تحفة النسوان
1 min readتحفة النسوان:- مرزا قليچ بيگ مرحوم: صفا 193؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت .-.- 2؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ حيدرآباد، سنڌ.
هن ڪتاب ۾ مشهور مسلمان عورتن جي سوانح ۽ سيرت بيان ٿيل آهي. ان ۾ شاعر ۽ ادب، عالم ۽ فاضل ۽ حڪمران، مدبر ۽ بهادر، عابد ۽ زاهد عورتن جو ذڪر نهايت دلنشين پيرايي ۾ بيان ٿيل آهي. عرب، عجم ۽ هند جي مشهور عورتن جي سيرت پڙهڻ کان پوءِ، سنڌ جون پڙهيل ڪڙهيل عورتون نهايت پاڪيزه ۽ اصلاحي اثر وٺي سگهن ٿيون. عورتن لاءِ واقعي هي ڪتاب هڪ قيمتي تحفو آهي، جيڪو هر گهر جي هر پڙهيل عورت کي پڙهڻ کپي.