ٽيهه اکريون
1 min readٽيهه اکريون: هيءُ ڪتاب، ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پنجون ڪتاب آهي. پنجن سوَن صفحن کان به مٿي، هيءُ ضخيم ڪتاب، ڇپائيءَ ۽ آرائش جو هڪ سهڻو مثال آهي.
لوڪ ادب ٻوليءَ جو اهو سرمايو آهي، جنهن کي سانڍڻ ۽ سهيڙڻ سان زبان، دنيا جي زندهه ٻولين جي صف ۾ شمار ٿئي ٿي. انسان جي بنهه بنيادي امنگن، جلبّتن ۽ جذبن جي صحيح تصوير ۽ تشريح لڪ ادب ۾ ئي ملي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ڪردار ۽ تاريخي حيثيت معلوم ڪرڻي هجي، ته سندن لوڪ ادب ۽ فن بهترين ذريعو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو لوڪ ادب ايترو ته وسيع ۽ گهڻو آهي، جو انهيءَ سموري خزاني کي گڏ ڪري، جديد نموني سان ڇپائڻ لاءِ سالن جا سال درڪار آهن. اسان جي خوش نصيبي آهي، جو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ان ڏِس ۾ هڪ ڪامياب قدم کڻي چڪو آهي، ۽ انهيءَ اسڪيم هيٺ ابتدائي طرح چاليهن ڪتابن مان هي پنجون ڪتاب شايع ٿيو آهي.
ٽيهه اکريون يا سي حرفي، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جي هڪ انفرادي صنف آهي ۽ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ان جو ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي نگرانيءَ هيٺ هي گڏ ڪيل ٽيونجاهه ٽيهه اکريون، ان صنف جو نمايان نمونو آهن. ٽيهه اکريءَ ۾، سنڌي الف- بي جي انهن ٽيهن اکرن جي اچارن سان بند ٻڌا وڃن ٿا، جيڪي عربي رسم الخط مان اختيار ڪيا ويا آهن. اهي بند يا ته پابند نظم جي صورت ۾، يا بيتن ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ چيا وڃن ٿا، ۽ شاعر ضرورت آهر انهن ۾ پنهنجون ترميمون ۽ اضافا ڪندا رهيا آهن. ٽيهه اکريءَ جي سڀ کان وڏي خصوصيت آهي تجنيس-حرفي، هونهن به وادي-سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تجنيس-حرفي نهايت مقبول صنف آهي. ٽيهه اکريءَ ۾ شاعرن انهيءَ کي اڃائي خوبصورت نموني ۾ ادا ڪيو آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم خصوصيت اها به آهي ته ڪيترائي اهڙا نوان شاعر معلوم ٿيا آهن، جن جي سنڌي پڙهندڙن کي اڳ ڪا به ڃاڻ ڪانه هئي. ٽيهه اکريون، اسان جي سموري ڪلاسيڪي ادب وانگر مذهبي موضوعن کان شروع ٿيون، ۽ وقت جي رفتار سان شاعرن انهيءَ ۾ اصلاحي ۽ عشق ۽ محبت جا مضمون پڻ آندا آهن. اسان جي مڃيل عظيم شاعرن، شاهه، سچل، حمل وغيره کان سواءِ، نون شاعرن جون ٽيهه اکريون به نهايت ئي سهڻيون ۽ دلپذير نظم جو نمونو آهن.مثال طور لعل محمد ’لعل‘ جي ٽيهه اکري ”سسئي“ هڪ بيمثال چيز آهي. ڇا سندس لفظن جي نزاڪت آهي، ڇا سندس قافيي جو ڪمال!_
بي ئون برهه بقاءَ جي، لڳيس ڪا لوري،
تن ۾ تار تکيري، جيءَ اندر جمهوري،
گهمي پئي گوندر ۾، ناڪس ندوري،
روئي رت گاڏهون، ڇپر ۾ ڇوري- وغيره
رڳو انهيءَ هڪڙي ٽيهه اکريءَ ۾ ستن سوَن کان به وڌيڪ مصرعون آهن، جن مان هر هڪ ۾ تجنيس کان سواءِ، استعاري ۽ لفظي صنعتن ۽ خيال جي گهرائيءَ جا اعليٰ نمونا ملن ٿا.
انهيءَ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جون اعليٰ ڪوششون ان ڪتاب ۾ شامل آهن. سنڌي شاعر جي انهيءَ صنف جا ايترا سارا سهڻا سهڻا نمونا هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري ڇپائڻ سان ’سنڌي ادبي بورڊ‘ هڪ عظيم خدمت انجام ڏني آهي، جنهن لاءِ سندس ڪارڪن مبارڪن جا مستحق آهن. _سراج