مناقبا

1 min read

مناقبا

 ٻئي ڪتاب جو نالو آهي ”مناقبا“، هن جو مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هي ڪتاب پڻ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ۽ ’لوڪ ادب اسڪيم‘ ماتحت شايع ڪيو ويو آهي. ان اسڪيم جو محرڪ  ۽ ڊئريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاڻ آهي. لوڪ ادب سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب آهي. مرتب جو خيال آهي ته اڃا تائين سنڌين جي زندگيءَ جو مرڪز دائرو ڳوٺ آهي. گهڻو آدم  به ڳوٺن ۾ رهي ٿو تنهنڪري سنڌي ادب  جو گهڻو ۽ قابل توجهه حصو اهو آهي جيڪو عوام جي زندگيءَ جو آئينه دار آهي. لوڪ ادب، اها تقاضا بخوبي پوري ڪري ٿو. تنهن کان سواءِ لوڪ ادب ۾ اسان جون ڪيتريون ئي معياري ادبي جنسون جهڙوڪ مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره به شامل آهن، تنهنڪري ان جو مفهوم ۽ دائرو مغربي ”Floklore“ کان به وڌيڪ وسيع آهي. مناقبا، سنڌي شعري ادب جو حصو آهن. انهن ۾ ڀلارن جي ڀلائي جا ڳڻ ڳايا ويندا آهن. ۽ مداح وانگر  منجهن ڪنهن نبي سڳوري يا وليءَ جي تعريف ڪيل هوندي آهي. رڳو ايترو فرق مداح ۽ مناقبي جي وچ ۾ آهي، جو مناقبي ۾ ڪنهن حڪايت ذريعي؛ جنهن جو تعلق ڪنهن نبيءَ يا وليءَ جي پاڪ زندگيءَ سان هوندو آهي، سندس شخصيت تي ساراهه جي گلن جي ورکا ڪئي ويندي آهي. معجزي وانگر اها حڪايت ڪنهن غير معمولي واقعي تي منبي نه هوندي آهي. مناقبا سنڌي شعر ۾ ڪافي پراڻي صنف آهن. ان جي اوائلي شاعرن مان مخدوم عبدالروئوف ڀٽي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آهن، جيڪي ٻه صديون اڳ جيئرا هئا.

 سنڌي مناقبا، گهڻو ڪري مولوي ابوالحسن جي سنڌيءَ جي ادبي اثر هيٺ منظوم ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ جملي 72 مناقبا شامل آهن، جن مان رڳو 5 مناقبا ’موزون شاعريءَ‘ ۾ چيل ملن ٿا. سڀني مناقبن جو مضمون مذهبي آهي. مناقبن  جو مهاڳ ۽ مقدمو، مرتب، يعني ڊاڪٽر  بلوچ جو لکيل آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ مناقبن جي فهرست ڏنل آهي انهن بعد متن آهي. اوائلي نبين مان رڳو حضرت يوسف عليه السّلام تي چيل هڪ شاعر جو گمنام مناقبو شامل ڪيو ويوآهي. حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي 54 مناقبا شامل آهن. 15 مناقبا، اصحابن سڳورن تي آهن ۽ 4 ولين تي. مناقبن جي شاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعرن ۽ سگهڙن مان مخدوم محمد هاشم  ٺٽوي. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ رمضان واڍو اچي وڃن ٿا، جن جا مشهور مناقبا، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا  ويا آهن.

 ڪتاب جي متن جي آخر ۾، هڪ مختصر ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن هيٺ فقير رمضان واڍي جي نهايت مختصر سوانح پيش ڪئي ويئي آهي. بهتر ٿئي ها ۽ ڪتاب جي اهميت وڌي  وڃي ها جيڪڏهن ٻين سگهڙن ۽ شاعرن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به ضميمي هيٺ يا سندن مناقبن جي اڳيان ڏنو وڃي ها. ٻي هڪ چيز جنهن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي سا اها آهي. ته مناقبن جي منظوم ٿيڻ جون تاريخون ڏنيون وڃن ها يا انهن جو عهد ٻڌايو وڃي ها ته جيڪر سنڌي نظم جي ان عوامي صنف جي تدريجي ترقيءَ جوپتو پئجي سگهي ها.

مرتب جي اها ڪوشش نهايت ساراهه جوڳي آهي، جو ضميمي کان پوءِ مناقبين ۾ ڪم آيل انوکن لفظن جي معنيٰ ڏني اٿس. ٻيو ته ڪنهن ٻئي فرهنگ ۾ لفظن سان گڏ متن جا صفحا ڪونه ڏيکاريا ويندا آهن، پر هتي اهي ڏنا ويا آهن. جنهنڪري ڪنهن مخصوص مناقبي جي صفحي ڳولهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. ضميمي ۽ فرهنگ، ڪتاب کي مفيد بڻايو آهي. اڃا به جيڪڏهن عربي لفظن ۽ قرآن شريف جي آيتن وغيره جي معنيٰ به لکي وڃي ها ته مناقبن کي پڙهڻ ۾ نئون لطف اچي ها ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها.

فرهنگ کان پوءِ انگريزيءَ ۾ مهاڳ پيش ڪيو ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان جي ڪهڙي ضرورت هئي، جڏهن ته هي ڪتاب سنڌي خواندن جي هڪ مخصوص طبقي جي ڏانوَ جو آهي. جي غير سنڌين کي مضمون سان متعارف ڪرائڻ جي ضرورت هئي ته ڌار مضمون يا ڪتابڙو ڇپائي سگهجي ها.  بهرحال لوڪ ادب جي سلسلي جي هي ٽين ڪڙي به ٻين وانگر سنڌي شعري ادب ۾ اضافو آهي. مرتب جي محنت جيڪا هن مختلف نسخن  حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي  ڇپائڻ  تي ڪئي آهي، قابل داد آهي. ڪتاب وڏي سائيز جي اٽڪل 400 صفحن تي مشتمل ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد کان 5 رپيه  ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

-بشير مورياڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!