تذڪره مشاھير سنڌ “ (جلد ٽيون) ھن ڪتاب جو موُلف مولانا دين محمد وفائي
گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” تذڪره مشاھير سنڌ “ (جلد ٽيون) ھن ڪتاب جو موُلف مولانا دين محمد وفائي مرحوم آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1986 ۾ ڇپرايو ويو.مرحوم مولانا دين محمد وفائي ھڪ وڏو عالم،اديب ۽ صحافي ھو ۽ ھو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ بہ ھيو.کيس ڏاڍو شوق ھيو تہ سنڌ جي وڏن عالمن،اوليائن،بزرگن ۽ شاعرن جي حياتيءَ ۽ سندن ڪارنامن جو احوال لکي ماڻھن تائين پھچائي پاڻ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري اھي قلمبند تہ ڪيائين پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇپائڻ کان اڳ ئي خالقي حقيقي سان وڃي مليو.جنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ مرحوم سيد حسام الدين راشدي جي مدد سان ھن ڪتاب جو پھريون حصو 1974 ۾ شايع ڪيو.پاڻ ھن ڪتاب ۾ اسماعيل پريان لوءِ،اجر درويش،ابوطالب اگھمي،ابراھيم ديبلي،احمد منصوري،بزرگ مير بکري،جلال سيد،جھان مخدوم سنڌي،حبيب سيد، رحمت اللہ ٺٽوي،صدرالدين مخدوم، عبدالعلي سنڌي، عبداللطيف شاھ صوفي ٺٽوي ،محمد زمان اول ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگن،عالمن ۽ شاعرن جو احوال لکيو اٿئين.(ممتاز پٺاڻ)