جادو ۽ سائنس (جلد پهريون ۽ ٻيو)

1 min read

جادو ۽ سائنس (جلد پهريون ۽ ٻيو)

مصنف سرجيمس جارج فريزر، سنڌيڪار سومار علي سومرو؛ صفحا، ٻئي جلد، پوڻا يارهن سو؛ قيمت__پهريون جلد 8 روپيا، ٻيو 2 روپيا؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_ سول لائينز، حيدرآباد سنڌ، ۽ سڀني شهرن جا وڏا بڪ اسٽال.

اڄوڪو دور انساني هنر ۽ سائنس جي معراج جو دور آهي. انساني عقل جي جادوءَ برن ۽ بحرن، پهاڙن ۽ بيابانن، فضائن ۽ خلائن کي مطيع ڪري ڇڏيو آهي. انسان بي انت ۽ هيبتناڪ خلائن جي چانئٺ ٽپي چڪو آهي. سندس فرمانبردار قاصد چنڊ کي سندس سلام پهچائي آيا آهن، ۽ ان جي ڪنواري ۽ اڻڇهيل جسم کي ڇهي آيا آهن. سندس لمبا ڪمند مريخ، زهره ۽ مشتريءَ کي اسير ڪرڻ لاءِ فضائن ۾ لهرائي رهيا آهن. سندس شوخ نگاهون فطرت جي سيني ۾ لکهان سالن کان لڪل رازن کي تيزيءَ سان بي نقاب ڪري رهيون آهن. اڄ هيءَ ڌرتيءَ ۽ هيءَ محدود فضا، حضرت انسان جي عقل ۽ دماغ جي شوخ ۽ تند گهوڙن جي جولانين جي تاب جهلڻ کان عاجز آهن، ليڪن انسان جي سمجهه هميشه اهڙي اعليٰ نه هئي. سندس نگاهون سدائين اهڙيون بيخوف ۽ بيباڪ نه هيون. سندس عقل اصل کان اهڙو فاتح ۽ ڪامران نه هو. انسان نسل ٻالپڻ جي بيسمجهئي، هيڻائيءَ ۽ بيوسيءَ جي هڪ اهڙي هزارها سال لمبي، اونداهي ۽ ڀوائتي دور مان لنگهيو آهي، جڏهن فطرت جي هر ڳالهه هن جي ڪمزور سمجهه لاءِ هڪ زبردست ۽ ڊيڄاريندڙ اسرار هئي. ٻوٽن جو اسرڻ ۽ مرجهائجڻ، ڏينهن ۽ راتين جا ڦيرا، موسمن جا گول چڪر، ويرن جو لهڻ ۽ چڙهڻ ۽ سج، چنڊ، تارا، اونداهيون ۽ روشنيون جهنگل ۽ بيابان_ هر شي، هر واقعو، هر منظر، هن لاءِ نامعلوم، پراسرار ۽ هيبتناڪ هو. رات ختم ٿيندي يا نه؟ سج وري اڀرندو يا نه؟ ڪوماڻل ٻوٽو وري سائو ٿيندو يا نه؟ سڪل ندي وري وهندي يا نه؟ سج گرهڻ کان پوءِ سج بلڪل مري ويو يا وري جيئرو ٿيندو؟ اهي، ۽ يا هزارين سوال، انديشا، فڪر ۽ ڳڻتيون، هن جي ڪمزور دماغ کي حيران ۽ پريشان ڪندا رهندا هئا. نفسيات جي عالمن جو چوڻ آهي، ته وڏن جي فطرت ۽ هلت چلت جو راز معلوم ڪرڻو هجي ته سندن ٻالپڻ جي دور جو احوال معلوم ڪجي. ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن انسانن جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻي آهي ته سندن اوائلي، ٻالپڻ واري دور جي زندگيءَ، سندن ننڍپڻ  جي آزمائش، تجربن، وهمن ۽ وسوسن، عقيدن ۽ رسمن جو مطالعو  ڪرڻ لازمي آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو شايع ڪيل ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ انسان جي ان دور جي زندگيءَ جو آئينو آهي، جڏهن هو ذهني ۽ عقلي طرح اڃا هڪ ابهم  ٻار مثل هو.

هيءُ ڪتاب مشهور انگريز عالم سرجيمس فريزر جي جڳ_مشهور علمي شاهڪار، Golden Boug جو سنڌي ترجمو آهي. ”جادو ۽ سائنس“ انهن عجيب غريب وهمن ۽ خونريز رسمن جو لڱ ڪانڊاريندڙ داستان آهي، جن ۾ صدين تائين انسان جا سوين نسل اڳ جا ابا ڏاڏا، مبتلا ۽ گرفتار هئا. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان اسان کي اوائلي انسانن جي قابل رحم اڻڄاڻاين ۽ دردناڪ بيوسين جو حيرت انگيز احوال ملي ٿو. مثال طور معلوم ٿو ٿئي ته اوائلي دور ۾ ماڻهن  کي ايتري به خاطري ڪانه هئي ته سج هڪ دفعي الهڻ کان پوءِ وري به اڀرندو يا مرڳو گم ٿي ويندو ۽ سدائين رات ئي رات هلندي! انهيءَ لاءِ سندن ڏاها ۽ دانا، جن کي قدرت جي اسرارن جو واقف سمجهيو ويندو هو، سي ڏاڍيءَ صدق دليءَ ۽ عقيدت سان، ساز وڄائي دعائون پڙهي، سج کي ريجهائيندا هئا، ۽ کيس ايلاز ڪندا هئا ته تون اڄ وري به اڀر. پوءِ جڏهن سج اڀرندو هو ته ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته هو انهن ڏاهن جي ڦيڻن جي برڪت ڪري اڀريو آهي، نه ته جيڪر هميشه لاءَ گم ٿي وڃي ها. جڏهن سج گرهڻ ٿيندي هئي ته سڀ ماڻهو، پنهنجن انهن روحانيءَ مرشدن ۽ ولين جي هدايت موجب، آسمان تي تيرن ۽ ڀالن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا، ۽ سندن مرشد ولي وري زور شور سان دعائون پڙهندا هئا ۽ ذڪر ڪندا هئا ته جيئن انهن نيزن ۽ ڀالن جي ڊپ ۽ انهن دعائن ۽ درودن جي برڪت سان سج تي حملو ڪندڙ آسماني راڪاس دفع ٿي وڃن، ۽ ويچاري سج جي جان بچي پوي! جڏهين بهار جي موسم ختم ٿيندي هئي ۽ ٻوٽن ۽ وڻن جا پن ڇڻي ويندا هئا، سرسبز ميدان ۽ جهنگل سنسان ۽ اداس ٿي ويندا هئا، تڏهين اسان جا قديم ابا ڏاڏا سمجهندا هئا ته ڌرتيءَ تي موت نازل ٿيو آهي. کين ڳڻتيون ۽ فڪر ويڙهي ويندا هئا ته هاڻي گاهه ۽ ٻوٽا هميشه لاءِ ختم ٿي ويا، جانور ۽ ماڻهو بکن وگهي مري ويندا. پوءِ سندن اوليا ۽ ڪرامت جا ڌڻي، کين گڏ ڪري، ”موت“ کي مارڻ لاءِ ڦيڻا وغيره پڙهندا هئا، ۽ ”مثل ڌرتيءَ“ کي وري جيئارڻ لاءِ ساٺ سوڻ ڪندا هئا، انهيءَ مان ڪي ساٺ سوڻ ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڃاتائين هلندا اچن. اهڙيءَ طرح، جڏهين سياري جون سرد هوائون لڳنديون هيون، پارو ۽ ڳڙا وسندا هئا، تڏهن پراڻي زماني جا انسان سمجهندا هئا ته جيڪڏهين ان سياري ختم ڪرڻ لاءِ ڪو بلو نه ٿيو ته اهو مردار هميشه لاءِ ملڪ تي ديرو ڄمايو ويٺو هوندو. بس، پوءِ ته سندن اڳواڻ سياري تي پنهنجي جادوءَ جا حملا شروع ڪري ڇڏيندا هئا. خاص رسمون ادا ڪيون وينديون هيون. دهلن ۽ باجن جي تيزتال تي ناچ ڪري، ماڻهو سياري ٿي لعنت ۽ ملامت ڪندا هئا، ۽ سندس جنازا ڪڍي، سندس موت جو سانگ رچائيندا هئا. سندس دشمنن يعني بهار ۽ اونهاري جي ساراهه جا ڳيت ڳائي، کين اچڻ جون دعوتون ڏيندا هئا. هو اونهاري ۽ سياري جي ويڙهه جو سانگ رچائيندا هئا. پاڻ اونهاري جو پاسو وٺندا هئا، ۽ کيس همت ڏياري، سندس هٿان سياري کي شڪست ڏياري مارائيندا هئا. بهار ختم ٿيڻ تي، ان جي موت جو ايڏي سوز سان ماتم ملهايو ويندو هو جو سندن مرثيا پڙهي، پٿر کان پٿر دل انسان  جي دل به پاڻي ٿي پوندي هئي. بابل جي قديم مذهبي دعائن جو حوالو ڏيئي، سرجميس فريزر لکي ٿو ته بهار جي موت تي مرد ۽ زالون بنسرين جي سنهي ۽ تيز آواز تي ماتم ڪندا هئا. سندس مجسمي کي پاڪ پاڻيءَ سان غسل ڏيئي، سندس جسم کي سرخ رنگ جو خوبصورت جبي ۾ ڍڪيو ويندو هو. هر طرف کان تيز ۽ خوشبودار ڌوپ جو واس، هوا ۾ ملي، مثل وليءَ جي ستل حواسن کي بيدار ڪرڻ ۽ کيس موت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ جو ڪم ڪندو هو. سندن مرثين ۾ اسان کي انهن ڳائيندڙن جو سريلو آواز ۽ بنسرين جو ماتمي سر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙي مرثيي جو نالو آهي ”بنسرين جا بهار لاءِ ورلاپ“ جو هن ريت آهي:

”بهار جي غائب ٿيڻ تي، هوءَ وڏي واڪي پار ڪڍي ٿي: ”منهنجا پٽڙا!“

هن جي غائب ٿيڻ تي هوءَ پار ڪڍي ٿي: ”منهنجا دلبر! منهنجا ولي!“

سندس پار انهيءَ ٻوٽي لاءِ آهن، جيڪو پنهنجيءَ ٻاري ۾ نٿو وڌي…..

هڪ ماندي عورت، هڪ ماندو ٿڪل ٻار، ان نديءَ لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن جي ڪناري تي ڪوبه سلو نٿو اڀري. هو ان ڍنڍ لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن ۾ مڇيون نٿيون اچن. هو ڪانن جي انهيءَ ٻوڙي لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن ۾ سنگ نٿا اڀرن….“ ٻئي هڪ مرثيي جا درد ناڪ لفظ ٻڌو:

”اي بهار! تون ائين وئين، ڄڻ تون اهو ٻوٽو هئينءَ، جنهن کي باغ ۾ پاڻي ڪونه مليو. اهو بيد هئينءَ، جو ڪسيءَ جي ڪنڌيءَ تي ملول بيٺو هو. اها گلاب جي ول هئينءَ، جنهن جون پاڙون پٽيون وييون. اها ٻوٽي هئينءَ، جنهن  چشمي جو پاڻي ڪونه پيتو…..“

هي ورلاپ انهن بيوس ۽ مجبور انسانن جا هئا، جن لاءِ فطرت سراسر راز ۽ اسرار هئي؛ جن کي خبر نه هئي ته بهار ۽ اونهارو هڪٻئي پٺيان ايندا رهندا آهن، ۽ ايندا رهندا. هنن کي فطرت جي انهن اٽل قانون جي خبر ڪانه هئي، جي کانئن پوءِ ايندڙ انسانن کي هزارها سالن جي تجربي کان پوءِ خاطريءَ سان معلوم ٿيا، جنهنڪري هوسياري جي خوف ۽ بهار کي منٿون ڪري آڻڻ جي ضرورت کان بي نياز ٿي ويا. هو پنهنجن سردارن ۽ بادشاهن کي مذهبي اڳواڻ ۽ قدرتي قوتن جو مالڪ ڪري ليکيندا هئا. سندن عقيدو هو ته اهي بادشاهه ئي کين ڀلا فصل، کير_پُٽ وڻندڙ موسمون ۽ ٻيون ڪيتريون برڪتون ۽ نعمتون ڏيئي سگهن ٿا. هو سمجهندا هئا ته هڪڙي سردار جي مرڻ کان پوءِ ان جي روح ۽ ان جون روحاني قوتون وري ان جي جاءِ وٺڻ واري بادشاهه ۾ اچي ٿيون واسو ڪن، تنهنڪري اهي شاهي اولياء سندن جانين ۽ مالن جا مالڪ هئا. هو سندن اشارن تي زندگيون قربان ڪري ڇڏيندا هئا. اوهين ڀانئيندا ته پوءِ انهن ديوتا_بادشاهن کي ڏاڍيون موجون هونديون! اوهان جو خيال بلڪل صحيح آهي. پر ٿورو ترسو! اسان جا قديم وڏا سوچيندا هئا ته جيڪڏهين ڪو ديوتا_بادشاهه بيمار ٿي مئو ته پٺيان جيڪو روح پنهنجي گاديءَ نشين کي ورثي ۾ ڏيئي ويندو، سو هوندو ئي بيمار ۽ مرڻينگ ته پوءِ ڀلا هيڏا قدرتي ڪارخانا ڪير هلائيندو: مينهن وسائڻ، فصل ڀلا ڪرڻ، مال ۾ برڪت وجهڻ، سياري کي ماري، بهار کي جيئارڻ جهڙا زبردست ۽ نازڪ ڪم ڪيئن ڪري سگهندو؟ تنهنڪري ڇو نه اهو روح چڱڀلائيءَ ۽ تندرستيءَ جي حالت ۾ ئي هڪڙي ديوتا مان ڪڍي ٻئي ۾ وجهي ڇڏجي! انهيءَ ڪري، جڏهين ڪو سندن سردار ۽ بادشاهه ٿورو عمر ۾ چڙهڻ جا آثار ڏيکاريندو يا تپ تاءُ ۾ ڪرندو هو ته هڪدم کيس ماري ڇڏيندا هئا ته ڀلي سندس روح مضبوط حالت ۾ نئين گادي نشين ۾ پئجي  وڃي. سرجيمس لکي ٿو ته: ڪموڊيا ۾ ”باهه“ ۽ ”پاڻيءَ“ جي بادشاهن مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا هئا. ڪانگو جي ماڻهن جو اعتقاد هوندو هو ته جيڪڏهين سندن سردار_”چتومي“ قدرتي موت مري ويو ته سڄي دنيا فنا ٿي ويندي ۽ هيءَ ڌرتي، جنهن کي هوئي پنهنجيءَ طاقت ۽ زور سان جهليو ويٺو آهي، سا پرزا پرزا ٿي ويندو. ان ڪري، جڏهين هو بيمار ٿيندو هو، تڏهن سندس جاءِ نشين کيس ڏنڊا هڻي يا گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيو ٿي. شلڪ  قبيلي وارا پنهنجي بادشاهه کي قدرتي طرح مرڻ نه ڏيندا آهن ته متان سندن مرڻ ڪري فصل سڪي سڙي وڃن، ۽ ماڻهو چٽ ٿي وڃن؛ تنهنڪري بادشاهه کي ٿورو به بيماريءَ جو واءُ لڳو، ته سندس قبيلي وارا، وڏا ڌام  ڌوم سان مذهبي مجلس ڪوٺائي، کيس ڪهي ڇڏيندا هئا. ڊانڪا قبيلي وارن وٽ پنهنجا مينهن وسائڻ ديوتا  آهن، جيڪي غيبي طاقت سان مينهن وسائيندڙ سمهجيا ويندا آهن. قبيلي وارا چوندا آهن، ته جي اهو ديوتا پاڻيهي مري ويندو ته ماڻهو ڏڪار ۽ بيمارين سبب مکين وانگر مري ويندا، چوپايو مال ڦر ڏيڻ بند ڪندو، ۽ اناج ٻنين ۾ بيٺي بيٺي سڙي ويندو! ان ڪري،  جڏهن به ڪو مينهن وسائيندڙ اولياءُ پاڻ ۾ ٻڍاپي ۽ ڪمزوريءَ جون علامتون محسوس ڪندو آهي، تڌهين هو پاڻيهي پنهنجي اولاد کي چوندو آهي ته آءٌ مرڻ ٿو چاهيان. پوءِ هڪ وڏي قبر کوٽي ويندي آهي، جنهن ۾ مينهن وسائيندڙ ديوتا ليٽي پوندو آهي، دوست ۽ مٽ مائٽ ڀرسان بيهندا اٿس. پوءِ هو کين نيصيحتون ڪندو آهي. وعظ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو پاڻ کي جيئري دفن ڪرائي ڇڏيندو آهي. جهاگا قوم وارا پنهنجي بادشاهن کي ڦاهو ڏيندا هئا، ته جوڪو قوم وارا پنهنجي بيمار بادشاهه کي ڀالن سان ماريندا هئا. سرجيمس يورپ، عربستان، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ انهن رسمن جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن.

ديوتا جي روح کي مضبوط رکڻ لاءِ انهيءَ هيبتناڪ بين الاقوامي چٽا ڀيٽيءَ ۾ گوءِ وري هندستان کڻي ٿي ويو، هڪ قديم پورچوگيز سياح لکي ٿو ته ”آءٌ جنهن شهر ۾ آيو آهيان، تنهن ۾ بادشاهي ٻارهن سال هلندي آهي. جڏهن اهي ٻارهن سال پورا ٿيندا آهن، تڏهن هڪ ميلو لڳندو آهي. انهيءَ ميلي تي بيشمار ماڻهو ڪٺا ٿيندا آهن، بادشاهه پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جو هڪ اوچو صندل ٺهرائيندو آهي، جنهن جي چئني طرفن کان ريشمي ۽ رنگ برنگ پڙدا لٽڪايا ويندا آهن. ان ڏينهن هو مندر جي پاڪ حوض ۾ وڏن ساٺن سوڻن ۽ دهلن باجن سان غسل ڪري، وڏي بت جي پوڄا پاٽ ڪندو آهي. پوءِ هو انهيءَ صندل تي چڙهي، سڀني جي روبرو، تيز چاقن سان، پهريائين پنهنجو نڪ، پوءِ ڪن، پوءِ چپ، ۽ پوءِ ٻيا عضوا وڍي، تيزيءَ سان اڇلائيندو آهي. ان کان پوءِ بدن تان گوشت جا ٽڪر وڍي اڇلائيندو آهي. آخر پنهنجو گلو ڪٽي ڇڏيندو آهي. ان بعد ماڻهو سندس جانشين کي ڪلهن تي کڻي، شان مان سان بادشاهي تخت تي ويهاريندا آهن.“

”جادو ۽ سائنس“ انسان جي اوائلي دور جي زندگيءَ جي هڪ دردناڪ تاريخ آهي، جا اسان کي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته ڇا، اڄ هن سڌريل زماني ۾ به اسين انهن خطرناڪ وهمن جي پنجوڙ مان پوريءَ طرح ڇوٽڪارو پائي سگهيا آهيون؟ ائين ته ناهي ته هزارها سالن ۾ انسان انهن وهمن ۽ وسوسن جي اونداهن غارن ۾ جيڪي دردناڪ عذاب سٺا آهن، سي سڀ رائگان ويا ۽ اسين اتي جو اتي بيٺا آهيون!

سنڌي ادبي بورڊ ههڙو علمي شاهڪار سنڌيءَ ۾ پيش ڪري، سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. مسٽر سومار علي سومري ترجمي تي ڪافي محنت ڪئي آهي، پر جملن جون بندشون ۽ ترڪيبون اڃا به اوپريون پيون لڳن. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾ نظرثانيءَ تي توجهه ڪيو ويندو.

ڪتاب جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ عمدو آهي. رکيل قيمت، هن پايي جي علمي ڪتاب واسطي گهڻي ڪانهي.

ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!