نيٺ ڇا ڪجي
1 min readنيٺ ڇا ڪجي
مصنف ليؤ ٽالسٽاءِ؛ مترجم نورالدين سرڪي؛ صفحا 458؛ ڪاغذ اوچو، ڇپائي ۽ گيٽ اپ معياري؛ ڪَور رنگين، دلڪش؛ قيمت ساڍا چار ورپيا؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ‘؛ ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
اسان جو سنڌي ادب ۽ ان جي علمي سرمايو گهڻو تڻو اهڙن فني ۽ فڪري انقلابي ۽ اصلاحي ڪتابن کان خالي آهي. ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ملندو، جو فڪر انگيز ۽ ٺوس موضوع تي لکيل هوندو، باقي مڙيئي شعر و ادب، افساني ۽ ناول، تاريخ ۽ مذهبيات جي سطحي ۽ غير معياري درجي تي لکيل ملندا. هي ڪتاب عالمي لٽريچر ۾ پهرئين بلند درجي ڪتابن مان هڪ آهي، جو دنيا جي هر ملڪ ۾، هر دور ۾ ۽ هر زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي، ۽ اڄ تائين نه معلوم سندس ڪيترا جلد ڇپيا هوندا. ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪروڙها ماڻهن جي ذهن ۽ فڪر جي بالبدگيءَ لاءِ هن ڪتاب جيڪو ڪجهه تاريخي ۽ عمراني، ۽ ثقافتي ۽ فڪري سرمايو ڇڏيو آهي، اهو غير فاني ۽ سدا حيات آهي.
هيءٌ ڪتاب هر نقطء نظر سان جامع ۽ ڪامل آهي. انساني زندگيءَ جي سڀني شعبن ۽ ضرورتن جو قريبي مطالعو ۽ تجزيو ڪري، جو ڪجهه ٽالسٽاءِ محسوس ڪيو آهي، ان کي ’عالمي شعور‘ جو درجو حاصل آهي. سرمائيداريءَ ۽ ان جي گندي ۽ متعفن معاشري جي عڪاسي ۽ ترجماني جنهن بصيرت ۽ چابڪدستيءَ سان ڪيل آهي، اها پنهنجيءَ جاءِ تي بيمثال به آهي، ۽ زندگي بخش به.
هيءٌ ڪتاب پهريائين 1886ع ۾ اصل روسي زبان ۾ ڇپيو. هي سنڌي ڪتاب ”آلمرماڊ“ جي ڪيل انگريزي ترجمي (عالمي ڪلاسيڪي ادب جي سلسلي ماتحت، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان. 1950ع ۾ شايع ٿيل ڇاپي) جو ترجمو آهي.
ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ته زندگي رڳو ”پيسي جي پوڄا“ جو نالو نه آهي، ۽ نڪو پيسي مان سچي خوشي ۽ دائمي راحت ملي سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ جو انداز بيان نهايت نماڻو، ۽ زود اثر، سنجيده ۽ مخلصانه آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جو ضمير آزاد آهي ته پوءِ اسين پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهون ٿا! ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ امير ۽ غريب جي صحيح ترجماني ڪري، ٻڌايو آهي ته سرمائيداري ۽ مفت خوري دراصل آدمخوري آهي. ٻين جي محنت تي آقا ۽ غلام جو فرق رکڻ ديانت جي مفت خوري دراصل آدمخوري آهي. ٻين جي محنت تي آقا ۽ غلام جو فرق رکڻ ديانت جي خلاف آهي. ان سان گڏ ٻڌايو اٿس ته غربت جو مطلب اهو نه آهي ته غريب ڪي بيسمجهه آهن، ۽ هميشه ڏکن ڏوجرن ۾ گذران ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، ۽ نه وري امير رڳو عيش لاءِ پيدا ٿيا آهن. هي ڪتاب نهايت زوردار احتجاج آهي.
هن همه گير ۽ حيات گير ڪتاب جو پورو پورو لطف ان جي مطالعي مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسين سندس متعلق پنهنجي ٽيڪا ٽپڻيءَ ۽ تعريف و تعارف کي ڇڏي، خود ٽالسٽاءِ ڪا چند فقرا نقل ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون. ’يڪ مشت نمونه خرواري‘ وانگر، چند فقرن مان ئي ساري ڪتاب جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لکي ٿو:
”پيسي جي پوڄا، ۽ زندگيءَ جي ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي، فقط پيسي جي پوئتان پوڻ سان ڪابه سچي ۽ دائمي خوشي حاصل نه ٿي سگهندي.“
ٽالسٽاءِ اسان کي ذهن نشين ڪرايو آهي ته پنهنجي خود پسنديءَ ۽ تن آسانيءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ بدران، بهتر آهي ته انسان ذات جي خدمت ڪندا رهون. اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اسين ”پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذاريون“.
اميريءَ ۽ غريبيءَ جهڙي بنيادي ۽ عالمگير مسئلي تي لکندي، لکي ٿو:
– ”غربت انسان کان سمجهه ڪانه ٿي کسي وٺي. ماڻهن اها ڳالهه ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي، ۽ نڪو قبول ئي ڪندا ته هڪڙا سدائين سکيا ۽ ستابا عيدا ملهائيندا رهن، ۽ ٻيا ڏکيا بکيا، محنت ۽ مزدوري ۾ عمر جو قيد ڪاٽين.“
– ”دنيا ۾ جيڪڏهن هڪڙو شخص به محنت نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو چئن ٻين کان سولائي سان ڪم وٺي سگهي ٿو، ته چئبو ته غلام اڃان موجود آهي.“
– ”اڄ، اسان جي ڏينهن ۾، زندگيءَ جو مکيه مقصد ’محنت مزدوري ۽ پگهر جي پورهئي سان پيٽ پالڻ‘ نه، پر آرام ڪرسيءَ تي ويهي قارون جو خزانو گڏ ڪرڻ ٿي پيو آهي!“