ڊاڪٽر حميده کهڙو

1 min read

ڊاڪٽر حميده کهڙو

ولادت: 13 آگسٽ 1936ع – وفات: 12 فيبروري 2017

چيئرپرسن: 13 جولاءِ 2004ع – 15 جولاءِ 2007ع

سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي نياڻي ڊاڪٽر حميده کهڙو، 13 آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان؛ سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڪئمبرج يونيورسٽي انگلنڊ مان 1961ع ڌاري تاريخ جي مضمون ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي به ڪئي، ان بعد هن اسڪول آف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ پهرين مسلم خاتون هئي، جنهن اتان ڊاڪٽريٽ ڪئي. ڏيهه موٽڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1965ع کان 1969ع تائين پڙهايائين، 1969ع ۾ ڊاڪٽر عبدالحليم قاضيءَ سان سندس شادي ٿي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي ”نوحيٰ مارئي“ آهي. 1973ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي ذاتي ڪوششون وٺندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر قائم ڪرايائين. 1983ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به ٿي، پر ٻن مهينن بعد استيعفا ڏيئي سياست ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيائين. هن شروع ۾ سنڌ جي حقن ۽ خود مختياريءَ واري موقف سان سياست جو آغاز ڪندي سائين جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڀرپور سرگرميون شروع ڪيون، پر ڪجهه عرصي بعد قومپرست سياست کان پاسيري ٿي وئي.

ڊاڪٽر حميده انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل هئي، جن 1971ع ۾ ڀٽو حڪومت ۽ انهن حالتن تي تنقيد ۽ شيخ مجيب رحمان جي هلچل جي حمايت ڪئي. هن 1973ع واري آئين تي به تنقيد ڪندي، ان کي صوبن جو مخالف قرار ڏنو. 1988ع ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، سنڌ نيشنل الائنس جي چيئرپرسن منتخب ٿي ۽ انهي ئي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 1988ع وارين چونڊن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ حصو ورتائين پر ڪامياب نه ٿي سگهي. 1990ع ۾ جڏهن ڄام صادق جي قيادت ۾ نگران حڪومت جُڙي ته ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ڪجهه مهينن لاءِ تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. 1993ع ۾ هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. هوءَ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاليسي پلاننگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن به رهي.

2002ع وارين چونڊن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو ’ق‘ ليگ جي ٽڪيٽ تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي فارم ڀريو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي، ق ليگ جي حڪومت ۾ 2004ع ڌاري کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو. اهو قلمدان وٽس ٽي سال رهيو.

ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جي ميمبر/ سئنڊِيڪيٽ ميمبر ۽ عهديدار رهي آهي، آڊيو جنهن ۾ يونيورسٽيون، تحقيقي ۽ ادبي ادارا به شامل آهن. 1999ع کان ’ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائيزيشن‘ (T.V.O) جي ميمبر ۽ پوءِ وائيس چيئرپرسن به رهي. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا آهن. سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ادب ۽ لکڻ سان به چاهه رهيو اٿس. سندس ڪيترا سنڌي، انگريزي ۽ اردو ڪالم شايع ٿيا آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشهور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا.

  1. Papers of the Second Congress of History and Culture, Sindh University Press, 1976,
  2. The Making of Modern Sindh, British Policy and Social Change in the 19th Century, Indus Publications, Karachi, 1978
  3. Women in Islam, Monograph prepared for Women’s Division, Govt of Pakistan, 1983,
  4. Sindh Through the Centuries, Edited: Oxford University Press, Karachi, 1981 and 1993.
  5. Documents on the Separation of Sindh from the Bombay Presidency: (2 Volumes), National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1982.
  6. Confrontation with the British, Chapter in Pakistan, London, 1976,
  7. The Challenge of Modernization in the Muslim World, National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1981.
  8. Muhammad Ayoub Khuhro, A Life of Courage in Politics, Ferozsons Lahore, 1997
  9. Founder editor, “Grassroots” bi annual research journal, Pakistan Studies Centre, University of Sindh.
  10. Editor, Sindh University Arts and Social Sciences Journal, 1975-1980 ‘Masjid Manzilgah’ 1939-1940, Test case for Hindu Muslim relations in Sindh. ‘Cambridge University journal, Modern Asian Studies 1993.

ڇپيل آهن، جڏهن ته هن هيٺيان ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن:

  1. A Narrative of a Visit to the Court of Scinde, James Burns, Edited, O.U.P. Karachi, 1974,
  2. Memoirs of Naomull Hotchand, Edited O.U.P Karachi, 1982
  3. Pakistan’s Experiments in Democracy, Chapter in Reforms and Revolution in Asia, George Allen and Unwind, London, 1972
  4. Karachi, Mega city of Our Times (Editor), Oxford University Press Pakistan
  5. Quaid-e- Azam’s Fourteen Points in view of the Nehru Report (Mss. With Quaid e Azam Academy, Karachi), 1976.

تعليمي خدمتون

  1. ليڪچرار- يونيورسٽي آف ڪراچي 1966ع کان 1969ع
  2. سينيئر فيلو سينٽ اينٽوني ڪاليج آڪسفورڊ 1969ع کان 1973ع
  3. پروفيسر آف هسٽري – يونيورسٽي آف سنڌ 1973ع کان 1985ع
  4. ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر- يونيورسٽي آف سنڌ 1974ع کان 1980ع
  5. ميمبر – يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن 1985ع
  6. ميمبر – موئن جو دڙو اٿارٽي 1978ع کان 1984ع
  7. ميمبر – گورننگ باڊي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس
  8. ميمبر – سينڊيڪيٽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد 1997ع
  9. ميمبر – سينڊيڪيٽ يونيورسٽي آف سنڌ 2002ع کان

سياسي خدمتون

  1. ميمبر – صوبائي اسيمبلي سنڌ 2002ع کان
  2. ڪنوينر – سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي
  3. وزير تعليم – حڪومت سنڌ 1990ع – نگران حڪومت
  4. وزير تعليم – حڪومت سنڌ 2004ع کان 2008ع تائين

چيئرپرسن

  1. سنڌ آرڪائيوز ايڊوائزري باڊي
  2. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 13 جولاءِ 2004ع کان 15 جولاءِ 2007ع
  3. سنڌ قومي اتحاد 1988ع کان 1994ع
  4. ميمبر مرڪزي مجلس عامله پاڪستان مسلم ليگ 1994ع کان
  5. چيئرپرسن: پاليسي پلاننگ ڪاميٽي، پاڪستان مسلم ليگ (1994ع کان 1999ع)

ٻاهرين ملڪن جا دورا

  1. اقوام متحده جنرل اسيمبلي 1968ع
  2. بغداد، عراق 1969ع
  3. ٿائيلينڊ 1993ع
  4. ترڪي 1993ع
  5. آمريڪا 1997ع
  6. اقوام متحده جنرل اسيمبلي 1997ع
  7. اقوام متحده جنرل اسيمبلي 1998ع

حافظ احمد انڍڙ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!