Abdul Karim Gadai

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي پهرين جنوري 1901ع تي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 28 جنوري 1978ع تي وفات ڪئي، مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري پوسٽل کاتي ۾ نوڪري شروع ڪيائين، جيڪا پوءِ ڇڏي ڏنائين، ان دوران ئي شاعري شروع ڪيائين، مشهور شاعر لطف الله بدوي جي صحبت کيس وڌيڪ نکاري ڇڏيو، تحريڪ آزاديءَ ۾ به سرگرم رهيو، آذادي جي حق ۾ ۽ انگريزن جي خلاف شاعري ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سرگرم رهيو، سندس شاعري جو پهريون مجموعو 1965ع ڌاري ’ساڻيهه جا سور‘ جي عنوان سان ڇپيو، سندس شاعري جي ٻين مجموعن ۾ ’پيماني تي پيمانو‘ ۽ ’پکڙا ۽ پنهوار‘ شامل آهن، عبدالڪريم گدائي شاعريءَ سان گڏ نثر به لکيو، ڪالم ۽ ڊراما به لکيائين، ته صحافت به ڪيائين، هفتيوار ’صبح سنڌ‘، ’فرنٽئر گزيٽ‘، ’مجاهد‘، ’انقلاب‘، ’امروز‘، ’ستاره سنڌ‘ جو ايڊيٽر رهيو، پنھنجي ضلعي جيڪب آباد  جي ’خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين‘ جي عنوان سان تاريخ لکيائين..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!