سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

1 min read

سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

(1885ع – 1947ع)

 

 

ڊاڪٽر سيد ممتاز بخاري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو، سنڌ

2022

قيمت:-/1000

صفحا: 464

 

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ ڊاڪٽر سيد ممتاز بخاري صاحب جي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز آهي. جيڪو سنڌ جي قديم تعليمي مدرسي ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي بنيادي تاريخ جو هڪ اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ مدرسي جو تاريخي پس منظر ۽ اُن جي باني خانبهادر حسن علي آفندي ۽ سندس مددگار ساٿين جي زندگيءَ جو مفصل احوال جامع انداز ۾ قلبند ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جي مواد کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون ڀاڱو سنڌ جي آڳاٽي تعليمي نظام ۽ انگريز دؤر جي احوال تي مبني آهي، جنهن ۾  هن اهم اداري کي ٺاهيندڙن ۽ اُتي پڙهندڙ شاگردن بابت معلومات ۽ انهن پاران ڪيل خدمتن جو وچور ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو علم و ادب جي ترقيءَ ۾ حصو جي عنوان هيٺ هن اهم تعليمي مدرسي ۾ پڙهيل شاگردن جي احوال ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن بابت معلومات ڏني وئي آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ هن تعليمي اداري جو سنڌ جي سياست ۾ حصو جي حوالي سان اُن دؤر جي سياست ۽ سياستدانن جي ڪارنامن جي معلومات سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي حالتن ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي پيدا ڪيل سياستدانن جي احوال تي مشتمل آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب سنڌ جي هن قومي اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن تاريخ جي مختلف دؤرن کي محفوظ ڪري سگھجي. اِن ڏَس ۾ مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت بورڊ طرفان وڌ کان وڌ تاريخي ۽ معلوماتي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش هلندڙ آهي.

سنڌ مدرسة الاسلام جي تاريخ تي مشمتل هِن ڪتاب ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 جمادي الثاني 1443هه                              سيد سڪندر علي شاهه

 جنوري 2022ع                                             سيڪريٽري

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!