G.M Syed

سائین جی ایم سید

17 جنوری : جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 سنڌ جي عظيم مفڪر، دانشور، سياستدان ۽ جديد قوم پرستي جي باني سائين جي ايم سيد  17 جنوري 1904ء تي سن ۾ جنم ورتو، سائين جي ايم سيد جو تعلق سيدن جي مٽياري خاندان سان ھو، ھن ننڍي عمر ۾ ئي تحريڪ خلافت سان سياست جي شروعات ڪئي، 1937ء ۾ پھريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1938ء ۾  آل انڊيا انڈیا مسلم لیگ ۾  شمولیت اختیار ڪيائين، 1942ء ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ سنڌ مسلم لیگ جو صدر چونڊيو ويو، ان دوران هن سنڌ اسيمبلي ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جي قرارداد پیش ڪئي، ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ هن کي مسلم لیگ مان خارج ڪيو ويو، 1948ء ۾ جي ايم سيد ۽ خان عبدالغفار خان گڏجي پاڪستان جي پھرين سياسي پارٽي پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو، 1955ء ۾ سائين جي ايم سيد ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلائي، جنھن تي کيس گرفتار ڪيو ويو، 1956ء ۾ ھن نیپ جي قیام ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو، 1970ء وارين چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، سائين وري چونڊن ۾ ڪڏھن به حصو نه ورتو، ھن جئي سنڌ تحريڪ جو بنياد رکيو، ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا، زندگيءَ جو وڏو حصو جيل ۽ بند ۾ گھاريائين، سندس وفات به نظر بندي دوران ٿي، وفات وقت سندس عمر 91 سال ھئي، سائين 25 اپريل 1995ء تي ھي جھان ڇڏيو..

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!