گرم جون آکاڻيون (جلد پهريون)

1 min read

گرم جون آکاڻيون (جلد پهريون):

سنڌيڪار مرحوم خانصاب مريد علي خان، وائس پرنسپال سنڌ مدرسو، ڪراچي؛ صفحا سوا سؤ، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس، حيدرآباد، ۽ سنڌ جا سڀئي وڏا بڪ اسٽال.

چوندا آهن ته ”ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار.“ دنيا جي ترقيءَ يافته ملڪن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ ۽ اخلاقي تربيت واسطي، سندن سمجهه آهر، آکاڻين جا ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ به ڪجهه وقت کان ٻارن جي ادب تي ڪافي توجهه ڏنو پيو وڃي. تازو سنڌي ادبي بورڊ ”گرم جون مشهور آکاڻيون“ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇاپيون آهن. هي آکاڻيون مختصر، دلچسپ، ۽ ٻارن جي طبعيت وٽان آهن. انهن جي ٻولي ڏاڍي مزيدار ۽ سوادي آهي، ڄڻ ته اصلوڪيون سنڌي آکاڻيون آهن.

مثال طور، هڪڙي آکاڻي آهي پهلوان درزيءَ جي. هن اتفاق سان ڪي ست مکيون ماري وڌيون. پوءِ ته مڙس کي پنهنجي پهلوانيءَ جي پڪ ٿي ويئي. دنيا کي پنهنجي بهادريءَ ڏيکارڻ لاءِ روانو ٿيو. واٽ تي هڪ ديو گڏيس، جنهن کي ٺڳي، اهڙو منجهائي وڌائين، جو هن ڀانيو ته هي مون کان به ڪا وڏي آفت آهي. هاڻي آکاڻي جا ڪي ٽڪرا ٻڌو:

”پنهنجو هي ڪارنامو ڏسي، درزي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو، ۽ وڏي واڪي پاڻ کي چيائين، ”ير، تون ته ڪو اچرج جهڙو بهادر مڙس آهي! تنهنجي هن بهادريءَ جي هاڪ ته ملڪان ملڪ مشهور ٿيڻ گهرجي“!“

”هاڻ هي همراهه هڪ بانڪي جوان وانگر، آسمان سان چوٽي گسائيندو، اڳتي وڌيو. جڏهن جبل جي چوٽيءَ وٽ پهتو، تڏهين ڏٺائين ته سامهون هڪ ٿلهو متارو ڀيانڪ ديو ويٺو مزي سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري. درزي دل جهلي، وڌي ديو وٽ ويو، ۽ گهڻيءَ چستائيءَ سان سلام ڪري چيائينس: ”اڙي يار، تون اتي ويٺو هيڏي ساريءَ دنيا کي ڏسڻ لاءِ سڪين! خبر اٿئي آءٌ اوڏانهن پيو وڃان. هلين ته صلاح اٿئي.“ ديو هڪ پٿر کڻي، وٺي زور سان مٿي اڇلايو. سو ايترو مٿي اڇلايو جو ذري گهٽ نظر کان غائب ٿي ويو. پوءِ درزيءَ کي چيائين، ”کٿل ڄامڙا، هيئن ته ڪري ڏيکار!“ درزيءَ ڇيو ته ”تو برابر گهڻو مٿي ڦٽو ڪيو، پر آخر وري به اچي زمين تي ڪريو نه! آءٌ اهڙي زور سا اڇلائي ٿو ڏيکاريانءِ، جو وري زمين تي موٽندوئي ڪونه“، ائين چئي، هن کيسي مان پکي ڪڍي، زور سان مٿي هوا ۾ کڻي ڦٽو ڪيو، پکيءَ جي جند ڇٽي، سو اهڙو ته اکڇنڀ ۾ وٺي اڏاڻو جو وري موٽيوئي ڪونه. تنهن تي ديو کي چيائين، ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين، اسين به ڪجهه آهيون يا نه“؟“

”گرم جون آکاڻيون“ ٻاراڻي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو آهي، ۽ ترجمي ڪندڙ ترجمي جو پورو حق ادا ڪيو آهي.

-رسول بخش پليجو

(مهراڻ 1/1964ع)

(ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!