جنت السنڌ. – مصنف رحيمدادخان
1 min readجنت السنڌ. – مصنف رحيمدادخان ”مولائي شيدائي“؛ صفحا اٺ سو، مجلد؛ سائيز ڊبل ڪرائون؛ ڇپائي صاف سهڻي، ڪاغذ عمدو، گيٽ اپ معياري، ڪور دلڪش، رنگين؛ قيمت ڏهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ استال – (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ تاريخدان جناب مولائي شيدائي صاحب، هيءُ ضخيم ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ايماء تي مرتب ڪيو آهي. فاضل مصنف هن فن جي قديم ۽ جديد، مستند ۽ معتبر، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي ڪتابن تان استفادو ڪيو آهي. سندس هيءَ علمي ۽ تاريخي ڪاوش، هن فن جي ڄاڻن ۽ طالب العلم دوستن لاءِ نهايت ڪارآمد تاريخي تحفو آهي.
سنڌ متعلق هيلتائين جي به تاريخي ڪتاب ۽ نيم تاريخي ڪتاب ۽ تذڪرا شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ هيءُ ڪتاب، پنهنجي انفرادي ترتيب ۽ تدوين جي لحاظ کان، خاص ۽ الڳ مقام رکي ٿو. مصنف لکي ٿو:
– ”منهنجو گهڻي عرصي کان ’تاريخ سنڌ‘ لکڻ جو ارادو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون جيڪي به تاريخون آهن، اول ته انهن ۾ حوالا ڏنل ڪين آهن، وري جن ۾ ڏنل آهن سي مبهم نموني ۾ ڏنل آهن؛ نه سنڌ جي جاگرافيءَ متعلق بيان ڏنل آهن، نه سنڌ جي تجارتي، صنعتي ۽ اقتصادي حالتن متعلق ڪجهه بيان ڏنل آهي؛ فقط خشڪ سياسي بيان ڏنل آهن؛ ڪن تاريخن ۾ هجري سن ڏنل آهن، ته ڪن ۾ عيسوي ڏنل آهن؛ بعض بيان قياسي،۽ ڪي افسانن وانگر آهن: اهڙين خامين ۽ غلطين کي مٽائڻ ۽ وطن ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي ارادي سان، مون سنڌ جي مفصل تاريخ جو هيءُ نسخو تيار ڪيو آهي.“
– ”اڪثر اڳين مورخن، سياسي مذهبي تعصب ڪري، اسان جي سنڌڙي سونهاريءَ جون جيڪي تاريخون لکيون آهن، انهن مان اسلامي دور ۾ فقط ڪاهن۽ جنگين جو ذڪر ڏنل آهي- گويا اسلامي دور محض جاهليت جو دور هو. بعض انگريز مورخن هن خوش نصيب صوبي کي ’ناخوش وادي‘ ۽ ’بدنصيب واديءَ‘ جي نالن سان سڏيو آهي- حالانڪ اسان جي سنڌ سڄي ايشيا ۾ زرخيز ملڪ آهي، ۽ سڄي پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آهي. ملڪ جي اهڙين بيمثل برڪتن ڪري، مون ڪتاب تي ’جنت السنڌ‘ نالو رکيو آهي.“
سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ متعلق جنهن احتياط ۽ تياريءَ جي ضرورت آهي، ان جو هلڪو خاڪو ۽ احساس محترم مولائي صاحب جي مٿئين اقتباس ۾ موجود آهي.
”جنت السنڌ“ ۾ پنج هزار ق.م کان سن 1843ع تائين سنڌ جي سياسي، تمدني، تجارتي، صنعتي، علمي، تهذيبي، ادبي ۽ عمراني حالتن جو تاريخي حيثيت سان جائزو ورتو ويو آهي. مناسب هنڌن تي نقشا ڏيئي،پڙهندڙ لاءِ تاريخي ۽ جغرافيائي ماحول ۽ پس منظر چٽو ڪيو ويو آهي. سنڌ تي جن جن خاندانن حڪومت ڪئي آهي،انهن جا شجرا ڏنل آهن، ۽ انهن بادشاهن جون سن وار فهرستون ڏنل آهن؛ ان سان گڏ، التزاماً، هجري سن به ڏنل آهي.
ڪتاب جي افاديت متعلق ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هن ڪتاب جي ماخذن جي فهرست ارڙهن صفحن ۾ آهي. هر باب جي لکڻ وقت ڪافي ڪتاب اڳيان رکيل نظر اچن ٿا. سنڌ ۽ سنڌ متعلق قديم۽ جديد لٽريچر ايتروگهڻو وٽڙيل، منتشر، مغلق، پريشان ۽ بي ترتيب آهي، جو ان کي مطالعو ڪرڻ بعد جو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، سو مواد ۽ مطالعو ورق گردانيءَ ۽ ڇنڊڇاڻ جي مقابلي ۾گهڻو گهٽ آهي. تاريخ محض قصه گوئي، منقبت نويسي، مداحي ۽ قصيده خوانيءَ جو نالو نه آهي. تاريخ آهي انسان جي ان ارتقا جو نالو،جا ارتقا زندگيءَ جي متبدل ۽ متغيّر ماحول ۾ پيدا ٿيندي رهي آهي؛ جنهن ۾واقعات ۽ حادثات جا اسباب ۽ عوامل بيان ٿين ٿا؛ جنهن ۾ ان پس منظر تان به پردو هٽايو وڃي ٿو، جنهن ۾ لڪي لڪي ڪردار انساني زندگيءَ سان رانديون رچائيندا رهن ٿا.
هينئر تائين سنڌ متعلق جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، اهي قديم طرز جي تذڪره نويسيءَ تي مبني آهن، جنهن ۾ تنقيد توڙي روايات ۽ واقعات جي پرک گهٽ، پر تقليد جامد ۽ طول بياني زياده آهي؛ مخصوص فڪر جي اشاعت، ۽ خاص شخصيتن جي مداحي مبالغہ جي حدن تائين نظر اچي ٿي. اسان وٽ ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”بيگلار نامو“، ”ترخان نامو“، ”تحفة الڪرام“، ”فتح نامو“ ۽ ”فريئر نامو“موجود آهن؛ ان طرح ٻيا به ڪي سنها ٿلها، مختصر ۽ مجمل تذڪرا به آهن؛ ڪي اسڪولي تاريخون به آهن؛ پر اهي سڀ آهن حاڪمن جي سرپرستيءَ هيٺ لکيل، ۽ حاڪم خاندان جي ڪارنامن جي تاريخ. انهن سان گڏ، ڪن بزرگن جي مختصر حالات ۽ ڪرامات ۽ ڪجهه نمونه ڪلام ۽ تصنيفات تي مشتمل تاريخ سنڌ جو اهو سلسلو، جو ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ پاران چئن پنجن حصن ۾ آيل آهي؛ يا ’تاريخ سنڌ‘ اردو، جا اعظم ڳڙهه مان ’دارالمصنفين‘ وارن ڇاپي آهي: انهن سڀني جو حال ساڳيو آهي. ڪي روزنامچا آهن، ته ڪن ۾ رڳو حاڪم طبقي جي سيرت ۽ اخلاق، فتوحات ۽ جنگي حالات جو ذڪر آهي؛ ڪن ۾ وري اميرن، وزيرن، شاعرن ۽ درٻاري عالمن جا باهمي مشاعرا ۽ مذاڪرا آهن، يا افسانا ۽ قصا بيان ٿيل آهن. جن جن عالمن ۽ مورخن اهي تاريخون لکيون آهن، اسين انهن جي حسن ظن ۽ حسن نيت تي ڪوبه شڪ نٿا ڪريون: هو پنهنجي پنهنجي دور جي تخليقي رجحانات، علمي ۽ ادبي زاويهء نظر، سياسي مصلحتن ۽ حاڪمن جي حڪمتن کان ٻاهر رهي ڪجهه به نه ته سوچي ٿي سگهيا، ۽ نه ڪجهه لکي ٿي سگهيا: لامحاله، ڪن سطحي ۽ غير ضروري مسئلن کي ڪجهه وضاحت سان بيان ڪندا رهيا آهن؛ تاهم ان دور جي حقيقي ۽ عمومي حالات متعلق ڪي مبهم۽ خفيف اجمالي اشارا ضرور ملن ٿا، جن کي تاريخ جو محصل سمجهڻ گهرجي.
رڳوبادشاهن ۽ اميرن، وزيرن ۽ شاعرن جي حالات ۽ تاريخ جو بيان ته قصص و حڪايات جي زمري ۾ ايندو. ’تاريخ‘ اها آهي، جنهن ۾ حال، ماضيءَ ۽ استقبال جي رشتي ۽ تعلق جي توجيهه پيدا ٿيل هجي، جنهن ۾ هر دور جي پوري تصوير هجي، جنهن ۾ هر دور جي ارتقا پذير قدرن سان گڏ اهي سمورا صحتمند پهلو بيان ٿيل هجن، جن جي واسطي سان قوم وڌندي رهي آهي. افسوس اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾، يا ان کان ٻاهر هند ۾، جي به ادارا ٿيا آهن، انهن جديد ذوق يا تاريخ نويسيءَ جي جديد فن کي اڃا هٿ نه لاتو آهي. اهي ئي پراڻا تذڪرا آهن،۽ اهائي پراڻي قسم جي حاشيه آرائي ۽ طول بياني – اهي ئي لاٽون، اهي ئي چُگهه.
هن دور ۾ تاريخ ۽ ان جي فني اصولن کي مدنظر رکڻ هر محقق ۽ مؤرخ جو منصبي فرض آهي. ’جنت السنڌ‘، سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ تحسين جوڳي ڪوشش آهي. مواد جي جمع ڪرڻ، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ان جي ترتيب ۽ تدوين، واقعات جي بيان ڪرڻ جي طرز ۽ حالات جي تجربي متعلق هر هڪ محقق ۽ عالم جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي. شيدائي صاحب به پنهنجي خاص طرز ۽ خاص اسلوب جو صاحب آهي. يقين آهي ته ’جنت السنڌ‘ جي ترتيب ۽ تدوين ۾ جديد فڪر ۽ نظر وارن ڄاڻن کي ڪجهه غير مانوس چيزون نظر اچن، يا ڪي حصا محض تشنه ۽ ناقص نظر اچن، يا ڪٿي تفصيل ۽ تطول نظر اچي. بهرحال، هيءَ هڪ علمي ڪاوش آهي، جنهن جو خير مقدم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ ان جو تنقيدي جائزو وٺڻ اسان جو فرض آهي.
محترم مولائي شيدائي صاحب هيءُ ڪتاب اَٺن بابن ۾ ورهايو آهي:
پهرئين باب ۾ قديم سنڌ جو جاگرافيڪل جائزو، ۽ ان سان گڏ موجود سنڌ جون حدون، اراضي، طبعي حالات، معدنيات، زراعت، آثا قديمه، مهاڀارت ۽ رامائڻ دور واري سنڌ، ۽ ڌارين قومن مان مصرين، ڪلدانين، سٿين، بابلي ۽ اشوري، ايرانين ۽ فينقيا وارن جون ڪاهون ڏيکاريل آهن. ان کان سواءِ يونانين جي حڪومت، نظام ۽ حاڪمن جي هلت چلت تي به تبصرو ڪيوويو آهي.ٻاهرين قومن جي اچڻ ڪري سنڌ تي جن مذهبن جو اثر ٿيو، تن مان مجوسيت،عيسائيت، ٻڌ ۽ جين جا اثرات بيان ڪيا ويا آهن. ان ئي باب ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال، ۽ عرب ۽ هند جي تعلقات سان گڏ حضور ڪريم ﷺ جن جي ولادت جوذڪر ڪيل آهي. آخر ۾ سنڌ جا بتخانا بيان ڪيل آهن، جن مان ديبل، برهمڻ آباد، ملتان، نگر ڪوٽ، هنگلاج ۽ قلات مکيه آهن. انهن جي محل وقوع بيان ڪرڻ سان گڏ، ان وقت جي رسمن رواجن ۽ قديم ڌرمي حالتن جو ذڪر پڻ ڪيل اهي. اهو باب 98 صفحا آهي.
ٻئي باب ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي ڪمال ۽ زوال، عربن جي آمد ۽ فتوحات، عربي بيٺڪن، دور بنو اميه ۽ دور بنو عباس جي گورنرن جا تاريخي حالات، طاهرين ۽ هبارين جي نظام حڪمراني،۽ عرب رياستن مان منصوره، ملتان، توران، مڪران وغيره جو ذڪر آهي.عرب دور ۾ عربي – سنڌي تهذيب ۽ مذهبي حالات، حڪومت جو نظام، روينيو ۽ عدالتي نظام، علمي ۽ ادبي ۽ ديني حالت، ۽ اسلامي تبليغ ۽ اشاعت جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. آخر ۾ سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا ۽ سنڌي زبان متعلق مختصر تبصرو ڪيل آهي.
تصوّف متعلق نهايت اختصار ۽ اجمال کان ڪم ورتل آهي. تصوف محض ’وحدت الوجود‘ کي چيو ويو آهي، ۽ وحدت الوجود کي ويدانت کان متاثر سمجهيو ويو آهي. ان لاءِ چند مستشرقين جا حوالا ڏنل آهن، جن جي ڪتابن ۾ خاص طرح منصور حلاّج کي جادوگر ۽ ساحر ڏيکاريوويو آهي، ۽ اهو سندس سارو صوفيانه نظريو هندستان جي سير جي پيداوار ٻڌايو ويو آهي (ص 210). ان سان گڏ شيخ اڪبر کي به ياد ڪيو ويو آهي، پر مفصل طور نه ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ تصوف جا اثرات ڪڏهن کان آيا، ۽ ڪيئن آيا؛ فقط چند شاعرن جا نالا ڏنل آهن. تصوف هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ههڙيءَ علمي ۽ معياري تصنيف ۾ ڪجهه بسط ۽ تفصيل سان لکيو وڃي ها. تصوف اهڙو موضوع آهي، جنهن جي مدح ۽ ذم، يا تائيد ۽ ترديد ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. طرفين جا دلائل ۽ مقالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وزندار آهن. ’وحدت الوجود‘ ۽ ’وحدت الشهود‘ ٻه اهڙا متضاد پهلو آهن،جن تي اڄ تائين اهل فڪر حضرات ۾ فڪري تضاد موجود آهي. اگرچه شاهه ولي الله ان اختلاف کي محض ’لفظي اختلاف‘ سڏيو آهي ۽ ’معنوي تضاد‘ جو قائل نه آهي، تاهم ڪابه بصرت افزا توجيهه موجود نه آهي، جا هنن ٻنهي نظرين ۾ تطبيق پيدا ڪري. شيخ اڪبر ۽ ان جا پوئلڳ، امام رباني ۽ ان جا مقلد، اڄ تائين پنهنجي پنهنجي مشرب ۽ مسلڪ تي قائم آهن. تصوف تي ابن تيميہ جو ڪجهه لکيو آهي، اهوعلمي دنيا کان ڳجهو نه آهي. امام ابن تيميہ جي نظر ۾غزاليءَجهڙو بزرگ به فلسفه ۽ زندقه ۾ مبتلا نظر اچي ٿو. ابن جوزيءَ جي ”تلبيس الابليس“ پڙهڻ کان پوءِ صوفين جي گمراهيءَ ۽ فڪري ۽ عملي زوال جو احساس ٿئي ٿو. ان طرح، سنڌ ۾ تصوف جي آمد، فڪري ارتقا، هتي جي مذهبن ۽ ڌرمن سان اختلاط، ويدنات جي اثر، ۽ ان سان گڏ وحدت الوجود جا فڪري گروهه، شاهه ۽ سچل جو وحدت الوجود جي واسطي سان وحدت الوجود جونظريو قبول ڪيو اٿس؛ پر سچل جو نظريو منصور ۽ عطار وارو آهي. انهن سڀني مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ها، ته پوءِ اهو موضوع ڪجهه وڌيڪ افادي ۽ علمي سڏجي ها. اميد ته مولائي صاحب ضرور ان جي تلافي ڪنهن ايندڙ تصنيف ۾ ڪندو. اهو باب 212 صفحي تي پورو ٿئي ٿو.
ٽيون باب 312 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ خارجي، قرامطيءَ ۽ غزنوي خاندان جي حڪومت ۽ سندن نظام تي تبصري کان پوءِ، محمود غزنويءَ جي فتوحات ۽ علم پروريءَ جو بيان ڪيل آهي. ان ئي باب ۾ سنڌ ۾ اردوءَ جي ابتدا، عربي – سنڌي قبيلا، سماٽ قبيلا، ۽ عربن جي دور ۾ هندو رياستون، مکيه عنوان آهن. آخر ۾ تغلق ۽ غلام خاندان جي دور حڪمرانيءَ ۽ مغلن جي ڪاهن جي ذڪر کان پوءِ، ان دور جي تجارت، تمدن ۽ تهذيبي مرڪزن جو ذڪر آهي.
چوٿون باب 305 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ سومرن جي خاندان، حڪومت، ان دور جي عشقيه داستانن، ۽ آخر ۾ ان دور جي بزرگن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.
پنجين باب ۾ ارغونن ۽ ترخان گهراڻي جي حڪومت، ۽ ان سان گڏ ان دور جي تمدّني ۽ عمراني اثرات کي بيان ڪيو ويو آهي.
ڇهين باب کي بلوچن ۽ مغلن جي متعلق بيان ڪرڻ سان شروع ڪيو ويو آهي. ان ئي باب ۾ ڪلهوڙن جي آغاز، حڪومت ۽ حاڪمن، ۽ سندن دور جي سياسي حالتن تي تبصرو ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ٽالپرن جي حالات، ٽالپرن جي شجرن، بلوچ خاندانن جي شجرن، سنڌ ۾ مغربي سياحن جي اچڻ، ان دور جي معاشي حالات، ۽ نظام حڪمرانيءَ تي بحث ڪيل آهي.
ستين باب کي ٽالپرن جي حڪومت ۽ حاڪمن جي فهرست سان شروع ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ ميرن جا مختلف قبيلا به ڳڻيا ويا آهن. آخر ۾ انگريزن جي آمد، شاهه شجاع جي ڪاهه، خالصن ۽ انگريزن جي جارحانه اقدامات، انگريزن جي عهدنامن ۽ کوسن جي ٿر ۾ ڦرلٽ جو بيان ڪيو ويو آهي. مير مراد علي خان جي وفات تي اهو باب ختم ڪيو ويو آهي.
آخري باب ۾ انگريزن جي غلبي ۽ ميرن جي هار متعلق مفصل بحث ڪيو ويو آهي. اهو باب ميرن جي دور جي ثقافتي خدمتن تي ختم ٿئي ٿو.
انهن اَٺن بابن ۾ نهايت ڪارآمد ۽ معلومات افزا مواد ملي ٿو. اميد ته سنڌ جا اهل ذوق ماڻهو هن ڪتاب جو خير مقدم ڪندا، ۽ آئينده جا مورخ هن ڪتاب کي مفيد ۽ ڪارائتو پيشڪار تصوّر ڪندا.
– غ.م.گ.