پکين جي پارليامينٽ
1 min readپکين جي پارليامينٽ: هي ڪتاب، ”پکين جي پارليامينٽ“ (خواجه فريد الدين عطار) جي ڪتاب ”منطق الطير“ جو سنڌي ترجمو آهي. هي ڪتاب دل ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ لاءِ هڪ ڪسوٽي آهي. نفس ۽ شيطان جي دوکيبازين کي سڃاڻڻ لاءِ اکين آڏو هڪ کليل دفتر آهي. خوش فهميءَ ۽ خوش اعتقاديءَ جي مرض لاءِ هڪ لاجواب نسخو آهي. مطلب ته بيمار دلين لاءِ هڪ اڪسير ۽ روح لاءِ هڪ معجون ۽ دائمي رهاڻ آهي.
پکين جي تمثيل ۾ خواجه عطار، سالڪ جو پنهنجي مالڪ جي وصال لاءِ سفر ۽ ان جي دشوارين جو لفظن ۾ نقش چٽيو آهي.
’منطق الطير‘، جيئن ته يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليج جي نصاب ۾ آهي، ان ڪري انهيءَ جو ترجمو سنڌي شاگردن لاءِ ڏاڍو ڪارا.تو آهي. علاوه انهيءَ جي، هن ڪتاب ۾ عام جي فائدي ۽ دلچسپيءَ جو ججهو سامان موجود آهي. صوفي مزاج وارن لاءِ ته هي ڪتاب وڃايل وٿ آهي، ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ جي کاڻ جو هڪ بي بها لعل آهي. عطا جو فلسفو مقبول عام ۽ خاص آهي.
ترجمو نهايت سليس ۽ سهڻو، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، صدر شعبه عربي سنڌ يونيورسٽيءَ، ان جو سليس ترجموڪيو آهي.
عمدي ڇپائي، اعلى پني جي 250 صفحن تي دلڪش ٽائيٽل ۽ گيٽ اپ هوندي به هن ڪتاب جي قيمت صفحه 50-2 روپيا رکي ويئي آهي.
هي ڪتاب اوهان کي سنڌي جي وڏن بڪسيلرن کان ملندو. اگر جي ڪٿان نه ملي سگهي ته اسان جي هيٺ ڄاڻايل اسٽالن تان روبرو يا ٽپال رستي گهرايو.
1-سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال گدو روڊ حيدرآباد 2-سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد 3- سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال بندر روڊ ڪراچي.