مڪلي نامو

مڪلي نامو

بتصحيح و حواشي: سيد پير حسام الدين راشدي، صفحا ۱۰۴۰، پنو اُوچو، ڇپائي گيٽ اَپ دلڪش؛  ڊيمي سائيز، عمدو گردپوش، ۱۳۵ تصويرون، جُلد ديده زيب، قيمت ۰۰_۲۵ رپيا. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.

مڪلي نامه، سنڌ جي مشهور مورخ، سيد مير علي شير قانع ٺٽوي (متوفي۱۲۰۳هه) جو عظيم تاريخي ۽ تحقيقي يادگار ۽ شاهڪار آهي. هي تاريخي شاهڪار، مير صاحب ۱۱۷۴هه ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن گرانقدر تاريخي شاهڪار جي تصحيح ۽ حواشي جو ڪم، سنڌ جي مشهور مورخ ۽ محقق، سيد پير حسام الدين راشديءَ جي ناقدانه نگاه فني ڪاوش جو مرهون منت آهي. جناب پير صاحب راشدي، جنهن اعليٰ مقام تي فائز آهي، ان جو اعتراف بين الاقوامي حقيقت بنجي چڪو آهي.

هن تاريخي شاهڪار جي هن طرح ترتيب بيهاريل آهي.

ناشر جا ’ٻه لفظ‘ فارسيءَ ۾ ۽ اعتراف فارسيءَ ۾ ڏيڻ کان پوءِ، انتساب ۾، عربي شعر ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ فهرست ڏنل آهي، جنهن ۾ تعارف، ص ۱_۱۰ تائين، پهرئين ڇاپي جو نوٽ ۱۱_۱۴ تائين، مڪلي نامه جا ٻه صفحا عڪس خط مصنف ۱۳_۱۴ تائين، مقدمو ۱۵_۴۰ تائين، مڪلي نامه جو متن ۱_۹۶ تائين حواشي ۱_۷۴۳ تائين.

ان کان پوءِمفصل فهرست ١_١٣ ۽ ٥ ضميمن جا ياداشت ۱۳_۱۵ تائين، آخر ۾ اضافن ۽ درستين، نقشن، شجرن ۽ آيل تصويرن جي نشان دهي ڪيل آهي.

تعارف، ص ۱_ ۱۰ تائين ۾، جناب پير صاحب جن، ’مڪلي نامه‘ جي دستيابيءَ جو ذڪر ڪري، ’مڪلي نامه‘ جو افادي ۽ تاريخي پهلو هن طرح بيان ڪيو آهي:

”مير علي شير ’قانع‘، مڪلي نامه، هونءَ ته فقط پنهنجي زور بيان ڏيکارڻ ۽ شاعرانه ڪمال جي مظهر لاءِ لکيو، ليڪن اڄ اسان لاءِ هن ڪري قيمتي وٿ آهي، جو ان مان هڪ ته مير صاحب جو اديبانه ڪمال پر کي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ٺٽي جي معاشري، تهذيب ۽ تمدن متعلق، هڪ تصوير منجهانئس رچي سگهون ٿا.“ (تعارف ص ۳)

ان کان پوءِ، جناب پير صاحب جن، دلپذير ۽ دلڪش انداز بيان ۾، ٺٽي جي عظمت متعلق، مڪلي نامه جي مصنف علي شير قانع جي ترجماني ڪندي لکيو آهي:

”مير صاحب، ان ۾ مڪليءَ جي چند مزارن ۽ مقبرن جو اديبانه ۽ شاعرانه رنگ ۾ بيان ڪيو آهي: ليڪن بيان ۾ ضمناً ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن، جن جي حيٽيت تاريخي ٿيو وڃي ٿي. مثلاً، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته: مڪلي جي ڪهڙين ڪهڙين مزارن ۽ درگاهن تي ماڻهن جي زياده آمد رفت هئي. ڪهڙن بزرگن تي عرس ۽ ميلا لڳندا هئا. انهن لاءِ ڪهڙا مهينا ۽ ڪهڙيون تاريخون مقرر هيون مرد خواه عورتون ٺهي، جڙي، لٽي ڪپڙي راس پئي، ڪئين ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن مزارن تي رهي ميلا ۽ مجلسون ڪندا هئا. چانڊوڪين راتين، ڏکڻ جي هير، ۽ برسات واري زماني ۾ ٺٽي جا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح محفلون ڪندا هئا. راڳ رنگ جون مجلسون، ساز سرود جي وڄت، ۽ ميلن ملا کڙن جو هلاچو ڪهڙيءَ ريت رس رچائيندو هو. ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ ۾ جيڪا هيٺائين زمين آهي، ان ۾ پاڻي ايندو هو. مرد ۽ عورتون ٻيڙين ۾ چڙهي سير و تفريح ڪندا هئا. ڳڀرو جوانن ۽ حسين عورتن جا ميلا لڳائي، نهايت ٺاهوڪيون عورتون پٽ پٽيهر پهري، رنگ روغن لائي، ٺهي، جُڙي، جنهَن وقت بزرگن جي مزار تي باسون کڻي پهچنديون هيون، انهيءَ وقت، نظر باز جوانن لاءِ جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، سڄي مڪلي رنگ برنگي پوشاڪن ۽ سهڻين صورتن سبب ڄڻ باغ ۽ بستان بنجي پوندي هئي جاڏي کڻي ڏس، ڄڻ بهار پنهنجي ڦوه تي هرهنڌ منزل انداز ۽ خيمه زن هو.“ ان جي ثبوت ۾ قانع جا فارسي شعر پڻ پيش ڪيا ويا. آهن.

 
مير صاحب جي ان منظر نگاريءَ ۽ نقشگريءَ متعلق داد ڏيندي، پير صاحب جن لکن ٿا: ”مير صاحب اها شاعري نه ڪئي آهي، بلڪ اها حقيقت هئي ته ٺٽي جا خوشباش ۽ زندهه دل باشندا، ميلن ملاخڙن، مجلسن محفلن، سکائن ۽ عرسن ۾ انهيءَ حد تائين اهتمام ڪندا هئا، جو مڪلي ڄڻ بهشت جو ٽڪرو معلوم ٿيندي هئي. غم ۽ غبار، ڏک ۽ ڏوجهري، مصيبت ۽ زحمت جو ڏس پتو ڪونه پوندو هو“.

پير صاحب جي ان بيان مان ٺٽي جي شاندار ماضيءَ ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ خوشباشيءَ جو پتو پوي ٿو. ان جو تفصيل ’مڪلي نامه‘ ۾ پڙهڻ جهڙو آهي.

ان کان پوءِ، ٺٽي جي موجوده زبون حالي ۽ زوال پذيريءَ تي تاريخ طاهريءَ جي حوالي مان ص ۷ (تعارف) ۾ پير صاحب اصل فارسي عبارت پيش ڪئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته:

”هتي جي باشندن ۾ غم ۽ حزن جو نالو به ڪونه هو. هرڪو ٿوري ۽ گهڻي تي قناعت ڪندڙ هو ۽ پنهنجي جائي جواريءَ تي مست ۽ مگهن هو. ۱۰۳۰هه تائين خوشدلي ۽ بهاري جا نظر اچي ٿي، اهڙي ٻئي ڪنهن به هنڌ تي ڪانه نظر ايندي…“

مڪلي هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ان جو جواب پير صاحب هن طرح ڏنو آهي: ”مڪلي هن وقت گهڻو ڪجهه تباهه ۽ تاراج ٿي چڪي آهي، ڪيترا مقبرا مٽجي ويا آهن، ڪيتريون خانقاهون ۽ عمارتون ڊهي ڊير ٿي پيون آهن، تلاون ۽ پلين ۽ سير سپائي جي جاين جو نالو نشان ڪونه آهي.“

ان سلسلي ۾ ’مڪلي نامه‘ جي رهبري ۽ رهنمائيءَ سان، کنڊرات ۽ زبون حال مقامات  جي خبر پوي ٿي ۽ هڪ مرده بستي ڄڻ ته زندهه نظر اچي ٿي. ’مڪلي نامه‘ جي ان افادي پهلوءَ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

ان کان پوءِ، ’مڪلي نامه‘ جي تاريخي عظمت ۽ ادبي ۽ فني حيثيت متعلق جناب پير صاحب هن طرح تحسين ڪندي لکيو آهي: (ص ۷، ۸_ تعارف)

359
 
”اهڙيءَ طرح ’مڪلي نامه‘ نه فقط سنڌ ۾ پيدا ڪيل فارسي ادب جو هڪ قابل ذڪر شاهڪار آهي، بلڪ مڪليءَ جي تاريخ، خواهه ٺٽي جي تمدن ۽ معاشري متعلق پڻ هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

”مير صاحب مڪلي نامه ۾ ڇڙو پنهنجو شاعرانه ڪمال ڪونه ڏيکاريو آهي، بلڪ فارسي زبان ۽ نثرتي جيڪا کيس قدرت هئي، ان جو پڻ منجهس مظاهرو ڪيو اٿس. مقفيٰ ۽ مسجع هئڻ سبب نثر ۾ نظم جو مزو اچي ٿو.“

ان طرح قانع جي نثر جو داد هن طرح ڏنل آهي:

”فارسي ادب جو ذخيرو، جيڪو هن وقت تائين پاڻ وٽ دستياب آهي، ان ۾ هي رسالو انهيءَ قسم جي مترنم ۽ نغماتي نثر جو واحد نمونو آهي. منجهس تشبيهن، استعارن ۽ تلميحن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو آهي،جنهن مان نه فقط مير صاحب جي معلومات جي وسعت جو پتو پوي ٿو، بلڪ زباندانيءَ ۽ هڪ ڌاري زبان تي سندس قبضي ۽ قدرت جو پڻ اندازو ٿئي ٿو.“

پير صاحب جن جو ڪجهه لکيو آهي، اهو سورهن آنا سچ آهي مير صاحب جو انداز بيان نهايت شسته ۽ پاڪيزه آهي. هونءَ ته عام طرح سان اسان وٽ فارسي ادب جا ڪيئي ديسي ۽ سنڌي آميز اسلوب موجود آهن، جن ۾ فقط مواد کي نباهيو ويو آهي، باقي عبارت جي رنگينيءَ ۽ پختگيءَ جو نالو نشان به نه ملندو. ’مڪلي نامه‘ ان عيب کان گهڻي حد تائين پاڪ آهي، سچ پچ مڪلي نامه مير صاحب جو قلمي معجزو آهي.

ان کان پوءِ ’مقدمو‘، ص ۱۵_۴۰ تائين آيل آهي. ان ۾ ’مڪلي نامه‘ جي فني خصوصيت هن طرح بيان ڪيل آهي:

”درحقيقت سنڌ جي هن پُرنويس ۽ همه گير مورخ ۽ مصنف، ’مڪلي نامه‘، پنهنجي شاعرانه جذبي جي آسودگيءَ ۽ مقفيٰ ۽ مسجع نثرنويسيءَ جي مظاهري لاءِ لکيو آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ سندس ضمير خواهه فطرت ۾ تاريخدانيءَ ۽ تاريخنويسيءَ جو چاهه ۽ چسڪو موجود هو، تنهنڪري لکندي لکندي هو علي الحساب ڪيتريون تاريخي حقيقتون آڻي ويو آهي، ۽ پنهنجي دؤر جي ڪيترن تمدني ڳالهين کي لکي ويو آهي“

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ’مڪلي نامه‘ نه فقط ادب عاليه جو هڪ شاهڪار آهي، پر ان سان گڏ، هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جنهن ۾ ٺٽي جي مشاهير جي واقعات کي تاريخي طور پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

ان کان پوءِ، ان موضوع تي ابن طولون دمشقيءَ جي تاليفات جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن دمشق جي مزارن ۽ مقبرن تي نَوَ ڪتاب لکيا آهن، ۽ ان کان پوءِ ان فن تي، عربي ڪتابن ۽ فارسي تاليفات جي ذڪر ڪندي، سترهن عربي ڪتابن ۽ چوڏهن فارسي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هندستان ۾ لکيل ڪتابن مان چوڏهن ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ انگريزن جي دؤر ۽ آثار قديمه جي اهميت تي اهو بحث ختم ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح مصر، شام، عراق، ايران، افغانستان سان گڏ سنڌ ۾ ان قسم جي ٿيل ڪم تي تبصرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تهفـﺔ الڪرام، تحفـﺔ الطاهرين، مڪلي نامه جو ذڪر ڪري، پير صاحب لکيو آهي:

361
 
”سنڌ تاريخي ملڪ آهي، سنڌ علم ۽ عرفان جو مزڪر رهيو آهي، سنڌ اصحابن ۽ بزرگن جو آستان آهي. هن جو هر شهر ۽ هر قصبو ۽ قريو، ناميارن جي مزارن ۽ مقبرن سان ڀرپور آهي.“ (ص۲۴_ مقدمو)

مواد جي دستيابيءَ ۽ ڇپائيءَ ۽ اهميت متعلق پير صاحب جن لکيو آهي: (۳۵_۳۶)

”مواد کي گڏ ڪرڻ ۾ مون پنهنجي وس آهر ڏاڍو پاڻ پتوڙيو آهي. پڙهندڙ چڱيءَ پر ان جو اندازو ڪري سگهندا. سنڌ جي تاريخ جو ڪافي ذخيرو هنن صفحن ۾ گڏ ڪيو ويو آهي: ديبل ۽ ٺٽي جي تاريخ، سمن جو نسب نامو ۽ ان تي نوٽ، گجراتي سلطانن سان سنڌ جي سمن جون مائٽيون، عيسيٰ ترخان ثاني جو احوال، نسب، دارا شڪوه جي سنڌ ۾ آمد، ترخانن جا مقبرا ۽ انهن جا نقش ۽ ڪتبا_ ارغوني ۽ ترخاني دور جي ماڻهن ۾ قبرن جو احوال ۽ ڪتبا… وغيره.“

هي اهي موضوعات آهن، جن تي هن کان اڳ ڪٿي به تحقيقي ڪم نه ڪيو ويو آهي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ تي هي هڪ قسم جو احسان ڪيو آهي.

سنڌ جي تاريخ متعلق مواد جي ڪميءَ ۽ انتشار متعلق پير صاحب جن لکيو آهي:

سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه لاتو آهي، اڙيا ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن جا کوڙ ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً هڪ اهو به آهي جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي. ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ڪتابن جو سٽاء به ڪو آسان ڪم ڪونه آهي، سواءِ چند متداول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو علم ۽ انهيءَ تائين پهچ هر ڪنهن جي وت ۽ وس ۾ ڪانه آهي“

سنڌ جي تاريخ جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ جي دشواريون موجود آهن، انهن متعلق پير صاحب جو چوڻ آهي:

”قبرستانن تائين پهچڻ، انهن جي ڪتبن کي تاريخ جي لکڻ ۾ ڪتب آڻڻ، سنڌ اندر، ڪو دستوري ۽ مروج طريقو ڪونه آهي.“

ان مان واضح آهي ته، جناب پير صاحب جن هن سلسلي ۾،هن محققانه روش ۽ نهج کي قائم ڪرڻ وارو پهريون مورخ آهي، جنهن ايتري ڇنڊ ڇاڻ ۽ خاڪ شوئي ڪري، ’مڪلي‘ جا دفينا ۽ خزينا اسان اڳيان آندا آهن، ڪاش! اسان جا ٻيا مورخ به ان طرح ڪم ڪن ۽ رڳو ڪتابن جي ورق گردانيءَ تي ڪفايت ڪري، تحريري ڇنڊ ڇاڻ تي اڪتفانه ڪن.

پير صاحب جن جو اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته:

”سنڌ جي تاريخ تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کان، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي.

”سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن. سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري ان کي يڪجاءِ ڪجي. ”ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي، خصوصا سنڌي قوم، جنهن جا اصول عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقط نظر، ۽ مسئلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏيءَ جا کوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.“

363
 
بهرحال مڪلي نامه هڪ مستند ۽ دستاويزي تاريخ آهي، جنهن لاءِ اڃا به ائين چوڻ درست آهي:

”مڪليءَ جي قبرستان ۾ درحقيقت اسان جي تاريخ جو ايڏو اڻ کٽ خزانو مدفون آهي، جو سالن جا سال تحقيق ۽ تجسس ڪجي، تڏهن به اها مهم مهائتي ڪانه ٿيندي.“ (ص ۳۹).

آخر ۾ هن تبصري ۽ جائزي کي ختم ڪندي، انتساب جو اهو شاهڪار ٽڪرو ڏجي ٿو، جو مڪلي نامه جي اهميت ۽ حيثيت جو شاهد عادل آهي.

• اي ساٿيو! گهڙي کن بيهو! اسهيل يار جي ياد ۾، انهن وٿاڻن ۽ ماڳن مٿان آءُ ٻه ڳوڙها ڳاڙي وٺان!

 •دوستو! ترسو! آءُ دخول، حومل، توضح، ۽ مقراة جي وارياسي کي، اکين جي آب سان ريجي وٺان!

• ڏکڻ ۽ اتر جي هوائن، انهن دونهن ۽ جهوڪن جا انگ ۽ آثار، اڃا ڪونه ميٽيا آهن!

• اڃا وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ انهن جو ڪاڍو ڪڍي نه سگهيو آهي!“

اسان جي پرزور استد عا آهي ته، سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ اهل ذوق، هن محققانه ۽ مورخانه شاهڪار کي مطالع ڪن ۽ ساه سان سانڊين. سندن لئبرري، هن مستند تاريخي ياد گار کان سواءِ بي رونق رهندي.

آخر ۾ مڪلي نامه جي ۹۶ صفحن تي مشتمل فارسي نظم ۽ نثر واري مواد کان علاوه، ۱۳۳ عدد تصويرون، سمن ۽ شاه مراد، ترخانن جا شجرا ۽ مڪليءَ جا ٻه نقشا پڻ ڏنا ويا آهن.

ان ايتري تفصيلي مطالع مان واضع ٿئي ٿو ته مڪلي نامه فني خيال سان، ان انسائيڪلو پيڊيا، جي طرز ۽ پايي جي هڪ جامع ۽ محققانه، مستند ۽ معتبر، قابل استشهاد چيز آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ زنده ۽ پائنده انداز ۾ موجود آهي. اسان، جناب پير صاحب جن کي هن شاهڪار جي تڪميل تي مبارڪ ڏيون ٿا ۽ ان سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ پڻ تحسين جي لائق آهي، جنهن هن ضخيم ڪتاب کي ڇپائي، علمي دنيا ۾ سنڌ کي سرفراز ڪيو آهي._ غ . م . گ .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!