دنيا دورنگي

1 min read

دنيا دورنگي

دنيا دورنگي، اٺن  پردن جو هڪ ڊرامو آهي، جيڪو غلام نبي خان آغا جو لکيل آهي. جو صاحب ادبي دنيا ۾ ’آغا  صوفي جي نالي سان مشهور آهي. هي ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان ڇپايل آهي. هي ڊرامو هن کان اڳ به شايع ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي تجويز هيٺ وري ڇپايو ويو آهي، جنهن موجب سنڌي ٻوليءَ جا 29 چيدا ۽ چونڊ ۽ معياري مگر ناياب، مختلف مصنفن جا ۽ ڌار ڌار موضوعن تي لکيل ڪتاب هن کان اڳ شايع ڪيا ويا آهن.

’دنيا دورنگي‘، ان سلسلي  جو ٽيون ڪتاب آهي. ان سلسلي ۾ ڪتابن جي اهميت اها آهي جو ’بورڊ‘ انهن کي جيئن جو تيئن شايع نٿو ڪري بلڪ انهن ۾ مناسب درستيون ڪرائي ۽ ڇاپي جي  نون نمونن هيٺ انهن کي پڌرو ڪيو وڃي ٿو. جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته هن ڊرامن جو موضوع ’دنيا جي دورنگي‘ هئڻ آهي_ هي دنيا هڪ طلسمي ماڙي آهي جنهن ۾ قدم قدم تي انسان لاءِ امتحان رکيل آهي. جيڪو انهيءَ جي ظاهري حيثيت تي ويو سو اڙيو، ان جي باطن کي سمجهڻ لاءِ راڻي واري سچيتائي ۽ نگاهه دوربين جي درڪار آهي، جهن کيس توڙ رسايو  ۽ مومل سان ملايو. هن ڊرامي ۾ اسان جي پراڻن، روايتي ڊرامن جون سڀ وصفون موجود آهن. منجهس محبت، مزاج ۽ شاعريءَ جو پورو  دخل آهي. گيت ۽ غزل وغيره ڊراما-نگار جي ئي زور قلم جو نتيجو آهن، ان مان ڪي ٿورا ڪي معياري چئي  سگهبا. ڀانئجي ٿو ته انهن جي لکڻ وقت مصنف کي تماشبينن جي تفريح طبع جو خيال هو. جي انهن جي افادي پهلو تي نظر وجهجي ٿي  ته مايوس  ٿيڻو پوي ٿو. ڪردار نگاري به خاص ڪانه آهي.  رڳو مسخري ٽمبڪٽو جوڪردار اڀري سگهيو آهي. هن ڊرامي جي وڏي خوبي ان  جو  نثر آهي. دنيا دورنگي، اهڙي  وزندار نثر  ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ تمام ٿورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل نظر اچن ٿا. تنهنڪري اهڙي ڪتاب جو قدر ڪرڻ انتهائي لازمي آهي. ’دنيا دورنگيءَ‘ جي ٻي خوبي ان جا ڊائلاگ آهن جي ڪٿي تمام زوردار آهن، ڪٿي وري شعر جو مزو پيا  ڏين! مصنف، مختصر مڪالما لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.’دنيا دورنگي‘ 200 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽان 2 رپين ۾ ملي سگهي ٿو.

_بشير مورياڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!