Muhammad Qasim

“عمر مون کي اباڻن جو ماري گوندر ٿو گھوڙا ڙي” سميت سنڌ جا لوڪ داستان ۽ ڪافيون ڪلام ڳائيندڙ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ مشھور لوڪ فنڪار  ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺍﻭﭠﻲ 1939ع ڌاري ڳوٺ ونگي اوٺا تعلقي چمبڙ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو، ﻗﺎﺳﻢ ﺍﻭٺي ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻗﺎﺋﻢ ﺷﻴﺦ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺷﺎﺩﻱ ﻓﻘﻴﺮ، استاد ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ کان راڳ جي سکيا ورتي، ھن ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ۽ سنڌ جي جھرجھنگ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ھن عام عشقيه ڪلام ڳايا، صوفي ڪلام ڳايا ۽ داستان گوئي به ڪئي، ھن جو شمار سنڌ جي داستان ڳائيندڙ فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، ريڊيو پاڪستان تي سندس سڀني کان وڌيڪ مشهور ڪلام ”ﭘﻴﺎﺭ ڏﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڪﺮﻱ ﭘﺮ ﺩﻳﺲ ﭘﻴﺎﺭﺍ ﺗﻮﻥ ﻧﻪ ﻭﭶ“، ”ڪﺎﻭڙ ﻣﻼﻝ ﻃﻌﻨﺎ ﺗڪﺮﺍﺭ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﻭﻳﻨﺪﻱ“ ۽ ٻيا رهيا، ھن سيد مرتضي شاهه ڏاڏاھي، سرويچ سجاولي سميت سنڌ جي صوفي ۽ جديد شاعرن جي شاعري ڳائي، محمد قاسم اوٺي 17 ﺟﻨﻮﺭﻱ 2009ﻉ ﺗﻲ وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!