ڪاميابي

1 min read

ڪاميابي

مصنف ابن طفيل اندلسي، مترجم غلام حسين جلباڻي؛ صفحا 119؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت .-2 روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ’ڪراچي‘، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي ڪتاب ’ابن طفيل جي مشهور ”حيّ بن يقظان“ جو سنڌي ترجمو آهي. ترجمو ڪندڙ مسٽر غلام حسين جلباڻي آهي. ٻولي آسان، ۽ اندازو تحرير دلنشين اٿس. ڪتاب جو موضوع آهي- انسان جي تخليق ۽ ان جي ارتقا. مصنف نهايت قابليت سان انسان جي تخلـيق مـتعلق پنهنجي مطالــعي، فڪر ۽ مفروضي کي بيان ڪيو آهي، ۽ عملي طور انسان جي پيدائش کي بيان ڪيو اٿس. ابن طفيل اندلسي 12 صديءَ عيسويءَ جو وڏو عالم ليکيو وڃي ٿو. هن ڪـتاب مـعقول ۽ منقول- ٻنهي حيثيتن سان تخليـق، روح مـاده عـالم جـي حـدوث ۽ قـدامت، نفس ۽ قلب تي بحث ڪيو ويو آهي. سنـڌي زبـان ۾ پنهــنجي نموني جو هي بلڪل پهريون ۽ نرالو ڪتاب آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!