زينت(ناول)
1 min readمصنف شمس العلماء مرزا قليچ مرحوم؛ صفحا 37؛ ڇپائي، ڪاغذ، ڪَور وغيره معياري؛ قيمت اڍائي روپيا؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جو بوڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم کي ’سنڌي نثر جو ابو‘ مڃيو ويو آهي. هن بزرگ اهڙي وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سهارو ڏنو، جڏهن ان سان اُنس ۽ وابستگي رکڻ جو احساس اڃا ايترو ڪونه اُسريو هو. اڄ جڏهن اسين، ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ، پنهنجن سمورن زندگيءَ جي مسئلن کي پنهنجين هاڻوڪين حالتن ۽ ماحولن سان وابسته ٿا ڄاڻون، ۽ ان ڪري پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت توڙي ترقيءَ کي ڄڻ پنهنجو ايمان ڪري پيا سمجهون- بلڪ خود وقت جون نزاڪتون ئي اهڙيون پئي رهيون آهن، جو اسان کي ڏينهن رات پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ ڏانهن توجهه ڏيڻ جي تقاضا معلوم ٿيندي رهي ٿي- تڏهن به اسين پنهنجين خدمتن ۾ ايتري وسعت ۽ جوش خروش پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جيترو مُني صدي اڳ انهيءَ فرض جو احساس اسان کي هن کي هن مخلص مرد جي محنتن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ جي مهذب يا ترقي يافته هجڻ جو ثبوت، ان جي علمي ۽ فني ذخيري جي موجودگيءَ مان ملندو آهي. مرزا صاحب مرحوم متعد علوم ۽ فنون تي جيڪو ننڍن وڏن ڪتابن جو ڀاري ذخيرو ڇڏي ويو آهي، سو سنڌي ادب ۾ وڏو خال ٿو ڀري. هن نه صرف علم ادب جي هر هڪ فن ۽ مصنف جي هر موضوع ۾ طبع آزمائي ڪئي، بلڪ خود انهن فنن ۽ صنفن جي هر هڪ شاخ- نظم توڙي نثر- جي باري ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا- مثلاً ، جيڪڏهن خود شعر چيائين، ته شاعريءَ جي فن يا علم عروض تي به لکيائين. اهڙيءَ طرح، ڌارين زبانن جا ڪيترائي علمي، ادبي ۽ فني ڪتاب پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ پلٽائي، مرحوم مرزا صاحب سنڌي ادب ۽ زبان کي وڏي وسعت بخشي آهي. اڄ اسان کي سندس محنتن جو ثمر ملي رهيو آهي، ۽ ڪو وقت ايندو، جڏهن اسين سنڌ جي هن ’اديب اعظم‘ جي صحيح قدر و منزلت کان واقف ٿينداسين. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ مرزا صاحب جي مڙني- قلمي توڙي ڇپيل- ڪتابن کي ڇپائڻ شروع ڪيو آهي، جا هڪ وڏي تحسبن جوڳي خدمت ليکبي ديوان قليچ، زينت، خودياوري، دلارام ۽ مقالات الحڪمت- اهي ڪتاب هيستائين ڇپجي چڪا آهن.
زير تبصره ڪتاب، ”زينت“، مرزا صاحب جي طبعزاد ناولن مان هڪ بهترين نصيحت آموز ناول آهي. منجهس نج سنڌي گهرو ماحول پيش ڪيو ويو آهي، ۽ شروع کان آخر تائين اهڙا اڪيچار اخلاقي سبق هن ۾ سمايل آهن، جيڪي هر مذاق جي پڙهڻ وارن کي اڄ به نوان پيا معلوم ٿيندا.
ناول جو مرڪزي ڪردار ”زينت“ آهي، جنهن جو نالو ڪتاب تي رکيل آهي. اها هڪ پڙهيل ڳڙهيل، سگهڙ، روشن خيال ۽ ”سجاڳ“ ڇوڪري آهي. ڪتاب جا پهريان 77 صفحا، ’زينت‘ جي ذاتي خوبين، گهرو حالتن، ۽ سندس شاديءَ جي احوال ۾ لکيل آهن. انهيءَ حصي ۾ تقريباً انهن سڀني مسئلن جي اصلاحي پهلوئن تي روشني وڌي ويئي آهي، جيڪي اڄ به اسان جي اڪثر سنڌي گهراڻن ۾ تقليدي طرح رائج آهن، ۽ جن کي هن سڌريل زماني ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي- مثلاً ، ننڍيءَ وهيءَ جي شادي؛ سڱ ڏيڻ لاءِ ذات پات، ڌن دولت ۽ پنهنجن- پراون جو فرق سارڻ؛ شاديءَ جي معاملي ۾ عورت ۽ مڙس جي رضامندي ۽ قبوليت نه وٺڻ؛ ڇوڪرين کي تعليم نه ڏيارڻ، ۽ عورتن کي پردي جي سخت پابندي بنائڻ؛ شاديءَ ۾ اجايا خرچ ۽ فضول ساٺ سڳن ڪرڻ؛ وغيره. اهو سڄو حصو اسان جي هر هڪ وڏ – گهراڻي گهر ۾ عمل هيٺ آڻڻ جي شي آهي. ان کان پوءِ، ٻيو حصو زينت ۽ سندس مڙس (علي رضا) جي وچ ۾ ’جدائي‘ جي احوال تي ٻڌل آهي. علي رضا، روزگار سانگي، بمبئيءَ ۾ رهندڙ آهي، ۽ زينت وٽس پهچڻ کان اڳي ئي سمنڊ ۾ ڪِري ٿي پوي. قسمت سان، هڪ پوڙهو مهاڻو کيس بچائي ٿو، ۽ وٽس رهڻ لڳي ٿي. اتان ڀُڄ جي شهر ڏانهن ويندي، واٽ تي هوءَ چورن جي هڪ ٽوليءَ جو شڪار ٿي بنجي، پر ٻئي ڏينهن هوءَ اتان سلامت نڪري وڃي ٿي. ڀُڄ جي شهر ۾ هوءَ اتي جي فرض ناشناس پوليس جي ڦندي ۾ ڦاسي ٿي، جتان پنهنجي عزت کي حرفت سان بچائي ٿي نڪري. بمبئي پهچڻ شرط، کيس چوريءَ جي شڪ ۾ جيل اُماڻيو وڃي ٿو. هوءَ بند مان نڪري ٿي، ته علي رضا پنهنجي رهائش بدلائي چڪو آهي. هڪ گلن وڪڻڻ واري نيڪ مائي کيس پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏئي ٿي، ۽ سندس ئي معرفت زينت پنهنجي مڙس وٽ پورهيت بنجي وڃي ٿي. علي رضا، زينت کي سمنڊ ۾ ٻڌي ويل ڄاڻي، ٻي شادي ڪري چڪو آهي، ان ڪري، زينت، پنهنجو پاڻ ظاهر ڪرڻ مناسب نه ڄاڻي، پنهنجي مڙس جي گهر ۾ پورهيت بنجي رهڻ پسند ڪري ٿي. ڪجهه مهينن بعد، زينت جي پهاڄ مري وڃي ٿي، ۽ آخر علي رضا ۽ زينت هڪٻئي کي سڃاڻائين ٿا. ناول جو اهو سڄو حصو- جنهن ۾ زينت جهڙي ناز و نعم سان پليل ننڍي نيٽي عورت طرح طرح جون مصيبتون ۽ ڏاکڙا، پرديس جون دربدريون ۽ ڏولاوا ڏسي ٿي- انهيءَ مرڪزي خيال تي ٻڌل آهي ته ”عورتن جي تعليم يافته ۽ زماني جي ٻاهرئين ماحول سان مانوس هجڻ بلڪل ضروري آهي.“ انهيءَ خيال کي، علي رضا ۽ زينت جي وچ ۾ هليل پردي بابت بحث ۾، هن طرح ظاهر ڪيو ويو آهي:
”علي رضا: سچ آهي، مگر جن ڳالهين ۽ شين جو آءٌ ذڪر ٿو ڪريان، تن جو عقل ۽ نيڪيءَ سان واسطو آهي: اهي جهڙو مڙسن لاءِ ضروري آهن، تهڙو زالن لاءِ. انگريز ماڻهن جو حال ڏس ته جهڙا پاڻ هوشيار، تهڙيون سندن زالون. اهو سڀ ڇا کان آهي؟ رڳو ٻاهر آمدرفت ڪرڻ، ۽ جيڪي ڪم اندر ٿي نٿا سگهن تن جي جاچڻ کان هنن مان هڪڙي مڊم چاليهن مڙسن جي وچ ويٺي هوندي، ته به پرواهه ڪانه هونديس: هنن سان گفتگو ڪرڻ توڙي حجت هلائڻ ۾ اهڙي چالاڪي ڏيکاريندي، جهڙو ڪو هوشيار مڙس ڏيکاري. هتي جي پردي وارين زالن ڪڏهن ڌارئين ماڻهوءَ جو منهن نه ڏٺو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن اتفاق سان غير ماڻهن وٽ آيون، ته پوءِ اکر ئي واتان نه نڪرندن، پنهنجي ئي پگهر ۾ پيون ٻڏنديون؛ ۽ جي ٻاهر ماڻهن ۾ هلڻ لاچار ٿيو، ته هلندي ٽنگون پيون وچڙندن، جنهنڪري سڀ پيا مٿن کلندا. انسان تي سرديون گرميون رکيون آهن: خدانخواسته، اهڙيءَ زال تي ڪڏهن ڪو اهڙو حادثو اچي پوي، ته جيڪر مشڪلات ۾ مري وڃي، يا ته رُلي خراب ٿئي! جيڪا اصلي ٻاهر جي آزمودگار هوندي، سا اهڙن مشڪل وقتن ۾ به پنهنجي جاءِ ڪري وجهندي، ۽ وڏي همت ڏيکاريندي.“
عورتن جي تعليم يافته هجڻ، ۽ کين ٻاهرين حالتن کان واقف رهڻ جي ضرورت کي ثابت ڪرڻ بعد، ناول جي ٽئين حصي ۾، عورت جي سماجي حيثيت کي اُڀاريو ويو آهي. زينت- جيڪا هاڻي تمام تعليم يافته، جهانديده، ۽ عقلمند عورت آهي- ڇوڪرين کي پڙهائڻ لاءِ جديد طرز جا اسڪول قائم ڪري ٿي؛ پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم سان آراسته ڪري ٿي؛ ۽ پنهنجي خاوند جي سڀني ڪاروبارن ۾ ساڻس معاون ۽ صلاحڪار بني رهي ٿي: سنڌ جو هيءُ صالح خاندان، بغداد جي سرڪاري حلقن ۾، ۽ ان کان پوءِ ترڪيءَ جي سلطان وٽ، وڏو منصب ۽ مرتبو پرائي ٿو؛ سندن اولاد پڻ گهڻي هنر ۽ حيثيت وارو ٿئي ٿو؛ ۽ آخر ۾ سڀئي، پنهنجي وطن واپس اچي، عزت ۽ خوشحاليءَ جي زندگيءَ بسر ڪرڻ لڳن ٿا.
ناول شروع کان آخر تائين بيحد دلچسپ آهي، ۽ اهڙيءَ عام فهم ٻوليءَ ۽ دلنشين انداز ۾ لکيل آهي، چو بار بار پڙهڻ تي دل ٿئي ٿي. ههڙو عمدو ۽ نصيحت آموز ناول، هر گهر ۾ پهچڻ کپي. (ش.ح)