سنڌ جو سينگار

سنڌ جو سينگار

هيءُ ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار بابت آهي. ۽ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان سان مهاڳ آهي، جنهن ۾ سينگار شاعريءَ جي وصف جامع انداز ۾ بيان ڪيل آهي.

ان کان پوءِ سينگار جي شاعرن جهڙوڪ: جلال کٽي، سليمان، ڪنڀار، صابر، موچي عارف شاهه، چاڪر خان ۽ شاهه محمد ديدڙ جا سينگار جا بيت ڏنا ويا آهن. شروع ۾ هر شاعر جو مختصر تعارف به ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو معنيٰ ۽ شرح تي مشتمل آهي. سينگار جي بيتن ۾ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا لفظ آيل آهن. سنديلي صاحب انهن لفظن جي اصل نسل جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جو بنياد ڏنو آهي ۽ معنيٰ سمجهائي آهي. نه فقط ايترو پر ڪن فقرن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي معنيٰ ۽ مطلب به بيان ڪيو اٿس. هيءُ ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت جو انمول خزانو آهي ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ لاءِ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!