عبدالحميد آخوند

1 min read

عبدالحميد آخوند

انچارج چيئرمين: 01 ڊسمبر 1996ع – 21 ڊسمبر 1996ع

 آخوند عبدالحميد ولد آخوند الهبچايو، اصل مٽياريءَ جي معزز آخوند خاندان سان تعلق رکي ٿو. پاڻ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ڏوهٽو آهي، هن حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ع تي جنم ورتو، ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ورتائين.

آخوند صاحب ملازمت جي شروعات 1968ع ۾ نيشنل سينٽر حيدرآباد جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بعد تعليم کاتي سنڌ جي ڪلچرل ونگ ۾ 1976ع ڌاري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1986ع ۾ جڏهن حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي کي تعليم کاتي کان ڌار ڪري هڪ محڪمي جي صورت ڏني ته حميد آخوند صاحب ان جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، اڳتي هلي سيڪريٽري ثقافت جو عهدو سنڀاليائين، جنهن عهدي تي هڪ مختصر عرصو ڇڏي، 2000ع تائين لڳاتار سيڪريٽري رهيو. ان دوران هن جناح ڪورٽس ڪراچي رينجرس کي ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن تي کيس 12 ڊسمبر 2000ع تي عهدي تان هٽايو ويو. آخوند صاحب پنهنجي دور ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي هر لحاظ کان بين الاقوامي سطح تائين نمايان ڪيو. ان حد تائين جو ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي نمائندگيءَ لاءِ  حميد آخوند  صاحب جي شرڪت ۽ موجودگي لازمي سمجهي ويندي هئي. حميد آخوند سنڌ جي ثقافت جي سمورن نمائنده پهلوئن کي اُجاگر ڪيو ۽ ان جي افاديت، اهميت ۽ عالمي حيثيت کي مَدِ نظر رکي، ان جي تحفظ لاءِ اثرائتي جاکوڙ ڪندو رهيو. هن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي، ادب، لطيفات، آثار قديمه ۽ ٻين موضوعن بابت انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپرايا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سيوهڻ، ثقافتي مرڪز، سچل اڪيڊمي خيرپور، سنڌ آرڪائيوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ۽ لائبريريون سندس دم قدم ۽ محنت سان قائم آهن. آخوند صاحب جي ئي محنتن سان نه رڳو ثقافت کاتي کي وڏي پذيرائي ملي، پر پاڪستان جي سمورن صوبن مان سنڌ پهريون صوبو هو، جتي ثقافت کاتي جو وجود پيو ۽ هن کاتي سان سياحت، نوجوانن جي مسئلن، سماجي ڀلائيءَ ۽ راندين جا کاتا به شامل ڪيا ويا. آخوند صاحب سنڌ آرڪائيوز ۽ آرڪيالاجيءَ جي شعبي کي به هن کاتي سان ملائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ هيريٽيج ڪائونسل جوڙي سنڌ جي قديم عمارتن کي قومي ورثي جو درجو ڏياريو. آخوند صاحب پنهنجي دوست ۽ سنڌي راڳ ۽ ثقافت جي ڄاڻو، ممتاز مرزا کي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر ڪرايو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي ثقافت جي محسنن سنڌ جي راڳ ۽ ثقافت 

جي ”ڪلچرل فلوٽن“ (Cultural Floats) کي پاڪستان ۽ دنيا جي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌ جي فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ سازندن کي سڄيءَ دنيا اندر شهرت ڏياري. پيپلز پارٽيءَ جي 1993ع واري دور ۾ آخوند صاحب برطانيا ۾ هڪ اهم ”سنڌ ثقافتي شو“ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرايو ۽ سنڌ کي ثقافتي لحاظ کان دنيا ۾ پذيرائي ڏياري. آخوند صاحب سنڌ جي راڳ ۽ لطيفات جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، شيخ محمداسماعيل، ظفر ڪاظمي ۽ ٻين شخصيتن جي صحبت ۾ رهيو. هي ثقافت کاتي جو واحد سيڪريٽري هو،جيڪو شاهه لطيف جي ميلي جون ڪارروايون خود هلائيندو هو. جيتوڻيڪ اها ذميواري هن ممتاز مرزا جي حوالي ڪئي هئي، پر ڪڏهن پاڻ به سندس مددگار ٿيندو هو. اهو سندس ثقافت سان عشق جو ثبوت آهي. آخوند صاحب جي دور ۾ ثقافت کاتي جي هٿ هيٺ هلندڙ ادبي بورڊ کي ترقي ملي، پهريون ڀيرو سنڌي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ شروع ٿي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام جي سمري جيتوڻيڪ اڳ تيار ڪئي وئي هئي، پر ان جي عملي وجود ۾ آخوند صاحب جو به ڪردار آهي. هن سنڌ جي فنڪارن جي ڏکين گهڙين ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ فنڪارن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا.

هو مائينس ۽ منرل ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري پڻ رهيو، جتان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ بعد کيس عهدي تي 2 سال وڌيڪ ايڪسٽينشن ڏني وئي، جتان سنڌ جي آخري نگران حڪومت  2007ع ۾ کيس ان عهدي تان بدلي ڪيو. انگريزي اخبار ”ڊيلي ٽائيم“ سندس بدليءَ جو ڪارڻ ’ٿرڪوئلي جي ترقيءَ لاءِ سندس زبردست وڪالت کي ڄاڻائيندي‘ سُرخي لڳائي ته:

“Pro Thar Coal Bureaucrat Transferred”

يعني ”ٿر ڪوئلي جو حامي ڪامورو بدلي ٿي ويو“

آخوند صاحب ”ليجينڊ ٽرسٽ“ جو ڊائريڪٽر رهيو آهي، جنهن ذريعي اديبن، عالمن ۽ فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي، آخوند صاحب مهاٽا پئلس جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر آهي. يونيسڪو جي هيريٽيج ڪائونسل ۽ دنيا جي ڪيترن ثقافتي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. آخوند صاحب جا شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ هيٺيان ٻه ڪتاب ڇپيل آهن.

  1. Bhitai, The Message of The Master: an Anthology of Commentaries on the Poetry of Shah Abdul Latif (1993).
  2. Shah Abdul Latif, His Mystical Poetry (1991).

17 جولاءِ 2009ع تي آخوند عبدالحميد کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. سندس ثقافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ سدا ياد رهنديون.

تعارف – عهدا – ڪم

  1. ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر، پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد، 1968ع ۾ قائم ٿيو. آخوند صاحب ان جو پهريون ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ٿيو.
  1. ابتداء ميڻ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري (سال 1988ع) مقرر ٿيو.
  2. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعمير ۾ حميد آخوند پيش پيش رهيو.
  3. پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻو جي قيام ۾ ۽ افتتاح لاءِ آخوند صاحب جون خدمتون، اڻمٽ آهن.
  4. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي اسٽيج جي موجوده سنوار ۽ سينگار جي روايت جو بنياد حميد آخوند وڌو.
  5. اعتماد سان ان جون ڪارروايون به هلايون ۽ ساٿ ۾ ممتاز مرزا ۽ پوءِ نصير مرزا کي شامل رکيو.
  6. شاهه جو باغ (سال 1984ع)- لطيف لائبريري (سال 986ع) حميد آخوند جي زير نگراني ۾ ئي پايه تڪميل تي پهتا.
  7. شاهه لطيف رحه جو گنج وارو رسالو حميد آخوند 1994ع ۾ نهايت شاندار انداز ۾ شايع ڪرايو.
  8. 1980ع ۾ پهريون ڀيرو ’شاهه لطيف ايوارڊ‘ جو بنياد به حميد آوند ئي وجهرايو.

ان کان علاوه

  1. سنڌ صوبائي عجائب گهر
  1. سڄي سنڌ ۾ 13 لائبريرين جو قيام
  2. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
  3. سنڌ آرڪائيوز
  4. سنڌ ٽوئرازم ڪارپوريشن
  5. آڊيو وڊيو اسٽوڊيو
  6. او. بي. وين
  7. ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ سيڪشن جهڙا ادارا به آخوند صاحب جي ايام ڪاريءَ ۾ قائم ٿيا.

اهم ڳالهه ته هن سنڌ اندر سنڌ ثقافت کاتي جو بنياد رکيو. شاهه لطيف جي راڳين کي پهريون ڀيرو پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. ”سنڌ صدين کان“ جي عنوان سان ٿيندڙ انٽر نيشنل ادبي ڪانفرنس ۾، شاندار ياد موسيقي جي محفل منعقد ڪرڻ ۾ به حميد آخوند پيش پيش رهيو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي عابده پروين جي آواز ۾ (مڪمل) سندن ئي ڪوششن سان رڪارڊ ڪيو ويو. مهوتا پئلس ڪراچي ۾ ان جي پڌرائي واري تقريب، سندن هڪ بي مثل ڪارنامو سمجهيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!