Makhdoom Talib-ul-Moula

1 min read

مخدوم محمّد زمان “طالب الموليٰ”

سنڌ سونهاري صدين کان عظيم انسانن جي ڌرتي پئي رهي آهي، پوءِ اُهي اصل کان هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هئا يا ٻاهران منتقلي ڪري اچي سنڌ ملڪ کي امن ۽ محبت جو خطو سمجهندي هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪئي ۽ پاڻ کي هميشه لاءِ نه صرف سنڌي هئڻ جو جامو پهرايو بلڪ سنڌي هئڻ تي فخر محسوس ڪيو ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بي لوث خدمت ڪئي. اهڙن خاندانن مان حضرت مخدوم محمّد زمان سادس عرف ”طالب الموليٰ“ جن جو خاندان صفِ اول ۾ اچي ٿو.

مخدوم صاحب جن جو مختصر خانداني پس منظر:

مخدوم طالب الموليٰ جن جي خاندان جو پهريون بزرگ حضرت مخدوم فخرالدين ڪبير عرب ملڪ کان هجرت ڪري ڪوٽ ڪروڙ (ڊيره غازي خان) کان ٿيندو سنڌ جي تاريخي شهر ”بوبڪ“ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتان سندن پوٽو حضرت مخدوم فخرالدين صغير بن عزالدين بن مخدوم فخرالدين ڪبير، سنڌ جو سير ڪندي ڳوٺ ”ٽوڙي“ مان اچي لانگهائو ٿيو جو ”هالا“ قوم جي زمينداريءَ هيٺ هو ۽ قديم محاوري موجب اهو ڳوٺ ”هالاڪنڊي“ جي نالي سان سڏبو هو. جنهن کي هاڻي ”هالا پراڻا“ سڏجي ٿو. اتان جي ماڻهن جي التجا تي مخدوم فخرالدين صغير هالاڪنڊيءَ ۾ رهي پيو. هيءُ اهو دور آهي جنهن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو جد اعليٰ حضرت سيد حيدر شاهه بن حضرت سيد مير علي شاهه، تيموري فوجن سان گڏ هرات کان هاله ڪنڊيءَ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي.

حضرت مخدوم فخرالدين صغير جو تڙپوٽو حضرت مخدوم لطف الله المعروف حضرت مخدوم نوح سرور سهروردي پنهنجي وقت جو وڏو عالم، حافظ، عارف، غوث، اهلِ دل سنڌي ۽ فارسيءَ جو شاعر پڻ ٿي گذريو آهي، جنهن برصغير ۾ سڀ کان پهريان ڏهين صدي هجريءَ ۾ قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو سلسله نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جن سان هن طرح ملي ٿو:

  • حضرت مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“
  • بن حضرت مخدوم غلام محمّد عرف ”گلڻ ڄام“
  • بن مخدوم ظهيرالدين عرف ”پريل ڄام“

بن مخدوم امين محمّد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“

  • بن حضرت مخدوم محمّد زمان رابع
  • بن مخدوم امين محمّد ثاني
  • بن مخدوم ميان پنيلڌو
  • بن مخدوم ميان مٺن ثاني
  • بن مخدوم محمّد زمان ثاني
  • بن مخدوم مير محمّد ثاني
  • بن مخدوم ميان مٺن اول
  • بن مخدوم ميان مير محمّد اول
  • بن مخدوم ميان ابوالخير محمّد
  • بن مخدوم امين محمّد اول
  • بن حضرت مخدوم نوح سرور ﷥ (16) بن مخدوم نعمت الله (17) بن مخدوم محمّد اسحاق
    (18) بن مخدوم شهاب الدين (19) بن مخدوم فخرالدين صغير (20) بن مخدوم عزالدين (21) بن مخدوم فخرالدين ڪبير، (جيڪو سنڌ ۾ پهريان آيو).

(22) بن ابوبڪر ڪتاني (23) بن اسماعيل (24) بن عبدالله (25) بن نصرالدين (26) بن سراج الدين (27) بن خيرالدين (28) بن ابي اعصم (29) بن محمّد (30) بن وحيدالدين (31) محمّد مسعود (32) بن محمّد قاسم (33) بن محمّد بن (43) حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ.

جڏهن ته روحاني ۽ سجاده نشينن جو سلسلو مخدوم نوح سرورؒ جن جو هيٺينءَ طرح مخدوم طالب الموليٰ تائين پهچي ٿو:

(1) حضرت مخدوم امين محمّد اول (2) حضرت مخدوم ابوالخير محمّد (3) حضرت مخدوم عبدالخالق (4) حضرت مخدوم محمّد زمان اول (5) حضرت مخدوم مير محمّد ثاني (6) حضرت مخدوم محمّد زمان ثاني (7) حضرت مخدوم  مير محمّد ثالث (8) حضرت مخدوم محمّد زمان ثالث (9) حضرت مخدوم مير محمّد رابع (10) حضرت مخدوم امين محمّد ثاني (11) حضرت مخدوم محمد زمان رابع
(12) مخدوم امين محمّد ثالث (13) حضرت مخدوم محمّد زمان خامس (14) حضرت مخدوم ظهيرالدين (15) حضرت مخدوم غلام محمّد (16) حضرت مخدوم محمّد زمان سادس طالب الموليٰ

حضرت مخدوم طالب الموليٰ جي ولادت ۽ تعليم:

حضرت مخدوم محمّد زمان سادس ”طالب الموليٰ“ جي ولادت 6 محرم الحرام 1338هه مطابق
4- آڪٽوبر 1919ع تي ٿي. سندن اذان جو نالو محمّد زمان رکيو ويو. سندن ڏاڏو مخدوم ظهيرالدين جن کين ”پيرل سائين“ ڪري سڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته مخدوم محمّد زمان خامس کي به ”پيرل سائين“ سڏيو ويندو هو. مخدوم صاحب جن پنهنجي والد کي اڪيلا فرزند هئا. ڇاڪاڻ ته مخدوم غلام محمّد جا ٻه فرزند هڪ سائين طالب الموليٰ کان وڏو ۽ هڪ ننڍو فرزند ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا هئا.

حضرت محمّد زمان طالب الموليٰ جن پنهنجي تعليم جي ابتدا درگاهه مخدوم نوح سرورؒ جي خادم ۽ عالم حافظ مولانا ولي محمّد کان قرآن پاڪ پڙهڻ سان ڪئي ۽ سنڌيءَ جي تعليم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند حاجي عبدالرحمٰن ”انجم“ وٽ پڙهيا. مولوي عبدالحئي ۽ مولوي محمّد عالم وٽ فارسي جي تعليم ورتائون. ان بعد ٻه سال پنهنجي والد بزرگوار مخدوم غلام محمّد جي تربيت هيٺ رهيا. مولوي محمّد عالم ۽ سنڌي خان ”صيد“ وٽ خوشخطيءَ ۾ خاص مهارت حاصل ڪيائون. ڪجهه وقت پنهنجي چاچي مولوي غلام حيدر صديقيءَ وٽ به فارسي پڙهيا هئا. فارسيءَ ۾ دوايو، ٽه وايو، ڪريما، ۽ ڪجهه سڪندرنامي جو حصو پڙهيا. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان مثنوي مولانا روميءَ مان پهرين بيت جو سبق وٺي سندن شاگرديءَ ۾ شامل ٿيا، ان کانسواءِ گلستان بوستان پڻ پڙهيا. تنهن کانسواءِ ديوان حافظ (فارسي) ۽ تحفة الڪرام (فارسي) جو پورو مطالعو پنهنجي والد محترم جي ارشاد تي ڪيائون ۽ پنج گنج چشت اهل بهشت جيڪو فارسيءَ ۾ تصوف ۽ فلسفي جو ڪتاب هو اهو پڻ مڪمل پڙهيائون، علم قيافه به پنهنجي  والد محترم کان سکيا ۽ انگريزيءَ جي تعليم غلام رضا ڀُٽي کان حاصل ڪيائون.

مخدوم طالب الموليٰ جن جون شاديون:

حضرت مخدوم طالب الموليٰ جن ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي اٽڪل 18 يا 19 سالن جي عمر ۾ ”آڇ شريف“ (ٽنڊو باگو لڳ) جي صديقي پيرن جي بزرگ پير امام علي صديقي جي همشيره سان ٿي.

مخدوم صاحب جن جي هن حرم 14- نومبر 1940ع تي وصال ڪرڻ فرمايو، تنهن کانپوءِ سائين طالب الموليٰ جي ٻي شادي 9- ڊسمبر 1942ع تي مولوي فضل غزنويءَ جي دختر نيڪ اختر سان ٿي. مخدوم طالب الموليٰ کي ٻنهي حرمن مان 6 فرزند تولد ٿيا جن جا نالا هن طرح آهن:

(1) حضرت مخدوم محمّد امين رابع ”فهيم“ 17 هان سجاده نشين، (2) مخدوم خليق الزمان (3) مخدوم رفيق الزمان (4) مخدوم شفيق الزمان (5) مخدوم سعيد الزمان ۽ (6) مخدوم نويد الزمان.

مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ 16 هان سجاده نشين:

حضرت مخدوم غلام محمّد عرف گلڻ ڄام 15 هان سجاده نشين درگاهه مخدوم نوح سرور ﷥ جن 30 ذوالحج 1363هه مطابق 16- ڊسمبر 1944ع تي وصال ڪرڻ فرمايو، تنهن بعد حضرت مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ جن 16هين سجاده نشين جي حيثيت ۾ حضرت مخدوم نوح سرور ﷥ جن جو روحاني منصب صفر المظفر 1364 هجري مطابق جنوري 1945ع تي چاليهي جي موقعي تي سنڀاليو. مولوي غلام حيدر صديقي (مخدوم طالب الموليٰ جا چاچا) 27 رمضان المبارڪ 1372هجري مطابق جُونِ 1953ع تي وفات ڪري ويا.

مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري، شاعرانه خدمتون، ادبي ۽ صحافتي خدمتون:

مخدوم طالب الموليٰ کي ننڍي هوندي کان ئي شاعري ۽ ادب سان شوق هوندو هئو، 1930ع ۾ ناري جي گشت تي ويا جتي سندن درگاهه جو شيدائي منٺار فقير راڄڙ رهندو هو، ان سان رهاڻ ٿين جيڪو روزانو صبح جو کين هڪ نئون ”ڏهر“ ٺاهي ٻڌائيندو هو. جتان کين شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو. اتان واپس اچڻ بعد هڪ ڏينهن هالا جي اُتر طرف شڪار تي وڃڻ جو اتفاق ٿين جتي في البديهه جهونگاريندي زبان تي کين هيءُ سٽون آيون ته:

ياالـــٰهي يار  مون  ايندو  ڪڏهن،

درد دل جو دورهي ٿيندو ڪڏهن.

۽ هيءُ شعر ئي سندن شاعريءَ جون ابتدائي سٽون هيون، ان زماني ۾ محمّد صديق ”مسافر“ ٽنڊي باگي وارو اڪثر هالا ۾ ايندو رهندو هو. تنهن سان مخدوم صاحب جن جون شاعريءَ متعلق رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، محمّد صديق ”مسافر“ کانسواءِ الهه بخش عقيلي، حافظ احسن چنا، محمّد سبحان ”خاڪ“، ڊاڪٽر محمّد ابراهيم ”خليل“، ”محمّد بچل ”محبوب“، اسدالله شاهه ”بيخود“، محمّد خان  غني، اختر هالائي، علي محمّد خالدي، پير شاهه نواز شاهه عرف ”عارف الموليٰ“ ڊٺڙائي، صاحبزاده امداد عباس جهوڪ شريف وارو، احمد خان آصف مصراڻي، صوفي ساجد سرشاري، محمّد جمن هالو، جمع خان غريب، سيد احسن الهاشمي، انور هالائي، منصور ويراڳي ۽ ٻين شاعرن، اديبن ۽ سگهڙن سان پڻ سندن شاعريءَ تي رهاڻيون ٿينديون هيون.

مخدوم طالب الموليٰ شاعريءَ ۾ پهريائين تخلص ”بيوس“ پوءِ ”فراق“، محمّد زمان، طالب، زمان شاهه استعمال ڪندا هئا، ليڪن آخر ۾ 1949ع کان هميشه لاءِ ”طالب الموليٰ“ تخلص رکي ڇڏيائون.

مخدوم طالب الموليٰ جن 1931ع کان 1934ع وارن سالن جي وچ ۾ شاعري شروع ڪيائون. پاڻ 1936ع ۾ هالا ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو بنياد رکيائون. 1946ع ۾ جڏهن سنڌ جي جماعت ”جميعت الشعراء“ وجود ۾ آئي ته پاڻ ان جا ميمبر ٿي رهيا ۽ ان ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکيائون. 1950ع ۾ ”جميعت الشعراء سنڌ“ جي حيدرآباد واري شاعرن جي ڪانفرنس ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي ”محبوب الشعراء“ جو لقب ڏنو ويو. ساڳي جماعت ”جميعت الشعراء سنڌ“ 1952ع ۾ جيڪب آباد واري اجلاس ۾ مخدوم صاحب جن کي ”جمعيت الشعراء سنڌ“ جو سرپرست ۽ 1957ع ۾ گهوٽڪي واري اجلاس ۾ ”جمعيت الشعراء سنڌ“ جو سرپرست ۽ ان سان گڏوگڏ صدر پڻ مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائون ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪيائون. ان کان اڳ 1950ع ۾ ماهوار رسالو ”فردوس“ ۽ 1952ع ۾ ”طالب الموليٰ“ سندن سرپرستي هيٺ جاري ٿيا. مارچ 1955ع کان سنڌي ادبي بورڊ هڪ خودمختيار اداري جي شڪل ورتي ته پاڻ ان جا ميمبر رهيا ۽ پوءِ ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين پڻ رهيا. نومبر 1955ع ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ جو بنياد رکيائون. پاڻ هڪ پريس ”الزمان“ جي نالي سان قائم ڪيائون، جنهن مان هفتيوار اخبار ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ جاري ٿيون.

مخدوم طالب الموليٰ جن ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ ۽ ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جا ميمبر ۽ يادگار ڪائونسل جا نائب صدر رهيا. 1954ع ۾ سندن سرپرستي هيٺ ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو ۽ 1955ع ۾ راڳ ڪانفرنس پڻ ڪوٺايائون. مخدوم صاحب راڳ جي تربيت مشهور گويي استاد سينڌي خان کان حاصل ڪئي. کين ڪافيءَ تي وڏو عبور حاصل هو. سندن ڪافي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جتي سنڌي رهن ٿا، اتي نهايت شوق سان ڳائي وڃي ٿي.

پاڻ اندازاً پوڻا ٻه لک شعر چيا آهن.

مخدوم طالب الموليٰ جي سياسي زندگي:

مخدوم طالب الموليٰ جن سياسي تربيت ۽ رهنمائي پنهنجي چاچي مخدوم غلام حيدر صديقيءَ کان حاصل ڪئي، ۽ هڪ بهترين سياستدان، وفادارساٿي ۽ تعميري سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا. 1951ع ۾ 31 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتائون. مخدوم صاحب جن پهريائين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ 1953ع ۾ بنا مقابلي جي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا. صدر ايوب خان جي مارشل لا بعد قومي اسيمبليءَ جا ميمبر منتخب ٿيا. 1967ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب مسلم ليگ ڇڏي صدر ايوب خان جي خلاف تحريڪ هلائي ۽ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ به مسلم ليگ ڇڏي ان تحريڪ ۾ شامل ٿيا ۽ ڀُٽي صاحب جي ٺاهيل پارٽي ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ ۾ شامل ٿيا. جيڪا پارٽي حقيقت ۾ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي پهرين درسگاهه هئي. مخدوم صاحب جن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نه صرف بنيادي ميمبر بنايو ويو، پر کين پارٽيءَ جو مرڪزي  ميمبر ۽ سينئر وائيس چيئرمين پڻ مقرر ڪيو ويو،  ۽ مسلسل آخري عمر تائين يعني اٽڪل 25 سال پارٽيءَ سان وفادار رهيا ۽ سندن خاندان اڄ به پارٽيءَ سان گڏ آهي.

مخدوم طالب الموليٰ جن 1970ع ۽ 1977ع ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا.

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلام جو نمونو:

1- مٺا مير مرسل ولهين جو تون والي

وريو تو وٽان ڪو سوالي نه خالي

ڪنن ڪوجهڙن جو هلي ڪونه حيلو

تون ئي عيبدارن جو واهر وسيلو

مڙئي توکي پرتا هي عالي موالي

تون ئي طالب جو! ٻيو ڪير آهي

محمّد مٺا هاڻ پرواه ناهي

سندم لڄ ۽ لڏ سڀ سڄڻ تو سنڀالي

مٺا مير مرسل ولهين جو تون والي.

2- بي تحرڪ زندگي بيڪار آ

                                                      بي عمل انسان ڄڻ بيمار آ.

3- ٿا دنيا ۽ عقبيٰ جا طلب مرن

    مگر طالب الموليٰ  آهي امر.

4- زماني جي هوا بدلي شفيق و مهربان  بدليا

    نه بدليو طالب الموليٰ زمين و آسمان بدليا.

5- ڪندي ڇا اسان کي  پيري اميري

 اسان لاءِ ڪافي، فضيلت فقيري.

مخدوم طالب الموليٰ جون تصنيفون ۽ ترجما:

  • ”يادِ رفتگان“، سال 1953
  • ”مثنوي عشق و عقل“، سال 1956ع
  • ”ڪافي“ پهريون ڇاپو، سال 1958ع
  • ”بي پير اکيون“، سال 1987ع
  • ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ (بيت ۽ ڪافيون) پهريون ڇاپو، سال 1971ع
  • ”آبِ حيات“ ڪافيون ۽ بيت.
  • ”ديوانِ طالب الموليٰ“ ، سال 1982ع
  • ”ڪچڪول“ ڪافيون ۽ بيت، سال 1955ع
  • ”بهار طالب“ نعتيه شاعري.
  • ”رباعيات طالب“، سال 1949ع
  • ”امام غزاليءَ جا خط“، سال 1953ع
  • ”لغات سنڌي“ مخففات، سال 1954ع
  • ”اسلامي تصوف“، سال 1951ع
  • ”چُهنڊڙيون“ پهريون ڇاپو 1990ع
  • ”خودشناسي“ ترجمو
  • سنڌ جو شڪار“.
  • ”يار خاطر“.
  • ”مضامين طالب الموليٰ“.
  • سماع العاشقين في سرور الطالبين“.
  • ”سدا وسين سنڌڙي“ سنڌي بيت، سال 1990ع.
  • شانِ سروري (نعتيه ڪلام) سال 1962ع.
  • ”مشاهيرن، اديبن ۽ دوستن جا خط“ جيڪي سندن ڏانهن لکيل آهن.
  • ”ڊائريون“ 1940ع کان 10- جنوري 1997ع تائين ترتيب ڏئي ويا.
  • ”شيطان“ سال 1951ع.
  • ”مصري جون تڙون“ (اقوال)
  • ”منهنجو ننڍپڻ“ (آٽوبايوگرافي).

حضرت مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ کي سياسي، سماجي، علمي و ادبي خدمتن جي مڃتا طور تمغهء پاڪستان، هلال امتياز ۽ شاهه عبداللطيف ايوارڊ ڏنا ويا.

مخدوم محمّد زمان سادس ”طالب الموليٰ“ 11- جنوري 1993ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

آخر ۾ هنن ئي سٽن تي مضمون جي پڄاڻي ڪندس:

جنهن سنڌي ادب کي سيراب ڪيو

سچي سياست کي اختيار ڪيو

جو سنڌي ٻولي کي سينگاري ويو

سنڌ ساري کي مهڪائي ويو

سو سنڌ سان ساٿ نڀائي ويو

سچ جو سبق سيکاري ويو.

رسول بخش گچيرائي/حافظ احمد انڍڙ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!