Mohammad Khan Majidi

محمد خان مجیدي

5 جنوری جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي ھڪ وڏي ۽ پنهنجي انداز جي منفرد شاعر محمد خان مجيدي 5 جنوري 1918ع تي ڳوٺ شادمان جتوئي سجاول ۾ جنم ورتو، ھن ورنيڪيولر جو امتحان پاس ڪري استادي جو معتبر پيشو اختيار ڪيو، سڄي زندگي ان ڪرت سان ئي سلھاڙيل رهيو،  ھن نياڻين جي تعليم تي به وڏو ڌيان ڏنو ۽ پنهنجي خاندان جي نياڻين کي به تعليم ڏياري، شاعري ۾ محمد خان مجيدي جو ڪو مٽ ناهي، ھي پنهنجي اسلوب جو واحد شاعر ھو، مشاعري ۾ شاعري پڙهڻ جو پنهنجو منفرد انداز ھئس، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌڙي ۽ ان جون قومو ۽ مٽي منھنجي مٽي آھي شامل آهن، سنڌ جي مشهور ليکڪـا، شاعره مريم مجيدي سندس ڌيءَ آهي، ھن 7 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!