ڪليات ”گدا“. – مؤلف رشيد احمد لاشاري

1 min read

ڪليات ”گدا“. – مؤلف رشيد احمد لاشاري؛ صفحا 412؛ سائيز ڊيمي؛ ڇپائي معياري، پنو اوچو، جلد پڪو، غلاف سادو پر سهڻو؛ قيمت پنج روپيا؛ ڇاپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ڪلام هيلتائين، سنڌجي عام روايت موجب، ڪن شخصي ڪتبخانن جي زينت بڻيل هو، جتان عام ماڻهن کي ڪوبه فائدو پهچي ڪونه ٿي سگهيو؛ رشيد صاحب اهي مختلف نسخا هٿ ڪري، ڀيٽي، ٺاهي جوڙي ۽ سهڻي ترتيب ڏيئي، پيش ڪيو آهي. ڪلام کي مختلف عنوان – سنڌي غزل، نعت و منقبت، متفرقات، اردو ڪلام ۽ فارسي ڪلام – ڏيئي، محنت ۽ عرق ريزيءَ کان ڪم وٺي، دفيني مان ڪڍي ’خزانه عامره‘ ۾داخل ڪيو آهي.

گدا شاهه جو ڪلام جديد شاعريءَ جو دلپسند مرقعو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندس ڪلام رڳو فن جي نذر ٿي رهجي نه ويو آهي، بلڪ احساسات، جذبات ۽ ماحول جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. هڪ طرف منجهس رواني، سادگي، سلاست، فصاحت ۽ بلاغت آهي، ته ٻئي طرف وري بيان جي ندرت،زبان جي بندش، تشبيهات ۽ تلميحات جو برمحل استعمال ٿيل اهي.

گدا شاهه جو ڪلام نه رڳو عام فهم،سادو، سليس ۽ مايہ دار آهي، پر پنهنجي دور جي نمايندگي ڪندڙ به آهي. ادبي ذوق رکندڙ هر هڪ شخص کي نه رڳو ان جو مطالبو ڪرڻ گهرجي، بلڪ پنهنجي ڪتبخاني جي زينت بنائڻ گهرجي. سنڌ جي عام ڪتبخانن ۾ هن ڪتاب جو هئڻ ضروري آهي،تاڪ جيڪي خريد ڪري نه سگهن، سي به پڙهي سگهن.

ڪتاب جي منڍ ۾ گدا شاهه جي تحرير جو عڪس ڏنو ويو آهي. ڪليات جو مقدمو 85 صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ گدا شاهه جي حياتيءَ ۽ ڪلام تي ڪافي روشني وڌي ويئي آهي، ۽ سندس فني خوبين کي نروار ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

مؤلف مقدمو لکندي ڪافي محنت ڪئي آهي، ۽ منجهس مفيد بحثن کي جاءِ ڏني آهي، جن مان ادب جي ڪيترين ئي ناحيتن تي روشني پوي ٿي، ۽ معلومات ۾واڌارو ٿئي ٿو. سنڌي ڪلام واري حصي کي، پڙهندڙن لاءِ آسان بنائڻ جي خيال کان، حاشيہ چاڙهيو ويو آهي، ۽ انهيءَ حاشيہ ۾ لفطن جي معنيٰ تي زياده زور ڏنوويوآهي. البت حاشيہ جي اڀياس مان ڏسبو ته ڪٿي ڪٿي معنائون اڻپوريون ۽ غلط ڏنيون ويون آهن. مثال طور، صفحي 235 تي ”زال“ کي ’رستم جو پيءُ‘ ،۽ صفحي 252 تي ’رستم جو ڏاڏو‘ لکيو ويو آهي (پهرين معنيٰ صحيح، ۽ پوئين غلط آهي)؛ صفحي 203 تي ”همايون“ کي ’هما‘ ۽ ’يون‘ جو مرڪب ٻڌائي، ’هما‘ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي، پر ’يون‘ لاءِ ڪا سمجهاڻي نه ڏني ويئي آهي. ”چنار“ کي ’ٻٻر‘ جو وڻ چيو ويو آهي، حالانڪ ٻٻر ۽ چنار جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جي تفاوت آهي. چنار هڪڙو سهڻو ۽ سوڀياوان وڻ ٿئي ٿو.ان جون ٽاريون ڳاڙهه سريون، پن هٿ جي چنبي وانگر، ۽ گل سرخ ٿين ٿا. هن وڻ جا ٻه قسم ٿين ٿا- هڪڙو سرو وانگر اُڀ ڏي اڀرندو ويندو آهي ۽ پکڙبو گهٽ آهي، ۽ ٻئي جون شاخون پکڙجي ڇانو ڪري بيهنديون آهن. هيءُ وڻ گهاٽو ٿئي ٿو، ۽ هن جي ڇانو ٿڌي ٿئي ٿي. ازان سواءِ، ٻيون به اهڙيون غلطيون حاشيہ ۾ رهجي ويل آهن، جن جو ازالو اميد ته مولف توڙي ناشر جي طرفان ڪتاب جي آئينده اشاعت ۾ ڪيو ويندو.

ڪتاب ۾ ڪجهه ڇاپي جون غلطيون به آهن – جهڙوڪ ’هاٿيءَ‘ بدران ’ٿاهي‘، ’تبحر‘ بدران ’تجر‘، ۽ ’چنڊ‘ بدران ’جنڊ‘، وغيره.

مقدمه نگار هر طرح مقدمي کي مفيد ۽ ڪارآمد بنائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي، پر جيئن سنڌ جي سدا حيات شاعر فرمايو آهي ته ”اديون عبداللطيف چئي، اڃا مون ۾ گهٽ“، تنهن وانگر ڪمال جي دعوا ڪنهن کي ڪانهي: فاضل مقدمه نگار کان ڪي سهوون ٿي ويئون اهن، جن ڏانهن هتي اشارو ڪري ڇڏڻ مناسب آهي.

هڪ هنڌ لکيو ويو آهي، ”هيٺان ماڻهو ’سانگيءَ‘ جا صحبتي ڪري شمار ڪيا وڃن ٿا“. سوال آهي ته مقدمو ”ڪليات ’گدا‘“ تي لکيو ويو  آهي، ان سان ’سانگيءَ‘ جي صحبتين جو ڪهڙو لاڳاپو؛البت ائين چوڻ وڌيڪ سونهي ها ته ’هيٺيان ماڻهو ”گدا“ جا همعصر ڪري ليکيا وڃن ٿا‘.

اڳتي هلي ’سانگي‘ ۽ ’گدا‘ جي ڪلام جي ڀيٽ ڪئي ويئي آهي. ’گدا‘، ’سانگيءَ‘ جو استاد هو. هڪ ته استاد ۽ شاگرد جي ڀيٽ ڪنهن به حالت ۾ نٿي سونهي؛ ٻيو ته انهيءَ ڀيٽ ۾ ’سانگيءَ‘ سان البت زيادتي به ڪئي ويئي آهي. هئڻ هينئن گهربو هو جو ان دور جي شاعراڻين خصوصيتن کي نروار ۽ چٽو ڪري ڏيکاريو وڃي ها، ۽ ’گدا‘ جي ڪلام کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکي، ان جو شاعراڻو مقام متعين ڪيو وڃي ها. ائين ڪرڻ سان مقدمہ جو مقام بلند ٿئي ها، ۽ ’گدا‘ جي دور جي شاعراڻين خصوصيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ها. ان کان سواءِ، خود گدا شاهه جي ڪلام لاءِ مؤلف متضاد دعوائون ڪيون آهن. ڪڏهين ان کي چاڙهي وڃي آسمان تي بيهاريو اٿس، ته ڪڏهين وري ان کي آڻي ڌرتيءَ تي ڦٽو ڪيواٿس. هن سلسلي ۾ اعتدال کان ڪم ورتو وڃي ها، ته زيادهه بهتر ٿئي ها.

ڪتاب ۾ ڪي تاريخي غلطيون به نظر چڙهنديون: جهڙوڪ حضرت علي رضه کي ’شاهه خراسان‘، ۽ قاسم هالائيءَ ۽ گدا کي مير حسن عليءَ جو استاد ڪري لکيوويو آهي- حالانڪ حضرت امام موسيٰ رضا کي ’شاه خراسان‘ سڏيو ويندو اهي، ۽ ان جو مقبرو مشهد مقدس ۾ آهي؛ مير حسن علي صاحب ڪنهن کي به استاد ڪري ڪين ورتو، بلڪ جيڪڏهين ڪوبه سندس ڪلام تي اصلاح ڏيڻ جي ڪندو هو ته پاڻ ان کان پري گذارڻ لڳندو هو، يا ان کي منهن تي چئي ڏيندو هو ته اسان وٽ اهڙي حجت اڻ سهائيندڙ آهي ۽ اسين نٿا گهرون ته اسان جي ڪلام ۾ ٻئي ڪنهن جو دخل هجي. هڪڙي هنڌ ڏيکاريل آهي ته گدا شاهه، مير محمد ولد مير غلام عليءَ جي ڳوٺ ۾ لڏي وڃي ويٺو؛ حالانڪ اهو مير صاحب ڪلڪتي ۾ گذاري ويو هو. گدا شاهه اصل ۾ مير محمد خان ولد مير مراد علي خان جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو هو. ٻئي هنڌ ڏيکاريو ويو آهي ته سيد عبدالحسين هندوستانيءَ  کي دهليءَ مان گهرايو ويو هو، جو ’سانگيءَ‘ جي اردو ۽ فارسي غزلن جي اصلاح ڪندو هو- حالانڪ ائين ڪونهي، بلڪ ’مولوي ابوالحسن ولد مولوي مهدي حسن لکنوي‘ کي مير حسن علي خان گهرايو هو،۽ اهوئي شخص هو جيڪو ’سانگي‘، ’گدا‘ ۽ ٻين شاعرن جي اردو ۽ فارسي ڪلام جي اصلاح ڪندو هو. هن شخص کي ٽنڊي آغا ۾ رهايو ويو هو.

آخر ۾ مؤلف ’ڪليات‘ لاءِ هيءَ دعوا ڪئي آهي ته ان ۾ شاعر جي مڪمل ڪلام کي جمع ڪيوويو آهي. مگر، ميرزا گل حسن صاحب ڪربلائيءَ جي قول موجب، بورڊ وارو ڇپايل هيءُ نسخو ڪامل نه آهي؛ رڳو سيد حسام الدين راشدي صاحب واري نسخي ۾ ئي ان کان ٽيهارو کن وڌيڪ غزل موجود آهن.

سنڌ جي غير مطبوعه شعري ادب جي اشاعت جو ڪم جو بورڊ هٿ ۾ کنيو آهي، سو هر طرح قابل ستائش آهي. اميد آهي ته آئنده پڻ بورڊ، گهربل اهتمام سان، ٻيا به ڪيترائي اهڙي قسم جا اهم سنڌي ديوان ۽ ڪليات، جيڪي هن وقت محض قلمي صورت ۾ اسان وٽ موجود اهن، شايع ڪري، سنڌي علم و ادب جي شائقن کان مزيد جس کٽندو رهندو.

– ع. ص

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!