سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت

غلام حسين جلباڻي

باب: —
صفحو :1
ڪيميائي سعادت
غلام حسين جلباڻي
ديباچو

 سنڌي ادبي بورڊ بعض ڪتابن ترجمي ڪرڻ جو ڪم بندي کي سونپيو هو، جن مان ”ڪيميائي سعادت“  به هڪ هو. ڪتاب البت ضخيم آهي، ۽ منجهس چار عنوان ۽ چار رڪن آهن. ان جي چئن عنوانن کي مختصر ڪيو ويو آهي، ليڪن اهڙيءَ طرح، جو مضمون جي سلسلي خلل نه پوي.

باقي چئن رڪنن مان پهرين ٻن کي جي عبادات ۽ معاملات سان تعلق رکن ٿا، بلڪل ڇڏيو ويو آهي، ۽ پوين ٻن جو معمولي اختصار ڏنو ويو آهي. انهن ٻنهي جو تعلق مهلڪات ۽ منجيات سان آهي، يعني انهن خلقن سان آهي، جي دل جي تباهي ۽ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

”ڪيميائي سعادت“ تصوف آميز اخلاقي ڪتاب آهي، ۽ جو به ان جو مطالعو ڪندو، تنهن تي چڱو اثر پوندو. انسان کي ناقص پيدا ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ان نقص کي دور ڪرڻ، ۽ ڪمال جي درجي تي پهچڻ لاءِ سخت محنت ۽ مجاهدي جي ضرورت آهي، جو ڪم واقعي نهايت ڪٺن آهي، هاڻي جهڙيءَ طرح، ڪيميا لوهه کي سون بنائي ٿي، تهڙيءَ طرح هيءُ ڪتاب به بيمار دلين لاءِ هڪ اڪسير آهي. جيڪو به هن ڪتاب جي هدايتن تي هلندو، اهو صحيح معنيٰ ۾ هڪ لائق انسان بنجي پوندو. آءٌ پنهنجي مهربان استاد مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو نهايت شڪر گذار آهيان، جنهن پهرين عنوانن ۾ منهنجي غير معمولي مدد ڪئي هئي.

والسلام

  غلام حسين جلباڻي

حيدرآباد سنڌ

8- جنوري، 1960ع     

 

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
باب: —
صفحو :2
امام غزالي ؒ

 محّمد سندس نالو هو، ۽ ”حجّته الاسلام“ سندس لقب. پاڻ خراسان پرڳڻي جي طوس شهر ۾، سن 450 هجري مطابق 1059 عيسوي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيسءُ ڌاڳي ڪتڻ (غَزۡل) ۽ وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري پاڻ ”غزاليءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

امام صاحب جي پيءَ پنهنجي وفات کان ٿورو اڳ کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ احمد کي تعليم ڏيارڻ خاطر پنهنجي هڪ دوست جي حوالي ڪيو، جنهن انهن کي هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي فقه جي ابتدائي ڪتابن پڙهڻ بعد جرجان وڃي، ابو نصر اسماعيلءَ جي خدمت ۾ علم جي تحصيل ڪيائين. سندس علمي تبحّر انهيءَ حد کي پهتو هو، جو معمولي عالم سندس پياس لاهي نٿي سگهيا. انهن ڏينهن ۾، نيشاپور ۽ بغداد جا مدرسا سڀني کان گهڻو مشهور هئا، ۽ منجهن ٻه زبردست عالم، امام الحرمين([1]) ۽ علامه ابو اسحاق شيرازي، تعليم ڏيندا هئا. لهٰذا پاڻ نيشاپور وڃي امام الحرمين جي نگرانيءَ هيٺ پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪيائين. امام الحرمين جي وفات کان پوءِ، سندس وسيع علمي معلومات سبب سلجوقي وزير نظام الملڪ کيس پنهنجي بغداد ۾ برپا ڪيل ”مدرسه نظاميه“ ۾ صدر مدرس مقرر ڪيو. هن عهدي تي فائز ٿيڻ ڪري سندس علم ۽ فضل جو آواز هر هنڌ ٻُري ويو، ۽ سڀ وزير ۽ امير سندس آڏو جهڪي پيا.

ان وقت، بغداد سڀني مذهبن جو اَکاڙو هو، جتي سني، شيعه، معتزلي، زنديق، ملحد، مجوسي ۽ عيسائي هرهڪ مذهب جي غور سان مطالعي ڪرڻ بعد هن نتيجي تي پهتو ته تصوف جي راهه سڀ کان ڀلي آهي، ڇا لاءِ جو ان ۾ علم کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي، ۽ عمل، زهد ۽ رياضت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن پنهنجي درس، تدريس ۽ ٻئي ڪاروبار تي غور ڪيائين ته انهن سڀني ۾ کيس جاهه پرستي نظر آئي. لهٰذا گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ انهن سڀني کان لاڳاپا ٽوڙي، بغداد کي خيرباد چئي، شام ڏانهن روانو ٿيو. مگر اتي به علم جي پياسن کيس نه ڇڏيو، ۽ درس ڏيڻ تي مجبور ڪيو- هتي به سندس تعريف ٿيڻ لڳي، جنهن کي پڻ غرور ۽ تڪبر جي جَڙ سمجهي، بيت المقدس طرف رخ ڪيائين، ان کان پوءِ مڪي شريف ويو ۽ حج ڪرڻ کان پوءِ دمشق جي جامع مسجد جي مناري اندر اڪيلو ويهي مجاهدي ۽ رياضت ۾ همه تن مشغول رهيو.

هن عزلت ۽ خلوت ۾ ڏهه سال لڳي ويس، پر انهن ڏهن سالن جي رياضت، سندس دل کي صاف ۽ اوجل ڪري ڇڏيو، ۽ اونداهيءَ جا مڙيئي پردا هٽائي پري ڪيا، ۽ شين جون اصلي حقيقتون سندس اڳيان کُلي ظاهر ٿي پيون. ڏٺائين ته دنيا مذهب کان منحرف ٿي رهي آهي ۽ عقل ۽ فلسفو ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان پيا آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هيءَ گوشه نشيني ڇڏي، تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. هوڏانهن وري درس ۽ تدريس جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ سلطان جي طرفان کيس تاڪيدي حڪم پهتو. آخر، نيشاپور ۾ اچي هيءُ ڪم دوباره شروع ڪيائين، مگر اتان به ٿوري عرصي گذرڻ بعد پنهنــجــي ڳـوٺ طوس ۾ موٽي اچي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳو، جتي آخر، جمادي الاخر، سنه 505هه، مطابق 1111ع ۾ وفات ڪيائين.

سندس تصنيفون گهڻيون ئي آهن، جهڙوڪ: ”المنقذمن الضلال“ جنهن ۾ پنهنجي ذهني حالت، ۽ حقيقت پٺيان جدوجهد جو شرح بيان ڪيو اٿس، فلسفي ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”تهافت العلاسفته“ آهي جنهن ۾ يوناني ۽ اسلامي فيلسوفن جو رد ۽ ڪد ڪيو اٿس. منطق ۾ معيارالنظر ۽ اخلاق ۾ ”ميزان العمل“ اٿس. ليڪن سندس ڪتابن ۾ زياده ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ”احياء علوم الدين“ آهي، جنهن ۾ هن مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا آهن، ۽ سندس لاءِ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائي آهي، ۽ معاملات ۽ عبادات کي مفصل طور بيان ڪيو اٿس.

تصوف ۽ اخلاق ۾، سندس ٻي تصيف ”ڪيميائي سعادت“ گهڻي مشهور آهي، ۽ حقيقت ۾ ”اِحياء“ جو خلاصو آهي، ۽ فارسيدانن جي سهولت خاطر لکي ويئي آهي، جيئن مصنف خود ڪتاب جي منڍ ۾ اشارو ڪيو آهي. علاوه انهن جي، سندس ٻيا به اسي کن ڪتاب آهن، جي پنهنجي فوع ۾ بينظير آهن.

عنوان پهريون

پنهنجو پاڻ سڃاڻ

 توکي هي معلوم هئڻ گهرجي ته پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ، الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪنجي آهي. تنهنجو نفس، تو وٽ، ويجهي ۾ ويجهي شيءِ آهي. جيڪڏهن تون پاڻ کي ئي نه سڃاڻندين ته ٻين شين کي ڪيئن سڃاڻندين؟ پر جي تون چوين ته مان پاڻ کي سڃاڻان ٿو ته اهو صحيح نه آهي، ڇا لاءِ جو اهڙيءَ سڃاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي ٿي نٿي سگهي. تون ته فقط پنهنجي ظاهر- هٿن، پيرن، گوشت، چمڙيءَ ۽ مٿي کي سڃاڻين ٿو، باقي اندر جي توکي رڳو هيءَ خبر آهي ته جڏهن بک لڳيئي ٿي ته ماني کائين ٿو ۽ ڪاوڙ لڳيئي ٿي ته وڙهين ٿو وغيره، تنهنڪري توکي پنهنجي حقيقت کان واقف ٿيڻ گهرجي ته تون ڪهڙي شيءِ آهين، ڪٿان آيو آهين ۽ ڪاڏي ويندين، هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪم سان آيو آهين ۽ تنهنجي نيڪي ۽ برائي ڇا ۾ آهي. تنهنجي اندر ۾ جو مختلف صفتون آهن، ڪي حيواني ته ڪي روحاني، انهن مان ڪهڙين کي زور وٺائجي، جو تون وڃي الله جي حضور کي رسين، جنهن کي عام ماڻهو بهشت چون ٿا.

 
[1]  ابو المعالي الجويني، سندس اصل نالو عبدالملڪ ۽ لقب ضياءُ الدين هو. الپ ارسلان سلجوقيءَ حڪم ڏنو هو ته خطبي ۾ امام ابوالحسن الاشعري تي لعنت پڙهي وڃي، جنهن ڳالهه کان ناراض ٿي وڃي حرمين رهيو، جتي سندس ڏاڍو قدر ٿيو مڪي ۽ مديني جون فتوائون وٽن اينديون هيون، جنهن سبب ”امام الحرمين“ جي لقب سان سڏجڻ لڳا.

  

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان پهريون
صفحو :3
فصل پهريون

آدميءَ کي ڪيترين شين مان پيدا ڪيو ويو آهي

 هاڻي ڪن لائي ٻڌ، توکي ٻن شين مان پيدا ڪيو ويو آهي: هڪڙي، تنهنجو هي ظاهري جسم آهي، جنهن کي ظاهري اک سان ڏسي سگهجي ٿو، ٻي، تنهنجي باطني (اندرين) حقيقت آهي، جنهن کي نفس، دل ۽ جان چون ٿا، ۽ ان کي ظاهري اک سان نٿو ڏسي سگهجي.

اسان ان جو نالو دل رکيو آهي، ۽ جڏهين اسين دل بنسبت ڪجهه به چئون ته ان مان اسان جي مراد انسان جي حقيقت آهي. ڪنهن وقت ان کي روح ۽ نفس به چون ٿا، ان دل مان اهو گوشت جو ٽڪرو هرگز مراد نه آهي، جو سيني جي کاٻي پاسي آهي. اهو ته جانورن ۾ به آهي، گوشت جو اهو ظاهري ٽڪرو دل لاءِ سواري آهي، ۽ جسم جا سڀ عضوا سندس لشڪر آهن، ۽ پاڻ ساري جسم جي بادشاهه آهي. خدا تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪرڻ، ۽ ان جو مشاهدو ماڻڻ، سندس صفت آهي. عبادت ان لاءِ فرض آهي، ثواب ۽ عذاب به ان لاءِ ئي آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ جسم ان جو زيردست آهي. ان جو اصلي مڪان الله تعاليٰ جو جناب آهي. اُتائين آئي آهي ۽ اوڏانهين ئي موٽي ويندي. هت محض مسافر طور کيتيءَ واڙيءَ لاءِ آيل آهي.

 فصل ٻيو

دل جي حقيقت سڃاڻ

 انسان کي پنهنجي هستيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي. هو جيڪڏهن پنهنجون اکيون کڻي بند ڪري، ۽ پنهنجي جسم کي وساري ڇڏي، ۽ زمين ۽ آسمان ۾ هر شيءِ، جا اکين سان ڏسي سگهي ٿو، سا کڻي فراموش ڪري، ته به هو پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻي ۽ پاڻ کي سمجهي وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو شخص ان ۾ چڱيءَ طرح غور ۽ فڪر ڪري، ته ڪجهه آخرت جي حقيقت به معلوم ڪري وڃي، ۽ هن ڳالهه کان به باخبر ٿي وڃي ته جڏهن سندس جسم کانئس جدا ڪيو ويندو، تڏهن به سندس (هستيءَ، حقيقت جو) قائم رهڻ ۽ فنا نه ٿيڻ ضروري آهي.

فصل ٽيون

دل جي حقيقت

 دل جي حقيقت ته اها ڪهڙي چيز آهي ۽ سندس خاص صفت ڪهڙي آهي، تنهن جي ٻڌائڻ کان شريعت منع ڪئي آهي فقط هي معلوم آهي ته اها الله تعالي جو هڪ امر (حڪم) آهي. هيءَ جسم وانگر قسمت پذير (ورهاڱو قبول ڪندڙ) نه آهي، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن اها تقسيم قبول ڪرڻ جي لائق هجي ها، ته ان جي هڪ طرف ڪنهن شيءِ ڄاڻ هجي ها ته ٻئي طرف لاعلمي (جهل). هڪئي وقت ڪا شيءِ عالم به هجي ۽ جاهل به، هيءَ ڳالهه محال آهي. جن ماڻهن ”روح“ (دل) کي قديم سمجهيو آهي يا ”عَرض“[1] تسليم ڪيو آهي، سي غلطيءَ تي آهن. ”روح“ مخلوق آهي، ليڪن (برخلاف ٻئي مخلوق جي) فنا هرگز نه ٿيندو. ”عرض“ ته هرگز ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو ”عرض“ کي ته پنهنجو قيام ئي ڪونهي (خودبخود بيهي نٿو سگهي) ۽ ٻين شين جو تابع آهي، ليڪن آدميءَ جو روح سندس اصليت آهي، ۽ سارو جسم ان جو تابع آهي. جن ماڻهن وري وري روح کي جسم ڪري ورتو آهي. سي به سراسر ڀليل آهن، ڇا لاءِ جو جسم ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي سگهي ٿو، پر ”روح“ ٽڪرا ٽڪرا ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. ”روح“ جي حقيقت کي ڄاڻڻ مشڪل آهي، ها جو ڪوئي مجاهدو يا رياضت ڪندو، سو ان جي حقيقت ڄاڻي سگهندو. رياضت کان اڳ دل جي لشڪر کي ڄاڻڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته جهاد بخوبي ڪري سگهجي.

فصل چوٿون

آدميءَ کي جسم جي ضرورت آهي

جسم آهي دل جي بادشاهي، جنهن ۾ دل جا مختلف لشڪر موجود آهن. دل کي پيدا ئي ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته سعادت جي تلاش ڪري، جا الله تعاليٰ جي معرفت ۾ ئي سمايل آهي. الله تعاليٰ جي معرفت وري ان جي صنعت (ڪاريگريءَ) مان حاصل ٿيندي آهي، جنهن جو تعلق هن حسّي جهان سان آهي. هن جهان جي عجيب ۽ غريب شين جي ڄاڻ وري حواسن جي ذريعي پرائي سگهجي ٿي، ۽ حواسن جي قيام جو دارومدار وري جسم تي آهي. معرفت آهي دل جو شڪار، ۽ حواس آهن سندس لاءِ ڦاسي (جن سان هوءَ شڪار کي ڦاسائي ٿي)، ۽ جسم آهي سندس لاءِ سواري (جنهن تي هوءَ چڙهي شڪار جي تلاش ۾ نڪري ٿي). انهيءَ غرض لاءِ دل کي جسم جي ضرورت پوي ٿي. جيئن ته جسم آهي مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه مان ٺهيل، تنهنڪري فطرتاً ڪمزور آهي. انهيءَ ڪري بچاءِ خاطر کيس ٻن لشڪرن جي گهرج پوي ٿي: هڪڙو ٻاهريون، جهڙوڪ هٿ، پير، منهن، معدو ۽ ٻيو اندريون جهڙوڪ کائڻ ۽ پيئڻ وغيره جي خواهش. اهڙي طرح ٻاهرئين دشمن کي دفع ڪرڻ لاءِ به کيس ٻن لشڪرن جي حاجت درپيش اچي ٿي: هڪڙو بيروني لشڪر جي، جهڙوڪ هٿ پير ۽ هٿيار جي کيس ڏنا ويا آهن، ۽ ٻيو اندروني لشڪر جي، جهڙوڪ غصو ۽ خواهش. ڇاڪاڻ ته هيءُ ممڪن نه هو جو ڏسڻ کان سواءِ هوءَ ڪنهن شيءِ جي طلب ڪري، يا دشمن کي هٽائي، تنهنڪري کيس ادراڪي قوتون بخشيون ويون، جن ۾ پنج ظاهري حواس آهن: جهڙوڪ ڏسڻ، سنگهڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ۽ پنج باطني حواس آهن، جيئن ته قوت تخيل، قوت تفڪر، قوت تحفظ، ۽ قوت توهم، جن جي جاءِ دماغ آهي. هرهڪ قوت کي پنهنجو خاص ڪم سونپيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ ۾ خلل پئجي وڃي ته آدميءَ جو دين ۽ دنيا بگڙي پون. هيءُ ساروئي اندريون ۽ ٻاهريون لشڪر دل جو غلام آهي. جڏهن اک کي ڏسڻ جو حڪم ڪري ٿي، تڏهن اها ڏسڻ شروع ڪري ٿي، ۽ جڏهن زبان کي حڪم ڪري ٿي، تڏهن اها ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي وغيره. فڪر جي قوت به ان جي چوڻ سان سوچڻ شروع ڪري ٿي. انهن سڀني کي دل جو فرمانبردار بنايو ويو آهي ته جيئن جسم جي حفاظت ڪن، ۽ دل پنهنجو توشو حاصل ڪري، پنهنجو شڪار پڪڙي ۽ پنهنجي سعادت جو ٻج پوکي وٺي.

فصل پنجون

دل جي لشڪرن جو مثال

 دل جي لشڪرن جو تفصيل ته ڊگهو آهي، مگر هي سڀ توکي هن مثال مان معلوم ٿي ويندو. سمجهه کڻي ته تن (جسم) هڪ شهر آهي، هٿ پير ۽ عضوا شهر جا پيشه ور (ڪاسبي) آهن، شهوت (نفساني خواهش) ان شهر جي عامل (ڍل اڳاڙيندڙ) آهي، غصو (ڪاوڙ) بمنزله پوليس ڪمشنر آهي، دل شهر جو بادشاهه آهي، ۽ عقل سندس وزير آهي. هاڻي بادشاهه کي هنن سڀني جي ضرورت آهي ته جيئن بادشاهيءَ جو ڪاروبار ٺيڪ هلي. ليڪن شهوت، جا ڍل اڳاڙيندڙ آهي، سا ڪوڙي، واهيات ۽ ٺوڳڻ آهي، ۽ جو ڪجهه عقل وزير چويس ٿو، هميشه ان جي مخالفت ڪري ٿي، ۽ سدائين هن خيال ۾ رهي ٿي ته مملڪت جي ساري مال کي ڍل جي بهاني هٿ ڪري وٺان. غصو، جو پوليس ڪمشنر آهي، سو مزاج جو سخت ۽ تيز آهي، هميشه ڦرمار کي پسند ڪري ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح بادشاهه سڀني ڳالهين ۾ وزير کان مشورو وٺندو آهي، ۽ ڪوڙي لالچي ڍل اڳاڙيندڙ جي ڪن مهٽ ڪندو رهندو آهي، ۽ وزير جي خلاف ان جي ڳالهه نه ڪندو آهي. پوليس ڪمشنر کي ان جي مٿان مقرر ڪندو آهي ته جيئن ان کي زيادتيءَ کان روڪي، ۽ خود پوليس ڪمشنر کي به هيسايو، قبضي هيٺ رکندو ايندو آهي ته جيئن حد نه اورانگهي وڃي، ۽ ان جي ائين ڪرڻ سان ئي سلطنت جو انتظام درست رهندو آهي، اهڙيءَ طرح سان، جيڪڏهن دل جو بادشاهه به پنهنجي وزير عقل جي صلاح سان ڪم ڪري، ۽ شهوت ۽ غصي کي عقل جو زيردست بڻائي ۽ ان جي چئي هيٺ رکي ۽ عقل کي انهن جي آڻ نه مڃائي، ته پوءِ بدن جي بادشاهيءَ جو انتظام ٺيڪ رهندو، ۽ سعادت جي رستي تي گامزن ٿيڻ ۽ جناب الاهيءَ ۾ پهچڻ، ان لاءِ آسان ٿي پوندو. پر جي عقل کي شهوت ۽ غضب جو قيدي بڻايائين، ته بادشاهي ويران ٿي ويندي ۽ بادشاهه به هلاڪ ۽ برباد ٿي ويندو.

فصل ڇهون

آدميءَ منجهه چڱيون ۽ مٺيون خصلتون ڪيئن ٿيون پيدا ٿين

 دل کي پنهنجي ٻنهي باطني لشڪرن سان تعلق آهي، ۽ هرهڪ لشڪر مان کيس هڪ صفت ۽ خلق پيدا ٿئي ٿو. انهن اخلاقن مان ڪي برا اخلاق آهن، جي سندس تباهيءَ جو باعث بڻجن ٿا، ۽ ڪي ڀلا اخلاق آهن، جي ان کي سعادت تي پهچائين ٿا. اخلاق گهڻن ئي قسمن جا آهن، پر انهن کي چئن جنسن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا چوپاين جا اخلاق، ٻيا درندن (ڦاريندڙ جانورن) جا اخلاق، ٽيان شيطانن جا اخلاق، ۽ چوٿان فرشتن جا اخلاق. لالچ ۽ شهوت سبب انسان چوپاين وارا ڪم ڪري ٿو، جيئن ته کائڻ پيئڻ جو حرص وغيره. غصي جي ڪري ڪتي، سوئر ۽ شينهن جا ڪم ڪري ٿو، جيئن ته مارڻ، قتل ڪرڻ، گاريون گند ڏيڻ وغيره. اهڙيءَ طرح سان مڪر، حيلي، کوٽ ۽ فتنه انگيزيءَ ڪري انسان ذئيتن ۽ شيطانن جا ڪم ٿو ڪري، وري منجهس عقل جي ڏات هئڻ ڪري انسان فرشتن جا ڪم ٿو ڪري، جهڙوڪ: علم، فضيلت، صلاح ۽ دوستي، بڇڙن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ، ماڻهن جي وچ ۾ ٺاهه پيدا ڪرڻ، خسيس ڪمن کان پاڻ کي بچائڻ، ڪمن جي ڄاڻ پڇاڻ حاصل ڪري خوش ٿيڻ، ۽ اڻڄاڻائي ۽ نادانيءَ کي عيب سمجهڻ.

حقيقت ۾ گويا انسان جي سرشت ئي چئن شين جي ٺهيل آهي: ڪتيپائي، سوئر پڻو، شيطانيت ۽ فرشته، خوئي. ڪتو ڪو پنهنجي اصلي شڪل، گوشت ۽ پوست جي ڪري برو ڪونه آهي، مگر عادتن جي لحاظ کان برو آهي، جيئن ته هو چڱي مٺي کي چنبڙيو وڃي. اهڙيءَ طرح سان سوئر پنهنجي صورت جي سبب ڪري خراب نه آهي، مگر خبيث ۽ پليد شين جي طمع ۽ حرص جي ڪري برو آهي. هيءَ آهي ڪتيپائي ۽ سوئر پڻي جي حقيقت جي معنيٰ، ۽ اهي وصفون آدميءَ ۾ موجود آهن. اهڙيءَ طرح شيطانپائيءَ ۽ ملائڪپلي جون اهي وصفون آهن، جي مٿي ڏيکاريون ويون آهن. انهيءَ ڪري آدميءَ کي چيو ويو آهي ته عقل جي نُور جي وسيلي، جو فرشتن جي نُورجو اثر آهي، شيطان جو مڪر ۽ تلبيس ظاهر ڪري، ته هو خوار خراب ٿئي، ۽ ڪو فتنو فساد ڪري نه سگهي. انسان کي گهرجي ته حرص ۽ شهوت جي سوئر ۽ غصي جي ڪتي کي سيکت ڏيئي پنهنجو مطيع بڻائي، تان جو سندس فرمان بغير اُٿي ويهي نه سگهن.

جيڪڏهن ماڻهو انصاف کان ڪم وٺن ۽ غفلت جو پردو لاهين ته ڏسندا ته هو رات ڏينهن حرص ۽ هوَس جا غلام آهن. هو ظاهر ۾ ته آدميءَ جي شڪل ۽ صورت رکن ٿا، پر سڀان قيامت جي ڏينهن، جڏهن سندن ظاهر انهن جي باطن جي شڪل وٺندو، تڏهن انهن جو راز کلي پوندو، جيڪي حرص ۽ هوا کان مغلوب آهن، اهي سوئر جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ ايندا، ۽ جن تي غصو غالب آهي، اُهي بگهڙ ۽ ڪتي جي صورت اختيار ڪندا. انهيءَ ڪري جو ماڻهو خواب ۾ بگهڙ ڏسي ٿو ته ان مان مراد هيءَ آهي ته هو ظالم آهي، ۽ جو سوئر کي ڏسي ٿو ته ان جو مطلب هيءُ آهي ته هو پليد شخص آهي. خواب به موت جو نمونو آهي، ننڊ جي سببان ماڻهو هن جهان کان پري پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي صورت کي پنهنجي سيرت (اصليت) جي مطابق ڏسي ٿو.

فصل ستون

ڪهڙيءَ طرح آدميءَ جو اصل فرشتن جو جوهر آهي

 شايد تون چوندين ته جڏهن آدميءَ ۾ درندن چوپاين ديون ۽ فرشتن جون خصلتون آهن، تڏهين اسين ڪيئن سمجهي سگهون ته اصل درحقيقت ملائڪيءَ جو جوهر آهي، ۽ هي صفتون محض عارضي ۽ اجنبي آهن، ۽ اهو پڻ ڪيئن معلوم ٿئي ته آدميءَ کي فرشتن جي اخلاق حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ نه ٻين صفتن جي لاءِ. ان جو جواب هيءَ آهي ته توکي ڄاڻڻ گهرجي ته آدمي چوپاين ۽ درندن کان گهڻو شريف ۽ ڪامل آهي. الله تعاليٰ هر شيءَ کي ڪمال ڏنو آهي ۽ اهوئي ان جو آخري درجو آهي ۽ ان لاءِ ئي اها پيدا ڪئي ويئي آهي. مثال طور، گهوڙو گڏهه کان وڌيڪ شريف آهي. گڏهه بار کڻڻ لاءِ آهي ۽ گهوڙو سواري، جهاد ۽ جنگ ۾ ڊوڙڻ لاءِ پيدا ڪيل آهي، اگرچ منجهس بار کڻڻ جي به طاقت آهي.

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته آدميءَ کي کائڻ، پيئڻ ۽ جماع ڪرڻ ۽ مزن ماڻڻ يا ٻين تي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ خلقيو ويو آهي، پر اُهي غلط آهن. کاڌو ته اُٺ به ماڻهوءَ کان گهڻو ٿو کائي ۽ نفسياتي خواهش جهرڪ توڙي ٻين حيوانن ۾ انسان کان به وڌيڪ آهي، ٻين تي غلبي حاصل ڪرڻ جي طاقت درندن کي به ڏني ويئي آهي. مطلب ته جو ڪجهه چوپاين کي ڏنو ويو آهي، سو ماڻهوءَ کي پڻ ڏنو ويو آهي، پوءِ ڪهڙيءَ طرح چئجي ته انسان حيوانن کان اشرف ۽ اعليٰ آهي؟

حقيقت ۾ انسان کي هڪ اهڙي شيءِ زياده عطا ڪئي ويئي آهي، جا کيس حيوانن تي فوقيت بخشي ٿي. اهو آهي عقل، جنهن جي ذريعي هو خدا تعالي کي سڃاڻي ٿو، سندس سڀ صنعت ڄاڻي ٿو، ۽ پاڻ کي شهوت ۽ غضب جي گرفت کان بچائي ٿو. هي ئي فرشتن جي صفت آهي، ۽ انهيءَ صفت جي ڪري هو چوپاين ۽ درندن تي غالب آهي. اِهي سڀئي ۽ جو ڪجهه روءِ زمين تي آهي، سندس تابع آهن، جيئن حق تعالي فرمايو آهي ته ”وسخر لڪم مافي الارض جميعا.“

فصل اٺون

دل جي عالم جا عجائب

دل جي جهانن جي عجائب جي ته ڪا حد ئي ڪانهي، ۽ سندس شرف انهيءَ ڪري آهي، جو خود اها سڀني شين کان وڌيڪ عجيب آهي، پر ماڻهو انهيءَ حقيقت کان غافل آهن. ان جو شرف ٻن سببن ڪري آهي: هڪڙو علم جي ڪري ۽ ٻيو قدرت جي ڪري. علم جي ڪري سندس شرف به ٻن قسمن جو آهي، هڪڙو اهو جنهن کي سڀ ماڻهو ڄاڻن ٿا، ۽ ٻيو وڌيڪ پوشيدو آهي، جنهن کي سڀڪو نٿو سڃاڻي. اهو شرف جو ظاهر آهي، سو هيءَ آهي ته ان کي سڀني علمن ۽ صنعتن ڄاڻڻ جي قوت آهي، جيئن ته هندسه جو علم، حساب، طب، نجوم ۽ شريعت جي علمن جي ڄاڻ پڇاڻ.

اگرچ دل هڪ اهڙي شيءِ آهي جا ٽڪر ٿي نٿي سگهي، تڏهن به هيءَ سڀ علم منجهس سمائجي وڃن ٿا. بلڪ سارو جهان ان ۾ ائين آهي، جيئن واريءَ جو داڻو بيابان ۾. هڪ ئي پلڪ ۾ سندس فڪر ۽ حرڪت زمين کان آسمان ۽ مشرق کان مغرب تائين گهمي اچن ٿا. جيتوڻيڪ پاڻ زمين تي آهي. مگر مڙين آسمانن جي ماپ ڪري سگهي ٿي، ۽ هرهڪ ستاري جو مقدار ڄاڻي ٿي، ۽ حساب ڪري ٻڌائي سگهي ٿي ته هڪ تارو ٻئي کان ڪيتري فاصلي تي آهي. مڇيءَ کي حيلي سان درياءَ جي تري کان ٻاهر ڪڍي ٿي، ۽ پکين کي هوا مان زمين تي آڻي ٿي. طاقتور حيوانن جهڙوڪ هاٿي، اُٺ ۽ گهوڙي کي پنهنجي تابع بنائي ٿي:

دنيا ۾ جيڪي به عجائب ۽ علم آهن، انهن سڀني کي هوءَ پنهنجن حواسن جي ذريعي حاصل ڪري ٿي، جنهن مان ظاهر آهي ته انهن حواسن کي دل جي طرف رستو آهي.

جهڙيءَ طرح جسماني عالم جي لاءِ پنج حواس دل جا دروازا آهن، تهڙيءَ طرح روحاني عالم جي طرف به دل کي دروازو آهي. گهڻا ماڻهو جسماني عالم کي ئي محسوس ڪن ٿا. ۽ علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو فقط پنجن حواسن کي ئي سمجهن ٿا، حالانڪ هي ته خود مختصر ۽ بي اصول آهن. جڏهن خواب ۾ آدميءَ جا سڀئي ظاهري حواس بند ٿي وڃن ٿا ۽ دل جا دروازا کلي پون ٿا، تڏهن روحاني عالم ۽ لوح محفوظ ۾ غيب جون شيون ڏسي سگهي ٿو، يا صاف صاف يا مثال طور بيداريءَ جي حالت ۾ هيءءُ غيب جون شيون حواسن وسيلي نظر نٿيون اچن. دل جو مثال هڪ آئيني وانگر آهي ۽ لوحِ محفوظ به هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ ساري موجودات جون صورتون آهن، جيڪڏهن صاف آئيني کي صورتن واري آئيني جي سامهون رکبو ته ساريون صورتون صاف آئيني ۾ ڏسڻ ۾ اينديون. اهڙيءَ طرح جڏهن دل صفا ٿئي ٿي، ۽ محسوسات کان فارغ، تڏهن لوح محفوظ جون سڀ صورتون منجهس پيدا ٿين ٿيون. جيستائين دل محسوسات ۾ ڦاٿل آهي، تيستائين عالم ملڪوت جي مشاهدي کان محبوب ٿيو پوي فقط ننڊ جي حالت ۾ ئي دل محسوسات کان فارغ ٿيندي آهي، ۽ تڏهن ئي پنهنجي اصلي جوهر موجب، عالم ملڪوت جو مطالعو ڪري سگهندي آهي. جيتوڻيڪ ننڊ جي ڪري حواس الڳ ٿي وڃن ٿا ته به خيال پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو. ان ڪري جو ڪجهه به ننڊ ۾ ڏسجي ٿو، سو خيالي مثال جي لباس ۾ ويڙهيل ڏسجي ٿو نه صاف ۽ کليل. ليڪن جڏهن آدمي مري وڃي ٿو، تڏهن نه خيال نه حواس، ان وقت جو ڪجهه هو ڏسندو آهي، سو سواءِ پردي ۽ سواءِ خيال جي صاف صاف ۽ ظاهر هوندو آهي.

ٻيو دليل به آهي، جو هيءَ آهي ته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي، جنهن کي پروڙون ۽ چڱا ويچار الهام جي رستي دل ۾ نه ايندا هجن، اهي حواسن جي ذريعي نٿا اچن، بلڪ از غيبي دل ۾ پيدا ٿين ٿا. ان مان معلوم ٿيو ته سڀيئي علم رڳو محسوسات جي رستي معلوم نٿا ٿين.

ان مان ئي سمجهي وٺ ته دل هن جهان مان نه آهي، پر روحاني جهان مان آهي، ۽ هي حواس جي انسان لاءِ هن جهان ۾ اپايا ويا آهن، سي عالم ملڪوت جي مطالعي کان هڪ قسم جو پردو آهن، ۽ هو جيستائين هنن حواسن کان فارغ نه ٿيندو، تيستائين ڪنهن به صورت روحاني جهان جي طرف لهي نه سگهندو.

فصل نائون

دل جي دري، بيداريءَ ۾ پڻ عالم ملڪوت ڏانهن کليل رهندي آهي

 هي خيال متان ڪرين ته دل جي ڳڙ کي روحاني جهان جي طرف، سواءِ موت يا ننڊ جي، نه ٿي کلي، بلڪ بيداريءَ ۾ به جيڪڏهن ڪو رياضت ڪري ۽ دل کي ڪاوڙ، شهوت ۽ بد اخلاق کان پاڪ ڪري، ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي اکيون بند ڪري، حواسن کي معطل ڪري ۽ دل کي روحاني جهان جي طرف لڳائي ۽ هميشه دل سان ( ۽ نه زبان سان) الله الله چوندو رهي، ايتريءَ حد تائين جو هو پاڻ کان ئي بيخبر ٿي وڃي ۽ الله جي ذات کان سواءِ ٻي سڀ شيءِ کي وساري ويهي، ته پوءِ بيداري ئي ڇو نه هجي، دل جي ڳڙ کي کلي پوندي، ۽ جو ڪجهه ٻيا ننڊ ۾ ڏسن ٿا، سو هو بيداريءَ ۾ ڏسندو. فرشتن جي روحن کي سهڻين صورتن ۾، ۽ خود پيغمبر کي به ڏسي سگهندو، جن کان هو گهڻائي فائدا ۽ مددون حاصل ڪري سگهندو ۽ هو ان کي زمين ۽ آسمان جا ملڪ ڏيکاري سگهندا.

نبين سڳورن جا علم به هن ئي طريقي کان هئا، ۽ نه تعليم ۽ حواسن جي ذريعي پرايل هئا، ۽ سڀني جي شروعات مجاهدي ۽ رياضت کان ٿي آهي، جيئن ته حق سبحانہ و تعاليٰ خود ارشاد فرمايو آهي ته ”واذ ڪر اسم ربڪ و تبتل اليه تبتيلا“ (پنهنجي رب جو نالو ياد ڪر، ۽ سڀني شين کان پنهنجو ناتو ٽوڙي، همه تن ڏانهنس متوجهه ٿيءُ).

هي مڙيوئي سڀ، رياضت ۽ مجاهدي جو ڦل آهي ته جيئن دل، خلق جي عداوت، دنيا جي خواهش، ۽ محسوسات جي شغل کان پاڪ رهي. هيءَ آهي راهه صوفين ۽ نبين جي. مگر انهيءَ علم کي سکيا جي رستي حاصل ڪرڻ عالمن جو طريقو آهي، جو پڻ سٺو آهي، پر نبين ۽ اوليائن جي راهه ۽ علم جي بنسبت ڪجهه به ناهي. ڇاڪاڻ ته اهو علم ماڻهن جي تعليم کان سواءِ حق تعالي جي حضور مان سندن دلين تي هارجي ٿو. جيڪڏهن توکي اها ڳالهه نه ذوق جي رستي، نه تعليم جي رستي، ۽ نه عقلي دليلن رستي معلوم ٿي سگهي آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ تون ان تي ايمان رک ۽ ان جي تصديق رک، متان ٽنهي درجن کان محروم ٿين ۽ ڪافر ٿي پئين. گهڻن ماڻهن کي اها راهه تجربي ۽ عقلي دليلن سان معلوم ٿي آهي.

فصل ڏهون

سڀڪو آدمي خاص فطرت تي ڄمي ٿو

 هيءُ گمان نه رک ته هيءُ سڀ ڳالهيون پيغمبرن لاءِ مخصوص آهن. ائين نه آهي، بلڪ سڀني انسانن جي فطرت انهن جي قابليت رکي ٿي. جهڙيءَ طرح ڪوبه لوهه اهڙو نه آهي جو فطرتي طور تي آئيني بنجڻ جي قابليت نه رکندو هجي، مگر ڪٽ ان جي جوهر کي خراب ۽ بيڪار ڪريو ڇڏي. اهڙيءَ طرح اها دل، جنهن تي دنيا جو حرص ۽ هوا غالب اچن ٿا، سا ڪٽجي خراب ٿي وڃي ٿي.

جيڪڏهن ڪنهن عقلمند کان پڇيو وڃي ته ٻه هڪ کان وڌيڪ آهن، ته جواب ڏيندو ته ”هائو، وڌيڪ آهن“، پوءِ کڻي انهيءَ عاقل اهو نه ڪَن سان ئي ٻڌو هجي ۽ نه زبان سان ئي ڪڏهن چيو هجي، مگر هن جو اندر سڀوئي انهيءَ تصديق سان ڀريل آهي. جهڙيءَ طرح اها ڳالهه فطرتي آهي، تهڙيءَ طرح سان الله تعاليٰ جي معرفت به هر انسان ۾ فطرتي طور موجود آهي. عقلي دليلن ۽ تجربي مان پڻ معلوم ٿيو آهي ته اها ڳالهه رڳو پيغمبرن لاءِ مخصوص نه آهي، ڇا لاءِ جو اهي به انسان آهن.

پوءِ جنهن جي اڳيان هي رستو کوليو وڃي ٿو ۽ دنيا جي اصلاح ۽ فلاح جو ڪم کيس سمجهايو ٻڌايو وڃي ٿو، ۽ هو ان صلاح ۽ فلاح جي طرف ماڻهن کي دعوت ڏئي ٿو، ته پوءِ اهو جو ڪجهه الله تعاليٰ کيس ٻڌايو ۽ ڏيکاريو، تنهن کي شريعت چوندا آهن، ۽ جنهن شخص کي اهو ٻڌايو ويو، تنهن کي پيغمبر سڏيندا آهن، ۽ جيڪي ڪرشما پنهنجي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ هو ڪري ڏيکاري؛ تن کي ’معجزا‘ چوندا آهن. پر جيڪڏهن اهڙو شخص ماڻهن کي دعوت نه ڏئي، ته پوءِ ان کي ولي چئبو، ۽ ان جي حالتن کي ’ڪرامت‘ ڪوٺبو. اها ڳالهه ضروري نه آهي ته هر اهو شخص جو هن (عرفان ۽ معرفت جي) حالت کي پهچي، سو ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ انهن کي هدايت جي طرف سڏي. بلڪ اها ڳالهه الله تعاليٰ جي قدرت ۾ آهي ته هن کي هدايت ڏيڻ واري ڪم ۾ مشغول نه ڪري؛ ائين تڏهن ٿيندو آهي جو شايد جڏهن شريعت تازي هوندي آهي ۽ ماڻهن کي هدايت ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي؛ يا وري انهيءَ ڪري جو دعوت ۽ هدايت جا ڪي اهڙا شرط هجن، جي هن وليءَ ۾ موجود نه هجن.

توکي جڳائي ته ولين جي ولايت ۽ ڪرامت ۾ يقين ڪامل رک ۽ سمجهه ته هي ڪم مجاهدي سان تعلق رکي ٿو. مجاهدي ۽ ڪامل مرشد کان سواءِ ان شيءِ جو هٿ اچڻ مشڪل آهي؛ پر جي کڻي هي ٻئي شيون هجن به، ته به جيستائين الله تعاليھ جي توفيق شامل حال نه رهندي، تيستائين هيءَ سعادت نصيب ٿي نه سگهندي.
 
(1)                 [1]  اها باصفت شيءِ، جنهن جي وجود جو مدار ٻيءَ ڪنهن شيءِ تي هجي.

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان پهريون
صفحو :4
فصل يارهون

دل جو شرف، از روي قدرت

 معرفت جي راهه ۾ آدميءَ جي جوهر يعني دل جو شرف، توکي معلوم ٿي ويو. هاڻي سمجهي وٺ ته قدرت رکڻ جي لحاظ کان پڻ ان کي هڪ شرف حاصل آهي، جو پڻ ملائڪن جي صفتن مان آهي ۽ ٻين حيوانن کي حاصل ناهي. جهڙيءَ طرح هي جسماني جهان فرشتن جو تابع آهي، جي الله تعاليٰ جي قانون مطابق جڏهن مناسب سمجهن ٿا تڏهن برسات وسائين ٿا، هوائون گهُلائين ٿا، رحم ۾ حيوانات جون شڪليون بڻائين ٿا ۽ زمين مان اوڀر اُڀارين ٿا، تهڙيءَ طرح انسان جي دل کي به اختيار مليل آهي، ۽ هن جهان جا ڪيترائي جسم سندس ماتحت آهن. هرڪنهن ماڻهوءَ جو خاص عالم سندس بدن آهي، ۽ بدن وري دل جي تابع آهي، پر، ڪا دل ٻين کان زياده شريف ۽ سگهاري هوندي آهي، ۽ ملائڪن جي ذات ۽ جوهر سان وڌيڪ مشابهت رکندي آهي. ائين جو بدن کان ٻاهر ٻيا اجسام سڀ سندس مطيع ٿيو پون. جيڪڏهن سندس هيبت شينهن تي پوي ته هو عاجز ۽ مطيع بڻجي پوي، ۽ جيڪڏهن بارش لاءِ دعا گهري ته فوراً اها اچي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن بيمار لاءِ دعا پني ته هو ستت چڱو ڀلو ٿي پوي، يا ڪنهن ماڻهوءَ تي توجہ وجهي، ته ان جي اندر ۾ هڪ قسم جي چُرپُر پيدا ٿي پوي. هي سڀ عقلي دلائل ۽ تجربن مان ثابت آهي. هي سڀ دل جي قدرت جا ڪرشما آهن.

فصل ٻارهون

نبوت ۽ ولايت جي حقيقت

 نبوت ۽ ولايت انساني دل جي بزرگيءَ جي درجن مان هڪ درجو آهي، جنهن جو حاصل ٽي خصلتون آهن. هڪڙي هيءَ ته جا ڪشف جي حالت عام ماڻهن کي ننڊ ۾ ٿئي ٿي، سا هن درجي واري انسان کي بيداريءَ ۾ ٿئي ٿي. ٻي هيءَ ته عام ماڻهن جو نفس پنهنجي جسم کان سواءِ ٻين تي اثر نٿو ڪري سگهي، ليڪن اهڙي درجي واري انسان جو نفس پنهنجي بدن کان سواءِ ٻين تي به اثر ڪري ٿو. مگر ان ۾ خلق جي ڀلائيءَ جو لحاظ رکيو ويندو آهي، ۽ نه سندن برائيءَ جو. ٽين هيءَ آهي ته اهي علوم، جي عام ماڻهن کي سکڻ سان حاصل ٿيندا آهن. سي اهڙي انسان کي سواءِ سکڻ جي پنهنجي اندر مان حاصل ٿيندا آهن. جيئن ممڪن آهي ته ڪوئي صاف دل ۽ هوشيار آدمي خودبخود علم سکي وٺندو آهي، تيئن اهو شخص جو وڌيڪ عاقل ۽ صاف دل هوندو آهي، سو مڙيئي علم يا اڃا به زياده خودبخود ڄاڻي وٺندو آهي. اهڙي قسم جي باطني علم کي ”علم لدني“ چوندا آهن.

اهي ٽيئي خاصيتون ڪن ماڻهن ۾ مڪمل طور هونديون آهن ته ڪن ۾ غير مڪمل طور رسول الله ﷺ جن جو ڪمال هن ڪري هو، جو منجهن اهي ٽيئي خاصيتون نهايت ڪمال صورت ۾ موجود هيون. ازانسواءِ هيءُ به ممڪن آهي ته نبين سڳورن ۽ ولين ۾ انهن ٽن صفتن کان سواءِ ڪي ٻيون صفتون به هجن، جن جي اسان کي خبر نه آهي. جيئن الله تعاليٰ کي، سواءِ الله تعاليٰ جي ٻيو ڪوبه پوريءَ طرح نٿو ڄاڻي سگهي، تهڙيءَ طرح رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ڪمال کي به پاڻ سڳورن کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي، تنهنڪري تون هن ڳالهه تي عجب نه کاءُ ته نبين سڳورن ۾ ڪي صفتون اهڙيون به آهن، جن جي ٻئي ڪنهن کي به خبر ناهي.

فصل تيرهون

ڪهڙيءَ طرح چئبو ته سلوڪ جي واٽ ۾ عام هڪ حجاب (اٽڪ) آهي

 تو صوفين کان ٻڌو هوندو ”علم هن راهه ۾ حجاب (رڪاوٽ) آهي،“ ۽ غالبا تو ان جو انڪار ڪيو هوندو، سو تون انڪار نه ڪر، ڇا لاءِ جو هيءُ بلڪل صحيح آهي. اهو هن ڪري آهي، جو محسوسات ۽ اهو سڀ علم، جو محسوسات جي ذريعي حاصل ٿئي ٿو، تنهن ۾ جيستائين تون مشغول رهندين، تيستائين هيءُ (الاهي) حال تو کان پوشيده ئي رهندو.

دل جو مثال هڪ حوض وانگر آهي ۽ پنج حواس ان جون ڪسيون آهن، جن وسيلي ان حوض ۾ پاڻي اچي ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون چاهين ته صاف پاڻي حوض جي تري مان پيدا ٿئي، ته ان جي تدبير هيءَ آهي ته هن سموري پاڻيءَ کي، جو ڪسين ذريعي منجهس اچي ٿو، ۽ اها ڪاري مٽي جا ان پاڻيءَ سببان حوض جي تري ۾ ڄمي ويئي آهي، تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، انهن سڀني ڪسين جو منهن بند ڪري ڇڏ ته جيئن ٻاهريون پاڻي ان ۾ اندر نه اچي سگهي، ۽ ان بعد تون حوض جي تري کي کوٽيندو رهه… تان جو صاف ۽ پاڪ پاڻي اندران نڪري اچي. اهڙيءَ طرح هي معرفت جو علم، جو دل جي اندر ئي اندر پيدا ٿئي ٿو ڪڏهين به حاصل نه ٿيندو جيستائينڪ دل کي ٻاهران آيل علم کان خالي نه ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ڪو عالم پنهنجي دل کي پنهنجي سکيل علم ۾ مشغول نه رکندو ته اهو علم ان لاءِ حجاب نه ٿيندو، ۽ ممڪن آهي ته ان جو اندر کلي پوي. اهڙءَ طرح جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي دل کي خيالات ۽ محسوسات کان خالي ڪندو، ته پوءِ اهي گذريل خيال ان جي لاءِ حجاب ثابت نه ٿيندا.

حجاب جو سبب هيءُ آهي. ڪو شخص اهل سنت جا عقيدا سکي ٿو، ۽ گفتگو ۽ مباحثي جا سڀئي دليل به حفظ ڪري ٿو، ۽ پوءِ هي اعتقاد رکي ٿو ته ان علم کان سواءِ (جو پاڻ پرايو اٿس) ٻيو ڪوئي علم ڪونهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڪا ٻي ڳالهه سندس دل ۾ کٽڪي اچي ٿي ته چوي ٿو ته ”هي ان جي خلاف آهي جو ڪجهه مون ٻڌو آهي، ۽ جيڪا ڳالهه ان جي خلاف آهي، سا سراسر ڪوڙي آهي،“ ته پوءِ نامڪن آهي جو اهڙي آدميءَ کي ڪنهن ڳالهه جي حقيقت معلوم ٿئي، ڇا لاءِ جو اهي سڀيئي عقيدا جي ماڻهن کي سيکاريا وڃن ٿا سي حقيقت جو محض قالب آهن، ۽ نه اصلي حقيقت. معرفت ته ان کي چئبو آهي. جنهن جي وسيلي هي سڀ حقيقتون ان قالب مان اهڙيءَ طرح نڪري نروار ٿين، جيئن هڏي مان مِک.

تون هي سمجهي ڇڏ ته جو شخص پنهنجي عقيدي جي ڪاميابيءَ لاءِ يا ان جي ثابت ڪرڻ خاطر، مناظري جو طريقو سکي ٿو، تنهن اڳيان ڪابه حقيقت کُلي ظاهر نه ٿيندي، ڇا لاءِ جو هو ڀانئي ٿو ته جو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو سو ئي حق آهي. ان جو اهڙو خيال ڪرڻ ئي سندس لاءِ حجاب ٿيو پوي، تنهنڪري اهڙا ماڻهو هن درجي کان محروم رهن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو هن غرور کي ڇڏي ڏئي، ته پوءِ ان جو علم سندس لاءِ حجاب نه بڻجندو. تنهنڪري جڏهن تون ڪنهن ڪشف جي صاحب کان اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌين، (ته ”علم، حجاب آهي“) ته ان جو انڪار نه ڪجانءِ. پر هي اباحتي[1] ۽ نفس پرست ماڻهو، جي هن زماني ۾ پيدا ٿيا آهن، تن جي ڳالهين تي هرگز يقين ڪرڻ نه گهرجي، ڇا لاءِ جو اهي خود هن حال کان بيخبر آهن، ۽ فقط ڪن صوفين جون بيهوده ڳالهيون کڻي اختيار ڪيون اٿن. سارو ڏينهن پاڻ کي پيا ڌوئن، ۽ گوڏ، گودڙيءَ ۽ مصلي سان کڻي پاڻ کي سينگاريو اٿن، ۽ علم ۽ علم وارن جي مذمت ڪندا رهن ٿا. سچ پچ اهڙا لوڪ واجب القتل آهن، ڇاڪاڻ ته خدا جي مخلوق لاءِ شيطان، ۽ خدا ۽ ان جي رسول جا دشمن آهن. خدا ۽ رسول ته علم ۽ علم وارن جي تعريف ڪئي آهي، ۽ ساريءَ دنيا کي علم جي طرف سڏيو آهي، ليڪن هي بد بخت نه ته حال جا مالڪ آهن، ۽ نه وري علم کان ئي بهره ور. انهن لاءِ اهڙيون ڳالهيون چوڻ ڪيئن روا ۽ جائز ٿي سگهن ٿيون. اهڙن ماڻهن جو مثال اهڙي شخص وانگر آهي، جنهن هي ٻڌو هجي ته ”ڪيميا سون کان بهتر ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي بي انداز سون پيدا ٿيندو آهي،“ ۽ جڏهن سندس سامهون زر جو خزانو پيش ڪيو وڃي ته هو ان کي هٿ ئي نه لائي ۽ چوي ته ”زر ڪيڙي ڪم جي ان جو ڪهڙو قدر ۽ قيمت؟ مون کي ته ڪيميا گهرجي، جو اصل شيءِ اها ئي آهي!“- ان کي نه زر حاصل ٿيندي نه ڪيميا. اهڙو شخص هميشه بدبخت، بکيو ۽ ڪنگال رهي ٿو، ۽ فقط هن هش تي خوش ٿي ڊاڙ هڻي ٿو ته ”ڪيميا زر کان بهتر آهي.“ نبين سڳورن ۽ ولين جي ڪشف جو مثال ڪيميا وانگر آهي، ۽ عالمن جي علم جو مثال سون وانگر آهي. ڪيميا جي مالڪ کي سون جي مالڪ تي فضيلت آهي، مگر هتي هڪ نڪتو آهي، ۽ اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪو فقط ايتري ڪيميا رکي ٿو جنهن وسيلي سئو دينارن کان وڌيڪ سون حاصل ٿي نٿو سگهي، ته اهو ان شخص کان افضل نه آهي، جنهن وٽ سون جا هزار دينار موجود آهن. ڪيميا جا ڪتاب ۽ ڪيما جي متعلق گهڻيون آکاڻيون مشهور آهن ۽ ڪيميا جا ڳولائو به گهڻا آهن، پر گهڻي زماني بعد به ان جي حقيقت ڪن ٿورڙن کي دستياب ٿئي ٿي، ۽ اڪثر ماڻهو ان جي ڳولا ۾ دوکو کائين ٿا. صوفين جو به اهڙو ئي حال آهي، حقيقت ۾ اصليت انهن ۾ به نادر ۽ ڪامياب آهي. اهڙو ڪو ورلي آهي جو ڪمال کي پهچي ٿو، تنهنڪري هي سمجهڻ گهرجي ته جي ڪنهن کي صوفين جي حال مان ڪجهه ذرو هٿ اچي به ٿو ته اهو ڪو هر عالم کان افضل ٿورو ئي آهي. گهڻا صوفي ته اهڙا آهن، جن تي منڍ ۾ ڪجهه حالت طاري ٿئي ٿي، پر پوءِ اها حالت به منجهن قائم نٿي رهي. ڪي اهڙا به آهن جن تي سودا ۽ خيال غالب هوندو آهي جنهن جي ڪا حقيقت ئي نه آهي، پر ڀانئين ٿا ته اها به ڪا چيز آهي. اگرچه اصل ۾ اها ڪي به ڪين آهي. جيئن خواب ۾ ڪجهه حقيقت به آهي ۽ ڪجهه خيال به، تيئن وجد ۽ حال ۾ به ٿئي ٿو. عالم تي فقط ان صوفيءَ کي فضيلت آهي جو پنهنجي حال ۾ اهڙو ڪامل ۽ مڪمل هجي، جو جيڪو علم ٻين کي پڙهڻ سکڻ سان حاصل ٿئي سو ان کي خودبخود سوءَ سکڻ ۽ پڙهڻ جي حاصل هجي، پر هي درجو نهايت سخت ۽ نادر آهي.

توکي جڳائي ته تصوف جي اصلي راهه ۽ ان جي فضيلت تي ايمان رک، ۽ انهن نقلي صوفين جي سبب، اصلي ۽ حقيقي وفين کان بدگمان نه ٿيءُ. نقلي صوفين مان جيڪي به عالمن کي طعنا هڻن ٿا، سي سمجهي ڇڏ ته نادانيءَ ۽ جهالت کان ئي ائين ٿا ڪن.

فصل چوڏهون

آدميءَ جي سعادت (خوشي) الله تعاليٰ جي معرفت ۾ ئي آهي

 هتي تون شايد سوال ڪرين ته ”اهو ڪيئن معلوم ٿئي ته آدميءَ جي سعادت الله تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ) ۾ آهي؟“ سو، تون هي سمجهي ڇڏ ته هر شيءِ جي سعادت انهيءَ ۾ آهي، جنهن مان ان کي راحت ۽ آرام ملي، ۽ هر شيءِ جي لذت انهيءَ ۾ آهي جا ان جي طبع جي مطابق هجي، ۽ هر شيءِ جي طبع جي مطابق اهو آهي جنهن لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي: مثلا، اکين جي لذت سٺين صورتن کي ڏسڻ ۾ آهي، ۽ ڪنن جي لذت مٺن آوازن ۽ سُرن کي ٻڌڻ ۾ آهي، اهڙيءَ طرح دل جي لذت به ان ۾ آهي، جا ان جي خاصيت آهي ۽ جنهن لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ اها آهي ڪمن جي حقيقت کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ، ڇا لاءِ جو آدميءَ جي دل جي خاصيت اهائي آهي. باقي خواهش ۽ ڪاوڙ ۽ پنجن حواسن جي ذريعي محسوسات کي سڃاڻڻ ته حيوانن جو به ڪم آهي.

ڇاڪاڻ ته ڪمن جي اصل حقيقت کي ڄاڻڻ دل جي خاصيت آهي، ان ڪري آدمي جنهن شيءِ کي نٿو ڄاڻي، تنهن جي ڄاڻڻ جي تقاضا سندس دل ۾ پيدا ٿئي ٿي، تان جو ان کي سمجهي، پوءِ جو ڪجهه سمجهي وٺي ٿو، ان تي هو خوش ٿي فخر ڪري ٿو. جهڙيءَ طرح ڪو شخص جڏهن وزير جي رازن کان واقف ٿئي ٿو تڏهن خوش ٿئي ٿو، پر هو اڃا به زياده خوش هن ڳالهه ۾ ٿيندو جيڪڏهن هو بادشاهه جي رازن ۽ سلطنت جي ڪاروبار کان واقف ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح معلوم (ڄاتل شيءِ) جيتريقدر زياده شريف ۽ عمدي هوندي، اوتريقدر ان جو علم (ڄاڻڻ) به زياده خوشيءَ ۽ لذت جو باعث ٿيندو.

ڪابه موجود شيءِ الله تعاليٰ کان زياده شريف نه آهي، ڇا لاءِ جو سڀني جو شرف ان جي ذات کان آهي. ساري عالم جو بادشاهه ۽ مالڪ اهوئي آهي، ۽ ساري جڳ جون عجيب غريب شيون سندس ئي ڪاريگريءَ جون نشانيون آهن. تنهنڪري ڪابه معرفت ان جي معرفت کان وڌيڪ شريف ۽ راحت بخش نه آهي. ۽ ڪوئي به نظارو ان حضرت ربو بيت جي نظاري کان وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ نه آهي، ۽ دل جي طبيعت جي تقاضا به اهائي آهي، ڇا لاءِ جو هر شيءِ جي طبيعت انهيءَ شيءِ کي چاهيندي آهي، جا ان جي خاصيت هوندي آهي، ۽ جنهن لاءِ الله تعاليٰ ان کي خلقيو آهي. ها، جيڪڏهن ڪا دل اهڙي آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ جي معرفت جي تقاضا ئي نه رهي هجي، ته پوءِ ان جو مثال انهيءَ مريض وانگر آهي، جنهن ۾ غذا جي خواهش ئي نه رهي هجي، ۽ جو مٽيءَ کي ماني کان زياده پسند ڪري. جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪبو، جيئن ان جي طبيعي خواهش واپس وري ۽ اها ڪوڙي مٽي کائڻ جي خواهش کان سواءِ، ٻين شين جي خواهش غلبو ڪري وڃي ٿي، ته اهو به انهيءَ بيمار وانگر آهي. جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪيو ويندو، ته هو هن جهان ۾ بدنصيب ۽ هلاڪ ٿيندو.

اهي سڀيئي خواهشون ۽ حسي لذتون، جي آدميءَ جي جسم سان تعلق رکن ٿيون، سي سڀ سندس موت سان گڏ فنا ٿي وڃن ٿيون، ۽ اهي مڙيئي تڪليفون جي انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ورتيون وڃن ٿيون، سي به مرڻ سان ناس ٿيو وڃن. ليڪن معرفت جي لذت، جا دل سان تعلق رکي ٿي، سا موت سان پاڻ ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو دل موت سبب برباد نٿي ٿئي ۽ معرفت برقرار رهي ٿي. دل پاڻ زياده روشن ٿئي ٿي ۽ ان جي لذت هن سبب ٻيڻي ٿيو پوي ڇاڪاڻ جو ٻين خواهشن جي زحمت ختم ٿيو وڃي.

فصل پندرهون

آدميءَ جي جسم ۾ الله تعاليٰ جي

صفت جا عجائب غرائب

 آدميءَ جو بدن باوجود مختصر هجڻ جي سجھي جهان جي مثال آهي، ڇا لاءِ ته جو ڪجهه جهان ۾ پيدا ڪيو ويو آهي تنهن جو نمونو ان ۾ موجود آهي. هڏا پهاڙ آهن. پگهر بارش آهي، وار وڻن جي مثال آهن، دماغ آسمان جي طرح آهي ۽ حواس ستارن وانگر آهن. مطلب ته تمام مخلوقات جو مثال منجهس موجود آهي، جيئن ته سوئر، ڪتو، بگهڙ، چوپايو، ديو، پري، فرشته وغيره. ان سڀ جو مثال آدميءَ جي وجود ۾ آهي، نه نه، بلڪ ساري جهان جي مزورن (پيشه ورن) جو مثال به ان ۾ موجود آهي: جيئن ته اها قوت جا غذا کي معدي ۾ پچائي ٿي ۽ هضم ڪري ٿي سا بورچيءَ وانگر آهي، ۽ اها جا صافي طعام کي جگر ڏي موڪلي، باقي ڦوڳ کي آنڊن ڏانهن ڌڪي ٿي، سا چاڪيءَ وانگر آهي، ۽ اها جا طعام کي جگر ۾ رت بنائي ٿي، سا رنگريز وانگر آهي وغيره. هي قوتون تنهنجي بدن ۾ تنهنجي خدمت ۾ لڳل آهن، پر تون غفلت ۾ پيو آهين. تون ان قادر مطلق جو شڪر ادا نٿو ڪرين، جنهن انهن سڀني کي تنهنجي خدمت لاءِ پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص فقط هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجي غلام کي تنهنجي خدمت لاءِ موڪلي ٿو ته تون ساري عمر سندس شڪر گذار رهين ٿو، پر اها ذات پاڪ جنهن ڪيترائي هزار ڪمي تنهنجي اندر ۾ تنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيا آهن، ۽ جي ساري عمر هڪ گهڙي به تنهنجي خدمت کان فارغ نه ٿيا آهن، ان کي تون ياد به نٿو ڪرين!

فصل سورهون

انسان هن جهان ۾ نهايت عجز ۽ نقصان ۾ آهي

 هيءَ جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، ان مان توکي آدميءَ جي بزرگي معلوم ٿي ويئي هوندي. خدا تعالي توکي هڪ قيمتي گوهر ڏنو آهي، جيڪڏهن تون ان جي تلاش نه ڪندين ۽ غفلت ۾ رهي ان کي وڃائي ويهندين، ته پاڻ کي وڏو ڇيهو رسائيندين. تون اٿي ڪوشش ڪر ۽ پنهنجي دل کي ڳول ۽ ان کي دنيا جي ڌنڌن کان ڪڍي عزت ۽ ڪمال جي درجي تي پهچاءِ، ڇاڪاڻ ته ان جو شرف ۽ عزت انهيءَ ٻئي جهان ۾ ظاهر ٿيندو، جتي اها بي ملال خوشي، بي فنا بقاء، بي عجز قدرت، بي شبهه معرفت ۽ خدا جو بي ڪدورت جمال ماڻيندي. هن جهان ۾ سندس شرافت ان ڳالهه ۾ آهي ته حقيقي بزرگيءَ ۽ عزت لاءِ پاڻ کي قابل بڻائي.

جيڪڏهن ڪو شخص عزيز ۽ شريف آهي ته علم جي ڪري، يا قوت ۽ قدرت جي ڪري، يا همت ۽ ارادي جي ڪري، يا موچاريءَ صورت جي ڪري ۽ مگر جيڪڏهن انسان جي علم کي ڏٺو وڃي ته ان کان زياده جاهل ٻيو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندس دماغ جي هڪ رڳ ڏنگي ڦڏي ٿي پوي ته سندس تباهيءَ ۽ چريائيءَ جو خطرو آهي. کيس خبر ناهي ته اهو ائين ڇو ٿيو ۽ ان جو ڪهڙو علاج آهي؟ وري جي کڻي سندس قدرت ۽ قوت کي لحاظ ۾ رکجي ته ڏسبو ته کانئس زياده عاجز ڪا ٻي شيءِ ڪانهي. هو هڪ مک جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن هڪڙو مڇر ڏانهنس موڪليو وڃي ته اهوئي کيس نيست ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن هڪ ڏينڀو ڏنگ هڻيس، ته رات ڏينهن آرام ڦٽي پويس. معلوم ٿيندو ته چانديءَ جي ذري زيان ٿيڻ تي پريشان ٿيو پوي. بک جي وقت، جي کيس هڪ لقمو نه ملي ته هوش کان نڪريو وڃي. جيڪڏهن انسان جي جمال ۽ صورت تي نظر وڌي وڃي، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته پليديءَ جي ڍير مٿان هڪ اڌوڙ وڇائي ويئي آهي.

جي ٻه ڏينهن غسل نه ڪري ته منجهس اهڙيون خرابيون ظاهر ٿين جو خود پاڻ کان پيئي نفرت اينديس. انهيءَ کان وڌيڪ ڪني ٻي ڪهڙي شيءِ آهي، جا هميشه سندس اندر ۾ آهي، ۽ صبح شام پاڻ سان کنيو وتي!

سچ ته هي آهي ته انسان هن جهان ۾ گهڻو عاجز ۽ بي بس آهي. سڀاڻي سندس حساب- ڪتاب ٿيندو. سعادت جي ڪيميا کي پنهنجي دل جي گوهر تي رکندو ته چوپاين جي درجي کان نڪري فرشتن جي درجي تي پهچي ويندو. پر جيڪڏهن سندس رخ دنيا ۽ ان جي خواهش ڏي هوندو ته سڀان سوئر ۽ ڪتو به کانئس بهتر هوندا، ڇا لاءِ جو اهي خاڪ ٿي ويندا ۽ تڪليف کان ڇٽي پوندا، ۽ هي عذاب ۾ رهندو. تنهنڪري انسان کي گهرجي ته جيئن هو پنهنجي عزت ۽ بزرگيءَ کي سڃاڻي ٿو، تيئن ان سان گڏ پنهنجي عيبن ۽ ڪمزورين تي به نظر ڌري، ڇاڪاڻ ته انهيءَ رستي پاڻ کي سڃاڻڻ پڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجين مان هڪ ڪنجي آهي.

 
[1]  اهي جي غير صحيح ۽ نا مشروع دليل سان شريعت جي اوامر ۽ لواهي جي مخالفت ڪن.

 

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان ٻيون
صفحو :5
عنوان ٻيون

الله تعليٰ کي سڃاڻڻ بابت

 فصل پهريون

نفس جي معرفت، حق تعالي جي

معرفت جي ڪنجي آهي

اڳين پيغمبرن جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ انسان کي چيو ته ”اي انسان، پنهنجو پاڻ کي ڄاڻ ته پنهنجي رب کي ڄاڻين.“ ۽ پڻ نبوي اخبار ۽ آثار ۾ هي قول مشهور آهي ته ”جو پاڻ کي سڃاڻندو، سو پنهنجي رب کي سڃاڻندو.“ هن مان معلوم ٿيو ته انسان جي دل آئيني وانگر آهي، جو ان ۾ جهاتي پائيندو، سو حق تعالي کي ڏسندو، پر گهڻا ماڻهو صرف پاڻ کي ڏسن ٿا، ۽ الله تعاليٰ کي نٿا ڏسن. تنهنڪري دل کي سڃاڻڻ ضروري آهي، ڇا لاءِ جو اها معرفت جو آئينو آهي. اها سڃاڻ ٻن قسمن جي آهي: هڪڙو ته گهڻو مبهم آهي، جنهن کي عام ماڻهو سمجهي نه سگهندا، ۽ جنهن ڳالهه کي عام لوڪ سمجهي سگهن تنهن کي بيان ڪرڻ اجايو آهي. ٻيو قسم جنهن کي سڀ سمجهي سگهندا، سو هيءُ آهي ته انسان پنهنجي هستيءَ مان الله تعاليٰ جي هستيءَ کي سڃاڻي، ۽ پنهنجن صفتن مان ذات باريءَ جي صفتن کي ڄاڻي، ۽ پنهنجي تصوف مان جو ان کي پنهنجي بدن ۽ عضون تي حاصل آهي، الله تعاليٰ جي تصوف کي خيال ۾ آڻي جو ان کي ساري جهان ۾ آهي. ان جو تفصيل هي آهي:

پهريائين پنهنجي هستيءَ (موجود هجڻ) کي لحاظ ۾ رکي ۽ خيال ڪري ته هن کان ڪجهه سال اڳ سندس نالو ۽ نشان به نه هو. پنهنجي اصلي پيدائش تي غور ڪري، ته هو پنهنجي هستيءَ کان اڳ هڪ نطفو هو، جو هڪ ناپاڪ اڇي پاڻيءَ جو ڦڙو آهي، جنهن ۾ نه عقل آهي، نه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي قوت، نه زبان نه اک، نه گوشت نه پوست. پوءِ جو هي سڀ عجيب شيون ان ۾ ظاهر ٿيون، ڇا اُهي هن خود پيدا ڪيون، يا کيس ٻئي پيدا ڪيو آهي؟ هاڻي جيتوڻيڪ هو اچي ڪامل ٿيو آهي ته به هڪ وار جي پيدا ڪرڻ کان عاجز آهي. جڏهن هو پاڻي جو هڪ ڦڙو هو تڏهن ته وڌيڪ عاجز ۽ ناقص هو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي پيدا ڪري ٿي سگهيو؟ ان ڪري ضروري آهي ته آدمي پنهنجي هستيءَ مان پنهنجي خالق جي هستي معلوم ڪري. جڏهن آدمي پنهنجي بدن جي ظاهري ۽ باطني عجيب شين تي نظر ڪندو ته پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي طاقت ۽ قدرت کي صاف روشن ڏسندو، ۽ ڄاڻندو ته منهنجو خالق وڏي قدرت رکندڙ آهي، جو چاهي سو ڪري، جهڙيءَ طرح گهري، اهڙيءَ طرح پيدا ڪري. انهيءَ کان ڪامل ڪهڙي قدرت هوندي جو پاڻيءَ جي هڪ خسيس ۽ گندي ڦڙي مان اهڙو باڪمال ۽ سهڻو ۽ عجيب غريب شخص پيدا ڪري.

جڏهن آدمي پنهنجي عجيب صفتن ۽ عضون جي فائدن جو ملاحظو ڪري ٿو، جهڙوڪ: هٿ، پير، اکيون، زبان، جگر، تِلي ۽ پتو وغيره- ته هرهڪ کي هن ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ حڪمت جي لاءِ پيدا ڪيو آهي- ته ان مان کيس پنهنجي پروردگار جي علم جي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي ته اهو (علم) ڪيڏي نه ڪمال کي پهتل آهي، ۽ ڪيئن نه هر چيز کي گهيريل آهي! پوءِ هو اها ڳالهه به سمجهي وڃي ٿو ته اهڙي عالم ۽ قادر کان ڪائي شيءِ لڪل نٿي رهي سگهي.

جيڪڏهن سڀئي عقلمند کڻي پنهنجي عقلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪن، ۽ انهن کي سوچڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڄمارون ڏنيون وڃن. انهيءَ لاءِ ته انهن سڀني عضون مان ڪنهن هڪڙي کي اُن جي موجوده صورت کان زياده سهڻو بنائين. هو ڪڏهين به ائين ڪري نه سگهندا. مثلا: هٿ ۾ پنج آڱريون آهن، چار هڪڙيءَ صف ۾ ۽ آڱوٺو ذڙا پرڀرو ۽ ڊيگهه ۾ ڇوٽو، پر هرهڪ سان مِلي ڪم ڪري ٿو، ۽ سڀني مٿان ڦري ٿو. هرهڪ آڱر ۾ وري ٽي جوڙ آهن، پر آڱوٺي ۾ ٻه جوڙ آهن. هاڻي هٿن جي هن قسم جي جوڙجڪ مان انسان جا ڪيترائي ڪم پورا ٿين ٿا. دنيا جا مڙيئي ڏاها جيڪڏهن آڱرين جي ڪا ٻي وضع کڻي تجويز ڪن. اها ساري ناقص رهندي ۽ هن جي ڀيٽ ۾ بلڪل بيڪار ثابت ٿيندي. ڪامل ۽ مڪمل اهائي وضع آهي، جا الله تعاليٰ پيدا ڪئي آهي. هن مان ظاهر ٿيو ته الله تعاليٰ جو علم سڀ کي گهيرو ڪندڙ آهي. ۽ هو هر شيءِ کان بخوبي، واقف آهي.

انسان جي هرهڪ عضوي ۾ الله تعاليٰ اهي حڪمتون رکيون آهن، جو جيتريقدر زياده جو انهن حڪمتن کي ڄاڻندو، تيتريقدر زياده هو الله تعاليٰ جي علم جي عظمت تي دل ۾ عجب کائيندو. جيڪڏهن انسان پنهنجي گهرجن تي غور ڪري، ته ان کي پهريائين پهريائين عضون جي گهرج محسوس ٿيندي. ان بعد کاڌي ڪپڙي ۽ گهر جي ضرورت جو احساس ٿيندو، تنهن کان پوءِ کيس هوا، مينهن، گرم ۽ سرد موسم جي به گهرج رهندي، ۽ انهن صنعتن لاءِ وري اوزارن جي درڪار رهندي. مثلا لوهه، ٽامو، پتل، شيهو وغيره، ۽ انهن اوزارن جي بڻائڻ جي ترڪيب سکڻ لاءِ پڻ حاجتمند رهندو ته اهي ڪيئن ٿا ٺهن. انسان انهن سڀني شين جي ضرورت کي محسوس ڪندي سمجهي ويندو ته تمام مخلوقات نهايت ئي عمدي ۽ مناسب نموني تي ٺاهي ويئي آهي، ۽ اهي سڀ شيون جي پيدا ڪيون ويون آهن، سي جيڪڏهن الله تعاليٰ نه بڻائي ها ته انهن جو بڻائڻ ڪنهن جي به خيال ۾ نه اچي ها، ۽ هي پڻ سمجهي ويندو ته هيءُ ساري مخلوقات محض الله تعاليٰ جي رحمت ۽ عنايت سان ٺهي آهي، ۽ هن جي پنهنجي بندن تي شفقت انهيءَ شفقت کان به زياده آهي، جا هڪ ماءُ کي پنهنجي کير پياڪ ٻار تي ٿئي ٿي.

اهڙيءَ طرح، انسان پنهنجي هستيءَ جي هجڻ مان الله تعاليٰ جي هستيءَ کي سمجهي وٺي ٿو، ۽ پنهنجي عضون جي تفصيل مان ان جي قدرت جو اندازو لڳائي سگهي ٿو پنهنجي عضون ۾ جي حڪمتون ۽ مصلحتون رکيل آهن، تن مان ان جي علم جي ڪمال کي ڏسي سگهي ٿو. ۽ پڻ انهن سڀني شين جي اجتماع ۾، جي سندس ضرورت ۽ حاجت لاءِ يا جي سندس زيب ۽ زينت لاءِ آهن، هو الله تعاليٰ جو لطف ۽ رحمت ڏسي ٿو.

انهي ئي نموني پنهنجي سڃاڻ ۽ ڄاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جو آئينو ۽ ڪنجي آهي.

فصل ٻيو

حق تعاليٰ جي تنزيهه ۽ تقديس سڃاڻڻ

هاڻي جهڙيءَ طرح انسان پنهنجي صفتن مان الله تعاليٰ جي صفتن کي سڃاتو ۽ پنهنجي ذات مان ان جي ذات کي معلوم ڪيو، تهڙيءَ طرح سان هن کي پنهنجي تنزيه ۽ تقديس (صفائيءَ ۽ پاڪائيءَ) مان الله تعاليٰ جي تنزيه ۽ تقديس جي پروڙ پوندي. الله تعاليٰ جي حق ۽ تنزيه ۽ تقديس جي معنيٰ هيءَ آهي ته هو جيڪي ڪي وهم يا خيال ۾ اچي تنهن کان پاڪ ۽ صاف آهي اگرچ ڪابه جاءِ ان جي تصوف کان خالي نه آهي، تنهن هوندي به هو ڪنهن به جاءِ جي نسبت کانبلڪل آزاد ۽ پاڪ آهي. ان جي تنزيه ۽ تقديس جو مثال انسان خود پاڻ ۾ ڏسي سگهي ٿو، ڇو ته سندس جان جي حقيقت، جنهن کي اسان ”دل“ ڪري سڏيو آهي، انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي وهم ۽ خيال ۾ اچن ٿيون، پڻ مٿي چيو اٿئون ته دل کي نه مقدار آهي نه ڪميت، ۽ نه وري هوءَ تقسيم جي قابل آهي، ۽ جنهن صورت ۾ دل جو اهڙو حال آهي، ته لازما هوءَ رنگ کان به خالي هوندي. هاڻ، جنهن شيءِ کي نه رنگ آهي ۽ نه مقدار، اها هرگز خيال ۾ نه ايندي، ڇا لاءِ جو خيال ۾ ته اها شيءِ اچي سگهي ٿي، جنهن کي خود اک ڏٺو هجي، يا جنهن جي جنس جي ڪا ٻي شيءِ ان جي نظر مان گذري هجي. انهيءَ ڪري رنگ ۽ شڪل بغير ڪابه شيءِ نه ته اکين سان ڏسي سگهي ٿي ۽ نه وري خيال ۾ ئي اچي سگهي ٿي. جڏهن طبيعت تقاضا ڪري ته فلاڻي شيءِ ڪهڙي آهي، تڏهن ان جي معنيٰ هيءُ آهي ته ان جي شڪل ڪهڙي آهي، ننڍي آهي يا وڏي؟ جنهن شيءِ ۾ انهن صفتن کي دخل نه هجي، ته ان جي ڪيفيت بابت سوال ڪرڻ بلڪل بي سود آهي. جيڪڏهن ڄاڻڻ چاهين ته اها ڪهڙي چيز آهي جنهن ۾ چون ۽ چرا جي مجال ئي نه هجي ته پنهنجي حقيقت تي غور ڪر، ڇا لاءِ جو تنهنجي حقيقت، جا الله تعاليٰ جي معرفت جي جاءِ آهي، تنهن کي نه ته ورهائي سگهجي ٿو ۽ نه وري ان ۾ مقدار ۽ ڪميت ڪيفيت کي گنجائش آهي.

جيڪڏهن ڪو پڇي ته روح ڪهڙي قسم جي شيءِ آهي، ته ان جو جواب هي آهي ته ان ۾ ”ڪهڙائيءَ“ کي ڪو دخل ئي ڪونهي.

هاڻي، جڏهن تو خود پاڻ کي انهن صفتن سان آراسته ڏٺو، تڏهن سمجهي ڇڏ ته الله تعاليٰ اهڙي تنزيه ۽ تقديس جو وڌيڪ لائق آهي. ماڻهو عجب کائيندا آهن ته ڪا شيءِ بي چون ۽ بي چگون ڪيئن ٿي سگهندي؟ ليڪن هو پنهنجي حَيقت تي غور نه ٿا ڪن، جا خود بي چون ۽ بي چگون آهي ۽ جنهن کي اک ڏسي نٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو، پر جيڪڏهن انسان پنهنجي جسم جي طرف نظر ڪري، ته اتي به ڪئين شيون بي چون ۽ بي چگون ڏسڻ لڳندو، مثلا: عشق يا درد، جنهن کي اک ڏسي نٿي سگهي.پوءِ جي انهن جي ”چوني“ ۽ ”چگونگي“ دريافت ڪرڻ گهرندو، ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن صورت ۾ انهن شين کي نه رنگ آهي نه روپ، تنهن صورت ۾ اهو سوال اٿي ئي نٿو سگهي. مطلب ته انسان پنهنجي بي چوني ۽ بي چگونگي مان حق تعاليٰ جي بي چوني ۽ بي چگونگيءَ کي پروڙي سگهي ٿو، ۽ پڻ خبر پونديس ته جهڙي طرح ”جان“ موجود آهي ۽ جسم جي بادشاهه آهي، ۽ ان سان تعلق رکندڙ شيون جن ۾ چوني ۽ چگونگي آهي سي سڀ ان جي مملڪت (بادشاهي) آهن، ۽ جان خود بي چون ۽ بي چگون آهي، تهڙيءَ طرح جهان جو بادشاهه يعني خدا تعاليٰ به بي چون ۽بي چگون آهي، ۽ مڙيئي محسوسات جن ۾ چوني ۽ چگونگي آهي، سي سندس مملڪت آهن.

حق تعاليٰ جي پاڪائيءَ (تنزيہ) جو ٻيو قسم هي آهي ته الله تعاليٰ کي ڪنهن خاص جاءِ سان منسوب ڪري نٿو سگهجي، جيئن جان (روح، دل کي به ڪنهن خاص عضوي سان منسوب ڪري نٿو سگهجي ۽ ائين چئي نه ٿو سگهجي ته جان هٿن ۾ آهي يا پيرن ۾، مٿي ۾ آهي يا جسم جي ڪنهن حصي ۾. اسين پنهنجي ساري بدن کي ورهائي ڀاڱا ڪري سگهون ٿا، ليڪن جان (روح) ڀاڳا ٿي نٿي سگهي، ڇا لاءِ جو اها تقسيم قبول ڪندڙ نه آهي، باقي بدن تقسيم قبوليندڙ آهي. هاڻي جا شيءِ تقسيم ٿي سگهي، تنهن ۾ ان شيءِ جو سمائجي وڃڻ، جا تقسيم نه ٿي سگهي، مجال آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها ان ۾ سمائجي وڃي، ته پوءِ اها به تقسيم پذير (قابل تقسيم) ٿي پوندي. ليڪن باوجود يڪ جان (دل، روح) کي ڪنهن به عضوي سان منسوب ڪري نٿو سگهجي، تڏهن به ڪو عضوو سندس تصوف کان خالي نه آهي، بلڪ سڀيئي عضوا سندس فرمان ۽ تصوف هيٺ آهي، ۽ اها سڀني جي بادشاهه آهي. اهڙي طرح سان سارو جهان الله تعاليٰ جي تصوف هيٺ آهي، ۽ اهو خود انهيءَ ڳالهه کان صاف ۽ پاڪ آهي، جو ان کي ڪنهن خاص جڳهه سان منسوب ڪجي. اهڙي نسبت کان هو گهڻو بلند ۽ بري آهي.

فصل ٽيون

حق تعاليٰ بادشاهي ڪيئن ٿو هلائي

تنهن جي معرفت

جڏهن توکي الله تعاليٰ جي ذات جي هستي معلوم ٿي، ۽ ائين به معلوم ٿيو ته سندس صفتون ۽ پاڪائي ڪيئن نه چونيءَ ۽ چگونگيءَ کان پاڪ آهن، ۽ ان جو ڪنهن خاص مڪان سان منسوب رهڻ کان پاڪ هجڻ به تنهنجي سمجهه ۾ اچي ويو، ۽ هيءَ به سمجهي ورتئي ته انسان جي نفس جي پڇاڻ سڀ معرفت جي ڪنجي آهي، تڏهن باقي معرفت جو هڪ باب رهيو. اهو هي آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي مملڪت ۾ ڪهڙيءَ طرح بادشاهي هلائي ٿو، هو فرشتن کي ڪهڙيءَ طرح سان حڪم ڏئي ٿو، اهي ڪهڙيءَ طرح سان سندس حڪم جي پيروي ڪن ٿا، ۽ ڪيئن انهن جي هٿان ڪم ڪاريون سر انجام ٿين ٿيون. الله تعاليٰ آسمان کان زمين تي ڪهڙيءَ طرح سان پنهنجا حڪم احڪام نازل فرمائي ٿو، ڪهڙيءَ طرح سان آسمانن ۽ ستارن کي جنبش ۾ آڻي ٿو، ڪهڙيءَ طرح اهل زمين وارن جي ڪاروبار کي آسمانن سان ڳنڍي ٿو، ۽ رزق جي ڪنجي آسمانن جي حوالي ڇو آهي، ۽ اهو سڀ ڪهڙي طريقي تي هلي ٿو.

هيءَ الله تعاليٰ جي معرفت جو هڪ شاندار دروازو آهي، ان کي ”معرفت افعال“ چون ٿا، ۽ هن کان اڳ جيڪي بيان ٿي چڪو آهي، تنهن کي ”معرفت ذات ۽ صفات“ چون ٿا. هن معرفت جي ڪنجي پڻ نفس جي معرفت (ڄاڻ سڃاڻ) آهي. جڏهن توکي اها به خبر ناهي ته بدن جي مملڪت ۾ تون ڪهڙيءَ طرح راڄ ڪرين ٿو، تڏهن پوءِ تون هيءَ ڳالهه ڪيئن سمجهي سگهندين ته جهان جو بادشاهه ڪهڙيءَ طرح سان حڪمراني ڪري ٿو.

تون پهريائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻ ۽ فقط پنهنجي هڪ فعل تي نظر ڌر، مثلا: جڏهن تون ڪنهن ڪاغذ تي ”بسم الله“ لکڻ چاهين ٿو، تڏهن اول تنهنجي دل ۾ رغبت ۽ ارادو پيدا ٿئي ٿو، پوءِ تنهنجي دل ۾ هڪ قسم جي حرڪت ۽ جنبش پيدا ٿئي ٿي. اها ظاهري دل آهي، جا تنهنجي کاٻي پاسي هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي. هڪڙو لطيف جسم انهيءَ دل کان چري (حرڪت ڪري) دماغجي طرف وڃي ٿو، جنهن لطيف جسم کي حڪيمن ”روح“ سڏيو آهي، جو حس ۽ حرڪت جي مڙني قوتن کي کنيو پيو هلي. اهو هڪ ٻئي قسم جو روح آهي جو خود حيوانن ۾ به آهي ۽ مٿس موت به طاري ٿئي ٿو. جنهن روح جو نالو اسان ”دل“ رکيو آهي، اهو حيوانن کي نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن به نه مرندو آهي، ڇا لاءِ جو اهو الله تعاليٰ جي معرفت جي جاءِ آهي.

جڏهن هي (حيواني) روح دماغ ۾ پهچي ٿو ۽ دماغ جي پهرئين ”خزاني“ ۾، جو خيالي قوت جي جاءِ آهي، بسم الله جي شڪل پيدا ٿئي ٿي، تڏهن اتان ڪجهه اثر دماغ جي نسن ۾ پهچي ٿو جي ساري جسم سان ڳنڍيل آهن ۽ آڱرين جي چوٽين ۾ ڌاڳي وانگر ٻڌل آهن. پوءِ اُهي نسون چرن ٿيون ۽ آڱرين جي چوٽين کي چورين ٿيون، جي وري قلم ۾ تحرڪ آڻين ٿيون، تان جو بسم الله جي ورت خيال جي خزاني جي مطابق، حواسن جي مدد سان خاص ڪري اک جي امداد ذريعي ڪاغذ تي لکي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو اک جي ضرورت گهڻي پوي ٿي.

هاڻي، جهڙيءَ طرح پهريائين ان لکڻ جي ڪم جي رغبت تو ۾ پيدا ٿي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي مڙين ئي ڪمن جي ابتدا ان جي صفتن مان هڪ صفت آهي، ۽ جنهن جو نالو آهي. ”ارادو“

جهڙيءَ طرح ان ارادي جو اثر تنهنجي دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ پوءِ دل جي معرفت ٻين هنڌن تي پهچي ٿو، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي ارادي جو اثر پهريائين عرش تي ظآهر ٿئي ٿو ۽ پوءِ ٻين تائين پهچي ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح هڪ بخار وانگر لطيف جسم انهيءَ اثر کي دل جي رڳن جي رستي دماغ تائين پهچائي ٿو، جنهن لطيف جسم کي ”روح“ چون ٿا، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ کي به هڪ لطيف جوهر آهي، جو انهيءَ اثر کي عرش کان ڪرسيءَ تائين نئي ٿو. انهيءَ لطيف جوهر کي ”فرشتو“ ۽ ”روح القدس“ به چون ٿا، ۽ جهڙيءَ طرح ارادي جو اثر دل کان دماغ ڏي وڃي ٿو، ۽ دماغ دل جي ماتحت ۽ سندس حڪم هيٺ آهي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي ارادي جو اثر پهريائين ڪرسيءَ تي پهچي ٿو، جا پڻ عرش جي هيٺان آهي، ۽ جهڙيءَ طرح بسم الله جي شڪل، جا تنهنجي مراد ۽ تنهنجو فصل آهي، دماغ جي پهرئين خزاني ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ پوءِ فعل ان جي مطابق نمودار ٿئي تهڙي طرح هر صورت، جا جهان ۾ پرديدار ٿئي ٿي، تنهن جو نقش پهريائين لوح محفوظ ۾ پيدا ٿئي ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح اها لطيف قوت جا دماغ ۾ ڌريل آهي ۽ نسن کي چوري ٿي ته جيئن نسون هٿ ۽ آڱرين کي چورين ۽ آڱريون قلم کي هلائين، تهڙيءَ طرح سان اهي لطيف جوهر، جي عرش ۽ ڪرسيءَ تي مقرر آهن، آسمانن ۽ ستارن کي چورين ٿا، ۽ جهڙيءَ طرح دماغي قوت تنتن ۽ نسن جي وسيلي آڱرين کي چوري ٿي، تهڙيءَ طرح سان اهي لطيف جوهر، جن کي ملائڪ چون ٿا، ستارن ۽ انهن جي شعاعن جي ڳنڍن جي ذريعي سفلي عالم (هيٺئين عالم) ۾ ان جي امهات جي طبيعتن کي جنبش ڏين ٿا، جن کي چار عنصر يعني گرمي، سردي، خشڪي ۽ تري به چون ٿا.[1] ۽ جهڙيءَ طرح قلم مس کي ٽيڙي پکيڙي ۽ جمع ڪري ٿو ته جيئن بسم الله جي صورت ظاهر ٿئي، تهڙيءَ طرح سان هيءَ گرمي ۽ سردي، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ۽ انهن جي مرڪبت (يعني انهن جي ميلاپ سان ٺهيل شين) جي امهات (اصلن) کي چورين ٿيون. ۽ جهڙيءَ طرح ڪاغذ وٽڙيل يا جمع ٿيل مس کي قبول ڪري وٺي ٿو، تهڙيءَ طرح رطوبت (تري، آلاڻ) انهن مرڪب شين (مرڪبات) کي شڪل جي قابل (شڪل قبول ڪندڙ) بڻائي ڇڏي ٿي، ۽ خشڪيءَ کي ان جو محافظ بنائي ٿي، ته جيئن ان جي صورت بدلجي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن رطوبت (آلاڻ، تري) نه هجي ها، ته ان جي شڪل نه بڻجي ها، ۽ جي وري خشڪي نه هجي ها، ته ان شڪل جي حفاظت نه ٿئي ها. ۽ جهڙيءَ طرح قلم پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي حرڪت کي سرانجام ڪري ٿو ۽ بسم الله جي صورت کي، خيال جي خزاني جي نقش مطابق، اک (واري قوت) جي مدد سان لکي وٺي ٿو، تهڙيءَ طرح جڏهن گرمي ۽ سردي انهن مرڪب شين جي اصلن کي فرشتن جي مدد سان جنبش ڏين ٿيون، تڏهن حيوانات ۽ نباتات جي صورت لوح محفوظ جي شڪل جي موافق جهان ۾ ظاهر ٿئي ٿي.

هاڻي، جهڙيءَ طرح جسم جي سڀني ڪمن جي شروعات دل کان ٿئي ٿي ۽ تنهن کان پوءِ سڀني عضون ۾ ڦهلجي ٿي، تهڙيءَ طرح سان عالم اجسام (هن جهان) جي ڪاروبار جي شروعات به پهريائين عرش کان ٿئي ٿي. ۽ پوءِ هن جسماني عالم ۾ پهچي ٿي، ان خاصيت کي قبول ڪرڻ واري شيءِ پهريائين تنهنجي دل آهي ۽ ٻيا عضوا ان کان پوءِ اُن کي قبول ڪن ٿا. ۽ ماڻهو دل کي توسان نسبت ڏين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته تون ئي دل ۾ رهڻ واروآهين، تهڙيءَ طرح جيئن ته الله تعاليٰ جو غلبو سڀني شين تي عرشن جي ذريعي آهي، تنهنڪري لوڪ سمجهن ٿا ته الله تعاليٰ عرش تي رهندڙ آهي.

هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏ ته بادشاهه ۽ بادشاهت کي بادشاهن کان سواءِ ٻيو ڪوئي به نه ٿو سمجهي جيڪڏهن الله تعاليٰ تنهنجي مملڪت تي توکي بادشاهه نه ڪري ها، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ مان هڪ مختصر نسخو توکي نه ڏئي ها، ته تون ڪڏهن به ان کي سمجهي نه سگهين ها، تنهنڪري تون انهيءَ بادشاهه جو شڪر ڪر، جنهن توکي پيدا ڪيو ۽ بادشاهي عنايت ڪئي، پنهنجي مملڪت جي طرز تي توکي مملڪت بخشي، ۽ دل کي تنهنجو عرش بڻايائين. حيواني روح کي (جنهن جو سرچشمو دل آهي) تنهنجو اسرافيل بڻايائين، ۽ تنهنجي دماغ کي تنهنجي ڪرسي، ۽ تنهنجي خيالن جي خزاني کي تنهنجو لوح محفوظ بڻايائين، تنهنجي اکين، ڪنن ۽ تمام حواسن کي تنهنجا فرشتا بڻايائين، ۽ تنهنجي دماغ جي گنبذ کي، جو نسن جو سرچشمو آهي، تنهنجي لاءِ آسمان ۽ ستارا (تارا) بڻايائين. آڱر، قلم ۽ مس جي وسيلي طبيعتن (طبائع) کي تنهنجو غلام بڻايائين، ۽ توکي يگانو، بي چون ۽ بي چگون پيدا ڪيائين ۽ سڀني تي بادشاهه بڻايائين، ۽ پوءِ توکي چيائين ته ”خبردار، پنهنجي نفس ۽ پنهنجي بادشاهيءَ کان غافل نه ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ڪري، تون پنهنجي پيدا ڪرڻ واري کان غافل رهندين.“

فصل چوٿون

طبيعيءَ ۽ نجوميءَ جي ماڪوڙيءَ سان تشبيهه

ويچارو عاجز طبيعي ۽ نجومي، جي ساري ڪاروبار کي طبيعتن ۽ ستارن کي منحصر سمجهن ٿا، تن جو مثال ان ڪئلي وانگي آهي، جا ڪاغذ تي هلي ٿي، ۽ ڏسي ٿي ته ڪاغذ ڪارو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي نقش ٺهي رهيا اهن. نظر ڦيري ٿي ته قلم جي نوڪ کي ڏسي ٿي، ۽ خوش ٿي چوي ٿي ته ”هن ڪم جي حقيقت کي سمجهي ورتم، ۽ هاڻي بس… هي نقش قلم ئي ٿو پيو بڻائي.“ هيءُ طبيعي جو مثال، جو پنهنجي محدود دائري اندر ڦري رهيو آهي.

ان کان پوءِ هڪڙي ٻي ڪئلي اچي ٿي، جنهن جي اک وڏي ۽ نگاهه زياده تيز آهي، ۽ اچي چوي ٿي ته ”تو غلطي ڪئي آهي، ڇا لاءِ جو مان ان قلم کي ڪنهن ٻئي جو غلام (پابند) ڏسان ٿي ۽ قلم جي پريان ڪنهن ٻيءَ شيءِکي ڏسي رهي آهيان، جا اهي نقش ٺاهي رهي آهي، ۽ هن کان خوش ٿي چوي ٿي ته ”حقيقت هيءَ ئي آهي جا مون سمجهي آهي، ته نقش آڱر ڪڍي رهي آهي ۽ نه قلم ڇو ته قلم ان جو تابع آهي.“ هي مثال آهي نجوميءَ جو، جنهن پنهنجي نظر کي البت ڪجهه پري ڊوڙايو، ۽ سمجهيو ته طبيعتون ستارن جي ماتحت آهن، ليڪن هُن هيءُ نه سمجهيو ته ستارا فرشن جي ماتحت آهن، ۽ انهن درجن کي خيال ۾ نه آڻي سگهيو جي اڃا کانئس مٿي هئا.

جهڙيءَ طرح طبيعيءَ ۽ نجوميءَ جي وچ ۾ هيءُ تفاوت جسماني عالم کان پيدا ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي درميان به تفاوت آهي، جي عالم ارواح (روحاني دنيا) ڏانهن ترقي ڪن ٿا، ڇا لاءِ جو گهڻا ماڻهو هن جسماني دنيا کان اڳتي ترقي نٿا ڪن، ۽ ان کان سواءِ ٻين شين کي نٿا سمجهن، ڇو هو پهرينءَ ئي منزل تي روڪجي وڃن ٿا، ۽ عالم ارواح ڏانهن چڙهڻيءَ جي واٽ مٿن بند ٿيو وڃي. روحاني عالم، جو نورن جو عالم آهي، ان ۾ به اهڙيءَ طرح اڪيچار چاڙها ۽ پردا درپيش اچن ٿا. اتي ڪن جا درجا ستارن جي درجي مٽل آهن، ته ڪن جا درجا چنڊ ۽ سج جي طرح آهن. هي انهن ماڻهن جي ڪمال جا درجا آهن، جن کي آسمانن جي ملڪوت جو مشاهدو ڪرايو ويو آهي.

مقصد هي آهي ته تون هن ڳالهه کي سمجهين ته طبيعي ويچارو جنهن مڙنئي شين کي کڻي گرمي، سرديءَ، خشڪيءَ ۽ تريءَ جي حوالي ڪيو آهي، سو به سچو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي چار طبيعتون الاهي اسبابن ۾ نه هجن ها ته علم طب ڪوڙو رهجي وڃي ها. ليڪن هن غلطي هن سبب کان ڪئي آهي، جو سندس اک گهڻو ڪوتاهه بين هئي، ۽ پهرينءَ ئي منزل تي ڍيرو ڪري ويٺي، ۽ انهن (گرميءَ، سرديءَ وغيره) کي اصل ڪري سمجهيائين ۽ نه حڪم جو پابند، ۽ کين مالڪ کڻي تصور ڪيائين ۽ نه نوڪر ۽ غلام. اهڙيءَ طرح نجوميءَ جو حال آهي، جنهن ستارن کي اسباب جي وچ ۾ آندو. انهيءَ به ڪوڙ ڪونه ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه هجي ها: ته رات ڏينهن هميشه برابر هجن ها. نجوميءَ جي غلطي هن ڳالهه ۾ آهي، جو هن سج، چنڊ ۽ تارن کي اصل سمجهيو، ۽ دنيا جي ڪاروبار کي انهن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيائين، اگرچ در حقيقت اهي محتاج ۽ چاڪر آهن، جن کان فرشتا خدا جي حڪم سان ڪم وٺي رهيا آهن.

فصل پنجون

ماڻهن جي، انڌن جي ٽولي سان تشبيهه

ماڻهن ۾ اڪثر اختلاف به انهيءَ قسم جا هوندا اهن، جو سڀيئي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ سچا هوندا آهن، پر في الجمله غلط هوندا آهن. ڪابه شيءِ پوريءَ طرح نه ڏسندا آهن، پر چوندا آهن ته ”سڀ ڪجهه ڏٺوسون.“

انهن جو مثال انڌن جي ٽولي وانگر آهي، جي جڏهن ٻڌن ٿا ته اسان جي شهر ۾ هاٿي آيو آهي، تڏهن ان کي ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ان کي هٿ لائڻ سان سڃاڻي وينداسون. پوءِ، ڪنهن جو هٿ هاٿيءَ جي ڪن تي پوي ٿو، ته ڪنهن جو ان جي پير تي، ۽ ڪنهن جو ڏندن تي، پوءِ جڏهن اهي انڌا ٻين انڌن وٽ اچن ٿا، ۽ اهي انهن کان هاٿيءَ جي وصف پڇن ٿا، تڏهن انهن مان جنهن هاٿيءَ جي پير کي هٿ لاتو هو، سو چوي ٿو ته  ”هاٿي ٿنڀي جي مثل آهي.“ ۽ جنهن ان جي ڏندن کي هٿ لڳايو هو، سو چوي ته ”هاٿي گرز وانگر آهي،“ ۽ جنهن جو هٿ ان جي ڪن تي پيو هو، سو چوي ٿو ته ”هاٿي رليءَ وانگر آهي،“ سڀني هڪ ڳالهه ڪري سچ چيو ۽ غلطي به ڪيائون، ڇاڪاڻ ته سمجهيائون ته اسان سڄي هاٿيءَ کي ڏٺو آهي. حالانڪ سڄي هاٿيءَ کي نه ڏٺو هئائون. اهو آهي حال طبيعيءَ ۽ نجومي جو! هرهڪ جي اک رڳو الله تعاليٰ جي هڪڙي خادم تي پيئي، ۽ ان جو غلبو ۽ طاقت ڏسي، عجب ۾ پئجي چيائون ته ”بادشاه خود اهو آهي، هيءُ ئي اسان جو پالڻهار آهي“!

فصل ڇهون

شريعت جي متابعت ئي سعادت جي واٽ آهي

الله تعاليٰ جي معرفت جي شرح ته ڊگهي آهي، مگر جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، سو ماڻهن جي تنبيه ۽ تشويق لاءِ ڪافي آهي، جيئن هو حتي المقدور سڄيءَ معرفت جي ڳولا ڪن. انسان جي سعادت (خوشيءَ، راحت) الله تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ)، سندس بندگيءَ ۽ عبادت ۾ آهي، ۽ ان جو ڪارڻ ته انسان جي ابدي سعادت الله تعاليٰ جي معرفت ۾ آهي، اڳ بيان ٿي چڪو آهي. ليڪن بندگيءَ ۽ عبادت ۾ ئي جو آدميءَ جي سعادت جو سبب آهي، سو هن ڪري، جو آدميءَ جي سعادت جو سب آهي، سو هن ڪري، جو جڏهن هو مرندو تڏهن سندس واسطو فقط الله تعاليٰ سان رهندو، ۽ جنهن کي ڪنهن سان رهڻو آهي، ته پوءِ ان جي سعادت به انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته هو ان جو دوستار ٿي رهي، ۽ جيتريقدر ان سان زياده محبت رکندو، تيتريقدر کيس زياده خوشي حاصل ٿيندي. ڇاڪاڻ ته لذت ۽ راحت محبوب کي ڏسڻ سان زياده ٿيندي آهي.

الله تعاليٰ جي دوستي ۽ محبت ان جي دل تي غالب نه ٿيندي، مگر معرفت ۽ گهڻي ذڪر سان، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دوست رکندو آهي ته ان جي يادگيري به گهڻي ڪندو آهي، ۽ جيئن زياده يادگيري ڪندو آهي، تيئن وڌيڪ ان جو دوستار ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح، جو به الله تعاليٰ جو دوست هوندو آهي، سو ان جي يادگيري به گهڻي ڪندو آهي، ۽ الله جو ذڪر دل تي تڏهن غالب ٿيندو، جڏهن عبادت کي ساندهه جاري رکبو ۽ عبادت ۾ فراغت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن نفساني خواهش جا سڳا دل مان ٽوڙي ڇڏبا، ۽ خواهشن جا سڳا تڏهن ٽٽندا، جڏهن گناهن کان پرهيز ڪبي. لهذا گناهن جي پچر ڇڏي ڏيڻ ئي دل جي جمعيت ۽ فراغت جو سبب آهي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ ڪري ئي سندس ذڪر دل تي غالب پوي ٿو. عبادت ۽ اطاعت ٻئي محبت جو سبب آهن، جا سعادت جو ٻج ۽ ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. ڇاڪاڻ ته سڀ عمل عبادت ٿي نٿا سگهن، اهڙيءَ طرح سڀني خواهشن کان جدائي به ڪري نه ٿي سگهجي، ۽ نه وري ائين ڪرڻ جائز ئي آهي. مثلا: جيڪڏهن ماڻهو کاڌو نه کائيندو ته مرندو، ۽ جيڪڏهن مباشرت نه ڪندو ته نسل منقطع ٿيندو. ان ڪري ڪي خواهشون اهڙيون آهن جن کي ڇڏي ڏجي، ۽ ڪي وري اهڙيون آهن جن کي ڇڏي نٿو سگهجي. ان لاءِ هڪ حد مقرر ڪرڻ گهرجي، جا هڪ خواهش کي ٻئي کان الڳ ڪري. حد مقرر ڪرڻ وري ٻن ڳالهين تي منحصر آهي: يا ته آدمي پنهنجي عقل ۽ خواهش (مرضيءَ) سان حد مقرر ڪري ۽ پنهنجي غور ۽ فڪر سان ان کي اختيار ڪري سگهي، ڇا لاءِ جو خواهش ان تي اڪثر غالب رهندي آهي ۽ صحيح رستي کي ان کان ڇپائيندي آهي، ۽ جا شيءِ ان جي مطلب وٽان هوندي آهي، تنهن کي ان جي اڳيان صحيح ۽ درست ڪري ڏيکاريندي آهي. ان ڪري لازمي آهي ته اختيار جي واڳ ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪئي وڃي. پر جيئن ته هر شخص پيرويءَ جي لائق نه آهي، تنهنڪري هتي سڀ کان وڌيڪ دروبين ۽ دورانديش انسان جي ضرورت آهي، جي خدا جا پيغمبر سڳورائي ٿي سگهن ٿا.

پوءِ ضروري آهي ته انسان شريعت جي تابعداري ڪري ۽ ان جي حڪمن ۽ حدن کي لازمي سمجهي، ڇاڪاڻ ته اهائي سعادت جي راهه آهي ۽ اهائي بندگيءَ جي معنيٰ آهي، ۽ بس.

فصل ستون

غلط رستا ۽ اباحتين جي جهالت جا سبب

اُهي ماڻهو جي اهل اباحت وارن مان آهن (جي حرام شين کي پاڻ لاءِ جائز ۽ روا رکن ٿا)، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن کي اورانگهي وڃي پري پيا آهن، تن جي غلطيءَ ۽ جهالت جا ست سبب آهن:

پهريون سبب: انهيءَ ٽولي جي جهالت جو پهريون ڪارڻ هيءُ آهي جو هو الله تعاليٰ تي ايمان نٿا رکن، ان کي پنهنجي وهم ۽ خيال جي خزاني مان ڳولين ٿا ۽ ان جي چونيءَ ۽ چگونگيءَ جي تلاش ۾ رهن ٿا. جڏهن ائين ڪرڻ سان ان کي نٿا پهچن ته انڪار ڪري ٿا وٺن، ۽ سموري ڪائنات جي ڪاروبار کي طبعيت ۽ نجوم جي طرف منسوب ٿا ڪن ۽ خيال ٿا ڪن ته انسان، حيوان ۽ هي عجيب شين سان ڀريل جهان خودبخود پيدا ٿيو آهي، يا هميشه کان ائين ئي هلندو اچي ٿو، يا هي سڀ طبيعت جو فعل (ڪم) آهي.

ٻيو سبب: انهن جي جهالت جو ٻيو سبب هيءُ آهي، ته هو آخرت تي ايمان نٿا رکن، ۽ سمجهن ٿا ته آدمي به نباتات مثل آهي يا حيوان وانگر آهي، جو مرڻ بعد فنا ٿي وڃي ٿو ۽ ان تي نه حساب آهي، نه جزا ۽ سزا. هن جهالت جو سبب آهي پنهنجي نفس کان عدم واقفيت، جو پنهنجو پاڻ کي حيوان يا گاهه ٿو سمجهي، ۽ روح کي نٿو سڃاڻي، جو آدميءَ جي حقيقت آهي، ۽ اها به خبر نه اٿس ته اُهو ابدي آهي ۽ ڪڏهن به نه مرندو.

ٽيون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو ٽيون سبب هيءُ آهي ته هو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا، پر سندن ايمان ضعيف آهي. هو شريعت جي معنيٰ کي نٿا سمجهن ۽ سندن چوڻ آهي ته الله تعاليٰ کي اسان جي عبادت جي ڪهڙي ضرورت ۽ اسان جي گناهن کان کيس ڪهڙي تڪليف آهي؟ هو بادشاه آهي ۽ لوڪن جي عبادت کان بيپرواهه. عبادت ۽ نافرماني ان جي آڏو برابر آهن.“ هي جاهل قرآن جي طرف نٿا ڏسن، جو چوي ٿو ته ”جو پاڻ کي پاڪ ڪري ٿو، سو فقط پنهنجي پاڻ کي پاڪ ڪري ٿو.“ هي فاسق آهن، جي شريعت جي هيءَ معنيٰ وٺن ٿا ته ”ڪم خدا جي لاءِ ڪرڻ گهرجي، ۽ نه پاڻ لاءِ.“ انهن جو مثال ان بيمار وانگر آهي، جو پرهيز نه ڪري ۽ هينئن چوي ته ”حڪيم جو ان ۾ ڇا ويو، مان سندس چوڻ مڃان نه مڃان.“ ائين برابر آهي، پر ان سبب هو خود پنهنجي حياتي وڃائي ويهندو. حڪيم کي ڪهڙو نقصان! مگر ڪِري نه ڪرڻ ڪري خود هلاڪ ٿيندو.

چوٿون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو چوٿون سبب هيءُ آهي ته هو شريعت جي مخالفت ۾ هيئن چون ٿا ته ”شريعت دل کي خراب خواهشن، ڪاوڙ ۽ ريا کان پاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي، ليڪن هي ناممڪن آهي، ڇا لاءِ جو آدميءَ کي انهن ئي شين مان پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو چاهي ته ڪاري کي اڇو ڪيووڃي، حالانڪ ائين ڪرڻ محال آهي.“ هي نادان اهو نٿا سمجهن ته شريعت اهو حڪم ڪونه ڏنو آهي ته ”ڪاوڙ ۽ خواهش کي اکيڙي ڪڍي ڇڏيو“، مگر اهو ته ”انهن کي ضابطي ۾ رکو ته جيئن اهي، عقل ۽ شريعت تي غالب نه پئجي وڃن ۽ سرڪشي نه ڪن“ ائين ڪرڻ ممڪن آهي ۽ گهڻن ئي ڪري ڏيکاريو آهي. الله تعاليٰ پڻ انهن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي جي ڪاوڙ کي کائين ٿا، ۽ نه انهن جي، جن کي (ڪنهن به جائز ڪم لاءِ) ڪاوڙ اچي ئي نه.

پنجون سبب: انهن جي جهالت جو پنجون سبب هيءُ آهي ته الله تعاليٰ جي صفتن کان بيخبر هوندي به چوندا آهن ته ”الله ڪريم ۽ رحيم آهي. اسان جهڙا به هجون ۽ جيئن به هلون، اهو ضرور اسان تي رحم فرمائيندو.“ ليڪن هو اهو نٿا ڄاڻن ته جهڙيءَ طرح هو ڪريم آهي، اهڙيءَ طرح هو سزا ڏيڻ ۾ به سخت آهي، ۽ هي نٿا ڏسن ته ڪيترن ماڻهن کي مصيبت، بک ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا رکيو اٿس، اگرچه هو ڪريم ۽ رحيم آهي. ۽ هيءُ نه ٿا ڄاڻن ته جيستائين کيتي ۽ وڻج واپار نه ڪبو تيستائين مال دستياب نه ٿيندو، ۽ جيستائين ڪوشش نه ڪندا، تيستائين کين علم حاصل نه ٿيندو. ائين چوڻ وارا دنيا جي طلب ۾ ته ڪا گهٽتائي ڪانه ٿا ڪن ۽ ائين نٿا چون ته الله تعاليٰ ڪريم ۽ رحيم آهي، سواءِ کيتي ۽ تجارت جي روزي ڏيندو“- باوجود هن حقيقت جي ته روزيءَ جو ضامن به هو پاڻ آهي!- هُن ته آخرت جو ڪم عمل جي حوالي ڪيو آهي، جو فرمايو اٿس ته ”انسان کي اهوئي ڪجهه ملندو، جنهن لاءِ ڪوشش ڪئي هوندائين.“ درحقيقت هي ماڻهو انهيءَ جي ڪرم تي ايمان نٿا رکن ۽ رزق جي تلاش کان بنهه هٿ نٿا کڻن. انهيءَ ڪري، جو ڪجهه هو آخرت جي باري ۾ چون ٿا، سو سڀ زباني ۽ شيطاني تلقين آهي.

سبب ڇهون: انهن جي جهالت جو ڇهون سبب هي آهي جو غرور ۽ هٺ ڪري ائين سمجهن ٿا ته ”اسين اهڙي مرتبي کي پهچي ويا آهيون، جو اسان جو گناهه اسان جو ڪجهه نٿو بگاڙي، ۽ اسان جو دين اهڙو ڪشادو تلاءُ آهي، جنهن کي پليديءَ جي پرواهه ناهي.“ انهن ۾ اهڙا نادان ۽ گهٽ سمجهه رکندڙ به آهن، جو جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڳالهه ۾ سندن حشمت کي ڪيرائي وجهي ۽ سندن ريا ۽ تڪبر کي ٽوڙي وجهي ته هو ساري عمر ان جا ويري ٿيو پون. اهي نادان جي اهڙا تنگ ظرف آهن تن جي اهڙي دعوا ڪيئن مڃي سگهبي!

جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اهڙو شخص کڻي هجي به، جو عداوت، شهرت، رياءَ ۾ ڪاوڙ جي ويجهو نه ويندو هجي، ته به هو پنهنجي هن دعوا ۾ دوکي هيٺ آيل آهي، ڇا لاءِ جو هو ان سبب ڪو پيغمبرن جي درجي کان مٿي چڙهي ڪونه ويندو. پيغمبر ته پنهنجي لغزشن تي روئندا ۽ زاري ڪندا هئا، ۽ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ معذرت طلبيندا هئا. وڏي مرتبي وارا اصحاب سڳورا ننڍڙن ننڍڙن گناهن کان ڊپ ڪندا هئا ۽ ڪن وقتن تي ٿوري شڪ شبهي سبب حلال شين کان به پرهيز ڪندا هئا. (تڏهن) هِنن بي وقوفن اهو ڪيئن سمجهيو آهي ته هو شيطان جي دوکي ۽ فريب جو شڪار نه آهن؟

ستون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو ستون سبب آهي انهن جي غفلت ۽ نفساني خواهش. اهي جڏهن ڪنهن گروهه کا ناجائز رستي تي هلندو، فساد ڪندو، رنگين ڳالهيون ٻڌائيندو، صوفين جي پوشاڪ پهريو تصوف ۽ ولايت جي دعوا ڪندو ڏسندا آهن. کين انهن جون اهي ڳالهيون پسند اينديون آهن ته ڇا لاءِ ته انهن جي دلين تي لغويت ۽ خواهش جو غلبو هوندو آهي، جو انهن کي فساد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي. اهڙا ماڻهو ائين ڪڏهن نه چوندا آهن ته فساد يا خرابي ڪرڻ سان اسان کي ڪو عذاب رسندو“ ته جيئن سندن عيش زهر نه ٿي پوي، پر الٽو چوندا آهن ته ”هي خود فساد نه آهي ۽ اهڙو خيال ڪرڻ ئي تهمت ۽ حديث (نئين ڳالهه آهي) آهي،“ حالانڪ نه هنن کي تهمت جي معنيٰ جي خبر آهي ۽ نه وري حديث جي بڙا آدمي غافل، نفس پرست ۽ شيطان جا تابعدار ٿين ٿا ۽ سمجهائڻ سان نٿا سمجهن، ڇا لاءِ جو انهن کي پنهنجن ڪمن ۾ شڪ نٿو پوي. اهڙن ماڻهن کي تلوار سان ٺيڪ ڪرڻ کپي ۽ نه ڳالهين ۽ دليلن سان.

جيڪڏهن ماڻهوءَ جي جهالت اهڙن ڪمن ۾ هجي، جي ان جي طبع جي موافق هجن، ته پوءِ اهڙيءَ گمراهيءَ جو مٽجي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جو سبب هي آهي ته هي ماڻهو سواءِ ڪنهن خوف ۽ خطري جي اباحت (ناجائر) جي رستي تي هلن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان منجهيل (حيران) آهيون.“ جيڪڏهن کانئن پڇيو وڃي ته ”توهان ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ منجهيل آهيو؟“ ته ان جو ڪو جواب نٿا ڏين. اهڙن ماڻهن جو مثال انهيءَ شخص وانگر آهي، جو طبيب کي چوي ته مان بيمار آهيان ۽ کيس هي نه ٻڌائي ته مون کي ڪهڙي بيماري آهي. پوءِ اهڙي شخص جو علاج ٿي نٿو سگهي، جيستائين ان جي بيماريءَ جو پتو نه پوي.

دين جا بزرگ اُهي آهن جي ڄاڻن ٿا ته جنهن حرص ۽ خواهش کي پنهنجو مطيع نه بنايو، سو انسان نه پر ڍور آهي. تنهنڪري سمجهڻ گهرجي ته آدميءَ جو نفس مڪار ۽ دوکيباز آهي ۽ هميشه ڪوڙيون دعوائون ڪندو ۽ ڊاڙون هڻندو رهي ٿو ته مان گهڻو زبردست آهيان. لهذا مناسب آهي ته اُن (نفس) کان ثابتي گهري وڃي، ۽ اُن جي سچائيءَ پرکڻ لاءِ سواءِ شرعي دليلن جي، خود سندس دليلن تي اعتبار نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن هو هميشه شريعت جي اطاعت ۾ رهي ته پوءِ هو سچو آهي، ۽ جيڪڏهن شرعي حڪمن بابت حيلا ۽ بهانا * تاويل تلاش ڪري ته پڪ ڄاڻ ته هو شيطان جو پوئلڳ آهي، ۽ اجائي ولايت جي دعوا ٿو ڪري. مرڻ گهڙيءَ تائين اها ثابتي نفس کان پڇڻ گهرجي، نه ته انسان دوکو کائيندو ۽ بيخبريءَ ۾ پاڻ هلاڪ ڪندو. اهو پڻ ڄاڻڻ گهرجي تي شريعت جي متابعت ۾ نفس جو پيش پوڻ، اڃا رڳو مسلمانيءَ جو پهريون درجو آهي، ٻيون منزلون اڃا پري ٿيون.

 
[1]  آسمانن ۽ ستارن کي ”آباي علوي“ يعني ”مٿانهان ابا“ (پيئر) چوندا آهن، ۽ زمين جي چئن عناصرن کي ”امهات سفلي“ يعني ”هيٺيون مائرون“ چوندا آهن.

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان ٽيون
صفحو :6
عنوان ٽيون

دنيا کي سڃاڻڻ

فصل پهريون

آدمي دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟

توکي ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا، دين جي رستي جي منزلن مان هڪ منزل آهي، ۽ حق تعاليٰ جي حضور ڏانهن ويندڙ مسافرن لاءِ هڪ گذرگاهه آهي، صحرا جي ڪناري تي هڪ سينگاريل بازار آهي ته جيئن مسافر پنهنجي رستي جو سامان خريد ڪن.

دنيا مان مقصود آخرت جو توشو آهي، ڇا لاءِ جو انان کي پيدائش جي وقت سادو ۽ ناقص پيدا ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به هن ۾ هڪ صلاحيت رکيل آهي ته هڪ ڪمال حاصل ڪري ۽ ملڪوت جي صورت کي پنهنجي دل جو نقش بنائي، جيئن الائي حضور جو لائق ٿئي، انهيءَ معنيٰ ۾ ته واٽ لهي ۽ الله تعاليٰ جي جمال جي نظاري جي پسندڙن ۾ شمار ٿي سگهي. اهائي سنديس سعادت جي سنتها آهي، اهوئي سندس بهشت آهي، ۽ انهيءَ لاءِ ئي کيس خلقيو ويو آهي. جيستائين سنديس اک نه کلندي، تيستائين نڪي نظارو پسي سگهندو، ۽ نڪي سندس جمال جو ادراڪ ڪري سگهندو، هي سڀ معرفت سان حاصل ٿئي ٿو. ۽ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي آهي الله تعاليٰ جي صنعت يا ڪاريگريءَ جي عجائبن جي پڇاڻ ۽ الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ کي سڃاڻڻ جي ڪنجي آدميءَ جا هي حواس آهن. پر اُهي حواس هن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مان ٺهيل جسم کان سواءِ ممڪن ناهن، انهيءَ ڪري کيس هن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ واري جهان ۾ موڪليو ويو آهي، ته جيئن هو هن جهان مان توشو هٿ ڪري، ۽ پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ واري ڪنجيءَ ذريعي، الله تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪري، ۽ پڻ ساري آفاق جي معرفت حاصل ڪري، جا هنن حواس سان ئي سهي ڪري سگهجي ٿي جيستائين هي حواس ساڻس شامل آهن ۽ سندس لاءِ جاسوسي ڪندا رهن ٿا، تيستائين چئبو ته آدمي دنيا ۾ آهي (جيئرو آهي)، ۽ جڏهن هي حواس (کانئس) موڪلائي وڃن ٿا ۽ آدمي جون ذاتي صفتون وڃيو باقي رهن، تڏهن چوندا آهن ته هو آخرت ڏي روانو ٿي ويو (مري ويو). انسان جي دنيا ۾ رهڻ جو سبب هيءَ ئي آهي، ۽ بس.

فصل ٻيون

دنيا جي حقيقت، اُن جي آفت ۽ اُن جو غرض

دنيا ۾ آدميءَ کي ٻين شين جي ضرورت آهي، هڪ ته دل کي ناس ٿيندڙ شين کان محفوظ رکي، ۽ ان جي غذا ڪري، ٻيو ته بدن کي برباد ڪندڙ شين کان بچائي، ۽ اُن جي غذا حاصل ڪري.

دل جي غذا آهي الله تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت، ڇا لاءِ جو هر ڪنهن شيءِ جي غذا اُن جي طبيعت موافق هوندي آهي، ۽ اها اُن جي خاصيت آهي انسان جي خاصيت جو ذڪراڳ ٿي چڪو آهي، باقي دل جي برباديءَ جو سبب هي آهي ته الله تعاليٰ کانسواءِ ٻين شين جي محبت ۾ غرق ٿيوڃي، بدن جي سنڀال به دل جي خاطر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بدن فاني آهي ۽ دل باقي: دل جي لاءِ بدن ائين آهي جيئن حاجيءَ جي لاءِ حج جي راهه ۾ اُٺ. حاجي اُٺ جي لاءِ نه هوندو آهي، پر اُٺ حاجيءَ لاءِ هوندو آهي. لهذا حاجيءَ کي جڳائي ته جيستائين ڪعبي ۾ نه پهچي وڃي، تيستائين ضرورت آهر اُٺ کي گاهه پٺو چاريندو رهي. پر جيڪڏهن سارو وقت اُٺ جي چارڻ، سينگارڻ ۽ ٽهل ٽڪور ۾ گذاريندو ته قافلي کان پٺتي رهجي ناس ٿيندو. اهڙيءَ طرح سان جيڪڏهن آدمي سارو وقت بدن جي سنڀال ۾ خرچ ڪندو ته پوءِ پنهنجي سعادت کان محروم رهندو.

بدن جون حاجتون به ٽن کان وڌيڪ نه آهن: کائڻ لاءِ کاڌو، پهرڻ لاءِ لباس ۽ رهڻ لاءِ جاءِ جي ضرورت آهي، ته جيئن گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ تباهيءَ کان سلامت رهي. بس هن دنيا ۾ آدميءَ کي پنهنجي جسم جي لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ضرورت ڪانهي، بلڪ هيءُ ته ساريءَ دنيا جو اصول آهي. دل جي غذا خدا جي معرفت آهي، جا جيتريقدر گهڻي هوندي تيتريقدر بهتر. بدن جي غذا آهي طعام جو جيڪڏهن اندازي کان زياده هوندو ته هلاڪت جو باعث بڻبو. الله تعاليٰ خواهش کي انسان تي هن لاٰءِ مقرر ڪيو آهي ته هن کان کاڌي، پوشاڪ ۽ جڳهه جي گهر ڪري، تان ته سندس بدن، جو سندس سواري آهي، هلاڪت کان محفوظ رهي. خواهش جي ته فطرت ئي اهڙي آهي، جو هڪ حد تي اُن کي قرار نه آهي ۽ هميشه زيادتيءَ جي طلب ۾ رهي ٿي. تنهنڪري الله تعاليٰ عقل کي خلقيو آهي ته ان کي پنهنجي حد اندر رکي، ۽ شريعت کي پيغمبرن جي واتان هن لاءِ موڪليو آهي ته خواهش جون حدون مقرر ڪيون وڃن. ٻالپڻي ۾ پهريائين خواهش کي ئي پيدا ڪيو ويو آهي، ڇا لاءِ جو ان جي ضرورت هئي، ۽ عقل کي پوءِ پيدا ڪيو ويو آهي.تنهنڪري خواهش جنهن پهريائين جڳهه ورتي آهي، سا سدائين سرڪشي ڪندي رهي ٿي، ۽ غالب پئجي ويئي آهي. عقل ۽ شريعت بعد ۾ آيا آهن، انهيءَ لاءِ ته خواهش انسان کي هم تن کاڌي ڪپڙي ۽ جڳهه جي طلب ۾ مشغول نه ڪري، جنهن سبب هو پاڻ کي وساري ڇڏي، پر هو چڱيءَ پر ڄاڻي ته هي کاڌو ۽ ڪپڙو ڇا لاءِ آهن، ۽ خود هو پاڻ جهان ۾ ڇا جي لاءِ آهي؟ ۽ پڻ دل جي غذا کي وساري نه ويهي، جا آخرت جو توشو آهي. هاڻي، جڏهن تون دنيا جي ساريءَ حقيقت، ان جي آفت ۽ غرض کان واقف ٿئين، ته مناسب آهي ته ان جي شاخن ۽ ڀاڱن کي به معلوم ڪرين.

فصل ٽيون

ٽي شيون دنيا جون اصل آهن: کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر

جيڪڏهن تون دنيا جي تفصيل تي غور ڪندين، ته توکي معلوم ٿيندو ته دنيا مان مراد ٽي شيون آهن: نباتات معدنيات ۽ حيوانات. زمين في الاصل رهائش ۽ زراعت جي فائدي لاءِ آهي، معدنيات جهڙوڪ ٽامو، لوهه ۽ پتل اوزارن ٺاهڻ لاءِ آهن، ۽ حيوان (حيوانات) سواريءَ ۽ خوراڪ لاءِ آهن: انسان ته پنهنجي دل ۽ بدن کي انهن ۾ ئي کڻي لڳايو آهي.

دل کي انهن شين ۾ لڳائڻ سان ان ۾ ڪيتريون اهڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون، جي ان جي تباهيءَ جو باعث آهن، جيئن ته، حرص، بخل حسد ۽ عداوت وغيره، ۽ بدن کي انهن شين ۾ رُنڀائڻ سان دل پڻ انهن ۾ ڦاسي پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿي، ۽ پنهنجي ساريءَ همت کي دنيا جي ڪاروبار ۾ صرف ڪري ٿي.

جيئن ته دنيا جون اصل ٽي شيون آهن: کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر، تيئن انسان جي ضرورت لاءِ اصل صفاعتون يا هنر به ٽي آهن: هارپو، ڪورڪو ۽ رازڪو. ليڪن انهن مان هرهڪ جون مختلف شاخون آهن، جن مان ڪي انهن جو ساز ٺاهين ٿا، جيئن پڃارو ۽ سٽ ڪتيندڙ، جي ڪوريءَ جو اسباب بنائين ٿا، ۽ ڪي انهن جي ڪم کي پورت وٺائين ٿا، جيئن درزي، جو ڪوريءَ جي ڪم کي مڪمل ڪري ٿو. انهن سڀني کي ڪاٺ، لوهه ۽ چمڙي وغيره جي اوزارن جي ضرورت پوي ٿي، تنهنڪري لوهار، واڍو ۽ سوچي پيدا ٿيا. جڏهين اهي سڀ پيدا ٿيا تڏهن انهن سڀني کي هڪٻئي جي مدد جي گهرج پيئي، ڇا لاءِ جو هرهڪ پنهنجي سر پنهنجو ڪم مڪمل طور پورو ڪري نٿو سگهي، انهيءَ ڪري هو سڀ پاڻ ۾ ملي پيا ته جيئن درزي، ڪوريءَ ۽ لوهار کي مدد ڏئي، ۽ لوهار وري انهن ٻنهي جو ڪم ڪري: ان سبب انهن سڀني جي وچ ۾ وهنوار پيدا ٿيو، جنهن مان وري دشمنيون پيدا ٿيون، ڇا لاءِ جو هرهڪ پنهنجي حق تي راضي نه رهيو ۽ ٻئي جي نقصان پويان پيو. ان ڪري وري ٻين ٽن قسمن جي هنرن جي ضرورت پيئي: سياست ۽ سلطنت جو فن، قضا ۽ حڪومت جو فن، ۽ ٽيون فقه جو علم، جنهن جي وسيلي خلق جي وچ ۾ نبيري نڇيڙي جا قانون سمجهيا وڃن. انهن مان هرهڪ پيشو يا ڌنڌو آهي، اگرچه انهن جو ٻين ڌنڌي ڪندڙن وانگر هٿ سان واسطو ڪونهي.

هن سبب ڪري دنيا جا شغل (ڌنڌا) گهڻو وڌي ويا ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي پيا. ماڻهن پاڻ کي انهن ۾ گم ڪري ڇڏيو ۽ هن ڳالهه کي وساري ويٺا ته انهن سڀني ڳالهين جو اصل ٽن شين کان وڌيڪ نه آهي: کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر. دنيا جا هي مڙيئي ڌنڌا انهن ٽن شين لاءِ آهن، ۽ هي ٽي شيون بدن جي لاءِ آهن، ۽ بدن دل جي واسطي آهي ته جيئن ان جي لاءِ سواري ٿي رهي، ۽ دل الله تعاليٰ جي لاءِ آهي. پر ماڻهو پاڻ کي ۽ خدا تعاليٰ کي انهيءَ حاجيءَ وانگر وساري ويٺا آهن جنهن ڪعبي جي سفر کي وساري سارو وقت اٺ جي خدمت چاڪريءَ ۾ صرف ڪيو.

هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص هن دنيا ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري، ڪوچ ڪرڻ لاءِ آماده ئي نه رهندو ۽ آخرت جو خيال ئي نه ڪندو، ۽ دنيا جي ڌنڌن ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشعول رهندو، ته گويا انهيءَ دنيا کي نه سڃاتو انهيءَ جهالت کي خيال ۾ رکي، رسول الله فرمايو آهي ته ”دنيا هاروت ۽ ماروت کان به وڌيڪ جادوگر آهي، ان کان حذر ڪريو.“ جڏهن دنيا اهڙي جادوگر آهي، ته پوءِ اُن جي مڪر ۽ فريب کي سمجهڻ ضروري آهي، ۽ هاڻي وقت آيو آهي ته ماڻهن کي اُن جي ڪمن جو مثال ڏيئي واقف ڪريون.

فصل چوٿون

دنيا جي جادوءَ جا مثال ۽ دنيا وارن جي غفلت

پهريون مثال: دنيا جو پهريون جادو هي آهي ته هوءَ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي، جو تون سمجهين ته توسان دل لڳي ويئي اٿس، حالانڪ ائين ڪين آهي. هوءَ هميشه تو کان ڀڄندي رهي ٿي، مگر درجي بدرجي ۽ جيئن توکي خبر نه پوي. اُن جو مثال پاڇي وانگر آهي جو ڏسڻ ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، پر هميشه گهٽبو ئي رهي ٿو.

ڇا توکي معلوم نه آهي ته تنهنجي عمر به اُن وانگر آهستي آهستي گذرندي وڃي ٿي ۽ هر لحظي گهٽجي ٿي! اها دنيا آهي جا توکان ڀجھندي موڪلائي رهي آهي، پر تون اُن کان بيخبر آهين.

ٻيون مثال: اُن جو ٻيو جادو هي آهي ته هوءَ پاڻ کي تنهنجو دوست ڄاڻائي ٿي، ته جيئن توکي پنهنجو عاشق بڻائي، ۽ تنهنجي اڳيان هي ظاهر ڪري ٿي ته هوءَ توسان سدائين سازگار رهندي ۽ ڪنهن ٻئي جي طرف ڪانه ويندي. ليڪن اوچتو ئي اوچتو، هوءَ توکي ڇڏي تنهنجي دشمن وٽ هلي وڃي ٿي. اُن جو مثال انهيءَ ڪمينيءَ ۽ شرير عورت وانگر آهي، جا ماڻهن کي ٺڳي پاڻ تي موهت ڪري ٿي ۽ پوءءِ کين پنهنجي گهر وٺي ماريو ڇڏي.

حضرت عيسيٰ عليه السلام مڪا شفي ۾ دنيا کي هڪ ٻڍيءَ عورت جي شڪل ۾ ڏٺو، کانئس پڇيائين ته ”تو گهڻا مڙس ڪيا آهن؟“ جواب ڏنائين ته ”ايترا گهڻا، جو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن.“ پڇيائينس ته ”مري ويا يا انهن توکي طلاق ڏني؟“ دنيا چيو ته ”نه، بلڪ مون سڀني کي ماري ختم ڪري ڇڏيو.“

تنهن تي حضرت عيسيٰ فرمايو ته ”مون کي انهن بيوقوفن تي عجب ٿولڳي، جي ڏسن به ٿا ته تو ٻين سان ڪهڙو برتاءُ ڪيو آهي، ۽ پوءِ به تو ڏانهن رغبت رکن ٿا، ۽ سبق نٿا پرائين.“

ٽيون مثال: دنيا جو ٽيون جادو هيءُ آهي ته هوءَ پنهنجي ظاهر کي سينگاري رکي ٿي، ۽ منجهس جيڪي مصيبتون ۽ محنتون آهن تن کي لڪايو ڇڏي ٿي، ته جيئن جاهل ان جي ٻاهرئين زيب ۽ زينت تي ٺڳجي. ان جو مثال ان بدشڪل زال جيان آهي، جا پنهنجي منهن کي ڍڪي ۽ پٽ جا وڳا ۽ گهڻا زيور پهري پاڻ کي خوب سينگاري، پري کان جو به کيس ڏسي، مٿس عاشق ٿيو پوي، ۽ جڏهن سندس منهن تان گهونگهٽ هٽائي ته ان جون بڇڙايون ڏسي پشيمان ٿئي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته ”قيامت جي ڏينهن دنيا کي بدشڪل پوڙهي زال جي صورت ۾ حاضر ڪندا. سندس اکين سايون ۽ ڏند ٻاهر نڪتل هوندا. جڏهن ماڻهو ان کي ڏسندا ته الله تعاليٰ کان پناهه گهرندا ۽ پڇندا ته ”هيءَ خوار ۽ بڇڙي عورت ڪير آهي؟“ کين ٻڌايو ويندو ته هيءَ اُها دنيا آهي جنهن تي اوهين مغرور ٿي هڪٻئي سان حسد ۽ دشمني رکندا هئا. هڪٻئي جو خون وهائيندا هئا ۽ مٽيءَ مائٽي جا ناتا ٽوڙيندا هئا. پوءِ ان (دنيا) کي دوزخ ۾ وڌو ويندو ۽ هوءَ پڪاريندي ته ”اي منهنجا مالڪ، ڪٿي آهن منهنجا دوست؟“ الله تعاليٰ پوءِ حڪم ڪندو ته ”انهن کي به ان سان گڏ دوزخ ۾ وڌو وڃي.“

چوٿون مثال: جيڪڏهن ڪو حساب لڳائي ته ازل کي ڪيترو زمانو گذريو آهي جڏهن دنيا هئي ڪانه ۽ هاڻي آبد تائين ڪيترو زمانو بچيو آهي جڏهن دنيا ڪانه هوندي، ته ڏسندو ته باقي ڪي چند ڏينهن ازل ۽ آبد جي درميان وڃي رهيا آهن. لهذا سمجهڻ گهرجي ته دنيا جو مثال مسافر جي رستي مثل آهي جنهن جي ابتدا پينگهو آهي ۽ انتها قبر، ۽ وچ ۾ ڪجهه ٿوريون منزلون آهن- هر سال جھڻڪ هڪ منزل آهي، هر مهينو هڪ فرسنگ، هر ڏينهن هڪ ميل، ۽ هر پساهه هڪ وک آهي، جو هميشه جاري آهي. ڪنهن جي لاءِ هڪ فرسنگ جو رستو آهي، ۽ ڪنهن جي لاءِ ان کان گهٽ يا وڌ، ليڪن مسافر اهڙيءَ طرح ماٺ ڪيو ويٺو آهي، جو ڄڻڪ هميشه هتي ئي رهندو ۽ پنهنجي ڪاروبار جو اهڙيءَ طرح انتظام ڪري ٿو، جو ڄڻ ڏهن سالن کاءِ کيس انهن ڪمن جي وري ضرورت نه پوي، حالانڪ ڏهن ڏينهن اندر هو زمين داخل ٿي وڃي ٿو.

پنجون مثال: دنيا جو هي هڪ ٻيو فريب آهي. دنيا جي مزن ماڻڻ ۽ انهيءَ جي رنج ۽ رسوائيءَ جي حالت جا دنيا وارن کي قيامت ڏينهن نصيب ٿيندي، تنهن جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو شخص سڻڀو ۽ لذيذ کاڌو کائي، جنهن کان هن جو معدو خراب ٿي پوي ۽ هو قيء ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي معدي، نفس ۽ قضائي حاجت جي خواريءَ کي ڏسي شرمسار ۽ پشيمان ٿئي ته ”لذت ته ويئي، پر ذلت باقي رهي.“ جيئن کاڌو وڌيڪ لذيذ، تيئن ان جي ڪرپٽي به زياده خراب ۽ گندي هوندي. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي لذت به جيتريقدر زياده هوندي، تيتريقدر ان جي عاقبت زياده خوار خراب ٿيندي هي سڀڪجهه موت جي وقت معلوم ٿي وڃي ٿو. جنهن شخص جون دنيوي نعمتون (باغ، ٻانهيون، غلام ۽ سون چاندي، وغيره) جهجهيون هونديون، تنهن کي ساهه ڏيڻ وقت انهن شين جي جدائيءَ جو رنج به زياده ٿئي ٿو بنسبت انهيءَ شخص جي، جنهن وٽ ٿورو مال آهي. ۽ اهو رنج ۽ عذاب موت ڪري زائل نه ٿو ٿئي، پر اٽلندو وڌي وڃي ٿو، ڇا لاءِ جو انهن شين جي دوستي دل جي صفت آهي، ۽ دل پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿي، ۽ مري نه ٿي. دنيا جو هي به هڪ جادو آهي جنهن جو گهڻا ماڻهو شڪار ٿين ٿا.

ستون مثال: دنيا جا ڌنڌا ڌاڙي جڏهن پيش ايندا آهن، تڏهن ظاهر اُنچ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ۽ ماڻهو ڀائيندا آهن ته انهن کي جهٽ ٿا پورو ڪري وٺون، پر ممڪن آهي ته انهن سئو ڪمن مان هڪ اهڙو نڪري پوي، جو ساري ڄمار ان ۾ ئي ختم ٿي وڃي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته ”دنيا جي سيڪڙوءَ جو مثال انهيءَ شخص وانگر آهي جو درياءَ جو پاڻي پيئي: جيئن وڌيڪ پيئي، تيئن وڌيڪ اڃائجي- پاڻي پيئندو رهي، تان جو پيٽ ڦاٽي پويس، پر اُڃ هرگز نه لهيس.“ ۽ اسان جي پياري رسول فرمايو آهي ته ”جيئن ممڪن ناهي جو ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۾ گهڙي ۽ آلو نه ٿئي، تيئن ممڪن ناهي جو ڪو شخص دنيا ۾ ڪاهي پوي ۽ پليد نه ٿئي.“

اٺون مثال: دنيا ۾ جو شخص اچي ٿو ان جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪنهن ميزبان جي گهر ڪو اچي مهمان ٿئي، ۽ ان ميزبان جي عادت هيءَ هجي ته هميشه مهمانن خاطر پنهنجي گهر کي سينگاريل رکي: هڪڙو ٽولو کائي وڃي ته ٻئي ٽولي کي گهرائي، ۽ انهن جي اڳيان سون جا طبق رکي، جن تي تازا ۽ سڪا ميوا ۽ چانديءَ جا واسوڙا واس ڌوپ لاءِ ڌريل هجن، ته ڀل خوشبوءِ حاصل ڪري ۽ ميوا کائي، انهن کي ڇڏي وڃن ته ٻيا اچي انهن جي جاءِ وٺن. هاڻي، جو شخص عقلمند آهي ۽ ان ميزبان جي عادت کان واقف آهي، اهو واس ڌوپ جلائي ان مان خوشبوءِ جو مزو وٺي، طبقن ۽ واسوڙن کي خوشيءَ سان پنهنجي جاءِ تي ڇڏي، ۽ شڪريو ادا ڪري روانو ٿئي ٿو، باقي جيڪو بيوقوف هوندو، سو سمجهڻ لڳندو ته اهي سڀ شيون مون کي ڏنيون ويون آهن ته پاڻ سان کڻي وڃان، پوءِ رخصت جي وقت جڏهن اهي شيون کانئس کسيون وڃن ٿيون ته روئڻ لڳي ٿو، ۽ غم ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح، دنيا به مسافرن لاءِ هڪ وقف ٿيل مهمانسراءِ آهي جتان واٽهڙو پنهنجو توشو ڀل کڻي وٺن، ۽ جو ڪجهه سراءِ ۾ آهي تنهن جي طمع نه ڪن.

نائون مثال: انهن دنيا وارن جو مثال، جي دنيا جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي آخرت کي وساري ويهن ٿا. انهيءَ قوم جي مثال وانگر آهي، جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا هجن ۽ اچي هڪ ٻيٽ تي منزل ڪن، ۽ پوءِ قضا حاجت ۽ طهارت خاطر ٻيڙيءَ کان ٻاهر نڪري اچن: اتي ٻيڙيءَ وارو اعلان ڪري ٿو ته ”خبردار! ڪو به شخص زياده وقت خرچ نه ڪري ۽ ضروري ڪمن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن ڪم ۾ لڳي نه وڃي، ڇا لاءِ جو ٻيڙي جلدي رواني ٿيڻ واري آهي.“ پوءِ، هو ان (ٻيٽ) ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا. انهن مان جيڪي وڌيڪ سياڻا سمجهدار هئا، سي ته جلدئي ڪم لاهي واپس اچن ٿا ۽ ٻيڙي خالي ڏسي، سٺي جڳهه وٺي ويهن ٿا، ٻيا وري ان ٻيٽ جا عجائب ڏسي، حيرت ۾ پون ٿا، ۽ ان جي خوشنما گلن ۽ مٺي آواز سان ڳائيندڙ پکين ۽ رنگارنگي پٿرن جي نظاري ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، ۽ جڏهن موٽي اچن ٿا ته ڪشادي جڳهه نه ڏسي، سوڙهي ۽ اونداهي جڳهه تي ويهي تڪليفون سهن ٿا. انهن مان ڪن وري انهن عجيب شين جي فقط ڏسڻ تي اڪتفا نه ڪئي، پر اتان عمدا عمدا پٿر کڻي اچي ٻيڙيءَ ۾ نهايت ئي تنگ جڳهه ۾ ويهن ٿا، مگر پٿرن رکڻ جي جاءِ نه ڏسي. انهن کي پنهنجي گردن تي رکن ٿا. ٻن ڏينهن گذرڻ بعد، انهن پٿرن جو سٺو رنگ بدلجي ڪارو ٿي پوي ٿو، ۽ انهن مان بدبوءِ اچڻ لڳي ٿي- اڇلڻ جي جاءِ نه ڏسي، هو گهڻو پشيمان ٿين ٿا ۽ لاچار اهو بوجو ڪلهن تي کڻڻو ٿو پوين. انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي ٻيٽ جي خوبصورت شين کي ڏسي ايترو ته محو ٿي وڃن ٿا، جو ٻيڙيءَ واري جي منادي نٿا ٻڌن، ۽ ٻيڙي رواني ٿي وڃي ٿي. پوءِ ان جزيري ۾ رلندي پنندي، ڪي بک جي وگهي مري وڃن ٿا، ۽ ڪن کي مرون کايو کپايو ڇڏين. انهن ۾ پهرئين گروه جو مثال مومنن ۽ پرهيزگارن جو آهي ۽ پوئين جو مثال ڪافرن جو آهي جن پاڻ سان گڏ خدا ۽ آخرت کي به وساري ڇڏيو آهي ۽ سڄا ئي دنيا جا ٿي پيا آهن، وچ وارا ٻه ٽولا گنهگارن جي طرح آهن، جن اصل ايمان جي حفاظت ته ڪئي، ليڪن دنيا کي هٿان نه ڇڏيائون. هڪ ٽولي درويشيءَ هوندي به موج ورتي، ۽ ٻئي ٽولي نعمتن جو مزو ماڻيندي گهڻو مال گڏ ڪيو، جو سندن لاءِ وڏو بوجو بڻجي پيو.

فصل پنجون

سڀڪا دنيا جي شيءِ مذموم ناهي

دنيا جي جا هيءَ مذمت ڪئي وئي آهي، ان مان اهو خيال نه ڪجانءِ ته جو ڪجهه دنيا ۾ آهي، سو سڀ مذموم آهي، بلڪ دنيا ۾ اهڙيون شيون به آهن، جي دنيا مان نه آهن. مثلا: علم ۽ عمل دنيا ۾ آهن، ليڪن دنيا مان نه آهن، ڇا لاءِ جو اهي آخرت ۾ به انسان سان گڏ هلندا. علم ته جيئن آهي تيئن آدميءَ سان گڏ رهندو، باقي عمل جيتوڻيڪ هوبهو نه رهندو مگر ان جو اثر ضرور رهندو. هي اثر ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو، دل جي جوهر جي پاڪائي ۽ صفائي آهي، جا گناهن کي ترڪ ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي، ۽ ٻيو الله تعاليٰ جي ذڪر سان اُنس آهي، جو عبادت کي جاري رکڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو.

اهي ئي باقيات صالحات ۾ داخل آهن. علم ۽ مناجات جي لذت ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر سان اُنس، ٻين سڀني لذتن کان وڌيڪ آهن هي سڀ دنيا ۾ آهن پر دنيا مان نه آهن. تنهنڪري سڀ لذتون مذموم نه آهن، بلڪ اهي مڙيئي لذتون به بريون نه آهن جي گذري ۽ فنا ٿي وڃن ٿيون، انهن جا به ٻه قسم آهن: هڪڙيون اهي، جي جيتوڻيڪ دنيا مان آهن ۽ مرڻ کان پوءِ به نه رهنديون، ليڪن آخرت جي ڪمن، علم ۽ عمل جون مددگار آهن ۽ مومنن جي گهڻائيءَ لاءِ تلاهي جيئن نڪاح، خوراڪ، لباس ۽ رهائش بشرطيڪ ضرورت جي مطابق هجن. آخرت جي راهه لاءِ هي شرط آهي ته ڪو به آدمي دنيا ۾ ايتري ئي قناعت ڪري، جنهن مان فقط دين جي ڪمن لاءِ فراغت حاصل ڪرڻ مقصود هجي، ته اهو دنيا وارن مان نه آهي.

لهٰذا دنيا جون مذموم شيون اُهي آهن، جن مان دين جو ڪم مقصود نه هجي، بلڪ غفلت، فراموشي ۽ هن دنيا سان نينهن لڳائڻ جو ڪارڻ بڻجن، ۽ هُن جهان (آخرت ڏانهن نفرت جو باعث ٿين. انهيءَ ڪري ئي رسول الله (صلعم) جن فرمايو آهي ته ”دنيا ۽ جيڪي ان ۾ آهي سو ملعون آهي، مگر الله جو ذڪر ۽ اهي شيون جي ان ۾ مدد ڪن، سي نه.“
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج – – لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان چوٿون
صفحو :7
عنوان چوٿون

آخرت جي سڃاڻڻ بابت

فصل پهريون

جسماني ۽ روحاني بهشت ۽ دوزخ

آخرت جي حقيقت کي ايستائين ڪوبه شخص سمجهي نٿو سگهي، جيستائين پهريائين موت جي حقيقت کي نه سمجهي، ۽ موت جي حقيقت سمجهي نه سگهندو، جيستائين زندگيءَ جي حقيقت نه ماڻيندو، ۽ زندگيءَ جي حقيقت نه ڄاڻي سگهندو، جيستائين روح جي حقيقت نه ڄاڻندو، ۽ روح جي حقيقت وري پنهنجي نفس کي ڄاڻڻ تي منحصر آهي، جنهن جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي.

هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي ته آدمي ٻن شين جو ٺهيل آهي- هڪڙو روح ۽ ٻيو جسم: روح سوار وانگي آهي ۽ جسم سواريءَ وانگي. آخرت ۾ بدن سان واسطي جي ڪري روح جي لاءِ هڪ حالت هوندي جنهن ۾ اُن لاءِ بهشت ۽ دوزخ هوندو، ۽ پڻ روح کي خود پنهنجي ذات جي سبب هڪ حالت جدا هوندي، جنهن ۾ جسم کي اُن سان ڪا شراڪت ڪانهي، ۽ ان لاءِ جسم کان سواءِ به دوزخ ۽ بهشت آهي، شقاوت ۽ سعادت آهي. ۽ نعمت، جا دل کي بدن جي واسطي کان سواءِ حاصل ٿئي ٿي، تنهن جو نالو روحاني بهشت آهي، ۽ اهو رنج، آلم ۽ شقاوت، جا روح کي بدن کانسواءِ حاصل ٿئي ٿي ان جو نالو ”روحاني آتش“ (دوزخ جي باهه) آهي.

اهو دوزخ ۽ بهشت جنهن ۾ بدن جو تعلق آهي خود ظاهر آهي، ۽ انهيءَ بهشت جو نتيجو آهن باغ، نهرون، حورون، محلات ۽ کائڻ پيئڻ وغيره. ۽ دوزخ جو نتيجو آهن باهه، نانگ وڇون ۽ زقوم وغيره. جن جو بيان قرآن شريف ۽ حديث ۾ آيو آهي. هي جو حديث ۾ آيو آهي ته ”مون پنهنجي صالح ٻانهن لاءِ اهو پيدا ڪيو آهي، جو نه اک ڏٺو آهي ۽ نه ڪن ٻڌو آهي، ۽ نڪي ڪي انسان جي دل تي ان جو پر توو پيو آهي،“ سو ”روحاني بهشت“ جي باري ۾ آهي. دل جي اندران، جا دري عالم ملڪوت ڏي کليل آهي، انهيءَ مان اهي معنائون اَشڪار ٿينديون. جنهن ٻه شخص جي دل جي دري کليل آهي، تنهن کي ان جي سچائيءَ ۾ (ته روحاني بهشت به آهي) ڪوبه شڪ نه رهندو، ۽ ان کي آخرت جي سعادت ۽ شقاوت تي پورو پورو ويساهه ٿيندو، نه تقليد ۽ سماع (ٻڌڻ) جي رستي، بلڪ بصيرت ۽ مشاهدي سان،- جهڙيءَ طرح طبيب ڄاڻندو آهي ته هن جهان ۾ بدن لاءِ سعادت ۽ شقاوت آهي، جنهن کي صحت ۽ مرض چوندا آهن، ۽ جهڙيءَ طرح صحت جو علاج آهي دوا ۽ پرهيز، ۽ مرض جو سبب آهي گهڻو کائڻ ۽ بدپرهيزي، تهڙيءَ طرح مشاهدي سان معلوم ٿيندو ته دل يا روح کي به سعادت ۽ شقاوت آهي. عبادت ۽ معرفت روح جي سعادت جو دارون آهن، ۽ جهل ۽ گناهه، ان لاءِ زهر قاتل ۽ رنج جو باعث آهن. هيءُ علم نهايت عزيز ۽ بلند درجي جو آهي، ليڪن گهڻا ماڻهو جن کي علماء ڪري سڏجي ٿو سي ان کان بيخبر آهن، بلڪ ڪي ته ان جو انڪار ڪن ٿا، ۽ جسماني بهشت ۽ دوزخ کان سواءِ ٻيو رستو نٿا لهن، ۽ آخرت جي معرفت کي تقليد ۽ ٻڌل ڳالهين کان سواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان نٿا ڄاڻن. هت جو ڪجهه مختصر بيان ڪيو ويو آهي، اهو هڪ هوشيار، پاڪ دل ۽ غير معتصب آدميءَ جي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇا لاءِ جو آخرت جي متعلق گهڻن ماڻهن جو ايمان ضعيف ۽ لچڪندڙ آهي.

فصل ٻيو

موت جي حقيقت

 تون جيڪڏهن موت جي حقيقت ڄاڻڻ گهرين ٿو، ته پوءِ توکي معلوم هئڻ گهرجي ته آدميءَ کي ٻه روح آهن: هڪڙو حيوانات جي جنس مان آهي جنهن کي اسين ”حيواني روح“ چئون ٿا، ۽ ٻيو ملائڪن جي جنس مان آهي، جنهن کي اسين ”انساني روح“ ڪوٺيون ٿا. هن حيواني روح جو سرچشمو دل آهي جا سيني جي کاٻي پاسي هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي، هي حيواني روح، حيوان جي باطني خلطن جو هڪ لطيف ۽ مزاج ۾ معتدل بخار آهي، جو دل کان نبضن جي وسيلي دماغ ۽ سڀني عضون ۾ پهچي ٿو، ۽ هيءُ ئي روح انسان جي حس ۽ حرڪت جو حامل آهي. جڏهن دماغ ۾ پهچي ٿو، تهن ان جي گرمي (حرارت) گهٽجي وڃي ٿي ۽ هو معتدل ٿي پوي ٿو. اکين کي ڏسڻ جي قوت ۽ ڪنن کي ٻڌڻ جي طاقت انهيءَ کان ئي پڙپي ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا حواس به ان کان ئي سگهه حاصل ڪن ٿا. ان جو مثال ڏئي وانگر آهي، جنهن کي هڪ گول گهر ۾ رکيو ويو آهي، ۽ جتي به رکجيس ته ان جي ڪري گهر جون سڀ ديواريون روشن ٿي وڃن ٿيون. هاڻي جهڙيءَ طرح ڏئي جي روشنائي ديوارين تي ظاهر ٿئي ٿي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي قدرت سان ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ٻين سڀني حواسن جون قوتون انهيءَ روح کان ئي عضون ۾ پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن رڳ ۾ ڪا روڪ يا رنڊڪ اچي ٿي وڃي، ته اهو عضوو، جو ان رنڊڪ کان پوءِ اچي ٿو، سو بيڪار ۽ مفلوج ٿيو پوي ۽ منجهس ڪابه حس يا حرڪت نٿي رهي ۽ طبيب ڪوشش ڪري اها بندش لاهندو آهي.

ان روح جو مثال ڏئي جي باهه وانگر آهي دل مثال وٽ جي طرح آهي ۽ غذا جو مثال تيل جهڙو آهي. هاڻي جهڙيءَ طرح تيل ڪڍي وڃڻ سان ڏيو وسامي ويندو آهي، تهڙيءَ طرح جيڪڏهن غذا نه هوندي ته ان حيواني روح جو معتدل مزاج بگڙي پوندي ۽ حيوان مري ويندو. ۽ جهڙيءَ طرح تيل هوندي وَٽِ گهڻو تيل ڇڪيندي ته به ڏِيو خراب ٿي پوندو ۽ تيل نه وٺندو، تهڙيءَ طرح سان دل به گهڻي زماني گذرڻ سبب ائين ٿيو پوي (خراب ٿيو وڃي)، ۽ غذا قبول نٿي ڪري. ۽ جهڙيءَ طرح ڪنهن شيءِ کي ڏئي تي هڻڻ سان ڏِيو وسامي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ کڻي ان ۾ تيل ۽ وٽ به موجود هجي، اهڙيءَ طرح حيوان به اوچتو سخت زخم پهچڻ سان مري وڃي ٿو.

جيستائين هن ”حيواني روح“ جو مزاج معتدل آهي، جيئن هئڻ گهرجي، تيستائين هي روح الله تعاليٰ جي حڪم سان آسماني فرشتن جي نُورن مان حس ۽ حرڪت جهڙيون لطيف معنائون (باريڪ حقيقتون) قبول ڪري وٺي ٿو. پر جڏهن گرميءَ يا سرديءَ جي غلبي سبب يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري روح جي هيءَ معتدل مزاجي باقي نٿي رهي، تڏهن روح به انهن لطيف اثرن کي قبول ڪرڻ جي لائق نٿو رهي، جيستائين آئيني جو مٿاڇرو صاف ۽ درست آهي، تيستائين منجهس هر قسم جون صورتون نظر اينديون پر جڏهن ان کي ڪٽ وغيره لڳي وڃي ٿي، تڏهن هو ڪابه صورت قبول نٿو ڪري. اهو انهيءَ ڪري نه آهي ته ڪو صورتون برباد يا گم ٿيو وڃن ٿيون، بلڪ خود آئيني ۾ صورتن قبول ڪرڻ جي صلاحيت نه رهي آهي. اهڙيءَ طرح سان انهيءَ لطيف معتدل بخار يعني ”حيواني روح“ جي قابليت به معتدل مزاجيءَ تي منحصر آهي. جڏهن هيءَ معتدل مزاجي قائم نٿي رهي، تڏهن حيواني روح به حس ۽ حرڪت جي قوت کي قبول نٿو ڪري، ۽ ائين ڪرڻ سان عضوا سندس نُور جي فيض کان محروم رهجيو وڃن ۽ بي حس ۽ بي حرڪت ٿيو پون، ۽ پوءِ ماڻهو چون ته هو مري ويو.

هيءَ اُهي حيواني روح جي موت جو مطلب، ليڪن انسان جو موت ٻيءَ طرح جو آهي، ڇا لاءِ جو ان کي حيواني روح کانسواءِ ٻيو به هڪ روح آهي، جنهن کي ”انساني روح“ يا ”دل“ ڪري سڏيو اٿئون، جنهن جو هن کان اڳ به ذڪر ڪيو ويو آهي. هي روح حيواني روح جي قسم مان نه آهي جو صاف هوا يا بخار وانگر هڪ لطيف جسم (بخار) آهي. هي انساني روح جسم نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي جزن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، تيئن معرفت ان ۾ پيدا ٿئي ٿي، ۽ هاڻي جيئن حق تعاليٰ پاڻ هڪ آهي ۽ ڀاڱن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، تيئن معرفت به هڪ آهي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي نٿي سگهي، انهيءَ ڪري ئي اها هڪ تقسيم قبوليندڙ جسم ۾ سمائجي نٿي سگهي. اها ان شيءِ ۾ سمائجي سگهي ٿي، جا نِري ۽ ناتقسيم پذير هوندي.

هاڻي، فرض ڪري وٺو ته وَٽِ، ڏئي جي باهه ۽ روشني ٽي شيون آهن، وٽ کي دل جو سانچو ڪري سمجهيو، ۽ ڏئي جي باهه کي حيواني روح، ۽ روشنيءَ کي انساني روح کڻي وٺو. هاڻي، جهڙيءَ طرح ڏئي جي روشني ڏئي کان زياده لطيف آهي، ۽ گويا ان جي طرف اشارو ڪري نٿو سگهجي،[1] تهڙيءَ طرح انساني روح به حيواني روح کان گهڻو لطيف آهي ۽ ان ڏي به اشارو ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن لطافت جي نظر کان ڏسبو ته هي مثال درست آهي، ليڪن ٻئي خيال کان درست نه آهي، ڇا لاءِ جو ڏئي جي روشني ڏئي جي تابع ۽ ان جي فروع آهي ۽ جڏهن ڏيو وسامي وڃي ٿو تڏهن ان جي روشني به ختم ٿي وڃي ٿي، پر انساني روح، حيواني روح جي تابع نه آهي، بلڪ سندس اصل آهي ۽ حيواني روح جي فنا ٿيڻ سان فنا نٿو ٿئي. جيڪڏهن ان جو مثال چاهيو ٿا، ته فرض ڪريو ته هڪ اهڙو نُور (روشني) آهي، جو ڏئي کان زياده لطيف آهي، ۽ ڏئي جو مدار به ان تي آهي، نه ان جو مدار ڏئي تي، ته پوءِ مٿيون مثال ٺيڪ ٿيندو.

هڪ نگاهه کان، حيواني روح، انساني روح جي لاءِ سواري آهي، ته ٻئي لحاظ کان هٿيار آهي. جڏهن هن حيواني روح جو مزاج باطل ٿئي ٿو ۽ جسم مري وڃي ٿو، تڏهن به انساني روح بدستور قائم رهي ٿو، پر سواري ۽ هٿيار ڪونه اٿس، وهٽ جي مرڻ ۽ هٿيار جي تباهيءَ ڪري، ڪو سوار ضايع نٿو ٿئي، البت هٿيار سو ضآيع ٿي پوي ٿو.

انساني روح کي جو هي هٿيار ڏنو ويو آهي، سو هن لاءِ ته ان ذريعي الله تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت کي شڪار ڪري (حاصل ڪري). جيڪڏهن شڪار ڪري ورتائين ته پوءِ ان هٿيار جو ناس ٿيڻ سندس لاءِ چڱائي آهي، جو ان جي کڻڻ جي بار کان ڇٽي پوندو. پر جي خدانخواسته شڪار حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي سندس هٿيار ضايع ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ان جي حسرت ۽ مصيبت جي ته ڪا حد ئي ڪانه رهندي. هي درد ۽ حسرت قبر جي عذاب جي شروعات آهي.

فصل ٽيون

تنهنجي ”توئي“ (حقيقت يا ماهيت) هن جسم تي منحصر نه آهي

تون هاڻي سمجهي ڇڏ ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جا هٿ ۽ پير شل ٿي پون، ته به اهو شخص خود سلامت آهي، ڇا لاءِ جو ”هو خود“ نه ته هٿ آهي نه پير- هي ته ان جا هٿيار آهن جن کي هو ڪم ۾ آڻي ٿو. جهڙيءَ طرح تنهنجا هٿ ۽ پير، تنهنجي ”توئي“ (حقيقت) نه آهن. اهڙيءَ طرح تنهنجي پِٺ ۽ پيٽ، مٿو ۽ بدن به تنهنجي ”اصليت“ هرگز نه آهن.

جيڪڏهن هي سڀيئي بيڪار ٿي پون ته به تون برجاءِ هوندين. موت جي معنيٰ به اهائي آهي ته سارو جسم مفلوج (کيرو، بيڪار) ٿي وڃي. هٿن جي بيڪار ٿي وڃڻ جي به هيءَ معنيٰ آهي ته تنهنجو چيو نه ڪن. هٿن جو هيءُ چيو هڪ صفتي سبب آهي، جنهن کي ”قدرت“ (طاقت) چون ٿا. اها صفت هڪ نُور آهي، جو حيواني روح جي چراغ کان هٿن کي پهچي ٿو. جڏهن رڳن ۾، جي حيواني روح جا رستا يا لنگهه آهن، ڪا رڪاوٽ اچي ٿي وڃي، تڏهن انهن مان ”قدرت“ نڪريو وڃي ۽ سندن مڃتا ناممڪن ٿيو پوي. اهڙيءَ طرح سان، سارو جسم جو تنهنجي مڃتا ڪري ٿو، سو محض حيواني روح جي ڪري، ڪري ٿو. جڏهن حيواني روح جو مزاج تباهه ٿئي ٿو تڏهن بدن به اطاعت کان جواب ڏيو وڃي. ان کي چوندا آهن ”موت“، حالانڪ تون پنهنجي جاءِ تي برقرار آهين. اگرچه چيو مڃيندڙ گم آهي.

تنهنڪري هي بدن تنهنجي ”توئي“ يا حقيقت ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن تون غور ۽ فڪر ڪندين ته فوراً سمجهي ويندين ته تنهنجا هي اجزا (بدن جا ڀاڱا، عضوا) اهي اجزا نه آهن، جي ننڍپڻ ۾ هئا، ڇا لاءِ جو اهي سڀ ٻاڦ ٿي، وچان نڪري ويا آهن، ۽ غذا سبب ٻين اچي سندن جڳهه ورتي آهي. لهذا، تنهنجو بدن اهو بدن نه آهي، پر تون اهوئي آهين جهڙو اڳ هئين. تنهنڪري تنهنجي ”توئي“ (حقيقت) هن جسم کان نه آهي. بدن جيڪڏن تباهه ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ به تون بذات خود سدائين جيئرو آهين.

ليڪن تنهنجون صفتون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙين ۾ جسم شريڪ آهي، جيئن بک، اُڃ ۽ ننڊ، ڇاڪاڻ جو اهي معدي ۽ جسم کان سواءِ ظاهر نٿيون ٿين. ٻيون اهي آهن، جن ۾ جسم کي شراڪت ڪانهي، مثلا: الله تعاليٰ جي معرفت، ان جي حضور جو جمال ۽ ان جي ديدار جي خوشي. هي صفت تنهنجي ”ذات“ آهي، جا تو سان گڏ رهندي. ڪڏهن معرفت جي بجاءِ جهالت هوندي، ته اها به تنهنجي ذات جي هڪ صفت آهي، جا پڻ تو سان گڏ رهندي. اها جهالت تنهنجي روح کي انڌو ڪندي، ۽ تنهنجي بدبختيءَ جو ٻج بڻبي.

تنهنڪري تون موت جي حقيقت کي هرگز نه ڄاڻندين، جيسين تون انهن ٻنهي روحن کي نه سمجهين ۽ انهن جي باهمي فرق ۽ باهمي تعلق کان واقف نه ٿين.

فصل چوٿون

انساني روح جو اعتدال ڪيئن رکجي

حيواني روح هن سفلي عالم (زمين) مان آهي، ۽ خلطن مان نڪرندڙ بخارن جي لطافت جو مجموعو آهي. خلط چار آهن: خون بلغم، سودا ۽ صفرا. انهن چئن جا اصل به چار آهن، جهڙوڪ پاڻي، باهه، مٽي ۽ هوا، ۽ انهن جي مزاج جي اختلاف ۽ اعتدال جو دارومدار وري گرمي، سردي، تري ۽ خشڪيءَ (جي ڪم و بيشيءَ) تي آهي. طب جي علم جو مقصد صرف هي آهي ته روح اندر انهن چئن طبيعتن جي اعتدال جي حفاظت ڪري، ته جيئن هي حيواني روح، انساني روح جي سواري ۽ هٿيار بنجڻ جي قابل ٿي پوي. اهو انساني روح هن جهان مان نه، بلڪ مٿئين جهان مان آهي ۽ فرشتن جي جوهر مان آهي. ان جو هن جهان ۾ اچڻ محض مسافر وانگر آهي ۽ پنهنجي ذاتي خواهش موجب هتي آيل نه آهي. ان جو هي سفر فقط هن لاءِ آهي ته هو خدائي هدايت مان پنهنجي راهه جو توشو حاصل ڪري.

هاڻي، جهڙيءَ طرح انهي حيوانيءَ  ۽ سفلي روح لاءِ اعتدال آهي، ۽ طبيب ان جي اعتدال جي اسبابن کان چڱيءَ پر واقف آهي، ته جيئن بيماريءَ کي ان کان هٽائي ۽ هلاڪت کان کيس بچائي، تهڙيءَ طرح انساني علوي روح، جو دل جي حقيقت آهي تنهن کي به اعتدال آهي. علم اخلاق ۽ (علم) رياضت، جن جي شناس شريعت مان پوي ٿي، سي ان کي اعتدال جي حالت ۾ رکن ٿا. اهو اعتال ئي سندس صحت جو باعث آهي.

هن مان معلوم ٿيو ته جيستائين آدميءَ جي روح جي حقيقت کي نه ڄاڻبو، تيسين آخرت کي به پوريءَ طرح سڃاڻي نه سگهبو. جهڙيءَ طرح پنهنجي پڇاڻ کان سواءِ حق جي پڇاڻ حاصل ڪرڻ به ناممڪن آهي تنهنڪري پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي آهي. ۽ دين جو اصل آهي ”الله ۽ آخري ڏينهن ۾ ايمان آڻڻ.“ انهيءَ ڪري ئي اسان ان معرفت کي سڀ کان اڳ جاءِ ڏني آهي.

باقي ان انساني روح جي وصفن مان هڪڙو راز رهجي ويو آهي، جنهن  جي افشاء ڪرڻ جي اجازت ناهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جي فهم اهو سهي نه سگهندا. حق تعاليٰ جي ڪلي معرفت انهيءَ راز تي منحصر آهي، ڪوشش ڪر ته پاڻهي مجاهدي ۽ طلب جي طريقي سان انهيءَ کان واقف ٿين.

  

فصل پنجون

حشر، نشر، بعث ۽ اعاده جي معنيٰ

هنن سڀني ڳالهين مان تو هي معلوم ڪري ورتو ته آدميءَ جي جان جي حقيقت بذات خود ۽ بدن بغير قائم آهي. هو پنهنجي خاص صفتن ۽ ذات جي قوام ۾ پنهنجي بدن کان بي نياز آهي. موت جي معنيٰ اها نه آهي ته آدمي نيست ۽ نابود ٿي وڃي ٿو، بلڪ ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته جسم کان سندس تصوف ٽٽي وڃي ٿو: حشر، نشر، بعث ۽ اعاده جي به اها معنيٰ نه آهي ته کيس فنا ٿي وڃڻ بعد، وري وجود ۾ آندو ويندو، بلڪ ان جو مطلب هي آهي ته کيس  هڪ قالب (جسم يا سانچو) ڏنو ويندو، جو ٻيهر ان جو تصوف کي قبول ڪري.

آدميءَ کي ٻيو دفعو زنده ڪرڻ جو هي مقصد هرگز نه آهي ته ان کي اصلوڪو جسم ٻيو دفعو ڏنو وڃي، ڇا لاءِ جو جسم ته هڪ سواري آهي. جيڪڏهن گهوڙو تبديل ڪيو ويو ته ڪو حرج نه آهي، سوار ته ساڳوئي آهي. ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين آدميءَ جا اجزا غذا جي سبب ڦرندا گهرندا رهن ٿا، ليڪن هو پاڻ ته ساڳيو ئي آهي (جو پهريائين هو).

فصل ڇهون

هن دنيا ۾ بهشت ۽ دوزخ جو مشاهدو

لهذا، يقين رک ته مرڻ (موت) سان تنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ ڪائي ڦير گهير ڪانه ٿي اچي، البت تنهنجا حواس، چرڦر ۽ خيال ختم ٿي وڃن ٿا، ۽ تون اتي اڪيلو ۽ مجرد رهجيو وڃين ٿو.

اهي ماڻهو، جي پاڻ کان ۽ پنهنجي محسوسات کان غائب ٿين ٿا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ سمائجي وڃن ٿا، ۽ الله تعاليٰ جي ياد ۾ مستغرق ٿين ٿا. انهن کي آخرت جون حالتون مشاهدي ۾ اچن ٿيون، جيتوڻيڪ انهن جو حيواني روح مزاج جي اعتدال کان ڦري نٿو وڃي. اهو ايتريقدر کٻيرو ٿي وڃي ٿو، ۽ ايتريقدر الله تعاليٰ جو خوف مٿن طاري ٿو ٿئي، جو هو پنهنجو پاڻ کي وساري ويهن ٿا سندن حالت ذري گهٽ مئن جهڙي ٿي پوي ٿي. تنهنڪري جيڪي ڪي ٻين کي مرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو هنن اڳيان انهيءَ حالت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ۽ جڏهن وري هو پنهنجو پاڻ سنڀالين ٿا، ۽ هن محسوساتي جهان ۾ اچن ٿا، تڏهن انهن کان گهڻو ڪجهه وسريو وڃي پر تنهن هوندي به قدري اثر وٽن باقي رهي ٿو. جيڪڏهن ان کي بهشت جي حقيقت ڏيکاري ويئي هوندي، ته سندس چهري تي خوشي، آرام ۽ راحت جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا، ۽ جيڪڏهن هن جي اڳيان دوزخ آندو ويو هوندو، ته ٿڪل ٽٽل ڏسڻ ۾ ايندو. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ مشاهدي مان ڪا شيءِ سندس حافظي ۾ رهيل هوندي، ته ان جي خبر ڏيندو. هوبهو، يا تمثيل طور. مثلا: هڪ دفعي رسول الله (صلم) نماز پڙهندي ٻانهن مٿي کنئي، ۽ فرمايائون ته ”هڪ انگور جو ڇڳو بهشت مان مون کي ڏيکاريائون دل گهريو ته هن دنيا ۾ کڻي اچان.“ اهو گمان نه ڪجانءِ ته جنهن حقيقت جو اهو ڇڱو مثال هو، سا دنيا ۾ آڻي سگهبي. بلڪ هي خود محال آهي، ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته ضرورت آڻي ها. پر، کين مشاهدي رستي ڪشف ٿيو هو.

مطلب ته ائين نه سمجهجانءِ ته ڪو رسول الله (صلم) اها بهشت جي خبر تقليد طور، يا جبرئيل کان ٻڌي، پوءِ ڏني، پر رسول الله (ﷺ) تحقيق بهشت کي ڏٺو. سچ ته بهشت کي هن دنيا ۾ ڏسي نٿو سگهجي، بلڪ رسول الله (ﷺ) بلاشڪ ٻئي جهان ۾ ويو، ۽ هن جهان کان غائب ٿيو. هيءَ به هڪ قسم جو معراج هو.

پر غائب ٿيڻ ٻن نمونن پر غائب ٿيڻ ٻن نمونن جو آهي، هڪ حيواني روح جي مرڻ سان، ۽ ٻيو حيواني روح جي کٻيري ٿيڻ سان. پر هن جهان ۾ بهشت کي ڏسي نٿو سگهجي جيئن ست آسمان ۽ ست زمينون هڪ پستي جي کل ۾ ماپي ڪين سگهنديون، تيئن بهشت جو هڪ ذرو به هن جهان ۾ ماپي نه سگهندو. هن جهان جي مشاهدي لاءِ حواس ئي نرالا آهن، تنهنڪري هن جهان جا حواس بهشت جي لذتن جو احساس ئي نه ڪري سگهندا.

  

فصل ستون

قبر جي عذاب جي معنيٰ

هينئر وقت آيو آهي، جو قبر جي عذاب جي معنيٰ سمجهين. هيءُ به ٻن قسمن جو آهي: روحاني ۽ جسماني. جسمانيءَ کي ته هرهڪ سمجهي ڄاڻي ٿو، جنهن پاڻ کي سڃاتو آهي ۽ پنهنجي روح جي حقيقت جي خبر اٿس ته اهو بذات خود قائم آهي، ۽ بدن کان بي نياز آهي، ۽ موت کان پوءِ به باقي آهي.

پر جڏهن موت اچي ٿو تڏهن آل اولاد، مال متاع، دوست رشتيدار، بلڪ جيڪي ڪي زمين ۽ آسمان ۾ حواسن جي رستي دريافت ٿي سگهي ٿو، سو سڀ انسان کان کسيو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن سندس دل انهن شين سان لڳل هئي ۽ سڄو ئي مٿن فدا هو، ته انهن جي جدائيءَ جي عذاب ۾ رهندو، پر جيڪڏهن انهن سڀني شين کان سندس دل کنيل هئي ۽ ساڻن ڪو عشق نه هوس، بلڪ پاڻ موت جو خواهشمند هو، ته پوءِ راحت ۽ آرام ۾ هوندو. ۽ جيڪڏهن هن الله تعاليٰ جي دوستي حاصل ڪئي هوندي، ۽ ان جي ذڪر مان اُنس پرايو هوندائين ۽ پاڻ کي ساروئي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو هوندائين، ۽ دنيا جي اسباب کان بيزار ٿيل هوندو، ته پوءِ مرڻ بعد بنان روڪ ٽوڪ جي پنهنجي معشوق وٽ پهچي ويندو ۽ وڃي پنهنجي سعادت کي رسندو.

ٿورو خيال ڪري ڏس، ته جنهن ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ سڃاڻي ورتو ته هو مرڻ بعد به زنده رهندو، ۽ سندس پياريون شيون پٺيان دنيا ۾ رهجي وينديون، ته ان کي يقين ڪرڻو پوندو ته جڏهن هوهن دنيا کان موڪلائيندو، تڏهن انهن دل وڻندين شين جي جدائيءَ سبب کيس رنج ۽ عذاب پهچندو. پر جڏهن ڪو آدمي هي سمجهي وٺي ته الله تعاليٰ ئي سندس محبوب آهي ۽ دنيا ۾ ان مقدار کان سواءِ، جو هن جو توشو آهي، ٻيون شيون سندس دشمن آهن، آهن ته کيس پڪ ٿي ويندي ته جڏهن هو دنيا کان رخصت ياب ٿيندو، تڏهن رنج ۽ غم کان ڇوٽڪارو پائيندو، ۽ آرام ۽ خوشي حاصل ٿينديس.

لهذا جنهن به هيءَ ڳالهه پروڙي ورتي، تنهن کي قبر جي عذاب ۾ ذرو به شڪ نه رهندو. مگر هي عذاب پرهيزگارن لاءِ نه، بلڪ دنيا دارن لاءِ آهي، جن پاڻ کي مطلقا دنيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 
[1]  يعني ته اهو جسم ناهي، جو ان ڏي اشارو ڪري سگهجي.
نئون صفحو —  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج – – لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
عنوان چوٿون
صفحو :8
فصل اٺون

قبر جي عذاب جي حقيقت ۽ ان جا درجا

جڏهن تو قبر جي عذاب جو اصل معلوم ڪري ورتو، ته اهو دنيا جي دوستيءَ سبب آهي، ته هاڻي تون هن ڳالهه کي به سمجهي ڇڏ ته ان عذاب جا به درجا آهن، ڪن کي عذاب ٿورو ته ڪن کي گهڻو ٿئي ٿو، ۽ ان جو سارو دارومدار دنيا سان گهٽ وڌ پيار تي آهي. تنهنڪري ان شخص جو عذاب، جو دنيا ۾ فقط هڪ شيءِ سان صحبت رکي ٿو، اهڙو نه هوندو جهڙو انهيءَ شخص جو، جنهن کي دنيا جو مال ۽ جاه، جاگيرون ۽ اسباب، ٻانها ٻيلي ۽ سڀ نعمتون موجود هجن، ۽ سڀني سان لنئون لايون ويٺو هجي. مطلب ته هرڪنهن جو عذاب ۽ راحت هُن جي دنيا سان الفت ۽ نفرت جي قدر آهر هوندا. رسول الله صلعم جن فرمايو آهي ته ”ڪافر کي قبر ۾ نوانوي نانگ پڇندا، جن مان هرهڪ نانگ کي نَو مٿا هوندا ۽ اهي کيس ڏنگيندا ۽ چوسيندا رهندا، جيستائين قيامت ڏينهن هو اُٿي.“ جيڪي بصيرت جا صاحب آهن. تن انهن نانگن کي پنهنجي اندر جي اکين سان ڏٺو آهي. ٻي بصيرت بيوقوف چوندا آهن ته ”اسان کي ته قبر ۾ ڪي نانگ نظر نٿا اچن، جيڪڏهن سچ پچ هجن ها ته اسان جون اکيون، جي بلڪل سلامت آهن، سي انهن کي ضرور ڏسن ها.“ انهن بيوقوفن کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته هي نانگ مردي جي روح جي ذات اندر آهن، ان جي جسم جي ٻاهران نه آهن، جو ٻين کي نظر اچن. بلڪ هي نانگ ته ان جي مرڻ کان اڳ به ان جي اندر ۾ موجود هئا، اگرچ اُن کي خبر ڪانه هئي. هي نانگ ان ڪافر جي صفتن مان ئي جڙيل آهن، ۽ انهن جا مٿا سندس مذموم اخلاقن جي تعداد برابر آهن، جهڙوڪ ڪينو، حسد، هٺ، طمع، مڪر، ڊوهه، دشمني، جاه ۽ حشمت جي دوستي وغِره. انهن نانگن جي اصل سرشت دنيا جي دوستي آهي، جنهن مان اهي برا اخلاق ڦٽي نڪرن ٿا، انهن نانگن جي اصليت، ۽ انهن جي مٿن جي گهڻائي يا ٿورائي، بصيرت جي نُور سان سڃاڻي سگهجي ٿي، ۽ انهن جي تعداد جي حقيقت نبوت جي نُور سان پرکي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اهي نانگ ان ڪافر جي جند کان ٻاهر هجن ها، جيئن جو عام ماڻهن ڀانيو آهي، ته ان ۾ پاڻ انهي ڪار کي آرام هجي ها، ڇا لاءِ جو آخر ته اهي نانگ گهڙي ساعت ان کي ڏنگڻ کان باز رهن ها. پر ڇاڪاڻ ته هو سندس جان جي اندر ديرو دمايون ويٺا آهن، ۽ اهي خود ان جون عين صفتون آهن، تنهنڪري انهن کان ڀڄي نٿو سگهجي.

جهڙيءَ طرح ڪو شخص ٻانهِي وڪرو ڪري ۽ پوءِ ان تي عاشق ٿي پوي، ته اهو نانگ جو کيس اندران ئي اندر ڏنگيندو رهي ٿو، سو انهيءَ ٻانهيءَ جو عشق آهي، جو ان دل ۾ لڪل هو- جنهن جي کيس انهيءَ وڪري جي واقعي کان اڳ خبر ڪانه هئي، تهڙيءَ طرح اهي نوانوي نانگ به مرڻ کان اڳ، ان جي اندر ۾ هئا، پر تيستائين ان کي خبر نه هئي، جيستائين انهن جي ڏنگ جو اثر ظاهر نه ٿيو. ۽ جهڙيءَ طرح عشق خود انهيءَ وقت تائين سندس راحت جو سبب هو، جنهن وقت تائين هو پنهنجي معشوق سان همڪنار هو، تهڙيءَ طرح، اهو ساڳيو عشق فراق ۾ ان جي تڪليف جو باعث بڻيو. جيڪڏهن عشق نه هجي ها ته هو ڪڏهن به فراق جي رنج ۽ غم ۾ نه ٿي ها. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي دوستي۽ عشق، جي زندگيءَ ۾ راحت جو سبب هئا، سي موت کان پوءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻيا. جاه ۽ جلال جو عشق، دل کي ازدها وانگي ڏنگي ٿو، مال جو عشق نانگ مثل، ۽ گهر ٻار جو عشق وڇونءَ وانگر و عليٰ هذالقياس.

جهڙيءَ  طرح انهيءَ ٻانهيءَ جو عاشق گهري ٿو ته فراق ۾ هو جيڪر پاڻ کي دريا ۾ اڇلائي ڇڏي، يا باهه ۾ ساڙي ڇڏي، يا هو گهري ٿو ته ڪوئي وڇون کيس ڏنگي ته فراق جي درد کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيس، تهڙيءَ طرح سان جنهن کي قبر جو عذاب ٿئي ٿو، ته هو چاهي ٿو ته انهيءَ رنج ۽ غم جي بدران ظاهري نانگ ۽ وڇون هجن ته چڱو، ڇاڪاڻ ته اهي رڳو جسم تي ٻاهران زخم هڻن ٿا، مگر هي قبر جا نانگ ۽ وڇون ته اندران ئي اندر جان کي ڏنگ هڻن ٿا، جن کي ظاهري اک ڏسي به نٿي سگهي.

تنهنڪري حقيقت ۾ هر آدمي پنهنجي عذاب جو سامان هتان ئي پاڻ سان کڻي هلي ٿو، ۽ سڀڪجهه سندس اندر ۾ پوشيده آهي. انهيءَ ڪري ئي حضرت نبي صلعم فرمايو آهي ته ”اهي توهان جا ئي عمل آهن، جي وري اوهان ڏي موٽايا ويندا.[1]“ ۽ انهيءَ ڪري ئي الله تعاليٰ، قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته ”تحقيق دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي[2]،“ ۽ ائين نه فرمايو اٿن ته ”گهيرو ڪندو.“

فصل نائون

قبر جي نانگن کي ظاهري اکين سان ڏسي نٿو سگهجي

شايد تون هيءَ سوال ڪرين، ته ظاهر شرع کان معلوم ٿئي ٿو ته اهي نانگ ظاهري اکين سان ڏسي سگهبا، اُهي نانگ جي جان جي اندر ٿين ٿا، سي ڏسي ڪين سگهبا. ان جو جواب هي آهي ته اهي نانگ به نظر اچي سگهن ٿا، ليڪن مئل شخص ئي انهن کي ڏسي سگهي ٿو. هن جهان ۾ رهڻ وارا انهن کي ڏسي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هُن جهان جون شيون هِن جهان جي اکين سان نٿيون ڏسي سگهجن. اهي نانگ انهيءَ شخص (مردي) کي اهڙيءَ طرح نظر اچن ٿا، جهڙيءَ طرح هو انهن کي هِن دنيا ۾ ڏسندو هو، ليڪن تون انهن کي نه ڏسي سگهندين،- جيئن ڪو شخص ننڊ ۾ گهڻو ڪري ڏسندو آهي ته کيس نانگ ڏنگي رهيو آهي، پر اهو ماڻهو جو سندس ڀر ۾ ويٺو آهي، سو ڏسي نٿو سگهي، حالانڪ ننڊ واري جي لاءِ نانگ موجود هوندو آهي، ۽ هو ان کان ايذاءُ پيو سهندو آهي، اگرچ سجاڳ لاءِ نانگ آهي ئي ڪونه. سجاڳ آدمي انهيءَ نانگ کي نٿو ڏسي، تنهنڪري ائين نه چئبو ته ڪو ننڊ واري کي گهٽ درد آهي. مثلا: هڪ ماڻهو خواب ۾ ڏسي ٿو ته کيس نانگ ڏنگي رهيو آهي. حقيقت ۾ اهو ڪنهن دشمن جو ڌڪ آهي، جو مٿس سوڀ پائڻ وارو آهي، ۽ اهو روحاني درد آهي جو دل کي رسي ٿو. پر جيڪڏهن ان جو مثال هن دنيا مان وٺبو ته اهو نانگ جو مثال آهي. ممڪن آهي ته جڏهن اهو دشمن خواب واري تي فتح پائيندو آهي، تڏهن خواب وارو چوندو آهي ته ”مون پنهنجي خواب جو تعبير ڏٺو،“ ۽ هينئن چوندو آهي ته ”شل مون کي نانگ ڏنگي ها! ۽ هي دشمن مون مان مراد نه پائي ها.“

ڇاڪاڻ ته هي دل جو عذاب ظاهري نانگ جي ڏنگ کان وڏو آهي. پر جيڪڏهن تون چوين ته هي نانگ معدوم آهي، اصل ۾ آهي ئي ڪونه، ۽ جو ڪجهه ننڊ واري کي ڏنگي رهيو آهي، سو محض هڪ خيال آهي، ته پوءِ اهڙو خيال ڪرڻ وڏي غلطي آهي، بلڪ اهو نانگ واقعي موجود آهي.

موجود جي معنيٰ آهي ”لڌل“ ۽ ”معدوم“ جي معنيٰ آهي ”اڻ لڌل“. جو ڪجهه تون خواب ۾ ڏسين ٿو اهو تنهنجي حق ۾ موجود آهي، پوءِ کڻي ٻيا ماڻهو ان کي نه ڏسي سگهن. ۽ جو ڪجهه تون نٿو ڏسين، اگرچه ٻيا سڀ ماڻهو کڻي ڏسن. سو گويا تو لاءِ ”اڻ لڌل“ يا معدوم آهي. جنهن صورت ۾ عذاب ۽ ان جو سبب ٻيئي مئل يا ستل لاءِ موجود آهن، تنهن صورت ۾ جيڪڏهن ٻيا ڏسي نه سگهن ته ڪهڙو حرج. فرق صرف ايترو آهي، جو ستل جلدي جاڳي پوي ٿو ۽ عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو، جنهنڪري ماڻهو ان کي خيالي چون ٿا، پر مئل انهيءَ حالت ۾ مبتلا رهي ٿو، ڇا لاءِ جو موت جي ڪا پڇاڙي ئي ڪانهي. انهيءَ ڪري اهو رنج ۽ عذاب ان سان گڏ دائمي گڏ رهي ٿو. ازر وي ثبات يا نا پايداريءَ جي هن دنيا جي محسوسات جو به ساڳيو حال آهي.

قرآن توڙي شريعت ۾ ائين ڪٿي ڪونه آيو آهي ته اهي نانگ ۽ وڇون جي قبر ۾ ٿين ٿا، تن کي عام ماڻهو هن ظاهري اکين سان ڏسي سگهندا. ها! جيڪڏهن ڪو شخص ننڊ ۾ هن دنيا کان بي حواس ٿي پري نڪري وڃي، ۽ ان تي ان مردي جو حال ڪشف ڪيو وڃي، ته پوءِ انهيءَ مردي کي نانگن ۽ وڇن جي وچ ۾ ڏسي سگهندو. ليڪن نبي سڳورا ۽ اولياء الله انهن (نانگن ۽ وڇن) کي جاڳندي به ڏسي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه ٻيا ماڻهو خواب ۾ ڏسن ٿا، اهو سڀ هنن کي بيداريءَ ۾ نظر اچي ٿو، ۽ هي محسوساتي جهان سندن واسطي هُن جهان جي شين ڏسڻ کان حجاب (پردو، رنڊڪ) نه آهي.

فصل ڏهون

قبر جو عذاب سڀني لاءِ ناهي

تون شايد چوين ته جيڪڏهن قبر جو عذاب هن دنيا سان دل جي لڳاءُ ڪري آهي، ته پوءِ اهڙو ماڻهو ڪونه لڀندو جو زال، اولاد، مال ۽ مرتبي جي محبت کان خالي هجي. ان ڪري هر شخص کي قبر جو عذاب ٿيندو، ۽ ڪوبه اُن کان چٽي نه سگهندو. ان جو جواب هي آهي ته اِهو ائين نه آهي، ڇا لاءِ جو دنيا ۾ ڪيترا اهڙا شخص به آهن، جي دنيا کان سير ٿي چڪا آهن، ۽ انهن لاءِ دنيا ۾ ڪابه آرام ۽ آسائش جي جاءِ نه رهي آهي، ۽ هميشه موت جي آرزو رکن ٿا. مسلمانن ۾ ڪيترائي درويش هن قسم جا آهن.

مالدار لوڪ به ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا اهڙا آهن، جي دنيا جي مال اسباب سان پيار رکن ٿا، پر هو الله تعاليٰ کي دنيوي مال ۽ دولت کان زياده پيارو سمجهن ٿا، ته پوءِ انهن لاءِ قبر جو عذاب نه هوندو. انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن شهر ۾ هڪ جاءِ آهي جنهن سان هن کي محبت هجي، پر رياست ۽ سلطنت، محلات ۽ باغ کي ان کان زياده پيارو سمجهندو هجي، ۽ جڏهن کيس بادشاهي حڪم ملي ته هو ٻئي شهر ۾ هليو وڃي ته ان کي پنهنجي وطن کان جدا ٿيڻ تي ڪو رنج نه ٿيندو، ڇا لاءِ جو گهر ٻار ۽ شهر جي دوستيءَ تي سلطنت جي محبت زياده غالب اٿس. اهڙيءَ طرح سان نبين سڳورن ۽ پرهيزگار مسلمانن کي جيتوڻيڪ زال، اولاد، شهر ۽ وطن سان دلي لاڙو هوندو آهي، ته به جڏهن الله تعاليٰ جي دوستي ۽ محبت منجهن پيدا ٿيندي آهي ۽ الاهي اُنس جو مزو ايندو اٿن، تڏهن هي سڀ شيون انهن جي نظر ۾ تڇ ٿيو پون. هي مزو موت سان پيدا ٿيندو آهي، جنهنڪري اهڙا ماڻهو قبر جي عذاب کان محفوظ رهندا آهن. ٻئي قسم جا ماڻهو وري اُهي آهن، جي دنيا ئي خواهشن کي زياده چاهين ٿا. اهي ان عذاب کان بچي نه سگهندا. ۽ اهي آهن به گهڻا. هي ماڻهو ڪنهن مدت تائين عذاب سهندا رهندا ۽ جڏهن انهن کي دنيا ڏٺي گهڻو عرصو گذري ويندو، الله تعاليٰ جي دوستي، جا سندن دلين ۾ لڪل هئي، سا وري ظاهر ٿيندي، جنهن ڪري هو ڇوٽڪاري جا مستحق ٿيندا. انهن جو مثال ان شخص جيان آهي جو هڪ گهر کي ٻئي گهر کان زياده گهري ٿو، يا هڪ شهر کي ٻئي شهر کان زياده پسند ڪري ٿو، يا هڪ عورت کي ٻيءَ عورت کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، ۽ پوءِ ان کي سندس زياده پيار واري شيءِ کان جدا ڪيو وڃي ۽ کيس ٻيءَ وٽ وڃڻو پوي، جنهن کي گهٽ گهري ٿو، ته ڪنهن زماني تائين هو وڌيڪ پياري شيءِ جي وڇوڙي جي غم ۽ ڏک ۾ رهندو، پر پوءِ اُن کي وساري ويهندو ۽ ٻيءَ سان هِري ويندو، ۽ اصل دوستي، جا هن جي دل ۾ پهرئين محبوب لاءِ هئي، سا گهڻي عرصي گذرڻ بعد، وري ٻئي محبوب لاءِ ظاهر ٿيندي.

ليڪن اهو آدمي جو خدا تعاليٰ کي اصلا دوست نٿو رکي، سو هميشه عذاب ۾ رهندو، ڇا لاءِ جو ان جي دوستي فقط انهيءَ شيءِ لاءِ هئي جا کانئس کسي ويئي (يعني دنيا لاءِ). اهڙو آدمي ڀلا ڪيئن ڇوٽڪارو لهندو؟ ڪافر کي جو هميشه لاءِ عذاب رهندو، ان جو هڪ سبب اهو به آهي. جيڪڏهن ڪو شخص دعويٰ ڪري ته مان خدا تعاليٰ کي دوست رکان ٿو، يا ان کي دنيا کان گهڻو گهران ٿو، ته اهو ته ساري جهان جو زباني مذهب آهي. اهڙي دعويٰ پرکڻ لاءِ هڪ ترازو ۽ ڪسوٽي آهي اهو هيئن آهي ته: جڏهن به نفس ۽ خواهش ان کي ڪنهن شيءَ جو حڪم ڏين ۽ الله تعاليٰ جي شريعت ان جي خلاف هجي، ته ان وقت جيڪڏهن هو پنهنجي دل کي الله تعاليٰ جي حڪم جي طرف مائل ڏسي، ته پوءِ چئبو ته هو الله تعاليٰ کي زياده ڀانئي ٿو. ٻيءَ حالت ۾ سندس دعويٰ ڪوڙي آهي.

بهرحال، هن بيان مان تو سمجهيو ته اهل حسرت پنهنجي باطن سان ڏسي سگهن ٿا ته ڪير قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو، ۽ هو خوب ڄاڻن ٿا ته گهڻا ماڻهو ڇٽي نه سگهندا، پر عذاب جي عرصي ۽ سختيءَ ۾ گهڻو فرق هوندو، جيئن دنيا سان لڳ لاڳاپن ۾ به گهڻو فرق آهي.

فصل يارهون

قبر جي عذاب کان ڇوٽڪاري جي واٽ

شايد ڪي احمق ۽ مت موڙهيل هيءَ دعويٰ ڪن ته جيڪڏهن قبر جو عذاب هيءَ آهي، ته پوءِ اسين سلامت آهيون، ڇا لاءِ جو اسان جو هن دنيا سان ڪو تعلق ڪونهي، ۽ دنيا جو هجڻ نه هجڻ اسان لاءِ برابر آهي. پر جيستائين هو پاڻ کي نه آزمائين، ايستائين انهن جي هيءَ دعويٰ اجائي آهي. جيڪڏهن واقعي اهڙو شخص آهي جنهن جو سڀ مال چوري ٿي وڃي ۽ جا مقبوليت ۽ شهرت حاصل اٿس، سا ڪنهن ٻئي جي نصيت ۾ هلي وڃي، ۽ ان جي مڙئي پوئلڳ کانئس منهن ڦيري وڃن ۽ سندس گلا ڪن، ۽ باوجود انهن سڀني ڳالهين جي سندس دل ۾ ڪجهه به رنج ۽ غم جو اثر نه ٿئي، ۽ هن جي لاءِ هي واقعو اهڙو هجي، جيئن ڪنهن ٻئي جو مال چوري ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن ٻئي جي عزت لُٽجي ويئي آهي، ته پوءِ هو پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي، پر جيستائين سندس مال چوري نه ٿيو آهي، ۽ سندس مريد کانئس بگڙي نه ويا آهن، تيستائين ته هو رولي ۾ آهي. لهذا آدميءَ کي جڳائي ته مال کي پاڻ کان جدا ڪري، ناموس کان پري ڀڄي ۽ پاڻ  کي آزمائي، ۽ پوءِ اهڙو ڀروسو رکي. گهڻا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو سمجهندا آهن ته انهن کي زال يا ٻانهيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي، پر جڏهن زال کي طلاق ڏيندا آهن يا ٻانهيءَ کي وڪڻندا آهن، تڏهن اها عشق جي باهه سندين دلين ۾ لڪل هوندي آهي، سا ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي آهي، ۽ هو چريا ٿي ان ۾ جلندا آهن.

تنهنڪري جيڪڏهن ڪو چاهي ته قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو پائي، ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان ضرورت کان وڌيڪ ناتو نه رکي. پر جيڪڏهن دل کي انهن لاڳاپن کان خالي ڪري نٿو سگهي، ته کيس جڳائي ته دائما خدا جي بندگيءَ ۽ ذڪر ۾ مشغول رهي ۽ ذڪر جي آنس کي پنهنجيءَ دل تي غالب ڪري، تان جو الله تعاليٰ جي دوستي دنيا جي دوستيءَ تي غالب پئجي وڃي. شريعت جي پوري تابعداري ڪري ۽ الله تعاليٰ جي حڪم کي مقدم رکي. جيڪڏهن نفس سندس اطاعت مڃي، ته پوءِ ڀلي ڀروسو ڪري، ته کيس قبر جي عذاب کان نجات ملندي. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ نفس سرڪش رهيو، ته پوءِ قبر جي عذاب لاءِ تيار رهي، اِلاّ مَاشاءَ الله.

فصل ٻارهون

روحاني دوزخ ۾ ٽن قسمن جي باهه

هاڻ وقت آيو آهي ته اسين ”روحاني دوزخ“ جي حقيقت کي سمجهايون. ”روحانيءَ“ مان مراد هي آهي ته اهو جنهن جو تعلق خاص روح سان هجي، ۽ نه جسم سان. ”الله تعاليٰ جي ڀڙڪايل باهه، جا دلين تي ظاهر ٿيندي[3]، تنهن مان مراد اهو روحاني دوزخ آهي، جنهن جي باهه جو غلبو دل تي هوندو. اُها باهه جا بدن کي چهٽي پوي ٿي، تنهن کي ”جسماني دوزخ“ چوندا آهن.

ڄاڻڻ گهرجي ته ”روحاني دوزخ“ ۾ به ٽن قسمن جي باهه ٿيندي: هڪڙي دنيوي خواهشات کان وڇوڙي جي باهه، ٻي رسواين ۽ شرمندگين جي باهه، ۽ ٽين حضرت اِلاهيءَ جي جمال کان محروميءَ ۽ نااُميديءَ جي باهه. انهن ٽنهي باهين جو تعلق دل ۽ جان سان آهي ۽ نه جسم ساڻ. انهن باهين جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آهي ته هو انهن باهين مان ڪهڙي کي هتان (هن دنيا مان) پاڻ سان کڻي هلن ٿا. هرهڪ جي معنيٰ هڪ دنيوي مثال جي ذريعي پيش ڪنداسين، ته جيئن حقيقت تان پردو کڄي وڃي.

پهرينءَ باهه جي صفت جا دنيا جي خواهشن کان جدائيءَ جي باهه آهي، ان جو سبب قبر جي عذاب واري باب ۾ بيان ڪيو ويو. آدمي جيستائين پنهنجي معشوق سان گڏ آهي تيستائين ڄڻڪ بهشت ۾ آهي، ۽ جڏهن ان (معشوق) کان جدا ٿئي ٿو ته گويا دوزخ ۾ آهي، تنهنڪري دنيا جو عاشق دنيا سان گڏ بهشت آهي (الدنيا جنته الڪافر)، ۽ آخرت ۾ هو دوزخ ۾ آهي، ڇا لاءِ جو ان جو معشوق (يعني دنيا) کانئس کسيو وڃي ٿو. هاڻي هڪڙي ئي شيءِ لذت جو سبب به آهي ته وري رنج جو باعث به، ليڪن ان جون ٻه مختلف حالتون آهن:

دنيا ۾ ان باهه جو مثال هن طرح کڻي سمجهو ته هڪڙو بادشاهه روءِ زمين جو مالڪ آهي ۽ سندس ماتحت خوبصورت زالون، ٻانهيون، باغ، محلات، مطلب ته هر شيءِ آهي. اوچتو هڪ غنيم اچي کيس قيد ڪري پنهنجو غلام بنائي ٿو ۽ سندس رعيت جي اکين آڏو کيس ڪنن جي سنڀال جو ڪم سپرد ڪري ٿو. هاڻي تون خيال ڪري ڏس ته انهيءَ بادشاه کي ان ڪري ڪيترو نه رنج هوندو، ۽ پنهنجي هر قسم جي نعمتن جي باهه کيس ڪيتريقدر نه جلائيندي هوندي! هو ضرور چاهيندو ته کيس هڪدم ختم ڪيو وڃي يا سندس جسم تي ايتريقدر عذاب سٿيو وڃي جو انهيءَ رنج کان ڇٽي پوي. جيتري نعمت وڌيڪ هونديس، ۽ ولايت وڌيڪ صاف ۽ دلپذير، اوتري هيءَ باهه هن لاءِ زياده تيز هوندي. پوءِ جيتريقدر ڪنهن جي مزن جي حد دنيا ۾ ڪشادي هوندي، ۽ جيتريقدر دنيا اُن سان وڌيڪ نباهيو هوندو، اوتريقدر ان جو عشق ڏاڍو هوندو، ۽ اوتريقدر فراق جي باهه ان جي دل اندر وڌيڪ ساڙيندي هوندي.

هيءُ مثال آهي هڪ باهه جو. ممڪن ناهي جو ان باهه جو مثال هن جهان ۾ ملي سگهي، ڇا لاءِ ته هن جهان ۾ جيڪو رنج دل کي رسي ٿو، سو جلدئي زائل ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو حواس ۽ هن جهان جا ڌنڌا، جي دل لاءِ هڪ حجاب آهن، کيس مشغول رکن ٿا ۽ انهيءَ ڪري هي عذاب منجهس ممڪن نٿو ٿئي. انهيءَ سبب ڪري جڏهن ڪو مصيبت زده ننڊ ڪري اٿندو آهي، ۽ سنديس طبيعت صاف هوندي آهي، تڏهن مصيبت جو زخم دل کي وڌيڪ ڏکوئيندو اٿس، ۽ محسوسات ڏي موٽڻ کان اڳ مٿس زياده اثر ڪندو آهي. مثلا ننڊ مان اُٿڻ وقت جيڪڏهن ڪو مٺو آواز ٻڌندو ته وڌيڪ متاثر ٿيندو ان جو سبب دل جي محسوسات کان صفائي آهي، جا هن جهان ۾ پوريءَ  طور حاصل نه ٿيندي آهي. مگر آدمي جڏهن مري ٿو، تڏهن محسوسات جي اثر کان صاف ۽ مجرد ٿيو پوي ٿو، ۽ رنج ۽ راحت سندس دل تي وڏو اثر پيدا ڪن ٿا. متان ائين سمجهين ته اها باهه هن دنيا جي باهه وانگر هوندي آهي، بلڪ ان باهه کي ستر دفعا پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ هن جهان ڏانهن موڪليو ويو آهي.

ٻيءَ باهه جي صفت: اها بڇڙاين سبب شرم ۽ پڇتاءُ جي باهه آهي، ان جو مثال ائين آهي ته جيئن ڪو بادشاهه ڪنهن حقير ۽ خسيس شخص کي عزت ڏئي، ۽ پنهنجي ملڪ جي نائبي ان جي حوالي ڪري ٿو، ۽ پڻ پنهنجي حرامسراءِ سان واقفي ڪرائي ٿو، جيئن ڪوبه، کانئس پردو نه ڪري، ۽ پنهنجا مال خزانا ان جي حوالي ڪري، اُن تي سڀني ڪمن ۾ ڀروسو رکي ٿو. اهو ڪميڻو جڏهن انهن نعمتن کي حاصل ڪري وٺي ٿو، تڏهن پنهنجي اندر ۾ بادشاهه کان باغي ۽ سرڪش ٿي پوي ٿو- خزاني ۾ بيجا تصرف ڪري ٿو ۽ سندس حرمسراءِ ۾ خيانت ۽ بدمعاشي ڪري ٿو، مگر ظاهري طرح پاڻ کي بادشاه جو امانتدار ثابت ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن خيانت ۽ بدمعاشي ڪندي ڏسي ٿو ته بادشاهه بيٺو دريءَ کان ڏانهس نهاري، ۽ هي به سمجهي وڃي ٿو ته شايد بادشاه هر روز کيس اهڙيءَ طرح تاڙي رهيو آهي: ۽ دير انهيءَ لاءِ ڪئي اٿس ته ڀلي سندس خيانت اڃا به وڌي ته کيس عبرت جهڙي سزا ڏيئي ماري برباد ڪري. هاڻي، تون قياس ڪر ته ان حالت ۾ رسوائيءَ کان جا شرم جي باهه ان جي دل ۽ جان ۾ ڀڙڪندي سا ڪهڙي هوندي! ڇا هو هيءُ نه چاهيندو ته جيئري ئي زمين کيس جاءِ ڏئي، ته ان ۾ پيهي، وڃي، ته جيئن هن لڄ ۽ خواريءَ جي باهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري؟

اهڙيءَ طرح، تون جو به ڪم هن جهان ۾ پنهنجي عادت کان ڪرين ٿو، جو ظاهريءَ طرح تي توکي چڱو نظر اچي ٿو، پر ان جي حقيقت ۽ اصليت بُري ۽ رسوا ڪندڙ آهي، قيامت ڏينهن جڏهن ان جي حقيقت تنهنجي اڳيان کلندي، تڏهن تنهنجي رسوائي پڌري ٿيندي ۽ تون ندامت جي باهه ۾ جلي مرندين.

ٽينءَ باهه جي صفت: اها حضرت الاهيءَ جي ديدار کان محروم رهڻ ۽ سعادت حاصل ڪرڻ کان نا اُميديءَ جي باهه آهي. ان جو ڪارڻ نابينائيءَ ۽ جهالت آهي جنهن کي آدمي پاڻ سان هن جهان مان کنيو ٿو هلي، ڇا لاءِ جو هن الله تعاليٰ جي معرفت حاصل نه ڪئي هئي، ۽ مجاهدي سان پنهنجي دل کي صاف نه ڪيو هو ته جيئن مرڻ بعد حضرت الاهيءَ جو جمال ان ۾ بکي، جيئن صاف آئني ۾ بکندو آهي- بلڪ پنهنجي دل جي آئيني کي گناهن ۽ دنياوي خواهشن جي ڪٽ سان ڪارو ڪري ڇڏيو هئائين، جنهنڪري سندس دل انڌائيءَ ۾ رهجي ويئي.

ان باهه جو مثال ائين آهي، جيئن تون ڪجهه ماڻهن سان انڌيري رات ۾ هڪ جڳهه تي پهچين، جتي اڪيچار پٿر هجن، جن جو رنگ تون ڏسي نه سگهين، تنهنجا ساٿي توکي چون ته ”جيترا ٿي سگهن اوترا پٿر کڻي هل، ڇو جو اسان ٻڌو آهي ته هي نهايت قيمتي آهن، ۽ انهن ۾ گهڻو فائدو آهي.“ پوءِ انهن مان هرهڪ جيترا کڻي سگهي ٿو اوترا کڻي ٿو، ۽ تون انهن مان هڪ به نٿو کڻين ۽ چوين ٿو ته ”هيءَ وڏي بيوقوفي آهي جو ايتري مصيبت برداشت ڪريان ۽ هيترو سارو ڳرو بار پاڻ تي کڻي هلان، ۽ خود اها خبر نه آهي ته سڀاڻي هي ڪم ايندا يا نه.“ تنهنجا ساٿي ته پوءِ بار کڻي روانا ٿين ٿا ۽ تون انهن سان گڏ خالي هٿين موٽين ٿو، ۽ مٿن کل ۽ ٺٺولي ڪندو ٿو اچين، ۽ چوين ٿو ته ”افسوس، جنهن کي عقل ۽ سمجهه آهي اهو مون وانگر آرام سان سولو هلي ٿو، ۽ جو نادان آهي، سو پاڻ کي اجائي طمع ۾ گڏهه ڪري بوجو کڻي ٿو. جڏهن روشنيءَ ۾ پهچن ٿا تڏهن کين معلوم ٿئي ٿو ته اِهي پٿر جواهر ۽ ڳاڙها يا قوت آهن، جن مان هرهڪ جي قيمت هڪ لک دينار آهي. اتي اهي ماڻهو حشرت کائين ٿا ته اڃا ڇو نه پاڻ سان زياده پٿر کڻي آياسون، ۽ پوءِ تون پنهنجي غفلت کان ته ”ڇو نه کنيم“ ارمان ڪندين، ۽ حسرت جي باهه تنهنجي جان ۾ ڀڙڪندي. تنهنجا ساٿي اهي هيرا لعل وڪڻي روءِ زمين جي بادشاهي ماڻين، ۽ جيڪي نعمتون چاهين حاصل ڪن. ۽ جتي چاهين اتي رهن ۽ توکي غلام بنائي بکيو، اڃيو ۽ اگهاڙو رکن، ۽ تون انهن کي ڪيتري به منٿ ڪرين ته انهيءَ نعمت مان مون کي ڪو ذرو ڏيو، ته هو چون ته ”ڪالهه تون اسان تي ٿي کلئين، اڄ اسين توتي ٿا کلون.“

هي آهي مثال بهشت، جي نعمت ۽ حق تعاليٰ جي ديدار کان محروم رهڻ جي حسرت جو، هيءُ هيرا ۽ لعل مثال آهن عبادتن جو، ۽ اونداهي مثال آهي دنيا جو. پوءِ جن به عبادت جا هيرا ۽ لعل دنيا مان پاڻ سان نه کنيا ۽ چيائون ته اُڌاري نعمت جي آسري تي روڪڙو ڪشالو ڇو ڪڍون، اهي سڀان، قيامت ڏينهن دانهن ڪندا ۽ پڪاريندا ته ”اسان جي مٿان به ڪجهه پاڻي وهايو[4] (پنهنجن نعمتن مان ڪجهه ڏيو). ۽ ڇو نه حسرت کائين، جو سڀاڻي اهل طاعت ۽ اهل عبادت تي ايترين سعادتن ۽ الاهي نعمتن جي باراني ٿيندي، جو انهن جي اڳيان هن دنيا جون سڀيئي راحتون هڪ ساعت جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هونديون، بلڪ اهو شخص جنهن کي دوزخ مان سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ڪڍندا تنهن کي به ايتريون ته نعمتون ڏنيون وينديون، جو دنيا جي نعمتن کان ڏهوڻيون هونديون.

فصل تيرهون

روحاني باهه جسماني باهه کان وڌيڪ دردناڪ آهي

تو انهن ٽنهي قسمن جي روحاني باهين کي سمجهي ورتو، هاڻ هيءُ به سمجهي ڇڏ ته هيءَ باهه جسماني باهه کان گهڻو تيز آهي، ڇا لاءِ جو جسم کي تڪليف جو احساس ان وقت تائين نٿو ٿئي، جيستائين ان جو اثر جان تائين نه پهچي. تنهنڪري جسم جي تڪليف به جان (روح) ۾ پهچي وڃڻ سان وڌي وڃي ٿي.

پوءِ اها باهه ۽ اهو درد، جو جان (دل، روح) جي وچان ٻاهر اچي ٿو، سو لازما گهڻو زياده آهي. هيءَ باهه جان جي اندران ئي لڳي ٿي، ٻاهران ڪانه ٿي اچي.

انهن سڀني ڏکن سورن جو سبب هي آهي ته اها شيءِ جا دل جي طبع جي خلاف آهي، سا دل تي غلبو ڪري ٿي، مثلا: بدن جي طبيعت جي تقاضا هيءَ آهي ته ان جي هيءَ ترڪيب (جوڙجڪ) ساڻس گڏ سلامت رهي، ۽ ان جا سمورا عضوا هڪٻئي سان بدستور ڳنڍيل رهن. جڏهن جراحت (وڍڻ) جي ڪري هڪ عضوو ٻئي کان علحدو ٿي وڃي ٿو، جا ڳالهه ان جي طبيعت جي مخالف آهي، تڏهن بدن کي تڪليف پهچي ٿي. اهڙيءَ طرح سان جنهن شيءِ جي دل تقاضا ڪري ٿي، ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڪا ٻي مخالف شيءِ اچي جڳهه والاري ته ان ڪري دل کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.

هاڻ دل جي تقاضا آهي الله تعاليٰ جي معرفت ماڻڻ ۽ سندس ديدار پسڻ. جيڪڏهن معرفت ۽ بينائيءَ جي بجاءِ ان جو ضد يعني نابينائي اچي ان جي جڳهه تي قبضو ڪري، ته پوءِ دل جي درد جي ڪا حد ئي ڪانه رهندي. جيڪڏهن ماڻهن جون دليون هن دنيا ۾ بيمار نه هجن ها، ته موت کان اڳ ۾ ئي نابينائيءَ جي درد جي خبر پئجي وڃين ها. جهڙيءَ طرح، هٿ پير کٻيرا ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ سُومت پيدا ٿيندي آهي، ته ڏنڀ جي درد جو به احساس نه ٿيندو اٿن، پر جڏهن انهن مان ساڻائي نڪري ويندي آهي، تڏهن سخت سُور ٿيندو اٿن. تهڙيءَ طرح آدمين جون دليون به هن جهان ۾ کٻيريون ۽ بيحس ٿي وڃن ٿيون اها کٻيرائي ۽ بي حسي موت وقت هلي وڇي ۽ يڪلخت هيءَ باهه اندر مان ڀڙڪو کائي ٿي نڪري. اها باهه ڪنهن ٻئي طرف کان نٿي اچي، بلڪ اها دل ۾ آهي، جا آدمي پاڻ سان همراهه کنيو وتي، پر جيئن ته کيس علم اليقين نه هو، تنهنڪري ان کي ڏسي نه سگهيو، ۽ هاڻي جڏهين کيس عين اليقين حاصل ٿيو، تڏهن ان کي خوب سمجهيائين[5].

شريعت، جو جسماني دوزخ ۽ بهشت جي شرح ۽ صفت زياده بيان ڪئي آهي، سو هن ڪري جو سڀڪوئي ان کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پر جيڪڏهن روحاني دوزخ ۽ بهشت بابت ڪنهن جي اڳيان ڳالهه ڪبي، ته هو ان کي هڪ معمولي ڳالهه ڪري سمجهندو، ۽ ان جي سختيءَ ۽ عظمت جي پروڙ نه پونديس. مثلا: جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي چيو وڃي ته ”تون ڪجهه سک، نه ته تنهنجي پيءُ جي رياست ۽ ولايت توکي نه ملندي ۽ تون انهيءَ سعادت کان محروم رهجي ويندين،“ ته هو اها ڳالهه سمجهي نه سگهندو، ۽ سندس دل تي ڪوبه اثر نه پوندو، پر جيڪڏهن کيس چيو وڃي ته ”جيڪڏهن تون نه پڙهندين ته استاد تنهنجو ڪن مهٽيندو،“ ته هو ان کان ڊڄي ويندو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ ڳالهه جو پورو احساس آهي، هاڻي جهڙيءَ طرح استاد جي گوشمالي حق آهي، ۽ بي ادب ٻار جو پنهنجي پيءُ جي رياست کان محروم رهڻ حق آهي، تهڙيءَ طرح جسماني دوزخ حق آهي، ۽ الله تعاليٰ جي جمال جي ديدار کان محروم رهڻ جي باهه حق آهي، ۽ جهڙيءَ طرح گوشمالي، رياست ۽ ولايت کان محروم رهڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سزا نه آهي، تهڙيءَ طرح جسماني دوزخ به روحاني دوزخ اڳيان هڪ معمولي شيءِ آهي.

فصل چوڏهون

ٿوري گمان تي آخرت جو انڪار ڪرڻ روا ناهي

گهڻا نادان جن کي نه هيءَ طاقت آهي ته پنهنجي بصيرت سان ڪمن کي سمجهن ۽ نه وري اها توفيق اٿن جو شريعت کي قبول ڪن، سي آخرت جي ڪمن ۾ حيران رهن ٿا ۽ شڪ هيٺ آهن. ليڪن، ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته جڏهن خواهش انهن تي غلبو ڪري ٿي، تڏهن پنهنجي طبع جي تقاضا موجب آخرت جو انڪار ڪري ٿا ڇڏين، پوءِ سندن اهو انڪار، انهن جي اندر ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ شِطان هروقت ان جي پرورش ڪندو رهي ٿو. هو هيءُ ڀائيندا آهن ته جو ڪجهه دوزخ جي متعلق آيو آهي، سو محض ڊيڄارڻ واسطي آهي، ۽ جو ڪجهه بهشت بابت آيل آهي، سو رڳو دوکو آهي. انهيءَ سبب ڪري هو پنهنجي خواهش جا پيرو بڻجي، شريعت کان منهن موڙين ٿا. نه فقط ايترو، پر اهي، شريعت جي پيروي ڪن ٿا تن کي حقارت جي نظرن سان ڏسن ٿا ۽ چون ٿا، ته اهي دوکي ۾ آهن. اهڙن احمقن کي اها قوت ڪٿي آهي، جو اهڙن رازن کي دليلن سان سمجهي سگهن. اهڙن ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي دعوت ڏجي ته اچي ڪنهن هڪ ظاهر ڳالهه تي غور ڪري، ۽ کيس چيو وڃي ته ”جيڪڏهن تنهنجو گمان غالب هيءُ آهي ته هڪ لک ۽ چوويهه هزار پيغمبر، مڙيئي عالم، حڪيم ۽ ولي غلطيءَ ۽ دوکي هيٺ آيل هئا، ته ڇا، تو باوجود هيتريءَ ساريءَ بيوقوفيءَ ۽ غرور هوندي به انهيءَ حال کي سمجهيو آهي! ممڪن آهي ته هيءَ غلطي ۽ دوکو توکان ئي هجي، جو آخرت جي حقيقت کي سمجهي نه سگهيو آهين. ۽ نه وري روحاني عذاب کان ئي واقف ٿي سگهيو آهين، ۽ هن محسوسات جي جهان ۾ روحانيات جي مثال کي فهم ۾ آڻڻ کان عاجز ٿي پيو آهين.“ هاڻ جيڪڏهن ڪو اهڙو بيوقوف آهي جو ڪنهن به طرح پنهنجي غلطيءَ کي نٿو مڃي، ۽ چوي ٿو ته ”جهڙيءَ طرح ٻه هڪ کان وڌيڪ آهن، تهڙيءَ طرح آءٌ يقيناً سمجهان ٿو ته روح جي ڪا حقيقت ڪانهي ۽ نه وري ان کي ڪو بقا آهي، ۽ مرڻ کان پوءِ روحاني ۽ جسماني عذاب ۽ راحت آهي ئي ڪانه،“ ته پوءِ اهڙي آدميءَ جو مزاج بگڙي چڪو آهي، ۽ انهيءَ کان نااميد ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو هو انهيءَ ٽولي مان آهي، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”جيڪڏهن تون (اي محمد) انهن کي هدايت جي طرف سڏيندين ته هو هرگز رستو نه پائيندا[6]. جيڪڏهن هو چوي ته ”انهن ڳالهين جي محال هجڻ جي مون کي ڪا پڪ ڪانهي، پوءِ کڻي اُهي ممڪن به هجن، پر سمجهه کان گهڻو پري آهن، ۽ جيئن ته هن حال جي حقيقت (اصليت) مون کي معلوم نه آهي، ۽ نه وري ڪو غالب گمان سان ئي معلوم اٿم، ته پوءِ ڇو هڪ ڪمزور گمان تي لڳي پنهنجي سڄي عمر پرهيزگاريءَ جي دامن ۾ گذاريان ۽ دنيا جي لذتن کان باز رهان؟ اسين کيس چونداسون ته ”جڏهن تو هن قدر جو اقرار ڪيو آهي ته هاڻي عقل جي لحاظ کان توتي واجب ٿي ويو آهي ته تون هن شريعت جي رستي کي اختيار ڪرين، ڇا لاءِ، جو جڏهن خطرو وڏو هوندو آهي، تڏهن محض ضعيف گمان تي ئي ماڻهو ان کان ڀڄندا آهن: مثلاً، جڏهين تون کاڌي کائڻ جو خيال ڪرين ۽ ان وقت ڪو توکي هيئن ٻڌائي ته نانگ انهيءَ ۾ منهن وڌو آهي، تڏهن تون فوراً پنهنجو هٿ ان (کاڌي) کان هٽائيندين، جيتوڻيڪ گمن هيءُ هجي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ۽ هو اهو ڪوڙ انهيءَ لاءِ ٿو ڳالهائي ته جيئن هو اهو کاڌو خود کائي. هي به ممڪن آهي ته هو سچ چوندو هجي، ۽ ان حالت ۾ تون دل ۾ خيال ڪندو هوندين ته جيڪڏهن کاڌو کڻي نه کائيندس ته بک جي تڪليف سهڻ آسان آهي، پر جي کائيندس ته ٿي سگهي ٿو ته هن سچ چيو هجي، ۽ مان مري وڃان. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون بيمار ٿي پوين ۽ مرڻ جو خطرو اچي ورائيئه، ۽ ان وقت ڪو تعويذ نويس توکي هيئن چوي ته مون کي هڪ چانديءَ جو درم ڏي ته توکي اهڙو تعويذ لکي ڏيان، جو تون تندرست ٿي آئين، ته ان وقت اگرچه تنهنجو غالب گمان ته هي هوندو ته نقشُ، تندرستي سان ڪائي نسبت نٿو رکي، مگر وري به خيال ڪندين ته ٿي سگهي ٿو، ته هو سچ چوندو هجي ۽ چانديءَ جو هڪ درم ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توکي هڪ نجومي هيئن چوي ته جڏهن چنڊ فلاڻي هنڌ تي پهچي، تڏهين تون فلافي ڪڙي دوا کائي ڇڏج، ته تون نو بنو ٿي پوندين، ته نجوميءَ جي چوڻ تي تون ڪڙي دوا کائڻ جي تڪليف برداشت ڪندي ۽ چوندين ته شايد سچ چوندو هجي، ۽ جي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ته دل ۾ چوندين ته هيءَ معمولي ڳالهه آهي.

هاڻي، هڪ عقلمند جي نزديڪ هڪ لک چوويهه هزار نبين، سڀني حڪيمن، عالمن ۽ ولين جو قول ڪنهن نجوميءَ، تعويز نويس ۽ نصراني طبيب جي قول کان گهٽ هرگز نه هوندو.

جيڪڏهن ڪو حساب ڪري ته دنيا جي عمر ڪيتري آهي، ۽ ابد، جنهن جي انتهائي ڪانهي، ڪيترو آهي، ته سمجهي ويندو ته شريعت جي پيروري ڪرڻ ۾ جا تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي، سا ان وڏي خطري جي ڀيٽ ۾ بلڪل گهٽ آهي. خودبخود چوندو ته جيڪڏهن نبين سڳورن سچ چيو، آهي ته مان انهيءَ عذاب ۾ هميشه (ابد تائين) رهندس، ته پوءِ ڪاڏي ويندس ۽ هيءَ دنيا جي چند ڏينهن واري راحت مون کي ڪهڙو فائدو ڏيندي: ۽ ممڪن آهي ته اهي (نبي سڳورا) سچ چوندا هجن!“

ابد جي معنيٰ ته هيءَ آهي ته جيڪڏهن ساريءَ دنيا کي کڻي ٻاجهريءَ جي داڻن سان ڀرجي، ۽ ڪنهن پکيءَ کي چيو وڃي ته هزارين سالن بعد هڪڙو داڻو چُڳي، جيئن اها داڻا به سڀ ختم ٿي وڃن ته به ابد مان ڪجهه به گهٽ نه ٿيندو (۽ اهو جيئن جو آهي تيئن رهندو). ايترو سارو عرصو عذاب ۾ گذارڻ، پوءِ اهو عذاب خواهه روحآني هجي خواهه جسماني يا خيالي، ڪيئن برداشت ڪري سگهبو، ۽ دنيا جي زندگي ان جي مقابلي ۾ ڪيتريقدر هوندي؟ ڪوبه سمجهدار اهڙو نه هوندو جو هن ڳالهه تي غور ڪري ۽ نه سمجهي ته اهڙي وڏي خطري کان احتياط ڪرڻ ۽ بچڻ واجب آهي، پوءِ کڻي ڪيترو به ڪشالو ڪڍڻو پوي. ماڻهو واپار جي خاطر سمنڊ جي مساري ڪن ٿا ۽ محض نفعي لاءِ بيشمار تڪليفون سهن ٿا، جو سردست سندن سڀ گمان آهي. جيڪڏهن ماڻهو کي آخرت جو يقين نه آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور گمان ته آهي. تنهنڪري جيڪڏهن هن کي پنهنجي حال تي رحم آهيم ته انهيءَ گمان کان ئي شريعت جي تابعداري ڪرڻ گهرجيس.

هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجه ڪنهن ڪافر يعني خدا جي منڪر سان مناظرو پئي ڪيو. چيائين ته جيڪڏهن ائين کڻي هجي جيئن تون ٿو چوين (يعني خدا ڪونه آهي)، ته پوءِ مان به بچي ويس ۽ تون به بچي وئين، پر جيڪڏهن ائين آهي جيئن مان چوان ٿو (يعني ته خدا آهي)، ته پوءِ مان بچي ويس ۽ تون ڦاسي وئين ۽ هميشه عذاب ۾ رهندين.“ هاڻي هيءَ ڳالهه جا حضرت امير المومنين فرمائي، اها هن سبب ڪري نه هئي ته ڪو کين الله تعاليٰ جي ذات ۾ شڪ هو، مگر اها گفتگو ان ملحد جي عقل جي مطابق هئي، ڇا لاءِ جو پاڻ سمجهيائون ٿي ته يقين جو رستو ان کي سمجهه ۾ نه اچي سگهندو.

تنهنڪري توکي ڄاڻڻ گهرجي ته اهو، جو دنيا ۾ آخرت جي توشي هٿ ڪرڻ کان سواءِ، ٻين شين ۾ مشغول آهي، سو وڏو بيوقوف آهي. ان جو سبب آهي غفلت ۽ ناعاقبت انديشي، ڇاڪاڻ ته دنيا جون خواهشون کيس انهيءَ ڳالهه بابت غور ڪرڻ جي مهلت ئي نٿيون ڏين. نه ته اهو ماڻهو جو آخرت (جي عذاب) تي يقين رکي ٿو، ۽ اهو جنهن جو گمان غالب آهي ۽ اهو جنهن جو گمان ضعيف آهي، عقل جي نگاهه کان انهن سڀني تي واجب آهي ته هن وڏي خطري کان حذر ڪن، ۽ احتياط ۽ امن وارو رستو اختيار ڪن، نه سلامتي پائيندا.

 
[1]  الما هِيءَ اَحمَلڪُم تُرَد اِلَڪُم. (2) اِن جهنَم لَمُحيِطتُه بالکافِريِن.
 
[3]  قرآن مجيد: نَارُ اللهّ الّموُ قدتهُ الّتني تطلِعُ علي الافّئدته
[4]  قرآن مجيد: اُفيضوا علينا الماء.

 
[5]  قرآن مجيد جي هن اُپت ڏانهن اشارو آهي! ڪلاّ لَوّ. تَعّلَمُوّن عِلّم اَليَقِيّنِ لَنَروُنّ الّجَحيمَ ثمّ لَتَروُنّها عَيّنَ الُيقَيّن.

 
[6]  قرآن مجيد: وَء اِنّ تَدعُهُمّ اِلَي الّهّدي فلن بّهُنّدُ واّ اذاَ اَبَداّ.

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
رڪن ٽيون
صفحو :9
 رڪن ٽيون

نفس جي رياضت

چڱو خلق پيدا ڪرڻ ممڪن آهي

گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جهڙيءَ طرح آدمي پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت کي بدلائي نٿو سگهي (جيئن ته ڇوٽو وڏو ٿي نٿو سگهي، ۽ نه بدشڪل حسين بڻجي سگهي ٿو)، تهڙيءَ طرح اخلاق، جي باطن جي شڪل آهن، بدلجي نٿا سگهن. هيءَ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ائين هجي ها ته پوءِ تاديب، رياضت، نصيحت ۽ نيڪ وصيت سڀ رائگان وڃن ٿا.

پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي ته ”پنهنجا اخلاق بهتر بنايو.“ ۽ ٻئي ڪندي، اِهو ڪيئن بحال ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسين خود ڏسون ٿا ته رياضت سان جانور کي به سرڪشيءَ کان باز رکي سگهجي ٿو. هاڻي ڪن حآلتن ۾ آدمي بيوس آهي: مثلا، ان جي فطرت مان غصي ۽ خواهش جي پاڙئي پَٽي ڪڍڻ ممڪن نه آهي، ليڪن رياضت وسيلي ان کي اعتدال جي حد تي آڻڻ ممڪن آهي- ۽ هيءَ ڳالهه تجربي هيٺ اچي چڪي آهي. ان هوندي به ڪن ماڻهن ۾ اهڙو ڦيرو آڻڻ به سخت دشوار آهي. جو شخص ڪنهن بري خلق کي ڇڏڻ چاهي ته ان لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته جنهن ڳالهه کي بدخلق کيس همٿائي، هو هميشه ان جي خلاف عمل ڪري، ڇا لاءِ جو (نفساني) خواهش کي، سواءِ ان جي مخالفت جي، ٻي ڪا شيءِ ٽوڙي نٿي سگهي. هر شيءِ کي ان جو ضد ئي ٽوڙي سگهي ٿو، جيئن ته اها بيماري جا گرميءَ کان پيدا ٿي آهي تنهن کي سرد شين وسيلي ئي دفع ڪري سگهجي ٿو. جو شخص پاڻ ۾ نيڪ ڪمن جي عادت وجهي ٿو، ته ان ۾ نيڪ اخلاق پيدا ٿين ٿا شريعت، جو نيڪ ڪمن جو حڪم فرمايو آهي، ان جو راز به هيءَ آهي ته دل سٺين صفتن جي طرف مائل ٿئي ۽ برين کي ڇڏي ڏئي. آدمي، جابه عادت تڪلف سان پيدا ڪري ٿو، سا ان جي طبيعت ٿي پوي ٿي. ننڍو ٻار مدرسي ۽ تعليم کان ٽهندو آهي، ۽ جڏهن ان کي التزاماً هر روز مدرسي ۾ موڪلجي ٿو، تڏهن مدرسي ۾ وڃڻ ۽ پڙهڻ سندس طبيعت جو جرهر ٿي (بنجي) پوي ٿو، ۽ وري جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته ان جون سڀ لذتون محض علم ۾ ئي رهن ٿيون ۽ تعليم کان سواءِ کيس ڪو مزو نٿو اچي. هي سڀ عادت (وجهڻ) جو ڦل آهي. جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ ۾ مٽيءَ کائڻ جي عادت وجهي ٿو ته بعد ۾ ان کي مٽي کائڻ کان سواءِ آرام نٿو اچي. جهڙيءَ طرح ڪنهن بيمار کي شفا جي اميد انهن شين جي کائڻ کان سواءِ نٿي ٿئي جن جي کيس طبيب هدايت ڪئي آهي (جي سندس نفص کي البت ناپسند آهن)،

تهڙيءَ طرح دل جي بيدارين (بدخصلتن ۽ ڪريل صفتن) جو علاج، نفس جي خواهشن جي مخالفت ڪرڻ ۽ شارع جي حڪمن تي هلڻ کان سواءِ ٿي نٿو سگهي، ڇا لاءِ جو پيغمبر سڳورا ماڻهن جي دلين جا طبيب آهن. ماڻهوءَ ۾ چڱن گڻن جا ٽي سبب آهن: پهريون انسان جي اصل فطرت ۾ سٺا گڻ هجڻ- ۽ هيءَ ته محض الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ عنايت آهي جو ڪن کي نيڪ فطرت تي خلقيو اٿس، ڪن کي سخي، ته ڪن کي متواضع ڪري پيدا ڪيو اٿس. ٻيو، تڪليف (زور) سان نيڪ ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ عادت وجهڻ، ته جيئن انسان انهن جو عادي ٿي پوي. ٽين، هي ته جيڪڏهن ڪن ماڻهن کي هو سٺا ڪم ڪندو ڏسي، ته انهن سان سنگت رکي، جو ائين ڪرڻ سان طبيعت انهن سٺن ڪمن کي اختيار ڪري وٺندي، پوءِ کڻي هو پاڻ ان حقيقت کان بي خبر ڇو نه هجي. بس، جنهن انسان کي هي ٽي ئي سعادتون نصيب آهن ته اهو سعيد آهي، ۽ جو انهن ٽنهي کان محروم آهي، اهو پلاشبه شقي (بدبخت) آهي.

دل جي بيماري ۽ نفس جي عيبن کي سڃاڻڻ لاءِ تدبيرون پيدا ڪرڻ

ڄاڻڻ گهرجي ته جهڙيءَ طرح جسم، هٿ، پير ۽ اکين جي درستي انهيءَ ۾ آهي ته جن ڪمن جي پوري ڪرڻ لاءِ کين پيدا ڪيو ويو آهي، تن کي آسانيءَ سان پورو ڪن- مثلا، اکيون چڱيءَ طرح ڏسن، ۽ پير چڱيءَ طرح هلن وغيره- اهڙيءَ طرح دل جي درستي انهيءَ ۾ آهي ته جنهن فرض جي پوري ڪرڻ لاءِ کيس پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن کي آسانيءَ سان پورو ڪري سگهي، ۽ پنهنجي اصل فطرت جي طبيعت سان مانوس ٿي وڃي.

هيءَ ڳالهه ٻن شين ۾ ظاهر ٿئي ٿي: هڪڙي اِرادي ۾، ۽ ٻي قدرت ۾. ارادي ۾ ان جو ظهور هيءُ آهي ته انسان حق تعاليٰ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي دوست نه رکي، ڇا لاءِ جو حق تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ) دل جي غذا آهي. جنهن دل ۾ ان جي محبت نه آهي، سا دل ڪمزور ۽ بيمار آهي. قدرت مان مراد هيءَ آهي ته ان لاءِ حق تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪرڻ اهڙي آسان ٿي وڃي جو زور سان ان کي پوري ڪرڻ جي ڪا حاجت ئي نه رهي ۽ اٽلو اها سندس لذت ۾ خوشيءَ جو باعث هجي. جيڪڏهن ڪو شخص هيءَ ڳالهه پنهنجي دل ۾ نه ڏسي، ته سمجهي ڇڏي ته منهنجي دل بيمار آهي، ڇا لاءِ جو اِها دل جي بيماريءَ جي نشاني آهي، ۽ اهڙي بيمار کي علاج جي طرف رجوع ٿيڻ گهرجي. ليڪن اڪثر ڏٺو ويو آهي ته آدمي پنهنجي عيبن کان بيخبر ۽ انڌو رهندو آهي، ۽ انهن کان واقف ٿيڻ لاءِ سندس چار رستا آهن: پهريون، ڪنهن ڪامل مرشد جي صحبت ۾ وڃي رهڻ گهرجي، ته جيئن هو ان جي طرف توجهه ڏئي ۽ سندس عيب کيس ٻڌائي. مگر هيءَ ڳالهه هن زماني ۾ ورلي لڀندي ( اهڙا ڪامل مرشد خير ڪو آهن)، ٻيو، ڪنهن مهربان دوست خوشامند جي سندس عيب ان اڳيان ظاهر ڪندو رهي، ۽ حاسد ٿي ڪري وڌاءَ کان ڪم نه وٺي. هيءَ ڳالهه به هن دور ۾ ڏاڍي ڏکي آهي. ٽيون، پنهنجي حق ۾ دشمن جي ڳالهه کي ڪن ڏئي ٻڌي، ڇاڪاڻ ته عام طور دشمن جي نگاهه عيبن تي پوندي آهي، جيتوڻيڪ دشمنيءَ جي سبب هو مبالغو ڪندو، مگر تنهن هوندي به ان جو چوڻ سچائيءَ کان خالي به نه هوندو. چوٿون، ماڻهن جي عيبن کي ڏسي پاڻ کي انهن کان حفاظت ۾ رکي، ۽ هيءُ  گمان ڪري ته مان به انهن مثل آهيان (يعني انهن جهڙو عيبدار آهيان).

پيٽ ۽ خواهش جو بيان

ڄاڻڻ گهرجي ته معدو بدن لاءِ هو حوض آهي، ۽ سڀني خواهشن جو سرچشمو به اهوئي آهي. ۽ انسان تي سڀ کان زياده غالب شيءِ خواهش (شهوت) آهي، ۽ هن ئي خواهش سببان هو بهشت کان ٻاهر آيو، هيءَ خواهش ٻين سڀني خواهشن جي جڙ آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي، تڏهن نڪاح جي خواهش پيدا ٿيندي آهي، ۽ آدمي پيٽ ۽ هن نفساني خواهش کي روڪي نٿو سگهي. معدي کي اصلي حالت تي ڇڏي ڏيڻ سڀني گناهن جي پاڙ آهي، ۽ ان کي پنهنجو زيردست ڪرڻ ۽ منجهس بک جي عادت وجهڻ، سڀني نيڪين جو منڍ آهي. بک مان هي فائدو آهي جو اها دل کي صاف ڪري ٿي ۽ روشن بنائي ٿي. ان جي برعڪس پيٽ ڀري کائڻ، آدميءَ جي دل کي انڌو ۽ ذهن کي موڳو ڪري ٿو، ۽ ڍو ڪري کائڻ سبب هڪ بخار انسان جي دماغ تي چڙهي ٿو، جو کيس نادان ۽ سندس خيالن کي منتشر ڪيو، منجهايو ٿو ڇڏي. جو شخص پاڻ کي ڪجهه بکيو رکي ٿو، ان جي دل هوشيار ۽ داناءُ ٿئي ٿي. بک جي ڪري دل اهڙي رقيق ٿئي ٿي، جو  پوءِ ذڪر ۽ مناجات ۾ کيس ڏاڍي راحت ۽ لذت اچي ٿي. عاجزي ۽ نرمائي به بک مان ئي پيدا ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته جيستائين ماڻهو پاڻ کي ان عاجزيءَ جي نظر سان نه ڏسندو ته ڪيئن هڪ لقمي جي نه ملڻ ڪري سندس لاءِ سارو جهان اونداهو ۽ تنگ ٿئي ٿو، تيستائين هو الله تعاليٰ جي عزت ۽ قدرت کي نه سمجهندو. هيءَ به حقيقت آهي ته آدميءَ جو جيڪڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي، ته هو ٻين بکين کي وساري ويهندو آهي، ۽ آخرت جي عذاب کي به فراموش ڪري ڇڏيندو آهي. جهڙيءَ طرح، سرڪش حيوان کي بک ڏيارڻ کان سواءِ درست ڪري نٿو سگهجي، تهڙيءَ طرح سان، انسان جي نفس جي خواهش کي بکيي رکڻ کان سواءِ مطيع ڪري نٿو سگهجي، ۽ نفس کي مطيع ڪرڻ سعادت جي آخرين چوٽي آهي. نفساني خواهش آدميءَ تي هن لاءِ مسلط ڪئي ويئي آهي، ته جيئن نسل قائم رهي، مگر ان ۾ به آدميءَ کي گهرجي ته درمياني راهه وٺي. ٻيءَ حآلت ۾ هي معاملو هٿ کان نڪري وڃي ٿو ۽ آدمي خواهش جو پتلو بنجي پوي ٿو،- ان کي روڪڻ جو علاج روزو رکڻ آهي، ۽ جيڪڏهن ائين به نه ڪري سگهي ته نڪاح ڪري.

عورتن ڏانهن نهارڻ مان نقصان

مجلس ۽ دعوت ۾ عورتن جو مردن سان بيحجاب ٿي ملي ويهڻ ۽ نظاري بازي ڪرڻ فتني فساد جو ٻج ڇٽڻو آهي. هيءَ ڳالهه به ورلي ٿي ٿئي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن شيءِ تي قادر ئي کڻي هجي، ته هو پاڻ کي ان کان سلامت رکي سگهندو. بهتر ته هيءَ آهي ته آدميءَ کي شروع ۾ ئي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. ۽ هن بري فعل (عورتن ڏانهن نهارڻ) جي شروعات اک کان آهي، ڇا لاءِ جو نظر وجهڻ ڪري دل ۾ خواهش پيدا ٿئي ٿي. آدميءَ کي گهرجي ته عورتن کان پاسو ڪري ۽ اهڙي هنڌ به نه اچي وڃي، جنهن هنڌ عورتن جو کيس ڏسڻ ممڪن هجي، پوءِ کڻي هو انهن کي نه ئي ڏسي سگهي، ڇاڪاڻ ته جنهن جڳهه ڌتار هوندي آهي، تنهن جڳهه هر ڳالهه دل ۾ بري خيال ۽ خواهش جو ٻج پوکيندي آهي. عورتن لاءِ اهو جائز نه آهي ته هو غير محرم مردن سان ڳالهه ٻولهه ڪن، پر جيڪڏهن اهڙو اتفاق ٿي  پوي ته نهايت بي رخيءَ سان ڳالهائين

زبان جو بيان

معلوم هئڻ گهرجي ته زبان حق تعاليٰ جي ڪاريگرين مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي، پر حقيقت ۾ دنيا جي هر شيءَ ۾ سندس تصوف آهي ۽ سندس تصوف کان عدم به خالي نه آهي، ڇا لاءِ جو هيءَ عدم ۽ وجود (ٻنهي) متعلق ڳالهائي ٿي. هوءَ عقل جي نائب آهي ۽ ڪابه شيءَ عقل جي احاطي کان ٻاهر نه آهي، ۽ هر شيءِ جا عقل، وهم ۽ خيال ۾ اچي ٿي، تنهن کي زبان بخوبي بيان ڪري ٿي تنهن مان دل هڪ صفت حاصل ڪري ٿي، جيئن ته جڏهن زبان سان عجز ۽ زاري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ان وقت دل ۾ وقت ۽ سوز جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، ۽ دل جي باهه جا بخار دماغ جي طرف چڙهن ٿا ۽ پوءِ ڳوڙهن جي شڪل ۾ اکين کان ٻاهر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح سان، جا به ڳالهه ان مان نڪري ٿي، ته انهيءَ جي موافق دل ۾ هڪ صفت پيدا ٿئي ٿي.

جيڪڏهن آدمي خراب ۽ ڪوڙي ڳالهه ڪري ٿو، ته دل ڪاري ٿي ٿئي، ۽ جيڪڏهن صحيح ڳالهه چوي ٿو، ته دل روشن ٿئي ٿي. ان سبب جي ڪري ئي، شاعر ۽ ڪوڙي ماڻهوءَ جو خواب سچو نه نڪرندو آهي، ڇا لاءِ جو ڪوڙين ڳالهين ڪرڻ جي ڪري ان جي دل ناهموار ٿي وڃي ٿي. پيغمبر صلعم جن جو ارشاد آهي ته ”جيستائين دل درست نه آهي، تيستائين ايمان  مستقيم ۽ سچو نٿو رهي.“ ۽ دل سچي ان وقت رهي ٿي، جڏهن زبان سچي هوندي آهي. تنهنڪري زبان جي شر کان حذر ڪرڻ، دين جي اهم ڪمن مان هڪ آهي. ٻي ضرورت ڳالهائڻ، اسلام جي خوبيءَ کان ٻاهر وڃڻو آهي. ۽ ماڻهوءَ کي جڳائي ته هو اهڙي ڳالهه نه چوي، جنهن جي حاجت ئي نه هجي، ۽ حتي الامڪان خاموشيءَ کي هٿان نه ڇڏي. باطل ۽ گناهه ڳالهين ڪرڻ، پنهنجي ۽ ٻين جي فسق ۽ فساد متعلق ذڪر ڪرڻ، شراب ۽ راڳ جي مجلس جو حال ٻڌائڻ، ۽ اهڙي مناظري جي حڪايت ڪرڻ، جنهن ۾ ٻن آدمين درميان فحش ڪلامي ٿي هجي وغيره. کان کيس قطعا پرهيز ڪرڻ گهرجي.

لعنت کي روڪڻ گهرجي، چاهي اها ڪنهن آدميءَ يا جانورن متعلق هجي- مطلب ته ڪنهن به شيءِ تي لعنت وجهڻ نهايت برو ڪم آهي. اهي ماڻهو جي واقعي قابل مذمت آهن، تن لاءِ هيئن چوي ته ”ظالمن، ڪافرن ۽ فاسقن تي لعنت هجي، وغيره، ليڪن متعزلي ۽ ڪراميءَ[1] تي لعنت ڪرڻ ۾ خطرو آهي. جو شخص ڪافر ٿي مئو هجي (جيئن فرعون ۽ ابو جهل)، ته ان متعلق ائين چوڻ درست ٿيندو ته فلاڻي آدميءَ تي لعنت هجي، ليڪن يهوديءَ تي لعنت وجهڻ ٺيڪ نه آهي، ٿي سگهي ٿو هو مون کان اڳ مسلمان ٿي پوي ۽ انهيءَ لعنت وجهڻ واري کان بهتر ٿي وڃي.

جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته يزيد تي لعنت وجهڻ روا آهي ته اسان چونداسون ته فقط ايترو چوڻ روا آهي ته ”امام حسين عليه السلام جي قاتل تي لعنت هجي، جيڪڏهن هو توبهه ڪرڻ کان اڳ مري ويو هجي ته،“ ڇا لاءِ جو قتل ڪرڻ ڪفر کان وڌيڪ نه آهي. يزيز جي متعلق ته هيءُ به تحقيق طور معلوم نه ٿيو آهي ته ان امام عليه السلام کي قتل ڪيو هو؟ ڪن جو چوڻ آهي ته اُن اهڙو حڪم ڏنو هو، ته ٻيا وري ان کان انڪاري آهن- ۽، چون ٿا ته هو (يزيد) راضي هو. هاڻي، هيءَ ڳالهه ڪنهن به طرح جائز نه آهي ته ڪنهن شخص کي تهمت جي آڌار تي گناهه سا منسوب ڪجي، ڇا لاءِ جو ائين ڪرڻ به خود گناهه آهي. اڳين زماني ۾ ڪيترن ئي بزرگن کي قتل ڪيو ويو آهي، ليڪن حقيقت جي ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي ته اهو ڪنهن حڪم ڏنو. هن وقت چئن سئو سالن کان پوءِ، امام حسين عليه السلام جي واقعي جي حقيقت کي ڪهڙيءَ طرح سمجهون؟ جيڪڏهن ڪو شخص عمر ڀر ابليس کي لعنت نه ڪري، ته قيامت جي ڏينهن ان کان هيءَ سوال ڪونه پڇيو ويندو ته تو ڇو نه ان تي لعنت ڪئي، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن تي لعنت وڌي، ته ان متعلق کانئس پڇا ٿيڻ جو خطرو آهي. عام طور لعنت وغيره ڪرڻ دشمنيءَ ۽ تعصب جي ڪري هوندي آهي.

ڪوڙ ڳالهائڻ دل تي اثر ڪري ٿو.

ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ به زبردست گناهه آهي. حضور جن فرمايو آهي ته ”بندو ڪوڙ ڳالهائيندو رهي ٿو، تان جو الله تعاليٰ جي نزديڪ انهيءَ جو نالو ڪوڙن جي فهرست ۾ ليکيو وڃي ٿو.“ ڪوڙ ڳالهائڻ هن ڪري حرام آهي، جو ان ڪري دل ڪٽجي ڪاري ٿيو ٿي وڃي: هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مصلحت خاطر ڪوڙ ڳالهائي ۽ دل ۾ ان کي ناپسند ڪري، ته حرام نه آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن ان کي ناپسند سمجهي ٿو ته اهو پوءِ دل تي اثر نٿو ڪري ۽ دل خراب نٿي ٿئي.

هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن ظالم جي ظلم کان تنگ ٿي ڀڄي وڃي ته اهڙيءَ حالت ۾ سچ چوڻ نه گهرجي، بلڪ ان موقعي تي ڪوڙ ڳالهائڻ واجب آهي. ٽن حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت آهي: پهريون، لڙائيءَ جي حالت ۾، دشمن کي پنهنجي ارادي متعلق صحيح خبر نه ڏيڻ، ٻيو جڏهن ٻن مسلمانن ۾ صلح ڪرائجي تڏهن هڪ کي ٻئي جي طرفان حتيٰ المقدور نيڪ ڳالهه چئجي، پوءِ کڻي ان ائين نه ئي چيو هجي، ٽيون، جنهن شخص وٽ ٻه زالون هجن ته هرهڪ کي ائين چوڻ ته ”مان زياده توکي چاهيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ظالم ڪنهن ماڻهوءَ جي مال ۽ راز بنسبت ڪجهه پڇي، ته ان کي نه ٻڌائڻ گهرجي، ۽ نه وري سندس پڇڻ تي ان ماڻهوءِ جو گناهه ٻڌايو وڃي، ڇا لاءِ جو شريعت برن ڪمن جي لڪائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

غيبت ڪرڻ حرام آهي

زبان جي آفتن مان هڪ آفت غيبت ڪرڻ به آهي، ۽ هيءَ هڪ وڏو وبال آهي. ۽ ان کان ڪي ٿورا بچيل آهن. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته ”غيبت ڪندڙ، (ڄڻڪ) پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي ٿو.“

غيبت اها ڳالهه آهي جا ڪنهن شخص جي عدم موجودگيءَ ۾ سندس متعلق چئي وڃي ٿي ۽ جا جيڪڏهن ان جي موجودگيءَ ۾ ڪئي وڃي ته ان کي ان کان ڪراهت پيدا ٿئي، پوءِ جيتوڻيڪ اها ڳالهه سچي به هجي. ڪيترا پڙهيل لکيل ۽ پرهيزگار پڻ غيبت ڪندا آهن، مگر هو اهو سمجهڻ ٿا ته هيءَ غيبت نه آهي. مثال طور انهن جي سامهون ڪنهن شخص جو ذڪر اچي ٿو ته چون ٿا ته الحمدالله، حق تعاليٰ اسان کي ان فعل کان محفوظ رکيو آهي. هاڻي هن چوڻ مان هيءُ ظاهر ڪرڻ مقصود هوندو آهي ته ماڻهو سمجهن ته فلاڻي آدميءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي. يا جيڪڏهن انهن جي اڳيان ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي جي غيبت ڪندو آهي، ته چوندا آهن ته ”سبحان الله، عجيب ڳالهه آهي“ انهيءَ چوڻ جو مطلب هيءُ هوندو آهي ته جيئن هو ڪجهه خوش ٿي وڃي ۽ ٻيا جن نه ٻڌو آهي، سي به ٻڌي ڇڏين. يا چوندا آهن ته ”اسان کي افسوس آهي جو فلاڻي آدميءَ تي اهڙو واقعو گذريو آهي. حق تعاليٰ شال سندس ڪفايت ڪري.“ انهيءَ چوڻ مان سندس مقصود هيءُ هوندو آهي ته جيئن ٻيا انهيءَ واقعي کان واقف ٿين. ڪڏهن وري ائين ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو شخص وٽن ڪنهن ماڻهوءَ متعلق ڪجهه چوندو آهي ته هو ورائي چوندا آهن ته ”الله تعاليٰ شال اسان کي توبهه نصيب ڪري.“ هن مان سندس مراد هيءَ آهي ته جيئن ٻيا سمجهن ته هن گناهه ڪيو آهي. هيءَ سڀ ڳالهيون غيبت ۾ داخل آهي.

جڏهن هن طريقي سان غيبت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ منافقت به پيدا ٿئي ٿي، ڇا لاءِ جو انهن ڳالهين ذريعي هو ٻين اڳيان پاڻ کي پارسا ۽ پرهيزگار ڄاڻائين ٿا، ۽ ظاهر هيءُ ڪن ٿا ته اسين غيبت نٿا ڪريون- حالانڪ انهيءَ ۾ هو ٻن گناهن جا مرتڪب ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جي سامهون ڪنهن جي غيبت ڪري، ۽ هو ان کي چوي ته ”ماٺ، غيبت نه ڪر،“ ليڪن دل ۾ ان بابت ڪراهت موجود نه هجيس، ته اهو منافق آهي، ۽ انهيءَ غيب ڪرڻ واري سان گڏ غيب ۾ شامل آهي.

غيب ڪرڻ جهڙيءَ طرح زبان سان حرام آهي، تهڙيءَ طرح دل سان به حرام آهي. ڪنهن جي عيب ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان سواءِ اُن لاءِ بدگماني ڪرڻ دل جي غيبت آهي، دل ۾ ڪنهن جي متعلق جو ڪجهه بدگمانيءَ جو خيال اچي ۽ اهو يقين ۽ عدل کان بعيد هجي، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته هيءُ (بدگمان) شيطان دل ۾ پيدا ڪيو آهي، ۽ هيءُ ته بلڪل حرام آهي، تون ان بدگمان کي پنهنجي دل ۾ سچو سمجهي جاءِ ڏين. البت جيڪڏهن ڪنهن ارادي کان سواءِ ڪو خيال دل ۾ پيدا ٿئي، ۽ توکي اهو پسند به نه هجي، ته پوءِ توکي وٺ- پڪڙ نه ٿيندي.

غيبت ڪرڻ جو حرص به آدميءَ جي دل جي هڪ بيماري آهي، جنهن جو علاج ڪرڻ ضروري آهي: پهريون ته ان کي انهن حديثن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي، جي غيبت جي باري ۾ آيل آهن- مثلا، ”هر غيبت، جا هو ڪري ٿو تنهن جي مقابلي ۾ سندس نيڪيون ان ماڻهوءَ جي اعمالنامي ۾ لکيون وينديون، جنهن جي هن غيبت ڪئي هوندي، تان جو سندس اعمالن ۾ ڪابه باقي نه رهندي.“ علاوه ان جي، هو پنهنجي حق ۾ به ذرا غيبت ڪري ۽ پاڻ ۾ به عيب ڏسي، ۽ جيڪڏهن ڪو عيب نظر نه اچيس ته هيءَ خيال ڪري ته پنهنجي عيبن کي نه ڄاڻڻ به هڪ وڏو عيب آهي. بهرحال، ڪن حالتن ۾ غيبت ڪرڻ جائز آهي، جيئن ته ظلم جي دانهن ڪنهن قاضيءَ جي روبرو پيش ڪرڻ، ليڪن مظلوم لاءِ هيءُ جائز نه آهي ته جنهن شخص مان کيس ڪو فائدو ئي نه آهي، تنهن وٽ وڃي ظالم جو ظلم بيان ڪري.

ٽن آدمين جي شڪايت ڪرڻ، غيبت ۾ داخل نه آهي: ظالم بادشاهه، بدعتي، ۽ ٽيون اهو ماڻهو جو ظاهر ظهور بدڪاري ڪري. ۽ اهو ان ڪري آهي جو هي ماڻهو خود پنهنجن عيبن کي نٿا لڪائين ۽ نه وري ڪنهن جي چوڻ ڪري ڏکوئجن ئي ٿا.

   

غصو ۽ حسد

چاڻڻ گهرجي تي غصي جو غالب هجڻ هڪ مذموم صفت آهي. آدميءَ لاءِ هيءُ ناممڪن آهي جو غصي کان بلڪل خالي رهي، ليڪن ان کي برداشت ڪرڻ ضروري آهي. الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي ڪاوڙ کي کائي، ماڻهن کي معاف ڪن ٿا. غصي کي پيدا هن لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن آدميءَ لاءِ هڪ هٿيار ٿي ڪم اچي، ۽ ان کي نقصان کان بچائي، مگر هن ڳالهه جو خيال ڪرڻ جڳائي ته جيئن اهو حد کان تجاوز ڪري نه وڃي، معتدل رهي ۽ دين ۽ عقل جي مطابق ڪم ڪري. ماڻهوءَ کي غصو ان ڪري ايندو آهي، جو جنهن شيءِ جي کيس ضرورت هجي اها ڪو ٻيو ان کان کسڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ جن شين جي ضرورت نه هوندي آهي، انهن جي کسجي وڃڻ ڪري غصو به نه ايندو آهي، ۽ جنهن شيءِ جي گهرج زياده هوندي آهي تنهن لاءِ غصو به زياده ٿيندو آهي. لهٰذا غصي جو سڌارو ۽ علاج آدميءَ لاءِ فرض آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي مڙيئي فساد ان کان ئي ظاهر ٿين ٿا- ۽ ان جو علاج ٻن طريقن سان ڪري سگهجي ٿو:

پهريون، هي ڏسي ته اندر ۾ غصي جا سبب ڪهڙا آهن، ۽ اُهي پنج آهن. جهڙوڪ تڪبر- ڇا لاءِ جو متڪبر انسان وريءَ ڳالهه تي تپي باهه ٿي وڃي ٿو- ته ان جو عملي علاج هي آهي ته ان (تڪبر) کي عاجزيءَ سان ٽوڙي ڇڏي، ۽ هيءُ خيال ڪري ته مان به ٻين بندن جي جنس مان آهيان ۽ بندگيءَ جو شمار نيڪ اخلاق ۾ ٿئي ٿو ۽ تڪبر سواءِ عاجزيءَ جي ٻيءَ ڪنهن شيءِ سان زائل نٿو ٿئي. ٻيو سبب پنهنجي متعلق هڪ سٺو اعتقاد رکڻ آهي، ۽ ان جو علاج پاڻ سڃاڻڻ آهي. ٽيون، چرچو ۽ مسخوي ڪرڻ آهي، جنهن مان به گهڻو ڪري غصو پيدا ٿيندو آهي، انسان کي گهرجي ته ان کان پاسو ڪري، ۽ آخرت جي ڪمن لاءِ جدوجهد ڪري. چوٿون، ڪنهن تي ملامت ڪرڻ ۽ اُن جي عيبجوئي ڪرڻ آهي، ۽ هيءَ ڳالهه به غصي جو موجب آهي. جو شخص پاڻ بي عيب هجي، اهو ٻين جا عيب بيان ڪري. ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوئي به بي عيب ڪونه آهي. پنجون، مال ۽ جان جو حرص آهي،- ۽ انهن ٻنهي جي عام طور ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ڪنجوس کان ٿوري شيءِ به کڻي گهربي ته هو غصي ۾ اچي ويندو. هيءُ سڀ ڳالهيون بداخلاقيءَ ۾ شامل آهن، ۽ غصي جي جڙ آهن.

غصي جو ٻيو علاج علمي به آهي، يعني ته آدمي ان جي برائيءَ کي چڱيءَ طرح سان سمجهي ته دنيا ۾ هيءَ شيءِ ڪيتريقدر نه نقصان ده ۽ ضرر رسان آهي. ۽ پوءِ ان جي علاج ڏانهن توجهه ڏئي، ۽ انهن سڀني ڳالهين جي مخالفت ڪري، جي غصي جو باعث بڻجن ٿيون. جيڪڏهن ڪو شخص ظلم ڪري يا سختيءَ سان پيش اچي، ته بهتر آهي ته آدمي خاموش رهي ۽ جواب نه ڏئي،- مگر بلڪل چپ رهڻ به واجب نه آهي، ۽ نه وري هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ ئي درست آهي. گار جي بدلي گار ڏيڻ نه گهرجي، ۽ غيبت جي موٽ ۾ غيبت ڪرڻ نه جڳائي. مگر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سخت ڳالهه چوي، جنهن ۾ ڪوڙ مليل نه هجي، ته ان جي اجازت آهي- مثلا، مناسب موقعي ۾ سبب سان چوي ته ”اڙي احمق، اڙي جاهل، شرم ڌار، ماٺ رهه“ وغيره، ڇا لاءِ جو هروڀرو هر آدمي ڪو حماقت کان خالي نه آهي. کيس گهرجي ته چڱن لفظن جي پاڻ ۾ عادت وجهي ۽ غصي جي وقت اهي ئي لفظ چوي، جي فاحش نه هجن، جيئن ته ”بدبخت، ناڪس“ وغيره. حضور جن فرمايو آهي ته ”ڪن ماڻهو کي غصو ايندو به دير سان آهي ته ويندو به دير سان آهي، ٻين کي وري ايندو به جلدي آهي ته ويندو به جلدي آهي ليڪن بهتر اُهي آهن، جن کي غصو دير سان اچي ۽ جلدي لهي وڃي.“ هتي هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته جو شخص اختيار ۽ ديانت سان غصو کائي وڃي ٿو، اهو بلاشڪ نيڪ آهي، مگر اهو ماڻهو جو ڪمزوريءَ ۽ عجز سبب غصي کي جهلي ٿو ته اهو غصو سندس اندر ۾ ڪٺو ٿي، تڪبر ۽ حسد جو سرمايو بڻجي ٿو.

حسد ان کي چئبو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪجهه نعمت ملي ته توکي اها ڳالهه پسند نه اچي، ۽ تون ان نعمت جي زوال جو خواهان هجين. هاڻي، هيءَ ڳالهه حرام آهي ۽ حق تعاليٰ جي حڪمن کي ڄڻڪ ناپسند ڪرڻو آهي ۽ اندر جي پليديءَ جو ثبوت آهي. پر جيڪڏهن تون اها خواهش رکين ته توکي به ان جهڙي نعمت حاصل ٿئي، ته ان ۾ ڪا منع نه آهي، پر ڇاڪاڻ ته حسد دل جي وڏين بيمارين مان هڪ آهي، تنهنڪري ان جو علاج علمي ۽ عملي (ٻنهي) طريقن سان ڪيو وڃي ٿو.

علمي علاج هي آهي ته حاسد هن ڳالهه کي سمجهي ڇڏي ته هُن جو حسد ڪرڻ سندس ئي لاءِ دين ۽ دنيا ۾ نقصان جو سبب آهي، ۽ محسوس(حسد ڪيل) لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو آهي. دنيا ۾ سندس نقصان هيءُ آهي ته هو هميشه غم ۽ ڏک جي عذاب ۾ ڳرندو رهي ٿو، ۽ ڪنهن به وقت ان کان ڇوٽڪارو نٿو مليس. هيءَ ڪهڙي نه بيعقليءَ جي ڳالهه آهي، جو هو پنهنجي دشمن جي سبب پاڻ کي اجايو تڪليف ۾ رکي ٿو، حالانڪه دشمن کي ان سبب ڪو نقصان نٿو پهچي. ڇا لاءِ جو ان نعمت جي لاءِ حق تعاليٰ جي تقدير ۾ هڪ مقرر ميعاد آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي تبديليءَ جو اچڻ بلڪل ناممڪن آهي، لهٰذا حاسد جو حسد ڪرڻ الله تعاليٰ جي حڪمن ۽ تقسيم خلاف ناراضپي جو اظهار ڪرڻو آهي، جيڪا (تقسيم) هن پنهنجي ڪمال حڪمت سان ڪئي آهي ۽ جنهن جي راز کان ٻي ڪوبه واقف نه آهي.

حسد جو عملي علاج هي آهي ته محنت ۽ ڪوشش سان اُن جي سببن کي دل مان پاڙون پٽي ڪڍي، ڇا لاءِ جو تڪبير، عجب، عداوت، جاه ۽ مال جي محبت وغيره حسد جا اسباب آهن. جڏهن حسد پيدا ٿئي، ته ان کي هن طرح روڪي ۽ بند رکي، جو جيڪي ڪجهه حسد چوي پاڻ ان جي خلاف عمل ڪري: مثلاً جيڪڏهن حسد ڪنهن جي مذمت ڪرڻ گهري ته هو ان جي تعريف ڪري، ۽ جڏهن تڪبر ڪرڻ لاءِ چوي ته پاڻ عاجزيءَ کان ڪم وٺي، ۽ جنهن وقت ڪنهن جي نعمت جي زائل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته اٽلو ان جي مدد ڪري، ۽ اُن لاءِ هن کان زياده سٺو ٻيو ڪو علاج ڪونه آهي ته پر پٺ ان جي تعريف ڪري ۽ ان جي ڪم کي بهتر سمجهي، ته جيئن ٻڌي ڪري ان جي دل خوش ٿئي. ان جو عڪس خود ان جي پنهنجي طبيعت تي به پوندو، ۽ اهڙيءَ طرح سان هن جي عداوت جو سلسلو ختم ٿي ويندو.

مال جي محبت

ڏٺو ويو آهي ته مال هجڻ سبب ماڻهو پنهنجي دين جو ٽه طرفو نقصان ڪري ٿو: پهريون، هو فسق ۽ فجور تي قادر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دلي خواهشون خود گنهگاريءَ جي تقاضا ڪن ٿيون. آدمي جڏهن ڪنهن ڪم تي قادر ٿئي ٿو تڏهن صبر ڪرڻ سندس لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي، ۽ پوءِ لامحاله ان ۾ مبتلا ٿي پاڻ کي تباهه ڪندو. ٻيو ته جيڪڏهن ديني ڪمن ۾ کڻي محڪم به هجي ۽ پاڻ کي گناهن کان حفاظت ۾ به رکي سگهي، ته به مباح شين ۽ عيش عشرت کان پاڻ کي بچائي نٿو سگهي. اهڙو ڪير آهي، جو قدرت به رکي ۽ ان سان گڏوگڏ جَوَن جي مانيءَ ۽ ڦاٽل ڪپڙن تي گذارو به ڪري؟ انسان جڏهن عيش عشرت ۾ ڦاسي پوي ٿو تڏهن سندس بدن اُن جو عادي بنجي وڃي ٿو، تان جو ان تي صبر ڪري نٿو سگهي، ۽ دنيا کي بهشت تصور ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ موت کان نفرت ڪري ٿو. هيءُ ته ناممڪن آهي ته عيش عشرت جو سامان هميشه حلال مال سان حاصل ٿيندو رهي. ٽيون، جنهن کان ڪو ورلي بچي نڪري ٿو، سو هيءُ آهي ته جيتوڻيڪ آدمي گناهه ۽ عيش عشرت نه ئي ڪري ۽ حقيقت ۾ نيڪوڪار به هجي، ۽ حلال جو مال حاصل ڪري ۽ خدا جي راهه ۾ خرچ به ڪندو رهي، مگر ان هوندي به ان مال جو رکڻ دل جي تعلق ان کي الله تعاليٰ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان هٽائيندو رهندو،- حالانڪه ساريءَ عبادت جو خلاصو ته هيءُ آهي ته آدميءَ جي دل تي الله تعاليٰ جو ذڪر غالب رهي، ۽ ان سان گهڻو پيار پيدا ٿئي. هاڻي هيءُ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن دل ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جي طرف مشغول نه رهي. هيءَ (مال جي محبت) هڪ اهڙي مصيبت آهي، جنهن کان ڪوبه بچي نٿو، مگر جنهن کي خدا بچائي.

مال باوجود اڪثر پري هئڻ جي (وقتاً) چڱو به آهي، ڇا لاءِ جو اهو خير ۽ شر ٻنهي جو حامل آهي. نبيءَ سائينءَ جن جو ارشاد آهي ته ”چڱيءَ ماڻهوءَ لاءِ مال چڱو آهي، ۽ افلاس ۾ هيءَ خطرو آهي ته ڪٿي ڪفر جو سبب نه ٿي پوي.“ ان جو سبب هيءُ آهي ته جڏهن ڪو شخص ٻئي ماڻهوءَ کي مالدار ۽ دولتمند ڏسي ٿو، ۽ ڏسي ٿو ته پاڻ مانيءَ جو به محتاج آهي، تڏهن ان وقت شيطان اهڙي شخص کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ سندس دل ۾ هيءُ خيال پيدا ڪري ٿو ته ”هيءَ خدا جو ڪهڙو عدل ۽ انصاف آهي، جو فاسق کي ته ايترو سارو مال ڏئي ٿو، جو هن کي به خبر نه آهي ته ڪيترو مال آهي ۽ ڪاڏي ڪري، ۽ غريب ويچاري کي بکيو رکي ٿو ۽ هڪ درم به نٿو ڏئي! خدا جيڪڏهن ڪنهن جي حاجت ۽ ضرورت کان ناواقف آهي ته اهو سندس علم ۾ نقص آهي، پر جيڪڏهن واقف به آهي ۽ نٿو ڏيئي سگهي، ته چئبو ته سندس قدرت خلل ۾ آهي. پر جيڪڏهن واقف به آهي ۽ ڏيڻ تي قادر به آهي، ۽ پوءِ نٿو ڏئي ته سمجهبو ته سندس بخشش ۽ رحمت ۾ ڪجهه عيب ۽ ڪمزوري آهي. پر جيڪڏهن وري هن ڪري ائين نٿو ڪري ته جيئن ان (بندي) کي آخرت جو ثواب عطا فرمائي، ته پوءِ جنهن صورت ۾ هو سواءِ بک جي تڪليف ڏيڻ جي به اُهو ڏيئي سگهي ٿو، ته پوءِ ڇو نٿو ڏئي، پر جيڪڏهن نٿو ڏيئي سگهي، ته پوءِ سندس قدرت ڪامل نه آهي. ان بعد، انهن ڳالهين تي اعتقاد رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هو رحيم آهي، سخي ۽ ڪريم آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ سڄي جهان کي تڪليف ۾ به رکي ٿو، حالانڪه سندس خزانا نعمتن سان ڀريا پيا آهن.

هن هنڌ شيطان وسوسي پيدا ڪرڻ جي جاءِ ڏسي سندس آڏو تقدير جو مسئلو ڇيڙي ٿو، جنهن جو راز سڀ کان لڪل آهي، ته جيئن اهو شخص ڪاوڙ ۾ اچي آسمان ۽ زماني کي گاريون ڏيڻ لڳي وڃي، ۽ چوي ته ”آسمان بيوقوف ۽ زمانو الٽو ٿي ويو آهي، جو جيڪي مستحق نه آهن تن کي سڀڪجهه ڏئي ٿو.“ اهڙي شخص کي جيڪڏهن چيو وڃي ته ”هيءَ آسمان ۽ زمانو الله تعاليٰ جي قدرت هيٺ آهن (۽ ان جي حڪم جا پابند آهن)،“ ۽ هو ان وقت چوي ته ”نه (ائين نه آهي)،“ ته هو ڪافر آهي (يعني، ڪافر ٿي پوي ٿو)، ۽ جيڪڏهن چوي ته ”هائو (ان قدرت ماتحت آهن)،“ ته هن گويا خدا کي ظلم سڏيو، جو پڻ ڪفر آهي. انهيءَ لاءِ ته حضور جن فرمايو آهي ته ”زماني کي گاريون نه ڏيو، الله تعاليٰ ئي زمانو آهي (زمانو خود خدا آهي.)“ ان جو مطلب هيءَ آهي ته ”توهان جنهن تي پنهنجي ڪعن جو ڀروسو رکو ٿا ۽ جنهن کي زمانو سڏيو ٿا، اهو خود الله تعاليٰ پاڻ آهي.“ اهڙين حالتن ۾، مفلسي ڪفر جو باعث ٿيو پوي ٿي، مگر ان شخص جي مفلسي ڪفر جو ڪارڻ هرگز نٿي بڻجي، جنهن جو ايمان مضبوط آهي.

مال مان گهڻائي ديني ۽ دنيوي فائدا حاصل ٿين ٿا. هتي اسين ان جا ديني فائدا بيان ڪريون ٿا، باقي ان جي دنيوي فائدن کان هرڪو واقف آهي. پهريون فائدو هيءَ آهي ته آدمي مال کي پنهنجي عبادت يا عبادت جي سامان ۾ خرچ ڪري، جهڙوڪ حج ۽ جهاد ۾. ان ۾ جو به مال صرف ٿيندو، اهو سراسر عبادت آهي: عبادت جي سامان ۾ وري اهو خرچ به شامل ٿئي ٿو جو انسان پنهنجي روٽي، ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين ۾ ڪفايت آهر خرچ ڪري ٿو، ڇا لاءِ جو ان ڪري عبادت لاءِ فراغت حاصل ٿئي ٿي. جنهن چيز جي سبب آدمي عبادت ڪرڻ جي قابل ٿئي ٿو اها چيز خود عين عبادت آهي. ۽ جو آدمي بقدر ڪفايت مال نه رکندو، اهو رات ڏينهن ان جي طلب ۾ رهندو ۽ عبادت کان محروم رهندو، جنهن جو نچوڙ ذڪر ۽ فڪو آهي، ۽ اهڙو (بقدر ڪفايت رکيل مال منجمله دنيا مان نه آهي. هيءَ مال ميڙڻ جي ڳالهه نيت ۽ خيال سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. جيڪڏهن مقصود آخرت جي راهه لاءِ فراغت حاصل ڪرڻ آهي، ته پوءِ هيءُ مال جو بقدر ڪفايت آهي، ان راهه جو توشو ٿي پوي ٿو ۽ خود راهه به ٿئي ٿو. حقيقت ۾ هن راز کان اهوئي آگاهه ٿئي ٿو جو دل جي مراقبي ۾ مشغول آهي، ڇا لاءِ جو هو ڄاڻي ٿو ته معاش کان فراغت دين جي رستي ۾ ڇا ڪجهه مدد ڪري ٿي. ٻيو فائدو هيءَ آهي ته ان ذريعي ماڻهو صدقو، خيرات، عزيزن ۽ دوستن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي سگهي ٿو، ۽ ان سان هو پنهنجي عزت به محفوظ رکي سگهي ٿو، جيئن ته ڪنهن شاعر ۽ لالچيءَ کي ڪجهه ڏيئي راضي ڪري ڏي، ٻيءَ حالت ۾ هو سندس گلا ۽ عيبجوئي ڪندا رهندا. ٽيون فائدو هيءُ آهي ته مال انهن ماڻهن کي ڏئي، جي سندس خدمت ڪن، ڇاڪاڻ ته جو آدمي پنهنجا سڀيئي ڪم پنهنجي هٿ سان ڪندو، سو پنهنجي وقت کي اجايو ضايع ڪندو. هڪ جي عين فرض کي ٻيو ڪوبه پورو ڪري نٿو سگهي، ذڪر فڪر فرض عين آهي. اهو ڪم جو ان جي طرف کان ڪو ٻيو شخص سرانجام ڏيئي سگهي ٿو ته ان ۾ وقت صرف ڪرڻ نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، ڇا لاءِ جو عمر ٿوري ۽ موت ويجهو آهي ۽ آخرت جي راهه گهڻي ڊگهي آهي، جنهن جي لاءِ گهڻي توشي جي ضرورت آهي. هرهڪ دم هڪ وڏي غنيمت آهي. جنهن ڪم کان آدمي بچي سگهي، ان ۾ کيس مشغول ٿيڻ نه گهرجي،- ۽ مال کان سواءِ هيءُ بچاءَ ٿي نٿو سگهي. ليڪن ڪن وقتن تي ڏٺو ويو آهي ته مال جي محبت خواهشات پيدا ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿي، ۽ خواهشات جي محبت ئي وري ڪنجوسائيءَ جو ڪارڻ آهي، ڇا لاءِ جو مال بغير ماڻهو پنهنجي خواهش کي پهچي نٿو سگهي، ۽ ان سان گڏوگڏ ڊگهيءَ عمر جي به اميد ۽ لالچ ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪنجوس جيڪڏهن هن ڳالهه کان واقف ٿي وڃي ته ان جي حياتي هڪ مهيني يا هڪ سال کان وڌيڪ نه آهي، ته پوءِ ان لاءِ مال خرچ ڪرڻ آسان ٿي پوي ٿو. مگر جيڪڏهن هن کي پٽ آهي ته ان حالت ۾ ان جي ڪنجوسائي اڃا به زياده مضبوط ٿي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو پٽ جي بقا کي هو پنهنجي بقا سمجهي ٿو، انهيءَ لاءِ حضور جن جو ارشاد آهي ته ”پٽ ڪنجوسائي، بزدليءَ ۽ نادانيءَ جو سبب ٿئي ٿو!“ هاڻي هن ڪنجوسائيءَ جو علاج ضروري آهي، نه ته سڀان اهو ڪنجوس جي تباهي آڻيندو. ان جو هڪ سٺو علاج هيءُ آهي ته هو (ڪنجوس) پنهنجو پاڻ کي نيڪناميءَ جو شوقين بنائي، ۽ پاڻ کي چوي ته ”خرچ ڪر، ته جيئن ماڻهو توکي سخي سمجهن ۽ نيڪيءَ سان ياد ڪن،“ ۽ ناموس جي حرص کي مال جي حرص تي غالب ڪري، ايستائين جو جڏهن مال جو حرص ٽٽي وڃي، تڏهن وري (طبيعت جي) رياءَ جو علاج شروع ڪري. جهڙيءَ طرح ٻار کان کير ڇڏائڻ وقت ان کي اهڙي شيءِ جو چسڪو ڏياريندا آهن جا کيس پسند ايندي آهي، تان جو ان ۾ لڳي ڪري هو کير وساري ويهندو آهي، اهڙيءَ طرح خبيث عادتن جي علاج جو هيءُ نهايت ئي سٺو طريقو آهي، جو هڪ صفت کي ٻيءَ صفت تي غلبو ڏياريو وڃي. بهرحال، مال جو مثال نانگ جي طرح آهي، جنهن ۾ زهر ۽ ترياق ٻيئي موجود آهن. جو شخص منتر ڄاڻڻ کان سواءِ ان ۾ هٿ وجهندو، سو هٿ وٺي پاڻ کي تباهه ڪندو.

 
(1)  [1]  هيءُ ٻه فرقا آهن جي باطني جهان جا منڪر آهن، عرش کي قديم سمجهن ٿا ۽ انسان کي پنهنجي خير ۽ شر جو خالق (پيدا ڪندڙ) ڪري مڃين ٿا.

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
رڪن ٽيون
صفحو :10
تڪبر

اي منهنجا دوست، توکي ڄاڻڻ جڳائي ته تڪبر ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجهڻ هڪ نهايت بري عادت آهي، ۽ سچ پچ  الله تعاليٰ سان دشمني ڪرڻي آهي. وڏائي ۽ ڪبريائي اُنهيءَ کي ئي سونهي ٿي. حضور جن فرمايو آهي ته ”جنهن شخص جي دل ۾ ذرو به تڪبر هوندو، اهو بهشت ۾ داخل نه ٿيندو.“

هاڻي اها شيءِ جا سعادت ۽ بهشت جي رستي کي بند ڪري ٿي، ان جو علاج ڪرڻ فرض عين آهي، ڇا لاءِ جو ڪوبه شخص هن بيماريءَ کان آجو نه آهي. ان جو علمي علاج ته هيءَ آهي ته هو حق تعاليٰ کي سڃاڻي ته جيئن هن حقيقت کان آگاهه ٿي وڃي ته تڪبر ۽ عظمت، اُنهيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ زيبا نه آهن، ۽ خود پنهنجي حقيقت کان به واقف ٿئي ته جيئن کيس معلوم ٿي وڃي ته کانئس وڌيڪ خسيس حقير ۽ ناڪس ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. کيس مٽيءَ ۽ ڪني پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن کان زياده ذليل ۽ پليد ٻي ڪابه شيءِ ڪانه آهي. حق تعاليٰ کيس ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوت بخشي، هٿ پير ۽ ٻيا عضوا عطا ڪيائينس ۽ منجهس ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب شيون پيدا ڪيائين، ته هو ان جي معرفت الله تعاليٰ جي بزرگيءَ کي سڃاڻي، ۽ تڪبر ڪرڻ کان باز رهي، ڇاڪاڻ ته اِهي سڀ شيون ان پنهنجي ڪوشش سان حاصل ڪونه ڪيون آهن. انسان جو پهريون ڪم هيءُ آهي ته غور ڪري ڏسي ته هيءَ جاءِ (دنيا) سندس لاءِ تڪبر جي نه، پر شرمساريءَ جي آهي. ان وچ ۾ قدرت، جو ڪم پورو ڪيو آهي، اهو هيءُ آهي ته ان، کيس جهان ۾ آندو ۽ هڪ عرصي تائين ان ۾ رکيائين، ۽ هيءُ قوتون ۽ نعمتون کيس عنايت ڪيائين. الله تعاليٰ جيڪڏهن انسان جا ڪم سندس اختيار ۾ ڏئي ها، ۽ کيس بي نياز ڪري ها، ته ممڪن هو ته هو غلطيءَ ۾ ڦاسي چوي ها ته ”مان ڪا شيءِ آهيان،“ تنهنڪري ان کي بک، اڃ، بيماري، سردي، گرمي، درد، رنج ۽ ٻين ڪيترين مختلف مصيبتن ۾ جڪڙي رکيائين، ته جيئن هو هڪ گهڙي به پاڻ کي سلامت نه سمجهي. ٿي سگهي ٿو ته مري وڃي انڌو ٿي پوي، بيماري اچي ورائيس يا بک ۽ اڃ کان هلاڪ ٿي وڃي. ان کان پوءِ هن جو علاج ۽ ڀلائي ڪڙين دوائن ۾ رکيائين، ان لاءِ ته جيڪڏهن هو فائدو وٺڻ گهري ته ڪجهه تڪليف برداشت ڪري، ۽ سندس نقصان چڱين شين ۾ مقرر ڪيائين ته جيڪڏهن هو في الحال لذت ۽ مزو ماڻي، ته ان بعد ڪجهه ايذاءَ به سهي. سندس ڪمن مان ڪوبه ڪم ان جي قبضي ۽ اختيار ۾ نه ڏنائين، حتيٰ ڪه جو ڪجهه هو ڄاڻن گهري تنهن کي ڄاڻي نه سگهي، ۽ جنهن کي وسارڻ چاهي تنهن کي وساري نه سگهي، ۽ (برعڪس اُن جي) جنهن شيءِ جو خيال هو چاهي ٿو ته نه ڪري، اهو اٽلو سندس دل تي غالب اچي ٿو ۽ وري جنهن شيءِ کي دل ۾ آڻڻ گهري ٿو ته اها سندس خيال کان ئي گهڻو پري نڪريو وڃي ٿي. هن عجيب ڪاريگريءَ ۽ جمال جي باوجود جنهن سان هُن کيس پيدا ڪيو آهي، کيس اهڙو عاجز بنايو اٿس، جو کانئس وڌيڪ بدبخت، ڪمتر ۽ هيڻو ٻيو ڪو آهي ئي ڪونه. سندس آخري ڪم مرڻ آهي- نه منجهس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي قوت رهندي، ۽ نه هيءُ بدن ۽ عضوا ۽ نه هيءَ سونهن ۽ سوڀيا. ۽ پوءِ به جيڪڏهن هو هميشه لاءِ خاڪ ٿي وڃي ها ته به سندس فائدو هو، جو چوپاين جي برابر ته رهي ها، مگر افسوس، ان کي هيءَ دولت به نصيب نه ٿيندي- کيس وري جياريو ويندو ۽ سندس ڪيي جو کانئس ذري پرزي حساب ورتو ويندو.

تڪبر جون حالتون اڪيچار آهن، مثال طور، متڪبر ماڻهو اڪيلو وڃڻ پسند نه ڪندو آهي، جيستائين ڪو ٻيو آدمي ان سان ساڻ نه هجي. هن ڳالهه کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. متڪبر چاهيندو آهي ته ماڻهو سندس اڳيان گهڻي تعظيم ۽ عزت سان بيهي رهن، ۽ تڪبر سبب هو ڪنهن ڏانهن هلي وڃي ساڻس ملاقات نه ڪندو آهي، ۽ نه وري هيءُ به چاهيندو آهي ته ڪو فقير ۽ غريب سندس ويجهو اچي ويهي. هو پنهنجي گهر جو ڪم ڪرڻ عيب سمجهندو آهي، ۽ بازار مان سودي سلٽ آڻڻ ۾ به کيس عار لڳندو آهي، ۽ جيستائين سٺا ڪپڙا نه هجن، ٻاهر نه نڪرندو آهي (صاف سٺا ڪپڙا پائڻ هروڀرو تڪبر جي نشاني نه آهي، ڇا لاءِ جو آدمي هر شيءِ ۾ صفائي پسند ڪندو آهي، مگر شرط هيءُ آهي ته هو اڪيلائيءَ ۾ به سٺي پوشاڪ کي پسند ڪندو هجي.)

ماڻهو وقتاً بوقتاً پنهنجي نسب سبب به تڪبر ڪندو آهي، ليڪن کيس گهرجي ته پنهنجي اصل کي ڌيان ۾ آڻي. جنهن کي خاڪ مان پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ موٽي خاڪ ٿي ويندو. حسن ۽ جمال کان به تڪبر پيدا ٿيندو آهي، پر انسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر تي غور ڪري ته جيئن کيس پنهنجون برائيون معلوم ٿين، ۽ ڏسي ته ”اهو ڪيئن نه ڪيترين نجاستن سان ڀريو پيو آهي.

جيڪڏهن سندس تڪبر ڪنهن طاقت جي سبب آهي. ته پوءِ هي سمجهي وٺي ته هڪ رڳ جو درد ان کي اهڙو پريشان ڪري وجهي ٿو، جو کانئس زياده هيڻو ڪو ڳوليو لڀي. هڪ مک جي ستائڻ کان تنگ اچي وڃي ٿو، ۽ پير ۾ هڪ ڪنڊي لڳڻ سبب هلڻ کان لاچار آهي. جيڪڏهن مال جي ڪثرت حڪومت ۽ سرداريءَ تي هن کي تڪبر آهي، ته اهي شيون ته سندس ذات کان ٻاهر آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مال کي چور کڻي وڃن، ۽ حڪومت ۽ سرداريءَ کان بادشاهه هٽائي ڇڏي، ته پوءِ سندس قبضي ۾ ڇا رهندو؟ پر جيڪڏهن مال سلامت به رهي ته گهڻائي يهودي مال ۾ کانئس زياده آهن، پر جي حڪومت تي فائز به رهي، ته ٻيون ڪيتريون قومون آهن، جن وٽ هن کان ڏهه دفعا وڌيڪ حڪومت آهي. مطلب ته جا شيءِ ماڻهوءِ جي پنهنجي وس ۾ نه ۽ سندس ذاتي ملڪيت ئي نه آهي، تنهن تي تڪبر ۽ فخر ڪرڻ بلڪل اجايو ۽ فضول آهي.

ظاهري علم ۽ عبادت به تڪبر جو ڪارڻ بڻجن ٿا، جنهن جو علاج ڏکيو آهي، ڇا لاءِ جو هيءُ (علم ۽ عبادت) انسان جو ڪمال آهي. الله تعاليٰ وٽ علم نهايت پيارو اهي ۽ سندس صفتن مان هيءَ هڪ صفت آهي، ۽ عالم لاءِ پنهنجي طرف ڌيان نه ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جو آسان علاج هيءَ آهي ته عالم کي جڳائي ته هيءَ سمجهي ڇڏي ته علم جي ڪري کيس سخت پڪڙ ٿيندي، ۽ هو سدائين هڪ وڏي خطري ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته جاهل جي گهڻن ئي ڪمن کي فراموش ڪيو ويندو، ليڪن عالم جي تفصير کي نهايت اهم سمجهيو ويندو، ۽ ان کي بنان حساب هرگز ڇڏيو نه ويندو. ان کان سواءِ، هو انهن حديثن تي سوچ ۽ ويچار ڪري، جي عالمن جي باري ۾ آيل آهن. الله تعاليٰ خود پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ عالم کي گڏهه قرار ڏنو آهي، جنهن جا ڪم سندس علم مطابق نه آهن. جنهن جي دل ۾ آخرت جو خوف ڄمي وڃي ٿو. اهو تڪبر ڪڏهن به نه ٿو ڪري ۽ ٻيو ته کڻي ڇڏيو پر جي هو ڪنهن ڪافر کي ڏسي ٿو، ته به تڪبر کان باز رهي ٿو، ۽ خيال ڪري ٿو ته شايد هيءَ مسلمان ٿي وڃي ۽ سندس پڇاڙي موچاري ٿئي ۽ مبادا منهنجو خاتمو ڪفر تي ٿئي ۽ جڏن آخرت ۾ ڇوٽڪاري ماڻڻ جو دارومدار ئي انسان جي پنهنجي خاتمي تي آهي، تڏهن پوءِ تڪبر ڇا جو؟ ڇاڪاڻ ته خاتمو خير سان ٿيندو يا شر سان، تنهن جو علم ڪنهن کي به ڪونه آهي. عالم کي جڳائي ته هن حقيقت کي به سمجهي ڇڏي ته تڪبر (تڪبر) صرف الله تعاليٰ جي لاءِ زيبا آهي، ۽ جو آدمي هُن معاملي ۾ هُن سان مقابلو ڪري ٿو، ان کي هو پنهنجو دشمن سمجهي ٿو، ۽ الله تعاليٰ ته هرهڪ کي اهو حڪم ڏنو آهي ته ”منهنجي نزديڪ توکي ان وقت عزت ٿيندي، جڏهن (اي ٻانها) تون پنهنجو پاڻ کي ڪجهه به نه سمجهندين.“

عابد کي به گهرجي ته عالم کان پاڻ کي وڏو نه سمجهي، پوءِ هو (عالم) کڻي عابد نه آهي ۽ چوي ٿو ته ”آخرت ۾ شايد علم ئي منهنجي شفاعت ڪندو ۽ منهنجين برائين کي ميٽيندو.“ حضور جن جو ارشاد آهي ته ”عالم کي عابد تي اهڙي فضيلت آهي، جهڙي مون کي پنهنجي اصحابن تي.“ جيڪڏهن اهو عابد کڻي ڪنهن جاهل کي ڏسي، جنهن جو حال کانئس لڪل هجي، ته پنهنجي اندر ۾ هيءُ خيال ڪري ته شايد هيءُ جاهل مون کان به زياده، عابد (عبادت ڪندڙ) هجي، ۽ ان پاڻ کي مشهور نه ڪيو هجي.“ جيڪڏهن ڪنهن فاسق گنهگار کي ڏسي ته هيءُ خيال آڻي ته ”دل ۾ ڪيترا وسوسا ۽ خيال اچن ٿا جي خود وڏو گناهه آهن، ۽ دل جو گناهه ظاهري گناهه کان گهڻو وڏو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته منهنجي اندر ۾ اهڙا گناهه هجن، جن کان مان غافل هجان ۽ انهن جي سبب منهنجا ظاهري عمل به برباد ٿي وڃن، ممڪن آهي ان ٻئي جي اندر ۾ ڪو اهڙو نيڪ خلق هجي جنهن سبب ان جي مڙيئي ظاهري گناهه معاف ڪيا وڃن، ۽ شايد هو مرڻ کان اڳ توبهه ڪري، ۽ سندس خاتمو خير سان ٿئي، ۽ ممڪن آهي مون کان ڪو اهڙو گناهه ٿئي جنهن جو سبب مرڻ وقت منهنجو ايمان خطري ۾ پئجي وڃي.“ هاڻي جڏهن هيءُ ممڪن آهي ته الله تعاليٰ وٽ ان جو نالو بدبخت (الاشقياء) لوڪن ۾ لکيو وڃي (ڪنهن به شخص جو نالو بدبخت لوڪن جي زمري ۾ آڻڻ الله تعاليٰ لاءِ ممڪن ضرور آهي)، ته پوءِ تڪبر ڪرڻ سراسر حماقت آهي، ۽ اهوئي ته سبب آهي جو مڙيئي عالم ۽ بزرگ هميشه نماڻا ۽ حليم رهيا آهن.

خوش فهمي ۽ خود پسندي

اڪثري لوڪ اهڙا آهن جي پنهنجي ۽ پنهنجي عملن متعلق سٺو گمان رکندا آهن، حالانڪه هو سراسري دوکي ۾ آهن، جن کان هو غافل رهن ٿا. کري ۽ کوٽي کي پرکڻ جي تميز نٿا رکن. خوش فهميءَ ۾ ڦاٿلن مان پهريون ٽولو عالمن جو آهي. انهن ۾ ڪيترا اهڙا آهن، جي پنهنجي ساري عمر علم پرائڻ ۾ صرف ڪن ٿا، مگر عمل ۽ معاملي ۾ قاصر ۽ ناقص رهن ٿا ۽ هيءُ خيال رکن ٿا ته ”اسان علم ۾ هڪ اهڙي مرتبي کي پهچي ويا آهيون، جو اسان کي عذاب هرگز نه ٿيندو، ۽ ٻيءَ ساريءَ مخلوق جي شفاعت به اسان جي هٿان ٿيندي.“ الله تعاليٰ ته فرمايو آهي ته ”ڇوٽڪارو ان لاءِ آهي، جنهن پاڻ کي پاڪ صاف رکيو، ۽ نه ان لاءِ جو پاڪائيءَ صفائيءَ جو فقط علم سکي.“[1] جيڪڏهن هو کڻي پنهنجي بري اخلاق کان واقف به ٿين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ان کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ دل جي صفائي ضروري آهي، مگر اتي وري هيءُ به خيال ڪن ٿا ته ”اسان جي دل انهيءَ خراب اخلاق کان پاڪ آهي.“

هاڻي، جڏهن انهن ۾ هيءُ تڪبر پيدا ٿئي ٿو، ته ان وقت شيطان موقعي جو فائدو وٺي، کين چوي ٿو ته ”هيءُ تڪبر نه آهي. دين جي عظمت ۽ عزت انهيءَ ۾ آهي، جيڪڏهن تنهنجي عزت نه ٿيندي، ته اسلام پوءِ ڪهڙيءَ طرح عزت حاصل ڪندو!“ اهڙو عالم جڏهن ڪو سٺو لباس پهري ٿو، گهوڙا، ساز سامان ۽ تجمل رکي ٿو، ته شيطان ان کي چوي ٿو ته ”هي سرڪشي نه آهي، پر ان مان مقصود دين جي دشمن جي شڪست آهي. جيڪڏهن منجهن (اهڙن عالمن ۾) حسد پيدا ٿيندو آهي. ته چوندا آهن ته ”هي دين ۾ اڏول رهڻ جي نشاني آهي. وري جيڪڏهن کانئن رياء ۽ ڏيکاءَ ظاهر ٿيندو آهي ته جواب ڏيندا آهن ته ”هن ۾ مخلوق جي مصلحت آهي، جيئن هو اسان جي عبادت کان واقف ٿي، اسان جي پيروي ڪن، جڏهن بادشاهن جي درٻار ۾ ويندا آهن تڏهن چوندا آهن ته ”هن مان (مقصود) ڪو ظالمن سان نرمائي ۽ هيٺانهين ڪرڻ نه آهي، جا واقعي حرام آهي، پر اهو ان لاءِ آهي ته اسين مسلمانن جي ڪا سفارش ڪريون، ۽ انهن جي ڀلي جو ڪم ڪريون.“ جيڪڏهن ڪنهن وقت حرام جو مال هٿ اچين ٿو ته جواب ڏين ٿا ته ”هيءُ حرام نه آهي، هن مال جو ڪو مالڪئي ڪونهي، اسين ان کي دين جي ڪمن ۾ خرچ ڪنداسين، ڇا لاءِ جو دين اسلام جي مصلحت اسان سان وابسته آهي.“

عالمن ۾ ڪي وري اهڙا آهن، جن صحيح علم جي سمجهڻ ۾ ئي غلطي ڪئي آهي، ۽ اهي علم جي زياده اهميت رکندڙ آهن، تن کي ڇڏي ڏنو اٿن: جيئن ته علم تفسير، حديث، فقہ، تصوف، علم اخلاق ۽ طريق رياضت، جي سڀئي فرض عين آهن، ۽ اهڙن علمن ۾ پنهنجي عمر ڳاري اٿن،جي کين دنيا کان هٽائي آخرت جي راهه نٿا ڏيکارين: جهڙوڪ جدل(1)، مناظرو ۽ خصومات خلق متعلق فتوائون. رات ڏينهن انهيءَ علم ۾ همه تن مشغول آهن، ۽ سمجهن ٿا ته علم هيءُ ئي آهي ۽ بس، جيڪڏهن ڪو شخص سندن انهيءَ علم کان منهن ڦيرائي ٿو ته چون ٿا ته ”هو حقيقي راهه کان هٽي ويو آهي ۽ صحيح علم کي وساري ويٺو آهي.“

بعض عالم وري پاڻ کي وعظ جي علم ۾ رنڀائين ٿا ۽ انهن جي ساري گفتگو محض سجع، نازڪ کان نازڪ نڪتن ۽ غير مفهوم مضمونن سان ڀرپور هوندي آهي، ۽ اهڙين عبارتن جي تلاش ۾ رهندا آهن، جن کي ماڻهو ٻڌي نعرا هڻي سندن تعريف ڪن. هو هيءُ نٿا سمجهن ته اصل نصيحت ته هيءُ آهي ته دل ۾ سزا ۽ جزا جو اهڙو احساس لڳايو وڃي، جنهن سان آخرت جا خوف خطرا ياد اچن، ۽ پوءِ انهن خوف خطرن کي ياد ڪري گريه زاري ۾ لڳي وڃجي، وعظ ۽ نصيحت به هن (آخرت جي) عذاب تي روئڻ پٽڻ هئڻ گهرجي، باقي اهو لُڙڪ وهائيندو جو هن احساس جو حامل ۽ ترجمان نه آهي، اهو، جا به ڳالهه ڪندو سا ڄڻڪه اڌاري آهي، ۽ ڪنهن جي به دل ۾ اثر نه ڪندي.

عالمن ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به آهي جو پنهنجو سارو وقت ظاهري فقه ۾ خرچ ڪري ٿو، ۽ هن حقيقت کي نٿو سڃاڻي ته فقه جي تعريف هن کان وڌيڪ ٻي ڪانه آهي ته ”اهو هڪ قانون آهي، جنهن جي ذريعي بادشاهه خلق تي پنهنجي سياست قائم رکي ٿو.“ ليڪن جا ڳالهه آخرت سان واسطو رکي ٿي، تنهن جو علم ئي ڪجهه ٻيو آهي. فقه ۾ درست آهي، اها آخرت ۾ فائديمند ٿيندي. ان جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪو شخص زڪوات جو سال جي آخر ۾ پنهنجي زال کي وڪڻي ڏئي ۽ ان جو مال پاڻ خريد ڪري وٺي. هن حالت ۾ ظاهري فتويٰ ته هيءَ آهي ته زڪوات ڏيڻ هاڻي ان جي ذمي نه رهندي (ڇو ته اها ساقط ٿي ويئي)، ٻين لفظن ۾ جو شخص بادشاهه جي پاران زڪوات اڳاڙي ٿو، ان کي هيءُ اختيار نه آهي ته هو اهڙي ماڻهوءَ کان زڪوات جي گهر ڪري، ڇا لاءِ جو ان جي نظر ظاهر مال تي هوندي آهي ( جو زڪوات ڏيندڙ جي قبضي ۾ هجي)، ۽ هيءَ ظاهر ملڪيت ته سال ختم ٿيڻ کان اڳيئي ويندي رهي- شايد فقيعه به ان جي منقطع ٿي وڃڻ تي فتويٰ ڏئي، ۽ ايترو به نه سمجهي سوچي ته جو شخص زڪوات ڏيڻ کان بچڻ جي خاطر ائين ڪري ٿو، اهو الله تعاليٰ جو ناراضپو ۽ ڪاوڙ خريدي ٿو. يا مثال طور ڪو شخص پنهنجي زال سان ترشيءَ سان هلي ٿو، ان کي رنج پهچائي ٿو، تان ته، هوءَ خلع (زال جي طرفان طلاق) ڪري کيس ”مهر“ موٽائي ڏئي. هاڻي ظاهر فتويٰ موجب ته هيءُ خلع درست آهي، ڇا لاءِ جو هن دنيا جي قاضيءَ کي فقط زبان سان ڪم آهي، دل جي راز کان هو غير واقف آهي، ليڪن اهڙو شخص آخرت ۾ پڪڙيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اهڙو خلع، ”اڪراه“ (زبردستيءَ) ۾ داخل آهي.

خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿيندڙن ۾ ٻيو گروه عابد لوڪن جو آهي، جي اهڙا ٺڳيل آهن، جو فضائل خاطر فرائض وڃايو ويهن- مثلاً،  جيڪڏهن ڪنهن کي طهارت ۾ اجايو شڪ آهي ته نماز بي وقت پڙهي ٿو، نرم دل ۽ مهربان پيءَ- ماءَ سان تکو ۽ سخت پيش اچي ٿو، ۽ پاڻيءَ ۾ پليديءَ جو بعيد گمان وٽس قريب جو درجو رکي ٿو. ۽ جڏهن کائڻ ويهي ٿو تڏهن سمجهي ٿو ته سڀ چيز حلال آهي، ۽ ممڪن آهي جو هو حرام محض کان به پرهيز نه ڪندو هجي. ڪوڙا ۽ نقلي عابد ۽ زاهد لقمي ۾ احتياط ڪرڻ جي بجاءِ، طهارت ۾ احتياط ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڌوٻيءَ جا ڌوتل ڪپڙا پهريل ڏسندا آهن ته چوندا آهن ته ”ان وڏو گناهه ڪيو آهي.“ حالانڪه هيءُ نادان نٿا ڄاڻن ته حضور صلعم جن کي ڪافر جيڪو ڪپڙو تحفي طور موڪليندا هئا، پاڻ اهو پائيندا هئا، ۽ جو ڪپڙو غنيمت جي مال مان حاصل ٿيندو هو، ان کي به بلا تڪليف استعمال ڪندا هئا.

انهن ۾ بعض اهڙا آهن، جي جڏهن نماز جي نيت ڪن ٿا ته ان وقت وسوسا انهن تي غالب پئجي وڃن ٿا، تان جو نيت ڪرڻ وقت آواز ڪرڻ ۽ هٿن کي ڪنن طرف ڦهلائڻ سبب پهرين رڪعت وڃائي ويهن ٿا. هو اهو نٿا سمجهن ته جيئن فرض ادا ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جي نيت ٿيندي آهي، نماز ۾ به تيئن نيت ٿيندي آهي (اجايو وقت نه وڃائبو آهي). نيت ۾ وسوسن سبب نه ته هو ٻيو دفعو فرض ئي ادا ڪن ٿا، ۽ نه زڪوات ئي ڏين ٿا. ڪي وري فاتحه سورت جي حرفن کي ادا ڪرڻ وقت وسوسن جو شڪار ٿين ٿا، تان جو حرفن کي مخرجن مان ٻاهر ڪڍن ٿا ۽ نماز جي حالت ۾ انهن جي دل انهيءَ طرف رهي ٿي ته حرف برابر مخرجن مان نڪرن. نمازيءَ کي ته گهرجي ته دل کي قرآن شريف جي معنيٰ ۾ لڳائي، ۽ ”الحمد“ چوڻ وقت سراپا شُڪر بڻجي وڃي ۽ ”اياڪ نعبد اياڪ نستعين“ پڙهڻ مهل توحيد ۽ عجز جو مجسمو ٿي پوي.

عابدن ۽ زاهدن ۾ اهڙا به آهن جي هرروز قرآن شريف ختم ڪن ٿا. پڙهڻ ۾ گهڻيءَ تڪڙ ۽ تيزيءَ جي ڪري انهن جي دل غافل رهي ٿي. انهن جي ساري ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته قرآن شريف جو هڪ ختمو سندن شمار ۾ اچي ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائين ته اسان هيترا دور ڪڍيا آهن، ۽ ستن منزلن مان هيتريون منزلون تلاوت ڪيون آهن، ۽ هو هيءُ نٿا ڄاڻن ته قرآن ڪريم جي هرهڪ آيت هڪ صحيفو آهي، جنهن ۾ ساري گهربل هدايت موجود آهي، انهن کي انهيءَ تي غور ڪري سبق حآصل ڪرڻ گهرجي. اهڙن جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن کي بادشاهه ڪو خط لکي ٿو جنهن ۾ سندس فرمان درج ٿيل آهي. هو ان خط کي وٺي، سندس فرمان کي اٿلائي پٿلائي پڙهڻ لڳي ٿو، ليڪن ان جي معنيٰ ۽ مطلب تي ڪو ڌيان ئي نٿو ڏئي.

ڪي وري آهن، جي جڏهن حج تي ويندا آهن تڏهن اتي مجاور ٿي ويهندا آهن، ۽ گهڻو ڪري روزي ۾ رهندا آهن، ليڪن دل ۽ زبان جي پوري نگهداريءَ نه ڪرڻ ڪري روزي جو حق نٿا ادا ڪن، ۽ حرمت جو پورو لحاظ نه رکي مڪي معظمه جو حق بجا نٿا آڻين، ۽ نه وري حلال جو توشو طلب ڪري حج جي رستي جو حق ئي پورو ڪن ٿا. انهن جي دل هميشه مخلوق سان لڳل رهي ٿي، ته جيئن لوڪ انهن کي ڪعبي جو مجاور خيال ڪن، ۽ پنهنجي زبان سان علي الا اعلان چوندا آهن ته ”اسان هيترا دفعا عرفات ۾ ويا آهيون ۽ هيترا سال بيت الله جا مجاور ٿي رهيا آهيون.“ هو هيءُ نٿا سمجهن ته پنهنجي گهر ۾ رهي ڪعبي شريف جي ياد ۾ رهڻ ان کان گهڻو بهتر آهي، جو ڪعبي ۾ رهي گهر کي ياد ڪجي، ۽ ان ڳالهه جي آرزو رکجي ته ماڻهو اسان کي مجاور سمجهن، ۽ ڪجهه صدقو خيرات ڏين. اهڙي قسم جا ماڻهو جڏهن ڪو لقمو کڻن ٿا تڏهن منجهن ڪنجوسائي ۽ غير يقيني پيدا ٿئي ٿي، جو کين هي خوف رهي ٿو ته متان ڪو کانئن اُهو لقمو ڦري وٺي.

انهن ۾ هڪڙو گروه اهڙو آهي جو زهد جو رستو اختيار ڪري، سادو لباس پائي ۽ ٿورو کائي ٿو اُهي مال ۾ ته اِهو زهد جو مظاهرو ڪن ٿا، ليڪن جاه ۽ قبول کي ترڪ نٿا ڪن. ماڻهو انهن کان برڪت طلب ڪندا آهن ته هو انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن، ۽ ماڻهن جي نظرن اڳيان پنهنجي تقدس کي خوب درست رکندا آهن. هو اها سوچ نٿا ڪن ته مال کان زياده نقصانڪار جاه آهي جنهن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ۽ جنهن جي آسري ۽ اميد ۾ هرڪنهن قسم جون تڪليفون برداشت ڪرڻ آسان آهن. سچو زاهد اهو آهي، جو جاه کي ترڪ ڪري سگهي. ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ان زاهد کي ڪو شخص ڪا شيءِ ڏيندو آهي ته هو ان جي وٺڻ کان انڪار ڪندو آهي، ته منان ماڻهو ائين سمجهن ته هو زاهد نه آهي. پر وري جيڪڏهن کيس چوندا آهن ته ”ڀلا ظاهر ۾ هيءَ شيءِ وٺ، ۽ پوءِ پوشيده طور تون ڪنهن مستحق فقير کي کڻي ڏجانءِ،“ ته اها ڳالهه به ان کي موت کان زياده سخت لڳندي آهي، پوءِ اها شيءِ حلال ئي ڇو نه هجي، ليڪن درحقيقت هو هن خطري کان ان کي قبول نٿو ڪري ته متان ماڻهو کيس زاهد نه سڏين. ان ڪري اهڙو زاهد غريبن جي ڀيٽ ۾ اميرن جو زياده لحاظ ۽ قدر ڪري ٿو. هيءَ ساري دوکيبازي آهي.

ڪي زاهد اهڙا به آهن جي سڀيئي نيڪ عمل بجا آڻين ٿا، هر روز هڪ هزار نمازون ۽ ڪيترا هزار تسبيخ جا پڙهن ٿا، رات جو بيدار رهن ٿا، ۽ ڏينهن جو روزا رکن ٿا. ليڪن باوجود ان سڀ جي هو دل جي سنڀال نٿا ڪن، ته جيئن اها خراب اخلاق کان صاف ۽ پاڪ رهي. سندن اندر حسد، ريا، ۽ تڪبر سان ڀريو رهي ٿو. هو عام طور تي بدمزاج ۽ ترش روءِ ٿيندا آهن، ۽ خدا تعاليٰ جي مخلوق سان شوخيءَ ۽ ڪاوڙ سان پيش ايندا آهن، ڄڻڪ هرهڪ کان رٺل آهن. هو ايترو به خيال نٿا ڪن ته بدخوئي سڀني نيڪن کي برباد ڪري ٿي، ۽ نيڪ خلقي مڙن ئي عملن جي سردار آهي. هي ڪمبخت عبادت ڪن ته ڄڻڪ ماڻهن تي احسان ٿا ڪن. سڀ ڪنهن ڏانهن حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا، ۽ پاڻ کي ماڻهن کان الڳ رکن ٿا جيئن ڪو هٿ به نه لائين، ۽ ايترو خيال نٿا ڪن ته حضور صلعم سڀني عابدن ۽ زاهدن جي سردار هئڻ جي باوجود سڀ مخلوق سان گهڻو خوش خلقيءَ سان کلمک ٿي ملندا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ۽ اهو ماڻهو، جو نهايت گدلو سدلو هوندو هو، جنهن کي نفرت کان ڪوبه پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ نه ڏيندو هو، تنهن کي، پاڻ سڳورا ساڻس هٿ ملائي گلي لڳائيندا هئا. سڀ کان ويجهي جڳهه ڏيندا هئا، اهڙا خوش فهم، نبي سائينءَ جن جي شريعت جا سچا پيرو هئڻ جي دعويٰ به ڪن ٿا، ليڪن عمل سندن طريقي جي بلڪل خلاف ڪن ٿا. خوش خياليءَ ۾ گرفتار ٿيلن ۾ ٽيون طبقو صوفين جو آهي. جيترو تڪبر ۽ پنهنجي نسبت سٺو گمان اِنهن ۾ آهي، ايترو ٻئي ڪنهن به فرقي ۾ نه آهي. ڇاڪاڻ ته جيتريقدر رستو باريڪ ۽ مقصود عزيز هوندو آهي، تيتريقدر دوکا، شڪ ۽ شبها زياده هوندا اهن. ليڪن ڪن جاءِ نماز (مصلي) ۽ گودڙيءَ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه ڏٺو ئي ڪونه، ۽ انهيءَ صوفياني وضع پوشاڪ ۽ نشست برخاست کي اختيار ڪري صوفي بنجي ويٺا آهن، ۽ خالص صوفين وانگر جاءِ نماز تي ويهي ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺا آهن، ۽ ان ڪري وسوسن ۾ ڦاسي ڪنڌ لوڏڻ ۾ لڳي ويا ۽ انهيءَ کي ئي کڻي صحيح تصوف سمجهيائون. انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جي صوفين جي ظاهري لباس کي لحاظ ۾ رکڻ کان به عاجز آهن، جو کڻي انهن جيان ڦاٽل ڪپڙو پائين، ۽ اُهي باريڪ نيليون لونگيون، ۽ سٺيون گودڙيون زيب تن ڪن ٿا، ۽ سمجهن ٿا ته بس، ڪپڙن کي آسماني پيلو يا گيڙو رنگ ڏيڻ سان ڪم پورو ٿيو. انهن کي اها خبر نه آهي ته وڏا صوفي رنگين لباس ان لاءِ پهريندا هئا، ته جيئن جلدي ميرو نه ٿئي، ۽ ڌوئڻ جي ضرورت نه پوي، ۽ نيرو رنگ انهيءَ لاءِ اختيار ڪندا هئا، جو هو سمجهندا هئا ته دين ۾ وڏيون آزمائشون آهن، ۽ هيءُ رنگ انهن جي حال سان بلڪل ٺهڪي آيو ٿي. هيءُ ڪمبخت انهن جيان (تصوف ۾) غرق نه آهن، جو ڪپڙا نه ڌوئي سگهن، يا اهڙيءَ مصيبت هيٺ نه آيا آهن، جو ماتمي لباس پائين، ۽ نه وري اهڙا عاجز ئي آهن، جو جنهن هنڌ ڪپڙو ڦاٽي پوي تنهن هنڌ ٽوپو يا چتي هڻن ته جيئن گودڙي بنجي وڃي.

بعض صوفي وري هن قسم جا آهن، جو جهڙيءَ طرح هو لُنڊو ۽ ڦاٽل ڪپڙو پائي نٿا سگهن، تهڙيءَ طرح فرض ادا ڪرڻ ۽ گناهن کي ترڪ ڪرڻ تي پڻ قدرت نٿا رکن. عجب ته هيءُ آهي ته ان هوندي به هو پنهنجي عجز ۽ قصور جو اعتراف نٿا ڪن، ڇا لاءِ جو هو شيطان ۽ نفساني خواهشن جي هٿ ۾ گرفتار آهن. اٽلو انهن جي هيءُ چوڻ آهي ته ”ڪم دل سان آهي، ظاهري صورت کي ڏسڻ اجايو آهي،“ ۽ چوندا آهن ته ”اسان جي دل هميشه نماز ۾ لڳل آهي ۽ خدا تعاليٰ هروقت عجز ۽ نياز سان ساڻ آهي. اسان کي انهن ظاهري عملن جي ڪا حاجت ئي ڪانه آهي، انهن مشقتن ۽ تڪليفن جو حڪم فقط انهن لاءِ آهي، جي پنهنجي نفس جا قيدي آهن، اسان جو نفس مري چڪو آهي، ۽ اسان جو دين بلڪل سلامت آهي.“ جڏهن عابد لوڪن کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته ”هيءُ بيگاري آهن،“ ۽ جڏهن علمائن کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته ”هيءءُ ڳالهين ۾ اڙيل آهن ۽ حقيقت کان پري پئجي ويا آهن.“ هن قسم جا صوفي سچ پچ واجب القتل آهن ۽ انهن جو خون وهائڻ بالاجتماع مباح آهي.

ٻيا وري اهڙا آهن جي صوفين جي خدمت لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آهن، ليڪن خدمت جي حقيقت ته هيءَ آهي ته ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال انهن تي قربان ڪري ۽ پاڻ کي انهن جي عشق ۾ بلڪل وساري ڇڏي پر جيڪڏهن انهن مان ڪو شخص اهڙو ڌنڌو قائم ڪري جيئن انهن (صوفين) جي سبب، مال هٿ ڪري ۽ انهن کي به پنهنجي طبع موافق بنائي، تان ته خادم مشهور ٿي پنهنجو نالو ڪڍي ۽ ماڻهو سندس عزت ۽ احترام ڪن، ۽ حلال ۽ حرام جو مال جتان کيس دستياب ٿئي، کڻي اچي انهن کي ڏئي، ته جيئن سندس گرم بازاري سرد پئجي ختم نه ٿي وڃي، ته هو ٺڳيل ۽ فريب زده آهي.

صوفين ۾ ڪي اهڙا به آهن جي رياضت جا مڙيئي رستا طئه ڪن ٿا، ۽ پنهنجي نفساني خواهش کي به ماري مات ڪن ٿا، ۽ پاڻ کي سارو ئي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪري، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سندس ذڪر ۾ مشغول رهن ٿا. ائين ڪرڻ سان کين ڪشف ٿئي ٿو، ۽ جنهن چيز کي هو چاهين ٿا، ان جي خبر لهن ٿا. جيڪڏهن ڪا تقصير ڪن ٿا ته الله تعاليٰ جي طرفان کين تنبيه ٿئي ٿي (جنهن جو خود مشاهدو ڪن ٿا)، ۽ غالبا ڪنهن وقت هو پيغمبرن ۽ فرشتن کي سهڻيءَ شڪل ۾ ڏسن ٿا، ۽ وقتا خود پنهنجي صورت کين آسمان تي نظر اچي ٿي. ان جي حقيقت جيڪڏهن صحيح هجي، ته اها هڪ سچي خواب مثل آهي، ليڪن خواب ته ستلن کي ٿيندو آهي، ۽ هيءَ مشاهدو ته بيداريءَ ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ته هو ٺڳجي چوڻ لڳي ٿو ته جو ڪجهه زمين ۽ آسمان درميان آهي، اهو ڪيترا دفعا منهنجي اڳيان پيش ڪيو ويو آهي!“ ۽ هيءُ گمان ڪري ٿو ته ”ولين جي آخري منزل اجها هيءَ آهي، حالانڪ الله تعاليٰ مخلوق ۾ جي صفتون ۽ ڪاريگريون رکيون آهن، انهن مان هيءَ اڃا هڪ کان به واقف نه ٿيو آهي، ۽ سمجهي ٿو ته جو ڪجهه موجود آهي اهو هيءَ ئي آهي جو مون ڏٺو ۽ بس.

جڏهن هيءَ حالت پيدا ٿئي ٿي تڏهن ان وقت هو پاڻ کي ڪامل تصور ڪري ٿو، ۽ ان سبب خوشيءَ ۾ اچي ڪري، طلب کان ئي قاصر رهجيو وڃي ٿو. ممڪن آهي ته سندس نفس، جو ڪنهن وقت مغلوب ٿي چڪو هو، سو وري آهستي آهستي زور پڪڙڻ شروع ڪري ڏئي، ۽ هو انهيءَ ئي خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهي ته مان اهڙيون ڪي اهڙيون شيون ڏسي چڪو آهيان، ۽ پوءِ پاڻ کي پنهنجي نفس کان سلامت وڏو سمجهي ۽ ڪمال تي رسيل خيال ڪري. هيءُ نهايت وڏو ڌوڪو آهي، ۽ اُن تي ڪوبه ڀروسو نه آهي.

ڀروسو ان شيءِ تي ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ڪنهن جي طبيعت بدلجي وڃي، ۽ هو شريعت جو خوشيءَ سان تابعدار ٿي وڃي، ۽ ان ۾ ڪابه چون چران نه ڪري. شيخ ابوالقاسم گرگاني رحمة الله عليہ فرمائين ٿا ته ”پاڻي تي هلڻ، هوا ۾ اڏامڻ ۽ غيب جون خبرون ڏيڻ ڪا ڪرامت ڪانه آهي. ڪرامت ته هيءَ آهي ته آدمي بلڪل اَمر الاهي بنجي وڃي، ۽ شريعت جي خلاف کانئس ڪوبه ڪم صادر نه ٿئي.“ ممڪن آهي ته پاڻيءَ تي هلڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ شيطان جي طرف کان هجي، ڇا لاءِ جو شيطان به غيب جون  ڪجهه ڳالهيون ڄاڻي ٿو، ۽ ڪيترا ڪاهن به غيب جون خبرون ڏيندا آهن ۽ کانئن عجيب ۽ غريب ڪم سر زد ٿين ٿا. ڀروسو فقط ان حالت ۾ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن تنهنجي هستي ۽ خواهش گم ٿي وڃي، ۽ انهن جي جاءِ شريعت جي فرمانبرداري اچي والاري. پوءِ جيڪڏهن تون شينهن تي سوار ٿي نه سگهئين ته ڪو حرج ڪونهي، ڇا لاءِ جو جڏهن تو ڪاوڙ ۾ غصي جي ڪتي کي مغلوب ۽ مقهور ڪيو، ته پوءِ ڄڻڪ تون گهڻن ئي شينهن جي پٺيءَ تي سوار ٿي وئين.

چوٿون ٽولو مالدارن ۽ اميرن جو آهي، جي پڻ هن خوشفهميءَ جا مريض آهن ۽ انهن مان اڪثر دوکو ۽ فريب کاڌل آهن، ڇاڪاڻ ته ڪي مالدار لوڪ اهڙي مال مان مسجد، مسافرخانو ۽ پل وغيره بنائين ٿا، جو حرام طريقي سان حاصل ڪيل آهي: هو سمجهن ائين ٿا ته ڪو وڏو ثواب جو ڪم ڪيو اٿن، ليڪن ان فعل سبب سندن گناهه پاڻ وڌي ٿو وڃي. ڪي وري مال ته حلال جو خرچ ڪندا آهن، ليڪن انهن جو مقصد محض ڏيکاءَ هوندو آهي، ۽ ٿوري خرچ ڪرڻ ۾ به هي چاهيندا آهن ته سندن نالو پڪيءَ سر تي اڪرايو وڃي. انهن کي جيڪڏهن چيو وڃي ته ”الله تعاليٰ غيب جو ڄاڻندڙ آهي ۽ اصل آدميءَ کان بخوبي واقف آهي،“ تڏهن به اهي هن ڳالهه کي قبول نٿا ڪن. انهن جي رياڪاريءَ جي هيءَ نشاني ڪافي آهي ته سندن پاڙي ۾ اهڙا به غريب مسڪين رهن ٿا، جي ويلي جا به محتاج آهن، ليڪن هو انهن کي نٿا ڏين، حالانڪ انهن کي ڏيڻ ۾ وڌيڪ فضيلت ۽ ثواب آهي.

منجهن بعض اهڙا به آهن جي مال ته خالص نيت سان صرف ڪن ٿا، مگر ان کي مسجد جي نقش ۽ نگار تي ڪم آڻين ٿا ۽ ان کي وڏو نيڪيءَ جو ڪم تصور ڪن ٿا حالانڪه ان مان ٻه برايون پيدا ٿين ٿيون: هڪڙي هيءَ آهي جو نماز جي حالت ۾، ماڻهن جي دل ان نقش ۽ نگار جي طرف مشغول رهي ٿي، ٻئي هي ته اهڙي نقش نگار کي خود پنهنجي جڳهه ۾ بنائڻ جي خواهش ماڻهو ۾ پيدا ٿئي ٿي، ۽ دنيا سندس نگاهن ۾ وڻندڙ ۽ محبوب ٿيو پوي. مسجد جي آبادي ته انهن دلين سان ٿيندي آهي، جي خشوغ ۽ خضوع سان آراسته ۽ دنيا کان نفرت سان پيراسته هونديون آهن. اها چيز جا ماڻهن جي دل ۾ خضوع ۽ خشوع کي دور ڪري ۽ دنيا کي آراسته ظاهر ڪري، اها مسجد جي ويرانيءَ جو سبب ٿئي ٿي.

مالدارن ۾ هڪڙي اهڙي به جماعت هوندي آهي، جا فقيرن ۽ غريبن کي ڪٺو ڪرڻ درست سمجهندي آهي ته جيئن شهر ۾ سندن مشهوري ٿئي، يا وري اهڙن ۾ مال ورهائيندا آهن، جي زبان دراز ۽ مشهور هوندا آهن، يا ان قافلي کي ڏيندا آهن، جو حج لاءِ روانو ٿيندو آهي، يا وري انهن کي ڏيندا آهن جي خانقانشين هوندا آهن، ته جيئن سڀني کي پتو لڳي وڃي ۽ سندن شڪر گذار رهن. جيڪڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ”هيءَ مال لڪائي يتيمن ۾ تقسيم ڪريو، جو حج جي راه ۾ خرچ ڪرڻ کان به زياده افضل ۽ بهتر آهي“ ته ائين نٿا ڪن، ڇا لاءِ جو لوڪن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ ۾ انهن کي مزو ۽ شوق اچي ٿو، ۽ سمجهن ٿا ته اسان وڏي ثواب جو ڪم ڪري رهيا آهيون. انهن ۾ اهڙا به آهن جي زڪوات کان سواءِ هڪ پائي به خرچ نٿا ڪن، ۽ زڪوات ۽ عشر به اهڙن ماڻهن کي ڏين ٿا، جي سندن ڪاروبار ۾ لڳل آهن، ۽ ڪي ته وري اهڙا ڪنجوس آهن جو زڪوات ئي ادا نٿا ڪن، ۽ پارسائيءَ جا دعويدار بڻيا ويٺا آهن- هميشه روزا رکن ٿا ۽ رات جو بيدار رهن ٿا. انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن کي مٿي ۾ سور ٿئي ٿو ته دوا وري پير جي تريءَ تي ٿو لڳائي. هاڻي هيءُ بدبخت اهو نٿو سمجهي ته ان کي ڪنجوسائيءَ جي بيماري آهي، ۽ گهڻي کائڻ جي. ان جو علاج خرچ ڪرڻ ۾ آهي، ۽ نه بک ڪاٽڻ ۾.

خود پسندي (فخر ڪرڻ) به هڪ بيماري آهي، ان جو ڪارڻ محض جهالت آهي، ۽ ان جو علاج فقط معرفت آهي. هاڻي جو شخص رات ڏينهن علم ۽ عبادت ۾ مشغول آهي، تنهن کان اسين پڇون ٿا ته ”تنهنجي خود پسندي انهيءَ ڪري آهي ڇا ته هي عمل تنهنجي طاقت ۽ قوت کان سواءِ ئي توکان سرزد ٿئي ٿو، يا تنهنجيءَ خودپسندي جو سبب هيءُ آهي، ته اهو عمل تنهنجي پنهنجي ذات کان پيدا ٿئي ٿو، ۽ تنهنجي ذاتي قوت جوئي نتيجو آهي؟“ جيڪڏهن پهريون سبب آهي، ته پوءِ تنهنجي خودپسندي توکي نٿي سونهي، ڇاڪاڻ ته تون خود هڪ ٻيءَ طاقت جي هٿ ۾ هڪ اوزار آهين! پر جيڪڏهن تنهنجو چوڻ آهي ته ”هيءُ عمل مان پاڻ ڪريان ٿو ۽ منهنجي ئي طاقت ۽ قدرت کان سرانجام ٿئي ٿو،“ ته پوءِ هن ڳالهه کي ته خيال ۾ آڻ ته ڀلا هيءَ قدرت ۽ قوت، عضوا ۽ ارادو، جن جي ذريعي هيءُ عمل ظاهر ٿيو، ڪٿان آيا؟ پر جيڪڏهن تون چوين ٿو ته ”هي عمل منهنجي پنهنجي خواهش کان ظاهر ٿيو آهي، ته پوءِ اسان دريافت ڪرڻ گهرون ٿا ته تو ۾ ٻيءَ خواهش ۽ دل جي جوش جو پيدا ڪندڙ ڪير آهي؟ هاڻي، جڏهن سڀ شيون الله تعاليٰ جي طرفان عنايت ڪيل آهن، ته توکي به ان جي عنايت ۽ بخشش تي ئي اوتري خودپسندي ڪرڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو هن توکي پيدا ڪيو ۽ تو ۾ هيءُ صفتون رکيائين، ۽ قدرت ۽ ارادي کي پيدا ڪيائين، تون وچ ۾ ڪجهه به نه آهين، ۽ نه وري ڪا شيءِ تنهنجي سبب کان ئي آهي، ڳالهه فقط هيءَ آهي ته تون ان جي قدرت جو هڪ مظهر آهين ۽ بس. جيڪڏهن ڪو شخص هيءُ سوال ڪري ته ”جڏهن مان ڪجهه ڪريان ئي ڪونه ٿو، ۽ سڀڪجهه الله تعاليٰ ئي ڪري ٿو، ته پوءِ ثواب جي اميد ڪنهن هنڌ رکڻ گهرجي؟ ثواب ته اسان کي پنهنجي عمل جي ڪري ئي ملي ٿو، جو اسان جي اختيار ۾ آهي!“ ان جي جواب ۾ اسان جو چوڻ آهي ته ”صحيح ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته تون فقط حق تعاليٰ جي قدرت جو هڪ مظهر آهين، ۽ بس، ٻيو ڪجهه به نه آهين. ”جڏهن تو (اي محمد) اڇلايو تڏهن حقيقت ۾ تو نه اڇلايو،(1) پر الله تعاليٰ اڇلايو.“ پر ڇاڪاڻ ته جڏهن حرڪت کي علم قدرت ۽ ارادي کان پوءِ خلقيائين، تڏهن تو سمجهيو ته هيءَ ڪم تو پاڻ ڪيو آهي. هن جو ڳجهه گهڻو اونهو آهي ۽ تون سمجهي نه سگهندين. خير، وري به هتي اسين تنهنجي سمجهه آهر ڪجهه ٻڌائڻ چاهيون ٿا. تون فرض ڪري وٺ ته عمل، جو تون ڪرين ٿو، تنهنجي ئي قدرت سبب آهي (تون ان تي قادر آهين)، پر تنهنجو عمل، ارادي، علم ۽ قدرت کان سواءِ ممڪن نه آهي. هاڻي تنهنجي عمل جي ڪنجي هيءُ ٽي شيون آهن ۽ هي ٽي ئي الله تعاليٰ جون عطا ڪيل آهن. اُن جو مثال هيءَ آهي، جو هڪ محفوظ خزانو آهي جنهن ۾ ججهي دولت ۽ بيشمار نعمتون آهن، ۽ تون ان خزاني کي حاصل ڪري نٿو سگهين، ڇا لاءِ جو تو وٽ ان جي ڪنجي ڪانه آهي. خزانچي ان خزاني جي ڪنجي توکي ڏئي ٿو، جنهن سان تون اهو خزانو هٿ ڪرين ٿو.

هاڻي ٻڌاءِ ته تون ان دولت جي نسبت ان خزانچيءَ ڏانهن ڪندين جنهن توکي ڪنجي ڏني آهي، يا پنهنجي هٿ ڏانهن ڪندين، جنهن ان ڪنجيءَ ذريعي وڃي خزاني تي قبضو ڪيو آهي؟ تون پاڻ ان ڳالهه کي سمجهين ٿو ته جڏهن ان (خزانچي) ڪنجي تنهنجي حوالي ڪئي، ته پوءِ خزانو رڳو کڻڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم هو؟ تنهنجي قدرت، جا ڪمن جي ڪنجي آهي، ان جا سڀيئي اسباب الله تعاليٰ عنايت فرمايا آهن. لهٰذا، ان جي فضل ۽ ڪرم تي نازل ڪرڻ گهرجي، جنهن عبادت جي خزاني جي ڪنجي تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي.

جيڪڏهن ڪو مفلس عقلمند هن ڳالهه تي تعجب ڪري ٿو ته حق تعاليٰ جاهل کي مال بخشيو آهي ۽ مون کي باوجود عقل هئڻ جي به ان کان محرم رکيو آهي، ته هو به خودپسنديءَ ۾ داخل آهي. ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته عقل سڀني نعمتن کان وڏي شيءِ آهي، ۽ اها به حق تعاليٰ جي مٿس مهرباني آهي جنهن کيس عقل جي نعمت عطا ڪئي آهي. جيڪڏهن ٻيئي، عقل ۽ مال، انهيءَ کي ڏنا وڃن ها، ۽ جاهل کي ٻنهي کان بي بهره رکيو وڃي ها ته هيءَ ڳالهه البت انصاف وٽان نه هجي ها. هن عقلمند کي (جو اهڙي شڪايت ڪري ٿو) جيڪڏهن عقل جي عيوض مال وٺڻ لاءِ چيو وڃي ته هو اهڙي آڇ ڪڏهن به قبول نه ڪندو.

 
[1] قرآن مجيد: وفد من تزڪي.
(1) علم الجدل اهو آهي جنهن ۾ حجت بحث ۽ رائزني ڪئي وڃي ٿي (Polemcs).
(1) قرآن مجيد: ”وَمَارَ مَيُت اذرميت و الٰڪنُ اللهّ رَمَي“

سيڪشن؛  فلسفو
ڪتاب: ڪيميائي سعادت
رڪن چوٿون
صفحو :11
رڪن چوٿون

توبهه

معلوم هئڻ گهرجي ته توبهه ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي طرف موٽڻ، مريدن جو پهريون قدم آهي، ۽ سالڪن جي راهه جي ابتدا آهي. دنيا جي پيدائش کان وٺي ويندي آخر تائين، گناهن کان پاڪ رهڻ فرشتن جو ڪم آهي، ۽ هميشه گناهن ۾ غوطا کائڻ شيطان جو پيشو آهي. گناهه کي ڇڏڻ ۽ حق تعاليٰ جي طرف منهن موڙڻ ۽ تائب ٿيڻ، آدم ۽ آدمين جو ڪم آهي. جنهن شخص پنهنجي گذشته گناهن کان توبهه ڪئي، تنهن ڄڻڪ پنهنجي نسبت حضرت آدم عليه السلام سان درست ڪئي. ليڪن ساري عمر عبادت ۾ رهڻ آدميءَ لاءِ ناممڪن آهي، ۽ انسان کي جڏهن ناقص پيدا ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هروقت توبهه ڪرڻ سندس لاءِ ضروري آهي، جنهن کان سواءِ سندس لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ڪافر آهي ته ان لاءِ واجب آهي ته ڪفر کان توبهه ڪري، ۽ جي مسلمان آهي ۽ سندس مسلماني محض والدين جي تقليد آهي، ۽ فقط زبان سان ڪلمو پڙهي ٿو ۽ دل کان غافل رهي ٿو، ته ان جي لاءِ ان غفلت کان توبهه ڪرڻ واجب آهي، ۽ توبهه هن طرح ڪري، جيئن سندس دل ايمان جي حقيقت کان آگاهه ٿي وڃي. پر جيڪڏهن ڪنهن تقليدي ايمان کان به توبهه ڪئي آهي ته به هو معصيت کان خالي نه هوندو، جنهنڪري گناهه کان توبهه ڪرڻ مٿس لازمي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ظاهر کي گناهن کان پاڪ به ڪيو هجيس ته به ان جو باطن گناهه جي تخم کان خالي ڪونه هوندو، جيئن ته طعام جو حرص، مال ۽ جان جي دوستي، حسد ۽ ريا وغيره، ڇاڪاڻ ته هي سڀ گناهن ۽ براين جي پاڙ آهن- جن سڀني کان توبهه ڪرڻ واجب آهي. فرض ڪريو ته هو انهن سڀني کان صاف ۽ پاڪ آهي ته پوءِ به وسوسن، نفس جي ڳالهين ۽ بيجا خيالن کان خالي ڪونه هوندو، جن کان توبهه ڪرڻ به ضروري آهي. الله تعاليٰ کي فراموش ڪرڻ سڀ نقصان جي جڙ آهي، پوءِ کڻي هيءَ فراموشيء هڪ گهڙيءَ لاءِ ڇو نه هجي. انهيءَ کان به توبهه ڪرڻ واجب آهي. هاڻ جيڪڏهن سندس حالت اهڙي ٿي ويئي آهي جو هو هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي ٿو، ته به ان حالت جا مختلف درجا آهن، جن مان هرهڪ پنهنجي مٿان واري درجي نسبت نقصان ۾ آهي، ۽ نقصان واري درجي تي قناعت ڪرڻ، باوجوديڪ ان کان اعليٰ درجي جو حصول به ممڪن هجي، سراسر ڇيهو آهي- جنهن کان توبهه ڪرڻ پڻ واجب آهي. انهيءَ لاءِ ته چيو ويو آهي ته ”نيڪو ڪارن جون چڱايون به مقرب لوڪن جي نزديڪ مدايون آهن(1). هتي جيڪڏهن ڪو شخص سوال ڪري ته جڏهن ڪنهن آدميءَ ڪفر ۽ معصيت کان توبهه ڪئي آهي، ۽ اعليٰ درجن جي حاصل ڪرڻ ۾ غفلت ۽ گهٽتائيءَ کان توبهه ڪرڻ فضائل ۾ شمار آهي ۽ نه فرائض ۾، تڏهن پوءِ ان حالت ۾ تون ڪيئن ٿو چوين ته انهيءَ کان به توبهه ڪرڻ واجب آهي؟ ته ان جو جواب هيءُ آهي ته واجب جا ٻه قسم آهن: هڪڙو اهو جنهن کي ظاهر فتويٰ ۾ عام خلق جي درجي جو اهو مقدار چئجي، جو جيڪڏهن ماڻهو ان (درجي قدر) ۾ مشغول ٿين ته دنيا ويران ٿيڻ کان بچي وڃي، ۽ هو ان جي معشيت ۾ لڳا رهن، ۽ هي اهو واجب آهي جو ماڻهن کي دوزخ جي عاب کان بچائيندو. ٻيو واجب هيءُ آهي ته عام لوڪ ان جي طاقت نٿا رکن، ۽ جو شخص ان تي قائم نه رهي اهو دوزخ کان ته بچي پوندو، مگر بلند مرتبي جي حاصل ڪرڻ جي حسرت کان ڇٽي نه سگهندو. قيامت جي ڏينهن جڏهن هڪ گروهه کي پاڻ کان مٿي گهڻو بلند ۽ برتر ڏسندو، تڏهن هن لاءِ اها حسرت به هڪ عذاب هوندي. انهيءَ توبهه کي جڏهن اسان واجب قرار ڏنو آهي، ته اهو محض هن حسرت جي عذاب کان بچڻ جي غرض خاطر ڪيو آهي. جيئن اسين خود هن جهان ۾ ڏسون ٿا ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن بلند درجي کي پهچي ٿو، تڏهن ٻين جي دل ۾ ان حد تائين ڄڻ دنيا تنگ ۽ اونداهي ٿيو پوي.

هاڻي، هتي هيءُ ڄاڻڻ ضروري آهي ته جو شخص توبهه نٿو ڪري ته ان جو علاج هيءُ آهي ته ڏٺو وڃي ته آخر ڪهڙن سببن جي ڪري هو گناهه تي اصرار ڪري ٿو، ۽ تائب نٿو ٿئي. هڪڙو سبب اُن جو هيءُ آهي ته ماڻهوءَ تي نفساني خواهشون ۽ دنيا جون لذتون ايترو ته غلبو ڪري وڃن  ٿيون، جو هو آخرت جي خطري کان غافل ٿي وڃي ٿو ۽ انهن خواهشن جي ترڪ ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي. ان کي هيءُ خيال ڪرڻ گهرجي ته جو آدمي لذتن کي خيرباد چوڻ جو تاب سهي نٿو سگهي، اهو ڀلا دوزخ جي باهه جو بار ڪيئن کڻي سگهندو! بيمار کي ٿڌي پاڻيءَ کان زياده ٻي ڪا شيءِ پسند نه ايندي آهي، ليڪن جڏهن ڪو حاذق طبيب انهيءَ پاڻي جي نقصان کان کيس آگاهه ڪري ٿو، تڏهن هو شفا جي آسري تي پاڻيءَ کي ڇڏي ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي خواهش جي خلاف عمل ڪري ٿو. الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جو قول، جنهن موجب نيڪ بندن کي هميشه جي بادشاهي نصيب ٿيندي، خواهش کي ترڪ ڪرڻ کان گهڻو مقدم هئڻ گهرجي.

ڪي مومن وري اهڙا به هوندا آهن جي هر وقت توبهه جو ارادو ته ڪن ٿا، ليڪن تاخير کان ڪم وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته ”سڀاڻي ڪنداسون،“ ۽ جڏهن ڪا خواهش آڏو اچين ٿي ته چون ٿا ته ”ان کي ته پورو ڪريون، پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين.“ هاڻي، اهو شخص جو توبهه ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿو ته ان کي چوڻ گهرجي ته ”توبهه جي معاملي ۾ تون سڀان تائين ڇو ٿو ترسين، ۽ سڀان جو ڏينهن ڪو تنهنجي هٿ ۾ ڪونه آهي. ٿي سگهي ٿو تون اڄ ئي فوت ٿي وڃين.“ اهو ته سبب آهي جو حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته ”اهل دوزخ وارن جي واويلا زياده تر تاخير جي سبب کان هوندي.“

باقي اهو شخص جو پنهنجي مسلمانيءَ تي ڀروسو رکي ٿو، ته ”الله تعاليٰ مسلمان کي معاف ڪري ڇڏيندو“، انهيءَ کي اسين چونداسين ته ”شايد الله تعاليٰ معاف نه ڪري ۽ تنهنجي عبادت نه ڪرڻ جي ڪري شايد تنهنجي ايمان جو درخت ڪمزور ٿي وڃي، ۽ موت جي وقت سڪرات جي آنڌيءَ آڏو اکڙي وڃي، ڇاڪاڻ ته ايمان هڪ اهڙو درخت آهي، جو عبادت جي پاڻيءَ سان نشونما وٺي ٿو ۽ مضبوط ٿئي ٿو- جڏهن ان کي پاڻيءَ نه ملندو تڏهن ان جو خطري ۾ پئجي وڃڻ ممڪن آهي. پر جنهن شخص گهڻا گناهه ڪيا هجن ۽ عبادت به ڪئي هجي، ته ان جي ايمان جو مثال ان بيمار وانگر آهي، جنهن جي بيماري گهڻو وڌي ويئي هجي ۽ هو هر وقت هلاڪت جي خطري ۾ هجي، پوءِ به جيڪڏهن اهڙو شخص پاڻ سان ايمان کڻي اچي ته به ٻيئي ڳالهيون ممڪن آهن، يعني خدا تعاليٰ ان کي بخشي يا نه بخشي.

بندي کي گهرجي ته هر وقت پنهنجي نفس کي مهڻا ڏيندو رهي ته جيئن توبهه ڪرڻ ۾ آساني ٿئيس. سندس نفس اهڙي نموني تي خلقيو ويو آهي، جو هو نيڪيءَ کان ته هميشه ڀڄندو رهي ٿو، مگر برائيءَ ۾ خواه مخواه پيو پاڻ کي ڦاسائي. سندس طبيعت ۾ ڪاهلي ۽ اجائي خواهش پرستي آهي. ۽ توکي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته تون ان کي هن عادت کان ڦيراءِ ۽ بي راهه رويءَ کان هٽائي راهه تي لڳاءِ. نفس جي درستي ڪڏهن سختيءَ سان ٿيندي آهي ته ڪڏهن نرميءَ سان، ڪنهن وقت ڪردار سان ته وري ڪنهن وقت گفتار سان، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه ان جي طبيعت ۾ موجود آهي، ته جنهن ڪم ۾ هو پنهنجي بهتري ڏسي ٿو، انهيءَ جو ئي ارادو ڪري ٿو، پوءِ کڻي ان ۾ رنج ۽ تڪليف ڇو نه برداشت ڪرڻي پويس. اڪثر ڪري جهالت ۽ غفلت ان لاءِ حجاب (پردو) ٿين ٿيون. جڏهن ان کي غفلت جي خواب کان ڪو جاڳائي ٿو ۽ سندس سامهون روشن آئينو رکي ٿو، تڏهن هو قبول ڪري وٺي ٿو. انهيءَ لاءِ ته حق تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”اي پيغمبر، تون نصيحت ڪر، تحقيق نصيحت مومنن کي فائدو پهچائي ٿي.“(1) تنهنجو نفس به ٻين جي نفس وانگر آهي. جيئن انهن ۾ نصيحت اثر ڪري ٿي، تيئن تو ۾ به اثر ڪري ٿي. تنهنڪري پهريائين تون پنهنجي نفس کي نصيحت ۽ عتاب ڪر، ۽ عتاب ڪرڻ کي ڪنهن وقت به ڇڏي نه ڏي ۽ نفس کي چئو ته ”اي نفس، تون دانائيءَ ۽ هوشياريءَ جي دعويٰ ڪرين ٿو، جيڪڏهن ڪو توکي احمق سڏي ٿو ته توکي ڏاڍو برو لڳي ٿو، حالانڪ توکان وڌيڪ احمق ۽ بيوقوف ٻيو آهي ئي ڪونه. اهو هن ڪري، ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جي انتظار ۾ ڪنهن لشڪر کي شهر جي دروازي تي بيهاريو ويو هجي. ۽ ان شخص جي گرفتاريءَ لاءِ ڪنهن آدمي کي روانو ڪيو ويو هجي، ۽ اهڙي خطري جي وقت ۾ به هو شخص راند روند ۾ مشغول هجي، ته پوءِ ان کان وڌيڪ احمق ٻيو ڪير هوندو!

”اڙي نفس، مئلن جو لشڪر شهر جي دروازي تي تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي، ۽ انهن هيءُ پهه پچايو آهي ته ان وقت تائين هتان نه چرندا، جيستائين توکي پاڻ سان وٺي نه وڃن. موت هڪڙي ڏينهن توکي ضرور اچي پڪڙيندو، ۽ جا ڳالهه ٿيڻ واري آهي تون ان کي ٿيل ئي سمجهه، ڇا لاءِ جو موت ڪڏهين به ڪنهن سان وقت مقرر نه ڪيو آهي، ۽ هميشه اوچتو ايندو آهي. ۽ هو اهڙي وقت ايندو آهي، جڏهن آدمي نهايت مطمئن هوندو آهي. پوءِ، جيڪڏهن تون مرڻ لاءِ تيار نه رهندين، ته ان کان زياده ٻي ڪهڙي ناداني ٿيندي!

”اي نفس نهايت افسوس آهي، جو تون سارو ڏينهن گناهن ۾ مشغول رهين ٿو. جيڪڏهن تون ائين سمجهين ٿو ته خدا تعاليٰ تنهنجي گناهن کي نٿو ڏسي ته تون ڪافر آهين، پر جي تون سمجهين ٿو ته هو ڏسي ٿو، ته اها تنهنجي حد درجي جي دليري ۽ بي شرمائي آهي. جيڪڏهن تون هن دوکي هيٺ آهين ته تو ۾ حق تعاليٰ جي عذاب برداشت ڪرڻ جي قوت آهي، ته ذرا هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻرندڙ ڏئي تي آڱر ته رک، ته جيئن توتي پنهنجي عاجزيءَ جو ڪجهه راز کلي پوي. جيڪڏهن تون هيءُ خيال رکين ٿو ته جو ڪجهه مان ڪريان ٿو، ان جي ياداش ۾ مان پڪڙيو ڪونه ويندس، ته تون هڪ لک چوويهه هزار پيغمبرن جو انڪار ٿو ڪرين. الله تعاليٰ ته صاف طور فرمايو آهي ته ”جو شخص برائي ڪندو برائي ڏسندو.“(1)

اڙي نفس، شايد تون هيءُ خيال ڪرين ٿو ته الله تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم هجڻ جي ڪري مون کي عذاب نه ڏيندو! ته ان جو جواب ذرا ڪن ڏيئي ٻڌ، اهو رحيم ۽ ڪريم دنيا ۾ لکن انسانن کي بک ۽ فاقه ڪشي ۾ ڇو مبتلا ڪري ٿو ۽ کين بيمار ڇو رکي ٿو! جيڪڏهن الله تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم آهي ته پوءِ آدمي سواءِ ٻني ۾ هر ڪاهڻ ۽ ٻج ڇٽڻ جي، فصل ڇو نٿو لڻي کڻي!

اي نفس، توکي جڏهن ڪا خواهش ٿيندي آهي تڏهن وري مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي سڀني حيلن ۽ تدبيرن کان ڪم ڇو ٿو وٺين؟ ان وقت ڀلا تون ائين ڇو نٿو چوين ته حق تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم آهي، اهو خود ئي تنهنجي ڪم کي پورو ڪندو! هڪ يهودي طبيب جي چوڻ تي تون ڇو سموريون خواهشون ترڪ ڪرين ٿو؟ ڇا، توکي هيءَ خبر نه آهي ته دوزخ، بيماريءَ ۽ افلاس کان زياده سخت آهي، ۽ آخرت جي عمر دنيا جي عمر کان گهڻو گهڻو وڏي آهي!

”اي نفس، تون هيءُ خيال نه ڪر ته حق تعاليٰ تنهنجي گناهن تي غصي اچڻ سبب توکي عذاب ڪندو، نه نه، تنهنجون پنهنجون خواهشون ئي تو ۾ دوزخ جي باهه پيدا ڪري ڏينديون. جهڙيءَ طرح، ڪنهن بري شيءَ جي استعمال ڪرڻ ڪري، يا زهر کائڻ سبب آدميءَ جي بدن ۾ بيماري پيدا ٿي پوي ٿي. هي ڳالهه نه آهي ته طبيب تنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري ڪاوڙجي وڃي ٿو پر ان سبب ڪري تو ۾ بيماري پيدا ٿئي ٿي.

”اي نفس، الله تعاليٰ توکي هدايت ڏئي، ۽ تون ڇو دنيا جي پٺيان خراب ٿي رهيو آهين؟ جيڪڏهن مشرق کان وٺي ويندي مغرب تائين ساري دنيا توکي ڏني وڃي ۽ تون ساري جهان جو مسجود بڻجي وڃين، ته به ٿوري ئي عرصي اندر تون ۽ اهو سڀ خاڪ ۾ ملي ناس ٿي ويندو. پر جيڪڏهن توکي دنيا به ٿوري ئي نصيب ٿئي ٿي ۽ اها به خراب ۽ خسته حال ۾، ته تون هميشه جي بهشت کي ان جي عيوض ڇو ٿو وڪڻين؟

”اي نفس، جيڪڏهن ڪو شخص بي بها موتي ڏيئي مٽيءَ جي ڀڳل پيالي کي خريد ڪري، ته ڇا توکي ان تي کل نه ايندي! ۽ تون ان کي احمق ۽ بيوقوف نه سمجهندين؟ هيءَ دنيا مٽيءَ جو هڪ پيالو آهي، لهذا تون سوچ ڪر ۽ سمجهه ته هيءُ پيالو اوچتو ئي اوچتو تنهنجي هٿ مان ڪِري ڀڄي پوندو.“

اهڙي قسم جا عتاب نفس کي هر وقت ڪرڻ گهرجن ته جيئن پنهنجو (پاڻ تي) حق (آهي سو) ادا ٿي وڃي. ۽ وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ ۾ شروعات هميشه پاڻ کان ئي ڪرڻ گهرجي.

 
(1)  حسنات الابرار سيئات المقربين.
(1)  قرآن مجيد: ”وذڪر فان الذ ڪري تنفع المومنين.“
(1)  قرآن مجيد: ”مَن بعمل سوءَ يجزبه.“

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!