غلام رباني آگرو

1 min read

غلام رباني آگرو

5- نومبر 1933ع – 18 جنوري 2010ع

چيئرمين: 13 جولاءِ 2002ع کان 12 سيپٽمبر 2003ع

ناميارو سنڌي اديب ۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ استاد هو ۽ اڳتي هلي تعليم کاتي نوابشاهه ۾ تعلقه بيٽ آفيسر به مقرر ٿيو. رباني صاحب مئٽرڪ جو امتحان 1951ع ۾ نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ ٻه سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين. رباني صاحب لکڻ جي شروعات 54-1953ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتي 1970ع ۾ کيس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.  1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو. 1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، ان دوران روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون لکيا. سندس 1954ع کان 1960ع تائين لکيل ڪهاڻيون، ’آبِ حيات‘ جي نالي سان ٽي دفعا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1984ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي 6 سالن کان پوءِ کيس چيئرمئن جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو وڃي ٿو) ۽ اسلام آباد ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون.

رباني صاحب، اسلام آباد ۾ چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين. 1996ع ۾ اسلام آباد کان واپس اچڻ بعد 1997ع ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿيو ته رباني صاحب کي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيائين.

13 جون 2002ع تي بورڊ جو بورڊ آف گورنرز نئون مقرر ٿيو ته ان ۾ رباني صاحب کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. 12 سيپٽمبر 2003ع تائين بورڊ جو چيئرمين رهيو. 2004ع کان ريجنل محتسب آفيس حيدرآباد ۾ صلاحڪار طور خدمتون ڏنائين. 18 جنوري 2010ع (وفات) تائين کيس حڪومتِ پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ صدر پاڪستان کيس الڳ ’حسنِ ڪارڪردگيءَ‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو. رباني صاحب، سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان جي وفدن جي قيادت ڪري چڪو آهي، ۽ ٻه دفعا چين ۾ ۽ ٻه دفعا ايران ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي پڻ قيادت ڪئي اٿس.

رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيه ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. چيئرمن اڪيڊمي آف ليٽرس جي زماني ۾ سندس پاڪستان جي مکيه اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي مکيه اديبن ۽ عالمن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘، سنڌي ادبي بورڊ، ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٽن برگزيده شخصيتن ۽ اهل الله، حضرت سيد عثمان مروندي لعل شهباز قلندر رحه، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ رح ۽ غوث بهاءُ الحق ملتاني رح جي سوانح ۽ تعليمات تي مشتمل سندس ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“  سال 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سندس انٽرويو چين جي ممتاز اخبار ’پيپلز ڊيليءَ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا تان پڻ نشر ٿيا. انگلينڊ جي مشهور محقق ڊيوڊ چيئرمن، ڪئناڊا جي محقق ڊاڪٽر مئڪلين ۽ جرمنيءَ جي عالم خاتون ڊاڪٽر ائينيمري شمل پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ رباني صاحب جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. رباني صاحب ڪجهه سال اڳ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ آخري وقت ۾ حيدرآباد ريجنل آفيس جو محتسب هو. هن 18 جنوري 2010ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين ڀرسان دفن ڪيو ويو.

ادبي پورهيو

  1. چونڊ آمريڪي مختصر افسانا، (سال 1958ع- بورڊ) سراج سان گڏ
  2. آبِ حيات (ڪهاڻين جو مجموعو، سال 1960ع) اداره زندگي پبليڪيشن حيدرآباد
  3. سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار، (سال 1961ع – بورڊ) محمد اسماعيل عرساڻي سان گڏ)
  4. جهڙا گل گلاب جا 2 جلد (سال 1991ع – بورڊ) (مشاهيرن جا خاڪا) پهرين ۾ 7 پروفائيل ۽ ٻئي ۾ 17 پروفائيل
  5. سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ ، (سال 1997ع بورڊ) (محمد راشد روضي ڌڻي- غوث بهاءُ الحق ملتاني، قلندر لعل شهباز جو احوال)
  6. ماڻهو شهر ڀنڀور جا (2012ع بورڊ (مشاهيرن جا خاڪا) (26 ماڻهن جو پروفائيل)
  7. هنگلاچ ۾ چانهه (سفرناما)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو (سال 2012ع)
  8. سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر (سال 2013ع) سنڌي ادبي بورڊ
  9. سنڌي ڪلچر (سنڌي- اردو ۾)، سال 2011ع-2014ع) ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
  • ٿيا قلب قرار (سال 2013ع) (مضمون ۽ مقالا)، مرتب: نصير مرزا، الطاف آگرو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو
  • ڏور به اوڏا سپرين، (سال 2014ع) (رباني جي فن ۽ شخصيت تي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو.
  • سڏ پڙاڏو (ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ بابت همعصر قلمڪارن جو اڀياس)
  • هنگلاچ ۾ چانهه (سفرناما)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو (سال 2012ع)

خدمتون

  1. ماهوار نئين زندگي ڪراچي- سال 1956ع
  2. اسسٽنٽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ (سال 1957ع کان 1970ع)
  3. سيڪريٽري (وقتي) سنڌي ادبي بورڊ، (آڪٽوبر 1967ع کان نومبر 1967ع)
  4. سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ (19 جون 1970ع کان 01 فيبروري 1977ع)
  5. پرووائيس چانسلر (سال 1976ع کان 1979ع)
  6. سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ (7 نومبر 1979ع کان 01 سيپٽمبر 1984ع)
  7. ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس (سيپٽمبر 1984ع کان 1990ع)
  8. چيئرمين، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس (1990ع کان 1993ع)
  9. ميمبر- فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن، اسلام آباد (1993ع کان 1996ع)
  • سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ (27 جنوري 1997ع کان جولاءِ 2002ع)
  • چيئرمين، سنڌي ادبي بورڊ (13 جولاءِ 2002ع کان 12 سيپٽمبر 2003ع)
  • صلاحڪار، ريجنل محتسب اعليٰ، حيدرآباد (2004ع کان 18 جنوري 2010ع)

مڃتا

  1. تمغه امتياز (1986ع)
  2. حسن ڪارڪردگي ايوارڊ (صدر پاڪستان)

ٻاهرين ملڪن جا دورا

  1. انڊيا (ڪلڪتا)
  2. بنگلاديش
  3. ايران
  4. چين
  5. حافظ احمد انڍڙ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!