علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
1 min readسوانح حيات
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
1914ع – 2003ع
چيئرمين: 26 آڪٽوبر 1977ع کان 23 جنوري 1989ع
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي 1335هه برابر 1914ع ميلادي تي تعلقي ميرو خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڀنڀي خان“ ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو حافظ محمود هو. جيڪو استاد العلماء مفتي غلام صديق شهدادڪوٽي جو پڻ شاگرد هو. پاڻ اڃا ٽن سالن جا مس ٿيا ته سندن والد بزرگوار هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. جنهن بعد سندس پرورش ڏاڏي رئيس پياري خان ڪئي. پاڻ جڏهن پنجن ورهين جا ٿيا ته پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي ”تحفيظ القرآن“ ۾ پڙهڻ ويٺا. ناظره قرآن ڪريم ۽ ڪجهه فارسيءَ جا شروعاتي ڪتاب مولانا فتح محمد صاحب سيراني کان پڙهيا. پوءِ وقت جي مشهور عالم مولانا خوش محمد ميرو خانيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. فارسي جا ڪتاب (گلستان بوستان) تائين مولانا محمد نواز سيٺار وٽ پڙهيا. علامه قاسمي صاحب فارسيءَ جا رهيل باقي ڪتاب يعني زليخا، جامي ۽ سڪندر نامو مولانا خوش محمد ميروخانيءَ وٽان پڙهي فارسيءَ جي نصاب جي تڪميل ڪيائون ۽ ارشاد الصرف کان هداية النحو ۽ قدوري وغيره تائين وٽس پڙهيا. ان وچ ۾ ڪُور سليمان جي مدرسي ”دارالفيض“ ۾ پڙهائيندڙ استاد علامه عبدالڪريم ڪورائيءَ جي علم جي وڏي هاڪ ٻڌائون. پوءِ وٽن پڙهڻ لاءِ سندن خدمت ۾ ڪور سليمان پهچي ويا. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڏاڍا ذهين هئا. سندن حافظو بيان ڪرڻ کان ٻاهر هو. سندن چوڻ هو ته ننڍپڻ ۾ آءٌ قرآن حڪيم جي هڪ ايمي (سيپاري جو چوٿون حصو) کي ڏسي ڀيرو ڏيئي پوءِ اکيون ٻوٽي صحيح طرح پڙهي ويندو هوس. اهو ئي سبب هو ته استاد علامه قاسمي صاحب کي ”اصول الحديث“ ۾ علامه زين الدين عبدالرحيم عراقي (806هه وفات) جو لکيل ڪتاب ”الفية الحديث“ جا هزار ئي بيت ياد هئا.
علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي، علامھ عبدالڪريم ڪورائي کان درس نظامي جي تڪميل ڪرڻ بعد دارالعلوم ديوبند ويا. ٽي سال اتي رهي هيٺين استادن کان فيض حاصل ڪيائون.
دارالعلوم ديوبند ۾ سندن استاد هئا:
- مولانا حسين احمد مدني 2. علامه محمد ابراهيم بلياوي، 3. علامه شبير احمد عثماني، 4. مولانا اعزاز علي ديوبندي، 5. مولانا قاري محمد طيب ديوبندي، 6. مولانا سيد اصغر حسين ديوبندي، 7. شيخ الحديث مولانا محمد ادريس ڪانڌلوي، 8. مولانا مفتي محمد شفيع صاحب.
سال 1941ع ۾ علامه قاسمي صاحب جو دارالعلوم ديوبند مان فراغت بعد جڏهن پنهنجي وطن سنڌ ڏانهن واپس وريا ته درس ۽ تدريس ۾ مشغول ٿيا. سالاني موڪلن دوران پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان هيٺيان ڪتاب پڙهيا:
حجة الله. البدور البازغھ. سطعات. همعات- لمهات- عبقات- الخير الڪثير ۽ علامه محمد قاسم نانوتوي جو جڳ مشهور ڪتاب ”آبِ حيات“.
علامه قاسمي صاحب جو درس تدريس:
- دارالسعادت گورو پهوڙ ۾ ٽي سال – آڪٽوبر 1941ع کان جولاءِ 1944ع
- بيت الحڪمت، ميرپور ڀٽو ۾ ٽي سال – ڊسمبر 1944ع کان جون 1947ع
- مدرسھ قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ هڪ سال – آگسٽ 1947ع کان جون 1948ع
- مدرسھ مظهر العلوم کڏهه مارڪيٽ ڪراچي ۾ (شيخ الحديث)، چار سال- آگسٽ 1948ع کان جون 1951ع
علامه قاسمي صاحب جي شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي انهن مان چند مشهور نالا هيٺ ڏجن ٿا.
مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو. سيد محب الله شاهه راشدي پير جهنڊو، مفتي غلام قادر ميمڻ کاهي وارو، مولانا عبدالغفار ڪورائي، حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي ڪراچي وارو، مولوي الهورايو بروهي، مولوي عزيز الله جروار، مفتي عبدالوهاب چاچڙ، ايڊيٽر ماهوار شريعت، سکر، سيد خليل احمد شاهه، گهوٽڪي، ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو.
علامه قاسمي صاحب جون علمي خدمتون
- سنڌ مدرسة الاسلام ۾ خدمتون – 1954ع کان 1958ع
- سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، ليڪچرار- 6 سال 1958ع کان 1963ع
- شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ۾ خدمتون (39 سال) – 1963ع کان 2002ع
- چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ (11 سال) – 1978ع کان 1989ع
- چيئرمين رؤيت هلال ڪاميٽي آف پاڪستان
- ميمبر صوبائي مجلس
- ميمبر صوبائي زڪواة عشر ڪاميٽي
- ميمبر مرڪزي زڪواة و عشر ڪاميٽي
- ايڊيٽر ماهوار ”الرحيم“ (سنڌي)
- ايڊيٽر ماهوار ”الولي“ (اردو)
- ايڊيٽر ماهوار ”الرحيم“ (اردو)
علامه قاسمي صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون
- مقالات قاسمي
- مٺو مرسل
- مفيد الطلباء في شرح تعريفات الاشياء- (عربي)
- سماجی انصاف اور اجتماعیت شاہ ولی اللہ کی نظر میں- (اردو)
- قرآن پاڪ- فارسي ترجمو، مخدوم نوح (ايڊيٽنگ ۽ مقدمو)
- قرآن پاڪ- فارسي ترجمو، شاهه ولي الله (سنڌي ترجمو)
- قرآن پاڪ – ترجمو مولانا محمد مدني (حواشي)
- شاهه جو رسالو (ترتيب، معنيٰ ۽ سرن جي سمجهاڻي)
- شاهه جو رسالو (شمس العلماء دائودپوٽو- 13 سرن جي ترتيب ۽ معنيٰ)
- فتح الفضل – ملفوظات، خواجه محمد زمان رحه (سنڌي ترجمو)
- الانصاف – شاهه ولي الله (سنڌي ترجمو)
- فتح الرحمان، فارسي، شاهه ولي الله (سنڌي ترجمو)
- سطعات – فارسي شاهه ولي الله (سنڌي ترجمو)
- وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب ﷺ – مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (سنڌي ترجمو)
- وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب ﷺ- فضائل و تاريخ اهلبيت- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (اردو ترجمو)
- الخير الڪثير – شاهه ولي الله (تحقيق، مقدمو ۽ اردو ترجمو)
- قصص انبياء کی رموز اور ان کی حکمتیں- شاہ ولی اللہ (اردو ترجمہ)
- التمهيد (عربي) ملانا عبيدالله سنڌي (تصحيح ۽ مقدمو)
- مختصر القدوري (عربي) (ايڊيٽنگ، مقدمو ۽ حواشي)
- امعان النظر شرح نفخبة الفڪر – (عربي) محمد اڪرم نصرپوري (ايڊيٽنگ، مقدمو ۽ حواشي)
- بهجة النظر شرح علي نفخبة الفڪر (عربي) ابوالحسين صغير (تحقيق، تصحيح ۽ مقدمو)
- لمعات – (عربي) شاهه ولي الله (تحقيق ۽ مقدمو)
- همعات (عربي) شاهه ولي الله (تحقيق ۽ مقدمو)
- التفهمات الاهيھ (عربي) شاهه ولي الله (تحقيق، مقدمو ۽ حواشي)
- تاويل الاحاديث (عربي) – شاهه ولي الله (تحقيق ۽ مقدمو)
- سطعات (فارسي) شاهه ولي الله (تصحيح ۽ مقدمو)
- غنية البشر (عربي) مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (تحقيق، ايڊيٽنگ ۽ مقدمو)
- ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول- (عربي) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (ترتيب ۽ مقدمو)
- ديني ڪتابن جو ڪيٽالاگ (تحقيق ۽ ترتيب)
- الهام الرحمٰن في تفسير القرآن (عربي) شاهه ولي الله (تحقيق ۽ ترتيب)
- المتانة في مرمة الخزانة- (عربي) مخدوم جعفر بوبڪائي (عربي) (مقدمو، حاشيو ۽ تحقيق)
- فرائض الاسلام (عربي) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (مقدمو ۽ حاشيو)
- البدور البازغھ- عربي، شاهه ولي الله (مقدمو ۽ حاشيو)
- انباء الانباء في حياة الانبياء (عربي) مخدوم ابو الحسن صغير (مقدمو ۽ حاشيو)
- ڪچڪول نامو – مخدوم ابو الحسن (مقدمو ۽ حاشيو)
- تمدن عرب- تفسير سورة صبا، مولانا عبيدالله سنڌي (ترتيب)
- قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير
- قرآن حڪيم جون خصوصيتون- مولانا ڪوثر نيازي (سنڌي ترجمو)
حافظ احمد انڍڙ