تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا (2 جلد، اڙدو).

1 min read

تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا (2 جلد، اڙدو).

مرتب مولانا غلام رسول ’مهر‘؛ صفحا: جلد اول 572، جلد دوم 1231؛ قيمت جلد اول.-.-8 روپيا، جلد دوم.-.-8 روپيا؛ ڇپائي صاف سٿري؛ جلد پڪو، مضبوط، خوبصورت گرد پوش سان؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ؛ سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بند روڊ ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

سنڌ جي تاريخي عظمت جي باوجود، اسان جي قديم مؤرخن سنڌ جي تاريخ سان جيڪا بيرخيءَ جي هلت هلي آهي، تنهن اڄوڪي دور جي لکندڙن لاءِ سنڌ جي تاريخ جي ترتيب کي هڪ مشڪل مسئلو بنائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي تاريخ تي جيڪي اڳيون تصنيفون ملن ٿيون، سي ايتريقدر ته ناقص ۽ بي ربط آهن جو انهن جو انتخاب ۽ هم آهنگي هڪ مستقل ۽ مشڪل ڪم آهي. اسان کي ڪوبه اهڙو ڪتاب نٿو ملي، جنهن کي صحيح معنائن ۾ سنڌ جي تاريخ چئي سگهجي. وري عجيب اتفاق هي آهي جو سنڌ جي تاريخ جن دورن تي مشتمل آهي، انهن مان تاريخ جو دور ته اهو آهي جنهن جي ابتدا انهن فاتحن سان ٿئي ٿي، جيڪي سنڌ ۾ فاتحانه حيثيت سان داخل ٿيا. انهن جي باري ۾ اسان کي عرب مورخن ۽ جغرافيه نويسن وٽان ڪجهه نه ڪجهه مواد ملي ٿو.- ۽ انهيءَ ڪري هن دور جي ترتيب ۾ هڪ مورخ لاءِ آساني به آهي.

سنڌ جي تاريخ جو ٻيو دور اهو آهي، جيڪو هتان جي مقامي باشندن جي حڪومت تي مبني آهي. اهو ئي دور سنڌ جي اصل تاريخ آهي، ۽ انهيءَ ئي دور کي سنڌ وارن لاءِ خاص اهميت حاصل آهي. اهو دور سمن، سومرن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن تي مشتمل آهي، جن ڳچ عرصي تائين پنهنجي ملڪ ۾ فرمانروائي ڪئي. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ملڪ جي فلاح ۽ بهبود جو جيڪو جذبو، هن ملڪ جي رهاڪو هجڻ جي حيثيت سان، فطري طور انهن ۾ ٿي سگهي ٿو، سو ٻين ۾ تمام گهٽ ٿو ملي. انهن حاڪمن جي ڪارنامن ۾ يقيناً اهڙا شاندار ڪارناما به ملندا، جيڪي حب الوطنيءَ جي جذبي هيٺ ڪيا ويا آهن، ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ نمونو ۽ مثال بنجي سگهن ٿا.

ليڪن، بدقسمتي اها آهي جو تاريخ جو هن دور کي جيتري اهميت حاصل آهي، اوتريقدر وري مٿس گمناميءَ جا پڙدا پيل آهن. تاريخ جي هزارن صفحن کي اٿلائڻ پٿلائڻ سان به جيڪي اسان کي انهن مقامي حاڪمن بابت پلئه پوي ٿو، سو نهايت ئي مختصر ۽ محدود آهي: ۽ انهن محدود صفحن کي سامهون رکي، موجوده دور جي تقاضائن مطابق ڪنهن جامع تاريخ جي ترتيب پٿر کي پاڻي بنائڻ کان گهٽ نه آهي. انهيءَ لحاظ کان، هن دور جي ڪنهن حصي تي قلم کڻڻ معمولي دل دماغ جو ڪم نه آهي- جيستائين فڪر و نظر جي صحت، وسيع مطالعو، ۽ خاص طور تي تاريخي فن جي نزاڪتن ۽ بلندين تي عبور حاصل نه هجي.

پيش نظر ڪتاب، ’تاريخ سنڌ‘ (عهد ڪلهوڙا)، ٻن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن کي اڙدو جي مشهور اهل قلم مولانا غلام رسول ’مهر‘ مرتب ڪيو آهي. پهرئين جلد ۾ 572، صفحا آهن، ۽ ڪلهوڙن جي ابتدائي حالات کان شروع ٿي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حالات تي ختم ٿئي ٿو. هن ۾ انهيءَ دور سان تعلق رکندڙ نادر ۽ ناياب عڪسي فوٽا شامل آهن. هن جلد ۾ ٻاويهه باب آهن. ٻئي جلد جي ضخامت 1231 صفحا آهي. آخر ۾ مشهور رجال، جاين جڳهين ۽ مختلف مقامن جي فهرست ڏيئي، ڪتاب جي افاديت ۾ اڃا به اضافو ڪيو ويو آهي. هي جلد مراد ياب خان جي حالات کي شروع ٿي، ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالنبيءَ تي ختم ٿئي ٿو. منجهس ڪل اوڻيتاليهه باب آهن. ميان عبدالنبي جا حالات ٻاويهين باب تي ختم ٿين ٿا؛ باقي سترهن بابن ۾ سنڌ جو پس منظر، ڪلهوڙن جي ملڪي وحدت جي بحالي ۽ آبادڪاري، حڪومت ۽ ملڪي ماڻهو، ڪلهوڙا حڪومت جا رڪن ۽ اڪابر، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي اقتصادي حالت جو نقشو، صنعت ۽ تجارت، ڪلهوڙن جي عهد جو علم و فضل ۽ شعر ادب، ۽ انهن جي دور تعميرات تي سير حاصل تبصرو ڪيل آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ انهن حاڪمن جي عهد سان تعلق رکندڙ 43 نادر عڪسي تصويرون ڏنل آهن، جن مان سندن شخصيت، سندن دور جي مختلف عمارتن، ۽ سندن تحريرن جو عڪس اسان جي اڳيان اچي ٿو.

ڪلهوڙن جي داستان حيات جا جيڪڏهن مڙيئي ورق قديم تاريخن مان گڏ ڪيا وڃن، ته انهن جو تعداد، خود مولانا ’مهر‘ جي چوڻ مطابق، ”107“ صفحن کان وڌيڪ نٿو ٿئي. وري اهي واقعا به ’لف ونشر غير مرتب‘ جيان تاريخ جي ورقن ۾ ان طرح ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جو انهن کي ڳولي لهڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. ويتر قديم مؤرخن جي متضاد، مبهم ۽ بيجوڙ بيانن هن موضوع تي لکڻ وارن جي ذميواريءَ ۾ گهڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. انهن مڙني مشڪلاتن هوندي، مولانا ’مهر‘ ڪلهوڙن جي تاريخ مرتب ڪري نه صرف تاريخ ۾ هڪ بيش بها اضافو ڪيو آهي، بلڪ ائين چوڻ هڪ حقيقت آهي ته مولانا پنهنجي علم وفضل، راءِ جي صحت، فڪر و نظر جي بلنديءَ، ۽ پنهنجي جستجو ۽ تلاش سان ڪلهوڙن جي تاريخ کي نئين سر وجود بخشيو آهي؛ هيءَ ڪلهوڙن جي صحيح معنيٰ ۾ پهرين تاريخ آهي، جيڪا اهل ملڪ جي اڳيان اچي رهي آهي، ورنه هن کان اڳي جيڪي ڪجهه ڪلهوڙن بابت لکيو ويو آهي، تنهن کي تذڪرو ته چئي سگهجي، پر ان جي تاريخ جو درجو ڏيئي نٿو سگهجي. هن ڪتاب جي سڀ کان نمايان خصوصيت هيءَ آهي ته ان جو اندازو بيان ايترو دلڪش ۽ طرز نگارش ايتري عمدي آهي، جو اهو پڙهڻ واري کي پاڻ ۾ جذبو ڪريو ڇڏي. مولانا جي زور قلم ڪتاب کي ايتري قدر دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي، جو هن ڪتاب کي ختم ڪرڻ کان سواءِ پڙهڻ وارو هڪ ڪمي محسوس ڪندو رهي ٿو. هن ڪتاب جي ٻي خصوصيت، جيڪا ان کي ممتاز ٿي بنائي، سا آهي ان جي ترتيب ۽ هم آهنگي. ڪلهوڙن تي هن کان اڳ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي سو ايترو غير مسلسل، بي ربط ۽ منتشر آهي جو پڙهندڙ انهن واقعن ۽ سندن حالات زندگي جي بي ترتيبيءَ کان تنگ ٿي هڪ اهڙي ذهني خلفشار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، جتي کيس ڏاڍي مايوسي ٿئي ٿي- ايتريقدر جو جيڪڏهن اوهين اڳئين تاريخي لٽريچر مان اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته ’ڪلهوڙا خاندان جا ڪيترا حاڪم هئا، انهن جا نالا ڇا هئا، انهن مان هر هڪ جو دور ڪهڙي سن کان شروع ٿي ڪهڙي سن تي ختم ٿئي ٿو‘، ته مختلف تاريخن جي سون صفحن ورائڻ کان پوِءِ مس وڃي اوهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندا- ليڪن هن ڪتاب جي ترتيب انهن مڙني مشڪلاتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. مولانا ڪلهوڙن جي سڀني واقعن کي اهڙي سهڻي ترتيب سان پيش ڪيو آهي، جو پڙهڻ وارو ڪٿي به ذهني مونجهارو نٿو محسوس ڪري- بلڪ اهي ذهني مونجهارا جيڪي قديم تاريخن کي پڙهڻ سان پيدا ٿين ٿا، هن جي مطالعي سان خود بخود سُلجهي وڃن ٿا.

سنڌ جي تاريخ جي ماهرن کان هيءَ ڳالهه لڪل نه آهي ته ڪلهوڙا حاڪمن جي دور کي سنڌ جي خوشحاليءَ، آبادڪاريءَ، سرسبزي ءَ شادابيءَ، علوم و فنون جي ترقيءَ ۽ تعميرات جي لحاظ کان ’سنڌ جو سونهري دور‘ چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي زرعي نظام ۽ آبپاشيءَ ۾ انهن جيڪي تبديليون پيدا ڪيون، سنڌ جي زرعي پيداوار کي ڪمال جي معراج تي پهچائڻ جي جيڪا ڪوشش انهن ڪئي، آبادگان کي حق ۽ رعايتون ڏيئي ملڪ جي پيداوار ۽ خوشحاليءَ کي جهڙيءَ ريت انهن وڌايون، واهن کوٽائڻ ۽ انهن جي صفائيءَ، بحالي ۽ واڌاري ۾ انهن جيڪي مشقتون ڪيون، آبادڪاريءَ جا جيڪي وسيلا انهن اختيار ڪيا، سنڌ جي زمين جي زرخيزيءَ ۽ سنڌو دريا جي قدرتي دولت مان پوري پوري فائدي وٺڻ جي جيڪا ڪامياب ڪوشش انهن ڪئي، مخلتف شهر ۽ ڳوٺ آباد ڪري سنڌ کي جيڪا رونق انهن بخشي، – بيشڪ ڪلهوڙا حاڪمن جا هي اهي عظيم الشان ڪاناما آهن، جيڪي ماضيءَ جي عظمت کي اڳيان آڻي، مستقبل جي راهه جي روشني بنجن ٿا. ليڪن، افسوس آهي جو انهن جا اهي ڪارناما قديم تاريخن جي منتشر ۽ متفرق ورقن ۾ ’وساريل وٿ‘ بنيا پيا هئا. مولانا انهن جي دور جي مخلتف ڪارنامن کي ڪيترن ئي بابن ۾ ڦهلائي، اهل بصيرت لاءِ نهايت ئي سٺو سامان فراهم ڪيو آهي. علوم و فنون، شعر و ادب، خصوصاً سنڌي زبان جي جيڪا ارتقا ڪلهوڙن جي عهد ۾ ٿي- مولانا ان کي هڪ باب ۾ تفصيل سان بيان ڪري، علوم و فنون جي انهن خدمتگذارن ۽ سنڌي زبان جي محسنن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي.

هن ڪتاب جي ٽي خصوصيت تاريخي واقعن جو ربط آهي. ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ خاص طرح جيڪا اوڻائي محسوس ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته اسان جي گذريل مؤرخن سندن حالتن ۽ واقعن کي قلمبند ڪرڻ ۾ ڪي اهڙا خال ڇڏي ڏنا آهن، جن جي ڪري واقعات ۾ بي ربطيءَ جهڙي ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري ڪلهوڙن جي سڄي تاريخ غير دلچسپ ٿي پيئي آهي. مولانا انهيءَ ڪميءَ جي پورائي جو گهڻو خيال رکيو آهي، ۽ پنهنجي ٺوس راءِ ۽ تاريخي شاهدين سان واقعات ۾ ربط ۽ تسلسل پيدا ڪري، ڪتاب کي دلڪشيءَ جو بهترين ڀنڊار بنائي ڇڏيو آهي.

منهنجي خيال ۾، هڪ مؤرخ جو اهم فرض هي به آهي ته قديم مؤرخن جن متضاد واقعن کي نقل ڪيو آهي، تن کي پيش ڪري، يا تنهن انهن ۾ مطابقت جي صورت پيدا ڪري، ۽ يا وي انهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ جي راءِ کي ترجيح ڏئي ٿو، ته اهڙن دليلن ۽ ثبوتن سان ان کي مڪمل ڪري، جي سندس خيال موجب ٻين کي مطمئن ڪري سگهندا هجن اهو ئي اُهو نازڪ موقعو آهي، جتي هڪ مؤلف ۽ مصنف جي جودت طبع، ڪهنه مشقيءَ ۽ معلومات جي وسعت جا جوهر کُلن ٿا، ۽ انهيءَ ئي سان ڪنهن تاليف ۽ تصنيف جي قدر قيمت وڌي ٿي.

عجيب اتفاق آهي جو ڪلهوڙن جي باري ۾ اڳيون تاريخون ڪن هنڌن تي متضاد روايتن سان ڀريل نظر اچن ٿيون- انهن ۾ تطابق ۽ ترجيح ڪو آسان ڪم نه آهي. مولانا پنهنجو علم و فضل سان انهيءَ فرض کي سڄي ڪتاب ۾ جهڙيءَ طرح ادا ڪيو آهي، سو پنهنجو پاڻ مثال آهي.

تاريخ اسان لاءِ گذريل دور جو هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ هر چيز پنهنجي اصل رنگ روپ ۾ هوبهو ائين نظر اچڻ کپي، جيئن اها پنهنجي زماني ۾ هئي؛ ليڪن اسان جي مؤرخن ڪن شخصيتن جي تاريخ ۾، خارجي اثرن جي ڪري، ڪجهه اهڙا بدنما داغ داخل ڪري ڇڏيا آهن، جو انهن جا ڪردار نهايت ئي منجهيل صورت ۾ اسان جي اڳيان اچن ٿا، ۽ ان ڪري انهن جون مڙئي خوبيون دٻجيون وڃن. اهڙين حالتن ۾ هڪ مؤرخ جو فرض آهي ته جيڪڏهن هو محسوس ڪري ته هي الزام غلط آهن، ته انهن داغن دُٻڻ کي صاف ڪري، جن جي ڪري انهن شخصيتن جو اخلاقي آئينو ايندڙ نسلن لاءِ ڏسڻ لائق نه رهيو آهي. مولانا پنهنجي تاريخ ۾ انهيءَ ڳالهه جو به خاص خيال رکيو آهي، ۽ کيس جتي به اهڙي قسم جي زيادتي نظر آئي آهي، هن ان جي تلافيءَ جي ڪوشش ورتي آهي.

هن ڪتاب جي هڪ وڏي خاصيت هيءَ به آهي ته سڄي ڪتاب جي عبارت تاريخي شان ۽ معيار رکندڙ آهي. سڄي جو اسٽائيل (طرزبيان) يڪسان آهي. بي سروپا ڳاليهون، حشو و زوائد، ۽ ٺونس ٺوسان کان هي ڪتاب بلڪل پاڪ آهي، ۽ تاريخ جي معياري ادب جو هڪ بهترين نمونو آهي.

ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ، يا دائود پوٽن جي، يا بروهين جي- اهي ٽيئي هڪٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن- يعني جيڪڏهن ڪلهوڙن جي تاريخ لکي وڃي، ته ناممڪن آهي جو دائود پوٽن جو ذڪر نه اچي؛ يا وري ايرانين، افغانن ۽ مغلن جو ذڪر نه اچي، جيڪي انهن جي زماني ۾ فاتحن جي حيثيت سان داخل ٿيا.

هن تاريخ جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته جتي به ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ انهن مان ڪنهن جو ذڪر آيو آهي، ته شروع ۾ ئي انهن جي اجمالي تاريخ ايتري قدر ڏيئي ڇڏي ويئي آهي جو ان کي پڙهي ڇڏڻ کان پوءِ سندن تذڪري تي ڪنهن قسم جي مونجهه نٿي ٿئي- ۽ وري انهن جي تاريخ مان به پڙهندڙن کي هڪ حد تائين بصيرت حاصل ٿئي ٿي. ان طرح، جيتوڻيڪ هڪ ڪتاب ڪلهوڙن جي دور جي مڪمل تاريخ آهي، پر وچ وچ ۾ ان طرح، دائود پوٽن، بروهين، ۽ ايراني، افغاني ۽ مغل بادشاهن جا حالات به سامهون اچن ٿا، جن سان ڪلهوڙن جو تعلق رهيو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دقت طلب ڳالهه هيءَ به آهي ته قديم تاريخن ۾ سنڌ جي ڪن شهرن جا جيڪي نالا آهن، سي هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بنيا بيٺا آهن- يعني ڳولا ڪرڻ سان به پتو نٿو پوي ته انهن شهرن جا هاڻوڪا نالا ڪهڙا آهن، اهي هينئر ڪٿي آهن، ۽ اهي هن وقت موجود به آهن يا نه. هن تاريخ ۾ جتي به قديم شهرن جو ذڪر آيو آهي، فٽ نوٽ ۾ انهن شهرن جو هاڻوڪو نالو ۽ ڏس پتو وغيره ڏنو ويو آهي. جيڪي شهر هن وقت موجود نه آهن، انهن جا اصل ٺڪاڻا متعين ڪيا ويا آهن، ۽ موجوده ڪيفيت کي پڻ واضح ڪيو ويو آهي. ان طرح، سنڌ جي تاريخ مطالع ڪرڻ وارن کي هڪ وڏيءَ مصيبت کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.

هن ڪتاب جي هڪڙي وڏي خوبي هيءَ به آهي ته ان ۾ فقط واقعن جا ڀنڊار ڀريل ڪين آهن، بلڪ واقعن کي ورجائڻ سان گڏو گڏ فاضل مؤلف هر جڳهه تي نتيجا پڻ قائم ڪندو ويو آهي، ۽ هڪ شاندار ماضيءَ کي سامهون آڻي، اچڻ وارن نسلن ۾ عمل جا نوان ولولا پيدا ڪيا اٿس.

مٿين سڀني خوبين جي باوجود، ڪجهه خبرون اهڙيون به آهن، جيڪي منهنجي راءِ ۾ غور جوڳيون ٿي سگهن ٿيون. مثلاً، ڪلهوڙن جي نسب جي سلسلي ۾ مولانا هن ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته اهي شجرا جيڪي هن خاندان کي حضرت عباس رضه سان ملائين ٿا، ۽ عباسيت جي سند طور پيش ڪيا وڃن ٿا، سي صعف ۽ اختلال کان خالي نه آهن. مختلف طور جيڪي به شجرا مولانا کي هٿ آيا، سي پيش ڪري، انهن مان پاڻ هر طريقي کي مجروح ٺهرايو اٿس. ساڳئي وقت، مولانا هي به مڃي ٿو ته مؤرخن ڪلهوڙن جي عباسيت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي- مثلاً، ’برٽن‘ لکيو آهي ته

-”ڦڵێۆڏڌ إڜڵإ غڷۆ ښڷڈێۑ جێڌ، إښ ڵیڌ ښڶضێڷإ غإیڌ ڦۏ ێڷڈۇۆڷ ښڌ ڶښڵڶإڷ ێۆیڌ. ضب إښ كإڷڈإڷ ڷڌ ڈڎضێ ء إڶجۑإڐ قإڜڵ ڦڎ ڵۑإ، جۆ بڷۑ ڠبإښ ێۆڷڌ ڦإ إښجقڤإڤ صۑڛ ڦڎ ڈۑإ؛ ڵۑڥڷ ڠڵڶإء ڦڌ ڷڐڈۑڦ إڷ ڦإ ڛضڎٔء ڷښب ڠبإښۑج ڦڌ إڷجښإب ڶۑڼ ڷإڦإڶ شإبج ێۆإ. إښ صڎ إڷێۆڼ ڷڌ آڈڶۑ ښێڎإ كڞبۑێ بۑضێڌ، جإڦێ ۆێإڷ ڦڌ ڶڛإیك ڦۑ صإښ ضۆ ڈښجإۆۑڐ ێۑڼ، إڷ ڦۑ ڷڤڵ ڦڎڵۑڼ،  ڶڛإیك ڷڌ ڦإڶڵ ښڌ ڦإڶ ڵۑإ. جۆ ڦڵێۆڏۆڼ ڷڌ إڷ ڦۑ ضإڧۑڎۑڼ ڝبڞ ڦڎڵۑڼ. إڷ ڦڌ ڧإیۆڷ جبإه ڦڎ ڋإڵڌ، إۆڎ جإڷبڌ ڦۑ إڷ جكجۑۆڷ ڦۆ إخێإ ڦڎ ڵڌ ڧیڌ، ێڷ صڎ ڛضڎٔهٔ شبج جێإ. إښ ڞڎق، ۆێ بڌ ڛإیبێ ڎۑب قڝڎج ڠبإښ ڎڝێ ڦڌ إكڵإڢ بڷ ڧیڌ، إۆڎ ڶڎڛڈ ڤڎإڎ صإیڌ.“

(ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٤٣)

’برٽن‘ جي راءِ تي تبصرو ڪندي مولانا لکي ٿو:

– ”بۑڛڦ ێڶ ڦڵێۆڏۆڷ إۆڎ ڈإیۆڈ صۆجڎۆڷ ڦڌ صۑڛ ڦڎڈه ڛضڎۆڼ ښڌ ڶڠڤۆڵ ۆضۆه ڦۑ بڷإ صڎ إكجڵإڢ ڦڎ ښڦجڌ ێۑڷ، إڷ ڦڌ إښڤإڶ ښإڶڷڌ ڵإ ښڦجڌ ێۑڷ، ڵۑڦڷ إښ قڤۑڤج ښڌ ڦۑۆڷڦڎ إڷڦإڎ ڦڎ ښڦجڌ ێۑڷ ڦۏ إڷ ڦۑ ڠبإښۑج ڶښجڷڈ إڜقإب ڦڌ ڷڐڈۑڦ ێڎ ڠێڈ ۾ ڶڠڎۆڢ ۆ  ڶښڵڶ ڎێۑ.“ (ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٤٤)

ڪلهوڙن جي عباسيت جي شاهديءَ لاءِ جيڪي دليل مولانا صاحب پيش ڪيا آهن، سي ”ماثر الا مراء“، تحفته الڪرام“ ۽ ”نامه نغز“ جا اهي بيان آهن، جن ۾ کين ’عباسي‘ سڏيو ويو آهي. مولانا انهن جي عباسيت جو هڪ دليل هيءُ به پيش ڪيو آهي:

– ”ضبجڦ إڷ كإڷڈإڷۆڷ ڦۆ جإڎۑك ڦڌ ڶڷڟڎ ڠإڶ صڎ ضڵۆه ڧڎ ێۆڷڌ ڦإ ڶۆڤڠ ڷێ ڶڵإ، إۆڎ إڷ ڦڌ إقۆإڵ ۆڟڎۆڢ ڧڶڷإڶۑ ڦڌ صڎڈهء ڟڵڶج ۾ ڶۆښجۆڎۆ ڶجۆإڎۑ ڎێڌ، إڷجښإب ڠبإښۑج ڦۆ ڷێ ڡۆڎ جقڤۑڤ ڦڌ ڶڠۑإڎ صڎ صڎڦێإ ڧۑإ، إۆڎ ڷێ ڦښۑ ڦۆ إښ ښڌ إكجڵإڢ ڦۑ ڝڎۆڎج ڶقښۆښ ێۆیۑ؛ ضب إڷ ڵۆڧۆڷ ڦۑ جڤڈۑڎ ڦإ ښجإڎه غڶڦإ إۆڎ ۆه إصڷڌ ڈڎكڛإڷ ڦإڎڷإڶۆڼ ڦۑ بڈۆڵج ڛێڎج ڠإڶ ڦڌ ڈڎبإڎ ڶۑڼ إۑڦ ڶڠڐڐ ڶښڷڈ ڦڌ قڤڈإڎ بڷ ڧیڌ، جۆ ضێإڷ ڦێۑڷ إڷ ڦإ ڍڦڎ آۑإ، إڷێۑڷ ’ڠبإښۑ‘ جښڵۑڶ ڦۑإ ڧۑإ. ڍڶێ ڈإڎ ڶڠإڜڎ ښۆإڷق ڧإڎۆڷ ڶۑڷ ښڌ ڦښۑ ڷڌ إښ إڷجښإب ڦۆ ڶقڵ ڷڞڎ ڤڎإڎ ڷێ ڈۑإ. ڛێڎج ڠإڶ إۆڎ ڤبۆڵ ۆ إڠجڎإڢ ڦڌ إښ جۆإجڎ ڦۆ بێڎ قإڵ إڜڵ ڈڠۆڌ ڦڌ إشبإج ێۑ ڦۑ إۑڦ ۆڤۑڠ ڈڵۑڵ ښڶضێإ ضإیڌ ڧإ، إڧڎغۏ صۑڛ ڦڎڈه ڛضڎۆڷ ڶۑڷ ڦجڷۑ ێۑ كإڶۑإڷ ڎإه  صإ ڧیۑ ێۆڷ.“ (ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٣٥)

ڪلهوڙن جي عباسي هجڻ جي باري ۾ جيڪڏهن مولانا صاحب جي دليلن جو تجزيو ڪيو وڃي، ته اهو هن ريت ٿيندو:

(1) تاريخ جي ڪتابن ۾ انهن کي عباسي لکيو ويو آهي؛

(2) انهن جي عباسيت هر عهد ۾ مستند ماڻهن وٽ معروف ۽ مڃيل رهي؛ ۽

(3) انهن جي عباسيت کي عام شهر، قبوليت ۽ اعتراف، تواتر جي درجي ۾ حاصل آهي، جيڪو سندن دعوا جي وزندار آهي.

ليڪن جڏهن اسين اصل مسئلي تي غور ٿا ڪريون، ته اسان جي راءِ ۾ ڪلهوڙن جي عباسيت جو جيڪو قوي دليل بنجي سگهي ٿو سو، سندن ’شجرو‘ آهي. شجرو ئي هڪ اهڙي چيز آهي، جنهن تي نسب جي دعوا جي صحت ۽ عدم صحت جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن مولانا صاحب جي اڳيان جيترا شجرا آيا آهن، خود انهن کي درايت ۽ روايت کان مجروح ٻُڌايو اٿس. ان طرح، ڪلهوڙن جي عباسي هجڻ جو جيڪو سڀ کان وڏو دليل بنجي سگهيو ٿي، سو مفقود ٿي ويو.

رهي هيءَ ڳالهه ته مؤرخن انهن کي عباسي ڪري لکيو آهي. اسان جي راءِ ۾، مؤرخن انهن کي عباسي ڪنهن تحقيق جي سلسلي ۾ ڪونه لکيو آهي، بلڪ تذڪري طور لکيو آهي- يعني ڇاڪاڻ ته هيءَ خاندان ’عباسي‘ مشهور هو، ان ڪري هو بيڌڙڪ ’عباسي‘ لکندا ويا آهن؛ يا جيڪي شجرا انهن جي اڳيان هئا، تن جي صحيح يا غلط هجڻ جي تحقيق ڪرڻ بنا، انهن جي بنياد تي، هو ڪلهوڙن کي عباسي ڪري مڃيندا هئا- ان ڪري انهن جو صرف عباسي لکي ڇڏڻ ڪو ڪلهوڙن کي عباسي نٿو بنائي، جيستائين ڪو ٺوس دليل اسان جي اڳيان نه هجي.

باقي صرف عام شهرت ۽ تواتر ٿو رهي. ريسرچ ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ’عام شهرت‘ (جنهن کي اسين مجازاً ’تواتر‘ سان تعبير ڪريون ٿا) ڪنهن دليل ۾ مدد ته ڏيئي سگهي ٿي، مگر خود مستقل دليل بنجي نٿي سگهي- خصوصاً جڏهن ان جي مخالفت ۾ ڳورا دليل پڻ موجود هجن. جيڪڏهن صرف عام شهر ئي دليل بنجي سگهجي ها، ته جناب رسالت ماب صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت باسعادت جي باري ۾ ’12- ربيع الاول‘ جي روايت کي اڄ تواتر حاصل آهي، ليڪن مشهور سيرت نگارن، باوجود انهيءَ تواتر جي، روايت جي ’صحت‘ کي ترجيح ڏني- خود علامه شبلي مرحوم غالباً ’9- ربيع الاول‘ واريءَ روايت کي، ”سيرت النبي“ ۾، ان جي صحت جي بناء تي، قبول ڪيو آهي.

اسان جي راءِ ۾، هن الجهيل مسئلي ۾ جيڪڏهن مولانا صاحب دليل بازيءَ جي بجاءِ موافقن ۽ مخالفن جا رايا لکي ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏي ڏ.ي ها، ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.

هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪلهوڙن جي طريقت جو شجرو سيد محمد جونپوري مهدي سان ملي ٿو. فطرتآ هي سوال پيدا ٿئي ته اهي سيد محمد جونپوريءَ کي مهدي موعود مڃيندا هئا يا نه. جيتوڻيڪ مولانا صاحب گهڻي ڀاڱي انهيءَ شبهي کي دور ڪيو آهي ته هو ’مهدوي‘ نه هئا؛ انهن جا سڀ عقيدا سني مسلمانن جهڙا هئا، ۽ هو حنفي فقہ جا پيرو هئا؛ ليڪن جيڪڏهن هن مسئلي جي اهميت کي ڏسندي، دليلن ۽ ثبوتن سان ڪجهه وڌيڪ وضاحت ٿي سگهي ها ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها.

اهي چند چيزون آهن، جيڪي منهنجي راءِ ۾ قابل غور ٿي سگهن ٿيون- مگر، انهن خوبين ۽ وصفن جي سوجهري ۾، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڀريل آهن، اهي ڳالهيون فقط چنڊ جي چٽِي جي حيثيت رکن ٿيون.

ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نفاست، ديده زيبي، صحت جو اهتمام، ۽ گرد پوش جي خوبصورتي وغيره، سنڌي ادبي بورڊ جي صحيح ذوق جون ترجمان آهن، جو ان جي سڀني ڪتابن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. – اعجازالحق قدوسي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!