ڪليات امين
مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا. پنو اُوچو، گيٽ اپ ۽ ڇپائي عمدي، سرورق_ من موهيندڙ،صفحا ۲۲۸، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ملڻ جو هنڌ: بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ ۽ مشهور ڪتب فروش.
ڪليات امين، سنڌ جي مشهور اهل دل بزرگ، حضرت مخدوم امين محمد سائين ثالث عرف ”پکن ڌڻيءَ“ جي عارفانه ۽ عاشقانه ڪلام تي مشتمل شاهڪار آهي.
هن ڪلام جو مرتب، سنڌي ادب جو برک اهل قلم ۽ محقق، پروفيسر محبوب علي چنا آهي، ۽ ان تي پيش لفظ، جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ، سجاده نشين درگاه سروريه حضرت مخدوم نوح رحه جو آهي، ۽ ان تي نظر ثاني، ۽ ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جو فني ڪم ناچيز بنده گرامي ڪيو آهي.
ان جي ترتيب هن ريت آهي:
پيش لفظ، انتساب، ديباچي کان پوءِ، سوانح حيات ۱۳_۲۱ صفحا آهي، جنهن ۾ سلسله سهرورديه سان گڏ، حسب نسب، تعليم تربيت، سجاده نشينيءَ ۽ اولاد تي بحث ڪيل آهي.
ان کان پوءِ ”راهونڊ ۾ روح رهاڻ“ جي عنوان هيٺ، راهونڊ ۾ فقيراڻا آثار، جاگرافي ۽ سندن ڪرامتون بيان ٿيل آهن ۽ ان سان گڏ راهونڊ متعلق مشهور شاعرن جا تاثرات بيان ڪيا ويا آهن.
ان کان پوءِ، وفات ۽ مدفن جي عنوان هيٺ سندن وصال لاءِ تاريخي قطعا ڏنل آهن. آخر ۾ ’معتقيد ۽ مريد‘ ۽ ’درگاه جا مجاور‘، ٻن عنوانن هيٺ سندن مريدن ۽ مجاورن جو ذڪر ڪيل آهي.
ان کان پوءِ، سندن ڪلام جي محاسن تي ’ڪلام جي مقبوليت‘ جي عنوان هيٺ فني بحث آيل آهي، ۽ تصوف ۽ شعر وشاعريءَ تي هڪ مستقل عنوان آهي، جنهن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود تي بحث ڪيل آهي. آخر ۾ سندن ڪلام جو پورو متن، ڪافيون بيت، وايون، سي حرفيون، مولود، مرثيا ۽ اردو ڪلام ڏنل آهي. سندن ڪلام راڳداريءَ جي فن موجب ترتيب ڏنل آهي، ان کان سواءِ پنج ضميما هن طرح ڏنل آهن:
ا_ ضميمون: سندن دؤر جا هم عصر شاعر ۽ سندن معاصر سجاد، نشين ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جا اديب، تعليمي خدمتگذار، سياسي ۽ علمي ليڊر.
۲_ضميمي ۾ درگاهه شريف هالا جي سجاده نشينن جي سَنوار لسٽ ڏنل آهي.
۳_ ضميمي ۾ امين سائينءَ جي خاندان جو شجرو.
۴_ ضميمي ۾ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌي جو ڪلام.
۵_ ضميمي ۾ مراجع ۽ ماخذات جي لسٽ ڏنل آهي.
تصويرن ۾ حضرت مخدوم محمد زمان صديقي و قريشي _(خامس) بن مخدوم امين سائينءَ جي هڪ ناياب تصوير ڏنل آهي.
مجموعي حيثيت سان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهي، ۽ چنا صاحب جي وسيع مطالع ۽ تحقيق جو شاهڪار آهي، ان طرح هڪ دؤر جي مشاهير جي پوري تاريخ پڻ هن ڪتاب ۾ سمايل آهي.
امين سائينءَ جو ڪلام نهايت رنگين، دلاويز، روح آفرين ۽ وجدانگيز آهي. بهر حال هن ڪتاب کي ادب ۾ بيش بها اضافو قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ان کان سواءِ، حضرت ’پکن ڌڻيءَ‘ جي تحرير جون ٻه_ عڪسي تصويرون آهن. هڪ ۾ پنهنجي فرزند مخدوم ظهيرالدين ’پروڄام‘ ڏانهن خط آهي، ۽ ٻيءَ ۾ پنهنجي ننڍي فرزند ميان فتح محمد ڏانهن تحرير آهي.
ان طرح ابو محمد سعيد صالح شاهه راڻيپوريءَ جي ڪافيءَ ۽ خط جو عڪس ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ان ڪافيءَ جو عڪس، جا پاڻ پکن ڌڻيءَ جي ڪافيءَ جي تتبع ۾ لکي هئائون، پڻ ڏنل آهن. غ. م. گ.
(4/1967ع)
ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي