Dr: Shabnum Rathoor

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

مشهور سنڌي عورت سائنسدان ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ مٺيء ۾ 25 جنوري 1974ع تي ميگھواڙ قبيلي ۾ جنم ورتو، والد صاحب جي حيدرآباد ۾ نوڪري جي ڪري شبنم پرائمري، سيڪنڊري توڙي ھائر سيڪنڊري جي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ھن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي ايس سي (آنرز) ۽ سوائل سائنس ۾ ايم ايس سي ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر مقرر ٿي، ان دوران ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي اسڪالرشپ تي (University of Hohenheim Stuttgart, Germany) مان Assessment of Biomas Production Potential on Salt affected land using SOTER database District Badin, Sindh, Pakistan جي عنوان سان ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، ان دوران هن زراعت سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي دنيا جي مختلف شهرن ۾ پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، سندس آمريڪا ۾ پيش مقالي GIS (Geographical Information System) based land Suitability evaluation for selected crops, acase study on salt effected land of Badin District کي تمام گهڻي مڃتا ملي، اڄ سندس سالگره جي موقعي تي سنڌ جي ھن باصلاحيت ۽ قابل فخر نياڻي کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪجن ٿيون..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!