Allah Dany Khashkali

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي مشهور فنڪار الھڏني خاصخيلي 25 جنوري 1966ع تي ميرپور بٺوري اڳوڻي ضلعي ٺٽي ھاڻوڪي ضلعي سجاول ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار استاد علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، الھڏني خاصخيلي ابتدائي تعليم ميرپور بٺوري ۽ سنڌي ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي، ھن عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي، الھڏني خاصخيلي راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد علي محمد خاصخيلي ۽ استاد محمد جمن کان ورتي، ھن ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن سميت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ھن سنڌ جي صوفي شاعرن سان گڏ جديد دور جي شاعرن جي شاعري به ڳائي، سندس ڪيترائي وڊيو ۽ آڊيو البم رڪارڊ ٿيا، ھن ڪيترائي ڪلام پنهنجي والد استاد علي محمد خاصخيلي ۽ پنهنجي ڀاءُ محبوب خاصخيلي سان گڏ ڳايا، ھن 24 جون 2016ع تي ٽنڊي الهيار جي ويجهو ھڪ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!