واقعاتي بيت
1 min readواقعاتي بيت:
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ لوڪ ادب جو نائون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سموهيندڙ سنڌيءَ جو مشهور اديب ۽ لوڪ ادب اسڪيم جو ڊئريڪٽر، جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي. ڪتاب پنهنجي مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ سان جاذب ۽ دلڪش آهي. واقعاتي بيتن جي صنف پنهنجي نالي مان ئي ظاهر آهي _ يعني اهي طويل بيت، جن ۾ ڪي واقعا بيان ڪيا ويا هجن. سنڌي ادب ۾ هن قسم جي کوج ۽ جاچ جو سهرو ڊاڪٽر بلوچ جي سر تي آهي، جنهن سنڌ جي گمنام ۽ گوشي نشين سگهڙن سان ڪچهريون ڪري، انهن جي سينن ۾ سانڍيل شاعريءَ کي سهيڙي ۽ سنواري، منظر عام تي آندو آهي.
هن قسم جي شاعريءَ کي عوامي شاعري چيو ويو آهي، ۽ اهڙي شاعر کي سگهڙ سڏجي ٿو. سنڌ جو سگهڙ سنڌيءَ جي ادب ۽ فن، شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو ترجمان آهي. سگهڙ جي تربيت صاف ۽ سٿري، سادي ۽ بيتڪلف ماحول ۾ ٿئي ٿي، تنهنڪري سندس زبان ۽ انداز بيان، تجربو ۽ مشاهدو، سڀ حقيقي نظر ايندا. سندس شخصيت تي، سندس زبان تي، سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ تي، ڪي به خارجي اثرات ڪين پيا آهن، تنهنڪري سندس سوچ ويچار، فن ۽ نظريي ۾ سنڌي ادب جون سليس ۽ شسته صنفون ئي جنم وٺن ٿيون. سنڌي سگهڙ اڳيان ماحول اهوئي ٿو رهي، جو واديءَ سنڌ جي پيداوار آهي. سندس اڳيان ميلا ۽ ملاکڙا رهن ٿا، ميل ۽ گويون ٿين ٿيون. هو هنبوڇيون ۽ جهمريون ڏسي ٿو، نڙن ۽ بيتن تي راڳ ٻڌي ٿو، گهَڙن ۽ يڪتارن، ڍولڪن ۽ کڙتالن تي سُريلن کان سُر ٻڌي ۽ سکي ٿو. ان طرح سندس ذوق جماليات جي تشڪيل ٿئي ٿي، منجهس لطافت ۽ حسن پسنديءَ جا جذبا جنم وٺن ٿا. ڪچهرين ۽ معرڪن ۾ سندس مشاهدو ۽ شعور تربيت وٺي ٿو. ان سلسلي ۾ سخي مردن جون سخاوتون، راڄ جي چڱن مڙسن جون پنهنجي راڄ ڀاڳ سان ڀلايون ۽ برتاءَ، شادين ۽ شادمانن تي خوشيون ۽ بهاريون، ننگيِ ۽ ننگپال جوڌن جي بهادري، دشمنن سان وڙهندي دلير ۽ بهادر مڙسن جون شهادتون، پيرن فقيرن جون ڪانيون ڪرامتون، سندس دل ۽ دماغ تي پنهنجا نقش ڇڏين ٿيون. ان طرح سندس حِس ۽ شعور ، ترقي ڪندي، سماج جي ڀرپور سماجي ردوبدل تائين پهچن ٿا. مثلاً؛ ڪو ڌاڙو لڳو، ڪٿي ناحق ڪوس ٿيو، ڪو دنگو ۽ فساد ٿيو، ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي، يا ڪو زلزلو آيو، ٻوڏ ٿي، ڪو بند ڀڳو ۽ ڳوٺ ٻڏو، ڏڪار پيو يا مڪڙن ماريو، بهرحال، اهڙن مسئلن کان سنڌي سگهڙ متاثر ٿئي ٿو، ۽ هو پنهنجا تاثرات طويل بيتن جي صورت ۾ پلٽائي، پنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ٿو ڪري. ”واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ گذريل اڍائي سؤ سالن جي واقعن مان مٿئين قسم جا ستر واقعا گڏ ڪيا ويا آهن. هي اهي واقعا آهن، جي سنڌي عوام جي سينن ۾ سانڍيل آهن، جن ۾ وادي عه سنڌ جي علمي ۽ فڪري، سماجي ۽ تهذيبي زندگيءَ جو وڏو سرمايو محفوظ آهي ۽ گويا هڪ قسم جي تاريخ منڊيل آهي. ان قسم جي عربي شعر متعلق حضرت عمر رضه جو قول آهي ته عربي شعر جي حفاظت ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو عربن جو ديوان ۽ دفتر آهي. بلڪل ان وانگر، سنڌ جي سادي زندگيءَ، ساده خيالات ۽ روزمرهه جي حالات ۽ واقعات جو ديوان ۽ دفتر اِها شاعري آهي.
” واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ مواد 1716ع کان شروع ٿئي ٿو، ۽ 1962ع تائين پهچي ٿو: ان وچ ۾ گويا شاهه عنايت جهوڪ شريف واري جي شهادت کان وٺي موجوده دۇر تائين سگهڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.
فن جي حيثيت سان، سنڌي ادب ۾ اول اولا ماموين وارا واقعاتي بيت چيا ويا؛ اهي سمن جي دۇر جا آهن. ان کان پوءِ دودي- چنيسر جي ڳالهه واريون ڳاهون سومرن جي دۇر ۾ پيدا ٿيون. ان طرح واقعاتي بيت اڄ تائين هليا آيا آهن. اندازي موجب، تيرهين صدي عيسويءَ کان وٺي اڄ تائين ان جون ڪڙيون ملن ٿيون.
”واقعاتي بيت“ ڪتاب 500 صفحن کان مٿي آهي. منجهس مختلف سگهڙن جا بيت آهن. مکيه ماڻهن جون شهادتون، وارداتون، معرڪا، بهادرانه ڪارگذاريون ٻوڏون، ڏڪار ۽ تنگيون، انگريز جون مستيون، بيراج، مختلف ڌاڙا، ماڪڙ جا حملا، برساتون، مشهور مسجدن جون مرمتون، ڌرين جا جهيڙا ۽ جنگيون، وڏن ماڻهن جا ڪاڄ ۽ شاديون، اليڪشنون: مطلب ته اهڙا ستر واقعات آيل آهن.
ڪتاب جي ڇپائي ديده زيب ۽ ڪشش واري آهي. ڪاغذ اُچو، جلد پڪو، مٿس رنگين ڪوَر، قيمت صرف ڇهه رپيا پنجاهه پئسا. سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تان، ۽ سنڌ جي مشهور ڪتبفروشن کان ملي سگهندو.
اهڙن ڪتابن جو مطالعو زبان، شاعريءَ، اندازبيان ۽ اسلوب جي لحاظ سان ضروري آهي. ”واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ وندر ۽ رهاڻ سان گڏ تاريخي ۽ تهذيبي سرمايو پڻ موجود آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ مؤلف، ڊاڪٽر بلوچ، کيرون لهڻيون.