مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘

1 min read

مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘

پيدائش: 14 آڪٽوبر 1962ع

چيئرمين: 8 مارچ 2019ع کان 

مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن جا پنجون نمبر پٽ آهن، 14 آڪٽوبر 1962ع تي مخدوم هائوس هالا ۾ پيدا ٿيا.

تعليم

تعليم جي شروعات ديني تعليم کان ڪيائون، قرآن شريف جي رسم بسم الله لاءِ مولانا احتشام الحق ٿانوي صاحب کي خاص ڪراچي مان گهرايو ويو هو ۽ اها رسم بسم الله جي تقريب اٺاس بنگلي ۾ رکي وئي هئي، ان بعد قرآن شريف جي تعليم ٽن آخوندن: آخوند محمد قاسم، آخوند رب ڏنو ۽ آخوند محمد هاشم وٽ پوري ڪيائون.

پرائمري جو پهريون ڪلاس ارباب رحيم اسڪول ۾ پڙهيائون باقي چار درجا مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا ۾ پڙهيائون. ڇهون ۽ ستون ڪلاس مخدوم غلام حيدر صديقي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پڙهيائون، وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد آيا. اٺون، نائون ۽ ڏهون ڪلاس حيدرآباد جي سينٽ بوناوينچر مان پاس ڪيائون. فرسٽ ايئر اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ مان پڙهيا، انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پڙهيائون، بي.اي سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ۽ ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس) به سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيائون، ايل.ايل.بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائون.

سياست:

سال 1983ع ايم.آر.ڊي تحريڪ ۾ هالا مان متحرڪ ڪردار ادا ڪندي مُک اڳواڻن جي گرفتاري بعد سڄي تحريڪ جي اڳواڻي ڪيائون.

ٽائون ڪاميٽي هالا جا سال 1987-12-31 کان 1988-05-24 تائين بنامقابلي چيئرمين رهيا، ٽائون ڪاميٽيءَ کي ميونسپل جو درجو ڏياريائون، ۽ ميونسپل ڪاميٽي هالا جو پهريون چيئرمين به کين ئي بنا مقابلي چونڊيو ويو. جنهن جا پاڻ سال 1988-07-17 کان 1990-11-06 تائين ۽ ٻيو 1990-11-07 کان 1992-10-06 تائين چيئرمين رهندي هالا شهر جي مثالي خدمت ڪيائون.

مخدوم سعيد الزمان جي چيئرمين ٿيڻ وقت هالا شهر ۾ داخلا جا صرف ٻه دروازا هئا. هڪ مخدوم نوح سرور رحه مين روڊ کان درگاهه واري رستي تي ٻيو مخدوم غلام حيدر صديقي. مخدوم صاحب عوام جي ضرورتن کي ڏسندي انهن جي سهوليت لاءِ ٻه وڌيڪ دروازا تعمير ڪرايا.

هڪ مخدوم محمد امين ”فهيم“ جي نالي سان روڊ تي ٻيو مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي نالي سان پڙي ڀرسان ٿاڻي واري روڊ تي.

درگاهه وارو روڊ ڊبل ڪرايائون. ميونسپل ڪاميٽيءَ کي گاڏي ڏياريائون، ان کان پهريان ميونسپل ڪاميٽي هالا وٽ ڪابه گاڏي نه هئي. ذاتي اثر رسوخ استعمال ڪري وزيراعليٰ سنڌ جناب ڄام صادق علي کان ميونسپل ڪاميٽي هالا جي گرانٽ ۾ اضافو ڪرايائون.

1997ع ۾ ننگرپارڪر مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا، 2015ع ۾ مٽياري ضلعي مان، مخدوم محمد امين فهيم جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تان قومي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا.

سماجي خدمتون:

سروري جماعت جي فلاح و بهبود لاءِ قائم ڪيل ”سروري تنظيم“ جا 1980ع کان مرڪزي چيئرمين رهندي سروري جماعت جي فلاح و بهبود لاءِ خدمت ڪندا رهن ٿا.

”هالا سماجي تنظيم“ جي سربراهه طور هالا جي عوام جي خدمت ڪيائين.

”تنظيم اصلاح معاشره“ ۾ امير رهندي عوام جي خدمت ڪيائون.

هالا تعلقي اسپتال ڪاميٽيءَ ۾ صدر طور خدمتون ڏنائون. مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪاميٽيءَ جو صدر رهندي اسڪول جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائون.

عملي زندگيءَ جي شروعات:

تعليم بعد عملي زندگيءَ جي شروعات، مخدوم هائوس جو انتظام سنڀالڻ سان ڪيائون. مخدوم هائوس جي بهتر انتظام سبب والد طرفان خاندان جي زمين سنڀالڻ جي ذميواري ڏني وئي، ان ذميواريءَ کي به احسن طريقي سان نڀايائون، جنهن بعد تنظيمي فيصلن سان گڏ درگاهه مخدوم نوح سرور رحه جي انتظامي ڪاميٽيءَ جي ذميواري به سرانجام ڏنائون.. 1982ع ۾ والد صاحب جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۽ سروري جماعت جي خدمت لاءِ پنهنجي والد صاحب جي خدمت ۾ رهيا.

ادبي خدمتون:

  • بزم طالب الموليٰ سنڌ جو ميمبر
  • بزم طالب الموليٰ سنڌ هالا شاخ جو صدر (82-1980ع)
  • سروري پبليڪيشن جو صدر
  • الزمان ماهوار اخبار جو چيف ايڊيٽر
  • سروري خبرنامو
  • سروري سرهاڻ

مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سروري تنظيم طرفان هڪ  ڪتابي سلسلو ”هالڪنڊي“ شروع ڪيو ۽ هيٺيان ڪتاب به شايع ڪرايائون:

  • الزمان، (2) اصلاحِ نفس، (3) اصلاح قلب، (4) طالبِ حق

مخدوم صاحب تعليم پوري ڪرڻ بعد عملي زندگي ۾ پير پائڻ سان ئي (1980ع ۾) شاعري به شروع ڪيائون، شاعري ۾ پاڻ پنهنجي والد صاحب جي شاگردي اختيار ڪيائون ۽ پنهنجي والد صاحب کان تخلص گهريائون. سندن والد صاحب ”عاطف“ تخلص عنايت ڪيو.

مخدوم صاحب شاعريءَ سان گڏوگڏ ”بزمِ طالب الموليٰ سنڌ“ جي ميمبر ۽ ”بزمِ طالب الموليٰ“ هالا شاخ جي صدر طور تنظيمي سرگرميون شروع ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ شاندار ڪنوينشن گهرايو، بلڪ هر سال ڪنوينشن گهرائڻ جو سلسلو جاري ٿيو ۽ بزمِ طالب الموليٰ جي سلور جوبلي به ملهائي وئي، مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ جي آئين موجب سال ۾ چار ”ڀيرا انتظاميه ڪائونسل“ جون گڏجاڻيون به شروع ٿيون، اهڙين سرگرمين هالا جي شاعرانه جُمود واري ماحول ۾ نئون روح ڦوڪيو، نوان نوان شاعر وجود ۾ اچڻ لڳا ۽ سينيئر شاعر به نئين جوش سان ميدان ۾ آيا. اهي سڀ ڪم مخدوم سعيد الزمان عاطف جي متحرڪ هجڻ سان ئي ممڪن ٿيا.

مخدوم طالب الموليٰ جي بقول ته: ”عزيزي سعيدل (مخدوم سعيدالزمان جي پيار جو نالو) اگرچه منهنجو شاگرد آهي، مگر سندس شاعري نرالي ۽ ذاتي خيالن واري آهي، نه سندس شاعري ۾ ڪاپي آهي نه چوري ۽ نه ئي استاد جي اهل. غزل ۾ سندس زبان، سندس تخيل ۽ سندس خاص انداز آهي. عاطف جي غزل جي هڪ هي خوبي به آهي ته ان ۾ مصنوعيت ناهي، هر پڙهندڙ سندس خيال پنهنجي حال وٽان سمجهندو آهي.

مخدوم صاحب جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:

  • پاڻ مراديون ڳالهڙيون (ڏات ڪتابي سلسلي پاران سال 1988ع)

]مخدوم صاحب  جي هن ڪتاب ۾ ڪافيون، رباعي، قطعا، مستزاد ۽ غزل جون صنفون موجود آهن.[

  • عشق نه چرچو ڀانءِ
  • ٻولي ڪبي نه ٻي.
  1. 8- مارچ 2019ع کان سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين آهن.

ٻاهرين ملڪن جا دورا

  1. فرانس
  2. مراڪش
  3. دبئي
  4. برطانيا
  5. انڊيا
  6. سعودي عرب (عمري جي ادائيگي لاءِ)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!