سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: صفحا 357+7؛ ڇپائي، ڪاغذ، بائينڊنگ، سرورق سٺا؛ قيمت چار رپيا؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

سرڳواسي ڀيرومل مهرچند جي شخصيت ڪنهن به سنڌيءَ کان ڳجهي نه آهي. هن سنڌي ادب جي محسن بيحد گهڻي محنت ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو، ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ بابت ايتري ته گهڻي معلومات ڏني اٿس، جو سندس پڙهندڙ پنهنجي پياري زبان جي وسعت ۽ خوبين جو مطالعو ڪري حيران ٿي وڃي ٿو. سنڌيءَ جي ڇهن شاخن– سريلي، وچولي، لاڙي، ٿريلي، ڪڇڪي ۽ لاسيءَ– بابت سمجهاڻيون ۽ سندن فرق، سنڌي لغت ۽ گرامر، سنڌي ٻوليءَ تي مختلف حڪومتن جو اثر، ٻولي جو بنياد ۽ سندس آئيندو، ۽ ٻين ڪيترين ئي ضروري ڳالهين تي نهايت مفيد بحث ڏنل آهن. تاريخي ۽ علمي بحث هميشہ خشڪ ٿيندا آهن– مصنف انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪري مناسب هنڌن تي شاهه، ساميءَ ۽ ٻين شاعرن جي ڪلامن مان چونڊ بيت ۽ سٺا سٺا مثالي فقرا ڏنا آهن، جنهن ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿي پيو آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوليءَ جي تبديليءَ جو تفصيلي بيان ڏيندي، سنڌ جي تاريخ به بيان ڪري وڃي ٿو. سچ پچ ته هن ڪتاب جي پوريءَ طرح مطالعي ڪرڻ بنا ڪنهن به سنڌي اديب کي پنهنجي ٻوليءَ تي مڪمل عبور حاصل ٿي نٿو سگهي.

هي مفيد ڪتاب ڪيتري وقت کان ناياب هو. ضرورت هئي ته انهيءَ کي ٻيهر ڇپائي ظاهر ڪيو وڃي.

سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ بنيادي مقصد هي به آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد سان بورڊ هن لافاني ڪتاب کي به نهايت سٺي ڇپائيءَ، سٺي پني ۽ صورتخطيءَ جي مناسب درستين سان نهايت آب تاب سان ڇپايو آهي. سندس سرورق سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ع. ق شيخ صاحب هڪ نئين رنگ ڍنگ سان تيار ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هرهڪ سڄڻ کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ ۽ سانڍڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!