تاريخ مظهر شاهجهاني
1 min readتاريخ مظهر شاهجهاني (فارسي): مرتب پير حسّام الدين راشدي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ سنڌ.
سنڌ علائقي جي اها بدقسمتي آهي، جو اڄ تائين اسان وٽ ڪا جامع ۽ مبسوط تاريخ ڪانهي. اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ لکيل ڪتابن ۾ ڪن حاڪم، گهراڻن يا ڪنهن خاص دور جو نهايت مختصر ۽ فن تاريخ جي سراسر خلاف جيڪي ڪجهه مواد شايع ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي، ان مان اسان جي اجتماعي طور ڪا خاص تعريف، شناخت ۽ من حيث القوم ڪا گواهي ڪانه ٿي ملي. اهي تاريخي يا سوانحي ڪتاب يا انهن سفرنامن وانگر آهن، جن ۾ سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ۽ اوليائن جون ڪرامتون ۽ ماڻهن جي بدعتن جو ذڪر ٿيل آهي. افسوس آهي جو صدين گذرڻ کان پوءِ به تاريخ نويسيءَ ۽ تذڪره نويسيءَ جي فن جي ڪمال تي پهچڻ بعد به سنڌ اهڙو ڪو مورخ پيدا نه ڪيو، جيڪو پنهنجي قلم کي هن ”بدنصيب ماٿريءَ“ جي صحيح حالتن ۽ ماڻهن جي صحيح ڪردار ۽ فڪر و عمل کي منظر عام تي آڻي، حال جون بي انصافيون ختم ڪري ۽ سنڌين جي خوشگوار مستقبل لاءِ راهون هموار ڪري.
هن سلسلي ۾ سنڌ جي عوام جون تمنائون ۽ اميدون هميشہ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي پروگرامن ۽ طريقهء عمل سان وابسته رهيون، ڇو ته اهوئي هڪ اهڙو ادارو ٿي سگهي ٿو جيڪو هن علائقي ۽ هتي جي ماڻهن جي تاريخ؛ ادب، ثقافت ۽ تمدني ورثي کي صدين جي اونداهه مان ڪڍي، نه فقط عصر جديد سان متعارف ڪرائي سگهي ٿو، پر ان کي زندهه جاودان پڻ بڻائي سگهي ٿو؛ پر اڃا تائين اهڙو ڪتاب شايع ٿي ڪين سگهيو آهي، جيڪو مذهبي، سياسي، ادبي ۽ تمدني تاريخ جي ضرورت کي پورو ڪري سگهي. اها حقيقت آهي ته بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ چند فارسي ۽ اردو ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن پر اهي تاريخ نويسيءَ جي جديد فن جي ڪسوٽيءَ تي پورا بيهي نٿا سگهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ جو مسئلو اڃا تائين معمو بنيو پيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جي ماخذات طور هن وقت تائين ’بورڊ‘ طرفان جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن مان ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ نهايت اهم ڪتاب آهي، ڇو ته اهو ڪتاب قديم تاريخ نويسن کي به هٿ اچي ڪين سگهيو، ۽ ان ۾ مغليه دور جي سنڌ جو اهڙو احوال درج آهي جيڪو اڃا تائين منظر عام تي اچي ڪين سگهيو هو. هي ڪتاب 1044 هجري ۾ يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين بکريءَ تاليف ڪيو ۽ هينئر ان جي ٻئي حصي کي سيد حسّام الدين راشديءَ سڌاري مقدمي ۽ حاشين سان سنواري مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ”سياست نامه“ وانگر حڪمرانيءَ ۽ سياستدانيءَ جا اصول ڄاڻايل آهن، ان ۾ سنڌ جو به مختصر تذڪرو آهي، پر وزير تبصره ڪتاب جو اصل، ڪتاب جو ٻيو حصو آهي، ان ۾ سمورو ذڪر بکر کان وٺي ٺٽي تائين ”مغل شاهي“ جي ”درون خانه“ حقيقتن ۽ چشم ديد حالات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ان وقت وارين تمدني، انتظامي ۽ سياسي حالتن جو تفصيل سان بيان ٿيل آهي، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا يوسف ميرڪ، ان زماني ۾ به تاريخ نويسيءَ جي جديد فن کان واقف هو ۽ مغل شاهن ۽ گورنرن سان گڏو گڏ هن عوام ۽ ملڪ جي حالتن جوپڻ نقشو چٽيو آهي.
جيڪڏهن ’علي قانع‘ ۽ ’مير معصوم‘ يا ٻيا سنڌ جا تاريخ نويس، پنهنجن تصنيفن ۾ يوسف ميرڪ جي طرز تحرير ۽ فڪر وفن اختيار ڪن ها ته اڄ هوند اسان جي تاريخ جو باب نه ته گمشده هجي ها ۽ نه ئي تشنه-حق آهي ته پير حسّام الدين راشديءَ هن ڪتاب ذريعي وڏي قومي خدمت انجام ڏني آهي.
هي ڪتاب ڊمي سائيز جي 383 صفحن تي مشتمل آهي، ڇپائي، ڪاغذ ۽ گيٽ اپ نهايت شاندار اٿس ۽ ڏهن روپين ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڪراچي ۽ سکر يا ٻين ڪتب فروشن وٽان ملي سگهي ٿو. ڪ – ب – خ