سيد ميران محمد شاهه

1 min read

سيد ميران محمد شاهه

سيد ميران محمد شاهه جا وڏا 12 صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري پنهنجي گذر سفر جي سانگي مٽياريءَ مان لڏي اچي لاڙ ۾ رهيا. سندس پڙ ڏاڏو سيد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ ماهر طبيب ۽ قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه صاحب جو ڏاڏو سيد ميران محمد شاهه وڏو بزرگ ۽ فاضل حڪيم هو. نثر ۽ نظم تي دسترس حاصل هيس. سندس ڪتاب ”سڌه تورو ڪده تورو“ ۽ ”مفيد الصيبان“ اڄ علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. شاهه صاحب جو والد سيد زين العابدين پنهنجي وقت جو هڪ مشهور ماهر طبيب ٿي گذريو آهي.

سيد ميران محمد شاهه جي ولادت 11 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري لوڪليورڊ ورنيڪيولر اسڪول ۽ اي- وي اسڪول ڪوٽڙي ۾ ورتائين. ان کانپوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ فيبروري 1910ع ۾ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو. جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1921ع ۾ بي- اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سيد ميران محمد شاهه 1924ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي.

سيد ميران محمد شاهه وڪالت ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو. 1924ع ۾ کيس حيدرآباد جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. 1926ع ۾  حيدرآباد ميونسپل جو مميبر ۽ پوءِ کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ جڏهن سر غلام حسين هدايت الله ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو ته سندس جاءِ خالي ٿي پئي ۽ هي صاحب شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ بمبئي ليجسليٽو جو ميمبر چونڊجي ويو. ساڳي سال سرڪار ”سائمن ڪميشن“ مقرر ڪئي. جنهن جي مدد لاءِ بمبئي ڪائونسل طرفان سر شاهنواز ڀٽي جي چيئرمين کي هيٺ هڪ صوبائي ڪاميٽي ٺاهي ويئي. ان تي سنڌ مان سيد ميران محمد شاهه کي ميمبر ڪري کنيو ويو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي سنڌ جي عوام جي مڪمل ترجماني ڪيائين. 1929ع ۾ کيس حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ منتخب ڪيو ويو. 1930ع ۾ کيس ٻيو ڀيرو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ پاڻ 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. پوءِ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ته 1936ع ۾ سرگرهام پهريون گورنر ۽ مسٽر ڪرپلائي پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ٿي آيا.تنهن وقت بمبئي ڪائونسل جا جيڪي به سنڌي ميمبر هئا، تن کي گورنر جي صلاح ڪار ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ ان ڪائونسل جو چيئرمين سرغلام حسين هدايت الله هو. شاهنواز ڀٽو، راءِ بهادر هيرانند کيم سنگهه، گورنر جا صلاح ڪار هئا. سيد ميران محمد کي به ان ”ايڊوائيزر ڪائونسل“ جو ميمبر هو.

1937ع ۾ جڏهن آزاد سنڌ جي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، ته مسٽر نور محمد وڪيل ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ حيدرآباد شهر ۽ تعلقي مان ميمبر چونڊجي ويو. ڪجهه وقت سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ۾ پارليامنٽري سيڪريٽري رهيو، ۽ پوءِ ديوان ڀوڄنگ اسپيڪر جي انتقال ڪرڻ تي 1938ع ۾ شاهه صاحب کي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي 3 مئي 1948ع تائين فائز رهيو. ان کانپوءِ سنڌ  سرڪار ۾ وزارت جي عهدي تي مختلف وڏن وزيرن جي وزارتن ۾ 1951ع تائين رهيو.

1.                      پير الاهي بخش جي وزارت ۾ مئي 1946ع کان فيبروري 1949ع خزانو صحت، مڪاني فوڊ حڪومت ۽ مهاجرن جي آباد ڪاري.

2.                      يوسف هارون جي وزارت ۾ فيبروري 1949ع کان مئي 1950ع مهاجرن جي آبادڪاري روينيو ۽ پي . ڊبليو .ڊي.

3.                      قاضي فضل الله جي وزارت ۾ مئي 1950ع کان مارچ 1951ع پي. ڊبليو. ڊي. ۽ مهاجرن جي آبادڪاري

4.                      خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي وزارت ۾ مارچ 1951ع کان ڊسمبر 1951ع پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري.

1952ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان اسپين جو سفير مقرر ڪيو ويو. 1953ع ۾ حڪومت جي سفارتي عهدن تي سرڪاري عملدارن کي مقرر ڪرڻ واري پاليسي سبب کانئس اُهو عهدو واپس ورتو ويو. 1954ع کان 1957ع تائين ڪراچي امپرومنٽ ٽرسٽ جو چيئرمين ٿيو.

شاهه صاحب ڪيتروئي وقت صاحب اقتدار رهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي خدمت دل و جان سان ڪندو رهيو. سنڌ جو هي سياستدان، شاعر ۽ اديب 16 نومبر 1963ع تي وفات ڪري ويو، سندس علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي هميشه هميشه لاءِ ياد ڪيو ويندو.

علمي ۽ ادبي ميدان ۾ جناب شاهه صاحب جن ڪيتريون ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون آهن. 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا ”سنڌي ادبي سوسائيٽي“ قائم ٿي هئي، شاه صاحب ان جو منظم ۽ صدر هو. انهيءَ سوسائٽي ڪيترائي مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري کي زور وٺايو. انهيءَ ئي سوسائٽي سنڌ ۾ پهريون زنانو مسلم هاءِ اسڪول کوليو جيڪو اڄ تائين حيدرآباد ۾ ”مدرسته البنات“ جي نالي سان قائم آهي. 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوته سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي ته شاهه صاحب انهيءَ جو مرڻ گهڙي تائين صدر ٿي رهيو.

1941ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هڪ سنڌي مرڪزي بورڊ قائم ڪيو. شاهه صاحب 1951ع تائين ڏهه سال انهيءَ بورڊ جو چيئرمن ٿي رهيو. 1951ع ۾ اڳيون بورڊ بدلائي نئون بورد وجود ۾ آندو ويو. ميران محمد شاهه انهيءَ هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رهندو آيو.

پنهنجي وزارت واري وقت ۾ سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جي سالياني ورسيءَ ملهائڻ جي جيڪا شاندار روايت قائم ڪئي. سو سندس زندگيءَ جو هڪ جس جوڳو ۽ قابل يادگار ڪارنامون آهي. شاهه صاحب شاهه لطيف يادگار ڪائونسل قائم ڪئي ۽ مرڻ گهڙي تائين انهيءَ جو صدر ٿي رهيو.

ادب سان گڏوگڏ، شاهه صاحب تعليمي خدمتن ڏانهن به متوجهه ۽ مائل پي رهيو. سترنهن سالن  تائين، بمبئي يونيورسٽي ۽ ان سان متعلق ادارن مثلاً ”سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي بورڊ“ وغيره جو ميمبر ٿي رهيو. جڏهن سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي کلي ته شاهه صاحب کي ان جي ”سينيٽ“ توڙي ”سنڊيڪيٽ توڙي ”اڪئيڊمڪ ڪائونسل“ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو. شاهه صاحب ڪيتري ئي وقت تائين سنڌ يونيورسٽي جي فئڪليٽيءَ آف آرٽس جو ”ڊين“ ٿي رهيو،

مختلف شاعرن جي ڪلام تي مشتمل مجموعو ”گلزار خيال“ به تاليف ڪيائين. کين شعر و شاعري سان اونهو لڳاءُ هوندو هيو. شاعري ۾ پهريائين پاڻ ”مجهور“ ۽ بعد ۾ ”مير“ تخلص اختيار ڪيائون. شاعريءَ ۾ علامه ”فدا“ ۽ حافظ شاهه مرحوم سندس استاد هئا.” ڪليات ميران“ سندس شاعري جو مجموعو آهي.

سيد ميران محمد شاهه بنيادي طور تي هڪ سياستدان هو، پر علم دوستي ۽ ادب پر وري کيس ورثي ۾ ملي هئي. هن جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان هو، جنهن ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. هن جو لاڳاپو هڪ اهڙي خاندان سان هو جنهن ڪيترن ئي علم دوست ۽ قلم ڌڻين کي جنم ڏنو.

ميران محمد شاهه سياست جهڙين خشڪ ۽ پريشان ڪن مشغولين جي باوجود به سخن جوئي ۽ نڪته سنجيءَ جي ذوق جو مظهر هو. نڪته نوازي، سخن طرازي ادبي ذوق ۽ شعري شوق، وجد انگيز ڪيفيات ۽ محبت انگيز جذبات هن جي زندگيءَ جو حصو هئا. ميران محمد شاهه سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهي. سندس شاعري جو تنقيدي جائز هيٺ ڏجي ٿو:

شاهه صاحب بنيادي طور تي عروضي شاعر هو. پر هن سنڌ جي نج شاعريءَ کي به نه وساريو. ٿلهي ليکي هن جي شاعري ڪافين، نظمن، غزلن ۽ قطعات تي مشتمل آهي. موضوع جي لحاظ سان هن جي قلم جو ميدان تمام وسيع آهي.

ميران محمد شاهه هڪ سڌو سادو مسلمان هو. جنهن گهراڻي ۾ هن اکيون کوليون، تنهنجا افراد نه رڳو مذهبي خيالن جو پوئيلڳ هئا، پر مذهبي اڳواڻ به هئا. گهر جو اثر هر حالت ۾ هن تي پيو. ان ڪري هو باعمل مسلمان هو. هن جا مذهبي امنگ ۽ جذبا وقت جي حالتن جي سج ۾ روشن روز بيان روشن ٿي ويا ۽ اهو عڪس هن جي شاعري ۾ به نظر اچي ٿو.

پاڻ مذهب جو مروج فلسفو هن ريت ٻڌائي ٿو:

ڪر فرض خدا جي ادائي، جو جنت جلد رسائي
پي ڪر ناهي ڪا ڪائي، ري پسڻ پرينءَ جي پيشاني.
ڪر خون خدا جو اي بندا، رهه صاف ڇڏي گند گندا.
وٺ راه رسول جي انڌا، جيڪو آهي قول قراني.

شاهه صاحب پنهنجي عقيدي ۽ رسول ڪريم، سان عقيدي جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

محمد کي مڃيم من سان، پڙهان ڪلمون همع تن سان.
چمان قران چشمن، سان، خدا جو اي ڪرم مون تي،
ابوبڪر و عمر، عثمان علي رضه شاه کي مڃيم من سان.
رکان دل سڀ امامن سان، مڃڻ واجب حرم مون تي.
محي الدين جيلاني، سچو محبوب سبحاني
تون گوندر لاهه گيلاني! مَ رک ڪنهن جو مر مر مون تي،
سوالي آهي ”ميران شاهه“ تنهن جو آگاهه! عرض اوناءِ.
هلان آئون شل مديني راهه، ٿئي ڪلمون ڪرم مون تي.

ڌڙ ڪندڙ دل سڀني کي ٿئي، ڪو جهو هجي يا ڪارو، ننڍو هجي يا وڏو، امير هجي يا غريب، سڀني کي سينو ۽ سيني ۾ سور ٿئي ٿو. عجيب ڳالهه آهي، جو الله سڀني کي سونهن جي بک نه ڏني آهي. پر سونهن کي پسند ڪرڻ جي بک مڙنئي کي ٿئي. ميران محمد شاهه به هڪ انسان خلافت جي تحريڪ هلي ٿي ته هن جي دل هنئين ڌرڪي ٿئي.

والي ولايتن جو سلطان وحيد الدين ٿئي،
حشمت سنديس جي هيبت خاور کان باختر ڪر.

شاهه صاحب پنهنجي شعر و شاعري جي ٻاهرين جوڙجڪ، مصنوعي ٺاهه ٺوه عروضي ڀڃ گهڙ ۽ لفظي ايڇ پيڇ کان مٿي فقط شاعرانه خيال تي گهڻو توجهه ڏنو آهي. هن جي ڪلام ۾ سادگي ۽ برجستگي آهي، ان ۾ پختگي کان وڌيڪ بي ساختي آهي. سونهن ۽ ورونهن آهي. هن جو ڪلام ڪي قدر وجد انگيز آهي، ۽ معياري به آهي.

هن دقيق ٻولي استعمال ڪرڻ کان گريز ڪيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي سليس، آسان ۽ علم مروج ٻولي استعمال ڪئي آهي. شاهه صاحب جي شاعري سندس ٻوليءَ لاءِ محبت واري جذبي جي پيداوار آهي. جنهن جو نهايت خلوص سان اظهار ڪيو ويو آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

غزل

دلربا جي دلبريءَ کي ٿو سدا مان ساريان،
دردِ فرقت ۾ سندس هر دم هنجهون ٿو هاريان.

جان جادوگر هڻي جادو کڻي ويو ڪنهن ولات،
اڄ پتو ان جو پڇڻ ئي واٽ ويندا واريان.

وصل جي هڪڙي گهڙيءَ لئي التجا آزي ڪيم،
ان گهڙيءَ کان گهور گهنڊ جا گهاءُ کايو گهاريان.

تون اچين مون وٽ نٿو مون کي مقدر قيد ڪيو،
پوءِ پرين توسان پيارا پرت مان ڪيئن پاريان؟

سور مان ڪنهن سان سليان سهڻا! سندءِ سختيءَ سندا،
دل ٻيو محبوب تنهنجي ڳڻتين ۾ ڳاريان.

قرب مان ٿي قول ڪيئي سهڻا! قسم سَو سَو کڻي،
پر نه پورا ڪيئي پرين! سي داغ دل تي ڌاريان.

منهن منوّر پنهنجو ”ميران شاهه“ کي هيڪر سپاءِ،
تان ته پنهنجي جان جند جيري، جگر کي ٺاريان.

ممتاز بخاري

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!