ڪليات دلگير: مؤلف: ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھه ”بيخود“

1 min read

ڪليات دلگير: مؤلف: ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھه ”بيخود“

حسيني، صفحا 146 سفيد پنو، ڇپائي عمدي، سرورق رنگين ۽ دلڪش، قيمت 4 روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ملڻ جو ھنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال ”امين منزل“ گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.

ٽکڙ جي ھاڻوڪي زبون ٿي ويل ڳوٺ سنڌ کي ڪي اعليٰ ترين اديب، شاعر، عالم ۽ درويش ڏنا آھن، جن ھڪ طرف سنڌي زبان ۽ ادب جي بي بھا خدمت ڪئي ته ٻئي طرف دين اسلام جي مشعل کي به روشن رکيو- جناب حافظ محمد ھارون ”دلگير“ به، جيڪو ٽکڙ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيو، ھڪ پختو ۽ بلند پايه شاعر ھو. حافظ دلگير ڪير ھو ۽ سندس ڪلام ڪھڙو آھي؟ ھو ھڪ پختو ۽ اعليٰ شاعر آھي يا نه؟ انھن سمورين ڳالھين جي ھيلتائين ڪن ٿورن کي خبر ھئي، پر ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھه بيخود حسيني صاحب مبارڪ جو مستحق آھي، جنھن وڏي محنت ۽ دماغ سوزي ڪري مرحوم ”دلگير“ جي زندگيءَ تان زماني جي دز لاھي کيس ۽ سندس ڪلام کي سنڌ جي عوام جي آڏو پيش ڪيو آھي.

”ڪليات دلگير“ حقيقت ۾ مرحوم دلگير جي ڪجھه ڪلام جو جامع مجموعو آھي. ڊاڪٽر حسيني پنھنجي پيش لفظ ۾ فرمايو آھي: منھنجي خواھش ته اھا ھئي ته دلگير جو بياض ھٿ چڙھي وڃي ته سندس مجمل ڪلام شايع ٿئي، مگر ڪوششن ۽ ڪاوشن جي باوجود اھا آرزو پوري نه ٿي بھرحال جيڪو حال جبيبان، اھو پيش پِريان!“

”ڪليات دلگير“ ۾ جيتوڻيڪ مرحوم دلگير جي ڪلام جو ڪجھه حصو آھي، پر ان ھوندي به اھو جامع نظر اچي ٿو. ڀانئجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ”دلگير“ جي ڪلام کي ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي آھي. ڪليات دلگير تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ”دلگير“ ھڪ سٺو شاعر ھو. سندس ڪلام ۾ ھڪ سٺي شعر جون سڀئي خوبيون نظر اچن ٿيون. سندس ڪلام ۾ رواني آھي، سلاست آھي، ميٺاج آھي. منجھس شاعرانه لوازمات جي پابندي نظر اچي ٿي. سندس خيالات بلند آھن. سندس پرواز اوچو آھي. سندس ڪلام ۾ غزل، قومي گيت، نظم ۽ تاريخي قطعا شامل آھن.

”ڪليات دلگير“ ۾ مرحوم دلگير جو ڪلام ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين حصي ۾ سندس سنڌي ڪلام ڏنل آھي ۽ ٻئي حصي ۾ فارسي ڪلام، ٻنھي حصن جا، ٻنھي ٻولين ۾، ٻه ڌار مقدما لکيا ويا آھن. مقدمي ۾ ڊاڪٽر اسد الله شاھه حسيني، مرحوم دلگير جي سوانح سان گڏ ھن جي خاندان جو به احوال ڏنو آھي. ۽ ساڳئي وقت تي پنھنجي عالمانه انداز ۾ مرحوم دلگير جي ڪلام جو جائزو پڻ ورتو آھي. ڪلام جي ترتيب سھڻي انداز ۾ ڪئي ويئي آهي. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آھي. ڪتاب سڄو سفيد ڪرنافلي ڪاغذ تي مصري ٽائيپ ۾ ڇپايل آھي. ڇپائي عمدي آھي ۽ ڇاپي جي غلطين کان گھڻي قدر پاڪ نظر اچي ٿي. ڪتاب جي قيمت چار رپيا رکي ويئي آھي ۽ اھو ڪتب فروشن کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد، وٽان ملي سگھي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!