محمد ابراهيم جويو

1 min read

محمد ابراهيم جويو

13- آگسٽ 1915ع – 9 نومبر 2017

چيئرمين: 22 ڊسمبر 1996ع – 12 جولاءِ 2002

تعارف:

محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو 13 آگسٽ 1915ع، ڳوٺ ’آباد‘ (لڳ تيرٿ لڪي، هاڻي لڪي شاهه صدر) تعلقو ڪوٽڙي، ضلعو ڄام شورو ۾ ڄائو. پرائمري چار درجا سنڌي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’آباد‘ ۾ پڙهيو. پنجون ۽ ڇهون درجو سنڌي: پرائمري اسڪول لڪي شاهه صدر ۾ پڙهيو. 17 اپريل 1927ع تي سَن جي اي.وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. پنجين کان ستين درجي تائين سنڌي ٽي درجا انگريزي: اي.وي اسڪول سَن ۾ پڙهيو.  1930ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين جتي چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ ستون درجو انگريزي پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو. مئٽرڪ، سنڌ مدرسي مان 1934ع ۾ پاس ڪيائين ۽ سڄي دادو ضلعي (تڏهن ڪراچي به دادو ضلعي ۾ هئي) ۾ ٻيو نمبر اچي، ويهه رپيا ماهوار، اسڪالر شپ حاصل ڪيائين.  1934ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ پهرئين سال‘ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1938ع ۾ بي.اي پاس ڪيائين.

ملازمت

اپريل، 1938ع ۾ ئي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ طور مقرر ٿيو. ٻه سال پڙهائڻ بعد، 1940ع ۾، سنڌ مدرسي طرفان گورنمينٽ اي.ٽي. ڪاليج بمبئيءَ بي. ٽي. (B.T) پڙهڻ ويو. 1941ع ۾ بي.ٽي پاس ڪري موٽڻ بعد، سنڌ مدرسي ۾ موٽي اچي ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ طور، 1947ع تائين پڙهايائين.  جون 1947ع ۾، سنڌ مدرسي ۾ ملازمت دوران ڪتاب Save Sindh Save the Continent from Feudal lords, capitalists and their Communalisms لکڻ ڪري، سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر (۽ سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم) پير الاهي بخش سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو. سيپٽمبر 1947ع جي آخر ۾، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئن موليڏني عباسيءَ جي آڇ تي ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ ٻه سال اُتي 200 روپين ماهوار پگهار تي پڙهايائين.  ٺَٽو ميونسپل هاءِ اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ اچڻ بعد، 1 جون، 1949ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد ۾’اسسٽنٽ ماسٽر‘ طور بدلي ٿي آيو، ۽ ٻه سال هتي رهيو. جولاءِ 1951ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان بدلي ٿي، ڪلاس II، گزيٽيڊ آفيسر طور، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان، ’هاءِ پاوَر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر‘ جي سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين.  ڊسمبر 1951ع ۾، اُن ڪاميٽيءَ جي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نالي بدل سان، بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جتي 1961ع تائين جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين.  سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريشپ دوران، ٻه سال 56-1955ع بورڊ جي ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين، جتي جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪيائين. ’مهراڻ‘ جو هيءُ دور، يادگار دور ليکيو وڃي ٿو.  فيبروري، 1961ع  ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن سنڌ، حيدرآباد ۾ ’پبليڪيشن آفيسر‘ ٿي رهيو.

نومبر 1962ع ۾ ساڳئي عهدي سان او. ايس. ڊي (O.S.D) ويسٽ پاڪستان، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، لاهور، مقرر ٿيو ۽ ڪجهه وقت تائين اُتي ڪم ڪيائين.  مارچ، 1963ع ۾ او. ايس. ڊي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (ائٽ حيدرآباد) طور حيدرآباد، ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽا ريجنن لاءِ ڪم ڪيائين. ساڳئي سال کيس اضافي طور سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جون جوابداريون ڏنيون ويون، جنهن اعزازي عهدي تي به 1963ع کان 8 آگسٽ 1967ع تائين پنج سال رهيو. جولاءِ 1967ع ۾، سرڪار کيس بدلي ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر ڪري رکيو.  مارچ، 1968ع ۾ بدلي ٿي، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال رهيو.  نومبر 1969ع ۾، ون يونٽ جي خاتمي جي فيصلي سان، واپس سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل اگزئمينيشنز، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن سنڌ، حيدرآباد، مقرر ٿيو. سيپٽمبر 1970ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن (اسڪولس)، سنڌ، حيدرآباد ٿي رهيو. فيبروي 1971ع ۾، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. سيپٽمبر 1971ع کان جولاءِ 1972ع تائين  انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور ڊويزن عهدي تي رهيو.  سيپٽمبر 1972ع ۾ او. ايس. ڊي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو، جتان 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين.  13 آگسٽ 1973ع کان 30 جون 1974ع تائين ڏهن مهينن لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر رهيو.

مختلف ادارن سان وابستگي:

سنڌي ادبي سنگت (56-1954ع) جو اهم اڳواڻ رهيو آهي ۽ حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. 1973ع ڌاري سنڌ جي ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏ ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ ٺاهيائين؛ جنهن جو پاڻ صدر ٿيو ۽ اُن طرفان هن وقت تائين چاليهارو ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. 1978ع ۾ ’سنڌ فرينڊس سرڪل‘ قائم ڪري، ان طرفان ويهارو ڪتاب ۽ڪتابچا ڇپائي چڪو آهي. ’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ‘ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ ۽ بعد ۾ پريزيڊنٽ رهيو.  1995ع ۾ سندس دوست ۽ ساٿي، سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ م ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد‘، جو بنياد پيو، جنهن جو پاڻ وائيس چيئرمئن ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو آهي.  1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي چيئرمئن رهيو. 1998ع کان 2000ع تائين ’سنڌيلئنگئيج اٿارٽيءَ، جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو.  1998ع کان 2002ع تائين ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ جي مالي ڪاميٽيءَ، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1998ع ۾ ’شيخ اياز فائونڊيشن‘ جو قيام عمل ۾ آيو، ته کيس اُن جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.  ’شيخ اياز چيئر‘، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو 2000ع کان ٽن سالن تائين ميمبر رهيو. ’ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد‘ جو هڪ وڏي عرصي کان وٺي وائيس پريزيدنٽ رهندو اچي. ’سنڌ ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ‘ جو نائب صدر رهي چڪو آهي.

جويي صاحب جا ڪي اهم شاگرد:

عبدالله جي. ميمڻ، علي احمد بروهي، رسول بخش پليجو، رئيس غلام مصطفيٰ خان، جتوئي، ڊاڪٽر آفتاب قريشي، تاج محمد قريشي، جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ، سرجن علي محمد انصاري، عبدالحفيظ لاکو، ائڊووڪيٽ، غلام علي ميمڻ، وڪيل، غلام محمد خليفو، ڄام ساقي مرحوم، شمشيرالحيدري، ابن حيات پنهور.

محمد ابراهيم جويي جو قلمي پورهيو

ڇپيل ڪتاب: طبعزاد، ترجما ۽ ترتيب:

’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب Historical Role of Islam جو سنڌي ترجمو، 1945ع.

‘Save Sindh Save the continent’ 1st Edition, June, 1947; Sindh Renaissance Association, Karachi.

’ايميلي عرف تعليم‘: (1954ع)

’سماجي اڀياس‘ (تاريخ) نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ ترجمو، حيدرآباد ريجن، آگسٽ 1961ع.

’تواريخ پاڪستان‘ (اختياري)، نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ (1962ع)

The Sindhi Instructor: Munshi Anandram (1905), Revised by: Muhammad Ibrahim Joyo, (1973).

’ٻارن جي تعليم‘ (1972ع)

’وحشي جيوت جا نشان‘ (1976ع)

’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘ ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل) (1976ع).

’فڪر جي آزادي‘ (1977ع)

National Unity: G.M. Syed, (1978).

’گليلو‘ (1977ع)

’ڪئنڊيڊ‘ تصحيح ۽ تعارف (1977ع)

’شاهه، سچل، سامي‘ (1978ع)

.ٻارن جو مسيح‘ (1980ع)

’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ (2004ع)

’عورتازاد‘  (1983ع).

’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ ترجمو (1984ع)

’علم تدريس مظلومن لاءِ‘: (1984ع)

’محڪريءَ جا مضمون‘: (1983ع) جي.ايم.محڪري (ترجمو، ترتيب ۽ پيش لفظ (1983ع)

’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘ (1985ع).

‘Sorrows of Sindh’: Dr. G. M. Mehkri (Compilation and Introduction by: Muhammad (1987).

’فرينچ انقلاب‘: (ترجمو) (1990ع)

’مُٺ مُٺ موتين جي‘: (هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ آيل مواد مان چونڊ) (1992ع).

 ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد: مضمون ۽ ترجما)؛ (1995ع).

سندھ کے صوفی شاعر (شاهه، سچل ساميءَ جو اردو ترجمو) (1997ع).

’ادب، ٻولي، تعليم‘: ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، (جلد ٻيو) (1998ع).

’خط ٻن اديبن جا‘: (عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابراهيم جويو) (1999ع).

’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون (هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، جلد ٽيون: 1992ع- 1947ع) (2002ع).

’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد چوٿون، 34 ڪتابن جا پيش لفظ)، (2003ع).

’خط ٻن اُستادن جا‘: (محمد ابراهيم جويو، غلام علي چنا) (2003ع).

Sindhu Desh, The Nation in Chains: G. M. Syed (Translation & Foreword), 2003.

A Manual of Sindhi: by Dulamal Bulchand (1901), revised by M. I. Joyo, Sindhi Language Authority (2003).

’سڏ پڙاڏو‘ سائين جي.ايم.سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)، مرتب: آزاد قاضي (2004ع).

’سنڌ جو املهه هيرو: تاج محمد ابڙو‘، سهيڙيندڙ: محمد ابراهيم جويو (2004ع).

The betrayal Sindh Bides Day for Freedom, Vol: 1, (2005).

The Betrayal Sindh Bides Days for Freedom, Vol: II, (2005).

’سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي‘: (2007ع).

’پيار، نبار ۽ اٿاهه‘، (خط استاد ۽ شاگرد عرف ٻن دوستن: ع. ق. شيخ ۽ م. ا. جويي جا) (2008ع).

’سنڌ منهنجي خوابن جي‘، (2008ع).

 ‘Shah, Sachal, Sami’, Muhammad Ibrahim Joyo, English Translation (2009).

Sindhu Desh, The Case Yet to Settle, by: G. M. Syed, Translated (2010).

’مارئي، مارو ۽ مليرَ‘ ترجمو  2010ع.

’ڇا ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟‘، سنڌي ترجمو، (2011ع).

’سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي‘ (2012ع).

On Sindh (Articles): Dr. G. M. Mehkri, Edited & compiled (2012)

My Dear Joyo Ji (Correspondence Between G M Mehkri & Mohammad Ibrahim Joyo), (2012)

’مون ڏات انوکي آندي آ‘ (محمد ابراهيم جويي جا شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ مضمون) (2012ع).

’سنڌ بچايو، کنڊ بچايو‘’Save Sindh, Save Continent…‘ جو ترجمو)، محمد ابراهيم جويو (2014ع).

اڻ ڇپيل ڪتاب:

’ننڊ نه هيريو نيڻ‘ (2009ع کان 2014ع تائين جا مهاڳ، انٽرويو ۽ ترجما)

’ڪلچر: قومي ٻڌيءَ جو بنياد‘

’منهنجا بزرگ، دوست ۽ ساٿي‘

’سنڌي ٻوليءَ جو سياسي ڪيس‘

 تيار ڪيل پڌرناما:

سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد، سنڌ، 1950ع.

سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد (انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾)، 1973ع.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد (انگريزيءَ ۾)، 1986ع،

تعليمي پڌرنامو، 2011ع

سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت،حيدرآباد پاران محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ هيٺ ڇپايل ڪتاب

’ڪنول پاڙون پاتار ۾‘ (شاعري): فتاح ملڪ، 1976ع

’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ (شاعري): شيخ اياز، 1976ع

’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘: مرتب: تاج جويو (ستر اديبن، عالمن ۽ سماجي خدمتگارن جي جي ايم سيد ڏانهن لکيل 360 خطن جو مجموعو)، جون 1977ع

’وکر سو وهاءِ‘ (ديوان عليءَ مان اقتباسات): مترجم: محبوب علي جوکيو، جنوري 1978ع

’سچ جا سنيها‘ (حضرت علي عليه السلام جي حڪمت ڀرين نصيحتن جو مجموعو): مترجم: محبوب علي جوکيو، 1978ع.

سنڌ فرينڊس سرڪل حيدراباد جا محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ ۾ ڇپايل ڪتاب ۽ ڪتابچا:

’سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکڻ کپي‘، از ڊاڪٽر مبارڪ علي، مترجم: اعجاز احمد قريشي، 1984ع.

’انساني زندگيءَ جو مقصد‘ (هڪ علمي بحث): حاجي غلام حيدر جروار (مهاڳ: محمد ابراهيم جويو)، جنوري 2000ع

’تصوف جو پيغام‘: صوفي لعل محمد شفيع محمد چانڊيو (مهاڳ: محمد ابراهيم جويو)، 2002ع

نوٽ: ان کان سواءِ جي.ايم.محڪريءَ جو ڪتاب: ’Sorrows of Sindh‘ ۽ جويي صاحب جا ڪتابچا: ’شلان جو باندي‘ (لارڊ بائرن جي طويل نظم جو ترجمو)، ’ڪريڪيولم ڇا آهي؟‘، ’سنڌ منهنجي خوابن جي‘، ’ادب ۽ سياست- عوام لاءِ‘ ۽ ’سنڌ ۽ سنڌي قوم‘ پڻ ’سنڌ فرينڊس سرڪل‘ پاران ڇپايا ويا.

شيخ اياز فائونڊيشن حيدرآباد، سنڌ جا محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ ۾ ڇپايل ڪتاب:

’جر ۾ ٿو جرڪان‘: مرتب تاج جويو (شيخ اياز جو شاهه لطيف کي نثري ۽ شعري خراج تحسين)، آگسٽ 1998ع

’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ‘ (آتم ڪهاڻي، حصو چوٿون)، شيخ اياز، آگسٽ 1988ع

’اڳتي قدم‘ (آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر: 1947ع): شيخ اياز، نئين سر گڏيل اشاعت: مهاڳ: محمد ابراهيم جويو، 2001ع

’اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀني‘ (شاعري): شيخ اياز (مهاڳ: محمد ابراهيم جويو)، ڊسمبر 2002ع

’ساميءَ ويس سلوڪڙا‘، ترتيب: تاج جويو (شيخ اياز جو ساميءَ بابت نٿري خراج ۽ ’نوان سلوڪ‘ (شاعري) ساميءَ جي نالي)، ڊسمبر 2002ع

’شيخ اياز، آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر‘: مرتب تاج جويو، مارچ 2003ع

سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد پاران محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ ۾ ڇپايل ڪتاب ۽ ڪتابچا:

’شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، سنڌ جو قومي عالم ۽ اديب‘ (ليڪچر): از: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، 1996ع.

’پڻي لوڪ: رگ ويد جي دور جا سنڌي وڻجارا، ناکئا‘ (ليڪچر): از: تاج صحرائي، آگسٽ 1996ع

’لطيف جي حيات بخش جماليات‘ (ليڪچر): از: حيدر علي لغاري، آڪٽوبر 1996ع

’سارنگ سار لهيج‘ (ليڪچر)، از: حافظ محمد بخش، 1997ع

’ماٿيلي جي مومل ۽ ڍٽ جو ڍوليو‘ (ليڪچر) از: حافظ محمد بخش، 1997ع

’دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾‘ (کير ٿر جبل- گورک چوٽي)، (ليڪچر)، از: تاج صحرائي، 1997ع

’شاهه لطيف ۽ عورت‘ (ليڪچر)، از: ڊاڪٽر فهميده حسين، 1998ع

’سر سهڻي ميهار‘ (گهاٽ ۽ گهاڙيٽا- ليڪچر) از: حافظ محمد بخش، 1999ع

’وائي‘ (ليڪچر)، از: حافظ محمد بخش، 2000ع

’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون‘ (ڪتاب)، از: اعجاز قريشي، جنوري 2001ع

’نيڻين ننڊاکوڙ‘ شاهه لطيف ۽ انساني قدر (ڪتاب)، از: تاج صحرائي (تعارف: محمد ابراهيم جويو)، 2002ع

Water Requirement of Riverain Area of Sindh by: M.H. Panhwar, 2002.

’اپيل‘ (قبيلائي جنگين جي موضوع تي لکيل شعر)، امداد حسيني، 2003ع

ڪريئيٽو ڪميونيڪيشنز، سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا، محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ ۽ ايڊيٽنگ ۾ ڇپيل ڪتاب ۽ ڪتابچا:

’چونڊن جو ڌار- سرشتو جمهوريت جي روح جي نفي آهي‘: 2001ع

‘Save Sindh, Save the Continent’ 2nd Edition (2002)

جويي صاحب جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل درسي ڪتاب:

محمد ابراهيم جويي صاحب ٽيهارو کن درسي ڪتاب لکيا، ترجمو ۽ نظرثاني ڪيا آهن، جن مان ڪي اهم هي آهن:

سنڌي ريڊر، ڪلاس پهريون

سنڌي ريڊر، ڪلاس ٻيو

سنڌي ڪتاب، ڪلاس چوٿون

سنڌي (مددي) ڪتاب، ڪلاس ڇهون

سماجي اڀياس (تاريخ)، ترجمو- ڪلاس نائون ۽ ڏهون

سنڌ جي تواريخ (ترجمو)، ڪلاس نائون ۽ ڏهون

اچو ته پڙهون-  بالغن لاءِ پهريون ڪتاب

اچو ته وڌيڪ پڙهون- بالغن لاءِ ٻيو ڪتاب

’اچو ته لکون‘ بالغن لاءِ لکڻ جو پهريون ڪتاب (محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ عبدالله عبد)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، مارچ 1973ع

آسان سنڌي قاعدو: 1973ع

استادن لاءِ رهبر

جويي صاحب جا قائم ڪيل/ ڪرايل ادارا:

’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘، حيدرآباد، 1973ع

’سنڌ فرينڊس سرڪل‘، حيدرآباد، 1978ع

’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي‘ ڪراچي، 1980ع

’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ حيدرآباد، 1995ع

’شيخ اياز فائونڊيشن‘ حيدرآباد، 1998ع

نوٽ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ (1991ع) جي قيام جي تحرڪ ۽ تحريڪ ۾ به محمد ابراهيم جويي

جو، ٻين ڪيترن اديبن سان گڏ اهم ڪردار رهيو آهي.

تاج جويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!