شڪنتلا
1 min readشڪنتلا:- مترجم رشيد احمد لاشاري؛ صفحا 176؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪورَ معياري؛ قيمت ٻه روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
”شڪنتلا“ دنيا جي عظيم فني شاهپارن مان هڪ مشهور ناٽڪ آهي. دنيا جا عالم کيس شيڪسپيئر جي ”هئمليٽ“ ۽ گوئٽي جي ”فاؤسٽ“ جي معيار جو سمجهن ٿا. ڪتاب دنيا جي سڀني علمي ۽ غير علمي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ناٽڪ ۾ قديم هندو سڀيتا جو رنگين نقش موجود آهي. هندستان جي ادب ۾ هيءُ چوٽيءَ جو ڪتاب آهي. ان کان اڳ سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جا ترجما موجود آهن. هيءُ ترجمو مشهور شاعر رشيد لاشاريءَ نهايت دلنشين ۽ سليس انداز ۾ ڪيو آهي. ٻولي نهايت سهڻي ۽ صاف استعمال ڪئي اٿس. گهڻو ڪري عربي فارسي ترڪيبن کان پاسو ڪري، صاف ۽ خالص زبان ۾ ترجمو ڪيل آهي.