ڪري پيو ڪُن ۾، ڪري ”سانئر“ الله توهار

وٺي رس رمي هليو، پهتو منجهه پاتار

ڪڇئون هئڙو ڪُن ۾، پنهنجي خوءِ خمار

ويندي تنهين وار، او پڻ ان گمائيو

75-            ٽيو ڪِري پيو ڪُن ۾، مانجهاندو مهميل

وٺي نوڙ نمي هليو، اوڙاهه منجهه عليل

ڪڇئون سندي ڪُن ۾، هئي گڙدن واهي گيل

آءٌ ڪيئن موٽان پوئتي، جو منهنجا خان گمايائين خيل

ويندي تنهن ويل، ٽيو پڻ هن گمائيو [27]

76-            چوٿون ڪري پيو ڪُن ۾، ”للو“ صورت لال

وٺي رس رمي هليو، اوڙاهه ۾ الحال [28]

فڪر ڪري في الحال، او پڻ ان گمائيو.

77-            پنجون ڪِري پيو ڪُن ۾، ڪري ”اڱاريو“ آهه

وٺي نوڙَ نمي هليو، سٺ پُرهه اوڙاهه

ڀائر منهنجا ماريا، ٻيلي هئا جي ٻانهه

ڪاڏنهن چريو ڪينڪي، ڪڇئون مست متاهه

ويندي تنهن وسيلاهه، ان پنجون پڻ گمائيو [29]

78-            ڀائرن ڀيرو نه ڪيو ”هنج“ ڇهون ٿو روءِ

محبت نه موٽيا پوئتي، لال ڇڏي ويا لوءِ

هو ڪري پيڙو ڪُن ۾، مڙني ڪنان پوءِ

گڏ کنيائين گوءِ، اُو پڻ اُن گمائيو.

79-            اولڻ لڳيون اوليون، ويڙن سڙهه ملوڪ

ويڌن ويچارن سين. ٿي هنڌين ماڳين هوڪ

ڌَڌَ ڌَڌاڻا ڌوڪ، ڀيري ڀَنن جَهليا.[30]

80-            ڪڇئون مارين ڪُن ۾، رات مٿان پيئي

اوليون اُجهڻ لڳيون، ويڙن وجهه وَهي

ڪلاچئون ڪَهي، ماري مڇ نه موٽيا.

81-            ماري مڇ نه موٽيا، هنئين ملاحن هور

نه ٿيو اوباهيي کي، ڄڻ ملاح به مور

تن عاجَوَتين اَڌ ڪيا، ڳهه ٽوڙيائون زور

هاڻ جُهٽ ٻَڌي جهور، تن ڀيري ڀَنَڻ جَهليو.

82-            ڀيري ڀنڻ جهليو، سڄڻن لاءِ سَٽي

مادر ملاحن جا، ڪڍيو پار پٽي

ويٺي رهي وچ تي، هڻندي ڪين هُٽي

هاڻي ڪانڌن ڪاڻ ڪُٽي، ملاحن ڪيا منهن رتڙا.

83-            وَٺيو ڀَر ڀائرن جي، ”سيرهين“ سڏ ڪري

اوڏا هئا تان آئيا، جڪس ويا پري

آءٌ روئان ڪيئن ڪري، ڪـﺂنر ڪلاچيءَ جهليا [31]

84-            ملاحن ڪيا منهن رتڙا، ڪُٽي ڪانڌن لاءِ

مياڻيون رهيون ماتام ۾، سوڙهي هڪ به جاءِ

ماڻهو مُنجو هاڻ مور ڏي، وڃي سُڌ سڻائيس ساءِ

جيڪي ڀڙ هئا تنهنجا ڀاءَ،سي ڪڇئون ماري ڇڏيا ڪُن ۾.

85-            کٿوريون پاڳن ۾، جن جي وارن وانگوڙا

ونهيان پَٽ پرين جا، گهر اندر گهوڙا

ناهي هُل هُٽَن تي، مڙن ٿا ميڙا.

ڀاءُ ڪُن ڀيڙا، تنهنجا ڪنهن اجل اُپاڙي نيا.

86-            نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇُلر ڇَٽ

جتي ڏنڀرين جي، اڳي هُئي اَکُٽ

سي پِڙ پسيو پَٽَ، ماڻهو وڃن موٽيا.

87-            دانهين وڏي دانهڙي منجهه پيهندي ڪوٽ

ماني ڏي ملوڪن جي، هلي مور اَموٽ

ڪڇئون ماريا ڪُن ۾، جيڪي تنهنجا گهاتو هئا گهوٽ

هو جُهٽ پِٽيندي جوٽ، روئندو ويو راءِ ڏي.

88-            روءِ مقابل راءِ جي، وڃي لُڙڪ ڳاڙيائين لال

منهنجا گهاتو گهر نه آئيا، جو ڪﺂنر پَهري ويا ڪالهه

ڪڇئون مارين ڪن ۾، ٻَر ٻَر منهنجا حال

مون سان ڪر ڀلايون ڀال، آءٌ واريان وير ڀائرن جو.

89-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏئي دلوءَ کي دانهون

ڪالهه ڪري ويا ڪُن تي، سورهيه سٽائون

نه ڪو موٽي آئيو، نڪي ماڻهو مُڪائون

ڏسيو سُڃا گهر گهاتن جا، ڪري اوباهيو آهون

ادن ري آئون، ڏک گذاريان ڏينهڙا.

90-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، بيٺو سُڏڪيو سڏ ڪري

هيءُ ڪهڙو ڪو ڪٽ ڪُن ۾، جو نهوڙيو ٿو ني

ڪو گهاتو خبر نه ڏي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا؟

91-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، بيٺو دانهن دلوءَ کي ڏي

ماريان هلي مڇ کي، مون کي ڏي ٽي شيخون گهڙائي

هڪ ڪَبُهه ڪائي جي، سا به ڏي جودئون جوڙائي

قدر جنهن جو ڪيترو، جنهن ۾ هڪ ماڻهو سامائي

ڪُنجي ان جي قيمتي ڏي جوپ به جوڙائي

مون سان مدد ڪرائي، ڪو ڪارڻ رب ڪريم جي.

92-            سڻي مصلحت مور جي، چڙهيو دلوراءِ پاڻ

سنڀري چڙهيو شير سان، ڪڇئون مارڻ ڪاڻ

اچي لٿا آهن جواڻ، طنبو تاڪي تڙ تي.

93-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏسي ڀاڄايون

نڪي نٿون نڪن ۾، نڪي ڪلهن ۾ ٻانهيون

هُن وٽ ڀاڄايون، آيون ڪارا ڪري ڪپڙا.

94-            اوباهيو آهون ڪري، دانهون درد منجها

گهوٽن مُئي گهٽيون ٿين. سڙيو وڃي ٿو ساهه

ستون ڏئي سر سير ۾، ڪوهه ڪڄاڙي لاءِ

چئي: سون مياڻي سپرين، سا مڙيئي اوهان جي آهه

پارت اٿو پيءُ جي، مونجهان پڄاڻاءِ

جن جا وارث آهن ويا، سي سمهنديون ڪيئن سيڄن تي.

95-            سمهنديون ڪيئن سيڄن تي، سي ٿيون ڏک ڏسن

ولهيون ويچارن جا، رويو رند پڇن

مورڙي کي به ملاحن جا، من ۾ مچ ٻرن

ٻيا پيا لک اچن، منهنجا پاڙيچا پري ويا.

96-            ڪڇئون پڇيو مور کان، تون ڪامل آهين ڪير

ڪلاچي جي ڪن ۾، متان پائين پير

هت سُڄان ٿو شير، ڪونهي جناور ٻيو جر ۾

97-            تون جناور سُڄين جر ۾، ته آءٌ مور سڄان ٿو شير

ڪين ڇڏيندس ڪڏهين، ويري توکي وير

ڍونڍ ڪندو سئين ڍير، ڪڇئون توکي ڪُن ۾.

98-            هاڻي ڪل ڀڃي ڪائي جي، ڪيو بانڪي بهانو

جوڙي وڌائين جنگ جو، ثابت سامانو

ڏيئي ڪات ڪلين کان، ڪيس راوت روانو

پوءِ دسيو ديوانو، گهاتو پهرئين گهاو سان.

99-            گهاتو پهرئين گهاو سان، ڪيو خونيءَ کي کيرو

وڍيائين ويريءَ جو، جيءُ بڪيون جيرو

آفرين دلوراءِ چيس، ته ماريو مٿيرو.

ارڏا ڪيئي اهڙو، ڀائرن تي ڀيرو

اهو ڪوپا ڪم تيرو، جوورتئي وير وقوف سان

100-      وٺي وير وقوف سان، وري ڪيائين ور

اچي ڪﺂنر بيٺو ڪلاچ ۾، درس دلوءَ جي در

پوءِ ڏيکاريائين سو ڏر، جتان سانَهن ساهي ڪڍيو.

101-      سانَهن ساهي ڪڍيو، وير وڏو ڪيو وس

ڪي مئا، ڪي مرندا، ڪن جيئرن کٽي جَس

ڪانهي تن کي ڪس، جن چيو ڪلمون نبي ڪريم تي،

لا اِلـٰﮧ اِلَالله مُحمد رسول الله.

——–

 
* هيءَ روايت پهريائين عيسب لاشاري (عمر پنجاهه سال)، ويٺل ڳوٺ روحل لاشاري لڳ دڙو جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. ان بعد اها روايت ڪن بيتن ۾ پڙهڻي جي ڦيرڦار سان سوڍي پٽ گهرام لنجواڻي (عمر پنجاهه سال ويٺل لڳ سامارو) ۽ پوءِ سندس استاد ماڪوڙي پٽ ڪَڪُو رونجهي (عمر پنجهتر سال) ويٺل پٿورو کان ملي. متن ۾ عيسب، سوڍي ۽ ماڪوڙي جي اختلافي پڙهڻين کي ع. س ۽ ڪ جي نشانين سان نروار ڪيو ويو آهي. (ن.ب)
[1] ڪاڪ ماڳ ڀلا محليم.
[2] ڪ چور ئي ڪيا به شڪيم (= سقيم؟).
[3] ڪ. ساڌوءَ تنهن ساميءَ کان – الخ.
[4]  ڪ : ٻاچوءَ پاڻ سنڀاليو،وهلو ٿي ان وار.
[5] ع: ڪراڙيءَ ڪلور ٿيو، بيٺي نت ٽمائي نار.
[6] ع: چئي مرندي ٻُپڙي – الخ.
[7] ع: گهڙو اڙيو مير چئي – الخ
[8] ع: پوءِ پايوپاند ڳچيءَ ۾، اني کي رامون چئي راز.
[9] ع: اوڀايو پٽ ٻاچوءَ کي ڏنو پاڻ خدا.
[10] ع: ”جرڪا“ ڄارڻين ڍنڍ جا، ڪُرڙا پنيو کاءِ.
[11] ع: نو سـﺂ ٻيڙو تن جو – الخ
[12] ع: تن جو مٿو ناهه ڪو، ڀنن ڀيڻيءَ ڀر.
[13] ع: ڏين ڏهاڙي آنڪي – الخ.
[14] ع ”هاريين هورين وت“، س.”هورين هورين وت“.
[15] س: ” لهي لاڳاپا ويا، پري ٿي پهت“، ٻي روايتي پڙهڻي: ”لاڳاپا ڪل لهي ويا، پري ٿيا پاهت.“
[16] س: ايڏو ئي کپت، مون سان ڏيراڻين ڏاڍو ڪيو.
[17] س: ”چئي: اسين ڀڙ پرين ڀائن، ائين جويون هڻو م جک.“
[18] س: ”ڪڏهن سهون ڪينڪي، اسين ڪتر جيڏو ڪک“.
[19] ڪ – ش؛ ”شرطان رکي شور، هو لڏي لهوارو ٿيو.“
[20] ڪ: ”منٿ نه مڃي مورڙي، سڀ ڇڏيائين ڦيري.“
[21] ع هئن اڪنڊ گهڻيئي.
[22] ڪ: ”مڙس وڌائين مات ڪري، پورا پنج ڪي چار.“
[23] وياچي= ويچاري

هي بيت ”شاهه جي رسالي“ ۾ هن طرح آيل آهي:

”جان گهڙنداهه گهاتئا، تان ڏِهو رڇن رڱ

سڳايون ۽سڱ، ڪلاچي ڪين ڪري.“
[24] ع: ”پوءِ ڄولي وجهي ڄار – الخ“
[25] س: ”اَٿان سنهن خداءِ، اوهين مُڙي وڃجو مڪريون.“
[26] ع: ” تنهان پوءِ شينهن – الخ.“
[27] [27]  عيسب لاشاري هن طرح بيت پڙهيو ته:

ٽيو ڪِري پيو ڪُن تي، مانجهاندو مذڪور

ويا تان نه وريا، دانهه ڪنهن دستور

سٽاڻاءِ سور، مون کي پينگن پيهي آئيا.
[28] ع: اوندهه منجهه الحال.
[29] ع: ڏيان ڪنهن کي دانهن، جو ويري ڪيڙا وات ۾.
[30]  ڌڌ ڌڌاڻا ڌوڪ = سمنڊ جون ڇوليون ويرون وري ويون.
[31] ٻي روايت: خبر ڪو نه ڪري،رڇ ڪڄاڙي رنڊئا.

83- هي بيت رسالي ۾ هن طرح آيل آهي:

اوري هئا ته آئيا، جُڪس ويا پري،

ساٿي سڏ ڪري، ماڳ نهاري موٽيا.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :7
روايت[3]*

بيت چَيَل امين ونڊير جا *

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي رازق رب جليل،

مهل تي ماڻهن کي رزق ڏئي سبيل،

مون دوڙايو دليل، توکي معلوم سڀڪا.

2-                  توکي معلوم سڀڪا، راول راءُ رسينم،

”ٻاچو“ ۽ ”ٻاراچ“ هئا، ذات ڀلي بهليم،

حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ راول جوڳي ريم،

ته سبق پڙهاءِ سليم، جنهن مان گن گهڻو ٿئي.

3-                  وڏي سبق شروع ڪيو، ننڍو خدمت منجهه اڳياءُ

عقلوند اڳئي هئا، ٻيو پڙهي پين سماءُ،

ويٺا چوڏهن چاليها، ۽ پڙهيا منڊ مُنهاءُ،

سوڌي ساميءَ کاءُ، هي ڪامل خوب ڪڪوريا.

4-                  موڪلائي ٻارهين ورهيه، هليا سُوڌي ساميءَ کاءُ،

ٻاچوءَ سڏ ڪيو ٻاراچ کي، ادا! اوري آءُ،

آهي اوچو وڻ تي، ڪو آکيرو اڳياءُ

آنا ڳيريءَ کانءُ، تون سيري آءُ سبق سان.

5-                    تڏهن وير چڙهيو وڻ تي، ڪامل قدرت سان،

ڪڍيئين ڪوڙِ هيٺان، آنا ڳيريءَ کان،

کڻيو تن ڪَکن مان، هن پهس لڪايو پاڻ

پکيءَ پيو نه گمان، تهڪو وڃِ چور چوري ڪريو.

6-                    ننڍو وڏي ڀاءُ کان، وير به هو وڌ،

هڻي سورهيه سَنڍُ، منجهان ڪُڻڇ ڪڍي ويو.

7-                    وير لهي وڻ تان، وري آيو وٽ ڀاءُ،

هُتان لاهي مون هِت ڪيا، ڄاڻي هڪ الله،

ڪو جو وريو واءُ، جو آنا ئي اُڏامي ويا.

8-                    جان تون سبق نه سکئين، جان ڪَل پکيءَ پيئي،

نڪو ڪُوڪٽ وچ تي، نڪا بلا ئي ماريئي،

تڏهن ڌتاري ساميءَ ئي، ڪڍيو آهي پاڻ کي.

9-                    ڪَرٽجي ڪارو ٿيو، ڌُٻي چڙهيو ڌر،

وٺي پکيءَ سندا پَر، توکي آڻي آکيرو ڏيان.

10-              تڏهن ننڍو، وڏي ڀاءُ جي ويُر به وٺي ٿو وٽ،

ته نه وڃ ادا، موٽي آءُ، آنا آهن مون وٽ،

تو ۾ قطرو ناهي گهٽ، مون پرکا لڌي ٿي پنهنجي.

11-              تڏهن ڪَلوليون ڪن پاڻ ۾، وهسن ويَر وريون،

مون کي ٿيون مارين، پوشيديون پَريون،

هل شملا شيل ڪريون، ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

12-              پُـُريا انهي پار ڏانهن، دانَهه ديکڻهار،

ڏٺئون سوناري شهر ۾، ڪا مت ڀري موچار،

پوشيديءَ ٿي پاڻي ڀريو، جُهليو منجهه جهالار،

هن کي ٻاڻ ٻاراچ هنيو، وَهلو اُنهيءَ وار،

تڏهن نيڻ ٽمائي نار، هُئي ڪرِاڙي قليل ٿي.

13-              ڪِراڙي قليل ٿي، ورنهه انهيءَ ويل،

اوهين ٻٽ وڃو ٿا ٻيل، منهنجو ڪو بلي ڀيڻي ڪريو.

14-              چي: بلو ڀيڻي ٿا ڪريون، جي اسان آڇين ايءُ،

ڏين سڱ سوناري، جا اٿئي پيٽان ڌيءُ

نه ته جوکو اٿئي جيءَ، ٻهڳڻ مرنديئن ٻه پُڙي

15-              اتي ڳڻيو توريو ڳالهڙي، هي بيٺي ڌيان ڌري،

ته هي وسن ولائت ۾، جتي آهي پنڌ پري.

الائي ڌيءَ ڄمي يا پٽ، ڪي ڄاپندي مري،

اها ڳالهه ڳڻي، هيءُ باسي سڱ ڀري هلي.

16-              لُڏي آئي لالڙي، ٿي درماندي در تي.

مَهتي تنهن مَهتيءَ کان، ورتا دلا ٻنڀ مٿي.

هن جا هٿ اُتي، اُرهه برابر ٿي اٽڪيا.

17-              مَهتو تنهن مَهتيءَ کان، پَهوو پڇي ٿو پاڻ.

ته هاري! هن هٿن کي، ڏاڍا پيڙا ڏاڻ،

سـﺂمل سُرت سُڄاڻ، ڪيئن ڪنداسون ڪامڻي.

18-              ورائي تن ويرن کي، ڪيائين طعام تازا،

صبحئون ساڄا، وڃي چڙهيا ڪلان ڪوٽ تي.

19-              ڪيئون ڪلان ڪوٽ تي، ٻارهين ورهيه ورُ،

گهريئون سڱ سوناري کان، هو پڇي پنهنجي پَر،

هاريا! هيئن نه ڪر، نه ته ڏيان ٿو دانهن”دلوءَ“ کي.

20-              ٻاچو چيو ٻاراچ کي، ته ڏس سوناري جاڙ ڪئي جا،

ٿيءُ درويش در تي ۽ راول کي رات وهاءِ،

اُٿي چوريءَ چاءِ، سانجهيءَ ڪو ستينو ڪري

21-              کنيئون سوناري شهرمان، اُٿي آڌيءَ رات،

پرور! تون پت رهاءِ، اها وائي ويرن وات،

پرهه ڦٽيءَ پرڀات، دانهه پهتا ٻيءَ دِس ۾.

22-              دانَهه پهتا ٻيءَ دس ۾، هئا ذات ڀلي بهليم،

ڏئي رت تعظيم، کڻي وڏي پرڻيو نار کي.

23-              ٿيو هيڪلڙو ٻيليءَ ري، رت رنائين راس،

پوءِ توبهه ترت ڪياس، ويئي چوري چِت مان.

24-              پوءِ ٻاراچ گهر ”اوڀايو“ ڏنو پُٽ خداءِ،

پيءُ مُئي ڇورو ٿيو، پيو ٽڪر لاءِ واجهاءِ،

ڄرڪا ڄاروڙي ڍنڍ جا، هو ڪُرڙا پنيو کاءِ،

پوءِ ملاحن پرڻاءِ، کڻِي وير ويهاريو وچ ۾.

25-              ڇهه پٽ پهرين مان، پرڻيو پوءِ ٻي جوءِ،

جنهن مان ٿيو مورڙو، پرڏر ڄائو پوءِ،

لوڪ مڙوئي چوءِ، ته هين اٺين ڀيڻ ”سيرهين“.

26-              شهر ٻڌائون پنهنجو، بنائي بهتر،

ڪئين اولا عاج جا، سڙهه مٿي ئي سر،

نو سو ٻيڙي گام جي، جنبيو گهڙي جر،

مڏي تن ملاحن جي، تيرهن ويهون تَر،

ڏئي لک دلوءَ جي در، راءِ رکي راضي ڪيو.

27-              جوڙي ڏني جُنگ کي، ڀائرن ڀلي جاءَ،

مٿان ڇانو ڇهن جي، هئي چو رنگ تي چوڌار،

مور نه ڄاڻي مورڙو، سندي مئڪي ڪار،

پاڻي گهڙن پار، مور نه سکيو مورڙ.

28-              جوڻس ٿي جاڙون ڪري، ”گاندلي“ ڪنهن گاءِ،

سُهمان تن شريڪن جا، مون سارو ڏينهن سٺاءِ.

تو ڀيري تو ماءِ، ڇو ويائي مورڙا!

29-              چي: آءُ ڀڙ پرين ڀائرن جو، اوهين جويون ماريو جَکَ،

اوکيءَ ڏيندم آڪرو، سڏ برابر سَڏ،

ڪين سهندم ڪڏهين ڪوسو ڪڪر ڪَکَ،

اهو مڙد ڪهڙو پئي اُڏ،[1] جو نر چئي لڳي نار جي.

30-              ڏنا ڏيراڻين مهڻا، مڙي وارو وار،

ته جان وِهُه ڏيئي ور مار، جان ڪر ڪاپو ڪامڻي.

31-              اهي پنهنجي ڪن آيو، سڻندو مانجهي مور،

مڏي تنهن ملاح جي، هنيئون لپٽيو هور،

ڪري دل ۾ دور، رُسي هليو مورڙو.

32-              جويون پَلي پانهنجون، ويا ڀائر ميڙ ڪري،

ميڙ مڃيائين ڪينڪي، اماڻيائين ڀيري،

ڇني سڱ ساڃاهه جو، ٿو نر به نبيري

ته دلوءَ جي ديري، وڃي ٿيندس نوڪر نام جو.

33-              ڪير آهين ڪاڏي وڃين، هِت ڪُڏائين ٿو ڪيڪان

جي: پٽ اوڀائي ملاح جو، ”مور“ منهنجو نام،

سون مياڻي منهنجو گام، شهر اسان جو پڌرو.

34-              دلوءَ ڏيئي دلاسو، ويهاريو وچ وير،

مڇڻ من ماندو ڪرين،هينئڙو جهل سڌير،

پوءِ کيڻ مٺايون کير، توکي مولا ڏيندو مورڙا.

35-              ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي، ويا ڀائرس ميڙ ڪري.

ته آهون ڪري اوڀايو، ٿو تو لاءِ مورَ مري،

پُٽ تنهين پيءُ سان، هلي لڳ ڳري،

سون مياڻي گام تي تون هل پير ڀري.

سوا تو نه سري، من اسان جو مورڙا

36-              سون مياڻي گام تي آءُ هلي ڪندس ڪوهه،

مهڻا اٿم من ۾، اٿم هنئين جو اندوهه،

راڄين لٿو روهه، منهنجي وانٽي ورهائڻ جو.

37-              مور پرچائي پريت سان، تن ڪنهن پر موٽايو،

مليو پيءُ پٽ سان، ڳوڌي ڳر لايو،

پيرين پئي ڀاڄاين سو، پر ڏر پرچايو،

تن سورهين ٿيو سايو، جن سَوَ ڏنا هئا صدقو.

38-              سون مياڻيءَ مان وري، آيو دلوءَ لوءِ،

اهو وهم سندوءِ، جو وڃي لاتئي ڏينهڙا.

39-              مون جي لاتا ڏينهڙا، ٿي ڀائرن ۾ ويهي،

ماڻهو شهر مياڻيءَ جا، مون کي ڏر گڏيا ڏيهي،

ڳالهه ڪريان ڪيهي، قبلا توسان ڪوڙ جي.

40-              سڀين پريين سيباڻو، دولهه منجهه درٻار،

دُنگ ڏنائينس هٿ ۾، تون دارون درس پيار،

چڙهيا شوق شڪار، جو ڪرڳل ڪوڪي آئيا،

41-              ڪيهر سان ٿو ڪو نه وڙهي، تون آئيءَ ڪارڻ آءٌ،

مور وڄائي واگهه کي، تائي منجهه ترار،

وڃي پهتي پار، سئين لنگهي تنهن ليث کي.

42-              ڀلي ڄائين مورڙا، تنهنجي نچ ويائي ماءُ،

جَهت اوهان جي جنگ جي، ڪا آڏ وڏائي آءِ

جيڪي گهرين سو ڏيئين، گهوڙا سر سپاهه،

چي: ڏن اسان تان لاهه، سون مياڻي سڀ جو.

43-              ڏينهن تنهن ڏنائينس، سونَ مياڻي دان،

اٿوَ ڏيهه انعام، اوهين وڃي گهوريو ماريو گهاتئا!

44-              پُٽَ ڍنڍون ۽ ڍورا، آهن ڪئين ڍير،

ڪلاچيءَ جي ڪُن جو، اونو وڳي مٿان وير،

پَٽ نه پائجو پير، جو ڪڇئون سڄي ٿو ڪُن ۾.

45-              پُٽ اوڀائي پڌرا، جيئن ٿي ساماڻا،

تيئن مارين گهور اگهور ۾، ڀڻا مَرڪن مهاڻا،

ماريو تنهن مڇيءَ جا، ڪن ٿڙمَ وڏا ٿاڻا،

تن کان سوين ساٽيا، ڪريو وڻج واڻا،

پوءِ نيڪ ٻڌيو ناڻا، ٿا پتيون ورهائين پاڻ ۾.

46-              پٽ اوڀايل پڌرا، ڏيهه جَني ڏاني،

ڦيهي ٿي فهيمن کي، دولت ديواني،

موڪ جني ماني، وهم تني کي ويڙهه جو.

47-              وهم جني کي ويڙهه جو، جن کي هڙ ۾ ٽَڪا روڪ،

ماءُ پليندي نه رهيا، ڏيندي متيون لوڪَ،

ماني جني موڪ، هو وهم تني کي ويڙهه جو.

48-              اوڀايا! آهين، پُٽهين، ڪنهن پرياڻ ۾،

واجهه وٽايو پَٽ جا، ٿا ڪلاچيءَ ڪاهين،

واحد ورائين، ٻيڙا رکي ٻاجهه سان.

49-              اوڀايو پٽن کي ٿو چڱيءَ ڀَت چئي،

انهيءَ مانگر مڇ جي، ٿي ڳري ڳالهه سُڄي،

جيڪو پئي مُنهن مڇ جي، تنهن جو موٽڻ مس ٿئي،

رکيو چنبا ڀَن تي، هو واريو وات وجهي،

خاوند خير ڪري، جو ٻيڙا اچن ٻاجهه سان.

50-              رهيا پهيا ڪينڪي، وڃي ورتائون سير،

اوڀايو پاڻ پٽن لاءِ، بيٺو پوڄي پير،

اتر واءُ نه لڳڻو، لڳ ڏکڻ جي هير،

دليئون دستگير، ٻيڙا آڻج ٻاجهه سان.

51-              ٻيڙا آڻج ٻاجهه سان، پنهنجو رب سنڀار،

لنگهي تکو ۽تار، اچي لٿا ڪلاچيءَ ڪُن تي.

52-              لٿا ڪلاچيءَ ڪُن تي، ات ونجهه به کوڙيائون.

سڙهه سنوان لاڄو نوان، ورتون ويڙهيائون،

ٻيڙا لال لنگر سان، چـﺂرنگ چٽيائون،

اتي سُئائون، وڃي ڳالهيون مانگر مڇ جون.

53-              لٿا ڪلاچيءَ ڪُن تي، ٿو ڪڇئون کين چوي:

وريام اوهان جو پيءُ اوڀايو آهي،

ڪلاچيءَ جي ڪُن سان، هن جي اڳئي سڳنڌي آهي،

اوهين وڃو ورائي، جي ڪاهي آيا آهيو ڪُن تي.

54-              مَتو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿونا هڻين،

توتي ماري آئيا، اچي منڊيا اٿن رڇ،

جهلج مٿو مڇ، مهميزون ملاحن جون.[2]

55-              مهميزون ڏيئي ملاح، هتي ڪئين خان کَپي ويا،

پرو ڪلاچيءَ ڪُن جو، آهي ورتو هڪ الله،

نوَ لک نر سپاهه، آهي ڪُڇئين ڪُل کپائيو.

56-              اتي مڙيو ڀائر پاڻ ۾، بيٺا مصلحت ڪن،

ته انهيءَ مانگر مڇ جا، پاڻ کي چٽا ڏس سُڄن،

هاڻي ميا ڪيئن موٽن، جي ڪاهي آيا ڪُن تي.

57-              سر سي ڏسي سير جي، ماندا ٿيا ملاح،

واڇت ناهي وير جي، ونجهه به ناهي جاءِ،

هاڻي شرم رکج شاهه، لائق لاڳي جا ڌڻي.

58-              الله جي آس ڪري، رڇ منڊيائون روڙ،

وڃي ڪڇئون ڪٿ ڪيا، ڏاڍي زور ضرور،

پوي ڪا نه پروڙ، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا؟

59-              وجهي وات رڇن ۾، هن ديو ڏني دونڌاڙ،

پاڻي پاڇيليون ڪري ۽ مڇ ڏڪن ڏهڪار،

پوءِ منهن ڪڍي منهن ڪار، وڃي پيو پاڻيءَ تار ۾.

60-              موڙي آيا مَڪُريون، مٿي ڪُن ڪَهي،

ڳوڌن ڳورانڀا ڪيا، جن کي ويڙا رڇ وڻي،

پوءِ گهاتوئڙن گهڻي، ٿي دلگيري دل ۾.

61-              ننڍو وڏي ڀاءُ کان، پڇي ڳوڌو ڳر لائي،

ته توکي ظاهر زور جو، ڪو آزمودو آهي؟

چي: ورائي ورک کي، پاڻي جي ٻوڙي،

اڙي رڇ انگهن ۾، تنهين سان توڙي،

سو پاڙان پتوڙي، ڄـﺂڙي ڪڍان ڄار کي.

62-              اتي تن منجهان هڪڙو، بيٺو ورت ٻڌي،

ته خبر منهنجي خير جي، اٺين پهر اچي

جي خبر اچي ڪا نه ڪا، ته وڃجو واجهه وڍي،

تهان پوءِ اڳي، منهنجي جيئڻ نه ڪجو آسرو.

63-              مڙنيان آهي ”هنج جي، ٽٻي پهر به ٽي،

سَگهي ڪل ڏيندس ڪُن جي، جيئرو هوندس جي،

خبر اچي ڪا نه ڪا، ته وڃجو واجهه وڍي،

تهان پوءِ اڳي، منهنجي جيئڻ نه ڪجو آسرو.

64-              اَهلي پيو اوڙاهه ۾، ”مانجهاندو“ اُن ماڳ،

هٿ کڻيو هڪلون ڪري، هاڻي ڀائر ملون ڀاڳ،

اهو لڳي ڪنهن لاڳ، وڃي رپ رَهائيو.

65-              اَهلي پيو اوڙاهه ۾، وڃي اَٽل ”اڱاريو“،

وڃي پاڻيءَ تار ۾، هن تاروءَ تنواريو،

هي به ساجهر سوارو، وڃي ٿيو ڀيڙو ڀاءُ سان.

66-              اَهلي پيو اوڙاهه ۾، وڃي پاڻيءَ ۾ ”پڻهيار“،

ڌنڌوڪار دماڪ سان، هو ڪڇئون ڪارونڀار،

سٽيائون سردار، جو مانجهي ملاحن جو.

67-              ٽپي وڏو نڪتو، تن ڀائرن لاءِ ڀڙڪي

هڪل هنيئين ڪن مٿي، ويڙو مڇ ڏڪي،

هو پڻ اتي وٺجي ويو واڳوءَ جي وات ۾.

68-              رڇ اڇلائي ريل تي، ”ويڌوءَ“ کنيو ونجهه،

ڪب وٺيو ڪوڪون ڪري، هاءِ هاءِ ڪري هنجهه،

هن کي به ماءُ پيو هو منجهه، جو ويو واڳوءَ جي وات ۾.

69-              اُٿ، اوڀايا اَسري، خبر تن آئي.

کاهوڙي کائي، تنهنجا خونيءَ سڀ کپايا.

70-              ورهه اڳي هو وڍيو، ٻيو هنئين پيس هور،

دلوءَ جي درٻار مان، مون کي ڪوٺي ڏيو مور،

اهو جو آهي چور، سو سٽ نه سهندو مور جي.

71-              ماڻهو مُڪئون مورڙي، سنڀائي سوئي،

ته ڀائر تنهنجا مورڙا! ڌڱ ڇڏيا ڌوئي،

پسي حقيقت حال جي، هن راءَ ڏنو روئي،

ساري سڀيئي، هلي ڪڍ ڪلاچيءَ ڪُن مان.

72-              ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو دانهن دَلوءَ کي ڏي،

ته وانجهي ونجهه کڻي ويا، ڪالهه ڪلاچيءَ ڏي.

ٻي مدد مڱان ڪا نه ڪا، مون کي ڪائو ڪات گهڙائي ڏي.

اسان ۽ مانگر مڇ جون ڳالهيون ڪندا ڪي،

مڙس ملهائجن سي، جي ڪاهي وڃن ڪُن تي.

73-              ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو پسي ڀاڄايون.

ٿلهيون نٿون نڪن ۾، ڪلهي ڪر ٻانهيون[3]

اهڙيون ملاحيون، سي ورن ري ولهيون ٿيون.

74-              پئي پٽ پنجاپ ۾، جُڏي جهانءِ جهڪور،

عاج ڀڃيو اڌ ڪريو، ڪن ڳهه ڳٽ ڳاڙها ڀور،

ورج وَهلا مورڪ، متان ترسين تار کان.

75-              ڏسيو اوتارا ان جا، رويو مري ماءُ،

سڻندي ساڻ سڙي ويس، جيرا جوش منجها،

اوهان ري ٻيٽا، ڪنديس آرا ڪن سان؟

76-              وجهيو ڀاڪر ڀَنن ۾، ٿي سير هين سڏ ڪري،

ته نيڻين ننڊ حرام ٿي، مون ڀينر ڀائرن ري،

اوڏا هئا تان آئيا، جيڪس ويا پري،

ويهان ڪيئن ڪري، جوگهاتو گهر نه آئيا.

77-              اتي مور ملاح، اچي ڪئي ڪپر تي ڪوڪار،

ته جن ٻيٽ هلايون ٻيڙيون، سي جر ۾ گهڙيا يار،

ڪيڏانهن ڪيئي ڪڻهيار، جن ڀَن جهليو ٿي ڀر ڏنا.

78-              سانوڻ بڊو گذريو، آئي اَسوءَ جي وارَ،

اوڳا مڇ ”امين“ چئي، توکي کِيو آهي خمار،

ڪتا منجهه ڪپار، توکي سَوَ چُٽائيندس چـﺂرٽيا.

79-              ڪر نه مقابلو مون سان، تون مورڙا ساڃهه ڪر،

چي: تنهنجي ڀر مٿي ڀڏر، ڏيکاريندس ڏيهن کي.

80-              ڪائي ڪَل ڪري، هو پانهه ويو پيهي،

وڍيائين ”ونڊير“ چئي، تنهن ويريءَ کي ويهي،

چي: ديوءَ سندي ديهي، ڏيکاريندس ڏيهن کي.

81-              ڏيئي ڪات ڪَلين کان، ڪيس راوت روانو،

ڌنڌوڪار دماڪ سان، آهي مڇ به مستانو،

دسيو ديوانو، وڃي گهاتو پهرئين گهاءُ سان.

82-              وڍيائينس ”ونڊير“ چئي، هنيون، بڪي، جيرو،

ڀائرن تان ڀيرو، ارڏا اهڙو ئي ڪجي.

83-              موڙي آيو مڪڙيون، مٿي ڪُن ڪپر،

سورهه ٿي سٽون ڏنيون، ڏيو واڍين کي وَرَ،

هڪڙو جَوُ جبر، ڪڇئون چريو ڪينڪي..

84-              مڇ ماريو آهي مورڙي، تون دُلو جهلج دَل،

تريون وٺي طبيلن مان، سئائون اچي جهل،

ٻيو ميڙج ماڻهو مل ته مڙي ڪڍن مڇ کي.

 
* هيءَ روايت سليمان جهانجهڻجي، ويٺل هوسڙي، ضلعي حيدرآباد جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.
* هي بيت مير ٻگهيي وارن بيتن سان گهڻي قدر ملن ٿا. ”ونڊير“ ذات جي ڪنهن سگهڙ ٿوريءَ ڦير گهير بعد هي بيت چيا آهن، هڪ بيت ۾ ”امين“ جو نالو اچي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ”امين ونڊير“ نالي شاعر هي بيت سٽيا هجن.
[1] پاراتو.
[2] رسالي ۾ هيءُ بيت هن طرح آهي:

متو آهين مڇ، ٿُلهو ٿيو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
[3] مير ٻگهيي جي بيتن واري روايت موجب:

”نڪي نٿون نڪن ۾، نڪي ڪلهي سر ٻانهيون“
. 80-82 بيت ”ونڊير“ نالي ڪنهن شاعر جا آهن، جو راوين طرفان شامل ڪيا ويا آهن.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :8
روايت[4]*

1-     ”ٻاچو“ ۽”ٻالاچ هئا، ذات ڀلا بهليم،

گهارين ڪِلي ڪوٽ ۾ مٿي ماڳ مهيم.

سکر کـﺂن سوناري کڻي، ڦڪل ساڻ فهيم،

بديءَ کان بدنام ٿيا، چوري کـﺂن چڪيم،

پوءِ ترت ڏيئي تعظيم، وڃي وڏو پرڻيو نار کي.

2-                  ”اوباهيو“ ٻاراچ کي ڏنو پٽ خداءِ،

طرحين ترتيبان ڪري، ستت ڪي ساماءِ،

پر پيءُ مئي ڇورو ٿيو، مري ويڙيس ماءِ،

تڏهن ڳرڙا ڳروٽين تي، ڪُرڙيون پنيو کاءِ،

ڪار سکيو هو ميئڪي، هنر سرس سواءِ،

پوءِ ملاحن پرڻاءِ، مير ويهاريو وچ ۾.

3-                  ڇهه ڄڻيائين هڪ مـﺂن، گهوٽ پرڻيو ٻيو گهر،

ننڍيءَ پيٽئون ”مورڙو“، ٿيا ست سڀر،

اٺين ڀيڻ ”جمڙي“ جنهن ڀائن مٿي ڀر،

ٻڌئون شوق شهر، سون مياڻي پانهنجو.

4-                  ”پنهير“ ”اڱاريو“ پاڻ ۾، ڀاءُ ”مانجهاندو“ ڀانءِ،

چوٿون جَلو جُنگ جوهري، پنجون هنجهه ڪراڙو هانءَ.

ڇهون ڀاءُ ننڍو هو، ”للو“ جنهن جو نانءُ،

سون مياڻي گانءَ، شهر ٻڌائون پانهنجو

5-                  ستئي پُٽ ”اوباهي“ سندا، دانهه اَڙيا در،

پرڻائي تنهن پورا ڪيا، ناڻو ڀري نر،

ڇهه ڇڪين ڄار کي، ستون ويهي گهر،

مور نه سکيو مورڙو، ڪا پاڻيءَ گهڙڻ پر،

پر ڀائر آڻيو گهر، ويٺي وانٽو ڏينِ پيا.

6-                  ڏنا ڏيراڻين ميهڻا، ساهيڙين ستت،

چي: ڪانئر ورجي ڪامڻي هاري هوريين وت،

ناهه شريڪي پاهت، اسان ساڻ تنهنجو.

7-                  ويٺي وانٽو نه ملندءِ ڪنهين ڀاڱي ڪور،

ڪانئر ڪم جو چور، تنهنجو ڪانڌ نه ڪم جو ڪوڏيو.

8-                  انهيءَ ور کـﺂن ولهي ڀلي، وڃي پيڪن گهار،

جان وِههُ ڏيئي وُر مار، جان ٻُڏي مر ٻيڙي

9-                  رويون رويون رت، اچي معلوم ڪيائين مور کي،

چي: سيڱين اچ ستت، ڏنا ڏيراڻين ميهڻا،

10-            چي: مر وات وڃائين پانهنجو، جوئر مارين جک،

ڪتر جيڏو ڪَک، ادل آن تي نه سهندا.

11-            چي: ادا آن کي ڏين، سڏ وهيڻو سَڏ،

هڏ سڱيڻو هڏ، آءٌ ته ادن جو آهيان.

12-            وري ويڻ ٻڌندو آئيو، پنهنجي ڪنين مور،

ملي ويو ملاح جو، هنيان لپٽي هور،

لڏي هليو لاڏڪو، شرط ڪري اي شور،

ترت رکيائين طور، ٻهڳڻ ڀانڀڻ واهه تي.

13-            جوئر پلي پانهنجون، آيس ڀائر ميڙ ڪري،

موٽ مانجهي مورڙا، پوئتان پير ڀري،

توڪاڻ مور! مري، اوباهو آهون ڪريو.

14-            ميڙ نه مڃي مورڙي، ڇڏيائين ڦيري،

اچي دلوءَ جي ديري، لٿو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

15-            دلوءَ دلاسو ڏئي، وٺي ويهاريو وير،

مـُونجهُو ٿي نه مورڙا، هينئڙو ڪر سـُڌير،

جيڪي کائين کنڊون کير، سا مولا ماني موڪ ڏني.

16-            دُنگ ڏنائينس هٿ ۾، دارون درس ورهاءِ،

دم تنهين اُت لاءِ، ڪڙول ڪوڪي آئيو.

17-            ڪڙول ڪوڪي آئيو، دلوءَ جي درٻار،

مڙس ماريا آهن مامري، نَو پورائي چار،

ڪيهر سان ڪير ڪري، آرڻ مٿي آر،

پاڻ چڙهي سرڪار، يا چڙهن صوبا سڀئي.

18-            وير وڄائي واگهه کي، تائيءَ منجهه تلوار،

لڪ اٿائين ليث جو، پيس لنگهيئي پار،

چي: جيڪي گهرين سو لهين، دلوءَ جي درٻار،

چي: لاهه ڏن ڏوار، ”سون مياڻي“ گانءَ جو.

19-            نو سـﺂ ٻيڙي گانءَ ۾، هئي تيرهن ويهان تر،

ڇتين سانبوهين سان، وري هئا ويتر،

انهن ڪمي ڪا نه هئي، جيڪي ڀَن جهلين ٿا ڀر،

ڏين ڏهاڻي ڏانـِڪي، لک دلوءَ جي در،

ٻي جيڪا اُڳڙي زر، سا کڳل کائين پاڻ ۾.

20-            ڀڙ مُڪو ڀائرن ڏي، پيءُ مَڻي پيغام،

چي: هي گهڻو انعام، راڄيي راور ڇڏيو.

21-            موڪلائي ملوڪ کـﺂن، مور مياڻيءَ آيو،

ماءُ – پيءُ مانجهي مورڙو، ڳوڌو ڳر لايو،

ڀاڄاين پيرين پئي، پرنهه پرچايو،

جمڙي آئي جـﺂنس کـﺂن، جنهن وارو وڳايو،

جُمڙيءَ چيو مور کي، ادا! تنهنجو اچڻ اجايو،

ڀائرن مـﺂن توڏي مورڙا، نڪو اوباهو آيو،

مهاڻين مهڻا ڏيئي، توکي لوٺين لڏايو،

کائين بـُغدي ٻل ونڊيون، تنهنجو ڪمايو،

اڏي وڌءِ انعام سان، اٿن سون رُپي سايو،

تون پنهنجو ڪمايو،هٿن ساڻ هلاءِ اچي.

22-            چي: اَئين ڀائر منهنجا، مون کي ڪيو ڀاءُ،

ڪاڪا ڪيانوَ ڳالهڙي، ڀائرو! مَنيجاءِ،

ڪالاچيءَ جي ڪُن کي، ٻهڳڻ ٻَن ڏجاءِ،

مرون مستاني سندو، آهه ڊپ گهڻيرو ڊاءُ،

نه ته ڦريا ڦوڪ وينداءِ ماربا ديواني مڇ کـﺂن.

23-            چي: ڪُڻڪ ديواني مڇ جي، شابس وڌءِ ڪَنِ،

اسين ٻهڳڻ ڏيون ٻن، ڪالاچيءَ جي ڪُن کي.

24-            پٽ اوباهي پڌرا، موڪ جني ماني،

ٿياسي انعامي، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه تي.

25-            سنج سٻر جوڙين، ريشم سان راس ڪيون،

اڄ سڀان لوڙين، اکر ايرادت جو.

26-            مورڙا! مياڻيءَ ڏي، آهن، شايد وٺا مينهن،

ايترا لاتئي ڏينهن، اسان کي اُلڪو ٿيو.

27-            چي: ابي جمڙي ڀيڻ جي، هُئي اُڪنڊ اڳيئي،

ماڻهومياڻيءَ گانءَ جا، ور ڏر گڏيا ڏيهي،

ڀائن وٽ ويهي، ٻه ٽي لاتم ڏينهڙا.

28-            ڄاريون ڪاريون مڇ لاءِ، جودئون جوڙيائون،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، هڪ لِک نه لاڙيائون،

مرڻ کان ”محمود“ چئي، منهن نه موڙيائون،

لکيو لوڙيائون، جو آيو ڏينهن ازل جو.

29-            چي: ظاهر تنهنجي زور جو، ڪو آزمودو ڙي!

چي: وڏا ورک تار ۾، پاڻي ٿو ٻوڙي،

پر سو وڻ وچئون ڙي، ڄوتي ڪڍان ڄار سان.

30-            چي: تَر سين اپار تر، گهوٽيا! آءٌ گهڙندوس،

ڪلاچيءَ جي ڪُن مـﺂن، پهر اٺين ايندوس،

سڄي خبر ڏيندوسِ، رَڇ جنهن کـﺂن رنڊيا.

31-            پهر اٺون ئي آئيو، ويٺا ڪن وائي،

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي،

کاهوڙيءَ کائي، ڪنهن راوت رپ رهائيو.

32-            تَر سين اپار تر، گهوٽيا آءٌ گهڙندوس،

ڪالاچيءَ جي ڪُن مـﺂن، پهر ستين ايندوس،

سڄي خبر ڏيندوس، ته راوت ڪنهن رپ رهائيو.

33-            ستون پهر آئيو، ته ويٺا ڪن وائي،

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي،

کاهوڙيءَ کائي، هي راوت ڀي رپ رهائيو.

34-            ماڻهو آيو مور ڏي، کڻي خاطي خط،

پڙهي پروڙج پاڻهي، اسان ڪونهي اَت،

ڏسي اهڙا اکرڙا، هئي هئي هڻي هٿ،

وهيس نار نيڻن مان، ريلا ڪري رت،

پر مون کي ڪانهي پت، ته گهاتو گهر نه آئيا.[1]

35-            ماڻهو آيو مور وٽ، رهبر ڏي روئي،

ڀائر تنهنجا مورڙا! ڌڱ ڇڏيا ڌوئي،

ڪڍ ڪُن ڪالاچيءَ کـﺂن، سنڀاري سيئي،

انهن کـﺂن پوئي، ڪهڙي ڪم ايندين مورڙا!

36-            خاطي! وڃ وري سگهو، ڪجان تون سعيو،

آيو مرد مياڻيءَ تي، لاڳاپا لاهيو،

ڪَل هجي جنهن ڪـُن جي، سو سورهيه سنڀرايو،

صبح ساڻ موڪلايو، آءُ به ايندس اوڏهين.

37-            دُنگ هئڙس هٿ ۾، دارون دُرس ورهاءِ،

ڇهه ڇهه ڪري ڇڻي پئي، وٽي وير هٿاءِ،

چوي دلوراءِ، ڪو آيئي ماڻهو اوچتو؟

38-            آءٌ ادا! اورتان، ڏي خاطي خبر چار،

چي: مهاڻا مياڻيءَ ۾ هئا پورا پنج هزار،

هيڪاندا ٿي هليا، دوست دلين جا يار،

مٿي ٻڌائون مور چڙا، ڪري پاڻيءَ جي پچار،

مڇ اُتي ماري وڌا، جيڪي جگري يار،[2]

وڙهن مس ”محمود چئي، جنهن ڌڪي ڪيا ڌار،

چي: پاڻهي ٿيندي پچار، ڪڏهن منهنجي ۽ مڇ جي[3]

39-            خاطو! وري وڃ، ڪر پوئتي جو سعيو،

سون مياڻيءَ سڀ جا، لاڳاپا لاهيو،

بادشاهه کان موڪلايو، آءُ به اچان ٿو اڱڻ تي [4]

40-            ماڻهو آيو مور وٽ، روئي ڏي رهبر،

هت ترسين، تعظيمان لهين، هُت ڪَڇئين ڪئو قهر،

خونيءَ سڀ کپايئي، وڍي ڏيئي ور،

هاڻي ڪهڙو کڻندين ڪر، مياڻيءَ ۾ تون مورڙا!

41-            چي: پـُيِو سڀني جو هيڪڙو، هئي آڻي پاڻي ماءِ،

ڄائينَ ٻيءَ پيٽاءِ، ٿو تڏهن ترسين تار کـﺂن.

42-            ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو دانهن دلوءَ کي ڏي،

دلوڙي منهنجا بادشاهه! مون کي مڇ مارائي ڏي [5]

ڪاريگر، جي ڪم جا، انهيءَ دم گهرائي ڏي،

ڪَل ٺهرائي ڪائي جي، تکا ڪات به ڏي،[6]

منهنجون ۽ مل مڇ جون ڳالهيون ڪندا ڪي،

ته ٽُڪر ڪري ٽي، مان لاهيان مئي مڇ مان.

43-            موڪل ورتئين دلوءَ کان، دل جهلي هاڻ،

مدد ڏي مسڪين کي، مون کي ڪانهي ڪاڻ،

ڪل ٺاهي ڏي ڪائي جي، جنهن ۾ خوني کاڻ،

ڇريون ڪٽاريون، ڇاهيون،[7] چڙهيل سڀ سراڻ،

ڪري همت هاڻ، وجهان وچ ويريءَ کي.

44-            ڪاريگر انهيءَ ڪم جا، جيڪي چُئين ڏيان سيئي،

رضا رب ڪريم جي ،آهي ڀوڳڻي پيئي،

ڪٽاريون، ڇاهيون ڪيتريون ڪاتيون ڏيانءِ ڪيئي،

سج سنئون سيئي، هٿيار ڏيندو سانءِ هٿ ۾.

45-            رات وچ ۾ راس، ڏنئينس ڪائي جي ڪَل،

چي: وڃي وڙهه ويريءَ سان، جي اچئي ڪا اٽڪل،

هو گهاون اڳيئي گهائيو، سورن ڪيس سل،

مانجهي نوکـﺂن مل، خونيءَ سڀ کپائيا.

46-            خونيءَ سڀ کپائيا، هٿ منجهه هزار،

هئا هيڪاندا هڏهين، جاني جگر يار،

رضا هئي رب جي، جنهن ڇني ڪيڙا ڌار،

هاڻي ڏيندم سوڀ ستار، ته ماري ايندس مڇ کي.

47-            مارڻ ڪارڻ مڇ جي، هُت گهاتو ڪو نه گهڙي،

هلي ملاح مورڙو، ٿو ويريءَ سان وڙهي،

مرڻ مناسب ”محمود“ چئي، چانئڪ تي نه چڙهي،

هاڻ اچي راڄ مڙي، جو مورڙو وڙهي ٿو مڇ سان.

48-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، بيٺو ”ادا، ادا“ ڪري،

ويجها آهيو ته وري اچو، اوهان کي پيئي رات پري،

ويهان ڪيئن ڪري، جوگهاتو گهر نه آئيا.[8]

49-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، بيٺو کڻي رَڇ،

وڃي ٿيان شل ويجهڙو، وٺان ڪلاچيءَ ڪَڇ،

ڪري ميل مڙس جو، تنهن تي ڪندس بڇ،

ماريندو سانءِ مڇ، ڏيئي ڪات ڪلين کان.

50-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، پَسي ڀاڄائيون،

نٿون هُئن نڪ ۾، ڪَرَ ڪُلهيريون ٻانهيون.

ننڍڙا ٻار ٿڻن تي، ڇتن ۾ ڇايون، [9]

اهڙيون ملاحيون، ورن ري ولهيون ٿيون.

51-            ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، هونگ جَني جي هُئي.

تن جا مولهيا مينهن پُسائيا، مٿئون ماڪ پئي. [10]

ڪلاچئون ڪهي، ڪڏهن مڇ ماريندين مورڙا!

52-            اوڀايو پٽن جا، پيو رويون ڪڍي پار،

گهوڙيون هيون گهوٽن سان، هئا تـَرين جا هسوار،

سي ڌڪي ڪيڙا ڌار، جي وُڙهن مس ”محمود“ چئي.

53-            ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، آيا جُنگ جوان،

واقف نه هئا وجهه جا، نه سوگها هئن سامان،

سورهين پئي سر ڏنا، پاڻيءَ ۾ پهلوان،

ڪل لڌائون ڪا نه، جو وڌا ويريءَ وات ۾.

54-            وڌا ويريءَ وات ۾، سي ڇهه ئي ڇوڙي،

اوڀايو پَٽن تي، رند وٺيو ووڙي،

گهاتو ڪنهن گهٽي وڌا، سوگها ڪيا سوڙهي، [11]

لکيو هرڪو لوڙي، جو آين ڏينهن ازل جو.

55-            ويريءَ وڌا وات ۾، ڇهه ئي مهاڻا،

ستين ڀيڻن ڀَر تي، ڪڍي آيل اوراڻا،

خاصا هنڌ ادَن جا، هئا طول وهاڻا،

نٿي آءٌ ڄاڻا، ته ڪيهيءَ جهل جهلي وڌا.

56-            موٽ مانجهي مورڙا، ٻڌ مياڻيءَ تي موڙ،

ڪالاچيءَ جي ڪـُن ۾، تنهنجا ڪين هلندا ڪوڙ،

ڏسي مڇ ”محمود“ چئي، ٿو سڌي ڪري سوڙهه،

سمجهي ڪجان گهور، انهيءَ مڇ تي تون مورڙا!

57-            مورڙو وڙهي ٿو مڇ سان، سوئي پنهنجو پاڻ،

عقلمند اڳي هيو، سو سرت ڀريو سڄاڻ،

هو ٿو تکو تار وهي، مئي متو مهراڻ،

سائين ننگ سڃاڻ، پڄاڻي ڪندس پانهنجي.

58-            منهن چڙهيو اُت مڇ، جو گهوٽ وڌو گهائي،

ڏنئينس ڪات ڪلين ۾، سُوئا سمجهائي،

بيٺس وات وهڻ کـﺂن، وڌئينس ليٽائي،

ڀانڊي اندر ڀيم جي، ويٺو ورنهه واجهائي،

ڏسان ميٿ ڀائرن جا، جن گهوٽ وڌا گهائي،

هاڻ هر هر هلائي، مُـُنهن مٿي ”محمود“ چئي.

59-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، دانهن دلوراءِ ڏي،

هن ديواني مڇ جون، ڳالهيون ڪندا ڪي،

سسي مانگر مڇ جي، مون ٽُڪر ڪئي آهه ٽي،

هاڻَ راڄ سڏائي ڏي، ته مڙي ڪڍن مڇ کي.

——-

 
* هيءَ روايت علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجهورو) کان محمود شاعر جي نالي ملي. اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان هن روايت جا 13 بيت مليا، جي هن ٻُڍي شر جي زباني قلمبند ڪيا، جن جا اختلاف حاشيه (ف) ۾ ڏنا ويا آهن.فاضل قائمي کان مليل بيتن مان پڻ هڪڙي بيت ۾ ”محمود“ جو نالو آيل آهي. هن روايت جا اڪثر بيت ساڳيا مير ٻگهيي وارا  آهن.
[1] روايت ف موجب: لکڻ ٿيس آپت، هن جا مارو مڇ کڻي ويو.
[2] روايت ف
[3] روايت ف موجب: هاڻي سوڀون ڏئين ستار، ته لاهيان مئي مڇ جي.
[4] روايت ف.
[5] روايت ف موجب.
[6] روايت ف موجب: ڇريون، ڪٽاريون، ڇاهيون، مون کي ڪائو ڪات ڏي.
[7]  ڇاهيون = سنهي ۽ ويڪري منهن واريون ڪهاڙيون، تبرون.
[8]  روايت ف
[9]  روايت ف
[10] هي بيت شاهه جي رسالي ۾ هن طرح آيل آهي:

ماڪ ڀڄاين مولهيا، مٿان رات پئي،

اوليون اُڄهڻ لڳيون، ويا ونجهه وهي،

ڪلاچيا ڪَهي، ڪڏهن ڪو نه آئيو.
[11] روايت ف موجب: ڪهڙيءَ گهٽ گهٽي وڌا، يا سوگها ڪيا سوڙهي

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :9
روايت[5]*

غلام حيدر ”تيرهي“ جا چَيَل بيت ·

1-        ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، گهاتو ٿا گهڙن،

مٿي مَڇ مڙن، ٻڌيو مولهيا ماڪ ۾.

2-        ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، گهاتوئن پاتو گهور،

اولـُيون وڃن اُجهنديون، پاڻيءَ رکيو زور،

پيِن هينئين تي هور، مُڙيا مانگر مڇ کان.

3-        گهاتوئن گهورڻ ڇڏيو، مڙيا مڇ ڏسي،

ڪري جان گهور جهاجهه ۾، فنا ٿيا  ڦِسي،

سَڃي ڪو نه سسي، سامهون اُڀي سيسار کي.

4-        ڪاهي هليا ڪُن ڏي، وٺي سَڃي سير،

ڏسي اُڇل آب جي، دَهلي ٿيا دلگير،

پري پهتا پير، نهاري نِڪو منجهه کي.

5-        نهاريائون نِڪونجهه کي، پيرين پاتاري،

رَڇ منڊيائون ريٽ تي، ونجهن ۾ واري،

ڇَتيون ڇُڳيرن کنيون، تـُرهن تي تاري،

ملاح مانگر مڇ جي، ماريا مونجهاري،

پهه پهيائون پاڻ ۾، اهڙو اختياري،

ويهو مَ وساري،  گهڙي گهوريو اگهور کي.

6-        گهوريائون اگهور کي، گهاتوئن وَٺتا گهٽَ،

ڪنهين هٿ سانبو هيون، ڪن مٿي تي مٽ،

ڀري بيٺا پَٽ، ٻئي ڪپ ڪـُلاچ جا.

7-        ڇڏي ٻئي ڪپ، اُهريا آب عميق ڏي،

ڪي ولهوٽي وير نِيا، ڪي گَتا منجهه گپ،

جهلي سگهن نه جهاريون، جهولي جي جهڙپ،

اوڀاري ۽ آر تي هئي لهرن جي لڙپ،

مانجهي ڪري مَپ، ماري مڇ کي موٽيا.

8-        مڇ کي ماري موٽيا، گهاتو مٿي گهرن،

وڍين ورهائين پاڻ ۾، ترازوءَ تـُرن،

”ومن يعمل مثقال ذرة“ ضايع ڪن نه ذرن،

صبح صادق سان اچيو، پر پَت پرن،

”تيرها“ توبوا الا الله“ جو سبق صاف پڙهن،

سولنگي ٿا سڙن، ڏسيو مايا مڇ جي.

9-        ڏسيو مايا مڇ جي، سولنگي سُـُک نه ڏين،

اُٿيو سويرا گهاتوئا، ساٽِي ٿا سـﺂدين،

ترازوءَ تورين، وجهيو مڇ ميزان ۾.

10-  وجهيو مڇ ميزان ۾، آيو پاسي اَڏي،

وڍي ورهائي وٺي ويا، مُهاڻا مَڏي،

جوکو اُتان جڏي، اچي گهاتوئن گس لائيو.

11-  نڪا مَڪُڙي ماڳهين، نڪي گهاتوئن گهر،

نڪي ساٽـِي نه سولنگي ڪي، نڪي ساوا سَر،

نڪو ماڳ مڪان ڪو، نڪا ڌرتيءَ ڌر،

نڪا دﺂنس درياهه جي، نڪي مڇ مانگر،

نڪو واهه نه واهڙو، نڪا ڪـُوڪَ ڪپر،

”تيرها“ ناهه خبر، اونهي ”عون الماء“ جي.

12-  اونهي عون الماء سان، آڌيءَ جي اورين،

اُوهي گهاتو اگهور ۾، گهورئو ٿا گهورين،

ماريو آڻيو مڇ کي، ڪَپن سان ڪورين،

ترازوءَ تورين، ساٽي سولنگي گڏ ٿيو.

13-  ساٽي سولنگي گڏ ٿيا، مڇ سـُئائون ماريو،

چي: ڀلي ڄائين مورڙاَ تو  ويُرُ وڃي واريو،

”نصر من الله و فتح قريب،“ ”تيرها“ تنواريو،

سوداگر ساريو، موکا ڏين محل تي.

——–

 
* ”رسالو حيدري“ مطبوع مصطفيٰ پريس لاهور، سن 1890ع تان ورتل.
·  فقير غلام حيدر، بزرگ قنبر علي شاهه عرف شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو هڪ وڏو خليفو ۽درويش هو. هر رنگ ۾ رتل هو، انهيءَ ڪري کيس ”تيرهو“ سڏيندا هئا. هيءُ بزرگ ٽالپوري دور ۾ ٿي گذريو، پنهنجي مرشد جي وفات (1264هه) کان اڳ گذاري ويو. سندس قبر پنهنجي مرشد جي مقام ۾ آهي.

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :10
روايت[6]*

حڪيم ڏاهريءَ جا چَيَل بيت ·

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،

ست پُٽَ اوباهيي کي، اٺين ڌيءُ ”جُمڙي“ نالي نار،

هنن جو گذر غريبت جو، ڪن مڇيءَ سندو مار،

ڏيرياڻين جو، ”ڏاهري“ چئي، ٿيو کيٽو خلل کار،

”مور“، سندي محلات ۾، هو طعنن جو تڪرار،

مُٺي! ويل ور تنهنجو، ڄٽ نه ڄاڻي ڄار،

وڃيو ور اسان جا، شاهي ڪن شڪار،

وڏو ٿيو ويچار، مهڻن جو مور کي.

2-                  مهڻن جو مور کي، تن ويڻ چيو ويهي،

رنون ريب ڪري ويون، ڪيئون ڀائرن جدائي،

وڃڻ جي وائي، من ۾ پئي آ مور کي.

3-                  من ۾ پئي آ مور کي، آيس ڪاوڙ ۽ قصور،

ڪـُڇي پـُڇي ٿو ڪينڪي، سانڍيو مڙئي سور،

ڪيئين رمز رٿائون، دل اندر دستور،

ته ڀائرن ڀاڄاين جو، معلوم ٿيم مذڪور،

هونيهن هت، ”حڪيم“ چئي، مون کي ويهڻ ناهه ضرور،

ڪري تياريون تهمور، ڪيئين سعيا سنجن جا.

4-                  وجهي سنج سنجاف تي، ڪيئين سنبت ۽ سعيو،

سورهيه سَرتو ڪينڪي، توڻي پيءُ ڀائرن پرچايو،

گهوٽ به گهوڙو گس ۾، ڪشي آهي ڪاهيو،

نـقرو ڇُٽو ناٽ مان، سو پلٽجي پيو،

اُتي هو آيو، جت باري شهر بادشاهه جو.

5-                  بات ڪَهي بادشاهه، وڌي ڏيهن ۾ ڏاهه،

آءٌ سو مرد مڃان، جيڪو ڪري مرونءَ تي ڪاهه،

هيرا جواهر، ”حڪيم“ چئي، ڪريانس سون روپ جي صلاح،

دلوراءِ اڳيان داناهه، ساريندي سورهيه سلام ڪيو.

6-                  ساريندي سورهيه سلام ڪيو، پڇيـﺂنس سڌ سهي،

ڪري نِهو نوڪريءَ جو، ويو وٽن ويهي،

چي: پلنگ آهي پيدا ٿيو، شينهن وڏو شاهي،

جوان جهلي ٿو ڪو نه ڪو، هن جي دهشت دئي،

محڪم تنهن جي مورڙي، وڃي ڪنڍي ڪڙڪائي،

هينئينس ڌڪ ”حڪيم“ چئي، وڍي ويس وهي،

گهر ته توکي گهوٽ ڏيان پارسن پهي،

سون رپو سڀئي، آهي ملڪيت تنهنجي مورڙا،

7-                  آهي ملڪيت تنهنجي مورڙا، تو ڪيو انصاف هي،

چي: مياڻ اسان جي ملڪ جو، تنهن تي محصول ڪر معافي،

لکي انگ عياشي، مور مڪو آ مائٽن.

8-                  ڪن ڏاهپ جي ڏاهه سان، پاڻيءَ منجهه پچار،

ٻهن ٻهڪن ٻيڙيءَ ۾، ٻچا هنن جا ٻار،

پهريون وڃن پاڻيءَ ۾، شاهي ڪن شڪار،

ڏاهيون، ڏنڀريون، گندڻ، گوجون،سڻيون،سينگاريون ڌرڙا ماريو ڪن ڌار

ٿيريون ڪـُرڙا، مـُڪـُر، مورا، ٺيٺيون ماريو ڪن ٺار.

مارين ذات مڇيءَ جي، پلا منجهه پاتار،

رانديون ڪن رَڇن سان، پنهنجي ڪارڻ قوت ڪٺار

اوڀايل اُڇلائي وڌو هو، ڄاڻي ڄمائي ڄار،

ٻچا مانگر مڇ جا، آيا اُڇل جي آڌار،

ٻهر ڇڪي ٻيڙيءَ تي، مڳ ڪڍيا هئا مار،

وڍي ٽُڪي ڪهاڙن سان، ڪيئين ڌڙ سسن کان ڌار،

مڇ به تنهن مهل ڪين هو، ويو هو ڪَرڻ شڪار،

اچي مڳ ٽُٻيو آهي مهراڻ ۾، ڪري ڌوڙيا ۽ڌڌڪار،

اچي ماتام لڳو آ مرونءَ کي ٿيس آنڊن جي اُٻهار،

تڏهن مڇ به پنهنجي مالڪ کي ٿو سوال ڪري تنهن وار،

ته وير تنهن ويريءَ کان، مون کي وٺي ڏي ڏاتار،

هيءَ صفت ڪريان سردار، واحد تنهنجي وڏائيءَ جي.

9-                  صفت ڪريان سردار جي، ڏس واحد وڏائي،

ملاحن اچي مڇ سان، لاتي لڙائي،

وارا ڪيئونس ونجهن سان، ٻيڙا ٺيلهي ٻئي،

وڌئونس ڄار ڄنگهن ۾، رڇ ڇني ڪيئين رئي،

ڀڄڻ ۽ بيهڻ جي، اُت ڪنڌي مور نه هئي،

وجهي وات وقوف سان، ڇڏيئين ڇهن ئي کي کائي،

وڃي پيا مڳ پيٽ ۾، جت هئي اونداهي،

هادي لاءِ ”حڪيم“ چئي، هئن لکئي جي لائي،

مر روئي مائي، جنهن جا ماڻڪ مڇ کڻي ويو.

10-            ”جُمڙي“ جوانن لاءِ پرهه ڪڍي ٿي پار،

گهاتو گهر نه آئيا، جيڪس ڇڄي ٿيا ڌار،

ٿيو آ ڪوڪٽ ڪُن ۾، جنهن جي خبر نڪي چار،

ماري کڻي ويو مار، تن جو ڪونهي ڏس ”ڏاهري“ چئي.

11-            تن جو ڏس ”ڏاهري، چئي، ڪالهه به ڪـُن تي هو،

ويٺا هئا وقوف سان، هو رڇ به رهايو،

پيو هو منهن مڙدن کي، مانگر مڇ مَيو،

لاتئون لڙائي تنهن سان، سرس رکي سعيو،

هو گئون کڻ: وين غار ۾، تن جو پتو ڪو نه پيو،

نه ڄاڻان ڪهو، اڳيان ٿيندن حال ”حڪيم“ چئي.

12-            ٿيندن حال ”حڪيم“ چئي، آهي خاوند کي خبر،

مڙد گهرائي مهراڻ ۾، وڌا پاڪ سچي پرور،

جلي کامي ٿي جمڙي، ڀائر نه وريا ڀڙ،

نماڻن کي نصيب هجي ها هتي هوند قبر،

ونيون سارين ورن کي، گهاتو سارين گهر،

اوڀايل کي اونڌو ڪيو هو انهيءَ ڏک ڏمر،

واقعي هيءَ خبر، مُڪائون ماڻهو مورڙي.

13-            مڪائون ماڻهو مورڙي، ويو خاطي خط کڻي،

ڀائر تنهنجا مورڙا، ويو کائي مڇ کڻي،

خط پڙهي کـِيو ٿيو، وڌس حال هڻي،

ساري ڳالهه سڻي، معلوم ٿي ويو مور کي.

14-            معلوم ٿي ويو مور کي، هليو دلوراءِ ڏي داناءُ،

سائين! کاڌم پيتم خوب خوشيءَ مان، اٽي پاڻي پاءُ،

حاڪم آهين ”حڪيم“ چئي، تون بديون بخشج ڀاءُ،

ڪات ٺهرائي ڏينم رُڪ جو، جنهن ۾ هجي وڄ واءُ،

وهائيندس تنهن ويريءَ تي، مُدعي جي مٿانءُ،

ڏيندم اُت ”ڏاهري“ چئي، مَدت محمد شاهه،

اِهين به ڪري الله، جو ماريان تنهن مردود کي.

15-            جڏهن سون مياڻي سُڃ ٿي، تڏهن ٿو هٿ هلائين،

تاڪيد سان تنهن ويلي، لُهرن ڏي لکيائين،

اچي حاضر اُت ٿيا، ڪئين اُستاد آندائين،

هنر تن حرفت جو، ڏسي سڀ ڏنائين،

ڪلون ڪاريگرن هٿان، جنبي جڙايائين،

ڪائي ڪات ٺهڻ جي، سٽ ويهي سٽيائين،

تنهن ۾ تراريون ڪيتريون، رٿي رانيائين،

ڪپ، ڪٽاريون، ڪاتيون، کنا کوڙيائين،

هٿيارن جون ”حڪيم“ چئي، رمزون رکيائين،

وجهي ڪلون ڪات ۾، ٺوڪي ٺاهيائين،

ترت سڀيئي تيار ڪري، سورهيه سڏيائين،

خنجر کنيائين، تبرون تکيون تيز مان.

16-            تبرون تکيون تيز مان، ويو دست ڪري دلبر،

مور کي مرونءَ سندو، هو ڏاڍو ڏک ڏمر،

مردن لاءِ مور نه ٿِي، اَرهو منجهه امر

اهي قلم لکيا ڪرم ۾، پاڪ سچي پرور،

حجت ناهي هٿيار جي، جاءِ انهيءَ ۾ جر،

مڇ سُجهي ٿو مهراڻ ۾، ڪنڌاري ڪو پر،

چي: توبهه در الله جي، آءُ نه ڪريان تڪبر،

ماريندس تنهن مدعيءَ کي ڀيرو ڏيئي ڀر،

وهائيندس ويريءَ کي، کيڏائي خنجر،

پوءِ ڪرٽ، ڪهاڙا، ڪاتيون، کڻي ساڻ ثمر،

چيائين حاڪم! هلي حاضر، اتي مجرو ڏسو مور جو.

17-            مجرو ڏسڻ مور جو، آيو دلوراءِ دلير،

گهوٽ چڙهيا سڀ گهوڙن تي، پانهه ڏيئي پير،

مور پنهنجي ملڪ جو، اچي ڀاڻ سڃاتو ڀير،

مڙي ملاحن ڏٺو، اهو ڪٽڪ وارو ڪير!

چي: صحيح سڃاتو اٿئون، اهو مانجهي مرد مٿير،

ڪيائين حقيقت حال جي، ڪيو مون سان مڇ انڌير،

چي: قسمت ڪم ڪيو، هاڻ ڇڏ مونجهارو مير،

غوث ويا ان گس تان، پير ڀريندي پير،

لکيو وس رب جي، ٻيو قلم وهائيندو ڪير،

اٿم اميد الله ۾، وٺندس مڇ کان وير،

گهٽ ڏَسيو سي گهيڙ، جتان مردن کي مڇ کنيو.

18-            چي: مرد مهراڻ ۾ گهڙيا، شرط رکي شتاب،

وريا ڪو نه وعدن تي، هنيا ڪنهن حساب،

اهڙي انڌي عقاب، گهاتو سڀ گمائيا.

19-            گهاتو سڀ گمائيا، منهنجا مدعيءَ مڇ،

وجهندس وقوف سين، موذي مڇ کي رڇ،

ڪريان عرض الله کي، صاحب ڪندو سچ،

ڪيون مذاقون مڇ، جڏهن مور نه هو مُلڪ ۾.

20-            مور سڏايا مليهه، آيا سڀ ميڙ ڪري،

ڏاڍا مڙس ”ڏهري“ چئي، دلوءَ جهڙا ديهه،

جوان اچي جملي ٿيا، سڀ لهندي ريهه،

پر سورهيه ڪو نه سنڊيهه، مرڳو انهيءَ مڇ تي.

21-            مرڳو انهيءَ مڇ تي، چڙهندي ڏنئون چوٽ،

مڇ ڪُڏي مهراڻ ۾، ٿي پاڻيءَ ۾ پالوٽ،

مرد ڀڄي ويا ميدان مان، مڙني کاڌي موٽ

مور انهيءَ ميدان ۾، بيٺو اُت اَموٽ،

چي: گهيڙ اهو اٿئي گهوٽ، جتان مردن کي مڇ کنيو.

22-            مردن کي مڇ کڻي ويو، بيٺو مور موڪلائي،

سانگو پنهنجي ساهه جو، ڇڏيئين لاڳاپا لاهي،

دعا ڪجو سڀ يارو! هاڻ الله واهي آهي،

نڪرڻ ٿيندو نصيب سان، ويـَن جو منهن آهي،

ٻَڌي رَس روان ٿيو، ڪـُن اندر ڪاهي،

مڇ پنهنجي مئي منجهان، ڇڏيو وات وڇائي،

ڏنئينس ڪات ڪلين کان، گهوٽ وڌس گهائي،

ڀانڊي اندر ڀيم جي، ويو لنگهي، ليٽائي،

اتي ڀڙ ڀائرن کي بيٺو هينئڙي هٿ لائي،

ساهه پَرياڻن کي ڀانئي، اڃا پڻ آهي،

تڏهن مرد مڇ کي بيٺو گهڙي ۽گهائي،

جگر جيرا بڪيون، ڍڳ ڪيائين ڊاهي،

مڇ ڌني مهراڻ ۾، رت سندي راهي،

وڌئينس ڪُنڍا ڪاپار ۾، وَرتـُون ورائي،

انگ عضوا اٽڪائي، آيو مور انهيءَ مڇ کي.

23-            ڪڍيو منهن مورڙي، ملي مبارڪ مور،

تو ڪيئن ماريو مڇ کي، ڪهڙي ڪيئي تڪ تور؟

اسان ٻُڌا ٻَهر مڇ جا، گهوگهٽ ۽ گهور،

چي: مرد ڏٺا هئم مڇ ۾، مون کي ڌڱ ڏني دور،

بڇيامانس برهه جا، چوڌاري چور،

وڍيومانس وقوف سين، ٻي ڪاتن ڪيس ڪور،

هٿيارن جي ”حڪيم“ چئي، اتي ڪيم چور پچور،

چيو مڙني کي مور، ڪڇون ڪڍڻ جي ڪار ڪريو.

24-            دلوءَ چيو ديمين کي، ڏيئي اُت ڊوها،

پنج سـﺂ آڻيو پاڏن جا، جي ڇِڪ جا هجن ڇوها،
ڏهه سؤ آڻيو ڏاندن جا جي ڇڪ جا هجن ڇوها،

هڪلي اچي حاضر ڪيئون، ڪاهي سڀ ڪونها،

ڏيئي پانجاريون پاڏن کي، کوڙيائون کوها،

تن کي هڪلڻ وارا ڪيترا، ماڻهو لک هئا،

پر پٽيا تنهن روها، ڦيم تن کي ڦيرو ڏيئي.

25-            اتي فڪر لڳن ڦيم جو، ڪيون سَئسن صلاحون،

آندائون تيرهن ويهون ترين جون، سڀ هُيون سـُوائون،

سايون، سرخيون، سمنديون، ڪُميتون ڪاهيائون،

بگيون، ڀُوريون، ڪارنريون اتي آندائون.

سونهريون، سنجافون، نيريون، نقريون، ابلقون آندائون،

چينيون چريون، تيز ڀريون، اڻگيليون آندائون،

ڪَنن ڪُنڍيون، سـﺂ رنگيون، نيو ڪنڌ نوايائون،

ڏيئي پنجوڙون پنج ڪلياڻن کي، اتي روجهون رٿيائون،

ڏورڻي اتي ”ڏهري“ چئي، کڻي ٻهاڻ ٻڌائون،

حڪم ڪري مڇ تي، کڻي جلدي جوٽيائون.

ڦيرو ڏيئي ڦيم کي، ڇوهي ڇڪيائون،

ڪڙڪا ٿيا ڪميتن جا آڻي ٻَهڙيون لايائون،

اڇلي آندائون، ڪڍ سر ڪڇئون جو.

26-            ڪڍي سر ڪڇئون جو، ڪيئون ٻـُٽ ٻهر،

هڪدم هڏو اٿلائي وڌئون، هئا مڙد اندر،

ڪڍيئون لاشا تن جا، منجهان مڇ مانگر،

رُنئون رت راڻن لاءِ، ڪري ڏکي ڏمر،

دلوءَ دانهن ڪري چيو، مرد کٽن تي ڌر،

سيج وڇائي سورهين کي، گهمائي آندائون گهر،

لاهيو لاکيڻن کي، پيا وهنجارين ويتر،

ڏکن جو ”ڏاهري“ چئي، ڪنهن سان ٿئي نه قهر،

ڪري پيغمبري پر، کنيئون ميٿَ مقام ڏي

27-            کنيئون ميٿ مقام ڏي، مور ٿو مٽين ملي،

رويو رت اکين مان، ڳوڙها وهائي ڳَلي،

”ادا ادا“ ڪيو سڏ ڪري، ان کي ورندي ڪا نه ملي،

الست مـﺂن آواز آيو، ڇڏيو پهلوانن جا پرياڻ پَلي،

هلو هڪ دم ۾، بيهو نه جنازا جوانن جَهلي،

قدم ڀري ڪُلها ڏنئون، کڻي ويا پاس ڀَلي،

هاديءَ سان ”حڪيم“ چئي، حجت ڪا نه هَلي،

پُـُوري روح پَلي، پڙهيئون ڪلمو مُـُنڍ قرآن جو.

——–

 
* ”هيءُ بيت مير حسن ”سڪايل“ (تعلقي شهدادپور) ۽سالم خان پٽ ميرو خان مري بلوچ، ويٺل ڳوٺ، علي خان مري (تعلقي سڪرنڊ) کان مليا.
·  حڪيم پٽ شيرو ڏاهري، ويٺل راهواري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ، اٽڪل 35 سال اڳ (29-1930) وڏي بيماريءَ ۾ 50 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انهيءَ حساب سان سندس جنم 1880ع ڌاري ٿيو هوندو. نڙ تي بيت ڏيندو هو. سندس ٻالڪن مان درياءَ خان وساڻ ۽ جوسب ڏاهري ٿي گذريا.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :11
روايت[7]*

ادا ٻڌو قصو مورڙي، ڌيان منجهه مضمون ٿورڙي راوي روايت جا، هن ريت ڪن حڪايت ٿا ته ٻاچو ۽ ٻاراچ ڪراچيءَ منجهه رهن. هئا ٻئي پاڻ ۾ ڀائر، جي بهادريءَ، هنر ۽ حڪمت ۾ ماهر هئا. هنن کي ڪو ٿورو سفر درپيش آيو، وٺي واٽ پنهنجي هنن رستي ۾ ڪاهيو. اوچتو ئي هنن کي هڪ وڻ نظر آيو. هنن اچي وڻ کي چاهـﺂن چتايو، ته منجهس هڪ پکي، پنهنجن آنن تي کنڀ رکي، ويٺو ڪري آرو. تن پاڻ ۾ ڪيو پهه، ته ادا! آهي اهو سورهيه، جو پنهنجي حڪمت هلائي، پکيءَ کي به نه اُڏائي ۽ آنا آکيري مان چنبن سان چائي. هنن شرط پاڻ ۾ ٻڌي، تڏهن وڏي انهن جي ڪڍڻ لاءِ دل رکي ۽ وڻ تي چڙهي وڃي آنا اهڙيءَ ريت سان ڪڍيائين، يعني پکيءَ کي نه اُڏايائين. اتي ننڍي ڀاءُ ڏٺو ته ٻيلي وڏو ڀاءُ کنيو ٿو وڃي بازي، هاڻي هلائجي حڪمت سازي، جنهن ڪري ڀاءُ به ٿئي راضي، ۽ پنهنجو مطلب به پورو نڪري اچي. ڪيائين به بيشڪ اهڙو ڪم، نڪا هنيائين ٻٽاڪ نڪو دم، ٿي پنهنجي ڳالهه تي محڪم، ٿيو وڻ تي راهي، جلد آيو ڀاءُ واٽ کنيائين نه واٽ تي ساهي. ڀاءُ سندي گود مان، هٿن جي حڪمت سان، آنا ڪڍيائين، اُتاهون موٽيو ڊوڙندو هيٺ اچي تنهن هنڌ تي ساهي پٽيائين. وڏي ڀاءُ کي به ڪل نه رهي ڪائي، ته منهنجي ڀاءُ مون سان ڪا آهي حڪمت هلائي! هي جوان به هيج مان آيو وٽ ڀاءُ تنهن ڀائي، جان اچي هن هڙ سنڀاري، ته ٺهي نه پلئي پائي، آهن ٻئي آنا ٻاچوءَ کي هٿن ۾ جائي، هيءُ ڏسي ڀاءُ جي حڪمت، هن کي ڏنائين آفرين ۽ عظمت، تڏهن هنن ڪئي اڳتي هلڻ جي تياري.

اڃا ٻه ٽي وکون کنيائون، ته هي حال ڏٺائون، هڪ زال گڏين پيرين ڀاري، ان کي به ادب سان ڪيائون کينڪار موچاري، چيائونس: چڱيءَ ريت سان خبر سمجهه ساري، مائي! توکي آهي ڌيئڙي ڏاتر ڏياري، ان جي شادي، اسان مان هڪ جي ته ڪنديءَ خانه آبادي، ۽ ٿيندي هڪ جي ناري، توکي ملندي مبارڪبادي.

ائين چئي ان کي، هنن اڳتي وک به وڌائي، اڃا هليا اڳتي ته گڏين ٻه ڄڻا ماموئي، جي هئا خاصا خبردار ڀڙ ٻئي ڀائي، هي به ٿيا سنگتي هنن جا، چئني وک چاري ۾ چائي، اڃا هليا اڳتي ته ڏنين ”واگهه“ به ڏيکائي، پوءِ پنج ئي پيا پنڌ ۾ ڪري الله واهي. هنن کي شڪار جو به گهڻو هو شوق، دل ۾ به گهڻو هونِ ذوق، هئا به پنج ئي پهلوان، خاصا بهادر خان، تنهنڪري رکن ڪا نه پرواهه، ٿي هڪ ٻئي سان همراهه، ورتائون سهڙ انهيءَ راهه، پيو ڦاسي منجهه ڦاهي، تنهن کي وڍي وجهه سان هنن سيخ به پچائي. پنج ئي شير شتاب، کڻي اهو پڪل ڪباب، سڀني وک کي وڌايو، واٽ ۾ واگهه هي پهه پچايو، ته جي هنن سان حڪمت ڪندس، ته بيشڪ بچندس، نه ته سڄو ڏينهن بک مرندس، پوءِ به هنن سان ڪين پڄندس، تنهن ڪري پيو هر هر ڏي لامارو، ڪجهه هلي هنن سان، ڪڏهن ڪري سهڙ مان وارو. وري واگهه هيءَ مصلحت ڌري، ته جيڪڏهن کائيندس ڪباب ذري ذري ته جلد پوندن خبر کري، تنهن ڪري گهرجي ته ڳالهائجي هنن سان وري وري، تنهن ڪري هنن سان، ڳالهائي پيو ڳڻن وارو، ڀري پيو واري سان وارو. هنن به پٽ ۾ پنڌ ڪيو، گذرين ڏينهن سارو، وري به ڪُين بک موڳو موچارو، پوءِ پاڻ ۾ ڪيائون صلاح ته اول کائي پڪل ڪباب، روٽي ۽آب، ٿيون راهي انهيءَ راهه، پوءِ جيڪا مرضي هوندي الله اهو خيال ڪري، مصلحت من ڌري، بنان فڪر ذري، اتي ويهي رهيا مجلس ميڙ ڪري اڃا هڙ پٽن، ته سهڙ ڄنگهون ٽي چوٿين ڪا نه پسن! هو چارئي پيا عجب ۾ پون، هئا به سڀئي حرفتي پر ڪري ڇا سگهن! نيٺ پيا رٿون رٿن ۽ڪٿون ڪٿن.

قصو ڪوتاهه، ته ڪئي هيءَ مصلحت مڙن ته وٺڻ گهرجي واگهه کان پهريان ساک سڀني: پوءِ جي ڪوپتو پيو ته واهه، نه ته رکو مٿي الله اها صلاح ڪري چيائون واگهه کي، ڏي تون ساک ڀري. اتي واگهه چيو ته ادا، هجو خوش سدا، سهڙ ڄنگهان ٽي آهن، چار بلڪل ناهن، ڪير ٿو چوي، ته واگهه ڪوڙ ڪوڙ ٿو ڪَهي، ۽ جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه تي پت نه پوي ۽ اهو ڏيوم ٿا سنگت جو ڀاڙو ته اداَ مان آهيان پنهنجي واٽ وارو، ويندس هليو وطن تي. چي: پيارا ادا! اسان کي ساک ڏيئي، پوءِ وڃ اوڏهين جيڏي وڻيئي. واگهه چيو، منهنجو چوڻ مڃيو، ادا، اڳتي هلو، من هجي ڪا مسجد مُلو، پوءِ جيئن اوهان چيو تيئن ڪبو بِلو. پوندم ڪم الله سان ڪوڙ  ڪين ڪُڇندس، سڀ سچ اڳيان سلندس. هنن دل ۾ چيو ته ٻيلي، هن ڪئي آهي دغا، جنهن جي ملڻ کپيس سزا، پوءِ هر ڪنهن جي مرضي ادا. پهريائين ڪنهن به صورت ۾ اها ڳالهه ثابت ڪجي، پوءِ جي سڀني سندي دل هجي ته گڏ رهون، نه ته پنهنجي جدا جدا واٽ وٺون. تنهن ڪري واگهه کي پيا چون، ته ڪا اها دغا ٺهي  سا دوستن؟ جي ڪجهه کائجي ته سلجي، جيڪڏهن نه سلجي ته پاڻ کڻي پلجي، هاڻي جيڪڏهن اٿئي کاڌي، ته بَڪ ڦٽي ڪر بادي، کڻي مڃ ته جهيڙو ئي لهي پوي ۽ هر ڪو خوش ٿي آنند ۾ رهي. چي: ادا، دوستن سان دغا ته نه ڪئي اٿم، باقي توهان کي آهن سهڙ جا اثر رکڻا، تنهن ڪري ڪريو ٿا هوڏ ۽ ٻڌو ٿا بُد بُدا سکڻا. جڏهن واگهه باز نه آيو، تڏهن هنن هيءُ پهه پچايو ته هلي هن ڳوٺ مان چوري ڪريون ۽ هن کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيون پوءِ سڀ ڪرائينداسونس سچيون.

نيٺ اها رٿ ڪري وڃي چوري ڪيائون،  واگهه کي وجهه سان اچي چيائون ته ادا، سچي اسان سان ڪر، نه ته سڀاڻي هن ڳوٺ جا ماڻهو اهڙي ڪندءِ پر، جو ويٺو ڏسندين. واگهه چيو: ادا، سهڙ ڄنگهان ٽي، چوٿون ٿِس پڇ، توهان ڄڻ اڳي نه ڏٺو آهي. ڪجهه، هاڻي جي اعتبار نه ڪريو، ته وٺي واٽ پنهنجي هليا وڃو. هنن مال ڪري رکيو واگهه وٽ، پاڻ وڃي پري ٽڪيا. اڃان ڦٽي مس باک، ته  ٿي مال جي مالڪن کي سجاڳ، اُٿي ڪن جاچ ته مال ٺهي ئي ڪو نه. نيٺ مال ڌڻي، ساجهر ئي پير کڻي، اچي مال وٽ رسيا، تنهن ڪري هنن جا به پت سانت ٿيا، ڇو ته هنن سمجهيو مال ته آهي، باقي ٿيو وٺڻ سو هاڻ سولو آهي. نيٺ واگهه کان پڇيائون ته تون ڪير آهين. ڪٿان ٿو اچين؟ واگهه چيو ته ادا! جو مالڪ آهي ملڪ جو، سو راکو آهي منهنجو، هي مال ته الائجي هت ڪير هئا، جي رکي راهي ٿيا.

هنن کي به پيئي خبر، تن به اچي ورتس ڀر، چيائونس: سچي اسان سان ڪر، نه ته  ڪجهه ڏسين ٿو، ڪجهه پسندين وڌيڪ پر. پر جي ڪري ايمان اپر، ڪندين ڳالهه پوري، ته معاف ڪرائينداسونءِ هيءَ سوري ۽ گڏجي هلنداسين، جنهن ڪري رهندي پت پوري. اتي واگهه ڏٺو ته ٻيلي ڪوڙ نه لڪو، تنهن ڪري ٿي لاچار، ڪيائين هيءَ پڪار ته ادا، ڇا سهڙ لڳي ڇا ايتري ڪوشش لڳي! توهان هڪ ڄنگهه لاءِ ڪيتري وٺي تانگهه ڪئي آهي، هاڻ ٺهيو، پڪي کاڌي خير ٿيو، ٻيءَ سيخ جو سعيو ڪريو، هاڻي مرضي توهان جي، وٺي هلو ته واهه، نه ته رکي مٿي شاهه، وٺان پنهنجي راهه! تڏهن چئني چيس ته ادا، هجين خوش سدا، توسان ڪيونسين کِلان، هاڻي ڪر ڪو به ڪو نه خيال ۽ هل اسان سان. ڇاڪاڻ ته هنن سمجهيو ته پتو پيو، هاڻي مٿو هڻون ڇو! پوءِ اتي خوب نشا پاڻي ڪيائون، تڏهن واگهه وريو، يعني پنهنجي وطن هليو. هنن به هن کي خوشيءَ سان موڪل ڏني. اتي وري ماموئي شخصن ٻاچو ۽ ٻاراچ جي موڪلائي ماني، جڏهن کائي پي خوش ٿي جوان ويٺا جاني، تڏهن پڇيائون ماموئن کان: ادا، اسين ٿالهي رکون ڌوئي، پوءِ ٿو مالڪ ڏئي کاڄ سڀوئي. هنن ڀائن پاڻ ۾ ڪئي هيءَ مصلحت، ته ڪريون ڪا اهڙي همت، جنهن ڪري ٿالهي به ڪريون در دست، ۽ هنن کي به ان ڳالهه جي پوي ڪا نه ٻڙڪ. وري ماموئن صلاح ڪئي، ته هي آهن اڙٻنگ جوان ٻئي، متان اها ٿالهي کڻي وڃن، تنهن لاءِ پيا رٿون رٿن. نيٺ هيءَ ڪيائون رٿ ته سمهڻ وقت پاڻيءَ سان ڀري، مٿئون ڇِڪي ۾ رکجي، پوءِ جي هي کڻندا ته پاڻيءَ جا ٽيپا ڪرندا، تنهن ڪري ٿيندي سجاڳي ۽ ويندي ڪين ٿالهي. هنن وري اُٿي اڌ رات جو ڪئي ٿالهي هن ريت سان خالي، جو نڙ کڻي، پاڻيءَ وٽ نَئي، اهو پاڻي ڦوڪي ڪڍيائون ۽ ٿالهي وڃي داخل درياءَ جي ڪيائون ۽ وري اچي سُمهيا ۽ مها آنند ۾ ڀرپور ٿيا. ائين ڪندي هنن کي به ٿي سنڀال،  چيائون هنن کانسواءِ نه آهي، ڪنهن کي مجال، جو ڪري اسان سان ٺڳيون ۽ تال، هنن به سرت سان سهي ڪري وڃي ٿالهي هٿ ڪئي ۽ پاڻيءَ سان ڀري آڻي اتي رکي. هي هڪ ٻئي جي حڪمت ڏسي سُمهي پيا، صبح جي وقت سڀني جا سامان سلامت هئا.

وري اُتائون ٻاچو ۽ ٻاراچ موڪلائي روانا ٿيا، وري آئيا اتي جتي هئي ٻاچوءَ جي زال، (يعني جنهن زال کي ڏنو هئائون نشان) هنن به حڪمت سان لڪائي بهري ۾ بحال، وري هئي نه ڳوٺ ۾ ڪنهن کي ڏسڻ جي مجال، تنهن ڪري ان عورت خوبصورت نيڪ سيرت جو لهڻ به هون محال. نيٺ ڪري حڪمت ۽ خيال، وڃي لڌائون اها عورت خورد سال. پوءِ ڪري همت هزاري، وڏي اها پرڻي ناري پهرئين ورهيه ٻاراچ کي ملي پُٽ جي واڌائي، جنهن جو نالو رکيائون اوباهيو. ٿوري گهڻي ڏينهن ٻاچو ۽ ٻاراچ مري ويا. اوباهيو مهاڻن ۾ وڏو ٿيو پلجي، ۽ اتي ئي ڪيائين شادي، جنهن مان ڇهه پٽ ٿيس. وري جڏهن وڏي عمر آيو، تڏهن هن ڪيو ٻيءَ زال پرڻجڻ جو سعيو. آخرڪار ان مان به هن کي اميد آئي، ۽ هڪ پٽ ”مورڙو“ ۽ هڪ ڌيءَ ”جمڙيءَ“ نالي ڄائي. مورڙو وڃي اتي جي راجا دلوءَ  وٽ نوڪر بيٺو،  ٻين ڪيو مڇي مارڻ جو پيشو. مڇي مارڻ جي هنن کي نه هئي خبر چار، تنهن حال سان به هنن ڪُن ۾ اُڇلايا اوزار ۽وڌا وڏا ڄار، ائين هئي ڪا ڌڻيءَ جي گهر جو اوزار وڃي پيا واڳوءَ جو ور، جنهن کڻي ڪيا پيٽ اندر، نيٺ سڳا ڇڪيائون، پر پتو نه لڌائون، نيٺ هيءَ رٿ ڪيائون، ته اسان مان هڪ هلي ڏسي حرڪت، ۽ ڇڏائي ساڻ حڪمت، پوءِ اوباهيو هليو ڌڻيءَ جي برڪت اڃا آب ۾ گهڙيو، ته واڳوءَ جو وارو وريو، جنهن کڻي وات ۾ وڌس ۽هضم ڪري ڇڏيس. آخرڪار سڀيئي سردار، گهران اها ڊاڙ هڻي پيا هلن ته اجهو ٿا واڳوءَ کي پڄن، پر ڏسو قدرت الاهي جو مٿن آفت آئي، جوسڀني جي واڳوءَ سيخ پچائي.

قصو ڪوتاهه! ته ڇهه ئي ڄڻا، واڳوءَ کي وڻيا، جنهن پنهنجو لقمو ڪري ڇڏيا. اتي سندن ڀيڻ ڪوماڻي، تنهن ڪيو هي خيال، ته هنن سان ڪهڙو بڻيو حال، جو جيڪو ويو، سو گم ٿيو، تنهن ڪري چڱو ائين آهي، جو جلد پنهنجي  ڀاءُ مورڙي کي اچان ٻڌائي، تنهن ڪري جلد مورڙي وٽ آئي، مورڙي به ان وقت ۾ ٿي دارُونءَ جي دنگي لٽائي. ڏسنديئي ڀيڻ کي چيائين ته مائي ڪندو خير سائين تون خبر ٻڌاءِ سڀائي. چي: ادا، ڀائر اسان سندا، ويا صبوح جو وقت لئي، الائي ڪهڙيءَ ورتن شيءِ، جو اڃا ڪو موٽيو ئي ڪونهي. اڃا مورڙي اها ڳالهه ٻڌي، ته هن جي دل ويئي سُسي، ۽ بادشاهه وٽ ويو ۽ اچي چيائين: سائين، منهنجو عرض اگهاءِ! بادشاهه چيو اهو ڪهڙو، سگهو تون الاءِ! چي: سائين هن وطن ۾ هڪڙو پيدا ٿيو آهي ويري، ڏيوم موڪل ته ڪريان ان کي ڍيري. دلوءَ هن کي موڪل ڏني. هو ان مهل گهر آيو ۽ اچي سامان سنڀرايو. هڪڙي صندوق جوڙيائين، تنهن ۾ ڪات وغيره وسلا واڳوءَ سان وڙهڻ جا وڌائين، پوءِ سنڀالي سائين، مورڙو روانو ٿيو. اڃا درياءَ ۾ آيو رڙهي، ته واڳوءَ به ورتس ڏسي، مورڙي جنهن مهل واڳوءَ جي شڪل پسي، تنهن مهل هن جي دل به ويئي سُسي، پر ڪري دل ڏاڍي، هن هلائي رمز بازي ڪيئن ته ان وقت اچي واڳوءَ ورتس، اتي مورڙي به ڪين جهليس، جڏهن مورڙو اندر ويو، تڏهن هي به وڃي، ڇهن جيئن موت جي منهن پيو. هن کي اهو به جوش ٿيو، تنهن ڪري جلد ئي پيتيءَ مان نڪري ڪات ڪڍيائين، ڪات واڳوءَ جي وات وڌائين ۽ مڇ جي مئي لاٿائين. پوءِ مڇ جي پيٽ مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ان جي ڪڍائڻ جو سگهو ڪيائين سعيو. هي مڇ اهڙو نه هو، جو جلدي ٻاهر نڪري اچي، تنهن لاءِ شهر جا سانَ گهرايائين. تن کي سڻڀ مکائي، تن تي ڪپهه ڪوئلا وجهائي، پٺيون تپائي، آڻي نوڙين ڇڪڻ تي زور ٻڌائون، مس مس اهو موچڙن سان ڇڪي ڪڍيائون. پوءِ وڍايائين واڳوءَ کي، ۽ ڇڪي ڪڍيائين ڇهن ئي کي. پوءِ انهن کي چڱيءَ ريت دفن ڪيائين،  ۽ مڇ جي گل لاهي، تنهن مان جوراب جوڙائي، پيرن ۾ پاتائين، ٻيا عضوا هنجا ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ پاڻ انهن جي زالن ۽ ملڪيت جو خاوند ٿي ويٺو ۽ انهن زالن کي چڱيءَ طرح سنڀاليائين. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ سندس ناموس ٿي ويئي ۽ اڄ تائين سندس نالو ڳائيندا اچن، ڇو ته پنهنجي سر جو سانگو ڦٽو ڪري ٻين جي سک لاءِ ويو.

اي صاحبو! هيءَ ڳالهه پڙهي، ٻڌي، دل سان هنڊايو ۽ منجهانئس نصيحت پرايو، پنهنجن مائٽن، ٻارن، ڪٽنب ۽ ديش ڀاين سان سنيهه ۽ محبت رکو ۽ ڪڏهن نه انهن ڏانهن دل مٽيو، ته خدا پاڪ جي مهر ٿئيوَ ۽ ماڻهن ۾ به جس رهيوَ.

——–

 
* هن روايت جو متن ڇپيل ڪتابڙي تان ورتل آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان مسٽر پوڪرداس سن 31- 1932ع ڌاري ڇپايو.

هن ڪتابڙي ۾ ٻه قصا ”مورڙي“ ۽ ”سهڻي ميهار“ جا شامل آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب جو عنوان پڻ ”قصو مورڙي ۽ سهڻي ميهار جو“ ڇپيل آهي. مورڙي جو قصو بيتن ۾ شاعر دريا خان جاگيراڻيءَ جو چيل آهي، جنهن جي منڍ ۾ نثر ۾ ڳالهه لکيل آهي. هتي ڇاپي مطابق منڍ ۾ نثر واري ڳالهه توڙي دريا خان جو بيتن ۾ چيل قصو ٻيئي قائم رکيا ويا آهن.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :12
قصو مورڙي جو

بيت چيل دريا خان جاگيراڻيءَ جا

1-                  ڪريان تعريف تنهن جي، جيڪو آهي پاڻ الله،

نرمل خلقيئين نُور مان، ٻيو شافع جو ته شعاءُ،

ٺاهي آڏيڻو آدم جو، وڌو سگهه پنهنجيءَ سان ساهه،

پوءِ پاسي ۾ پيدا ٿي ڪيو حور هڳاءُ،

اُمت اُتاهون پيدا ٿي، هندو ٿيو هر گاهه،

پيغمبر پيدا ٿيو، دين وريو هو داءُ،

دانهه ”دريا خان“ سان ڪندو فضل فتاح،

پيو هونِ سنباڻ سگهه جو، جڏهن ڄڻيا هئا ماءُ،

’ٻاچو‘ ۽ ’ٻاراچ‘ نڪتا گهوٽ گهراءِ،

هن کي سارڌا هئي سر ۾، چوي ”جاگيراڻي، جراءُ،

هن جا عين هئا آهوءَ جا پکي پرڏياءُ،

ويٺو هو وڻ ۾، شهر جوڙيو شوقاءُ،

هنن گڏجي گفتگو ڪيو آنن آوازاءُ،

وڏو چڙهيو ورک تي شير هڻي شرطاءَ،

ڪڍي ويس تجويز سان، ڪَل نه پيڙس ڪاءِ،

پوءِ هن هيٺ اچي هڙ سنڀاري، آهن آنا ٻاراچاءُ!

شابس توکي شينهڙا، ڀلو آهين ڀاءُ!

چئنچل ويا هئا چاهه سين، وڃي ڏٺائون عورت جو اُهاءُ،

ڌرئون توکي ڌيئڙي، لکيو وينگس هي وياءُ،

لکيو اٿس لوح ۾ هن ناميي سان نڪاح،

پوءِ گڏين ماموئي ملڪ ۾، جي لهن تارن تي ترڀاءُ،

’واگهه‘ گڏيو هونِ واٽ تي، همت جو همراهه،

هون شوق شڪار جو، ورتائون سهڙو بي سمجهاءُ،

کڻي پچائي پاڻ سان، ٿيا راهي انهيءَ راهه،

وين چوري کائي چاري ۾، ويو ڪندو انهن سان الاءُ،

پتيون ڪيائون پاڻ ۾ ]جڏهن ٿي[ ونڊ وراهه،

چيٺ ڪيائون چوٿينءَ جي، وٺو واگهه ڪنان ويساهه،

محبت سندو ساءُ، ڀائر ڀڃن ڪينڪي.

2-                  چي: ادا! سهڙ ڄنگهان ٽي، چوٿين ڪير چوي،

هجن گڏ اُهي، وڃي واگهه وطن تي.

3-                  چئني رکيو چت ۾، خاصو خوب خيال،

ڄنگهه سهڙ ثابت ڪريون، من هائو ڪري حال،

طبيبن سان تال، واگهه ڪيو آ واٽ ۾.

4-                  دروازا دلين جا، جوڙيا ڌڻيءَ پاڪَ،

سونا آهن سائل جا، تَنَ ساري جا طاق،

سچائي سنگت سان، ڪئي ڪين قزاق،

ويسر آهي واگهه تو، تنهنجي ماري ٿي مذاق،

هاڻي ادا سهڙ سندي ساک، ڏيئي وڃ تون ڏيهه تي.

5-                  اڳيئون درس اوهين دڳ تي، هلو مسجد ڏي ته مـُڙي،

پوندو ڪم ڪريم سان، جت پورب منجهه پري،

اتي ملهه موچارو ڪندو حاضر هڪ گهڙي،

سا جماعت جُڙي، جيڪا اُمت الله جي.

6-                  اسان جو ڇا اُمت سان، هرڪو پالي پاڻ،

ڪانهي بس بحر کي، جيئن ندي وهي نياڻ،

آهي سو اڻڄاڻ، جو ڪري دغا دوستن سين.

7-                  دغا نا دوستن سان، آهيون چئي ۾ چاڪر،

سهايو نه سهڙ جا اجايا اَٿر،

پير ڏني پاکر، دانهه ”دريا خان“ کي.

8-                  پنج ئي هليا پهه ڪري، ڏاها جي ڏونگر،

ميڙي کنيائون مال کي ظاهر زر زيور،

واگهه ويهاري واٽ تي، وڻ سان ڀي ويتر،

ڪر ثابت ڄنگهه سهڙ جي، سچي اسان سان ڪر،

نه ته پاڻهي ٿيندءِ پر، جو ڏک ڏسندين ڏيهه جو.

9-                  سهڙ ڄنگهان ٽي، چوٿين ڪير چئي،

جي اوهان پت نه پئي، ته وڃو انهيءَ واٽ سان.

10-            رات گذري ڏينهن ٿيو، هن کي ڏورئون ڏٺائون،

طرحين طرحين طرز سان، هن کـﺂن پر ۾ پڇيائون

ڪير آهين، ڪاٿـﺂن، جو آئين پنڌ ڪري پرديس ۾؟

11-            جوئي مالڪ ملڪ جو، صاحب آهي سو،

چڱيءَ طرح چتر سان اچي پڇيو آهي تو،

وڃي جاچي ڏس جاءِ تي، جيڪي ڪم ڪري ويا ڪو،

هت ڇڏي ويا هو، نه ڄاڻان ڪير هئا، ڪاڏي ويا.

12-            رڙهي آيس رﺂنشي تي، اچي ڀومين ورتس ڀر،

ڏسين ٿو آگ اکين سان، چِکو ڏسين ٿو چَر،

جي ڪرين ايمان اپر، ته ساڻ نيون تو سر سان.

13-            ڳالهه ٻڏي ڳـﺂرا ٿيو، نڪي سنگت ڪاڻ سهايو،

هوءَ ويسلي ڪين به ور ڏانهن، هن ڪوهياري ڪاهيو،

ٿيو هوس عاقل نالي اڳ ۾، سونهون سوايو،

جڏهن حور ڏٺائين هنڌ تي، ٻهڳڻ ٻولايو،

ڇا سهڙ، ڇا سنگت، نڪي اوهان جو واگهه به وڃايو،

اوهان چئني ڪڍ چوريءَ جي ڪيترو ئي ڪاهيو،

پڪي کاڌي خير ٿيو، ڪيو ٻيءَ سيخ جو سعيو،

جي وچ ۾ ويهاريو، نه ته وڃي واگهه وطن تي.

14-            چي: توسان پيچ پريت جا، ڪئيسون کِل رڳي خالي،

هاڻي نشا پي نوان ٿيو مست موالي،

ڏنائون ماني مهمانن کي، ڪن نيڪي نرالي،

هو به کائي خوش ٿيا، هن کـﺂن حرف پڇن حالي،

اوهان جي چال آهي چالي، ڪي قسمت آهه ڪنجهي ۾.

15-            چي: ڌوئي رکون ڌيان سان. ٿانوَ، اِها ٿالهي،

ولهن کي والي، ڏئي ٿو طعام طرح سان

16-            ڀَري رکي ڀـﺂ کان، مٿـﺂن ماموئن،

متان کڻي ڀي وڃن، ته ٿئي جاڳائي جر تي.

17-            هن واندي ڪئي وڙ سان، نڙ کڻي نينگر،

هٿ وجهي هيڪر، سانڀي آيا سير ۾.

18-            سانڀي آيس سير ۾، اچي پيا سالڪ سڀ سمهي،

هو ڀي منجهان خوف کڙا ٿيا، ننڊ مان نجومي،

ڀر وٺي ڀومي، ٿالهي رکيائون ٿانَ تي.

19-            هڪ ٻئي جي حڪمت ڏسي، جوان هليا جائي،

ويل تنهن واهڻ ۾ اچي پهريئون پچائي،

نڪي ڄائي ڄرم مون، ٻي ڪل ناهي ڪائي،

دختر تنهن ديوار ۾ نيئي لوڪئون لڪائي،

جوڙي جاءِ جنسار سان وچ ۾ وهائي،

هن کي عين هئا اندر ۾ عطا الاهي،

بام تنهين بُهري ۾ هن کي لکئي لهائي،

چائي هليا چنبن ۾ ڪري سامي سوائي،

ڪري جلدائي، ڀڳا پنهنجي ڀونءَ ڏي.

20-            هن وس وڏا واڪا ڪيا، هئي وس نه ويچاري،

پوءِ وڃي پَکي ڪيائون پانهنجي، ڌار ڪري ڌاري،

ڪري همت هزاري، وڏي پرڻيو نار کي.

21-            وڏي پرڻيو نار کي، ستت ڪري سعيو،

اڳ ۾ اوباهيو، ٿيو ٻهڳڻ پٽ ٻاراچ کي.

22-            ڇهه پُـُٽ ڄاوس هڪڙيءَ مان، ٻي پرڻيائين جوءِ،

تنهين منجهـﺂن مورڙو پرڏر ڄائو پوءِ،

سارو راڄ سندوءَ، اٺين ڀيڻ، ”جمڙي“.

23-            اٺين ڀيڻ جُمڙي، ڪن ٿا ڪُڙهه قطار،

ويندا هئا، منهن مرسل جي، ڪندا هئا ڇڻڪار،

دانهه ”دريا خان“ کي، اچي سوڀ ڏني سردار،

بانڪا بيپرواهه هئا، خاصا خبردار،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، وڃي وڌائون ڄار،
مچ جي ملاحن کي، خبر نه هئي چار.

واڳون وڌا سڀ وات ۾، جيڪي اُڇلايائون اوزار،

ساهيائون سرڳن کي، وٺي واڳن کان وينجهار،

اتي ماندا سڀ ملاح ٿيا، ڪن گويا هي گفتار،

سُتت لهو ڪا سار، متان پوي رات رَڇن کي.

24-            پهلو ”پنهور“ هليو ٻهڳڻ ٻولائي،

جوان ويو اُن جهنگل ۾، ڪاوڙ مؤن ڪاهي،

ويريءَ وڄائي، لقمو ڪيو لهر ۾.

25-            لقمون ڪيائينس لهر ۾، اُٿي هليو ”اڱارو“،

جوڌو ڀي جوان ويو، گهير لنگهي گهارو،

ويريءَ ڪيو وارو، جو طعام ڪيو تنهن تار ۾.

26-            ڏسي ”مانجهندو“ مهل ڏي، مردن ڪئي منهن مير،

دُرس ڪيائون دير، جو ڪوئي موٽيو ڪونڪو.

27-            ڪوئي موٽيو ڪو نڪو، ٻڌي ڪونڌ ڪمر،

ويو ڪاهي ڀي ڪولاب ۾، توڪل ٻڌي تر،

وڃي وڻ ڏٺائين ويريءَ جو، آيس نشان نظر،

پيو ويريءَ سندي ور، جو هضم ڪيائين هن کي.

28-            لڏڻ هليو ”لاڏڪو“، سورهيه سنگ سٻر،

ويو وير لنگهي واديءَ ۾، جت جال هئو ڀي جر،

ڪندس ڪم ڪڇـﺂن سان، اهو ڏاڙهي ڇا ڏيڏر،

ويٺو واڳون وات ڪيو، سوگها ڀي سڀر،

ويريءَ ڏيئي ور، لقمون ڪيو لهر ۾.

29-            پنجون هليو پهه ڪري، من ۾ پائي مير،

وٺندس تنهن ويريءَ کـﺂن، وجهه وٺي سڀ وير،

آيس دست دلير، واڳوءَ وير هضم ڪيو.

30-            هليو ”هنج“ همت سان، سڌ لهڻ ساري،

ڪو نه ٻڌوسون ڪڏهين، ملڪن ۾ ماري،

هن به ڏيئي ڏيکاري، هضم ڪيو هن کي.

31-            تڪي بيٺي تڙ ڏي، نڪو گاروڙين غوغاءُ،

سولا آهيو سڏ ۾، ڪين ڪا وائي اٿوَ واءُ،

سامين جو ته سماءُ، ڪو نه پوي ٿو ڪن ۾.

32-            جوش جلايو جُمڙيءَ کي. ڏک وجهي ڏيلاءُ،

معلوم ڪريان ”مور“ کي، جيڪو ڀلو آهي ڀاءُ،

اِهو حال هتانءُ، وڃي اورينديس عجيب سان.

33-            ڀاءُ ڏسي ڀيڻ ڏي، ڪري دل ۾ ڀي ته دليل

خاوند گذارين خير سان، جائي رب جليل،

هُتـﺂن ڪري حيل، جيءُ آئينءَ تون جمڙي!

34-            ڀيڻ ڏسي ڀاءُ ڏي، ٿي نيڻين هاري نار،

ويا هئا شوق شڪار جي هڪيا کڻي هٿيار،

جوڳن سندي جهنگل ۾، ناهي تڙ تنوار،

پاڻيءَ ۾ پرتار، ڀڙَ ڪرين ڀائن جي.

35-            ڀڙ ڪر ڀائن جي، خبر ڀي کولي،

ڪـُڙهيون کڻي ويا قوت لئي، وقت ڪنهين ويلي،

من مولو ڀي ميلي، ساٿ تنهنجو سسئي.

36-            هيس سنگتياڻي ساٿ جي،، جيتر سانڀر سامائي،

هن جو ڀير ڀلن سان، جوڳين کي جائي،

ڏوريندا هئا ڏٿ کي سامي سدائي، [1]

وَهه هين ويڙهه جو وات اِها وائي.

اڳتئون مڇ مواس هو کر ٿيو کائي،

مدعيءَ جي منهن ۾، هنن جاءِ به جوڙائي

ويو سج لهي سڀني کي، هنن مهل به مٽائي،

ڪل ناهي ڪائي، ڪا ڪا انهيءَ ڪـُن جي.

37-            ڀاءُ ڏسي ڀيڻ ڏي، مور ڏنو مرڪي،

جلوو آيس جان کي، هن جو ٿڙ ويو ٿڙڪي،

ويندس ڪُن مٿي ڪڙڪي، مئي لاهيندس مڇ جي.

38-            ”مور“ هو مجلس ۾، راوت خان رنگي،

ساريو سنگتين کي ڏئي، نشو نينهن ننگي،

دارونءَ جي ته دُنگي، هن جي هٿـﺂن هيٺ ڇڻي پئي.

39-            وڃي در ”دلوءَ“ جي، موڪل مير منگي،

هڪڙو ويري ٻجهي وطن ۾، جو آهي جوان جنگي،

لڪن منجهه لنگهي، ڪَل لهان اُن ڪـُن جي.

40-            ويٺو مور محل ۾، ڪائو جوڙائي ڪات،

ويو جاچيندو جر ۾، ويٺو هو واڳو ڦاڙيو وات،

ڏيئي ڪلين ۾ ڪات، مئي لاٿائين مڇ جي.

41-            مئي لاٿائين مڇ جي، ويس پکي ۾ پيهي،

جڏهن ويو واڳو جي وطن ۾ پاڻ هڻي پيهي،

چوڌاري چاري ٿيو، وڃي ڏٺائين ڇپيا ڇهيئي،

ڳالهه ڪريان ڪيهي، سامين جي ته سماءَ جي.

42-            سامين جي ته سماءَ لئي، وڃي ڏٺائين دشمن جو ديرو،

وڍيائينس وجود مان جيءُ جگر جيرو،

سورهيه ڪيو سيرو، جو مئي لاٿائين مڇ جي.

43-            مئي لاٿائين مڇ جي، هيڪر وڃي هوند،

ويريءَ ساڻ وڙهڻ جي، وڃي بانڪي وسائي بوند،

آهي ڪڇون منجهه ڪنوند، ڇولي ڪڍندس ڇرمـﺂن.

44-            هڻي هٿ هناڪ کي، آڱر هنيس ارموش

ڪَڇي تنهن ڪڇونءَ کي، پانَو ڏنس پوش،

رات گذري ڏينهن ٿيو، راسين ڪيا روش،

آيو هاڙهي منجهه هوش، اچي ڪيهر ڪنڌيءَ سان ٿيو.

45-            ڪيهر ڪنڌيءَ سان ٿيو، هئا جوان اُتي جائون.

”اوباهيو“ آهون ڪري، گهري دست کڻي دعائون،

شل هوندا ثابت ڀي سامين جا، هٿ ٻئي ٻانهون،

سڀ وجهي سانَنَ تي، ڪوڏين ڪاهيائون،

تن تي ڪانڊا ٽانڊا ڪوئلا، ڏيئي برهه سنديون باهيون،

ڪُلها اچي ڪُنڍين ڏنا، جن پانجاريون پايون،

توَ سندي تاب کي، سانَ آيس ساهيون،

ڳوڌي ڀي ڳاهيون، راوت راهيون رُڪ جون.

46-            راوت راهيون رُڪ جون، شابس ڪيائين،

خنجر سان خونيءَ کي واري وڍيائين،

لوهُو تنهن لغور جو پهريون پيتائين،

اوباهيو آهون ڪري، هنجُهون هاريائين،

وجهي ڪُڙهه ڪپهه ۾ ڪونڌ به ڪڍيائين،

ماڙيون محل ملاحن جون جاڙيون جوڙيائين،

پکا تن پـُرسن تي، اَجها اڏيائين،

لاهي کل خونيءَ جي رڱ ۾ رڱيائين،

جورابا جزيد جا پيرين پاتائين،

پاڙيائين ٻول ”ٻروچ“ چئي، جو ڌرئون ڌاريائين،

پوءِ ڪُنڍيون، ڪونجا، ڪاهيو، پنهنجون پاليائين،

ڏٻريون، سٻريون، پوئڻيون، پڇاڙيون پر جون تن سڀني جو سائين،

هيڻي کي به هب ۾ اچي ڏني وارث ويساهين،

گهاتو تنهن گهيڙ کي، چيٺي چاڙهيائين،

آنهل کي به اچي ڪري آڌر ڏنائين،

جڪي عيب اُمت جا، سي اچي خوشيـﺂن کنيائين،

بڇڙايون بندن جون اچي بيحد بخشائين،

سخن سچو سيد ڪيو، اچي پت به پاڙيائين.

هو امر ڀي ته عمر ۾ گهڻو گهاريائين،

ڪڇون ڪولابن ۾، جر ۾ جاليائين،

باري وڻ بڇ سان ڪَستـﺂن ڪيريائين،

جڏهن ٿيندس هڪڙو ڏينهن به هوڏ جو، تڏهن مڇ کي ماريائين،

اٿس لهڻو لاثانيءَ جو، سو ڏکيو ڏنائين،

اهي عيب، سڀيئي عزرائيل کي اکين ڏٺائين،

پيڙس پاپ پلوَ ۾، سور به ساريائين،

پهرين سـُور به پرينءَ ڏهون ”اقرء“ آندائين،

”ڪاف“ تنهن قاصد سان موڪل مڪائين،

اڳيـﺂن تنهن اُمت جي، وَهي واچيائين،

حافظ جي هنئين تي، هيرو هاريائين،

سبق تنهن سائل کي چاندي چيائين،

جس ”جاگيراڻي“ چئي، ڳُڻ تنهنجا ڳايائين،

ڪلمو ڪهايائين، جيڪو آ راس رسول تي.

لا الـٰﮧ الالله محمد رسول الله

—————

 
[1] سدائي = سدائين.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :13
روايت[8]*

مل محمود جا چيل بيت·

1-                  ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، کيکون اُڀو کاءِ،

ڀڙڪي ڀائرن جي بُت کي لڳي باهه،

اوباهي جي اولاد ۾، رڳي هاءِ هاءِ،

سڀ ڪو ٻيٽو ٻاپ جي، ڳالهه ويٺو ڳاءِ،

اهڙي اوچتي موت کان، توبهه نعوذ بالله

رکين پنهنجي بناهه ۾، راڻيون ڪيم رنجاءِ،

اڄ سيئي محب ملاءِ، جنهن سين مهڻي سندي ميٽ ٿئي.

2-                  ميهڻي سندي ميٽ ٿئي. وڃن غم گوندر،

مورڙي کي موت جي، لڳي آڳ اندر،

هلي اچي حاضر ٿيو، مٿي ڪـُن ڪپَر،

هڻي ڪا تير ڪَلن مان، ماريائين کي مانگر،

سا اهڙي بلا آفت هئي، جهڙا ڏسجن ڪي ڏونگر،

تن گهوڙين ڇڪي گهر آندو، جن ڦٽا ڪيا هئا ڦر،

نه ته پـُرسن جي پيهاٽ جي، خلقن سئي خبر،

مورڙو مَلهي اُٿيو، جنهن سام جهلي سرور،

پوءِ اُنهين پَر پکر، جُڙيس، جس جهان جي.

3-                  ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، جَر هاري جال،

ويا تان نه وَريا، هو ڪلاچيءَ ڏي ڪالهه،

جَيڪس جهونجار جهلئا، لـُڙ لوٽي لال،

انهيءَ جهوريءَ جهڙ لائيو، هڄي منجهه حال،

ته سيد جي سنڀال، من ڪو ميڙائو ٿئي.

4-                  من ڪڏهن ميڙائو ٿئي، اڱڻ شال اچن،

لهي رونڪ رَڇن تان، ڇينون شال ڇُٽن،

وڇڙي جن ورهيه ٿيا، سي مـُٽي شال ملن،

محابي مير محمد جي، ۽ برڪت چئن يارن،

پوءِ سيد سنڀاريو جن، سي تار لنگهي وڃي پار ٿيا.

5-                  سي تار لنگهي پار ٿيا، آڳهه ڪيائون علي،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، حاضر ٿيا هلي،

مهندان تن ملاحن جي، سرور سام جهلي،

هئو جس جهونجهارن کي، شرف شهادت ڀلي،

جي ڇڏي سانگو ساهه جو، آيا مَرڻ لاءِ مَلهي،

پوءِ ٽولي سندي ٽولي، رهي ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾،

6-                  رهي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، سندي سوڀارن،

ڇڏي سانگو ساهه جو، ڪي جلد جهونجهارن،

لهرن لوٽي جهليا، پارس پاتارين.

هو ائين امر الله جو، نه ته ڪي مانجهي مارجن،

شل ڪڏهن ٿئي ڪومَ ڪو، ههڙو ڀَنڻ ڀائرن،

مورڙي تي موت جا، اڄ ٻارڻ ٿا به ٻرن،

جيڪس خان کپي ويا، ٿيو مارو ملاحن،

لڳا ڇَٽ پٽن سين، ويو ٻهڪو ٻانهيارين،

جيئن ماڻهن سين موت ڪري، تيئن پٽيو پار ڪڍن،

الا! اوندهين، ڪو والي ورق واريين،

7-                  ڪو والي ورق واريين، سٻاجها سائين!

شل پَسي پوءِ مران، هوءَ مَڃر مهائين،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، جن ڏُجهڻ سين ڏانئين،

تن مردن جي، ”مَل“ چوي، پرور! پت رهائين،

مياڻيون ملاحن جون، رک سرهيون سدائين،

سي گهر گهُوٽ ملائين، جن سڌاريو سفر کي.

8-                  جن سڌاريو سفر کي، کڻي ڪـُهڙيون ڪَل ڪمام،

هڻي نعرو هليا، مڃي محمد ڄام،

ڏسي ڪُن ڪلاچيءَ جو، تازا ٿيا تمام،

ائين ڄاتائون ڪينڪي، ته ڪو اجل جو هت انجام،

اوچتو موت آئيو، تنهن ماري ڪيا ماتام،

ڇڏي مزا ماڙيون، وڃي گنگهر اڏيائون گام،

پوءِ مانگر ٿين مقام، ڪَڙهه ۾ قبرون تن جون.

9-                  ڪَڙهه ۾ قبرون تن جون، رهيا منجهه انڌاري،

ڪَڇَئُن ڪَرٽي ڇڏيا، سڄا سڌاري،

اهو دليل دل ۾، ٿو مورڙي کي ماري،

ڏيو اوڇنگارون اَدن لاءِ، ٻر ٻر ٻاڪاري،

جئن ڪُنڍيون ڍڪن کوهن تي، تئن اُڀو اوساري،

پوءِ حيلا سڀ هاري، سورهيه سنبهي هليو.

10-            سورهيه سنبهي آئيو، ڪاوڙ منجهان ڪاهي،

ته ڪٿي ڪـُن ڪلاچيءَ جو، جنهن ۾ عداوتي آهي،

گهڙي منجهس گهورو ٿيو، لاڳاپا لاهي،

وڃي اُٿاريائين اَرڙ کي، جلدي جاڳائي،

ڪڍي ڪات ڪَلـُن مان، ٺوڪيائينس ٺاهي،

پوءِ گهاتوءَ گهائي، مانگر سڀ مات ڪيو.

11-            مانگر سڀ ماتو ڪيو سورهيه ڪري سَتُ،

وَٺتائين ويريءَ جو، آب منجهارا اَتُ،

جگر جيرا بُڪيون، ڪپي ڪيائين قَطُ،

اُڌما ڏيئي اُٿيو، ريلا ڪري رَتُ،

مَر مرڪي مورڙو، پاريو جنهن پَهَتُ،

ماري سو مَيءَ مَت ڪيائين ڪوس ڪلاچيءَ ۾.

———–

 
* ”مجمع العجائب“ مطبوع: بلوچ ليٿو پرنٽنگ پريس، ڪراچي، سن 1359ع هه تان ورتل.
· محمود پٽ طالب ذات پَلي پاڙو آجيجاڻي درس، ڳوٺ حاجي عبداللطيف پليءَ جو ويٺل هو، جوعمر ڪوٽ کان ٻارنهن ميل ڏکڻ طرف آهي. فقير محمود، حاجي عبداللطيف وٽ پڙهي قرآن شريف جو ياد حافظ ٿيو، پوءِ فقير جي شادي وري ”ڪاٺوڙي“ وارن راڄڙن مان ٿي. فقيرن تي ”مل“ نالو انهيءَ ڪري پيو، جو هو بدن ۾ سنهون ۽ قد جو ڊگهو هو، جهڙو چونري جو ”مل“ (اندران چونري جي جهل لاءِ ڊگها ڪايا، جن مان هر هڪ کي مل چئبو اهي). کيس دوستن انهيءَ نالي سان ڪوٺيو ته پاڻ به کڻي اهو نالو شعر ۾ آندائين، سندس ڪلام ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهي – ”مجمع العجائب“ ۽ ”ليليٰ مجنون“، جنهن جي آخر ۾ نصيحت نامون پڻ ڏنل آهي. سن 1350هه / 1931ع ۾ وفات ڪيائين.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :14
روايت[9]*

بيت چيل شيخ محمود جا·

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن محشر مرڪايو،

ڪلمو ڪنجي دين جي، هاديءَ هلايو،

مهاڻن کي مڇ جو، آهي سدائين سعيو،

وڍي تنهن ويريءَ کي، هلي ڪافر ڪنبايو،

سڏي تنهن کي ”شيخ“ چئي ڪنهن سالڪ سمجهايو،

اونهي ڪُن اوڙاهه کان، وڌي پير پايو،

اتهين ڪو نه آيو، موٽي تنهن مياڻ تي.

2-                  آيو موٽي تنهن مياڻ تي، هلي پيو حال،

مڙد حوالي مڇ جي، سـُڃا پيا آهن مال،

اوباهيو، پٽن لاءِ، ٿو جر وهائي جال،

ڪالهوڻيءَ ڪالهه، هو ميڙو ملاحن جو.

3-                  هو ميڙو ملاحن جو، وڄائي ويا وارو،

ڀيڻ روئي ٿي ڀائرن لاءِ، ماءُ ڪري مارو،

اوباهيو پٽن لاءِ، ڪڙهي ٿيو ڪارو،

مور به ويچارو، ٿو ڪري ڀيرا ڀائرن تي.

4-                  ڪري ڀيرا ڀائرن تي، مانجهي مرد ملوڪ،

اوباهيي جي پٽن جي، هئي هنڌين ماڳين هوڪ،

ملڪ ڇڏي ويا ”محمود“ چئي، آين فراقي ڦوڪ،

ڪانه سُڄي ٿي ڪوڪ، ڪالاچيءَ جي ڪُن ۾.

5-                  ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، کڻي آنهين هلو هٿيار،

مڙيا ملاح ملڪ جا، لکين لک هزار،

مٿي ٻَڌن مُورچا، ڪن پاڻيءَ جي پچار،

ڏاڍو ڪڙڪو ڪُن ۾، لهو خونيءَ خبر چار،

ٻيو گهڙندو ڪو نه ڪو، رت بنا ڌار،

جنهن جا هيڪاندا هلي رهيا، جاني جگر يار،

رضا رب ڪريم جي، جنهن ڌڪي ڪيا آهن ڌار،

ڏيندُهَن سوڀ ستار، چڙهو ٿا منهن مڇ جي.

6-                  ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن درياءَ ڪيا دوفان،

مولي مُلڪ وسائيا مَڙهيون ڪئين مڪان،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي جُنگ وڏا هئا جوان،

واقف ڪين هئا ونجهه جا، مُڙيا ڪين مستان،

تن مردن جا ”محمود“، چئي، ايڏا هئا ايمان،

ڪَل پين ڪا نه، ويريءَ ورائي ڪيا وات ۾.

7-                  ويريءَ ورائي ڪيا وات ۾، ڇهن ئي کي ڇوڙي،

اوباهيو پٽن جا ٿو پير کڻيو ووڙي،

هليا ڪارڻ قوت جي، رَڇ مڇيءَ لاءِ جوڙي،

ڪَنهين گهَٽ گهٽي جهليا، سوگها ڪيا سوڙي،

لکيو ٿو لوڙي، واحد انگ وهائيو.

8-                  ڄاري تنهن مڇ لئي، جودئون جوڙيائون،

ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، وڃي قلعا کوڙيائون،

مرڻ ڪنان ”محمود“ چئي، منهن نه موڙيائون،

لکيو لوڙيائون، آين ڏينهن ازل جو.

9-                  آين ڏينهن ازل جو، تن جي پوئواري ڪج پوءِ،

اوباهيو پٽن لاءِ، ٿو راتو ڏينهن روءِ،

ماڻهو مڪائون ”مور“ ڏي، چڱيءَ طرح چئجوءِ،

ته اڃان ٿو ترسيو تعظيمون ڪرين هتي آهي ڪڇئون قهر ڪيوءِ

اڄ ڏينهن کان پوءِ، ڪم ايندو، ڪڏهين.

10-            ماڻهو هليو مور ڏي، خاطي کڻي خط،

پڙهي پروڙج پانهنجا، اسان کي ڪو نه ڏي ٿو اَت،

اٿلائي انگ انهن جا ڏٺائين، هئي هئي ڪري انهيءَ هت،

نيڻين نار ٽمي پيا، ريلا ڪري رت،

امر ڪيو اَپَت، ماري مڇ کڻي ويو.

11-            هل قاصد ور پوئتي، هلي ڪري سعيو،

مرد انهيءَ مياڻيءَ تان، ويا لاڳاپا لاهيو،

ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، هلي سورهيه سنڀرايو،

بادشاهه کان موڪلايو، آءُ به اچان ٿو اوڏهين.

12-            اچي ڏني اٿس دانهن دلوءَ کي، حال ڪري هاڻ،

مدد ڏي مسڪين کي، ڪانهي توکي ڪاڻ،

ڪاريگر جي ڪم جو، اهو اٿئي اهڃاڻ،

ڪل گهڙائي ڏي ڪائي جي، جنهن ۾ هئي خونن جي کاڻ

ڇُريون، ڇوهيون، ڪٽاريون، هجن سڀئي گڏ سراڻ،

ڪري هٿ سـُڀاڻ، وڙهان تنهن ويريءَ سان.

13-            ڪاريگر جي ڪم جو، جيڪي سو چئين

آهي رضا رب جي، ڇو ٿو وڪَرَ پئين،

ڪل گهڙائي ڏيندو سئين ڪائي جي، توکي نت نئين،

جنهن ۾ ڇُريون، ڇوهيون، ڪٽاريون، ڪاتيون تکيون ڪئين،

سڏي سج سنئين، حاضر ڪندو سئين هٿ ۾.

14-            رات وچ ۾ راس ڪري، آڻي حاضر ڪيائين ڪَل،

وڃي وهاءِ ويريءَ کي، اچئي ڪا اٽڪل،

راءِ رنو ٿي رت گاڏئون، ڳوڙها مٿان ڳل،

هڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيا سورن ڪيا آهن  سل،

مانجهي اُهي مَل، خونيءَ سڀ کپائيا.

15-            مور تنهين مڇ جي، پهرئين ڪج پروڙ،

ڏسيو ماڻهوءَ کي، ”محمود“ چئي، هتان ڪري ٿو هوڙهه،

اونهو ڪـُن اوڙاهه اتي، جتي ڪو نه هلندءِ ڪوڙ،

سنبهي سهي سـُوڙهه، ڪجان ”مور“ تنهين مڇ تي.

16-            مور تنهن مڇ جي، آهي اندر ڳالهه ڳڻي،

دلگيري اٿم دل ۾، گهاتن جي گهڻي،

سر وڍيندوسانس ”شيخ“ چئي، ڪاتن ساڻ هڻي،

ڏسندو سوڀ ڌڻي، نه ته ڪندس پڄاڻي پانهنجي.

17-            ڏنا ويريءَ وات ۾، سو ٿو گهاتو ڪـُن گهڙي،

جنهن کي دلگيري ناهي دل ۾، سو ٿڙهه به ڪين ٿڙي،

اهو مرد ڀلو آ ”محمود“ چئي، جيڪو چاڻڪ تي چڙهي،

هلو ته ڏسون مورڙو، جو ٿو ويريءَ ساڻ وڙهي،

هي ٿو ڀينر ڀاڳ مڙي، هُو وڃي سر واريو.

——-

روايت[10]*

شاعر نامعلوم

1-                  نَو سـﺂ ٻيڙي گام سان، تيرهن سـﺂ هئي تَر،

ڀَن ۽ ڪـُڙهيءَ جي، ڀيڻي نڪا ڀرَ،

اُٿيا اوج ملاح ڪري، جُنبي بيٺا جَر،

موليٰ فضل ڪر، ته اهي ڪاڪا نڪرن ڪـُن مان.

2-                  ڪاڪا نڪرن ڪُن مـﺂن، ٿين نَر نهال،

وڏي واڪ واڌايون ملن، هيڪر حال في الحال،

منهن ڏسن مردن جو، پرندو مثل مشعال،

پوءِ انهيءَ ئي اقوال، آيا ساٽي سنڀري سڏ تي.

3-                  آيا ساٽي سنڀري سڏ تي، هليا ڪَستـﺂن ڪـُڏ ڪري.

ڪالاچيءَ جي ڪـُن ڏي، هليا گام ڀري،

وڃي پهتا پرت سان، سورن جي ته سري،

لکيو لوح قلم جو، پَري، ڪين ڏري،

هينئون هر ڪنهن حب مان، اندر اَڌ ٽـُري،

بيٺو سَڏ ڪري، اڄ اوباهيو پٽن کي.

4-                  اوباهي پٽن کي، صبح سڏ ڪيا،

وري ڪين وريا، سي ڪنهن هاويءَ منجهه هيا،

گهاتو گهر نه آئيا، منجهان ساويلا ويا،

دشمن ڪنهن دزد جي وڃي پاند پيا،

رنڊجي ڪنهين رمز سان، راوَ  سڀئي رهيا،

قضا مون لئي ڪم هي. قادر سڀ ڪيا،

ڪنهين ويريءَ ور پيا، منجهـﺂن موٽيو ڪو نه ڪو.

5-                  منجهـﺂن موٽيو ڪونه ڪو، ويا مرد مٿير،

موڪلائي مون ڪنان، صبح ويا سوير،

ڪيـﺂن ڪهڙيءَ ڪار کـﺂن، ايڏي اڄ اوير،

ڇني وڌا ڇوهه کئون، ڇوهي ڪنهن ته ڇپير،

اوباهيو پٽن جا، ٿو پرهه نهاري پير،

منجو ماڻهو مور ڏي، هُن جي ادن ڪئي اوير،

ڇَهه ئي نَر ڇُڳير، وڃي ڪالاچيءَ قابو ڪيا.

6-                  ڪالاچيءَ قابو ڪيا، ڇهه ئي جُنگ جوان،

ماريا شايد شِهرَ[1] سان، شومي ڪنهن شيطان،

وَڪڙ ڏنو ويرن کي، نه اهي ڪنهن انسان،

ڪئي برائي آهه هيءَ پَڪ بدون بي ايمان،

جوش جلائي جُمڙي، ڀرُ نه ڏسي ڀاڻ،

ٻيٽيءَ چيو ٻاپ کي، مور سڏائي آڻ،

ڪندو پلوءُ پاڻ، مانجهي ساڻ مقابلي.

7-                  مانجهي ڪندو مقابلو، الله جي اوٽَ،

وڃي ڪالاچي ڪُن تي، چاهه سان ڏيندو چوٽ،

 ٻهڳڻ ”ٻانڀڻ واهه“ ڏنهون، ايندم شال اَموٽ،

جوش جلائي ”جمڙي“ گهر نه ڏسي گهوٽ،

چور نه سهندو چوٽَ، ننڍي گهاتو گهوٽ جي.

8-                  هليو ماڻهو مور ڏي، دانهن کڻي دانهي،

قهر ڪيو ڪلاچ آهه، خبر هيءَ آئي،

گهاتن کي گهائي وڌو، لـُچي لـُنب لائي،

تون ويٺو هت آهين، ڪر ڪا ڪوچ ڪلاچ ڏي.

9-                  ڪريان ڪوچ ڪلاچ ڏي، پر ٿِين ڪيئن ڪنڍارو،

ڪنهن پَر وڙهيا، ڪُن سان، ڪر قصو سارو،

چي: مامَ آهي مذڪور هي، ٻڌ عجب اسرارو،

پهرئين پهر ”پنهيار“ ويو تنهن تان اَجهل ”اگهارو“،

”مانجهاندي“ مرد مٿان ڪيو پاڻيءَ ماسارو،

لـُڏيو ”لال بهار“ ٿي، جيئن چنڊ کِڙيو تارو،

”هنج“ ڪرارو هيٺ وڃي مٿيرو ماريو،

”راهو“ رهيو ڪينڪي، جر ويو جالارو،

هاڻي تو سندو وارو، وڃي ڪـُڏ ڪلاچ تي.

10-            وڃي ڪُڏ ڪُلاچ تي، وٺ پانڌ پرين جو پاڻ،

ڀائُن ريءَ ڀـُنا ٿي، بٺ ٿيا سڀ ڀاڻ

اهڙي ڊوهه ڊُڍي جي، پين ڪا نه ڪا ڄاڻ،

اُٿي تاڻئون تاڻ، هاڻي ڏور ڪُلاچ ڏي.

11-            اِتي پئٽجي پَٽ تي، پَئي وَٽي وِير هٿاءُ،

پڇڻ لڳس بادشاهه دانهه دلوراءُ،

ڪهڙي حال هليو ويو، توکان سُڌ سماءُ،

ڪر حقيقت حق جي، ڌاري ٿاهر ٿاءُ،

شايد تو وَٽاءَ، ڪو ماڻهو آيو اوچتو.

12-            ڪو ماڻهو آيئي اوچتو، جنهن دانهن ڪيئي دلگير،

مرد ٿي منهن ڏي، رک ساڃهه صاف سُڌير،

ڪنداسون اسان ڀي، توسان امدادي اڪسير،

هاڻي کڻ تراريون تير، وڃي ڏي مٿو مَڇَ سان.

13-            چي: ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، قهر ڪالهه ٿيو،

جوانن مان جنگ جو، مون کي پرو اڄ پيو،

وَڏو وقت ويرن کي، ويتر آهه وَريو،

هاڻي ڪائو ڪات ڏيو، ته وڃي ڪَر لهان ڪلاچ جي.

14-            وڃي ڪَر لهي ڪُلاچ جي، سنڍرويان سُلطان!

پهچايان سڀ پيءُ کي، جاني جُنگ جوان،

ڪري پوري آس الله مانَ، وڇوڙيا ميلي وري.

15-            اصل ٿيءُ نه اُٻهرو، رک صبر سڪ منجهانءُ،

جُريت جفا جنگ جي، ٿاهر وڏو ٿانءُ،

الله جنهن جو نانءُ، وَٺايو ويرَ ڏئي.

16-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿو دانهن دلوءَ کي ڏي،

شڪاري هليا شڪار لئي، ڪالهه ڪلاچيءَ ڏي،

دشمن ڪنهن دسي وڌو، سوري سڀني کي،

وٺندس پاند پرين جو، جيءُ وجهي جوکي،

مران ته موچارو ٿيان، جيئان ته شان وڏي،

جان گهمندس پڳ ٻڌي، جان ويندس لوءِ لڏي،

ڪو آڻي خبر ڏي مون کي ڪلاچيءَ جي قهر جي.

17-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿو ٻَريو ٻاڪاري،

روئي روئي رت ڦڙا، ٿو نرتئون نهاري،

گهاتن ريءَ گهر ۾، گهوٽ نٿو گهاري،

گوندر جي گهمسان ۾، خوشي نه ڪا ساري،

دانهن ”دلوءَ“ کي ٿو ڏئي، هي هَنجون هاري،

ڀائر منهنجا ڀَر جهلا، ڪنهن موذيءَ وڌا ماري،

ڇورو ڪري ڇني ويا، ويتر وساري،

ڳڻتي ڳهيرن جي، وڌو ڳل ڳچي ڳاري،

ڪات گهڙائي ڪائي سان، ڏي سهجـﺂن سينگاري،

دانهه ڇڏ تون دل سان، ڪر الله جي آري،

مان ويندس وانگاري، اڄ ڪالاچيءَ جي ڪـُن تي.

18-            ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، آ منهنجي طلب تنوار،

وڻي ٿو ڪين وجود ۾، هي جيڏن جو سنسار،

پت سڄڻن ريءَ سوري ٿو پانيان هي سنٽار، رکجانءِ پرور تون، تنهنجي آ اَڌار،

ڳڻن ڀريا ڀائر هئا، منهنجا ويتر وفادار،

هاڻي تنهنجيءَ تڳان تار، جو ڪندين ٻاجهه ٻانهي تي.

19-            ڪات ڏنـﺂنس رُڪ جو، ڪائي جهڙي ڪَل

آيو ڏينهن تنهين ۾، جهليو نه ڪنهن جي جَهل،

کڻي هليو خير سان، واڍيون وڪڙ وڳل،

دلوءَ ميڙيا دَل ته، هلي ڏسون جنگ جوان جي.

20-            ماڙيءَ چڙهي مورڙي، راوَ ڏنو روئي،

ڀائر منهنجا سونهڻا، ڌِڱ ڇڏيا ڌوئي،

سَٽ سان سٽجي ڪُٽجي، ويو ساٿ ته سڀوئي،

هاڻي ماري مڙيوئي، وڃي ڪڍندس قهري ڪُن مان.

21-            ماڙيءَ چڙهي مورڙو، هليو پسڻ ڀاڄايون،

جن کي سونيون نٿان نَڪن ۾، ڪَر ڪـُلهي ٻانهيون،

پَٽ پَٽولا، بخمل بُت تي، اوڍينديون آيون،

نوڪر چاڪر رکيون نشانبر، ٿي درن تي دايون،

اٿن ننڍا ٻار ڪَڇن تي، ڇَتن ۾ ڇايون،

اوباهيو روئي ٿو ڏک ۾، هر ڪا ڳل لايون،

قسمت ڪم ڪيا هي، هاڻي ڪنهن تي چئو دانهيون؟

وَرن ريءَ ولهيون ٿيون، ميريون ملاحيون،

چُري چِنگهي آيون، ڏسي ڏير ڏکوئيا.

22-            ڏُکين، ڏير ڏسي چيو، هي تو وَڙُ ڀائو ناهه،

اچي اوڍج ڪنجرو، پڳ مٿاهين لاهه،

زالاڻا ڪپڙا، ڪَت پـُوڻين جو پاءُ،

سڄڻن ريءَ سڃ ۾، اچئي ڪيئن ٿو ساءُ،

مرن بنان مهل ۾، ڪونهي ڪو همراهه،

اُٿي تـُرت تيار ٿي، ترس نه، ڪر ڪجهه تاءُ،

ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، تڏهن ٿو ترسين تار کان.

23-            قسم کائي اُٿيو، شان وڏي سان شير،

کڻندس کاهوڙين جو، پاڻيءَ منجهان پير،

ماري ڪندس ڍير، لاهيندس مئي مَڇ جي.

24-            قصد ڪري اُٿيو، مَلُ مـُڇان موڙي،

لکيو لوح قلم جو، هرڪو ٿو لوڙي،

کڻي ڪاٺ ڪهاڙا، دل کـﺂن اڄ دوڙي،

لهندس مرد مٿير مان، والي ڪندو وﺂڙي،

موڪلائي مائٽن کان هليو، ٽڳا سڀ ٽوڙي،

لُڙ منجهـﺂن لوڙهي، وڃي لاهيندس مئي مڇ جي.

25-            لاهيندس مئي مڇ جي، ڪري الله توهار،

شان وڏي مانَ سان، آڻيندس گهر يار،

منهنجي مدد ڪندو محي الدين، مالڪ ڪُل مختار،

پُڄائيندو پاڻيهي دل جي دُرس ڌتار،

جنهن جي توهه تڳان ٿو، سو اڙين جي آڌار،

سنڀارين ٿا سڪ مان تنهن کي، مومن توڙي ڪِراڙ،

سو آ پير پيران دستگير، مريدن مهندار،

ساڻي ٿي سڏ سان، اچي لهندم سار،

هاڻي اَٿوَ الله توهار، موٽان شال مـُهت سان.

26-            موٽان شال مُهت سان، ڪري ماڙ کڻي مولا،

رليل روليان روهه ۾، جنهن وڌا هن رولا،

سانگا سڀ سفر جا، سائين! ڪج سولا،

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، آهن ڪي اولا،

هاڻي ڀُل لٿا ڀولا، جي وڃي پهچان پاڻ پرين ڏي.

27-            مَرڪڻ مانجهي مور ڏي، آئي مادر پير ڀري،

اُڀي ٻَڌي هٿڙا ٿي  آهون عرض ڪري،

چي: ساعت توکان سڄڻا! منهنجي ڪا نه سري،

لکيو جو تقدير آ، سو هرگز ڪين ٽري،

هاڻي تون ڀي وڃ نه پري، جو ڇهه اڳيئي ماريا.

28-            چي: مادر ويهه ماٺ ڪري، چئو نه مون کي هيئن،

جلان، پچان، پڄران، رهان جيئرو جيئن،

وساريان وسري نٿو، طرح انهيءَ تيئن،

اندر ۾ اهڙي ڪا، ناوڪ هنئي نيهن،

ڪالاچيءَ جي ڪـُن سان، قرب رهندو ڪيئن،

تون به چئو هيئن، ته وڃي جيئو ماريو مڇ کي.

29-            مَڇ ڀي موٽڻ جي ڪئي، هو واهڙ کي ڀي وَهـُه،

ڇَر ڇڄي ڇيتيون ٿيا، هن کي پيو ورڻ جو پَهُه،

تَل تراريون تري پيا، گيرٺجي پيو گُهـُه،

ساهه مٿي ئي سَهه، مهميزان ملاحن جون.

30-            مهميزان ملاحن جون، اٿي هاڪيون تاڪيون هير،

سڌو ٿيءُ سوراٽيا، ڇڏ هي ڦند ۽ ڦير،

لائق ٿي ڪجهه لڄ ڪر، گندا ڇڏي گير،

ڇِلي لاهيانءِ ڇير، ڏيئي ڪات ڪلين ۾.

31-            ڏيئي ڪات ڪلين ۾، ڪيو ايءُ راوت روانو،

دَسي پاڻ درياهه ۾، ڪيئين نود نيشانو،

گڏي ڏنئين گندي کي سورن سامانو،

مرون بي مانو، ماري مَڇ ”مور“ وڌو،

32-            پاتائون پاڃارين ۾، سوڌا سانن سوَ،

ڪڇئون چُريو ڪينڪي، جيڏا ڏنئون جَوَ،

باهڙيون ڏنئون پُٺن تي، جي تپائيا تَوَ،

ريلي منجهـﺂن رَوَ، ڪڍيو، مانجهين مَڇ کي.

33-            گهلي ڪڍيو گهير مان، مانجهي مُڇَ مٿير،

چيري ڪڍيئين چاهه سان، ڇهه ئي نَر ڇُڳير،

وڍي ٽڪي مَڇ جا، هڏا ڪَيئين ڍير،

موڪليائين ماڻهو پيءُ ڏي، وڏيءَ تنهن وير،

صبح جو کڻي هليا، سورهيه سرس سوير،

ڀريون سُرڪان رت جون، مَڇ جون مورڙي شير،

ڀالو ماڻي ڀير، سڀ ملهايا پانهنجا.

34-            سڀ ملهايا پانهنجا، هن مڙس مڻيادار،

لوڪ ڏنيون لاکيڻي کي واڌايون وَلهار،

پڻس پرت منجهانرا، اچي ڳل لاتو ڳڻهار،

”دَلوءَ“ به دل سان اچي ڏنس نَوَ لَکو هار،

ڪيس دعا ڀـُڄائين، ادا! هوندءِ وڏي ڄمار،

اَڻ جڙنديون جوڙان جڙنئي، جوڙيندءِ ته جبار،

مانجهي مور جا ڀائٽيا، هڪ صوبا ٻيا سردار،

لهو ڪلمي جي سارَ، ڇٽندو هر ڪو ايمان سان.

———-

روايت[11]*

سانوڻ فقير خاصخيلي جا چيل بيت·

1-                  مورڙو مڇ لاءِ سورهيه ساماڻو،

ڪاهي پوندو ڪـُن ۾ رڇ کڻي راڻو،

پوندو مُنهن مڇ جي، اڏيو مڇ به مانڊاڻو،

جيرا جگر وڍيندو، گهمائي گهاڻو،

سورن ۾، ”سانوڻ“ چئي، ملاح مهاڻو،

آيو سالڪ سياڻو، مورڙو انهيءَ مياڻ تي.

2-                  مورڙو آيو مياڻ تي. ٻَڌي سو انجام،

نڪي ماريم مڇيون، نڪي پاڻي پير پيام،

نڪي مون جنگ جوٽي، نڪي منهنجو نام،

مهاڻيون مياڻ جون، ٿيون طعنا ڏين تمام،

مهاڻيون مياڻ جون، آهن حُسن ڀريون هام.

مهاڻيون مياڻ جون، ڪن صورت وند سلام،

مهاڻيون مياڻ جون، وجهن دوديريون دام،

ڀائر منهنجا ڀڙ هئا، قابل سينءَ قيام،

ماريو اچن مڇيون مون کي اَدل ڏين انعام،

سوڙهيءَ ويل، ”سانوڻ“ چئي، آءٌ ويهان ڪيئن وريام،

”سيرهين“ سڏ ڪيام، ته ادا گهر نه  آئيا.

3-                  ادا گهر نه آئيا، مورڙا! مانجهي ٿيا مهمان،

آيس پيغام پرين جو، ٻـُڌائين بات بيان،

ويهڻ جنهن کي وههُ ٿيو، کاڄ نه کائي خان،

”اوباهي“ اُن سانَ ڪيا هئا نسورا نقصان،

آنا ڀڳا هئائين مڇ جا، ڪو نه ڪيائين ڌيان،

ڏسڻ واري ڏٺو پئي، مٿان رب رحمان،

سُور مڇ کي ”سانوڻ، چئي، هئا قهري اندر ۾ ڪانَ،

مڇ سندو مڪان، رهيو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

4-                  ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، گهڙيا غازي گراگر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي جوڌو جناور،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي مڇ وڏو مانگر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ آهي وڏي سان وڳر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ ڪري ٻيلائي ٻهڪر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾ گجي ٿو گينوَر،

سـُجهي پيو، ”سانوڻ“ چئي، نالي نشانبر،

سو واري ڪيئن وڳر، جو واڳئونءَ وڌو وات ۾.

5-                  واڳونءَ وڌا وات ۾، وٺي ڌڱ به ڌمايو،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، ويٺو مچ به مچايو،

اوهين مُهاڻا مياڻ جا، هلي سنڀوڙو سنڀايو،

اوهين مهاڻا مياڻ جا،  هلي رڇ به رمايو،

اوباهي سڏي چيو، اوهين پير اوڏانهين نه پايو،

ڪُونڌر ويندا قُوت ٿي، اڳيان اٿوَ مڇ به مهمايو،

سڄي عمر، ”سانوڻ“ چئي، متان وڃي پيڙهي پٽايو،

پوءِ اشارو آيو، مڇ جي مارڻ جو.

6-                  مڇ جي مارڻ جي، ويٺو ڳالهه ڳڻي،

ڏنائين دانهن دُلوءَ کي اهو گهاءُ گهڙي،

ته ڏينم اوزار رُڪ جا، ڪائي منجهه ڪڙي،

ته وڙهان وڃي واڳونءَ سان، متان چوٽ چڙهي،

ڪانهي ننڊ نار کي، سيرهين پئي سڙي،

ڪانهي ننڊ نار کي، ادا، آيل ڙي،

سورن جو، ”سانوڻ“ چئي، منهنجو ساهه سڙي،

شل ڏئي قادر پير ڪڙي، ته ماريان انهيءَ مڇ کي.

7-                  ماريان انهيءَ مڇ کي، پر مڇ به مهمايو،

ڪونڌر ڪئين ڪـُهي ڇڏيا، وڃي خان به کپايو،

قادر جي قدرت جو انت ڪنهن کي نه آيو،

عاشق عزازيل هو، جنهن کي تڪبر تڙايو،

سورٺ سڙي مُئي، جنهن کي آب اکين آيو،

سورٺ هئي سورن ۾، جنهن کي تندن تپايو،

ليليٰ ڏنا مجني کي، وِهُه وَٽا پايو،

اڃا گهوٽ پيو گهري، کاڄَ سڀئي کايو،

سيل جهليو عمر سومري، جنهن ڀيڻ ڪري ڀانيو،

سسئي سـُتي سيج تي، جنهن کي جتن نه جاڳايو،

بوبنا جراڙ جو، لنـﺂ لکئي لايو،

بديعل هو بر ۾، سيفل کي روهه رُلايو،

گندري چوڻ گناهه ٿيو، جنهن کي ڄام چـُمي چايو،

حسن مير حسين جو، ٿيو سـﺂدو سجايو،

حسن مير حسين کي، هو ناني نپايو،

ٿيو قضيو ڪربلا ۾، ويا پاکر گهوٽ پايو،

چريو ٿيو چنيسر، جنهن جيهڙو جاڳايو،

سڙي مران، ”سانوڻ“ چئي، مون ڪونهي ڪمايو،

جن راءُ ريجهايو، سي تري لنگهندا تار مان.

8-                  اوباهي جي اولاد کي، پئي ”سيرهين“ سڏ ڪري،

اوباهي جي اولاد لئي، پئي ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

پيس وَڍ وڇوڙي جا، پيئي ماڳ مري،

آءٌ به ماريندس مڇ کي ٻه – ٽي پير ڀري،

ماريندس انهيءَ مڇ کي، ڪهڙيءَ ريت ڪري،

ماريندس انهيءَ مڇ کي، وڏي دل ڪري،

منهنجو ننگ ننگيءَ تي، من ڪا پَت پَري،

ڏيانس انبوري اوچتي، ڪلين منجهه ڪري،

وڃي وڍيان ماس مرونءَ جو، مٿي رت تري،

وجهي واجهه ڪَڇُن ۾ آيس ٻڌي ٻانَ ڪري،

گهوڙيون گهوٽ گڏ ڪيون، ٻَڌي ڦَر پري،

ڇڪي ويس ڇوهه مان، ڪڍي قيد ڪري،

سورن ۾، ”سانوڻ“ چئي، ويا نالو نام ڌري،

ڪلمون پاڪ پڙهي، جنهن ماريو وڃي مڇ کي،

لا اِلـٰﮧ اِلَالله مُحمد رَسُول الله.

———

 
* زباني لونگ فقير جوکيو، عمر 65ورهيه، ويٺل ڳوٺ ٻُرڙا، تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ.
· هيءَ بيت چيل شاعر شيخ محمود پٽ جان محمد، ويٺل ڳوٺ ٻارڙا چڙي (تعلقو شهداد پور) سن 1866ع ڌاري ڄائو. پوءِ لڏي وڃي شهدادپور لڳ، ڳوٺ ”ٽوپڻ ڏاهري“ ۾ رهيو، جتي بيت چوڻ شروع ڪيائين. اندازاً 1932ع ڌاري وفات ڪيائين.
* هيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.
[1]  [سحر] اَٽڪل، چالاڪي.
* هيءَ روايت سگهڙ قاضي الله ورائي، ويٺل لڳ ڪڙيو گنهور، تعلقي ماتليءَ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.
· سانوڻ فقير ذات خاصخيلي، اصل ۾ نندي شهر (تعلقي بدين) کان چار ميل اُتر طرف ڳوٺ شهداد خاصخيلي جو ويٺل هو. اندازاً سن 70-1875ع ڌاري ڄائو ۽ 1935ع ڌاري وفات ڪيائين. وڏي بيماريءَ (1918ع واري وبا) ۾ زال ۽ ٻه ڀائر گذاري ويس. انهن جي فراق ۽صدمي کان بيت چوڻ شروع ڪيائين. پنهنجا بيت پاڻ نڙ تي ڏيندو هو. اڪثر سڄيءَ سنڌ ۾ گهميو ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ بيت چيائين.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :15
روايت[12]*

بيت چيل ولي محمد ڪپريءَ جا ·

1-        ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار

اوباهيو ٻاراچ جو، خلقيو خلقڻهار،

ننڍي هوندي مائٽن کان ڌڻي ڪيو هو ڌار،

تنهن جو سڱ سون مـُهاڻيءَ سان، لکيو لکڻهار،

تنهن کي رازق رب جبار، ڏنو اولاد پٽن جو.

2-        پٽ پنهنجي اوباهي کي، سائين ڏنا ست،

اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مينهون، لکو، مورڙو سڀيئي سلامت،

مولا تن ملاحن هئي ڏي مور گهڻي محبت،

3-        مور منڊو هو ڄنگهه کان، قادر جي قدرت،

ڀائرن جا مور تي، هئا هميشه هٿ،

گهاتو ويا ٿي گهورا، ڇهه ئي کڻيو ڇٽ،

پاڻي گهڙڻ گت، مور نه سکيو مورڙو،

مور نه سکيو مورڙو، نڪا مڇي ماريائين،

دلوراءِ جي شهر ۾، ٿي گهميو گهاريائين،

ڏيرن ڀاڄائيءَ کي، سڏيو سدائين،

ڏينهاڻي ڏيرن کان، ٿي وانٽا ونڊيائين،

ستون وانٽو صبح جو، ٿي کاشو کنيائين،

سا مڇي پنهنجي ملهه تي، وڃيو وڪيائين،

سيڌو سانجهي صبح جو، ٿي اُچو آندائين،

ٻي مرادي مور کي، ٿي ڏينهاڻي ڏنائين،

ڏيرياڻين جي ڏينهاڻي، ٿي ڪاڻ به ڪڍيائين.

طعنا مهڻا تن جا، ٿي سوين سٺائين.

هڪ ڏينهن مزڪور مور کي، وڃي چڙ مان چيائين،

پوءِ قصو سڀ ڪيائين، مهڻن سندو مور سان.

4-        مهڻن سندو مور کي، ٿي ٻهڳڻ ٻڌائي،

رويو تنهن کي روبرو، ٿي سـُڏڪيو سڻائي،

تنهنجي ڀاڄاين جي مهڻن، مون کي ڇڏيو هاڻي تائي تپائي

انهيءَ مڇي کان مورڙا، پنڻ ڀلو آهي،

مور تنهن کي ٿو سورهيه سمجهائي،

مـُٺي! ويهه تون ماٺ ڪري، توکي اوک ڪهڙو آهي؟

تنهن کي ٿو ورنَهه ورجائي، ته رنن راڄ ڦٽائيا.

5-        رنن راڄ ڦٽايا، اڳيئي اينهين ڪن،

ٿورين گهڻين ڏينهڙن، آيو موٽيو مور گهرن،

مهاڻيون مڇيءَ تي، وڏي وات وڙهن،

ڪريو محتاج مور کي، لينگها لک ڪڍن،

سي مهڻا مورڙي، سـُوا پاڻ ڪنن،

سُڻي سور جهلي، هليو ڏاڍي ساڻ ڏکن،

رات گذري ڏينهن ٿيو، ڪيائين رَڇ ڪُلهن،

مورڙو مڇيءَ تي هليو، پرس انهي پارن،

انهن اهڃاڻن، مور مڇيءَ تي هليو.

6-        مور مڇيءَ تي هليو، وڃي ڪاوڙ مان ڪاهيو

ڀڄي پنهنجي ڀائرن کي، سيرئين سڻايو،

اوهان جي مهاڻين، مهڻن سان آهي تائي تپايو،

ڪريو رَڇ ڪُلهن تي، وڃي رنگ رٺايو،

هڪدم تن ”هنجهه“ کي، ڀائرن ڀڄايو،

وٺي اچو ”ولي محمد ڪپري“ چئي، توکي آهي سڀني سڏايو،

موٽي پوئتي مورڙو، اُتي هلي آيو،

ڳل ڳراٽيون پايو، مڙني پرچايو مورڙو.

7-        مڙئي تنهن مور کي، ٿا پانَوَ پرچائين،

سڏ ڪيائون ”سون“ کي، اچي ٿي اوباهيا امين. [1]

مهاڻين کي، منهن تي، ٿا ڪونڌر ڪوٺائين،

محبت سنديون مورڙي کي، ڳل ڳراٽيون ڏين،

جويون ڀَلين جک هنيو، پيون وات به وڃائين،

تون ٿو وڃي مور مڇيءَ تي، ڪڏهن ٿيندو ڪين،

اهڙا ئي آهين، پٽ اوباهي ملاح جا.

8-        پـُٽَ جي اوباهيءَ جا، سڀئي ساماڻا،

اوباهي جي اڱڻ تي، ٿيا ويهان وَڌاڻا،

قضا ڪوٺايا گهاتو گهراڻا،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، ويا رڇ کڻي راڻا،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، جهليا جهلاڻا،

رضا رب رحمٰن جي، نه ته ڇا مڇ، ڇا مهاڻا،

اَمر ساڻ الله جي وڃي مڙيئي ماراڻا،

نِت نِت نماڻا ٿي ”سون مهاڻيءَ“ سڏ ڪيا.

9-        ”سون مهاڻي“ سڏي چيو، ”جُمڙيءَ“ کي جو،

اونجي اونجي ڀائرن جو، حملو هت هئو،

اُني کي اوچتو، ازل سڏ ڪيو،

يا ٿيو ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، ويا ڪري جوڙ جٿو،

10-  ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، مانگر مڇ هئو،

تنهن ناٿ نهوڙي ڇڏيا، باقي ڪو نه بچيو،

نعرو هڻي ننهون هليون، وڃي ڪُن تي ڪرڳل ٿيو،

مهاڻيون مٿو، بيٺيون ڪُـُٽين ڪلاچيءَ جي ڪُن تي.

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، هلي ڪيائون حشر،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، ڪيا چوڙيلن چڪر،

مهاڻين ماتام ڪيا، ويا جن جا ور،

مورڙي کي سڏڙا، ٿيون زالون ڪن ذر ذر،

مورڙا! مارجي ويو، تنهنجو سڄو  ساٿ سڳر،

اوباهي جي اولاد تي، گهاڻو ڦريو گهر گهر،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، ٿيون ڪهريون ڪن لٿر،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، اٿئي مڇ بيٺو مانگر،

تنهن مڇ تنهنجا مورڙا، دشمن پورريا در،

وٺ تون وير ڀائرن جا، دم دير نه ڪر،

ماري مَڇ کي مورڙا، اچي ڪر ڏُهلي ڏهه ٽُڪر،

هيڻا اتي هر هر، بيٺي ”سون مهاڻيءَ“ سڏ ڪيا.

11-  سون مهاڻي سڏ  ڪري، ماري آهيان موتن،

مهانڊا مڙني جا، مون کي ياد پون،

ننڍڙا مون نپايا، کڻي هن هٿن،

واحد پاڻ وڏا ڪيا، هئي جواني جوڀن تن،

ڏاڏي پوٽيون ڏيجن سان، پرڻايو پـُٽَن،

سي ڇڏيو لاکيڻا، هتي هاڻ وڃن،

ننهون ڏسيو مون نڀاڳيءَ کي، لَکين ڪانَ لڳن،

ڪريان سڏ الله کي، منهنجا گهاتو گهر اچن،

ڪري ساڻ ڏکن، بيٺي سون مهاڻي سڏ ڪري.

12-  سون مهاڻي سڏ ڪري، مورڙي کي ماءُ،

ڀاءُ تنهنجا مورڙا! هينئر هت هئا،

کڻي رَڇ ڪلهن تي، هتان لال لنگهيا،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجا وڻجارا ويا،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجن ڀائرن ڀَن هنيا،

سڀيئي ناٿ نهوڙي، ناکئا نِيا،

ميڙا اتي ماڻهن جا، اچي ٿرٿلا آهن ٿيا،

اٿيئي اُت پيا، انهن جا ڪپڙا ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي.

13-  ڪپڙا ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، لونگيون لاٿائون،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، کيمان کوڙيائون،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، رَڇ به رٿيائون،

پرتئون هڻيو پٿر اُتي، ٿي مڇي ماريائون،

ازل جي اچڻ جو، سڏ نه ساريائون.

ٿين سڏ الله جو، گهڙي نه گهاريائون.

جن سان جيءُ جون رٿائون، ٿيو مارو تن ملاحن جو.

14-  ٿيو مارو تن ملاحن جو، اچي اَمر ساڻ،

ٿيو مارو تن ملاحن جو، جن سان جيءُ ٻاڌاڻ،

مڇ تنهنجا مورڙا، نيا سڀيئي سرواڻ،

مڇ تنهنجا مورڙا، نيا جوڌا جُنگ جواڻ،

مڇ تنهنجا مورڙا، ويري وڍيا واڻ،

وٺ تون وير مورڙا، هلي هٿن ساڻ،

وٺ تون وير ”ولي محمد ڪپري“ چئي، ڍري پاڻيءَ اندر پاڻ،

جڏهن هئا حياتي، تڏهن توکي ڪا نه ڪنهن جي ڪاڻ،

جن سان روح رهاڻ، ٿيو مارو تن ملاحن جو.

15-  ٿيو مارو تن ملاحن جو، سيرهين ويئي سڙي،

تنهنجن ڀاڄائن مورڙا، ڪيا آهن رڱ رڙي،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، هئي ازل جي اَڙي،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، آهي ڌُوم ڌَڙي،

ڪلاچيءَ جي ڪـُُن تي، ويون ملاحيون مري،

ساعت سري ڪا نه ڪا، گهاتن ريءَ گهڙي،

تن ملاحن کي مورڙا، ويو مٿان سج لڙي،

جن سان جيءُ جَڙي، ٿيو مارو تن ملاحن جو.

16-  ٿيو مارو تن ملاحن جو، بيٺيون سانگين کي سارين،

ڪريو گهوڙا گهوڙا گهاتن لاءِ، رويو جر هارين،

چوڙا ٻيڙا، ٻانهيون ٿيون اُتي اڇلائين،

مٽي کڻيو منهن تي، ٿيون لاکيڻيون لائين،

دير نه گهرجي مورڙا، ٿيون ڀاڄايون ڀائين،

مهڻا توکي مورڙا، بيٺيون چاءِ منجهان چائين،

ٻر ڪيو ٻولائين، توکي مرڻ گهرجي مورڙا.

17-  مرڻ گهرجي مورڙا، توکي هاڻ نه حياتي،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي ويا ڀورين جا ڀاتي،

وڃي ٿيا وڻجارا، مورت ملاقاتي،

موت جي مهل جي، هئي سڌ نه سڃاتي،

ويا ڏينهن پورا ٿي، تڏهن ڪيا مَڇ مَماتي،

ڇڏي بيک بناتي، اچي وٺ تون وير ڀائرن جا.

18-  وٺ تون وير ڀائرن جا، هلي هاسيڪار،

مڇ انهيءَ جو مورڙا، اٿيئي ڏيهن ۾ ڏهڪار،

جن لاکيڻن لوڏون ڪرايون، توکي سڀ ڄمار،

سي ڀائر تنهنجا مورڙا، گمايا گينوار،

تنهنجيون ڀاڄايون ٿيون روئن زارو زار،

تنهنجيون ڀاڄايون مورڙا پٽيو ڪڍن پار،

ڀاڄاين جي مورڙا، اچي ڏس اوڇنگار،

ڀاڄاين جي مورڙا، تون سگهي لهه سار،

ڪاهي ڪلاچيءَ ڪُُن تي، وٺ ويريءَ کان وهنوار،

ڀڄي، پهچي ڀائرن، وير سگهو تون وار،

تنهنجي سوڀ ستار، لکي لوح محفوظ ۾.

19-  لکي لوح محفوظ ۾، آءُ ڪڍي قلبـﺂن ڳالهه ڪَچي،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجا راڻا ويا رچي،

مانجهي موٽيا ڪين ڪي، جن جي سڪ سچي،

مون اندر مورڙا، ويا ٻيڻا مچ مچي،

تو ۽ تنهنجي زال ڏينهاڻي ٿي ميڙيو کنئيي مڇي،

هتي هاڻ اچي، وٺ تون وير ڀائرن جا.

20-  وٺ تون وير ڀائرن جا، هلي هونگاري،

ڀائر تنهنجا مورڙا، مڇ ڇڏيا ماري،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن ۾، بيٺو تنهنجو ويري وانگاري،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن ۾، بيٺو تنهنجو دشمن ڌڌڪاري،

ڏيهه سڄو ڏسڻ لاءِ، نت نت نهاري،

مورڙو مڇ کان، ٿو وير ڪڏهن واري،

اهو مڇ مدعي ماري پوءِ جيئرو گهم جهان ۾.

21-  جيئڻ جا جهان ۾، ڇڏ لاڳاپا لاهي،

مهڻا اتي مورڙو، بيٺو دانهه دل لاهي،

هڪڙو ماريو موتن، ٻيو کنيائون طعنن سان تائي،

ڀاءُ ته تنهنجا مورڙا، ويو اڄ ڦري ڦڳائي،

ڀاءُ ته تنهنجا مورڙا، ويو گهاتو گهمائي،

اوباهي جي اولاد ۾، هن ڇڏيو ڇا آهي!

اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مِينهون، لکو، سڀيئي ڇڏيا ناٿ نڀائي،

وٺ وير ”ولي محمد“ چئي، ڪلاچيءَ تي ڪاهي.

نه ته جيئڻ تنهنجو جهان ۾ اجايو آهي،

سورهيه سنڀائي، مٽجي اُٿيو مورڙو.

22-  مٽجي اُٿيو مورڙو، منجهان چاءَ چڙي،

سڻي مهڻا ڀاڄاين جا، ويس قلب ڪڙهي،

هليو پڇائي پير ڀري، منجهان سُور سڙي،

ڪارڻ تنهن ڪات جي، ويو لوهر گهر لڙي،

ڪات گهڙي ڏي رُڪ جو، اڳيان سڄي ڳالهه ڳري،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، هئا ويا لاکيڻا لڙي،

ماريان تنهن مڇ کي، جنهن ڇڏي ڪا نه ڇڙي،

مون ۽ مڇ جي شادي لاءِ، آهي بيٺو جڳ مڙي،

ويريءَ سان وڙهي، وٺان وير ڀائرن جا.

23-  وير وٺڻ جا مورڙي، سورهيه ڪيا سعيا،

ڪات، گهڙايائين رُڪ جو، ٻيا تنهن هنر هلايا،

ڪائي اندر ڪيترا، بيک به بنايا،

ڪائي اندر ڪيترا، تنهن واڄا ويڙهايا،

مڇ مارڻ جا ڪين هئا، سورهيه سدا ها،

پر ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، هئا ازل آڻايا،

انهي مهل به ماريا، نه ته مڇ جي مارڻ جا ڪين هئا.

24-  مڇ مارڻ جا ڪين هئا، اها مهل مرڻ جي هئي،

ماري مڇ ڇڏيا، سڀ ڪنهن ڳالهه سُـُئي،

جيئن ٿيڻي هئي تيئن ٿي، بيٺو بهانو مڇ جو.

25-  بيٺو بهانو مڇ جو، قهري ڪانَ لڳام،

ماڻهو شهر دلوراءِ جا، ڪـُن تي ڪـُل ڏٺام،

نظر جي ناکئا، ادا ڪين آيام،

جيري ۾ جوانن جا، سوين سل ٿيام،

هڪڙا ڦوڙائي فراق جا، وڏڦرا وٺام،

ٻيا مهڻا جي منهن تي، لکين لينگهه لڳام،

حياتيءَ تان هٿڙا، خوشيءَ ساڻ کنيام،

ٿئي تنهن مڇ سان، مون جهيڙو ميڙو جام،

ته ٿورا مون ڌڻيءَ جا، لکين لک مڃيام،

 هيڪر هٿ ڳنڍيام، ته سوڀون وس ستار جي.

26-  سوڀون وس ستار جي، منهنجو ويڙهيو ٿيو ويران،

آيو موت اوچتو، تنهن سڀ جلايا جوان،

ڀاڄاين بند ڪيا، ويئڙا ور وٽان،

نٿ بولانڪن جا، اُلهي ڪُلهي ڪيائون اڇلائي اَمر سان.

ڀيڻ سندي سيرهين، تنهن کي قهري لڳا ڪانَ،

ٻَرڪـُيُون ٻانهيرين جون، ويون ستين آسمان،

جهلي دل ايمان، آيو ڪات کڻي ڪُـُن تي.

27

–  ڪات کڻي آيو ڪُـُن تي، جتي بيٺو مڇ مواس،

تاڙي نه لڳي ٿي تار ۾، اتي ڪيا ٿي راماڻا راڪاس،

راڪاس رت چٽيو هو، جنهن کاڌو ماڻهن سندو ماس،

ماڻهو شهر دلوراءِ جا، هئا حيرت ۾ هيراس،

منجهه ڍري ويو مورڙو، ڇڏي لالچ سڀ لباس،

وڃي ڏٺائين ويريءَ کي، جنهن جي هئي اندر ۾ اداس،

مورڙي چيو مڇ کي، اُٿي کڙو ٿي خناس،

گهڻا تو گهاتن مان، چکي ورتا چاس،

ڪڍي ڪات ڪائي مان، ڪيائين نهوڙي ناس،

پاڻي ڦري لال ٿيو، رت مان سڄو راس،

ڇڏي  هن وندر سندو واس، منجهه ڍريو هو مورڙو.

28-  منجهه ڍريو هو مورڙو، جتي ظاهر هو ظلمات،

ماڻهو شهر دلوراءِ جا بيٺا ڏسن بات،

منجهه ڍرڻ جي مورڙي کي، طلب اندر هئي تات،

ڪاهي پيو ”ڪپري“ چئي، کڻي ڪاوڙ منجهان ڪات،

وڍيائين ”ولي محمد“ چئي، اندر عضوا سڀ ذات،

ورتائين وير ڀائرن جو، تنهن کي ڏاتر ڏني ڏات،

ماري سو مهمات، ڪيائين ڪوس ڪلاچيءَ ڪُن ۾.

29-  ڪري ڪوس ڪلاچيءَ ڪُـُن ۾، سو مڇ به ماريائين،

ماري تنهن مَڇ کي وير به ورتائين،

ماري تنهن مڇ کي، هينئڙو ٺاريائين،

مهڻا جي مُـُنهن تان، لِينگها لاٿائين،

سوين اتي سـُئاون، گهوڙيون به گهرايائين،

تني جا ڦرڙا، ٿي ٻاهر ٻڌايائين.

]اڻپورو[

 ———-

روايت[13]*

بيت چيل طيب جا ·

1-        سون مياڻيءَ سک ٿيا، ڪيون ٿي منڌر ملاحن،

هڪڙو دم دنيا جو، ٻيو ڌڻيءَ ڏنو اٿن ڌن،

هڪڙا ڀروسا ڀائرن جا، ٻي ڪاڻ نه ڪنهن جي ڪَن،

ڏينهن وٺن ٿا پاڻ ۾، ونڊيو ورهائن،

مانُ ڏيئي ”مور“ کي، ترت ويهاريو تَن،

هو ونڊيون ٿو ورهائي، گهميو منجهه گهرن،

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، جنهن کي جيءُ ۾ جاڳيو جن،

چي: پورهيو ڪندس پانهنجو، هت مورنه ٽڪي مَن،

حياتي هجي اوهان جي، شل ويڙها پيا وسن،

ڪنين مَدي مامَ سـُئان، شل دشمن دور هجن،

پوءِ روئي وٽان تَن، هليو موڪلائي مورڙو.

2-        هليو موڪلائي مورڙو، سڀ کڻي سامان،

دلوراءِ جي در مٿي، اچي سائل ڪيو سلام،

منڊو آءٌ محتاج هان، هلڻ کان حيران،

تنهنجي نيچ ڪندس نوڪري، ڪر اسان تي احسان:

ڀلي آئين مورڙا، آهين وزيرن وريام،

پهرين ڏيندءِ پرت سان، ترت ويهاري طعام،

ويٺو کاءُ خوشيءَ سان، درس رکيو دهمان،

تنهنجي آهن. ”طيب“ چئي، در اڳيان دربان،

مانيون ۽ مهمان، ويٺو هلائج هٿ سان.

3-        راضي ان تي رب ٿيو، ساعت هئس سولي،

مڙس محتاج ڀاڳ جو، نه ته آهي ڳور ڳلي،

وهه واهه سڏائي وڏيرو، جيئن مٿي رڍ رلي،

پئسو ناهيس پاند ۾، پر وڃي هٽ هلي،

بي عقل بازار ۾، اچي سڄو ڏينهن کِلي،

سون مياڻي سڄي ملي، معافي ڪرائي مورڙي،

4-        معافي ڪرائي مورڙي، ٿي تڪبر ڪيائون،

دلوراءِ جي در مٿي، وڃي کيما کوڙيائون،

رڇ ڇڏي ريل ۾، وڃي ڪـﺂنسل ڪيائون،

ٽي پهر ٽٻيءَ جا، ٿي ٻاهر ٻوليائون،

ويا ڪُل ويريءَ وات ۾، ڪجهه نه ڪيائون،

سانجهيءَ ساريائون، ته گهاتو گهر نه آئيا.

5-        گهاتو گهر نه آئيا، ويڙا ڪهڙيءَ وار،

اُڀريو چنڊ چوڏهينءَ جو، چمڪي ٿو چوڌار،

ڏوران اُت ڏٺائين، آهن ٻيڙيون منجهه ٻهار،

پڳهه پيا آهن پٽ ۾، در ڳنڌيون دستار،

دانهون ڪيائين درد مان، حيلا لک هزار،

نڪو آدم اوڏي ۾، نڪا پکين ري پهار،

منڌ موٽي پوئتي، پئي پاڙي منجهه پچار،

پرهه ڦٽي تنهن وار، ماڻهو مڪائين مور ڏي.

6-        ماڻهو آيو مور وٽ، خاطي کڻي خط،

ڪاغذ پڙهي ڪارو ٿيو، روئي بيٺو رت،

منڊي هن محتاج جا، آهن ڀائر وڏي وٿ،

اوباهي جي اولاد جي، مڙهي آهي مت،

ويا ڪلاچي ڪـُن تي، ڪا نه ڪيائون ڪٿ،

”سون مياڻي“ سـُڃ ٿي، هاڻي هڻن پيا هٿ،

سگهي ڪج سنبت، لهجان ڪَل ڪَلهن جي.

7-        مورڙو چڙهي ماڙيءَ تي، ڪيهون پيو ڪري،

دلوراءِ جي در مٿي، راتو ڏينهن رڙي،

ڪلون مون کي ڪائي جون، ڏي بهتر بنائي،

راوت مون کي رُڪ جي، ڏي جگري جوڙائي،

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، وڃان ڪست منجهان ڪاهي،

اهو بانور بڇڙو، ٿو منڪر مارائي،

توبهه منهنجي ”طيب“ چئي، جيڪا قسمت ڪرائي،

ڏاتر ڏيکاري، آءٌ وٺان وير اَدن جا.

8-        سورهيه سنڀري هليو، سڀ کڻي سامان،

اچي گهر ڏٺئين گهوٽن جا، ويا مير ڪري ماتام،

نڪي آهن اوطاقن ۾، نه کٽن مٿي خان،

ڀيرنگ ڀاڄاين سان، رضا ڪئي رحمان،

چي: رئو نڪي رڙو، نڪي حشر ڪريو هاڻ،

گهاتو ڪهڙي گهيڙ تي، وڃي مير ٿيا مهمان،

اهو تڙ ڏيکاريو، ”طيب“ چئي، ڪريان انهيءَ امتحان،

وٺي تن وريام، اچي رَڇ ڏيکاريس ريل تي.

9-        رڇ ڏٺائين ريل تي، رُنو زارو زار،

ستين ڀيڻ ”سيرهين“ ٿي هڏ ٽوڙي هار،

پٽي ٿي پرڀات جو، وني ڇوڙيو وار،

چي: ڀائرن ڌاران ڀيڻ هيءَ، جيئي پيئي جاڙ،

هئس در اڳيان دادلي، آءٌ اَدن جي آڌار،

هٿن سان هندورن ۾، لوڏيم ٻالڪ سندن ٻار،

تن جي اڄ ”طيب“ چئي ڪانهي تڙ تنوار،

ڪريان ڪُن مٿي ڪوڪار، سڏ نه ويجها سپرين.

10-  رَڇ ڇڏي ريل ۾، ڪـﺂنسل ڪيائين،

ٽي پهر ٽٻيءَ جا، ٻاهر ٻوليائين،

مرڻ ۽ جيئڻ جي، ڪٿ نه ڪيائين،

وڃي تنهن ويريءَ کي، ڏوري ڏٺائين،

جگر، جيرا، بڪيون، تنهن جون ويهي وڍيائين،

مڙهه تن ملوڪن جا، اکئين ڏٺائين،

تني لئي ”طيب“ چئي، پئي رت رنائين،

مڇ به ماريائين، پوءِ نڪري سو نروار ٿيو.

11-  نڪري سو نروار ٿيو، ڪيائين ڪُن مٿي ڪرھل،

کٽون گهرايئين خانن لئي، سيج بنديون ساڌر،

مشڪ کٿوريون ساڻ عنبرين، گهوريئين مٿن گهر،

ڏنئين لاڳ لونگيون وَٿون ٻيون بهتر،

اهڙي پَر ٿي امامن سان، جيئن ڪربلا ۾ قهر،

تني لئي ”طيب“ چئي، ٿي وڻ رُنا ويتر،

گهاتو پوري گهر، اچي آسڻ آرامي ٿيا.

12-  آسڻ آرامي ٿيا، اچي مور مٽيو،

ختمون تن خانن جو، ڀائرن ڀت ڪيو،

ڇَنن مَنَهن مانيون، وڏي هل هليو،

راڄ سڏي ريل جا، چي: ڪڇئون ٻهر ڪڍو،

دشمن اهو دور ڪري، ڏيهه کي ڏيکاريو.

پٿر تن پهلوانن جو، آئين مٿي ڪُـُن ڪريو،

ويهي گهاريون ڏينهڙا، جتي ڪُسڻ ڪالهه ٿيو،

تني وٽ ”طيب“ چئي، هلي گهڙيون گذاريو،

اچڻ آخر آيو، جت سون مياڻي سڃ ٿي.

13-  ماڻهن مڙي ڪيو هُل، سـُڻي هيبت مڇ جي،

مڙي مهاڄڻ آئيو، دلوراءِ کان دَل،

گهرون گهريئون اُن تان، چي: مانجهي آهين مَلُ،

دانهن ديواني مڇ جي، هنڌين ماڳ هڪل،

ڏاڍا ڏاند گهرايئون، ڪارا ڪوڏ ڪجل،

بگا، ميٽا، راوا، ساوا، لاکيا، لال لڳل،

ڏيئي پانجاريون پڙ ۾، ڪيئون هارين جيئن هڪل،

اُٺ اُڻايئون  گهوڙا، جانور سڀ جبل،

پير نه کوڙي پِڙ ۾، ڄڻ آيو اُن اَجَل،

ريهون تن روڏن جون، ڪُن مٿي ڳل،

گهوڙيون آڻي سهج سنڀائي، ڏنئون مشڪين کي موڪل،

پوءِ ڪلمو ڀريو ڪُـُل، نڪتو ڪوپر ڪُـُن مان.

——–

 
* ”هي بيت نوٽ بڪ تي لکيل: ڪچهري ڳوٺ عبدالله خان ڪپري، تعلقو سامارو ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1964ع تي مليا.
· ولي محمد پٽ جمعي جو، پاڙو ڪاڇائي ڪپري بلوچ، اصل رهندڙ لڳ هاڏيري جو جهڏي لڳ پوءِ اچي ڳوٺ عبدالله خان ڪپري ۾ ويٺو، اندازاً پنجاهه ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. ڏهه – ٻارنهن سال ٿيا جو گذاري ويو. نڙ تي بيت ڏيندو هو، پوءِ پاڻ شاعر ٿيو. مورڙي جا بيت ٻين شاعرن جا به چوندو هو.
[1] سون = اوباهي جي زال ۽ مورڙي جي ماءُ جونالو.
* هي روايت وچولي (تعلقي هالا) مان مصري شاهه کان ملي.
· طيب ذات خاصخيلي ويٺل وگلوجوڻيجي جو ڳوٺ، لڳ راڄو خاناڻي، تعلقوماتلي، ضلعو بدين، اٽڪل 10 سال اڳ سٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. تاجپور وارن نوابن وٽ ڪجهه عرصو گذاريائين. نڙ بيت ڏيندو هو. سندس نڙ جا بيت مشهور آهن.
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :16
روايت[14]

بيت چيل گلومياڻيءَ جا ·

1-        ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن سان هجن حمايتون،

ملاح ڄاوا مورڙا، ست ئي سوغاتون،

سانڍيا ماءُ سهاڳ مان، جنهن جي روح آيون راحتون،

چـﺂلايو چميون ڏيئي، سَڪرون سپراتيون،

پرڻائيندس  پـُٽن کي، مَرڪي ماساتون،

گهنا ويس، ”گلو“ چئي، ٻَڌنديسانءِ بخمل بنا تون،

موڙ ٻڌنديسانءِ منهن تي، زريون زيناتون،

پوءِ الله اهي آسون، مرهج ملاحن کي.

2-        مرهج ملاحن کي، الله! اهائي اُميد،

خاوند سڀ ڪنهن کي خوش رکي، هر ڪنهن مرهيج،

هئي! کڻي ويا کٽن تان، ويڙهي ڏسي ڏيج

سڃي ڇڏي سيج، مڙئي هليا تنهن مڇيءَ ڏانهن.

3-        مڙئي تنهن مڇيءَ تي، وڃي چلائي چڙهيا،

نـُڙيا هڻي ناکيڙو، گهاتو سڀ گهڙيا،

پار نه لنگهيا پڌرا، وڃي ڪنهن اوکيءَ منجهه اڙيا،

وڃي ڪين وريا، منهن چڙهي ويا مڇ جي.

4-        منهن چڙهي ويا مڇ جي، ڇڏيائون ورڻ جي وائي،

گهرائي ٿو، گلو چئي، مورڙو مائي،

ڪُٽي ٿي ڪست مان، هو مٿو ملاحي.

ته ڪَل ڪري ڪائي، هلي وڙهه تنهن ويريءَ سان.

5-        هلي وڙهه تنهن ويريءَ سان، کڻي ثمر جو سٻرو،

متان دل ڌڙڪائين، تون زوراور ذرو،

ڇڏي حال هتي جو تون هل ملاح مامرو

مار هلي سو مڇڙو، جنهن ڪيا آهن خون خمار سان.

6-                  جنهن ڪيا آهن خون خمار مان، تنهن ويريءَ سان وڙهجي،

ڪَڇون ڪُن ڪُلاچيءَ ۾، ٿو گينوارو گجي.

دال تنهن دشمن سان، لڙندي ڪا نه لڳي،

ڀَڙا، ڀَن، پَڇاڙيون، ڇنڊيو سڀ ڇني،

مورڙي کي، مياڻو چئي، ٿو ڏان ويري ڏي،

ته مٿان لک لڏي، گهاتو گهڻا لنگهيا.

7-        گهاتو گهڻا لنگهيا، جن تي ڇَٽ ڇڳا،

ڪپڙا رکيائون ڪپ تي، ويڙهائي وڳا،

ڪلاچيءَ جي ڪُن کي، ڪڍي لُنگ لڳا،

ڪانهي مڇي ڪُـُن ۾، ڀليا تنهنجا ڀاءُ،

گهڙي پيا، گلو چئي، سڻي جو راڻو جهڳاءُ،

ويا سڀئي وير ۾، مُوڙها ڪري ملاح،

اُو موٽيا نه مُرڳا، جي وڃاياسون ورهين کي.

8-        وڃاياسون ورهين کي، سي اﺂنريءَ پيا عاشق،

ملاح! ماري مَڇڙو، اڄ ڪجان تون ڪو قوت،

ڪات تنهن ڪَڇئين لاءِ تون گهڙائي هل گُهوڪ،

وساڻا ويٺا آهن، اتي اڄ محبن جا معشوق،

اهڙا مور ملوڪ، گذري ويا، گلو چئي.

9-        گذري ويا گلو چئي، هتان هزارون،

ملاح رسيا مماتيءَ کي، پهتيون پاڙي پچارون،

وڏي سڏ ورن لاءِ، ڪيون اِستين اُڇنگارون،

لاهي ملاح ميارون، وڃي سک سـُتا رهيا.

10-  وڃي سـُک ستا رهيا، گهاتو سڀ گهرين،

ملاح منهنجي من تي، وير نه ٿا وسرين،

الله سائين ان تي، ڪهڙي ڏوهه ڏمريين،

جن نهاريو نيڻ ٺرين، سي مور سڀ مري ويا.

——–

روايت[15]*

شاعر نامعلوم

1-        ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، جر واهي جال،

ويا ڪين وريا، منهنجا ڪلاچيءَ ڏي ڪال،

جيڪس اهي جونجهار جهليا، منهنجا لاکيڻا لال،

انهي جهوريءَ جهُڙ لاتو، هنئڙي اندر حال،

سيد لهج سنڀال، موٽي ميڙائو ٿئي.

2-        موٽي ميڙائو ٿئي، اڱڻ شال اچن،

لٿي رونڪ رڇن تان، اهي ڇَتون شال ڇـُٽن،

محابي جنهن محمد جي، برڪت چئين يارن،

سيد ساريو تن، سي تار لنگهي پار پيا.

3-        تار لنگهي پار پيا، آڳهه ڪيائون علي،

مهندان تن ملاحن جي، ٿر سرور سام جهلي

پلي سانگو ساهه جو، آيا مرڻ لاءِ ملهي،

پوءِ ٽولي جا ٽَلي، سا رهي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

4-        رهيا ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، سرا سوڀيارن،

اهڙو ڪري ڪونڪو، ڀڙڪو ري ڀاون،

پلي سانگو ساهه جو، ڪي جلهه جُونجهارن،

جيڪس خان کپي ويا، ٿيو مارو ملاحن،

امر هو اهو الله جو، نه ته اهي مانجهي ڪيئن مرن،

لڳا ڇٽ پٽن سان، ويو ٻهڪو ٻانهيارين،

مهاڻين سان ماتام ٿيو، پـِٽيو پار ڪڍين

سائين سندو تن، تون والي ورق وارئين،

5-        والي ورق وارئين، سٻاجها سائين،

موليٰ تون هن مورڙي کي، مانگر ملائين،

موليٰ تون هن مورڙي کي، مانگر منهن ملائين،

موليٰ تون هن مورڙي جي، پرور پت راهين،

مهاڻيون هن ملاحن جون، ڪر سرهيون سدائين،

ساراهيان سائين، منهنجا گهاتو گهر نه آئيا.

6-        گهاتو گهر نه آئيا، وڃي لکيو لوڙيائون،

شرف شهادت تنين کي، مڙني مٿاهون،

هن ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، وڃي لائون لڌائون،

اهي رب جون آهن رضائون، نه ته هي ته مڇ مارڻ جا ڪين هئا.

7-                  هليا ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، کڻي ڪڙهين جا به ڪمام،

هڻي نعرو هليا، مڃيائون محمد ڄام،

ائين ڄاتائون ڪو نڪو، ته آهي ڪو اجل جو آجام،

آين موت اوچتو، تنهن ماري ڪيا ماتام،

ڇڏي محل ماڙيون، اچي گهنگهر اڏيائون گام،

مانگر ٿين مقام، ڪهنيون قبرون تن جون.

——–

روايت[16]*

مدو فقير نظاماڻيءَ جا چيل بيت·

1.           ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن عالم ڪئين خلقيا،

سج چنڊ پيدا ڪيائين، ٻيو تارن جو شعاء،

هن زمين تي ڪيترا، ڪي شاهه سڪندر هئا،

انسان بنايئين آدمي، ٻيا بي شمار بانڪا،

جن روزو نماز قبول ڪيو، سي وارو وڄائي ويا،

ڪلمون جن قلوب ۾، سي پار وڃي پيا،

هلبو هڪ ٺپيءَ ۾، جت ڏوهاري پيا ڏڪندا،

مرڻ ويلي موت جي، سهنجي سير ڪندا،

محشر ۾، مدو چئي، اچي پُـڇاڻو پڇندا،

وڃي وڻج وهائيندا، ساجن پنهنجي ساٿ جو.

2.           ساجن پنهنجي ساٿ جو، ڪج واپار وڻي،

ايندئي مَلڪ الله جا، ڪندئي پيرن هيٺ پَڻي،

ڪانهي مَدي مَن ۾، ڄاڻي هڪ ڌڻي،

مجلس تن ماڻهن جي، مون کي وير وڻي،

محبت ۾، ”مدو“ چئي، مون هيءَ ڳالهه ڳڻي،

سڄڻ ڳالهه سـُڻي، پئجي رهيو پيرن تي.

3.           پئجي رهيو پيرن تي، قاصد ري ڪَهي،

ڪيائين واڪا ويڙهه ۾، هئي هئي ويو وڙهي،

ڇهه پُٽ اوباهي جا، ويڙا غار ٿي،

مرد آيا مياڻ تي، تن مان آيو ڪو نه وري،

تن ملاحن ۾، ”مدو“ چئي، ڪا ٽاڙهو ٽاڙهه هئي،

ماڻهو مڪائون مور ڏي، ڪو ڏوراپو ڏئي،

تون ترسيو اِتي طعام کائين، اسان کي ويا آهن ٻه-ٽي پهر پَئي،

ايڏا سور سَهي، مور رکيا آهن مَن تي.

4.           مور رکيا آهن من تي، ڪامل ري ڪَهِي،

”مَدُو“ چئي، هن مرد کي، پيا آهن لُڙڪ وهي،

چي: لڳم ڄيرو جان کي، سو ڪيم سور سهي،

اڙي ادا! مون جَڏي جو، ڪونهي ڪو ڌڻي،

مون کي تان ڀائرن لاءِ، پيئي آ ياد پَڻي،

جڏهن واحد کي وڻي، تڏهن خاطو بند خطا ڪيائين.

5.           خاطو بند خطا ڪيائين، هئا ڏاڍا سـُرت سڄاڻ،

پهري ويندا هئا پريت مان وڏا جوڌ جوان،

مرد ويندا هئا مياڻ تي، ڪنهن جي نه ڪڍيائون ڪاڻ،

آين امر الله جو، تڏهن ٻي ڪل پين ڪا نه،

محبت ۾”مدو“ چئي، هئا ماڳ گهڙي مزمان،

ايڏو اٿم ارمان، جو ڀائر ڪانڌي ڪين ٿيا.

6.           سالڪ ڳالهه سڻي هليو، مڃي مٽي تي ٻار،

ڀيڻ تن ڀائرن لاءِ ٿي پرهه پڇائي پار،

چوڙيليون تن ورن لاءِ ٿيون روئن زاروزار،

ماءُ تن پٽن لاءِ وجهي ڦوڙائي جي ڦار،

هئي هئي! اسان جا هتان ويا، سهڻا ڪري سينگار،

هاڻ وائي ڪڍيو وار، موٽڻ جي ڪر مورڙا!

7.           موٽڻ جو مرد کي عيب وڏو آهي،

هئي هئي هن جهان ۾، ڇوريءَ جو ڇاهي؟

مرد جيڪي مري ويا، سي ويا وارو وڄائي،

هڪڙي آڳ اندر ۾، ٻيو ويا دونهان دکائي،

تيتر موت نه ماري، جيتر ماريان انهيءَ مڇ کي.

8.           مرد موڪلايو مائٽن کان، پيرن تي پئي،

انهيءَ وقت اوباهي کي، پيا لُڙڪ وهي،

هنڌين ماڳين مشهور هئا، منهنجا سورهيه سڀيئي،

مور نه وسرندس، ”مدو“ چئي، سک سڄڻ سيئي،

مور نه وسرندس ”مدو“ چئي، سک سڄڻ سيئي،

ڪونڌر جن جا ڪالهه ويا، تن کي ويا ڪات ڪُـُهي،

هاڻي موڪل ڏيئين ڪهڙي، مور! انهيءَ مڇ جي.

9.           مور چيس منهن تي، ته تون سانگو کڻي لاهه،

ڇهه پٽ تو اڳئي سهسايا، مون ڀوري ۾ آهي ڇا؟

نيٺ مري وڃبو، ”مدو“ چئي، آهي پرايو پساهه،

مون کي تن ڀائرن لاءِ، لڳي برهه سندي باهه،

هاڻي جهل نه جيجل ماءُ! ته ماريان انهيءَ مڇ کي.

10.     ماءُ چيو مور کي، ته پير پروڙي پاءِ،

آ سڏا دور درياهه جا، جتي سختي لڳي ساهه،

آڌيءَ رات اوڙاهه ۾، جتي ڪُـُن ڪري ڪڙڪا،

پرين! ويندين پاڻيءَ ۾، تنهنجو ڪو نه سـُڄي پڙلاءُ،

توسان هلندو ڪونڪو، ڀيڙوئي ڪو ڀاءُ،

ٻٽيهه ڌارون بخشيم توکي، تون جيئري ٿئين جدا،

سڄڻ! ڳالهه سڻاءِ، ڪا سورهيه پنهنجي سـُور جي.

11.     سورهيه پنهنجي سور جي، ڳالهه به ڳالهائي،

مردن بنا ملڪ ۾، مون کي ڪو نه چوي ڀائي،

جيئري شال ڪام ٿئي، ڀائرن کان جدائي،

قسمت آندا ڪـُن ۾، ٿيو اَمر الاهي،

ڪانهي مَن ۾ مدائي، ڪا موٽڻ جي مور کي.

12.     مرد سنبريو مڇ ڏي، کڻي ڪات قهار،

مدد ٿجانءِ مور سان، ڏجئين سوڀ ستار،

ماريان انهيءَ موذيءَ کي، ڪريانس ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

تن مردن جو ”مدو“ چئي ويتر چڙهيو ويچار،

ڳوڙها سر ڳلن تي، تنهن نيڻ وهايا نار،

ساري سڀ ڄمار، ٻيلي! لاٿم سانگو ساهه جو.

13.     ڀيڻ ڏٺو ڀاءُ کي، تنهن جا پيڙا ڳچ ڳري،

هئي هئي! ڪري هٿ هنيائين، جوٽن تي ٻئي،

تن ملاحن جي، ”مدو“ چئي، هن کي ڪَل ڪا نه پئي،

مرد ويا ٿي مياڻ تي، آءٌ ڪريان ها سوگها سڀئي،

ڏني هئي ڏکن ڏهنائي، مرڻ ويل موت جي.

14.     مرڻ ويل موت جي، هن وائي ٿي واري،

رات لڌو هئم سهڻو، ڪا نه ڪئي ڀائرن ڀلائي،

هو به وساري ويهي رهيا، ڪا نه ڪيئون پوئواري،

لڏي ويا ڇڏي،ڪري اڱڻ مٿي اونداهي،

تن مردن لاءِ ”مدو“ چئي، قيام هئي ڪاري،

اٺئي پهر الله جا، منهنجي توبهه آهي زاري،

سرس ڪريو ساري، اڄ مور وڃي ٿو مڇ ڏي.

15.     مور وڃي ٿو مڇ ڏي، ڪري ڪاهو ڪاهه،

ڀيڻ اتي ڀر ۾، ڪيس درد منجهان دانهه،

نڪي گهڙئين پاڻيءَ ۾، نڪي اکئين ڏٺئي اوڙاهه،

مالڪ کڻي مهر ڪندو، پنهنجي شرع ڪندو شاهه،

ڀائر پنهنجا مڇ نيا، ڪو واري لڳن واءُ،

دلوراءِ کي دانهن، تون مهندان ڏجئين مورڙا!

16.     مهندان ويهي مورڙي، ڏنو فرياد فقير،

ته ويهي کاڌا کاڌم ڪيترا، تو وٽ کنڊون ۽ کير،

جوڙائي ڏي جنگ جا، ڪوڏ منجهان ڪي ڪير،

مون کي تن ڀائرن جا، آهن تن اندر ۾ تير،

وساريان نه وسرن، ساريان منجهه سرير،

تن مردن جي ”مدو“ چئي، اٿم اندر منجهه اُڪير،

پردو رکج پير، اٿم سعيو جنگ جو مڇ سان.

17.     اٿم سعيو جنگ جو، آيس ڪوڏ منجهان ڪاهي،

دونهان، منهنجي دل تي، ويا دوست به دکائي،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي ٿو ٻهڳڻ ٻولائي،

ماڻهن لاءِ، ”مَدُو“ چئي، هو ويٺو واجهائي،

مور پنهنجي مائٽن کان بيٺو موڪلائي،

اوباهيو آزيون  ڪري، ٿو ڳهلو ڳالهائي،

ته پٽن پوءِ منهنجو جڏو جيئڻ آهي،

ڇڏ لوڙهه به ورائي، مون تي مور! مٽيءَ جو.

18.     مرڻ وس نه ماڻهو جي، توڙي هزار ڪري حيلا،

ڀيڻون تن ڀائرن لاءِ ويٺيون ڪڍن ويلا،

چوڙيليون چريون ٿيون، جن جا هئا البيلا،

نڪي ٽِڪن ڪِٿ راتڙيون، نڪي اچن اويلا،

گهاتن جي گهرن ۾ ٿا ڪيهون ڪن ليلا،

هاڻي ساجهر سويلا، موٽي ايندم مياڻ تان.

19.     موٽي تنهن مياڻ تي، ايندا وير وري،

مور پنهنجي مائٽن وٽ، ٽِڪي نه هڪ گهڙي،

جڏهن ماريان انهيءَ مڇ کي، تڏهن پَت پَري،

رهندي ڳالهه ذري، مُئي پڄاڻا مور جي.

20.     مُئي پڄاڻا مور جي، وڄا وسيعت ويئي،

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، سڄڻ هئم سيئي،

منهنجي تن ڀائرن لاءِ، ڏڪي ٿي ڏيهي،

تن مردن جي ”مدو“ چئي، ڳالهه ڪريان ڪيهي،

هاڻي ڏکن ۾ ويهي، رهي رهندس ڪيترو.

21.     رهڻ جون راڻا هتي، ڪوڙين ڪٿائون ڪن،

ڀائر هن غريب جا، من حياتي هجن،

بگل وڳو، بانشا اُٿيا، جوان جنگ چڙهن،

پايو پيٽ ورن ۾، ٿيون روزان روز روئن،

مُئي پڄاڻا، ”مدو“ چئي، ڪو سُک ٿيندو سڄڻن،

گهوڙا! منجهه گهٽين، ڏين فاتحائون ”فقير“ چئي،

22.     ڏين فاتحائون ”فقير“ چئي، مڙيا سڀ ملاح،

ڪاهيو هلن ڪـُن ڏي، دل جهليو داناهه،

موٽندا ڪين، ”مدو“ چئي، ڏيندن سوڀ الله،

دوکو دل مٿانءُ، لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو.

23.     لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو، اندر مان ارمان،

جنهن کي ته آهن مڇ جا، قهري لڳل ڪانَ،

موٽندا ڪو نه، ”مدو“ چئي، هلي ٿيندا مڇ سندا مهمان،

ساري ڏج سلام، موٽي تن ملاحن کي.

24.     موٽي تن ملاحن ڏي، وڃان ڪَهي ڪهڙيءَ پر،

گهمي ڏٺا هئم گهوٽن جا، اُتي وڃي گهر،

ماري ويا هئا مئيءَ کي، ڏيئي ڏک ڏمر،

ماري ويا هئا مئيءَ کي، ڏيئي سور ثمر،

ماري ويا آهن. ”مدو“ چئي، غم ڏيئي گوندر،

ڪات کڻي ڪونڌر، اچي مور بيٺو ميدان ۾.

25-  مور بيٺو ميدان ۾، جيئن واڪا ڪري واءُ،

سـُڻي ڳالهه سرير ۾، لڳس برهه سندي باهه،

چي: ڪو نه ڏسان ٿو اکين سان، ڀِيڙو وري ڀاءُ،

ڏيان پرين وٽ پساهه، سورهين پهر سـُپرين،

26-  سورهين پهر سپرين، هُن صندوق سٽائي،

ڪائو آندائين ڪيترو، هن جودئون جوڙائي،

ڪوجو ڪـُوڪٽ ڪُن ۾، ٿيو قهر الاهي،

مڇ اڳئي مستان سـُجهي، جنهن خانا ڇڏيا کائي،

تن مَردن جي، ”مدو“ چئي، شل ونگي نه ٿئي وائي،

ڏج حضرت همراهي، ويريءَ جي وڙهڻ جي.

27-  ويريءَ جي وڙهڻ جي، موليٰ ڏجئين مَت،

ڪافر ماريان ڪُن ۾، گهائي ڪريانس گهٽ،

امر ٿيو الله جو، ٿي واڳ ويرين جي هٿ،

لاکيڻا لڏي ويا، وري مڪئون ڪونه خط

تن مردن جي موليٰ ڪجئين ڪا مدت،

ڏيان ڪات ڪلين وٽ، سـُتي تنهن کي سير ۾.

28-  چوٿين ڏينهن چريو ٿيو، بيٺو سورهيه سڏ ڪري،

اُتان ميڙو ملاحن جو،آيو پير ڀري،

انهيءَ مڇ جي مون سان، ڪو خان خبر ڪري،

اوباهيو تن پُن لاءِ ٿو ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

تن مردن جي، ”مدو“ چئي، ماريس ڳالهه ذري،

بنان ڍنڍ ترئي، خبر نه پوي تنهن خونيءَ جي.

29-  لاکيڻو لهي پيو،ڪري توڪل منجهه تار،

سڏ ڪيائين سنگتين کي، ڪري الله تهار،

جيئڻ منهنجو جڏهن ٿئي، وڃي پوندس منجهه پاتار،

بڻڇيون، ڀالا ڪيترا، ٻيا ڪات کنيائين ڪٽار،

بارود خانو، ”بلوچ“ چئي، ٻيون بتيون بيشمار،

بتيون اُتي بس ٽيون، ٿي اوندهه انڌوڪار،

کولي اکيون قلب جون، هڪدم ٿيو هوشيار،

وڃي ڏٺائين اکين سان، ڪي جاني جگر يار،

بدلجي بيهي رهيو، ڪيائين ڪپڻ جي ڪار،

جيرا، بڪيون، اوجهري، آنڊا تنهين وار،

چوري رسيون چريو ٿيو، ڪيائين ڇڪڻ جي پچار،

اوباهي روئي اُتي، ڏني هئي اوڇنگار،

سَتين ٻڌا سندرا، اُت حورن ڇنا هار،

پَرين اُتي پٽڪو ڪيو، ڇوڙي ڪارا وار،

تن مردن جي، ”مُدو“ چئي، پري پئي پچار،

ڏني سوڀ ستار، ٿيو فيصلو،”فقير“ چئي.

30-  ٿيو فيصلو، ”فقير“ چئي، ڪيائون ڇڪڻ جو ڇوهه،

صوبا سڏايائون ڪيترا، اُت اميرن انبوهه،

مَهري آندائون ڪيترائي، جوڙا مٿي جُوءِ،

پاڏا آندائون پڙ ۾ تن جو پرو ڪو نه پيو،

تن مردن کي، ”مدو“ چئي، اچي سالڪ سمجهايو،

ته گهوڙيون سڄي ملڪ جون، کڻي هتي هلايو،

ڪاريون ڪمريون نيريون، چينيون لاسيون ڳاڙهيون اچي مَڪُڙين ملهايو،

هنن جا ڦَر، ”فقير“ چئي، کڻي ٻاهر ٻڌايو،

وٽائي رسيون پٽ جون، ڇوهئون ڇڪايو،

تڏهن ڇڪيائون ڇوهه مان، آيو ڪنڌي ڪنارو،

ماڻهو مڙيئي گڏ ٿيا، آيو لوڪ سارو،

ڦاڙيائون پيٽ مڇ جو ته آيو اوٻارو،

اوباهيو تن پٽن لاءِ ڪڙهي ٿيو ڪارو،

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان منهنجو ڀاڳ ڦِٽو ڀائرو!

هاڻي ميندي تن ملوڪن کي،لاڳ ڪري لايو،

ڪفن تي خانن جا، اوهين گهوٽ به گهرايو،

ڏنئون تڙ توڪل جو، ٿيو رب سندو رايو،

کڻو مڙهه مقام ڏي، اهو آواز آيو،

مٺي مير محمد جو ڪونهي مٽ ٻيو،

جَن ڪلمو ياد ڪيو، سي اُمتي ڇٽندا ايمان سان.

لا اِلـٰﮧ اِلَالله مُحمد رسول الله.

———

 

· گلو پٽ خان ذات مياڻو، مياڻن جي ڳوٺ ”ٺٺ“ لڳ جُهن، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿر پارڪر جو ويٺل هو، سندس وڏن کي هڪ سـﺂ چاليهه تليون معافيءَ ۾ ۽ تروٽ صاحب کان پروانا مليل هئا، جي اٽڪل ٽيهارو سال اڳ رد ٿي ويا. ان بعد گلو مياڻو، مسڪيني حالت ۾ ساڳيءَ زمين تي هارپو ڪندو هو. بيت تمام گهڻا چيائين، اڻپڙهيل هو، سن 1956ع ۾ وفات ڪيائين.
* هي بيت ساماري ۾ (30-نومبر 1964) سگهڙ محمد خان ڪپري، (عمر اسي ورهيه) جي زباني قلمبند ڪيا ويا، بيتن ۾ شاعر جو نالو ڏنل ڪونهي.
* خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل.
· مدو فقير عرف مدد علي پٽ خميسو خان نظاماڻي، ڳوٺ نذر علي خان نظاماڻي، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو، عام طرح ”مدو فقير“ جي نالي سان مشهور آهي. 16- رجب 1296 هه / 1878ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس ننڍپڻ نهايت مسڪينيءَ ۾ گذريو، بلا جي ڪنڊي لڳڻ سبب هڪڙي پير کان معذور ٿي پيو. پوءِ نواب فتح محمد خان لغاريءَ جي مدد ۽ همدرديءَ سان لڏي وڃي اُن جي ڳوٺ رهيو. هن وقت فقير ٻوٻي (تعلقو سنجهورو) لڳ رهي ٿو.
 
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج – – لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :17
روايت[17]*

نالي چڱي شر جا چيل بيت·

1.                     پٽ اوباهيي ملاح جا،ست ئي جوان سَٻر

ڇهه ڪار ڪندا هئا ابي واري، ستون اچي نه ڀائن ڀر،

ڇهه موٽن مهل ساڻ، ستون موٽي ڪُمهل،

ڇهه ڳالهائيندا فهميدو، ستون ڳالهائيندو اَوَ جهل،

تڏهن ڀائن چيو ڀيڻ کي، هيءُ پوندو ڪنهن جنجل،

چي: ادا!  هومنٿ مڃيندو ڪينڪي، آهي ارڏو اڻجهل،

هڪ ڏهاڙي ڪـُتيون گرڪيون پاڻ ۾، جن ٻڌي جيٺل،

ٻڌندو آيو ڪنن سان، مورڙو انهي مهل،

سنبت ڪيئين تنهن مهل، هاڻي ويندس ديري دلوراءِ جي.

2.                     ويندس ديري دلوراءِ جي، ڪجهه ڪيان ڀائن سان ڀلائي،

سڏ ڪيو هُئين ڀيڻ کي، جا جُمڙي اڳ آئي،

چي: پيغام منهنجو ڀائرن کي پورو پهچائي،

ته ٽي ڪُنڊان اوهان جون، چوٿين ناهيوَ چڱائي،

رهندئو ته ڀلا هوندئو، نه ته ٻڌندس ٻي ڪا وائي،

چئي ڀائن کي چڱائي، ويو ديري دلوراءِ جي.

3.                     ويو ديري دلوراءِ جي، ساجهر ڪري سلام،

دلوراءِ پڇي تون ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان،

چي: نوڪر بيهندس تنهنجو، ٻڌي آيو آهيان نام،

منڍﺂن مير بحر پٽ اوباهي ملاح جو، مورڙو منهنجو نام،

پگهار وٺندس پنجن جي، ڪو نه ڪندو مانءِ ڪام،

جڏهن اوکي آيئي دلوراءِ، تڏهن سر ڪندس قربان،

مان ملڪن ۾ مشهور هان، پورو ئي پهلوان،

چي: مون کي منظور آن، تون تڙ ڪري کڻي تازو ٿي.

4.                     تڙ ڪري تازو ٿيو، آيو دانهين دلو وٽ،

چي: دلوراءِ بادشاهه، منهنجو حال سڻج ثابت،

آيو شينهن بادشاهيءَ ۾، جنهن ماري اسان جي مت،

چار ماريا اٿس چـﺂنڪ تي، نرواري نَوَ ست،

تيلاهين دانهن کڻي مان آيو آهيان تو وٽ،

دلو کڻي دﺂڙ ڪئي، ڪري فوجان هٿ،

کڻي تراريون تيز مـﺂن، سورهين ڪئي سَٽ،

پر ڪو نه بيٺو ڪو ميدان تي، اُتي مورڙي کي آئي مت،

تنهن سڌي هڻي سينڌ مٿي، ڪيس تڪئون تڪ،

نر کڻي نگاهه ڪري ته کڙو آهي ميدان ۾ سورهيه سلامت،

مورڙا منگ جيڪي منگندو آن توکي ڏيان ڏت،

چي: سون مياڻي ساريءَ جي، ڪج معافي معلومت،

پوءِ لکي ڏنئينس هٿ، ته ملڪ مورڙا آهي تنهنجو.

5.                     اتي مورڙي به مارن ڏي مڪو ڏوراپو ڏيئي،

سَرهو ڪيو هئو سندن کي، مندو مورڙي کي ئي،

مان ڀي عزيز اوهان جو، جڏهن بابي ڀي ڄايو ئي،

جڏهن رٺو ويس توهان کـﺂن، تڏهن راضي سڀئي،

لٽ اوهان جي من ۾، مڻ مورڙي کي هئي،

جيڪي مورڙو ڪمتوئي، اُها ڏنئين ڀڙ ڀائرن کي.

6.                     شڪاري نڪتا شڪار تي، زبر زور ڪري،

ڀر وٺي ڀائرن جي، پئي ”جُمڙي“ اڳ ڦِري،

مڻيا ساڻ مورڙو، اوهان کي ويو آ پل ڪي،

جهلئي جهليا ڪينڪي، هليا تانگهه تري،

وعدي وريا ڪينڪي، اٿن پنڌ پري،

آڌيءَ هو نه آئيا، ٿي جُمڙي ڳچ ڳري،

برهه ڦٽي پيرن سان، رويو رت مري،

ڏسي نيشانيون نرن جون، ڳوڙها ڳل ڌري،

ويٺي پڪ ڪري، ته ويا ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

7.                     ڪالاچيءَ جي ڪُن ۾، منهنجو ولر ويو گِهري،

ميڙي لٽا هنن جا، ٻڌئين سورن جي ڀري،

پوءِ ائي ونهين ڏانهن وري، ماڻهو مڪئين مورڙي ڏي.

8.                     ماڻهو مڪئين مورڙي ڏي. ڪري ڪاڳر ڀي ڪارو،

وڃي چئجان مورڙي کي، مون سان مڇ ڪيو مارو،

پايون پيو اٿئي پيٽ ۾، تنهنجو ساڳوئي سارو

پوءِ رب ڏسڻ وارو، تو آهيان پالڻ انهيءَ ڀاوَ جي.

9.                     آهيان پالڻ انهيءَ ڀاوَ جي، پر مورڙي ڪاڻ ماندي،

اَن پاڻي حرام ٿيو، نڪي سمهڻ سيراندي،

پيرن ڀر کڙي هان، جيئن باندياڻي باندي،

موٽ ته چٺي وارا، توکي ڪهڙي ڏنئين ورندي،

چوڻ پاڻ چرئي کي، آڳ اندر ٻرندي،

چوندو ته صبر ڪجانءِ ڀيڻ جُمڙي، مان ساجهر ٿيان ڪانڌي،

پوءِ راند جيڪي ايندي، سا منجهه ڪندو اچي مورڙو.

10.               ميڙ ڪري ويو مورڙ، دانهن دلوراءِ ڏي،

اڄ ڀائر سارا منهنجا، هٿ مانگر جي ڙي،

جهڙي ڪئي اٿس مان سان، اهڙي ڪندو نه ڪنهن ٻئي،

کڻي تابع ڪري منهنجي، لوهر اڄوڪي رات لئي.

11.               رُڪ جو ٺهرائي ڏئي پڃرو، جنهن کي هجن نيزا نرواري،

جنجيرن سان جَڙيل هجي، ٻيا ڪات هجن قهري،

ٽيان اُٺ ڏي مهري، ته رسان ڪالاچيءَ جي ڪُن کي.

12.               ڪالاچيءَ جي ڪُن تي، کڻي ويو سامان سارو،

ڪَوَ پئي هئي جُمڙيءَ کي، ڪي جيئـﺂن جيڪارو،

ڪالاچيءَ جي ڪُن ۾، ويٺي آهيان ولر ڀي وارو،

بي مَتيا ڀائر هئا، نڪي منجهن عقل وارو،

ڇهه اڳئي گنوايو ويٺي هان، متان تون ڀي ڪرين انڌارو،

ٻاهر هجي ته ٻيون ڳالهيون، پر آهي ڪـُن اندر ڪارو،

تنهن جي لاءِ مورڙي آندو آهي سامان سارو،

ڪري مَڇ تي مارو، مان پٽيو ڪڍندس پَٽ تي.

13.               پٽيو ڪڍندس پَٽ تي، تون وڃ صبر ۾ رهي،

جڙي پنهنجي جان کي، ويو پڃري ۾ پيهي،

ياد ڪجاهين جُمڙي، پنهنجي پيرن کي پيئي،

جاڳ پـُٽ مڇيءَ جا، اڄ آيا مرد اٿيئي،

تو پنهنجي پوري ڪئي، هاڻي وارو منهنجو ئي،

اُتي ڏنس ڇڪي پڳهه کي، هن ٻاڪو پٽيو ئي،

ڏئي تاءُ تارن کي، ڪلين ڪات چاڙهيو ئي،

دڙٻڙ لانئين درياهه ۾، پئي ڪُن ڪڙڪا ڪريئي،

ٻهرين چيو مانگر مڇ ۽ مورڙا، اندر ڳنڍجي ويا ٻيئي،

اچي وڌئينس پـﺂڙ پيرن ۾، آيس جنجيرن سان جڙيئي،

پوءِ ٻهر اچي ڳهلو ڳالهه ڪري ئي، ته مڇ ماريو آ مورڙي

14.               چيائون: مڇ ماريو ٿي ڪينڪي، تون قابل ڪُوڙ نه ڪر،

هو ڇهه ڄڻا تون هڪ، اسان مڃئون ڪهڙيءَ پر،

چي: ڇهن کي ڇائي وجهندﺂ، هئا نڪار نٻر،

کري ته کير کارو، بڻي ته اَڪ ٿئي عطر،

هجي اڪيلو هڪڙو، سورهيه پٽ سڀر،

هاڻي ڪڍو مڇ ٻهر، آڻيو ساڳيو ئي سانهن جو.

15.               آندائون ساڳو سانهن جو، پانجارين ۾ پائي،

زور نه لڳو زيرن جو، ويا ڪـُونهان ڪنڌ ڪڍائي،

چي: سـُوئايون گهوڙيون سڏي وٺو، جن جا ڦر چاڙهيو ڦاهي،

ڏيون ڪپهه پٺيءَ تي، ڦوڪي باهه لائي،

پوءِ ڪِنو ڪري ڪنب کان، ڏنئون ٻهر ڦهڪائي،

تڏهن مڃيو ملوڪن اهي، ته مڇ ماريو ٿي مورڙي

16.               مڇ ماريو هو مورڙي، چاڪن سان چيري،

مئا ڪڍيائين مڙهن کـﺂن، جيئندا جياري،

وجهي ڀاڪر ڀائن کي، کيرن ۾ ٻوڙي،

مانگر مڇ جي مورڙو، سـُرڪئين رت پئي،

مذهبت وڃايئين پنهنجو، پوءِ ڪاوڙ هن سان ڪري،

ڇڏيئونس دنيـﺂن در تڙي، نانوَ منجهئون ”ناليچڱو“ چوي.

———

روايت[18]*

بيت چيل الله بخش مُرگر جا ·

1-                  ڪَرٽيو ڪرئين ڪُن تي، منهنجا جگر ٿا به جلن

هڙ مون وٽا هليا ويا، واريا ويرين،

ڀاڄايون منهنجي ڀيڻ جون، پيون ريلن پاس رڙن،

اُڌم ٿا اُٿن، ملاحن جا ”مرگر“ چئي،

2-                  ملاحن جي ”مرگر“ چئي، اتي هئي رهاڻ،

گهايون تنهن گهوٽن سين، پڪا هئن پرياڻ،

ست ئي مون ڏٺا سنڀري، هليا ڄارون کڻي ڄام،

مرونءَ نيا مستان، جو آڪڇون پاس ڪـُن جي.

3-                  ڪڇون پاس ڪـُن جي، سو وڃي اَرڙ اٿاريائين،

ڪُنڍي جا ڪپار ۾، ٺوڪي ٺاهيائين،

ڏسي وجهه ويريءَ جو، مانگر ماريائين،

دلوراءِ دانهيائين، مارڻ لاءِ اُن مڇ جي.

4-                  مارڻ لاءِ ان مڇ جي، آهن صوبا ۽ سلطان،

ڪَن ڪچهريون پاڻ ۾، ويٺا اُت وريام،

جي آفت جهليون ته انصاف ملي، ڏيهه ساري جو ڏان،

دلوراءِ وٽ دهمان، هڻون پاڻ هنر جا.

 
* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني تاريخ 5- اپريل 1965ع تي ڪچهري سنجرپور (تعلقي صادق آباد) ۾ قلمبند ڪئي وئي.
· نالي چڱو پٽ ميهو ذات شر بلوچ، پاڙو تاجاڻي، ويٺل ور واري لڳ ڍنڍي اسٽيشن، تعلقو صادق آباد، سن 1905ع ڌاري ڄائو. سسئي، مارئي ۽ٻين قصن تي بيت چيا اٿس.
* هي بيت خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪيا ويا.
· الله بخش پٽ متارو گهيائي، مُرگر، ويٺل ڳوٺ وڏيرو احمد خان مُرگر، تعلقو ميرپور ساڪرو عمر چوونجاهه ورهيه اٿس. مُرگرن ۾ چڱا شاعر ٿي گذريا آهن. پنيو شاعر گهڻو مشهور ٿيو، ان بعد پيراڻي به پنهنجو وارو وڄايو ۽ هاڻ الله بخش اُن تر ۾ مشهور شاعر آهي.
 
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج – – لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ
باب: —
صفحو :18
روايت[19]*

مورڙو ۽ ڪڇون: روايت علي ملاح

اڳئين زماني ۾ سنڌ جي ڪڇ واري ڀاڱي ۾ ”گنڊا سنگ“ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي هڪ سهڻي ڌيءَ هئي. شهر ۾ هڪ ڪنڀار رهندو هو، جنهن وٽ هڪڙو گڏهه هوندو هو. ڪنڀار انهيءَ گڏهه تي مٽي لڏيندو هو ۽ پنهنجو گذران ڪندو هو. سندس لنگهڻ جو گس راجا جي محلات وٽان هوندو هو. هڪڙي ڏينهن گڏهه تي مٽي کنيو پئي آيو، ته محلات وٽ گڏهه ساڻس ڳالهايو ۽ چيائين ته: اي ڪنڀار، راجا کي چئو ته پنهنجي ڌيءَ جو پرڻو مون سان ڪرائي. ڪنڀار کي گڏهه جي ڳالهائڻ ۽ راجا جي ڌيءَ جي سڱ گهرڻ تي ڏاڍو عجب لڳو، پر ان سان گڏ ڊپ به اچي ورايس ته جيڪڏهن راجا کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پوندي ته مون کي مارائي ڇڏيندو. گڏهه به هر روز ڪنڀار کي اهائي ڳالهه چوندو هو.

آخر اها ڳالهه وڃي راجا جي ڪَن تائين پهتي. راجا کي انهيءَ ڳالهه تي تمام گهڻي ڪاوڙ جاڳي ته مون کان هڪڙو گڏهه ٿو سڱ جي طلب ڪري راجا ڪنڀار کي گهرائي، ان ڳالهه بابت پڇيو، ڪنڀار چوڻ لڳو ته: حضور! اها ڳالهه برابر سچي آهي، پر منهنجو ڪو به قصور ڪونهي. اها خبر جڏهن راجا جي محلات ۾ پهتي، تڏهن راجڪماريءَ پنهنجي پيءُ کي گهرائي چيو ته: جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته اوهين اُن گڏهه جي ڌڻيءَ ڪنڀار کي گهرائي چئو ته هڪ رات ۾ اسان جي شهر جي چوڌاري ”ڪانجهي ڪوٽ“ تيار ڪري ڏي، پوءِ توکي شادي ڪري ڏينداسين.جيڪڏهن اهو شرط پورو نه ٿيو ته پوءِ توکي ۽ تنهنجي گڏهه کي مارائي ڇڏينداسين. تڏهن راجا ڪنڀار کي گهرائي اهو حڪم ڏنو. ڪنڀار ويچارو اچي ڊنو. واٽ ۾ پور پچائيندو، سور کائيندو اچي پنهنجي گهر پهتو. پوءِ گڏهه کي چوڻ لڳو ته: راجا هيءُ حڪم ڏنو آهي، تنهن تي گڏهه چوڻ لڳو ته: اهو شرط مون کي منظور آهي، پر راجا کي چئو ته هڪ اهڙو ماڻهو مون کي ڏئي، جنهن پنهنجي به اُگهاڙ نه ڏٺي هجي.

صبح جو ڪنڀار راجا کي گڏهه جو اهو چوڻ ٻڌايو. راجا سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو، پر اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو. پوءِ راجا خط لکي ٻين ملڪن ڏانهن ماڻهو موڪليا، جنهن تي دهليءَ جي شهر مان ٽي ماڻهو آيا ۽ سنڌ مان سَت ماڻهو  آيا. پوءِ انهن مان هڪ ماڻهوءَ کي حڪم مليو ته جيئن توکي گڏهه چوي تيئن ڪَج، جڏهن رات پيئي، پکي پنهنجي آستانن ۾ ويٺا، تڏهن گڏهه چوڻ لڳو ته: هاڻي ڪـﺂنرو پاڻيءَ جو ڀري منهنجي پڇ تان اوتيندو هل. پر هڪڙي ڳالهه ياد رکج جو پٺيان نظر نه ڪج. جڏهن سڄي شهر کي ڦري آيا ته ڪانجهي ڪوٽ تيار ٿي ويو. تنهن کانپوءِ راجا پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان گڏهه سان ڪري ڏني. جڏهن رات پيئي تڏهن اُن گڏهه مان هڪ جوان تمام خوبصورت نڪري ظاهر ٿيو، جنهن جو حُسن ڏسي راجمڪاري گلاب جي گل وانگر ٽڙڻ لڳي ۽ خوش ٿيڻ لڳي ۽ شڪرانا ڪري چوڻ لڳي ته: منهنجا وڏا نصيب جو خدا مون کي اهڙو سهڻو ڀتار ڏياريو آهي! سج اُڀرڻ کان اڳ ان نوجوان، رجڪماريءَ کي چيو ته منهنجي انهيءَ راز جي ڳالهه بلڪل نه ڪج. جيڪڏهن ڪندينءَ ته سڄو شهر غرق ٿي ويندو. ايترو چئي پاڻ وري اڳئين وانگر گڏهه بنجي ويو. ان بعد هو روزانو رات جو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ راجڪماريءَ وٽ ايندو هو ۽ صبح جو وري ساڳيو ٿي پوندو هو. ائين ڪيترائي ڏينهن گذري ويا.

راجڪماريءَ کي تمام گهڻو خوش ڏسي، سندس ماسيءَ کي دل ۾ اچي هورا کورا جاڳي ته هڪڙي گڏهه سان راجڪماري ڪيئن ٿي خوش گذاري! سا راز پروڙن لاءِ هڪڙيءَ رات ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهي رهي ۽ هن کي جانچي ڏسڻ لڳي. دستور موجب رات جو گڏهه مان هڪڙو خوبصورت جوان ظاهر ٿيو، هوءَ سمجهي ويئي ته هن تي رڳو گڏهه جي کَل چڙهيل آهي. سو ڇا ڪيائين جو ٻيءَ رات ڳچ جيترا ڇيڻا ميڙي، انهن کي باهه ڏيئي ڇڏيائين. هو شخص جڏهن گڏهه جي کَل مان نڪري راجڪماريءَ سان رهاڻ ۾ مشغول ٿيو، تڏن هُن کَل کڻي باهه ۾ وڌي خيال ڪيائين ته هاڻي کَل سڙي ويندي، ۽ هيءُ جوان جهڙو آهي تهڙو هوندو، ته پوءِ اسين انهيءَ خواريءَ کان ڇٽي پونداسين. جيئن کَل کي تـﺂ آيو، تيئن اُن گهوٽ کي خبر پيئي ته هاڻي منهنجو هن دنيا ۾ رهڻ نه آهي، تنهن راجڪماريءَ کي چيو ته: توکي جيڪڏهن پنهنجو ساهه بچائڻو آهي ته جلدي شهر ڇڏي وڃ. جو هيءُ شهر غرق ٿيندو. راجڪماريءَچيو ته: توکان جدا هڪ ساعت به نٿي سَري، سو آءٌ ڪيئن توکي ڇڏي وڃان.

ان شهر ۾ ٻه ننڍا ڇوڪرا ڀائر رهندا هئا. هڪ جونالو ”ٻاچو“ ۽ ٻئي جو نالو ”ٻاراچ“ هو. هي وڏا هوشيار ۽ خبردار هئا. شهر جي غرق ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳي، ٻاچوءَ، ٻاراچ کي چيو ته: مون کي پَسڻ پيو آهي ته هيءُ شهر غرق ٿيندو ۽ پاڻ کي شهر ڇڏڻ گهرجي. پوءِ ٻئي ڀائر اهو شهر ڇڏي، ”نرئي“ شهر ڏانهن هليا ويا. ٻئي ڏينهن سمنڊ ۾ طوفان آيو ۽”گنڊا سنگ“ جو شهر غرق ٿي ويو.[1]

ٻاچو ۽ ٻاراچ جڏهن ”نرئي شهر جي ٻاهران آيا، ته ان وقت هڪڙي سوناري مائي پاڻيءَ جا دلا کوهه تي رکيو ويٺي هئي. هنن ڇوڪرن کي ڏسي چوڻ لڳي ته: ابا، مون کي هي دلا ته کڻائي ڇڏيو. تنهن تي انهن چيو ته: دلا اسين توکي کڻائينداسين، پر تنهنجي پيٽ ۾ آهي ڌيءَ، تنهن جو سڱ جيڪڏهن اسان کي ڏيندينءَ ته پوءِ توکي دلا کڻايون. مائيءَ چيو ته: سڱ اوهان کي ڏينديس، مائيءَ کي دلا کڻائي، هي ٻيئي ڀائر ان مائيءَ جي پٺيان آهستي آهستي هليا آيا. جڏهن مائي پنهنجي گهر آئي ته پاڻيءَ جا دلا مٿي تي ڏاڍا ٿي رهيا. تنهن تي گهڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽عجب ۾ پئجي ويا ته هيءُ اسرار ڪهڙو! تڏهن سوناريءَ انهن ڇوڪرن وارو سڄو ذڪر ڪري ٻڌايو. پوءِ ته انهن مان ڪي ماڻهو ويا، جي ڇوڪرن کي وٺي آيا.  ڇوڪرا چوڻ لڳا ته: جيڪڏهن اوهين مرد اسان سان انجام ڪندا ته اهو سڱ اوهان جو آهي ته پوءِ پاڻيءَ جا دلا لهي پوندا. تنهن تي انهن سونارن چيو ته:  جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته سڱ اوهان کي ڏينداسين. ايتري چوڻ تي دلا پاڻيءَ جا ان مائيءَ جي مٿي تان لهي ويا.

پوءِ سوناريءَ هنن ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهايو. هڪ ڀيري کين مندر ۾وٺي ويو هو ته هي ٻارڙا حيرت مان هيڏنهن هوڏانهن نهارڻ لڳا. سوناري جڏهن کانئن پڇيو، تڏهن چيائون ته اسان جو پيءُ اسان کي جنهن جاءِ ۾ بندگيءَ لاءِ وٺي ويندو هو، اها هن جهڙي ڪا نه هئي ۽ نڪي ماڻهو ائين ڪندا هئا، جيئن اوهين ٿا ڪريو. سوناري پڇيو ته اتي ڪيئن ڪندا هئا، ته هنن نوڙي سجدو ڪري ڏيکاريو. جنهن تي سوناري سمجهيو ته هي مسلمانڪا ٻار آهن. انهيءَ ڪري کين پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيائين ۽دل ۾ رٿيائين ته انهن کي پنهنجي ڌيءَ نه ڏيندس.

جڏهن سوناري مائيءَ هٿ پير لٿا ته ڌيءَ ڄڻيائين. جڏهن اها ڇوڪري جوان ٿي ته هي ٻيئي ڀائر به اچي نڪتا ۽ سڱ گهرڻ لڳا، پر سونارن نابري واري چيو ته: اسين سونارا، اوهان کي سڱ نه ڏينداسين. تڏهن ٻاچو ۽ ٻاراچ چوڻ لڳا ته:  اسين به جيڪڏهن ”ڀاليم“ هونداسين ته اوهان کان سڱ ضرور وٺي ڇڏينداسين. ”ڀاليم“ اتي هڪ ذات هئي، جا تمام مشهور ۽خانداني گهراڻو سڏبي هئي. آخر جڏهن اها ڳالهه ڇوڪريءَ جي ڪن تائين پهتي، تڏهن پنهنجي مائٽن کي چيائين ته: جڏهن آءٌ پيٽ ۾ هيس، تڏهن اوهان منهنجو سڱ ڏيڻو ڪيو، هاڻي ڇو نه ٿا ڏيو؟ آءٌ راضي آهيان. جيڪڏهن اوهين مون کي خوشيءَ سان نه ڏيندا ته آءٌ پاڻ ساڻن هلي وينديس. تڏهن مائٽن چيو ته: اسين خوشيءَ سان توکي نه ڏينداسين. پوءِ اها ڇوڪري، مائٽن کي ڇڏي، اچي ٻاچوءَ ۽ ٻاراچ سان ملي ۽ چوڻ لڳي ته آءٌ اوهان جي ٻانهي آهيان، هاڻي جيڏانهن اوهين هلندا، اوڏانهن آءٌ به اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.

پوءِ ٽيئي ڄڻا اتان نڪري سنڌ ملڪ ۾ آيا ۽ حب ندي پار ڪري، وڃي هڪڙي جبل وٽ پنهنجا گهر جوڙي رهڻ لڳا ۽ اتي ئي ان ڇوڪريءَ سان ٻاچوءَ جي شادي ٿي ۽ ان ڏينهن کان وٺي ان جبل تي نالو رکيائون ”سوناريءَ جو جبل“. ٻاراچ به وڃي ”گَدور“ ذات مان شادي ڪئي، جي مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ انهن جو ڳوٺ هوندو هو. ۽ ٻاراچ ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو.

ٿورن گهڻ ڏينهن کانپوءِ ٻاچوءَ جي گهر ۾ پٽ ڄائو. جنهن جو نالو ”اوباهيو“ رکيائون ۽ ٻاراچ جي گهر ۾ ڌيءَ ڄائي، جڏهن ٻيئي ٻار وڏا ٿيا، تڏهن ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ڪيائون. ان بعد پهريائين ٻاچوءَ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، تنهن کانپوءِ سوناريءَ به وفات ڪئي. جڏهن اوباهيي ڏٺو ته هاڻي هتي هيڪلو ٿيو آهيان، تڏهن پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اچي پنهنجي چاچي ٻاراچ وٽ رهڻ لڳو ۽ مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪري، پنهنجو پيٽ پالڻ لڳو، پر پورو گذر ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري اتان به لڏي وڃي مياڻيءَ ۾ رهيو. خدا جي فضل سان مياڻيءَ ۾ اوباهيي جي نصيب وارو ڏنو، جو کيس مياڻيءَ جي ماڻهن پنهنجو چڱو مڙس کڻي ڪيو.

اوباهيي کي الله سائينءَ اولاد جي برڪت ڏني هئي. کيس ست پٽ ۽ هڪ ڌيءَ تمام سهڻي پيدا ٿي. ڌيءَ جو نالو ”شيرين“ رکيائون ۽ وڏي پٽ جو نالو ”شيهنڙو“ هو. ٻئي پٽ جو ”اڱاريو“، ٽيون ”محمود“، چوٿون ”صالح پنجون ”عيسب“، ڇهون ”يعقوب“ ۽ستون ”مورڙو“ هو. مورڙو  هڪ ٽنگ کان منڊو هوندو هو، جنهن کي ڀائر ٻاهر ڌنڌي تي وٺي نه ويندا هئا. سڀئي ڀائر ٿورو گهڻو علم ڄاڻندا هئا. اڱاريو انهن سڀني ۾ قابل هو، جنهن کي پيءُ ڌنڌي جي سنڀال ۽حساب ڪتاب جو ڪم هٿ ۾ ڏنو هو. شينهڙو، درياهه تي ٻيڙين جواڳواڻ هوندو هو. جنهن ٻيڙيءَ ۾ شينهڙو چڙهندو هو، ان ٻيڙيءَ جو نالو ”هنجڙو“ ڪري سڏيندا هئا. ڀائر سڀئي پهلوان، هوشيار ۽ هڪ ٻئي سان محبت رکندا هئا. آخر انهن جي مال ۾ خدا ايتري برڪت وڌي، جو سندن پنج سـﺂ ٻيڙيون مڇي مارينديون هيون، ۽ انهن سڀني ٻيڙين جو اڳواڻ ”هنجڙو“ هوندو هو، جنهن مياڻ تان اوباهي جا پٽ مڇي ماريندا هئا. ان کي ”ڀاليمن جي مياڻ“ ڪري سڏيندا هئا. ان مياڻ مان ايتري مڇي مرندي هئي، جو روزانو سوا سيري سون رڳو دلوراءِ بادشاهه کي مڇيءَ جو ڏن اُڳڙندو هو، تنهن ڪري ا ن مياڻ تي نالو ئي پئجي ويو ”سون مياڻي.“

مورڙو سڀني ڀائرن ۾ ننڍو ۽ هڪڙي ٽنگ کان منڊو هو، تنهن هوندي به ڏاڍو هوشيار ۽ پهلوان هوندو هو.مورڙو هر روز شڪار ڪندو هو. ان کي ڀائر مڇي مارڻ نه ڏيندا هئا، پر کيس گهرن وٽ ڇڏي پاڻ مڇي مارڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن مورڙو جيئن پنهنجي گهر ۾ويٺو هو ته سندس ڀاڄاين هن تان کِلون ڪيون ۽ طعنا ڏنائون ته اسان جي مردن جي ڪمائي ويٺو کائي.

جڏهن مورڙي جا ڀائر موٽي آيا، تڏهن انهن کي چيائين ته: مون ساڻ اڄ هيتري تعدي ڀاڄاين ڪئي آهي، پر ڀائرن اُن جو چوڻ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو. جنهن تان مورڙي کي ڏک ٿيو ته مون مان شايد ڀائر ناراض آهن، سو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ”رني ڪوٽ“[2]۾ دلوراءِ راجا وٽ آيو. دلوراءِ اڳي ئي مورڙي جي بهادريءَ جي هاڪ ۽ ڌاڪ پيو ٻڌندو هو، تنهن مورڙي کي گهڻي عزت ڏيئي پاڻ وٽ ويهاريو. ٽن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، مورڙِ دلوراءِ کي چيو ته: هاڻي مون تي تنهنجي ماني حرام آهي، دلوراءِ پڇيو ته: ڇو؟ مورڙي چيو ته: ٽي ڏينهن آءٌ تنهنجو مهمان هوس.هاڻي مون کي ڪا نوڪري ڏي ته پنهنجو گذران ڪريان. دلوراءِ چيو ته: تون ڪهڙي نوڪري ڪندين؟ مورڙي چيو ته: جيڪي ڪم تنهنجا ٻيا پهلوان نه ڪندا، اهو ڪم آءٌ ڪندس. تنهن تي دلوراءِ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انعام ڏيئي پنهنجي درٻار ۾ وڏو مرتبو ڏنائينس. جنهن تان ٻيا پهلوان ناراض ٿيا ته هڪ ٽنگ کان منڊو اسان کان ڪيئن مرتبي ۾ دلوراءِ مٿي ڪيو آهي پر ڪُڇي ڪو نه سگهيا.

گهڻن ٿورن ڏينهن کانپوءِ دلوراءِ جي راڄ ۾ هڪ شينهن اچي نڪتو، جنهن ڏاڍو نقصان ڪيو. تڏهن دلوراءِ چيو ته: آهي ڪو اهڙو پهلوان جو اُن شينهن کي ماري؟ تڏهن انهن سڀني پهلوانن چيو ته: اسان کان اهو شينهن ڪو نه مرندو، جنهن پهلوان کي بادشاهه وڏا مرتبا ڏنا آهن ۽ جنهن چيو ٿي ته جيڪو ڪم ٻيا پهلوان نه ڪندا اهو ڪم آءٌ ڪندس،هاڻي ان جو وارو آهي، اسين به ڏسون ته برابر بادشاهه حق تي ان کي وڏو مرتبو ڏنو آهي. تڏهن دلوراءِهڪ وڏو ڪٽڪ شينهن جي مارڻ لاءِ چاڙهيو پر مورڙي کي نه چيائين، ڇو ته هو ڏکويل هو. پر جڏهن مورڙي کي اها خبر پئي. تڏهن دلوراءِ کي چيائين ته: هڪ شينهن مارڻ لاءِ ايڏو وڏو ڪٽڪ ڇو چاڙهيو اٿئي؟ جيڪڏهن مون کي اجازت ملي ته آءٌ ان شينهن سان مقابلو ڪريان!ٰ تڏهن دلوراءِ چيو ته:  اوهان کي اجازت آهي. پوءِ دلوراءِ هڪ گهوڙو ۽ هٿيار ڏيئي مورڙي کي شينهن مارڻ لاءِ روانو ڪيو.

اها خبر سڄي شهر ۾ هُلي ويئي ته مورڙو شينهن مارڻ لاءِ روانو ٿيو آهي، جنهن تي ڪيترائي ماڻهو تماشي ڏسڻ لاءِ مورڙي جي پٺيان پئي ويا، جڏهن مورڙو شينهن کي ويجهو آيو، تڏهن هڪل ڪيائين ته: هوشيار ٿي! شينهن جو پاڻ ڏانهن ماڻهو ايندو ڏٺو، سو به ان کي کائڻ آيو، پر مورڙي وٽ هڪ هٿيار ڍال مثل هو، جنهن ۾ گهنگهرا پيل هئا. جڏهن شينهن ويجهو آيو، تڏهن اها ڍال کڻي شينهن ڏانهن اڇلايائين. شينهن سمجهيو ته مون تي اهو وار ٿيل آهي، تنهن ان ڍال جو خيال ڪيو. مورڙي به ڦڙتي ڪري اهڙو ته تلوار جو ڌڪ هنيس جو شينهن پورا ٻه اڌ ٿي پيو. ماڻهن ۾ هُل مچي ويو ته مورڙي برابر بهادري ڪئي آهي. تڏهن دلوراءِ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مورڙي کي چيائين ته: جيڪي به گهرڻو هجيئي سو گهر. مورڙي چيو ته: منهنجا ڀائر سون مياڻيءَ ۾ مڇي ماريندا آهن، انهن تان محصول معاف ڪري ڇڏ، تڏهن دلوراءِ مهاڻن تان محصول معاف ڪيو ۽ مورڙي کي وڏا انعام اڪرام ڏيئي پاڻ وٽ ويهاريائين ۽ آخرڪار مورڙي کي پاڻ وٽ وزير مقرر ڪيائين.

اوباهيو پنهنجي پٽن کي هميشه چوندو هو ته ڪلاچيءَ[3] جي ڪُن تي مڇي مارڻ نه وڃجو، ڇو ته جيڪو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ وڃي ٿو، اهو وري ڪو نه ٿو موٽي، پر جيڪڏهن اوباهيو مئو، تڏهن هڪ ڏينهن ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اڄ هلي ڪلاچيءَ جو ڪُن ڏسون ته اُن ڪُن ۾ ڇا آهي. پوءِ ته ٻيڙيون هاڪاري اچي ڪُن ۾ رڇ وڌائون، ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻه وڏا مانگر مڇ رهندا هئا، جن کي ڪڇئون چوندا هئا. اهي مهاڻن کي ڪُن جي ويجهو اچڻ ئي ڪو نه ڏيندا هئا، سو جڏهن رَڇ ڪُن ۾ ڏٺائون، تڏهن نر ڪڇئون رَڇن تي چنبا رکي ويهي رهيو. مهاڻن  ڏاڍا زور لاٿا  پر  نه نڪتا. ڇهئي ڀائر حيران ٿي ويا ته رَڇ ڇا ۾ اٽڪيا. نيٺ هڪڙي ڀاءُ چيو ته: آءٌ ڏسيو ٿو اچان ته رَڇ ڪهڙيءَ شيءِ ۾ اٽڪي پيو آهي .جيئن ئي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي اندر ويو، تيئن ان کي ڪڇئون کائي ڇڏيو. پوءِ ٻيو ڄڻو لٿو ته ان کي به ڪڇئون کائي ويو، تان جو سڀئي ڀائر ڪڇئون کائي ڇڏيا  ۽ٻيون ٻيڙيون جيڪي انهن سان گڏ هيون، تن ۾ ويٺل مهاڻن اها خبر وڃي سون مياڻيءَ ۾ ڪئي.

سون مياڻيءَ ۾ جڏهن انهيءَ قهر جي خبر پئي، تڏهن شيرين ۽ سندس ڀاڄاين ۾ ماتم پئجي ويو. هاڻي مورڙي کانسواءِ سندن ڪو به اوهي واهي ڪو نه هئو. سو شيرين مورڙي ڏانهن قاصد روانو ڪيو. قاصد ڪاغذ کڻي مورڙي وٽ رني ڪوٽ ۾ آيو. مورڙو ڪاغذ پڙهي اکين مان زار زار پاڻي هارڻ لڳو ۽ دلو راءِ کي چيائين ته: مون کي موڪل ڏي ته آءٌ پنهنجي ڀائرن جو وير انهن مڇن کان وڃي وٺان. دلوراءِ چيو ته: توکي جيڪا مدد گهرجي، اها آءٌ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مورڙي چيو ته: لوهه جي هڪ قبا يعني پڃرو ٺهرائي ڏي.

دلوراءِ يڪدم کيس قبا ٺهرائي ڏني. پوءِ ٻيا به هٿيار کڻي اچي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي پهتو، جتي ڪڇئون رَڇ جهليو ويٺو هو. مورڙي لوهه جي قبا پنهنجي بدن تي چاڙهي، سمنڊ ۾ لهي، هٿيارن سان ڪڇئون کي زخمي ڪري، ڪُن مان گهلي ٻاهر ڪڍيائين. ۽ پوءِ ڪڇئون کي چيري، پنهنجي ڀائرن جا لاش ڪڍي ڪڇئون کان ڀائرن جو وير ورتائين. تنهن کانپوءِ مورڙي به اتي ئي دم ڏنو ۽ شيرين به پنهنجي ڀائرن جي فراق ۾ پساهه ڏنو. انهن ستن ئي ڀائرن ۽ڀيڻ جون قبرون اڃان تائين ڪراچيءَ جي اُتر طرف ماڙيپور جي پاسي ۾ آهن. ان بعد سندن اولاد به اچي ڪلاچي وسائي، ڇو ته سندن مائٽن جون قبرون اُتي ويجهيون هيون. انهن مان جيڪو اولاد ٿيو، سي پاڻ کي ”مورڙي-پوٽا“ سڏائڻ لڳا.

———–

ضميمـﮧ

روايت[20]

بيت مورڙي جا چيل امين فقير چارڻ*

1.                     الله جل جلالـﮧ رازق رب جليل،

مهل مٿي ماڻهن کي ڏئي وقتي وقت سبيل،

دوڙايم دليل، توکي معلوم سڀ ڪي.

2.                     توکي معلوم سڀ ڪي، سڀ ڪنهن راهه رشيم،

ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا ذات ڀلي بهليم

حڪمت ڪاڻ هلي ويا راور جوڳي ريم،

سبق ڏئين تون شيم، جنهن مان گن گهڻو ٿئي.

3.                     هڪڙي سبق شروع ڪيو، ٻيو ٿيو خدمتگار،

پڙهيائون پريت مـﺂن جوڳي ڪيس جهار،

تهان پوءِ تڪرار، اچي ڪامل گهڻو ڪڪوريا.

4.                     موڪل وٺي هليا سوڌي ساميءَ کانءِ،

هڪ عقلوند اڳي هئا ٻيو جو پين سماءِ

ننڍي چيو وڏي کي ته ادا اوري آءُ،

آهي اُچي وڻ ۾ آکيرو به اڳياءِ،

ڪڍ آنا ڳيريءَ کانءَ، سبق پڙهي سيري ڪري

5.                     سبق پڙهي سيري ڪري، ڄولي ڪيائون ڄاڻ،

وير چڙهي ويو وڻ تي، ڪامل قوت ساڻ،

ڪڍيائين ڪوڙي مـﺂن پهس لڪائي پاڻ

پکيءَ پيو نه گماڻ، ته ڪو چور ڪري چوري ويو.

6.                     باڪو لهي بڙ تـﺂن وٽ آيو آ ڀاءِ،

وير نهاري وچ تي ڪامل ڪُڻٽ ڏانـَﮧ،

هُتئون کڻي هت وڌم ڄاڻي هيڪ الله،

ڪو جو واڻن واءِ، ته آنا اُڏامي ويا.

7.                     ٻاچو چوي ٻاراچ کي، ادا! تو سچ نه کنيا ساري،

چئي: نڪو ڪُوڪٽ وچ تي، نڪا بلا بيماري،

امر هئس الله جو، اهڙي ئي پاري،

سا جيڪس ڌتاري، ساميءَ اسان کي ڇڏيو.

8.                     چئي: ساميءَ پاڙهيو سڦرو، جوڳي سخت جوان،

آندم آکيري مان آنا ساڻ امان،

خوشيون ڪرين ٿو خان، هتـﺂن کڻي جو تون وئين.

9.                     اتي خان خوش ٿيا، کِلن وير وريون،

گامون گهوٽ ڀريون، پُري هليا ڪنهن پار ڏي

10.               پُري هليا ڪنهن پار ڏي، دانـَﮧ ديکڻ لاءِ،

جانب ڪنهن ٻيءَ جاءِ وڃي لٿا ڪامل ٻهرئون ڪوٽ جي.

11.               اتي سومل سوناري هئي، مت ڀري موچار،

دلا کڻي دل کـﺂن هلي، ٿي آئي سان الغار،

تنهن کي ٻاڻ کڻي ٻاچو هنيو، وهلو تيڻين وار،

اتي نيڻ ٽمايون نار، ٿي ڪراڙي قليل ٿئي.

12.               ڪراڙي قليل ٿئي، دﺂڙائي دليل،

ڪري سٻاجها سڏڙا، ٿي آهون ساهـﺂن پيل،

اوهين وڃون ٿا ٻيل، اچي گهڙو، کڻايو مون گهَري.

13.               سڻي ڪراڙيءَ سڏڙا، مٿئون آيس هوءِ،

ٻاچوءَ پڇيس ٻاجهه مـﺂن، تون جر ڇو هارين جوءِ،

توسان ڪهڙي ويڌن ووءِ، ڪر حقيقت حال جي.

14.               ٿي ڪري حقيقت حال جي، سو مل سوناري،

مون گهر آهي گهوٽيا! نانگو نظاري،

آيس خاطر آب جي، وهلو ٿي واري،

ڪا جا ٿي ڪاري، دلو ڌرتيءَ ۾ اڙيو.

15.               دلو ڌرتيءَ ۾ اڙيو، ٿي زال ڀري زاريون،

آڻي اب اکين ۾، ٿي هئي هنجون هاريون،

ميان ڙي ماريون، ڀرو ڪا ڀيڻي ٿئي.

16.               چئي: ڀـِرون تان ڀيڻي ٿئي، جي تون مڃين هيءَ،

باسين سڱ بچاءِ ٿئي، جا تو پيٽ اٿئي ڌيءَ،

توکي ديي دٻائيو، ڏاڍي قبض قويءَ،

جوکو اٿئي جيءَ، متان ٻهڳڻ مارئي ٻه – ٿڻي.

17.               ڳڻي ڳوتي ڳالهڙي، ڏس ٿي ڌيان ڌري،

ته هي وسن ڪنهن ولائت تي، هنن جو پنڌ پري،

گهڻي ٿوري ڏينهڙي، جي ٿي ڌيءَ مري،

ڪي امر هوئي الله جو ته لکيو تا نه ٽري،

اها ڳالهه ڪري، باسي سڱ ڀري هلي.

18.               چئي: زالن سندي ڳالهڙي، حيلي تا نه هلي،

هلو ڪڍ ڪَهي، ڏسون محل مڪان اُن جا.

19.               لُڏي هلي لاڏلي، در ماندي در خاص،

تنهن کـﺂن اُٿي دِلو ودو، سوناري سهجاس،

هئي هئي هٿ اڙياس، اُرهه برابر اُن جي.

20.               مَهتو چَيُـُون مهتيءَ کي، ڪو ٿو ڄولي ڄاڻ،

هاري هن هٿن مـﺂن،توکي ڏاڍا پيڙا ڏاڻ،

ملايو سرت سڄاڻ ڪيئن ٿياسين ڪانڌ چئي

21.               وريُون پنهنجي ور سان ٿي ڪري حقيقت حال،

وئي هيس پوڄڻ پير خضر تي آيس سان الحال،

آڏو گڏيا هئم مير مينڌرا، اڙيو هئم لالڻ دلو لال،

ڪيم سائين لڳ سوال، اچي گهڙو کڻايو مون گهري،

22.               تڏهن نيڪن جي نظر سان ٿيا اتيئي آجا،

وير وهاري وچ تي، طعام ڪيائون تاجا، [4]

پنهنجا ڪم ڪري هليا، راون جا راجا،

صبح سٻاجها، هليا ڪَهي ڪلاڪوٽ تي،

23.               ”کپر“ ۽ ”کاٽڙيو“، هئا ڪنهن ديس دنوار،

ويندي گڏيا واٽ تي، کلي ڪيائون کيڪار،

ٿيا يقينئون يار، چور چارئي پاڻ ۾.

24.               کپر آندي هئي کاٽ مـﺂن ڪا ٿالهي منجهئون ٿان،

تنهن ۾ هئا ڪيترا، قيمت جا ارڪان،

ست رَڇيءَ جو ساءِ ايندو هو، ظاهر ساڻ زبان،

اها مصلحت من پيانَ هي ته چور رهندا ڪينڪي.

25.               کڻي رکيائون مٿي ڇڪي ٿانو ڀري،

ٿالهي آب نه ٿانهرو، مٿئون ڍول ڍري،

ٻاچوءَ نيس نير نڙ سان، ظاهر هڪ ذري،

پري پنڌ ڪري، وڃي رڇ هنيائون ريڻ ۾.

26.               جاڳي ڏسن جا، ته ٿالهي ڪانهي ٿان تي،

جرجي جا سُونگن کي، هئي ڪَل اڳيئي ڪا،

اُٺايائون آب ۾، پاڻيءَ پيرو پاءِ

پاڻيءَ پيرو پاءِ، وڃي رڇ ڪڍيائون ريڻ مـﺂن.

27.               ايڏن آزمَتُن [5] جا، پوءِ ٿا ڀيرن ڀير،

جهلي پيٺا جهنگ ۾، ڪوڙين پڄن ڪير،

سهڙ ودائون سيگهه مـﺂن، گهٽ نهاري گهير،

ٽنگيون اچن ٽيڙ کي پاڻون واڻو پير،

پنجون واگهه پيدا ٿيو واٽ تي، ثابت ڌڻي سير،

من مـﺂن ڪڍو مير، اهو ڏيو ته کڻي هلان.

28.               پاڻئون سهڙ سٽي، هٿ ڏنائون واگهه جي،

ويا شوق شڪار تي، اها ماڳ مَٽي،

هي پاڙئون ڄنگهه پٽي، سڄو کائي ويو سهڙ جي.

29.               وري منجهه وٿاڻ، آيا چور چارئي پاڻ ۾،

ڪڍي ڏي به اَماڻ، جو سهڙ ڏنوسونءِ سانڍڻو.

30.               ڪڍي ڏنائين ڪڇ مـﺂن، هو ٿا ڪن تڪ تور،

همراهن جي حق جي توکي لڄ نه پيئي لغور،

چئوڙي پٽي چور، سڄي کائي وئين سهڙ جي.

31.               جيڏا آهيو جي، سوڳنڌ سيئي ڏيو،

عضوا اٿس ايترا، ساري ڏسو سي،

ٽنگون آهن ٽي، سدائين سهڙکي.

32.               هاريا، ڪوڙ مَ ڪُڇ، سهڙ ڄنگهون چار،

چئي: مٿي هن مامري، توهان مڙي ٿيا آهيو مچ،

سهڙ آهن ٽي ڄنگهون، چوٿون اَٿو پڇ.

33.               پُريا پنجيئي، دزد چتائي ديس تي،

هنيائون سَنڌ سراهه کي ساجهر سنجهيئي،

واگهه ٻنڌي ڏيئي، خزانا به کڻي ويا.

34.               جاڳي ڏسن جان ته صبح لڳي آ سَنڌ،

ٻَڌو ڏسن آدمي، حاضر انهيءَ هنڌ،

تون ڪي چاري چورن جو، ڪي تون راهين رَند،

بي ناحق ۾ بند، آڻي اهائين ڪيو.

35.               تڏهن ڪپڙو تري تيل، سر ٻڌائونس سهرا،

ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا، ٻَٽ اُتيئي ٻيلهه،

هوند بچايونءِ هَيلهه جي سچي ڪرين سهڙ جي.

36.               چئي: ………. ………. ………. ٻيهر ٿئي طفيل،

ته به ٽنگون آهن ٽي، سدائين سهڙ کي.

37.               پنهنجي پاهت پاتشاهه، جوڙيون جوڙڻهار،

سهس اٺارين عالمين، خلقي خلقڻهار

روزي ۾ روز ڏئين، ڏيهن کي ڌتار،

ڪي واحد تنهنجي واٽ تي ڪي وتن واٽون ڌار.

38.               پنهنجي پاهت پاتشاهه اُپائي عظيم،

ڪي رازق تنهنجي راهه تي، ڪي راهون رد رحيم،

سڀ ڪو پار تهڙي، جيڪو ڪيو آ حڪم حڪيم،

ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا، ذات ڀلي بهليم،

هونِ گهارڻ ڪلاڪوٽ تي، ماڳ ملوڪ مهيم،

سي بديءَ کـﺂن بدڪار ٿيا، چوريءَ ڪيا به شڪيم،

چاٽي سوناري ويا، فڪل ساڻ فهيم،

وڏو پرڻيو نار کي، ترت ڏئي تعظيم،

قدرت ساڻ ڪريم، کڻي آندا ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

39.               اتي رحمت رب جي، رسيو ننڍو ڀانس،

ڪي ٿيو ٻيلي هيڪلو، رت رنائين راس،

مُڙيو مداين کـﺂن، دهلي دل سندياس،

توبهه ترت ڪياس، چوري وئڙس چت مـﺂن.

40.               چوري وئڙس چت مـﺂن، ڊنو سٽوڻي ڊاءِ،

اوباهيو،ل ٻاچوءَ کي، ڏنو پٽ خداءِ،

تنهن ۾ ترتيبون ڪري، سگهوئي ساماءِ،

پيء مري ڇورو ٿيو، ٽُڪر کي واجهاءِ

ڄرڪا ڄاراڙن تـﺂن، ڪُرڙا پنيو کاءِ،

ڪار سکيو وڃي مئڪي، هنر سرس سواءِ،

ملاحن پرڻاءِ، وير ويهاريو وچ تي.

41.               وير ويهاريائيون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سوءِ،

ڇهه پٽ ڄاوس هڪ مـﺂن، ٻي پرڻيائين جوءِ،

ننڍيءَ منجهان مورڙو، پرڏر ڄائس پوءِ،

ڀڙ پرين ڀائرن ۾ لکي لڌو سوءِ،

لوڪ مڙيو ئي چوءِ، اٺين ڀيڻ ”جمڙي“،

42.               ”پڙيل“، ”اڱارو“ ٻه ڄڻا، ”مانجهاندو“ تن سان

چوٿون ”للو“ لاڏڪو، پنجون ”سائر“ نانءِ،

ڇهون ”هنجهه“ ڪراري هٺ سان، ستون ”مورڪو“ آء،

سون مياڻي گانءُ، وڃي راڄ ٻڌائون پانهنجو.

43.               راڄ ٻڌائون پانهنجو، بنائي بهتر،

نو سـﺂ ٻيڙي گام جي، جنبي گهڙي ٿي جر،

اولا جني عاج جا، سڙهه ڪراري سر،

ڇَتن سانبوهن سان، واڌو هئا ويتر،

مڏي ملاحن جي تيرهن سـﺂ هئي تر،

راضي ٿي رائر ڀرن، اٺين ڏينهن لک دلوءَ جي در،

ڪاڳهه کائن پاڻ ۾، اضافو اڳري زر،

ڀاڱو مُنجن ڀاءُ ڏي، واٽو ويٺي گهر،

پاڻي گهڙڻ پر، مور نه سکيو مورڙو.

44.               پرڏر پاڻي نه گهڙي، ڄاڻي لئي ڄمار،

هئس مٿي ڇانو ڇهن جي، چورنگ کي چوڌار،

ڀائر مور ملاح جا، خاصا خدمتگار،

ڀاڱو مُـُنجن ڀاءُ ڏي، واٽو ويٺي يار،

کيو ۾ خمار، ڀڙ پرين ڀائن جو.

45.               ڀائن ڀلي ڀاءُ کي، ڏني جُنگ کي جوڙي جاءِ،

تنهن ۾ ترتيبون ڪيون ويٺو واٽا کاءِ،

جوڻس ٿي جاڙون ڪري، گانديري ڪنهن گاءِ،

سهمي شريڪن کي، سارو ڏينهن سساءِ،

ڏس ڏيراڻين ڪنهن ڏانءِ، وڙهنديس ڪو واجهه ڏئي.

46.               تڏهن ڏنس ڏيراڻين مهڻا، (دهلائي در ماند)،

تون ڪانئر ور جي ڪامڻي، تنهنجو ڪانئر ڪم جو ڪانڌ،

ڪار پڄاڻي نه ڪري، ڀيڏ ڏهي ٿو پاند

ريءَ کٽي وڻواند، تنهنجو کائڻ خرابي جهڙو.

47.               روئي روئي رت، معلوم ڪيائين مور کي،

ته مون کي ڏنا مهڻا، سهيلين ستت،

ڪانئرور جي ڪامڻي، هاري هوري وت،

اسان تو ريءَ ناهه ڪو، شريڪيءَ پاهت،

ٽڪر ڪمي ناهه ڪا، ڳڀا کائين ڳت،

ايڏو ئي آپت، مور مون سان ڏاڍو ڏيراڻين ڪيو.

48.               آءٌ پرين ڀائن جو، ڀل جويون مارن جک،

سي مون تي ئي نه سهن، ڪکا ڪاتر ڪک،

لوڪ پوندي لک، تون وائي ڪج نه وات سان.

49.               چي: ملاحن جي مورڙا، تون ڪار نه سکئين ڪا،

ڪار پڄاڻي نه ڪرين، سمهڻ آيئي ساءِ،

ورنگهڻ هي سوڀ سان، ڪـُهه ڪلي هي کاڌاءِ،

تو ڄائي تو ماءِ، کڻي ڪوڙ وهايئين مورڙا.

50.               چئي: آءٌ پرين ڀائرن جو، ڀائر منهنجو هڏ،

جاڪون جيئندس ڏينهڙو، هوندس ڪاڪن گڏ،

اوکيءَ ويل اُتامرو، ڏيندم ساهه ورندي سڏ،

هو پرس آءٌ پهڏ، نر چوي کي نار جي.

51.               هن ڀي ڪئي آ چپ چوڻ کـﺂن، دم تهين درڪار،

ڳالهه انهيءَ کي گذريا، ڏينهن ٻه – ٽي ۽ چار،

ڏيئي ڏيراڻين مهڻا، جيءَ کي وڌس جار،

ڪر ڪاپو ڪامڻي، وهه ڏيئي ورمار،

انهي نرکـﺂن نار، ٻڏي مرين ڇو نه ٻه – ٿڻي.

52.               مهڻن وڌي مامري، ٿي نار ٽمائي نيڻ،

کُهه آهين، کُهه اوهان جا، کُهه کٽون ٻَن کيڻ،

واتون ڪيون نه ويڻ، توهان سان پڄڻ پاهت ناهه ڪو.

53.               تڏهن ڏنس ڏيراڻين مهڻا: تون ڪانئر ور جي،

ڪامڻي، تنهنجو ڪانئر ڪم جو چور،

واٽون ويٺي ناهه ڪو، ڀاڱو ڪيس ڪور،

ويڻ ٻڌندو آيو، پنهنجي ڪنين مور،

ويو ملي ملاح جو هنيون لپيٽي هور،

شرط منجهائون سور، هليو رسي دلو راوَ ڏي

54.               تڏهن جويون پلي پانهنجون، ڀائر پيس پيري،

ميڙ نه مڃي مورڙي، ڇڏيائين ڦيري،

ڇڏي ساڱهه سڱ جي، هليو نحسو نبيري،

دلوءَ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.

55.               دلوءَ دلاسو ڪري، وهاريو آ وير.

متان تون ماندو ٿئين، هنيون ڪج سڌير،

کنڊون، کائڻ، کير، توکي موليٰ ڏيندو مورڙا!

56.               دلوءَ دلاسو ڪري، وهاريو وريام،

هڪ چوکي ٿيس چاڪري، ٻي ٿيس تعظيم تمام.

ٿيو داروغو در تي، هاڙهي ڪري هاگام،

لِکي مڪو لاڏڪي، پيءُ مڻيون پيغام،

تان غيرت ڏنـﮧ غلام، روحئون لاهيو رنج جي.

57.               تڏهن پڙهي پروانو، کيو ٿيو خمار ۾،

اکر اوباهيو ڏسي ٿيو تن ۾ توانو،

صحيح ڀريائين ساهه جو، خوشيءَ مـﺂن خانو،

چيو پيءُ پٽن کي، ابا حڪم ربانو،

ڪري جاءِ منجهئون جانو، ڀاءُ پرچائي اچو پانهنجو.

58.               تڏهن ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي آيس ڀائر ميڙ ڪري،

سون مياڻي سپرين، هل تون پير ڀري،

اوباهيو آهون ڪيون، ٿو تو لئي مور مري،

پٽ هلي تون پيءُ کي، ڳوڌا لاءِ ڳري،

اسان جي نه سري، توريءَ مانجهي مورڙا.

59.               چئي: ڪڍيم غيرت غم جي، مون جو ڪيو پرچاءِ،

آءٌ جو چوان ٿو ڳالهڙي، سا مصلحت من ڪجاءِ،

ٻجهي انهي پار ڏي ٿو ڊپ سچوڻي ڊاءِ،

جي ڀانيو مون ڀاءِ، ته هي مصلحت ڪيو من ۾.

60.               چئي: ادا! توجا ڪئي ڳالهڙي، سا اسان مصلحت ڪئي آ من،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن کي ٻهڳڻ ڏيون ٻن،

شابس وڌئي ڪـُن، آ دانهن ديواني مڇ جي.

61.               ڀاءُ پرچائي پانهنجو، وري آيا وير،

ٻيٽن اچي ٻاپ کي ڏني هيءَ سڌير،

اجهو ايندئي مورڙو، پرچايو آ پير،

کنڊون کائڻ، کير، سـﺂ مڃيائون صدقي.

62.               موڪل وٺي دلوراءِ کـﺂن، ڏينهن اٺين آيو،

ماءُ پيءُ مانجهي مورڙو، ڳوڌو ڳل لايو،

ڀاڄاين پيرين پئي، پر ڏر پرچايو،

ٿيو سهج منجهئون سعيو، لک ڪيائون صدقي.

63.               اُڪنڊ لاهي مورڙو، آيو دلوءَ لوءِ،

اڳيئون پڇيس پاتشاهه، ڪڄاڙو ٿيوءِ،

مور! وڏو وهم سوندءِ، ٻه – ٽي لاتئي ڏينهڙا.

64.               چئي: سائين ٻه – ٽي لاتم ڏينهڙا، وچ مائٽن ويهي،

ماءُ پيءُ موڪل نه ڏئي، مون کي به هئي اُڪنڊ اڳيئي،

ماڻهو مياڻيءَ جا مون کي ڏر گڏيا ڏيهي،

قبلا تون اڳيان ويهي، ڪهڙي ڪهان ڪوڙ جي.

65.               تڏهن سيباڻو سڀني کي،دلوءَ جي درٻار،

دنگ ڏنائينس دست ۾، دارون درس پيار،

ڪرول ڪوپي آئيو، چڙهيا شوق شڪار،

سڀ وڙهيا ٿي سنگهه سان، سورهه  ۾ سنسار

هي ڀي مڙس ماريا هئا مامري، نو پوريائين چار،

ٻئي به ڪنهن ڪيهر سان نه ڪئي آڻن مٿي آر،

مور وهائي واگهه کي، تائي جان به ترار،

لنگهي پئي سا پار، لکئون لاهي تنهن ليث کي.

66.               لکئون لاٿو اٿئي ليث کي، درميان آئين داء،

ڏنائينس ڏينهن تنهن، گهوڙو ۽ سروپاء،

بادشاهه چيس آفرين، جي ويائي ماء،

مارڪن ۾ مورڙا، مر مرڪي پياء،

جَدئون توهان جي جنگ جي، اَڏ وڏائي آء،

ڀلي پيءُ ڀاءُ، جيڪي گهرين سو لهين.

67.               چئي: سون مياڻي سڀ جو، لاهي ڏن ڏيار،

جي تون راءِ راضي ٿئين ته کنڊون کير پيار،

ملاحن نه مار، کڻي آجا ڪر ”امين“ چئي،

68.               تڏهن ورنـﮧ اُتي ويل تنهن، ٿيو بادشاهه مهربان،

محڪم ڏنائينس مجرا، سون مياڻي دان،

لکي مُڪو لاڏڪي، پيء مڻي پيغام،

کڻو ڏيهه انعام، کڻي راجا رائر ڇڏيو.

69.               هاڻي سون مياڻي سڀ جي، ويٺا ڍلن ڍل،

ڪلاچيء جي ڪـُن جي، ڪن ڏهاڙي ڪَل،

پيءُ به پلين ڪينڪي، جهليا ڏين نه جهل.

ارادي ازل، ٻنهي وير وڪوڙيا.

70.               ڪان ڪڏهن ڪاني، ٿئي جنگ قلاش سان،

ڪرهه تني ڪا نه اڄهي  موک جني ماني،

ڦيري فهميدن کي ٿي دولت ديواني،

پُٽ اوباهي پڌرا، ڏيهه ڄاڻي ڏاني،

جڏهن ٿئڙا انعامي، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه جو.

71.               وهم رکيائون ويڙهه جو، ٿين هڙ ۾ ٽَڪا روڪ،

پيءُ ڀي پليا ڪيترو، متيون ڏنين موڪ،

ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڦٻيا ويندا ڦوڪ،

هنن کي مستيءَ ڪيو موڪ، ڪي دولت ديوانا ڪيا.

72.               دولت ديوانا ڪيا، ٿا چـﺂتالا چوڙين،

ڌاڳا ريشم پٽ جا ٿا سڳ سٻر جوڙين،

جئراڻين جي جنگ کـﺂن من کي نه موڙين،

ڪير ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ٿا کاهه منجهئون کوڙين،

اڄ سڀان لوڙين، ٿا اکر ارادت جو.

73.               تڏهن اُتن اوباهي اُسري، وري ڙي ويهو،

قهارڻي ڪلاچيءَ سان، اَٿو لئون لڳو ڪيهو،

جوراڻي جيهو، هت مڇ ٻجهي ٿو مامري

74.               اُتن اوباهي اُسري، گهوٽيا گهاريو گهر،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، اضافو خرچو زر،

پليا گهڻو پدر، پر ٻيٽن مڃي نه ٻاپ جي.

75.               سڙهه سنوان لاڄو نوان، پڳهه ٿا پائين،

اولين اُتي عاج جي جهور جڙائين،

ڪشتـيـون ڪشت ڪلاچ ڏي، ٿا مانجهي مکائين،

دَل نه دلِ لائين، هت بانڪا چوَڻ باب جي.

76.               ڪشتيون ڪاهيو ڪاهه، هليا ڪَهي ڪلاچيءَ ڪُن ڏي،

اصل تارو هئا آب جا، بانڪا بيپرواهه،

ماري ڪڍون مڇ کي، هي چت رکيائون چاهه،

هنن جي سڳن نه آئي ساهه، رڇ رنڊيا ماڳ رهيا.

77.               وڌائون وڏانجهه ۾، ڳڻيون ڳاٽ کڻي،

سڳن سٽون آئيون، ويٺا رڇ وڻي،

گهاتوئڙن گهڻي، ٿي دلگيري دل کي.

78.               وڌو اڱاري اُڇلي ڄارو منجهان ڄاڻ،

سڳن سٽون آئيون، تندن آئي تاڻ،

ويٺا ڪن پرياڻ، گهڙ ”مانجهاندا“ جر ۾.

79.               اڱاري جي رڇ کي، ڇهئي ٿا ڇڪين،

ڇِنا ٿا به اچين، ڪي ڌاڳا ريشم پٽ جا.

80.               چئي: ادا! ڪنهن اڙيو ڪلي ڪاٺ ۾، جنهن سنج جهليا ساهي

پڇن موڀيءَ ڀاءُ کـﺂن، سگهون نا لاهي،

آزمودو آهي، ظاهر تنهنجي زور جو.

81.               چئي: ادا! سـﺂ ورهه جي ورک کي، جي پاڻي ٻوڙي، تنهن ۾ اچي اوچتو رڇ اڙي توڙي،

سو وڻ وچوڙي، مان ڄولي ڪڍان ڄار سان.

82.               تڏهن پهه ڪيائون پاڻ ۾، پڪو پرياڻي،

ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، هڪ گهڙي هاڻي،

خبر سو آڻي، آهن رڇ جنهن ۾ رنڊيا.

83.               اُتو ڀڙ ”پڙهيل“ ڀائن کي، ادا آن گهڙندوس،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، پرو پائيندوس،

ترو تانگهي ڪُن جو، پهر اٺين ايندوس،

خبر سان ڏيندوس، آهن رڇ جنهين ۾ رنڊيا،

84.               ٻئي ”اڱاري“ ڀائن کي، ڏنو ڏس کرو،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ پائيندس پرو،

ستين پهر سير ڪري، وڃي تانگهيان ڪُن ترو،

تهان پوءِ ذرو، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.

85.               ٽئين ”مانجهاندي“ مڻيار، ڀڙ چيو ڀائن کي،

پيهي ڪُن پاتار ۾، لهان سنجن جي سار،

ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، ڇهين پهر شمار،

تهان پوءِ پچار، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.

86.               چوٿين ”للي“ لال، ڀڙ چيو ڀائن کي،

پيهي ڪُن پاتار ۾، جر نهاريان جال،

ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، پنجين پهر ڪمال

تهان پوءِ في الحال، جيئن ڪجو نه آسرو.

87.               ”سانئر“ سخن سال، ڀڙ چيو ڀائن کي،

مان به پيهي ڪن پاتار ۾، جر نهاريان جال،

ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، چوٿين پهر ڪمال،

تهان پوءِ في الحال، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.

88.               هئي هڏائين ”هنجهه“ جي، ٽٻي پهر ٽي.

جيائين تارو نه گهڙي، جنگ تيائين جي،

ڀائر پرتئو رب کي، وهم نه لڳجو ٻئي،

جيئرو هوندو هي، ته ڪَل سڀ ڏيندو ڪـُن جي.

89.               گهڙيو ڪلاچي ڪن ۾ ”پڙهيل“ پهريائين،

انجامي ”امين“ چئي، جُنگ هليو جائين،

آيو ويريءَ وات ۾، هاڙهي هنڌائين،

موٽيو نه ڪيائين، راوت رپ رهائيو.

90.               مرڪڻ موڀيءَ ڀاء جي، ڳاراڻي ڳاريو،

ڪاهي پيو ڪـُن ۾، اَجهل اڱاريو،

پيهي ڪُن پاتار مل تاروءَ تنواريو،

سوڀي مانجهي مڇ ماريو، راوت رپ رهائيو.

91.               جُنگ سڀني ۾ جهانجهرو، هنر گهڻي هشيار،

ڪاهي پيو ڪـُن ۾ مانجهاندو مڻيار،

ڀائر پرتئو رب کي الله تو آهار،

سو به هئو دانهه دعويدار، پر راوت رپ رهائيو.

92.               ويٺا ڪن وائي، ته ڪاڪا موٽيا ڪينڪي،

ڪاهي پيو ڪُن ۾ ڪري ”للو“ لالائي،

اصل هئو ”امين“ چئي، ڀڙ سندن ڀائي،

سو به کاهوڙي کائي، راوت رپ رهائيو.

93.               ڀڙ ڀائن ريءَ هيڪلا، دونون ٿيا دلگير،

اصل هئو ”امين“ چئي، سانئر واقف سير،

تنهن به وس وڏا ڪيا وير، پر راوت رپ رهائيو.

94.               ڇهون ”هنجهه“ گهڻيري هٺ سان، سورهه وڏو شان

ڀڙ ڀائن ريءَ هيڪلو وڃي ميو ٿيو مستان،

ڪاهي پيو ڪُن ۾ هاڙي ڪري هاگام

ڪُهڻ ڪلاچي مانَ، نه ته کڻي ماڻهو مـُنجو مور ڏي.

95.               اڄ نه هيرن هَٽ، مُهن ميڙائي مَڪـُرئين،

جنهن تڙ ڏنڀرئين پرن، ڪـَن ڏهاڙي گهت،

گهاتو گهر نه آئيا، کڻي ماٽيون مَٽ،

سيئي پسي پَٽ، ماڻهو موٽي آئيا.

96.               نَتر نه سڃاڻان، سڏ نه سڻن گهاتئا،

سي منهن نه ڄاڻانِ الائي ڪلاچي ڪيئن ڪيا.

97.               ساٽي سڏ ڪري، تڙئون ترسي آئيا،

رنائون ٻاجهه پئي، ڳوڙهن ڳاٽ ڀري،

پئڙن پنڌ پري، جي اوري هئا ته آئيا.

98.               وٽ اوباهي اُسري، خبر هيءَ آئي،

ته ڪالهه ڪلور ٿي گذريو، سُڌ سگهيا سائي،

تنهنجا کاهوڙي کائي، راوت رپ رهائيا

99.               نٿون جن نڪن ۾، ٻانهيون ڪُلهي ڪر،

آهون ڪن الله کي، دانهون مٿي در،

تنين سندا ور، هت ڪالهه ڪلاچي رانئيا.

100.         ڪلاچيءَ جي ڪـُن کي، ويا ملاح مڙي،

جودئون ٻڌي جنگ جي، ڀائن خوب ڀڙي

ويا جي گهوٽ گهڙي، ڪو نه منجهائن موٽيو.

101.         جوش جَلائي ”جُمڙي“، مڏيءَ ڏسي نه ملاح،

ٻيٽيءَ چيو ٻاپ کي، منجهان سهج صلاح،

بابا! ماڻهو منج ڪو مور ڏي، وڃي هيءَ ڪري آگاهه،

ته آءٌ وهيڻو واهه، تنهنجا ڪا ڪِهن ڪـُن رهائيا.

102.         دانهن وٺي دانيهن، ويو مانجهي مور ڏي،

جتي ڀائر هن ماريا، مان به آيس اتائين،

ويٺو چو آهين، ڪارهين ڇو نه ڪلاچ سان.

103.         دانهين ٿو دانهن ڏئي، پسو ڪهڙيءَ پر،

ڪا جا ٻرين ڪوس جي، آوَهه، ڪُن اندر،

ويا وير نه آئيا، گهاتو موٽي گهر،

سون مياڻي سور ٿي اوٽيهڙو اپر،

ٿي ڀاڄايون بانوريون، ماندي تو مادر،

جوش جلائي جُمڙي، ٿي نوائي نبتر،

اٿي سگهو سعيو ڪر، ڪِلي جو به ڪلاچ سان.

104.         چئي: ادا! ڪيئن گهڙيا ٿي ڪُن ۾، ٿين ڪنهن ڀَت ڪيڏارو،

چئي: ادا! پڙهيل پهريائين گهڙيو، جو هئو هنر هاڪارو،

ٻيو اڱارو جوهري، قوت ڪرارو،

مانجهاندي مضبوط ڪيو، منجهه پاڻيءَ پسارو،

للو لال ته ويڙو، جيئن ترت کڙي تارو،

سانئر سنگيو ڪينڪي، توڙي هو جر جالارو،

هو جو هنجهه گهڻيري- هٺ سان، سو مانجهي مڇ ماريو،

اندر سج نه سوجهرو، اوندهه انڌارو،

منجهه ڪٽي ٿو مامرو، ڪڇون منهن ڪارو،

آيو تو وارو، ڪلي جو به ڪلاچ سان.

105.         تڏهن وَٽي وير هٿانءِ، وڃي پئي پَٽ پِٿون ٿي،

پڇيو مانجهيءَ مور کان، دانَهه دلوراءِ،

ڪهڙي خبر ڪاءِ، اڄ پڻ آيئي اوچتي.

106.         تڏهن در دلوءَ جي دانهن، ڪئي مانجهيءَ مورڙي،

ته ڀائر مون ڀَلا هئا، ٻهڳڻ ٻيلي ٻانهن،

وڏي ڪنهن وڻانهه، ڪالهه ڪلاچي رانئيا.

107.         چئي: ٿانهر وڏو ٿانء، جيو رت جٽا جنگ جي،

نه ٿي مور اُٻاهرو، توکي ڏاتر ڏيندو ڏانء،

الله جهين جو نانء، وير وٺايون سو ڏئي.

108.         تڏهين دلوءَ جي درٻار ۾ ٿو ٻر ٻر ٻاڏائي.

ته ڪا نه چلي ٿي ڪُن سان، ڪَرَههَ بنا ڪائي،

ڪات نلوئي رُڪ جو، ڏي سگهو سانباهي،

وڙهان واڏائي، خونيءَ ساڻ خمار ۾.

109.         ڪات نلوئي رُڪ جو، ٻي ڪائي جي ڪَل،

ڏنائينس ڏينهن تهين، انهيءَ ويل اجهل،

دلوءَ ميڙيا دَل، ته هلي جنگ پسون تنهن جُنگ جي.

110.         دلو ديمن ساڻ، هليو مانجهي مور سان،

ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه جا ڇڏيا وير وٿاڻ،

ڀري پسو سي ڀاڻ، جتي گهاتو ماريا.

111.         منجهه مياڻي مورڙيو، آيو ويل اجهل،

ڪيو ڀاڄاين ڏير سان، جوش منجهارئون جل،

ته تنهنجي ڪاڪن جو ڪهڳل،هت ڪالهه ڪلاچيءَ ۾ هئو

112.         ڪيو ڏير ڀاڄاين سان، آ جوڙي هيءَ جواب،

ته ڪُهي سڪ ڪاڪن جي، ڪيو آ مور ڪباب

مران ته موت ثواب، جي جيان ته ماريان مڇ کي،

113.         ڪيو ڀاڄائن ڏير سان اهوئي الاءِ،

ته ڳل نه پائين ڪنجرو، لاهين پاڳ مٿاءِ،

پيءُ مڙني جو هڪڙو، مورَ ماٽيجي ٿي ماءُ،

جيلانـﮧ ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، ٿو تيلان ترسين تانهن کـﺂن.

114.         ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿيو پسي ڀاڄايون،

نٿون جن نڪن ۾، ڪُلهي ڪر ٻانهيون،

اهڙيون ملاحيون، ويچاريون به ورن لئي.

115.         ورهه اڳي هو وڍيو، ٻيو ڏمر سان ڏوڙي

مرڪڻ مارڪن مـﺂن، مُڇ اُٿيو موڙي،

مان به لـُڙ منجهـﺂن لوڙي، وڃي مئي لاهيندس مَڇ جي.

116.         متو آهين مڇڙا، ڪاڪا ساڱهه ڪر،

اٿئي پهر ”امين“ چئي، ڏر گهاتوءَ جي ڏر،

ڀڏر مٿي ڀر، کڻي ڏيکاريندين ڏيهه کي.

117.         سانوڻ بڊو گذريو، آئي ائٿ اَسـُوء جي وار،

متو آهين مڇڙا، کيو ۾ خمار،

ننڊ نه اچي مورڙي، دانَهه دعويدار

ڪُتا ۾ ڪاپار، کڻي چُٽائيندئي چورٽا.

118.         موڪل ڏنيس ماءُ، پيءُ پرتوئي رب کي،

ڇڏي سانگو سر جو هليو گهوٽ گهراءُ،

مُلڪ پسندو مامرو، ڪندو وير وڌاءُ،

ڪُوپو ڪڇون کانء، وڃي وير وٺندو مورڙو،

119.         ڄارو ناڄاري، نڪا ڇَت ڇڳير سان،

ڪائي جي ڪَل ڍڪي،هليو سهجئون سڪاري،

سر ويريءَ واري، وڃي ڪوپو ڪندو ڪات سان.

120.         سر ويريءَ جي آسري، ڪو هڻي بهادر کڳ،

ڪنهين کنيو هو ڪونڪو، پاڻي اندر پڳ،

تيلانهن مور ملاح جو، جس ڳائي ٿو جڳ،

مئي ماريو هو مڳ، وڃي جر ۾ اوئس جنگ جو.

121.         راوت رڳي رُڪ جي، کنئي هئي ڇل ڇري،

تنهن تعريفاً تبار کـﺂن، اميد ايءُ گهري،

هُو ڀي قوت ڪراري مَڇ سان، ٿيان ها تـُل تـُري،

وجهندس چاڪ چُري، تنهن گانڊوءَ کي گرماڻ ۾.

122.         ڪَل، ڪايو ۽ ڪات، ڇُري، ٻيا جنگ جا کنيائين جوڙ،

سورهه ٻَڌا سهرا، ٻيا موت چتائي موڙ،

هن جي سڳن نه آئي سوڙهه، آهي سوڀ تنهن کي سامهون.

123.         ڪائي جي ڪَل ڍڪي، ڪيو بانڪي بانو،

آڏو ڌنڌاگير دماغ سان مڇ ته مستانو،

هن هڻي ڪات ڪڇن کـﺂن، ڪيس راوت روانو،

دسيو ديوانو، گهاتو پهرئين گهاوَ سان،

124.         گهاتو پهرئين گها سان، ڪيو کاهوڙي کيرو،

وڍيائين ويريءَ جو هنيون، بڪيون، جيرو،

مرڪڻ ٻاهر نڪتو، ديکڻ ٿيس ديرو،

بادشاهه چيس آفرين، جيئن تو ماري و مٿيرو،

ارڏا ڪج اهڙو ڪو ڀائن تي ڀيرو،

ڪـُوپا ڪم تيرو، آهي وٺڻ وير وقوف سان.

125.         دلوءَ ديميون ڪاري، آندا سانَهن سوَ،

پٺيون ٻرين ٻاهڙي، تنهن تپايا توَ

ريلي وانگر روَ، تن چوري ڪڍيو چورٽو،

126.         چوري ڪڍيو چور کي، دسيو وڃي هو ديءُ،

ڪوپي وڃي ڪات سان، ڇل ڏنا هئس ڇيهه،

تنهن کي تڪرار ڪيون ٿي ڏسڻ آيا ڏيهه،

رنگ تنهين جي ريهه، جنهن مانجهيءَ ماريو مڇ کي.

127.         ڀاٽيا مور ملاح جا آهن خاصا خدمتگار،

اڄ اڄوڻي ڏينهن تائين اتي ڪن الغار،

جد تهين جي جنگ کي واهه چون ٿا وار،

جي ڪَهن ڪلمي جي سار، اگهو سڀ ايمان سان،

لا اِلـٰﮧ اِلَالله مُحمد رسول الله

———–

 
* هيءَ روايت سگهڙ شاعر علي  ملاح مرحوم، ويٺل ”ابراهيم حيدري“ (لڳ ڪراچي) کان سندس حياتيءَ ۾ احمد ولد علي محمد ناکئي ويٺل ابراهيم حيدري، ماهه رمضان 1372هجريءَ ۾ ٻڌي قلمبند ڪئي.
[1] ”گنڊا سنگ“ جو اهو شهر ۽ ڪوٽ، ڪڇ جي ڪناري لڳ جکائو بندر کان ڇهه – ست ميل ڏکڻ- اولهه پاسي، ”سيارڙيءَ جي کاريءَ“ کان ٻاهر، سمنڊ ۾ غرق ٿيل آهي، جنهن جا نشان سنڌ ۽ ڪڇ جي ناکوئن کي معلوم  آهن.
[2] رني ڪوٽ جا ڊٺل نشان ڪراچيءَ جي ڏکڻ طرف چوڏهن- پندرهن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهن.
[3] ڪلاچي هڪ مائي هئي، جا مڇيءَ جو واپار ڪندي هئي. ڪراچي شهر ۾ جتي هينئر کارو در آهي، اتي هوءَ مائي رهندي هئي. اتي چڱي آبادي به هئي، جتي ٻيا مال وارا ۽مهاڻا به رهندا هئا. سنڌ کان بلوچستان ڏانهن ويندڙ رستو پڻ اتان لنگهندو هو. (راوي)
* هيءُ قصو، دادو ضلعي جي مشهور چارڻ قبيلي (اصل رهندڙ ڳوٺ ڪنڊي، لڳ ڦلجي) جي ٻن موروثي قلمي ڪتابن مان نقل ڪيو ويو. هڪ ڪتاب ميان دين محمد چارڻ کان ۽ٻيو مرحوم کمڻ فقير چارڻ کان مليو، جن کي ڀيٽي قدري صحيح متن قائم ڪيو ويو.هنن بيتن جي روايت پهرين ٽن روايتن (ص59، 68 ۽ 85) سان ملي ٿي. البت چارڻ فقيرن جي موروثي ڪتابن ۾ ان جو هجڻ هڪ دليل آهي ته هن منطوم روايت جو اصل شاعر غالباً امين فقير چارڻ آهي. غالباً پهريان 36 بيت جدا روايت سان تعلق رکن ٿا، جن کان پوءِ امين جا بيت شروع ٿين ٿا.
[4] تاجا = تازا
[5] آزمتن = آزمودن.
 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!