سنڌ جي اقتصادي تاريخ

1 min read

سنڌ جي اقتصادي تاريخ

مصنف ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي، مترجم سراج الحق؛ صفحا 300؛ سائز ڊبل ڪرائون؛ ڇپائي صاف سهڻي، گيٽ اپ دلڪش ۽ جاذب، غلاف رنگين ۽ سنڌي تهذيب جو آئينہ بردار؛ قيمت چار روپيا؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ابي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ جي مشهور انگريزي تصنيف ”ايڪانامڪ ڪنڊيشنس اِن سنڌ“ (1592 – 1842ع) جو سنڌي ترجمو آهي. سنڌي زبان ۾ هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي اقتصاديات متعلق انگن اکرن سان بحث ڪيو ويو آهي.

اها حقيقت آهي ته هر اقتصادي حالت جو تعلق ان جي گذشته دور جي اقتصادي ماحول سان رهي ٿو؛ لهٰذا تيستائين ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ماحول جو صحيح طور جائزو نٿو وٺي سگهي، جيستائين ڪه ان جي ماضيءَ جي اقتصادي تاريخ جو مطالعو نه ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب، مترجم جي نوٽ ۽ مصنف جي پيش لفظ کان سواءِ، 265 صفحن تي مشتمل آهي. آخر ۾ ٽالپرن جي فوجي طاقت، جاگيرداري معيشت جي نظام، 1938ع ۾ ڪراچيءَ جي منڊيءَ جي خريد و فروخت جي انگن اکرن، ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي دور ۾ 17-18 صديءَ جي واپاري جهازن جي آمدرفت تي ضميما آهن. ڪتاب جي خاتمي ۾، پورن ڏهن صفحن تي، انهن انگريزي ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي، جن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو ويو آهي. ڪتاب، ول ڊيورانٽ جي هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو:

”اَسي في صد لکيل تاريخ، مصر جي اشڪال نويسين وانگر، رڳو مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي عظيم ڪارنامن جي ساراهه سان ڀري پيئي آهي.“

”’تاريخ‘ مان اڪثر اها مراد ورتي ويئي آهي ته ان ۾، هڪ روزنامچي طور، رڳو سياسي ۽ فوجي واقعن جي وچور ڏني وڃي، ۽ منجهس رڳو بادشاهن ۽ وزيرن، جنگين ۽ حڪومتن جا داستان ۽ افسانا بيان ڪيا وڃن. هر ڪنهن تاريخ نويس، پنهنجيءَ پر ۾، گذريل زماني کي سمجهائڻ ۽ ان جي تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان جي ڪن خاص صورتن تي زياده زور ڏيڻ سبب، انهن هميشه ان جا ٻيا ڪيترا پهلو نظر انداز پئي ڪيا آهن. جامع تاريخ لاءِ تحقيق ۽ کوجنا جا جيڪي علمي ۽ ادبي طريقا ۽ صلاحيتون لازمي آهن، سي سڀيئي ڪنهن هڪ مورخ کي هڪ ئي وقت بدرجه اتم ميسر هجن: زندگيءَ ۾، اهو حسن اتفاق تقريباً ناممڪن آهي.“

تاريخي فن جي ان تجزيي ۽ تنقيد کان پوءِ، هروڀرو اها راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي ته گذريل دور جا سڀ تاريخي ڪتاب غير افادي آهن. ايترو آهي ته هر دور ۾، ان دور جي ادبي طريقن ۽ علمي زاوين آهر، چند گنجائشن ۽ رعايتن کي اڳيان رکي ئي ڪجهه نه ڪجهه تاريخ نويس لکندا آيا آهن. ماضيءَ جو اهو پراڻو دفتر جيڪڏهن اسان وٽ نه هجي ها، ته پوءِ هوند اسان نه ته پنهنجي حال متعلق ڪا صحيح راءِ قائم ڪري سگهون ها، ۽ نڪو مستقبل متعلق سوچي سگهون ها. البته، تاريخ کي سمجهڻ ۽ ان مان صحيح طور نتيجن کي اخذ ڪرڻ لاءِ ذوق سليم ۽ طبع رسا جي ضرورت آهي. بهرحال، تاريخ جي مطالعہ کان پوءِ ئي پتو پئجي سگهي ٿو ته ماضيءَ ۽ حال جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، ’حال‘ ڪيئن ’ماضيءَ‘ مان پيدا ٿئي ٿو، ۽ مستقبل ڪيئن ٿو حال ۾ پرورش وٺي، وڌي ۽ ويجهي. تاريخ جي فني ۽ تنقيدي مطالعه مان ئي پتو پوي ٿو ته گذريل دور ۾ مُلڪي نظام ۽ مختلف معاشرا ڪيئن ٺهيا، ڪهڙن هٿن ٺاهيا، ۽ ڪهڙين ضرورتن آهر ٺاهيا؛ ۽ پوءِ وري ڪيئن انهن ڊٺل کنڊرن ۽ دڙن مان نئين دور جو آغاز ٿيو، ۽ انساني ارتقا جو اهو دور به اڳتي هلي ڪنهن هنڌ تي رڪجي ويو، ۽ ختم ٿي ڪري، نئين در جو بنياد رکي ويو.

اهوئي سبب آهي جو ”ايام تاريخ“ متعلق ٻڌايل آهي ته ”تلڪ الايام ندا ولها بين الناس“؛ ۽ سنڌيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ”تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائي ٿي“. تاريخ جو فلسفو ڇا آهي، ۽ تاريخ جو وري وري موٽي اچڻ ڇا آهي: اهو مسئلو في الحال اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي؛ فقط ايترو اشارو ڪرڻ ڪافي ٿو نظر اچي ته زندگي جڏهن ته بي ربط نه آهي، ۽ چند علمي ۽ عمراني، فڪري ۽ تهذيبي حد بندين ۾ وڌندي رهي آهي، تڏهن ان ساري دور جي تصوير ڪشيءَ ۾ به هڪ حد تائين سلسلو ۽ ربط قائم آهي، جنهن کي تاريخ زندگيءَ جي جامع تصوير بنائي پيش ڪري ٿي. اها تاريخ ئي آهي، جا زندگيءَ جي نرم گرم ڪارگذارين کي نهايت چابڪدستيءَ ۽ ديانتداريءَ سان اسان جي آڏو آڻي ٿي، ۽ اسان جي ’حال‘ کي ’ماضيءَ‘ سان روشناس ڪري، روشن ’مستقبل‘ جو ڏس ڏئي ٿي.

اها ته ٿي تاريخ، پر ان جو لکندڙ مؤرخ ئي جوابدار آهي ته هن پنهنجي فن کي ڪهڙيءَ حد تائين نباهيو ۽ صحتمند رکيو آهي. تاريخ نويس جو اهو منصبي فرض آهي ته هو انسان ۽ ان جي ماحول جي انهن واسطن ۽ اثرن کي پرکي ۽ جاچي، جن مان حال لاءِ ڪي صحتمند روايتون ۽ نتيجا اخذ ڪري سگهجن. مورخ، انساني زندگيءَ جي پوري داستان ۾ پيدا ٿيل اصلاحي ۽ عمي، سياسي ۽ معاشي انقلابن ۽ ردوبدل کي، تحريڪن ۽ تنظيمن کي، سچ ۽ ڪچ کي، رسم ۽ رواج کي، تهذيب ۽ معاش کي، زوال ۽ ترقيءَ کي، پرکي ٿو ۽ جمع ڪري ٿو. ان ڪري ئي ملڪ جي صحيح تاريخ جو مقصد ئي اهو ٿو ٿئي ته ان جي رهواسين جي سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ عمراني حالتن جو مطالعو ڪيو وڃي؛ مختلف لاها چاڙها ڏٺا وڃن، ۽ ڏسندي ڏسندي، زندگيءَ جي ابتدائي تهه تائين پهچي وڃجي، جئن انسان جي گذريل تجربن جو صحيح صحيح اندازو لڳائي سگهجي.

عالمن جي اها به متفق راءِ آهي ته ”انسان جي زندگي جن قوتن جي اثر هيٺ رهي آهي، تن سڀني ۾ مذهب ۽ اقتصاديات جا اثر ٻين سڀني قوتن جي جملي اثر کان هر حالت ۾ گهڻو وڌيڪ اهم رهيا آهن.“

مطلب ته، دنيا جي هر ملڪ وانگر، اسان جي سونهاريءَ سنڌ به مٿين اصولن موجب سماجي، تمدني ۽ سياسي حيثيت سان پنهنجي مخصوص معاشي حالتن جو هر دور ۾ انقلاب آفرين اثر قبول ڪندي آئي آهي. اڄ جنهن کي سنڌي معاشرو سڏيو وڃي ٿو، اهو به، مٿي اصولن جي ماتحت، صدين جي تبديلين ۽ انقلابن جي پيداوار آهي؛ لهاذا ان جو جائزو ۽ مطالعو تيسين تائين مڪمل نه ٿي سگهندو، جيستائين اسان ماضيءَ جي اقتصادي حالتن جو غائر نظر سان مطالعو نه ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي فقط اڍائي صدين (1592ع – 1843ع) تائين جي اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڳتي هلي لکيو ويو آهي ته ’سنڌ زرعي ملڪ آهي، ۽ ان سان گڏ تجارت ۽ ڪاريگريءَ ۽ گهرو هنرن ۾ به برک رهندي آئي آهي. سنڌ جي اقتصاديات انهن چند لفظن ۾ ئي لڪل آهي. انهن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي سنڌ جي زرعي ۽ معاشي مسئلن جا تعلقات ڳنڍيل نطر اچن ٿا. انهن چيزن جي ڪري ئي سنڌ ايامن کان متضاد قوتن جو آماجگاهه رهي آهي. انهن سببن ڪري ئي سنڌ ۾ ڪڏهن امن ته ڪڏهن جنگ، ڪڏهن صلح ته ڪڏهن فساد، ڪڏهن آسودگي ته ڪڏهن مفلسي، ڪڏهن غلامي ته ڪڏهن آزاديءَ جي ڪشمڪش رهندي آئي آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ انگريز واپارين جا سنڌ ڏٺي ۽ بيان ڪئي آهي، سا هئي ٽڪر ٽڪر ٿيل ۽ غلام سنڌ، جنهن ۾ شهزادا ۽ نواب وڙهي رهيا هئا؛ جنهن ۾ نه حسن هو، ۽ نه آسودگي‘.

انگريزن جي تحريرن جو ماحصل اهو آهي ته:

’سنڌ ايامن کان شڪار گاهن ۽ ٻيلن سان ڍڪيل ملڪ آهي، جنهن ۾ واپار، هنر ۽ صنعت جو ڪوبه تحسين جوڳو نظام ڪونه هو. سندس شهر گندا ۽ ڳوڙها هئا، ۽ سندس حاڪم فساد انگيز ۽ شڪار پسند هئا. سندن خاص مشغولي هئي پنهنجي پنهنجي مذهب جي تبليغ. ٻيا آهن پينو جام، جي آئي وئي کي پيا لُٽين ۽ پَٽين! ماڻهو جاهل، ڄٽ، مغرور، فسادي ۽ وحشي آهن، جن ۾ نه تهذيب آهي ۽ نه تمدني خصلتون. هاري ناري اڌ – بکيا ۽ انگ اگهاڙا: انهن ساري حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين ڏٺو آهي‘.

هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ واضح ٿئي ٿو ته مٿيون بيان نهايت لغو ۽ غلط آهي. دراصل، ”17 ۽ 18 صديءَ ۾ سنڌ هڪ سکيو ستابو، خوشحال ۽ آسودو ملڪ هو،سندس کيتي نهايت برڪت واري هئي. گهرو هنر ۽ ڪاريگريون ترقي پذير هيون. شهر ۽ ٻهراڙيون وسنديءَ وار هئا. سندس وڻج ۽ واپار پري پري ڏيساورن سان هلندڙ هو.واپاري سوماترا، جاوا ۽ هند چين تائين هڪ طرف، ته ٻئي طرف بلخ، بخارا، ايران ۽ عرب تائين ويند اهئا؛ ان کان سواءِ روم ۽ يورپ تائين به واپار هلندڙ هو.“

چنانچه ان دور جي سنڌ جا آثار، ان دور جي عوامي ادب، پهاڪن، آکاڻين ۽ شاعرانه نڪته سنجين ۾ موجود آهن. نه معلوم ڇو سنڌ کي هر خيال سان پوئتي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. ٻيا ته ٺهيو، خود انگريزن به هن ملڪ لاءِ علمي خلوص کان ڪم نه ورتو، ۽ محض افسانه طرازي ڪري وڃي مٿي چڙهيا. ’اهوئي سبب آهي جو معاشي مورخن، هندستان کان وڌيڪ سنڌ کي پئي نظر انداز ڪيو آهي. خود مورلنڊ جهڙو لائق فائق محقق به غلط فهميءَ ۾ اچي ڪري لکي ويٺو ته ”بکر کان وٺي سمنڊ تائين، ساري سنڌ هڪ ويران بيابان آهي“. ان جي بنا تي، مغليه دور جي معاشي جائزي وٺندي، سنڌ کي نظر انداز ڪري ڇڏيائين.‘

هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته ’هيءُ ننڍڙو ۽ ظاهري طور غير اهم ۽ دورافتاده صوبو، هندوستان جي بنهه ڇيڙي تي ۽ سمنڊ جي ڪنٺي تائين محدود، گذريل دور جي تجارتي دنيا ۾ نهايت برک ۽ مرتبي وارو صوبو هو. هندوستان جي سدا شاهوڪار واپار ۽ تجارت ۾ سندس اهم حصو هو‘. چنانچه هيءُ ڪتاب ان موضوع تي پهرين تصنيف سمجهڻ گهرجي.

هن ڪتاب جي ترتيب وقت فاصل مصنف ڪوشش ڪري ڪافي مواد هٿ ڪيو آهي: ان ۾ ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جو سمورو رڪارڊ، يورپي سياحن جا سفرناما، انڊيا آفيس ۽ پبلڪ لئبرري لنڊن جا پراڻا نسخا ۽ دستاويز، ڪَڇ ريجنسي جا سرڪاري دفتر، ۽ ٻيا ڪيئي اهم معاشي تاريخ جا ڪتاب ۽ مقالا اچي وڃن ٿا، جن کي مطالعہ ڪري، پنهنجي موضوع مطابق، وڏيءَ محنت سان مصالح گڏ ڪيو آهي. مترجم صاحب، مسٽر سراج الحق، جوهن فن ۾ ايم. اي. ڪري چڪو آهي. ان جي تمهيد هڪ فني ۽ علمي چيز آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو:

”جنهن دور جو اڀياس هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهو سموريءَ دنيا لاءِ قرون وسطيٰ يا وچون دور سڏجي ٿو. ان دور ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هڪ نئون معاشي ۽ اقتصادي رجحان اڀري رهيو هو. ۽ اهو رجحان هو جاگيردارانه طاقتن ۽ نيم سرمائيدارانه قوتن جي هڪٻئي تي فوقيت ۽ غلبي حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش. ان دور ۾ يورپ ۽ ايشيا جي قريب قريب سڀني ملڪن ۾ جاگيردارانه نظام معيشت مروج هو، جنهن ۾ سردار، جاگيردار ۽ زميندار زمينن جي پيداوار جو اڪثر حصو کڻڻ، عام رواجي طرح پنهنجو منصبي حق سمجهندا هئا، ۽ ڌرتيءَ جي ڇاتي چيري اَن ۽ ٻيون شيون پيدا ڪرڻ وارن هارين کي محض گذاري ڪرڻ، ۽ پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي آئيندي جي پورهئي ڪرڻ لاءِ جيئرو رکڻ جيتري پيداوار نصيب ٿيندي هئي. نتيجي طور، پيداوار – يا ٻين لفظن ۾ دولت – چند ماڻهن وٽ مرڪوز ٿيندي ٿي رهي. ضرورت کان بيحد زياده دولت ٿورن وٽ گڏ ٿيڻ سان، دولت جي مصرف جا ذريعا نسبتاً محدود ٿيڻ لڳا. دولت جي مصرف جي تلاش ۾، جاگيردار طبقو زندگيءَ جي آسائشن ۽ عيش و عشرت جون نيون نيون راهون هٿ ڪرڻ لڳو: سندن انهيءَ دولت جي مصرف جي پورائي لاءِ، عيش عشرت جا نوان نوان سامان، نيون نيون شيون ۽ مال ٺهڻ جو موقعو پيدا ٿيو. دستڪار ۽ ڪاريگر طبقو فروغ پائڻ لڳو، نوان نوان فن ۽ هنر ترقي ڪرڻ لڳا. عشرت جو سامان وڌڻ سان، نئين قسم جو مال وڌندڙ مقدار ۾ پيدا ٿيڻ سان، دولت جاگيردار طبقي وٽان منتقل ٿي هڪ اهڙي گروهه وٽ پهچڻ لڳي، جنهن کي واپاري طبقو سڏيووڃي ٿو. وچئين دور جا شاهوڪار سوداگر انهيءَ طبقي جي نمائندگي ڪندا هئا. اهو واپاري طبقو اها ڪمايل دولت وري به ساڳين عشرت ۽ آسائش جي سامانن ۽ شين جي تيار ڪرائڻ ۾ سيڙائڻ لڳو: پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي مال تيار ڪرڻ جو ڪم سونپي، انهن کي زندگيءَ جي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ اڳواٽ مُوڙي ڏيئي، مال تيار ڪرائي، دولتمند جاگيردارن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو هو. واپاري طبقي کي ان مان ٻٽو نفعو ٿيندو هو: ڪاريگرن ۽ پورهيتن کي هو محض ايتري قيمت آڇيندو هو، جنهن ۾ هو وري پورهئي ڪرڻ لاءِ جيئرا رهندا چن، ۽ سندس دارومدار به هن جي مال جي طلب تي رهندو اچي؛ ٻئي طرف جاگيردارن کي هو ڳرين قيمتن تي اهو مال وڪڻندو هو، جيڪي، پنهنجي دولت جي بي انداز فراوانيءَ ۽ عيش و آسائش جي شوق کان، قيمت تي ڌيان ئي ڪين ڏيندا هئا، بلڪ معاشري ۾ پنهنجي پاڻ کي سرخرو ۽ ناميارو بنائڻ لاءِڳريون قيمتون آڇڻ پنهنجو امتياز سمجهندا هئا.ان طرح، دولت واپاري طبقي وٽ مرڪوز ٿيندي ويئي، ۽ رفتي رفتي اهو واپاري طبقو پنهنجي چمڪندڙ واپار ۽ موڙيءَ جي بنياد تي، صنعتي تنظيم تي ڇائنجي ويو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ دولت جي لحاظ کان ايتري قوت هٿ ڪري ويو جو هن جي مفاد ۽ جاگيردار طبقي جي مفاد ۾ ٽَڪر جو امڪان پيدا ٿي پيو.“

اڳتي لکي ٿو:

’ٽالپرن جي دور ۾، ۽ انهن کان اڳ ڪلهوڙن جي دور ۾، واپاري مفاد ۽ جاگيرداري مفاد ٽڪرجڻ جي حد تي اچي پهتا هئا. ميرن جي دور ۾ ته اها ڪشمڪش موت ۽ حيات جي ڪشمڪش هئي. جاگيردار، تاجر کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. هوڏانهن جاگيردار طبقي پنهنجي هٿيارن، يعني ڍلن ۽ ڳرن محصولن، کي استعمال ڪيو؛ ۽ آخري طور، مذهب جي اختلاف کي اڳيان آڻي، ان دور جي هندو واپاري طبقي کي زيربار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ ان قسم جو زوال ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور جي پيداوار آهي. ان دور ۾ شهر ڦٽي ويا، ۽ نيم – صنعتي معيشت وري زرعي معيشت ڏانهن ورڻ لڳي هئي‘. ’انگريزن به واپاري بنجي اچي سنڌ ۾ پير ڄمايا. سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ انهن اهي ئي جواز جا دليل پيش ڪيا، جي واپارين جاگيرداري دور ۾ بار بار دهرايا هئا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي هندو طبقي مان ديوان گدومل ۽ نائون مل انگريزن کي مددڏني، ۽ ميرن جا پير سنڌ مان اکوڙي ڇڏيا. انگريزن، سنڌ فتح ڪري، ان جي ساري پيداوار کي پنهنجي ”حق ملڪيت“ تصور ڪري، انگلنڊ کي آسودو ڪيو، ۽ سنڌ کي قرون وسطيٰ واري معيشي دور ۾ اڇلائي دم کنيو!‘

انگريزن متعلق لکي ٿو ته:

’انگريزن جو اهو مفاد رڳو انگريزن تائين محدود نه هو. ان دور ۾ هر هنڌ سرمائيدار طبقن پئي ننڍن ۽ غلام ملڪن کي ڦريو ۽ لٽيو. اول اول هتي جي مقامي صنعتن کي ختم ڪيائون، ۽ لنڪشائر، مينچيسٽر، لورپول ۽ برمنگهام جي صنعتن لاءِ هت مارڪيٽ پيدا ڪيائون؛ هتان خام مال – ڪپهه، شورو، نير ۽ چمڙو – هٿ ڪري مٿي موڪليندا رهيا. ائين ڪرڻ مان سندن مقصد هو جاگيرداري دور کي وري پيدا ڪرڻ، ۽ واپاري طبقي ۽ هنرمند گروهه ۽ هاري ناريءَ کي هيڻو ڪرڻ. ائين ڪرڻ سان سندن ملڪ جو مال هت اچڻ لڳو. هتي جا هنر تباهه ٿي ويا، ۽ هتي جا ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا. ٻئي طرف هتي جي جاگيردارن اهو مال وٺڻ ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.‘

چناچه-

’19 صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين جاگيرن جي ورهاست، زمينداري سرشتي جون تبديليون، ريلوي جو قائم ٿيڻ، آبپاشيءَ جا سڌارا- اهي سموريون چيزون سنڌ کي ترقي ڏيارڻ جي مقصد سان نه، پر انگريزن جي مفاد کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جي مراد سان عمل ۾ آيون.‘

انهيءَ ساريءَ ڪشمڪش جي دور ۾ عوام جي ڪهڙي حالت هوندي، ان جي ڪجهه وضاحت انهن عوامي گيتن، عوامي آهُن ۽ انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ آهي، جي ان دور جي پيداوار آهن- وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا“.

اهو سارو نظام مختلف رنگ بدلائيندو ٿو رهي، پر اهل نظر ته ”من انداز قدرت رامي شناسم“ ئي چوندا اچن ٿا. هيءُ موجوده جاگيرداري دور تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن سنڌ جو ”معاشي نظام“ آزاد ٿيندو. اهڙي قسم جي آزادي ڪيئن حاصل ٿيندي، …… ان لاءِهن ڪتاب جو مطالعو مفيد ۽ ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!