خان بهادر محمد ايوب کهڙو

1 min read

خان بهادر محمد ايوب کهڙو

پيدائش: 15 آگسٽ 1901ع- وفات: 1980ع

چيئرمين: 1955ع – 1961ع

محمد ايوب کهڙو 15 آگسٽ 1901ع مطابق 29 ربيع الثاني 1320هه خميس ڏينهن لاڙڪاڻي تعلقي جي عاقل ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد رئيس شاهه محمد خان کهڙو پنهنجي ضلعي جو نامور ۽ بااثر زميندار هو.

کهڙي صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مدرسه ۾ داخلا ورتائين. جتان ڇهه درجا پاس ڪري، اچي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ 1920ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جتان صرف پهريون سال پاس ڪري ڪن مجبورين سبب تعليم اڌوري ڇڏي اچي زمينداري ڪرڻ لڳو.

سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم:

کهڙو صاحب پرنسپال وائنس جي زماني ۾ مدرسي جو شاگرد رهيو. هن دور ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو جنهن ۾ سيد ميران محمد شاهه، مير الهه بخش خان، محمد هاشم گزدر، ڊاڪٽر حاجي ۽ قاضي فضل الله جا نالا قابل ذڪر آهن.

اهو وائنس، جي شخصيت، تدبر ۽ انتظام جو نتيجو هو، جنهن ڪري سنڌ مدرسة الاسلام پنهنجي شاگردن جي شخصيت ۽ ڪردار جي تڪميل لاءِ موقعا فراهم ڪيا. ”اولڊ بوائز ايسوسيئيشن“ مدرسه جي شاگردن کي ٻاهرين دنيا سان ڳنڍي رکيو ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي، توڙي ٻين غير نصابي سرگرمين شاگردن کي پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ جون سهولتون ڏنيون. کهڙو صاحب نصابي ڪمن سان گڏ انهن غير نصابي شغلن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. هي صاحب پنهنجي دور جو وڏو منتظم ۽ مدبر سياستدان سڏيو وڃي ٿو. سندس انهن لياقتن ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو وڏو هٿ آهي.

محمد ايوب کهڙو نه رڳو سنڌ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو، پر عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به سالن جا سال مدرسه بورڊ سان وابسته رهيو. پاڻ 1927ع کان وٺي 1931ع تائين سنڌ مدرسه بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو ۽ وقت بوقت مدرسي جي مالي مدد به ڪندو رهيو. 1943ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسه آرٽس ڪاليج کوليو ويو ته کهڙي صاحب پنج هزار رپيا چندو ڏنو.

سياست ۾ حصو:

محمد ايوب کهڙي 1924ع کان سياست ۾ قدم رکيو ۽ مطالعي هيٺ آيل دور تائين سنڌ جي سياست تي ڇانيل رهيو. 1924ع ۾ هو پهريون دفعو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي لاڙڪاڻي ضلع مان چونڊجي ويو. انهيءَ ساڳي عهدي تي 1936ع تائين قائم رهيو. ’بمبئي ڪائونسل‘ ۾ ڪيترن ئي سليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين ۽ هوشيار پارليامينٽرين مان هڪ ٿي پيو.

هي صاحب 1928ع کان ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو ميمبر ٿيو ۽ 1935ع تائين انهيءَ جماعت سان وابسته رهيو. هن انهيءَ جماعت ۾ ڪيتري وقت لاءِ وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو.

”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۾ شموليت واري زماني ۾ سنڌ ۾ بمبئيءَ کان عليحدگي واري تحريڪ هلي رهي هئي. هن تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين اڳواڻن به چڱو بهرو ورتو پر انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا جدوجهد کهڙي صاحب ڪئي، سا سنڌ جي آزادي جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکي ويندي.

صاحب موصوف سنڌ جي جدائي جو آواز نه فقط سنڌ ۾ بلند ڪيو، پر بمبئي ڪائونسل ۾ به انهيءَلاءِ لڙندو رهيو، نه فقط ايترو ڪيائين، پر لنڊن وڃي جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان انهيءَ تحريڪ جي تائيد ۾ ناقابل ترديد انگ اکر پيش ڪيائين. سنڌ جي متعصب مگر ذهين هندو ليڊر پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جي اعتراض جا باطل شڪن جواب ڏنائين. ان کانسواءِ برطانوي عوام جي اخلاقي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ معقول ۽ مدلل تقريرون ڪيائين، اخبارن جي تائيد حاصل ڪرڻ لاءِ پرزور پريس بيان جاري ڪندو رهيو.

سال 1928ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ، ’سرجان‘ سائمن جي سرڪردگي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي هئي ته جاچ ڪري ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي ردوبدل ڪجي. 1929ع جي ابتدا ۾ سائمن ڪميشن ڪراچي ۾ وارد ٿي. انهيءَ ڪميشن جي اڳيان ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي سفارش کهڙي صاحب جي سرڪردگي ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ آئي. جنهن زور دار نموني ۾ سنڌ صوبي جي عليحدگي جو مطالبو پيش ڪيو.

پهرين گول ميز ڪانفرنس جا 12 نومبر 1930ع کان 19 جنوري 1931ع تائين لنڊن ۾ هلي هئي، تنهن سنڌ جي مالي معاملي ۾ تحقيقات ڪرڻ لاءِ مسٽر ’مائيلس ارونگ‘، جي زير صدارت هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، انهيءَ ڪاميٽي آگسٽ 1931ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ اچي جاچ ڪئي. ڪاميٽي تي ٻيو انگريز ميمبر مسٽر هئرسن هو. انهيءَ ڪاميٽي اڳيان سنڌ جي مسلمانن جي طرفان کهڙي صاحب، سر حاجي عبدالله هارون، ميان الهه بخش خان سومري ۽ سيد ميران محمد شاهه شاهديون ڏنيون.

ٻئي گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ سيپٽمبر 1931ع کان ڊسمبر 1931ع تائين هلي. انهيءَ ڪانفرنس جي فيصلي موجب ۽ انگلينڊ جي وزيراعظم جي اعلان مطابق هند سرڪار اپريل 1932ع ۾ مسٽر ’برين‘ جي صدارت هيٺ سنڌ جي هندو مسلم نمائندن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ته سنڌ جي جدائي جي سلسلي ۾ 97 لک ۽ 40 هزارن رپين جي جيڪا کوٽ ’مائيلس ارونگ‘ ڪاميٽي ظاهر ڪئي آهي، سا ڪيتري قدر ٺيڪ آهي ۽ ان جي ڪهڙي نموني ۾ پورائي ڪجي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ کهڙي صاحب مسلمانن جي طرفان بهرو ورتو. جنهن جو اقرار صدر خود پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو هو. ”برين ڪانفرنس“ پنهنجو ڪم مئي 1932ع ۾ ختم ڪيو ۽ جون 1932ع ۾ هند سرڪار کي رپورٽ موڪلي.

16 نومبر 1932ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس سڏائي وئي، جنهن جو صدر علامه عبدالله يوسف علي هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائي جو ٺهراءُ پاس ڪري، ان جا نقل هند سيڪٽريٽري ۽ انگلينڊ جي وڏي وزير ڏانهن ولايت موڪليا ويا. انهيءَ ڪانفرنس هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي هئي، جنهن جو نائب صدر کهڙي صاحب کي منتخب ڪيو ويو ۽ انهيءَ عهدي تي 1936ع تائين رهيو.

مارچ 1933ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ هندستان جي حڪومت جي مسودي تي غور ڪرڻ لاءِ جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، جنهن اپريل 1933ع ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي صدر ڏانهن تار موڪلي ته جيئن هڪ نمائندو موڪليو ته اچي سنڌ جي مسلمانن طرفان شاهدي ڏي. انهيءَ تي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ کهڙي صاحب کي منتخب ڪري موڪليو. کهڙي صاحب 20 جولاءِ 1933ع تي لنڊن ۾ جوائنٽ پارليامينٽري اڳيان زبردست شاهدي ڏني.

اڃان انهيءَ ”جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي“ پنهنجي ڪارروائي لنڊن ۾ پي هلائي ته هتي هند سرڪار پنهنجي هڪ انتظامي ڪاميٽي ”سرڊو“ جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي. اها ڪاميٽي 17 آڪٽوبر 1933ع جي ڪراچي ۾ ويٺي جنهن جا ميمبر محمد ايوب خان کهڙو ۽ حاجي عبدالله هارون هئا. کهڙي صاحب انهيءَ ڪاميٽي اڳيان پنهنجي رپورٽ 6 مارچ 1934ع تي هند سرڪار کي پيش ڪئي. جنهن ۾ سفارش ڪئي ته جيستائين نوان سڌارا ملڪ ۾ مروج ڪيا وڃن، تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال اڳ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو وڃي.

جولاءِ 1934ع جي ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي ٻئي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ شيخ غلام حسين هدايت الله جي زير صدارت ٿي. هن ڪانفرنس پنهنجو نائب صدر کهڙي صاحب کي منتخب ڪيو.

کهڙي صاحب سنڌ جي عليحدگي جي تحريڪ جو ساٿ هر حال ۾ ڏنو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس تصنيف “A story of the sufferings of Sindh” سنڌ جي سياسي ادب ۾ اڄ به اهم ۽ اعليٰ مقام رکي ٿي.

اپريل 1936ع ۾ جيئن سنڌ صوبي بمبئي علائقي کان عليحده ٿيو ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر لانسيلاٽ گراهم صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ في الحال هڪ صلاحڪار ڪائونسل بڻائي، تڏهن کهڙو صاحب به ان ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ ان عهدي تي اپريل 1936ع کان مارچ 1937ع تائين رهيو.

1938ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. ان وقت ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ عملي طور تي بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. انهيءَ ڪري کهڙي صاحب وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هو صاحب 1938ع کان 1947ع تائين ’آل انڊيا مسلم ليگ‘ ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٿي رهيو. 1938ع کان 1942ع تائين صوبه سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ 1942ع کان 1943ع تائين ان جو صدر رهيو. وري ڊسمبر 1948ع کان نومبر 1957ع تائين نوَ سال ساندهه بنا ڪنهن مقابلي جي سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو.

1936ع ۾ جڏهن سنڌ جدا ٿي، ته هڪ سال پوءِ 1937ع ۾ ”سنڌ ليجسليٽو“ اسيمبلي جون عام چونڊون ٿيون، ته هي صاحب لاڙڪاڻي شهر ۽ تعلقي جي تڪ مان چونڊجي آيو. جڏهن سنڌ ۾ ڌار صوبائي حڪومت ٺهي ۽ صوبي کي خودمختياري ملي ته کهڙي صاحب نئين دور جي سياست ۾ حزب اختلاف جي ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي نئين سياسي زندگي جي ابتدا ڪئي. هي صاحب جنوري 1939ع کان مارچ 1940ع ۽ پوءِ مارچ 1941ع کان آڪٽوبر 1942ع تائين مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿي رهيو. هو صاحب 1955ع تائين مختلف وقتن تي ڪابينه جي ميمبر کان ويندي وڏي وزير جي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ جو وچور هن ريت آهي:

  1. مير بنده علي خان جي وزارت ۾- مارچ 1940ع کان مارچ 1941ع تائين- پي. ڊبليو. ڊي کاتي جو وزير
  2. سر غلام حسين شيخ جي وزات ۾- آڪٽوبر 1942ع کان سيپٽمبر 1944ع تائين- روينيو ۽ امداد باهمي کاتن جو وزير
  3. سر غلام حسين شيخ جي وزارت ۾ – فيبروري 1946ع کان جولاءِ 1947ع – ڊپٽي چيف منسٽر ۽ پي. ڊبليو. ڊي کاتي جو وزير

قيام پاڪستان کان پوءِ:

(الف) آگسٽ 1947ع کان اپريل 1948ع تائين –        چيف منسٽر سنڌ

(ب) مارچ 1951ع کان ڊسمبر 1952ع تائين –          چيف منسٽر سنڌ

(ٻ) مارچ 1954ع کان 1955ع تائين                     چيف منسٽر سنڌ

(پ) 1956ع کان آڪٽوبر 1958ع تائين                  روينيو وزير مغربي پاڪستان

ون يونٽ جي زماني ۾ کهڙو صاحب ڪجهه وقت لاءِ مغربي پاڪستان جو روينيو وزير رهيو. ان کان پوءِ 1958ع ۾ سنڌ ۾ متحد محاذ قائم ڪيو ويو. جنهن جو کيس ليڊر چونڊيو ويو. جڏهن آڪٽوبر 1958ع ۾ مارشل لا لڳي ته هن صاحب تي ايبڊو تحت پابندي وڌي ويئي، ۽ پاڻ ڪيترو ئي وقت سياست کان ڪناره ڪش رهيو. وري 1970ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته هن صاحب لاڙڪاڻي تڪ مان جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان قومي اسيمبلي لاءِ مقابلو ڪيو، مگر کيس ڪاميابي نه ملي. ان بعد کهڙي صاحب سياست کان ڪناره ڪشي ڪئي.

ممتاز بخاري

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!