فرهنگ جعفري

فرهنگ جعفري: هر ڪنهن ٻوليءَ جو دارومدار ان جي علمي ۽ ادبي سرمايي تي آهي. سنڌي ٻوليءَ وٽ، ٻين زندهه ٻولين وانگر، پنهنجو چڱو خاصو علمي ۽ ادبي سرمايو موجود آهي، ۽ باشعور  لکندڙ ۽ ادارا، انهيءَ کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ شاهوڪار  ڪندا وڃن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ادارو آهي، جنهن سنڌي علم و ادب جي هر پهلوءَ تي معياري  ڪتاب شايع ڪيا آهن. بورڊ  جي تازو شايع ڪيل ڪتابن مان، ٻه ڪتاب آهن: ”فرهنگ جعفري“ ۽ ”ٽيهه اکريون“.

’فرهنگ جعفري‘ ٽن جلدن ۾، اٽڪل ساڍن سترهن سَون صفحن جو هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جنهن کي  ادبي بورڊ، پنهنجي روايتي اندز سان نهايت سهڻي ٽائيپ ۽ ديده زيب ڪَور سان شايع ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد يا قديم سائنسي علمن متعلق ڪتابن جي اڻاٺ آهي. ورهاڱي کان اڳ  علم ڪيميا، علم طبعي ۽ علم بدن وغيره جهڙن موضوعن تي ڪتاب ڇپيا هئا، پر آزاديءَ کان پوءِ ادبي بورڊ ئي ان پاسي ڌيان ڏنو آهي. ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي لاجواب ڪتاب ’تن ۽ تندرستي‘ کان سواءِ، ’مهراڻ‘ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم، ڊاڪٽر نور احمد سومري ۽ ٻين عالمن جا جوهري طاقت ۽ ائٽم تي سٺا سٺا مضمون شايع ٿيا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي زبان ۾ سائنسي مضمونن  کي چڱيءَ طرح نڀائڻ  ۽ سمجهائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. انهيءَ ڏ ِس ۾، بورڊ جو هيءُ ڪتاب فرهنگ جعفري هڪ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جا پهريان ٻه جلد سنڌي مشهور ۽ ڄاڻو حڪيم مرحوم محمد جعفر صاحب جا تصنيف ڪيل آهن، جن کي سنڌيءَ جي مشهور اديب ۽ شاعر ۽ طبيه ڪاليج جي پروفيسر نياز همايونيءَ نئين سر سڌاري ترتيب ڏني آهي. ٽيون جلد نياز همايونيءَ جي پنهنجيءَ ڪوشش جو نتيجو آهي. دوائن جي علم ۽ يوناني  طب متعلق ههڙو همه گير ڪتاب شايع ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نيڪ  فال آهي. جديد طبي علم يعني ايلوپٿي، يوناني طب جي تجربن ۽ نسخن جي آزمائشن جي بنياد تي پيدا ڪيل علم آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته ايلوپٿي يوناني طب جي هڪ جديد ۽ سڌريل صورت آهي.

 فرهنگ جعفري ۾، حڪيم محمد جعفر مرحوم جي آزمايل دوائن ۽ نسخن کي سليس سنڌي ۾ سمجهايو ويو آهي.  دوائن جا اثر، ڪيفيتون ۽ خصوصيتون تفصيل سان ڏنل آهن. ساڳيءَ طرح مرضن جي تشخيص ۽ مختلف نسخن جي ترڪيبن ۽  تاثير جي مڪمل معلومات ڏني ويئي آهي. سڀ کان اهم اها ڳالهه آهي ته مرضن ۽ دوائن، گلن ۽ ٻوٽن،  جڙين ۽ ٻوٽين وغيره جا سنڌي نالا ڳولي يا مقرر ڪري، انهن کي مروج عربي، هندي، ترڪي ۽ فارسي  نالن جي سامهون ڏنو ويو  آهي. ان سان گڏ جديد طبي علم  جي بنياد تي تاثيرن، ترڪيبن ۽ ڪيفيتن جا انگريزي، نالا پڻ  ڏنا ويا آهن، جئن معلومات وڌيڪ ڪارآمد ٿئي، ۽ يوناني طب کي ’جديد علم‘ جي روشنيءَ ۾ سمجهي  سگهجي.

ٽيون جلد ته سڄو سنڌيءَ ۾، انگريزي دوائن جي علم يعني ميٽريا ميڊيڪا کي تفصيلي.  طرح سمجهايل آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جو سائنسي معلومات ۽ هڪ قيمتي اضافو آهي. هڪ  طرح ته ڪم از ڪم چئن ٻولين يعني عربي، هندي، ترڪي ۽ انگريزي لفظن جي سنڌي لفظن ۾ چڱي موچاري سائنسي ۽ طبي لغت تيار ٿي  پئي آهي؛ ۽ ٻئي  طرف دوائن ۽ مرضن جي علم جي سائنسي تحقيق سنڌيءَ ۾ مهيا ڪئي ويئي آهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ نادر اضافو آهي، جو نه رڳو حڪيمن ۽ طبيبن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ٿيندو، بلڪ اهو پڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي علمن کي نڀائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. نياز همايوني صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي خزانن مهيا ڪرڻ ۾ نهايت جا نفشانيءَ سان محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هو بيشڪ تحسين جو مستحق آهي. اميد ته سائنس جي ٻين موضوعن تي پڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادرا اهڙا مفيد ڪتاب گهڻي تعداد ۾ شايع ڪري، ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي سرمايي کي وڌيڪ شاهوڪار ڪندا. _سراج

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!