Anwer Pirzado

انور پیرزادو

7 جنوری یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔. ۔۔۔

اڄ سنڌ جي ھڪ تمام وڏي صحافي، شاعر، اديب ۽ محقق انور پیرزادي جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن 7 جنوري 2007ء تي ھي جھان ڇڏيو، انور پیرزادو 25 جنوري 1945ء تي ڳوٺ ٻلھيڙجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پیدا ٿيو، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي، ڪجهه عرصو اتي ئي ليڪچرار رهيو، ان کان پوءِ پاڪستان ايئر فورس جوائن ڪيائين، جتان ھڪ خط لکڻ جي ڏوھ ۾ ڪورٽ مارشل ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويو، ان کان پوءِ صحافت شروع ڪيائين، وڏو عرصو انگريزي اخبار ڊان سان لاڳاپيل رهيو، ان کان پوءِ عوامي آواز، سنڌ سجاڳ، سنڌ ٽربيون، برسات، ریجنل ٽائيم آف سنڌ جو ايڊيٽر رهيو، ھي ترقي پسند سوچ ۽ آزاد صحافت جو حامي هو، ان جدوجهد ۾ جیل یاترا به نصیب ٿيس، انور پيرزادو زبردست شاعر به هو، سندس شاعريءَ جو مجموعو “اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان” ڇپيل آهي، ان کان سواءِ سندس ڪالمن، تقريرن، ايڊيٽوريلس وغیرہ جا مجموعا به ڇپيل آهن، سندس ترتيب ڏنل انگریزي ڪتابن ۾ سنڌ گزيٽيئر، لاڙڪاڻو گزيٽيئر، بينظير ڀٽو اي پوليٽڪل بائیو گرافي وغيره شامل آهن، ھن جو سنڌ جي آثار قدیمہ ۽ سنڌ جي ٽوپو گرافي تي ڪافي تحقيقي ڪم ٿيل آهي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!