Syed Miran Muhammad

“ سنڌي ادبي بورڊ سان عشق جي انوکي ڪهاڻي“

سنڌي ادبي بورڊ جي اهميت ۽ عظمت جا قائل تہ ڪيترا آھن، پر عملي طور تي ان سان بي لوث عشق ڪرڻ وارا ڪي ڪي ٿي گذريا آھن. انهن ۾ سر فهرست مخدوم طالب المولى ا ۽ سيد ميران محمد شاه جا نالا اچن ٿا. سندن سنڌي ادبي بورڊ سان عشق جون ڳالهيون ٻڌائئيندي ڳاٽ اوچو ٿي وڃي ٿو. اچو تہ شروعات سيد ميران محمد شاه جي عشق جي ڪهاڻئ سان ڪريون.
سيد ميران محمد شاه ڪو معمولي ماڻھو ڪونہ هئو. هو بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو. سنڌ اسيمبلئ جو اسپيڪر ٿي رهيو، 1940 ۾ جڏهن “ مرڪزي صلاحڪار بورڊ “ ٺھيو تہ ان جو چيئرمن ٿيو. ان ڏينهن کان وفات تائين سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو.

سنڌي ادبي بورڊ کي ڪم ڪار ۽ انتظام جي حوالي سان وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي تہ کيس بورڊ جي اعزازي سيڪريٽرئ ٿيڻ لاء چيو ويو. بورڊ جي چيئرمن رهندڙ ۽ سنڌ اسيمبلئ جي اسپيڪر رهندڙ ھن عظيم انسان ڪو عار محسوس نہ ڪيو ۽ پورو سال بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو. هن ڀلي انسان ڪو بورڊ جي اوڻائين ۽ غلطين جي ڪا کوٽ ڪري مفت ۾ جمعداري نہ ڪئي. پر انهن کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ بورڊ جي گاڏئ کي پٽڙيئ تي آندائين. سلام آھي سنڌي ادبي بورڊ جي بي لوث مثالي عاشق کي.

More Stories

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!