سنڌ جو سفر
سنڌ جو سفر– صفحا 96؛ ڇپائي، ڪاغذ سٺا؛ جلد ڪارڊ بورڊ جو، ڪور آرٽ پيپر جو؛ قيمت هڪ رپيو؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال، حيدرآباد سنڌ.
مسٽر لطف الله نالي هڪ سورتي مسلمان سنه 1838ع ۾ انگريزن سان گڏ مترجم جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ کيس تقريباً سموري سنڌ ڏسڻ جو موقعو مليو. هو روزمره جون حالتون ۽ مشاهدا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکندو رهندو هو. سندس اهو روزنامچو پوءِ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو. ان ۾ سنڌ متعلق مواد جو ترجمو، سنڌ جي نامور اهل قلم مسٽر قادر بخش نظاماڻي ڪيو آهي. مسٽر لطف الله جي لکڻيءَ ۾ اها خوبي آهي جو سواءِ ڪنهن به وڌاءَ جي، ڏاڍي پُرلطف نموني سان واقع نگاري ڪئي اٿس، جنهن ڪري پڙهندڙ کي ايئن ئي پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ ته هو پاڻ پنهنجي اکين سان اهي شيون ڏسي رهيو آهي. لطف الله سال کن سنڌ ۾ رهيو هو ۽ هي ڪتاب ڄڻ سنه 1839ع جي سڄي سال جي سنڌ جي تاريخ آهي. هن جي پڙهڻ سان اهو پوريءَ طرح واضح ٿي وڃي ٿو ته ميرن جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪهڙي حالت هئي؛ ۽ ميرن کان ڪهڙيون غلطيون ٿيون، جنهن ڪري سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ آئي. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن ۽ عام پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب ضرور گهرائي مطالعو ڪرڻ گهرجي.