دنيا جا عظيم افسانه (حصو ٻيو)
1 min readدنيا جا عظيم افسانه (حصو ٻيو)
مترجم: مراد علي ”اختر“ مرزا، صفحا 468 پنو وچٿرو، ڇپائي عمدي، سرورق رنگين ۽ دلڪش، قيمت 00-5 رپيا ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، ملڻ جو ھنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بُڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.
سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جو ھڪ سٺو ذريعو غير ٻولين مان پنھنجي ٻولين ۾ ترجما به آھن. ڌارين ٻولين جي ادب جا چونڊ شاھڪار سنڌي زبان ۾ ترجما ڪري پنھنجي ٻوليءَ جو واڌارو ڪري سگھجي ٿو. دنيا جي اندر ايتريون ٻوليون آھن، جن جي ڪا ڀيڻي ڪانھي. رڳو ايشيا کنڊ جي ٻن زبانن فارسي ۽ عربي ڏانھن ئي کڻي ڌيان ڪبو ته ايترا سارا ۽ نھايت بلند پايه جا افسانه ملي سگھن ٿا، جن جا ترجما سنڌي ادب جي واڌاري جو سبب بڻجي سگھن ٿا. اڃا مغربي ملڪن ۽ انھن جي جدا جدا ٻولين جا ترجما ته پري جي ڳالھه آھي.
اڄ اسان جي اڳيان ”دنيا جا عظيم افسانه“ نالي ڪتاب آھي، انھيءَ ساڳئي نالي جي افسانن جو پھريون حصو اڳيئي ڇپجي چڪو آھي. ھيءُ افسانن جو مجموعو، ان جو ٻيو حصو آھي، جو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ حيدرآباد، ڪوشش ڪري، جناب مرزا مراد علي ”اختر“ صاحب کان ترجمو ڪرائي، پنھنجي سنڌي ادبي بورڊ جي پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپايو آھي. ھن ڪتاب جي ڇپجڻ سان، سنڌ جي ادبي ذخيري ۾ ۽ خصوصاً افسانن ۾ ھڪ خاطر خواه اضافو ٿي پيو آھي. افسانن جو ھي ڪتاب 468 صفحن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ جيڪو پنو استعمال ڪيو ويو آھي، سو ھڪ معمولي اخباري پنو آھي. ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ جيڪا ٽائيپ ڪتب آندي وئي آھي، سا نھايت سٺي آھي، جنھن جي ڪري ڇپائي ڏاڍي عمدي نظر پئي اچي. جيڪڏھن عمدي پني استعمال ڪرڻ جي طرف بورڊ ڌيان ڏئي ھا ته ڏاڍو چڱو ٿئي ھا، ڇاڪاڻ ته اخباري پنو وڌيڪ وقت تائين جٽاءُ نٿو ڪري سگھي ۽ ڪتابن جي ھڪ وڏي ذخيري جي جلد ناس ٿي وڃڻ جو امڪان رھي ٿو.
ڪنھن به ٻوليءَ جي ادب ۾ افسانن جو به ھڪ بلند مقام ٿيندو آھي، تنھنڪري دنيا جي عظيم افسانن جو ھي مجموعو به سنڌي ادب ۾ شڪ ناھي ته پنھنجو ھڪ مقام قائم ڪري وٺندو. تنھن کان سواءِ ھيءَ ڳالھه به ياد رکڻ جي قابل آھي ته غير ٻوليءَ جو ترجمو خصوصاً مغربي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ ايترو سولو ڪم نه آھي جيترو اسين سمجھون ٿا، بلڪ حقيقت ھيءَ آھي ته طبعزاد افسانو لکڻ ترجمي ڪرڻ کان وڌيڪ آسان آھي: ڇاڪاڻ ته مختلف ٻولين جو مزاج به پنھنجو پنھنجو ھوندو آھي، انھن جو صرف ونحو به پنھنجو انھن جا محاورا به پنھنجا ته انھن جي عام ڳالھه- ٻولھه به پنھنجي ھوندي آھي، تنھنڪري صرف– نحو، محاورن ۽ عام ڳالھه- ٻولھه کي ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ آڻڻ ۽ سموئڻ ھڪ مترجم جي لاءِ وڏو مرحلو ھوندو آھي. وري اھا ڳالھه مترجم جي قابليت تي به وڏو دارومدار رکي ٿي: ترجمي ٿيل افسانن جي ڪشش تي، نه ڪي اصل افسانن جي ٻوليءَ ۾ ڇا لکيل ھو تي، سڄي ترجمي ٿيل ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو انحصار آھي. ان ۾ شڪ نه آھي ته دنيا جي عظيم افسانن جي ٻئي جلد ۾ ڪافي جاذبيت سمايل آھي، تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو ته مترجم خاصي قابليت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته ترجمي ڪرڻ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪيل آھي سا نه رڳو سليس ۽ سادي آھي بلڪه عام فھم پڻ آھي؛ جنھن کي معمولي لکيل پڙھيل ماڻھو به نه رڳو سمجھي سگھي ٿو، پر انھن افسانن ۾ دلچسپي پڻ وٺي سگھي ٿو. ڪتاب ۾ افسانن جو تعداد ڪل سورنھن آھي. اھي افسانا انگريزي، روسي، اطالوي، نارويجين، فارسي، چيني، ۽ ڊچ ٻولين جا شاھڪار ليکجڻ ۾ اچن ٿا. انگريزي ٻوليءَ جا افسانا سڀ کان وڌيڪ ترجما ڪيا ويا آھن. ڪتاب جي ٻي خوبي اھا آھي ته جن مصنفن جا افسانا ترجما ڪري ڪتاب ۾ ڏنا ويا آھن، تن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آھي، جنھن سان معلوم ٿو ٿئي ته اصل افسانو ڪھڙيءَ ٻوليءَ ۽ ڪھڙي افسانه نگار جو لکيل آھي. ھر ھڪ افساني ۾ مختلف قسم جون خصوصيتون آھن: جھڙوڪ ڪن افسانن ۾ عشق جا جذبات ڏاڍي خوبيءَ سان چٽيا ويا آھن، جي طبيعت ۾ رقت پيدا ڪن ٿا. ڪن افسانن ۾ اعليٰ درجي جي سنجيدگي آھي، جو پڙھندڙ خود به خود نھايت خاموشيءَ سان انھن کي پڙھي ٿو وڃي. ڪن افسانن ۾ جنگي ماحول پيش ڪيو ويو آھي، جو لڱ به ڪانڊارجيو وڃن ۽ عبرت جو نقشو اکين اڳيان ڦريو وڃي. ڪن افسانن ۾ ظرافت ۽ مزاح جي اھڙي چاشني سمايل آھي، جو کلڻ يا مشڪڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھجي. ڪن افسانن ۾ راز ۽ ڀيد لڪل آھي، جو پڙھندڙ پنھنجي دماغ کان ڪم وٺڻ لاءِ مجبور ٿو ٿئي. ڪن ۾ جاسوسي نظر اچي ٿي ۽ جيڪي دليل ڏنل آھن انھن تي ويچار ڪندي خود پڙھندڙ اچرج ۾ پئجيو وڃي ۽ آخر ۾ انھن جو قائل ٿو ٿئي. ڪن افسانن ۾ نفسيات ئي نفسيات آھي، جن جو خاصو اثر طبيعتن تي پوي ٿو. بھرحال ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن ۽ طبيعتن جي لاءِ مختلف قسم جو مواد موجود آھي، جنھن جي ڪري ھرڪو پنھنجي طبيعت جي مطابق انھن افسانن مان حظ حاصل ڪري سگھي ٿو. ڪتاب ۾ ڪافي مسالو آھي. غلطيون مشڪل سان نظر اچن ٿيون. ڇپائي عمدي آھي ۽ صفحن جو تعداد به گھڻو آھي، تنھنجي ڪري پنج روپيا قيمت بلڪل واجبي نظر اچي ٿي.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم ”خليل“
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)
ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي